10/03/2012

پاٿـر ڄمـار - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


پاٿـر ڄمـار
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پاٿر ڄمار (Stone age) يعني پٿر جي وکرن وارو دَور عام طرح جنهن زماني کي سڏجي ٿو، ان جي ابتدا ۾ پاٿر (پٿر جي) وکرن جو ڪارج ٻِٽو هو: (1) کاڄ ٿي سگھندڙ شڪار ۽ ويريءَ لاءِ جوکم، ۽ (2) پاڻ لاءِ ڍال-مار ۽ بچاءُ. وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڪارج گھڻ طرفو ٿيندو ويو ۽ نيٺ رهڻي ڪرڻيءَ جي هر گھرج کي نڀائڻ لڳو.
پاٿر ڄمار کي پاٿر وکرن جي بنياد تي ٽِن جَــٿن ۾ گڏ ڪري رٿي سگھجي ٿو. هر هڪ مرحلي دوران مخصوص، ڪي هڪجھڙا گڻ رکندڙ پٿر جا وکر/اوزار ٺاهيا ويندا هئا. اهي ٽي مرحلا هن طرح هئا:

10/02/2012

سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  دوستيءَ  جي  نالي  ۾
دڙڪي  واري  سياست
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جڏهن کان وٺي هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولي جي سردار سنڌ کي ورهائي پنهنجي پسند جي ڪڌا مقصد رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڌار صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان ڪن سنڌي جاگيردارن کي، جيڪي بدقسمتيءَ اسان جي سنڌ جي سياست به ڪندا آهن، سنڌي اخبارن ۾ مختلف قسمن جا وڏيراڻا بيان ڇپرائڻ جو جھڙوڪر نئون وجھ ملي ويو آهي. ڀانئجي ايئن ٿو ته پنهنجي روايتي ڄٽاڻي سوچ ۽ رويي ۾ ڪا به علمي، اصولي ۽ سياسي تبديلي آڻڻ بدران، ڪا به اڳ-ڳڻ ڪرڻ ۽ ڊگھي نظر رکڻ بنا، لاهي پاهي لٻاڙي بيان بازيءَ تي زور ڏنو ويو آهي --- ”دَٻِ درخاشَ دِينوءَ تي!“ اهڙا اهڙا بيان نظرن آڏو اچن ٿا، جو هوند ڪو ’راڪاس برڙ باڪاس‘ ئي انهن کي عملي ويس پهرائي سگھي، ماڻهوءَ جي وس کان ته ٻاهر آهي --- ’مهاجر پاڻ کي سنڌي سڏائين/سمجھن، نه ته کين سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو، ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍبو، جيئرو رهڻ نه ڏبو، ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو، وغيره وغيره.‘

سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جي  سالميت  ۽  ايم  ڪيو  ايم
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

گذريل ٻن اڍائي مهينن دوران سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ ڀيرو وري اهو سوال ڪَر کڻي اٿيو ۽ بحث هيٺ آيو آهي، ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سنڌ جي سالميت جي حوالي سان ڪهڙو موقف رکي ٿي؟ ڇا اها سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي بقا چاهي ٿي يا ان جي ابتڙ هڪ بَدِ نيت رکي ٿي، يعني ڇا اها سنڌ جي هاڻوڪي طبعي وجود سان مخلص، سچي، وفادار ۽ پيار ڪندڙ آهي يا ان کي ٽوڙڻ، ورهائڻ ۽ ورڇڻ گھري ٿي؟

دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

رات جو ٻي وڳي، 6 فيبروري 1997ع شروع ٿئي، اڃا ٻه ڪلاڪ مس گذريا هئا. اخبارن جي آفيسن ۾ اطلاع پهتو، ته اورنگي جي هڪ ويران علائقي ۾ اڇلايل، سوڙ جي ڇَوَ ۾ ويڙهيل ۽ گولين سان پروڻ ٿيل هڪ لاش مليو آهي. اهو ڪالهه شام تائين جيئري طارق ارتضيٰ جو لاش هو. جيڪو سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر (ايس آءِ) جي عهدي تي اورنگي ٽائون جي حد ۾ مکيه طرح امن امان جي فضا قائم رکڻ ۽ نظرداري ڪرڻ جي ڊيوٽي ڏيندڙ هو. طارق ارتضيٰ اورنگي ٿاڻي جي حد ۾ اڍائي ورهين تائين پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ کان پوءِ رڳو هڪ مهينو اڳ بدلي ڪري مومن آباد ٿاڻي تي رکيو ويو هو. هو اربع ڏينهن (5- فيبروري) شام جو چئين وڳي تائين ڊيوٽي ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل نمبر ڪي سي وي 1811 تي سوار ٿي، پنهنجي گھر (نارٿ ناظم آباد، بلاڪ 1، گھر 117) روانو ٿيو. گھر پهچڻ جو اطلاع نه مليو ۽ جاچ باوجود نه لڌو، ته سمجھيو ويو، ممڪن آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو هجي، تان جو رات دير سان سندس لاش مليو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب سندس بدن جي مختلف حصن تي سخت اذيتن جا نشان موجود هئا ۽ هن جي سِسيءَ ۾ چار گوليون لڳل هيون، جيڪي مٿس سوڙ جي ڇَوَ ۾ جيئرو بند ڪرڻ کان پوءِ وسايون ويون هيون. طارق ارتضيٰ اڻ پرڻيل، جوان ۽ سگھارو مرد هو. هو هڪ انتهائي ذهين ۽ دلير ۽ پنهنجيءَ حد ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف انتهائي ڦڙتيءَ ۽ سرگرميءَ سان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس آفيسر هو. رڳو 14 ڏينهن اڳ پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڇاپو هڻائي اورنگي ٽائون، بلاڪ ڊي، جي هڪ خالي پلاٽ ۾ لڪايل هٿيارن جو ججھو ذخيرو کوجي ڪڍيو هئائين، جيڪو اتي دهشتگرد ڪاروائين لاءِ پُوريو ويو هو. هُو هٿياربند دهشتگردن ۽ ڏوهارين آڏو جھڪڻ يا انهن جو ڳيجھو ٿيڻ بدران انهن جي خلاف مڙسيءَ، دليريءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاروايون ڪندڙ پوليس عملدار هو، جنهنڪري دوست يار کيس طارق ڪمانڊو پڻ سڏيندا هئا.

ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڇا  ايم  ڪيو  ايم  سنڌ  دشمن  ۽
دهشتگرد  فطرت  مَٽائي  سگھندي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

عوامي آواز جي 13- جنوري 1997ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيل ٻه خبرون اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿيون. هڪ خبر جي هيڊنگ آهي: الطاف مهاجر لفظ تان هٿ کڻي ويو، سگھارن ادارن سان سرچاءُ. ان جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: هاڻ هُو ايم ڪيو ايم لاءِ متحده قومي موومينٽ جا لفظ استعمال ڪندو، رليف جي خاطري. عوامي آواز جي رپورٽر ٻڌايو آهي، ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ الطاف حسين پنهنجي تنظيم کي متحده قومي موومينٽ جو نالو استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ايم ڪيو ايم ۽ نگران حڪومت سان لاڳاپيل ذريعن کان سڌ پئي آهي، ته ملڪ جي سگھارين قوتن الطاف حسين کي مشروط طور ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي، ته هو پنهنجي تنظيم جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪري ته... مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سندس تنظيم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي... ۽ ماضيءَ جي روش کي تبديل ڪيو وڃي ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويندو... الطاف حسين پڻ کين يقين ڏياريو ته هُو پنهنجي تنظيمي سرگرمين جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪندو ۽ کيس پڻ ”مهاجر قومي موومينٽ“ جو نه، پر متحده قومي موومينٽ جو قائد چيو ويندو. ذريعن موجب الطاف حسين کين چيو ته تنظيم جي ساک لاءِ ضروري آهي، ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن. چونڊن جي سلسلي ۾ سندس روپوش ساٿين کي منظر عام تي اچڻ ڏنو وڃي، ته هو ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي تنظيم کي نئين سر منظم ڪري وٺندو. هن سگھارين قوتن کي يقين ڏياريو، ته سندس ساٿي ٻيهر ماضيءَ کي ڪو نه ورجائيندا.

سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪردار - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جي  نئين  چونڊيل  حڪومت
۽  ايم  ڪيو  ايم  جو  ڪردار
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

چونڊن کان چند ڏينهن اڳ، مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکيو ويو. ٻنهي جو انگريزيءَ ۾ شارٽ فارم ايم ڪيو ايم ٿئي ٿو. اها ڳالهه چِٽيءَ طرح ٻڌائي ٿي ته هن مخصوص ٽولي جا سردار ۽ روح روان وقت سر پنهنجو ويس، نقاب، چهرو، ٻاهر ته تبديل ڪري سگھن ٿا، پر اهي پنهنجي روح، اندر، گھرائي، جوهر ۾ بدلجن، اهو ممڪن ناهي. ڪٽرپڻي جو ڪاٿو ان مان ئي ڪري سگھجي ٿو.

’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي! - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

’مهاجر‘،  ’اُردڪ‘  ۽  دهشتگرد  ۾  فرق  ڪرڻ  کپي!
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

”مهاجر“ لفظ جي هڪ اصلي معنيٰ ۽ هڪ مفهوم آهي: اهو جيڪو ڪن به سببن جي ڪري، پر سَتائجِي، پنهنجو اباڻو علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو، ته جيئن حالتون سڌرندي ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽي سگھي. ان کي انگريزيءَ ۾ Refugee (رفيوجي) ۽ عربيءَ ۾ ”مهاجر“ سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئون ”پناهگير“ (جيڪو اصل فارسي لفظ آهي).

10/01/2012

بهاري روڪيو- سنڌ بچايو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن
بهاري روڪيو- سنڌ بچايو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ مٿان نئين ڪاهه جاري آهي. بنگلاديش مان قاتل بهارين جا ڪٽڪ سنڌ تي ڪڙڪي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو ڇا هن ڌاري لشڪر جو مڙس ٿي مقابلو نه ڪندا؟
اڳوڻي زماني ۾ به قبيلن، قومن ۽ ملڪن تي ڪاهون ۽ چڙهايون ٿينديون هيون ۽ هاڻي به ٿين پيون. اڳوڻي زماني ۾ ههڙي ڪاهه جو ٻڌي جبلن جي چوٽين تي وڏا مچ ٻاري سڄي قبيلي کي خبردار ڪيو ويندو هو ۽ مقابلي لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تيز رفتار قاصد ڊوڙندا هئا. جيڪي جتي هوندا هئا اهي اتي پنهنجا ذاتي سڀ ڪم ڇڏي، ڪلي ڪوڏيا ٿي، دشمن سان مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ڏانهن ڊوڙندا هئا ۽ سڀني کي للڪاريندا هئا. ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ديس ۽ قوم تان سر گھوري سرها ٿيندا هئا يا نيٺ دشمن کي ماري مڃائيندا هئا. سٿين، هون، آريا، يوناني ۽ ايراني ڪاهه ڪندڙ ڪٽڪ جڏهن سنڌ تي ڪڙڪيا، تڏهن سنڌين حملي جي خبر ٻڌڻ شرط ايئن ڪيو. هنن ڪڏهن کٽيو ته ڪڏهن هارايو، پر ائين ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ته حملو ٿئي ۽ ان جو سنڌين پاران ڪو به مقابلو نه ٿئي.

ڪُڦاٿل پاڪستاني! - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪُڦاٿل پاڪستاني!
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

(هي مضمون خاص طرح سنڌ جي وطن دوست وڪيلن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن جو ڌيان لهڻي ٿو.)
پاڪستان حڪومت هن مهيني (ڊسمبر 1992ع) جي ابتدا کان بنگلاديش ۾ اتان جي وطن دوست عوام جي قاتل بهارين کي هر قسم جي نظرياتي، اخلاقي، مذهبي، سياسي ۽ عالمي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ خصوصاً ست ڪروڙ سنڌي ۽ سرائيڪي عوام جي باشعور گڏيل راءِ ڏانهن ڏاڍ ڀريو رويو رکندي، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏيڻ شروع ڪيا آهن. انهيءَ ڏٺي وائٺي ارهه زورائيءَ ۽ زبردستيءَ جي ڪري سنڌي ۽ سرائيڪي عوام ۾ ايڏي ته بيچيني ۽ ناراضگي پکڙجي وئي آهي، جو سنڌي ۽ سرائيڪي سياستدان ئي نه، پر اَڻڪَٽر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به ان کي محسوس ڪري ورتو آهي. روزاني انگريزي اخبار ”فرنٽيئر پوسٽ“ ان موضوع تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ به سيمينار ڪرايا آهن ۽ ”ڊان“ ۽ ”دي نيوز“ ۾ پڻ ڪجھ مضمون ڇپيا آهن. رسول بخش پليجي ۽ پروفيسر عزيز احمد کان ويندي منظور سولنگي ۽ اعجاز منگي تائين ڪيترن ئي دانشورن مضبوط دليلن سان پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ سنڌين ۽ سرائيڪين جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي پارٽين ۽ تنظيمن اخباري بيان ۽ اخبارن ايڊيٽوريل شايع ڪيا آهن. ٻئي پاسي ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي گڏجاڻيون ڪري، عوام جي سجاڳي ۽ مِڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ دورو ڪيو آهي. سرڪار پنهنجي جمهوري هامن باوجود ايڏي ته مَت وڃائي ويٺي آهي، جو ان ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ پاران ڀٽائي گھوٽ جي نگريءَ ۾ رٿيل ڪنوينشن کي تشدد وسيلي تباهه ڪيو، پر نام نهاد نظريي ۽ مذهب جي آڙ ۾ پنهنجيءَ هر غيرقانوني ۽ عوام دشمن حرڪت کي قانوني ۽ وطن دوست سڏيندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ۽ سندن ڀاڙيتو نظرييدانن ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي، جو پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪي مناسب، متبادل ۽ مضبوط دليل ميدان تي آڻي سگھن. بس، حاڪمن جي انڌي ۽ ڏاڍي واري لٺ آهي جيڪا پئي ڦري.

سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون
۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌي قوم هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي ۽ صدين کان ان ۾ رهندي اچي. انگريز سرڪار جيتري وسيع سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان جون به ڪجھ گھٽايل، سوڙهيون ڪيل سرحدون مقرر ڪري، نئين ٺاهيل سنڌ کي 1-اپريل 1936ع تي پاڻ وهيڻو (خود مختيار) ڪيو ۽ 17-اپريل 1937ع تي انگريز اقتدار اعليٰ هيٺ سنڌ صوبي جي پهرين اسيمبلي وجود ۾ آئي جنهن جو سربراهه وزير اعظم سڏيو ويندو هو. 1940ع ۾ هڪ قرارداد (ٺهراءُ) وسيلي گھڻي مسلمان آبادي رکندڙ رياستن جي سياستدانن پنهنجي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بابت رٿا ظاهر ڪئي جنهن ۾ شامل ٿيندڙ سموريون رياستون ڪجھ اهم نڪتن تي گڏيل حڪمت عملي هلائينديون، جنهن لاءِ مناسب ۽ موزون، ٺهڪندڙ سياسي اصطلاح ڪچو-وفاق (ڪنفيڊريشن) يا عام-سگھ (ڪامن ويلٿ) ئي ٿي سگھي ٿو. پر 14-آگسٽ 1947ع تي جيڪو پاڪستان ٺهيو، ان ۾ پهرين ڏينهن کان نمونا ئي نوان اچي ويا. 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان انتظامي طرح ڌار ڪري مرڪزي علائقو يا انتظاميا سڏيو ويو ۽ 1954ع ۾ مورڳو ون-يونٽ ٺاهي، سنڌ سميت سڀني صوبن جو نالو گم ڪري ”اولهه پاڪستان“ ٺاهيو ويو. پاڪستان ٺهندي ئي ان جا حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا ٿي ويا، جن سان هر علائقي جي غدار وڏيرا شاهي، سردار شاهي، خان شاهي ۽ نواب شاهي مدد سهڪار ڪري رهي هئي. ون يونٽ جي حقيقي مقصدن ۾ هتان جي مظلوم عوام جا حق ڦٻائڻ سان گڏ بنگال (هاڻي بنگلاديش) کي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ جڪڙي رکڻ هو پر ”اولهه پاڪستان“ ٺاهڻ باوجود هتان جي ڪل آبادي بنگال جي آباديءَ کان گھٽ بيٺي جنهنڪري نون ٺاهيل ٻنهي صوبن --- ”اولهه پاڪستان“ ۽ ”اوڀر پاڪستان“ (بنگال، بنگلاديش) جي وچ ۾ نام نهاد ”برابري“ (پئرٽي) جو طريقي ڪار لاڳو ڪيو ويو (۽ هاڻي اهي ئي ساڳيا حڪمران سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه لاءِ ساڳي پئرٽي مڃڻ لاءِ تيار ناهن). بنگال ۾ جمهوري تحريڪ اڀري ته ان جي روح کي بلڪل ائين وڍ ڏنا ويا جيئن 1983ع دوران سنڌ ۾، پر وسيع پيماني تي، پنهنجي ئي ملڪ جون فوجون مٿس ڪاهي ويون ۽ پنهنجي ئي عوام جو ڪوس ڪيو ويو --- 50 لک ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، مرد توڙي عورتون، ان ظلم جو هڪجھڙو شڪار ٿيا پر ”بنگلاديش“ ٺهي رهيو --- ”اولهه پاڪستان“ کي ”نئين پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو ۽ ماضيءَ مان سبق سکڻ بدران هن وقت به ”نئين پاڪستان“ (ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار وارو دور) ۽ ”پياري پاڪستان“ (جنرل ضياءَ ۽ ان کان پوءِ وارو دور) جا حقيقي حڪمران ڪن لاٽار ڪيو، اکين تي پٽيون ٻڌيو، بندوق تاڻيو بيٺا آهن. 1940ع جي ٺهراءَ موجب، نه ته رياستن جو ڪچو-وفاق (ڪچو وفاق) ٿا ٺاهن ۽ نه ئي وري پئرٽي جي اصولن تي ٿا هلن. عملي طرح اڄ به ساڳين ئي غدار شاهين جي مدد سان حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا پياري پاڪستان جا واڳ ڌڻي آهن ۽ ويٺا پنهنجي هلائن. سنڌ ۾ دهشت گردي آهي ۽ بلوچستان ۾ زوراوري، ”سرائيڪو“ کي مڃن ڪو نه ٿا، باقي ننڍڙو فرق رڳو اهو پيو آهي ته پختونخواهه جي حاڪم طبقن به اها ئي راهه چونڊي ورتي آهي جيڪا پياري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جي ايجاد آهي.