ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
زندگيءَ جو ننڍايل خاڪو
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو
مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ ئي وقت سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ ڪارڪن،
اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار،
صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽
ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾
پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.
ڄم ۽ تعليم
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو 25 مارچ 1952ع (گھريلو شجري موجب
22 ربيع الاول 1372هه) تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت جي گھر ۾ پيدا ٿيو.
کيس ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ، سِکڻ ۽ سمجھڻ سان پيار هو، جنهنڪري استادَ ڀانئڻ لڳس. هن
پرائمري تعليم 64-1959ع دوران گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ 69-1964ع
دوران ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 71-1969ع دوران
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪئي، جو سندس چُونڊ (سليڪشن)
ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري ۾ آسانيءَ سان
ٿي وئي. ڊگري ڪاليج جي لائبريريءَ مان ڊاڪٽر محبت روزانو ٽي چار ڪتاب کڻي، سوين
ڪتاب پڙهيا. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾ گريجوئيشن (ايم بِي بِي ايس) 79-1972ع دوران
ڪئي. اتي سندس رهائش ”البيروني هال“ جي 45 نمبر ڪمري ۾ هئي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو
تعليمي خرچن ۾ ساٿ سندس ڀاءُ فتح عليءَ ڏنو، جيڪو شارجه (يُو اي اِي) جي ڳوٺ
خورفڪان ۾ درزڪو ڪم ڪري رهيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مختلف اسڪالرشپون به
ملنديون رهيون.
نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ
ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي 82-1980ع دوران ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن
دوران هُو گلگت، اسڪردو، اٽڪ ۽ ڪوئٽا ۾ به رهيو. پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب ڊاڪٽر
محبتَ ڪئپٽن ڊاڪٽر جي عهدي تان مستعفي ٿي موٽي آيو، جنهن کان پوءِ هن 1983ع ۾
ميلوِن جونس بلڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ 84-1983ع دوران دَ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري
ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪئي، پر ستت ئي نوڪريءَ جي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪري،
اباڻي شهر قنبر هليو آيو، ته جيئن پنهنجن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري سگھي. 1984ع
کان 1997ع ۾ وفات تائين، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جنرل ميڊيڪل ڊاڪٽر طور لطيف ڪلينڪ تي، قنبر
جي باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪيو. شاهه لطيف
سان کيس بيحد عقيدت هئي. هُو لطيف ڪلينڪ تي ايندڙ مريضن کان ايتري ته معمولي فِي
وٺندو هو، جو اڪثر ڪري ڏيهاڙي گذر سفر لاءِ به کُٽي پوندو هو. مريضن کي ميڊيڪل
اسٽور جي بيحد سستي دوا لکي ڏيندو هو، وس پُڳي مريضن کي سُئي (انجيڪشن) نه هڻندو
هو ۽ لاچار مريضن کي دوا درمل لاءِ پنهنجي هڙان وڙان به دوا ڏيندو هو. سال ۾ عيد
الفطر ۽ عيد الاضحى تي صرف ٻه ڏينهن ۽ ڏهين محرم الحرام تي هڪ ڏينهن ڪلينڪ بند
ڪندو هو.
شادي ۽ اولاد
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شادي 1983ع ۾
محترمه صفيه ميمڻ سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. کيس اولاد ۾ هڪ پُٽ انجنيئر ساجد
محبت آهي، جنهن ڪيميڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾ بِي اِي (B.E) ڪرڻ کان پوءِ ايم اِي (M.E) ڪئي آهي.
هينئر ڪراچيءَ ۾ اين اِي ڊِي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر آهي.
مطالعو
ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعي کي ارپيندڙ ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو پنهنجي تڪڙي مطالعاتي رفتار ۽ ذهين هئڻ ڪري ڪتابن مان ڪم جا نُڪتا جَھٽي
وٺندو هو ۽ بيان ڪيل ڳالهه وغيره جي تهه در تهه خيال تائين رَسائي حاصل ڪري سگھندو
هو. اها ئي ڳالهه سندس ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه ۾ به سمايل هئي، جنهن کيس سٺو محقق ۽
گھڻ پاسائون تنقيدنگار بنجڻ ۾ گھڻي مدد ڪئي. مشهور مصور منصور عالم ابڙي جي ترغيب
تي ايل.ايم.سي ۾ سندس مطالعي هڪ نئون ۽ وڌيڪ ڪارگر رُخ اختيار ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جو
بنياد رکيو، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيڻ لڳو. وٽس ڪيترائي رسالا ڇپجي مارڪيٽ ۾
اچڻ کان اڳ ئي پهچي ويندا هئا. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ سندس ڪچهريون اديبن ۽ عالمن
سان ٿيون، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي اهم آهي. اتان جي درسگاهن سندس شخصيت ۾
نئون نکار پيدا ڪيو. هن تمام گھڻا ڪتاب ۽ رسالا انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾
پڙهيا. ڪو به ضخيم ڪتاب پڙهي پڄائڻ ڪاڻ هن لاءِ ٻه چار ڏينهن ڪافي هوندا هئا.
ادبي ۽ صحافتي سرگرميون
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾
پڙهڻ دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح جا ليک ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ”شاگرد“
پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيا. شايد
سندس پهرين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي، جيڪا ايل ايم سي جي سالياني مخزن ”لياقت“ ۾
74-1973ع ۾ ڇپي، جنهن سان سندس ادبي زندگيءَ جي شروعات ٿي. پوءِ ڊاڪٽر محبت مسلسل
ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، طنز و مزاح جا ليک لکيا ۽ چونڊ ڪتاب ترجمو ڪيا. ساڳئي وقت
هُو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ
ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. اها سندس صحافتي ڪم جي شروعات هئي. 1977ع ۾ هُو ”سنڌي
شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر ۽ ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب رهيو،
جن ۾ هن قلمي نالن سان ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هُو ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان
سهڪار ڪندڙ رهيو.
ڊاڪٽر محبت 92-1991ع ۾ روزاني
”جاڳو“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو، جنهن ۾ هن قنبر تعلقي جي مختلف
خبرن کي ايمانداريءَ سان رپورٽ ڪيو. ان حوالي سان هن ذميوار صحافيءَ طور پنهنجو
فعال ڪردار ادا ڪيو.
پبلشنگ ادارو
ڊاڪٽر محبت قنبر ۾ 1978ع ۾ ”ڏاهپ
ڪتاب گھر“ نالي پبلشنگ اداري جو بنياد رکيو، جنهن پاران پاڪيٽ سائيز ۾ هڪ ڪتاب
”مائو زي تنگ“ ليکڪ: رسول بخش پليجو، جنوري 1979ع ۾ ڇپرايو ويو.
1994ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي پبلشنگ ادارو قائم ڪري، اداري جي نالي بابت
کانئس راءِ ورتي ته ڊاڪٽر محبت ان جو نالو ”ڏاهپ پبليڪيشن“ تجويز ڪيو، جيڪو
حتمي طور طَي ڪيو ويو.
سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل ڪم
ٻوليءَ جي جھيڙن ۾، جڏهن
سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي
نگرانيءَ ۾ لائبريريءَ جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي آرٽسٽ دوست
منصور عالم ابڙي سان گڏجي، سج لٿي کان پوءِ، ڪيترائي ڪلاڪ روزانو ويهي، پنهنجن
خوبصورت اکرن سان ڪتابن جا اعزازي طور ڪئٽلاگ لکي، ان ڪم ۾ هٿ ونڊايو.
سماجي خدمتون
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 76-1974ع دوران ”گلن
جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي، جيڪا ڀائو درمحمد ٻرڙي قائم ڪئي هئي، ۽
روزاني ”هلال پاڪستان“ جي زير انتظام هئي. هو ٻارڙا سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻَ ۽
ٻارن کي تربيت ڏيڻَ لاءِ ڄامشوري کان قنبر ڪَهي ايندو هو. سندس ان عمل سان قنبر ۾
ترقي پسنديءَ جي پهرئين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دَور جي شروعات ٿي. ان ئي تسلسل
هيٺ 1977ع ۾ هُو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني
ميمبر به رهيو.
قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ”سٽيزن
(ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري 94-1993ع دوران رهيو، جنهن ۾
خاص طور ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪارگذارين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، قنبر شهر جي صفائيءَ
سٿرائيءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا. هو ”ڪاميٽيءَ“ جي مختلف پروگرامن کي عملي روپ ڏيندڙ
ساٿين مان هڪ هو.
هُو 1989ع ۾ ”موهن جو دڙو
سائنس ڪلب قنبر“ کان 1997ع ۾ وفات تائين، ان ڪلب جي نئين نالي ”کيرٿر سائنس
اڪيڊمي قنبر“ سان لاڳاپيل ۽ ان جي فڪري اڳواڻي ڪندڙ رهيو، جنهن پاران هن ڪجھه
ليڪچر بنيادي سائنسي موضوعن تي ڏنا ۽ ”اڪيڊمي“ پاران 1992ع ۾ ٽن مهينن تائين
روزانو ”انگلش ٽيچنگ پروگرام“ ۾ رضاڪار ٽيوٽر رهيو. ان کان سواءِ اڪيڊميءَ جي
سائنسي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جو فڪري اڳواڻ رهيو.
ڊاڪٽر محبت 1994ع ۾ ”سنڌ فورم
فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد (روشني فورم)“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان فورم
جي گڏجاڻين ۾ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو.
هُن ”هيومن رائيٽس ڪانفرنس“
لاڙڪاڻي ۾ خصوصي طور هڪ مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ”انساني حق ــــ هڪ مختصر تاريخي
خاڪو“ پڙهيو.
سياسي سرگرميون
1976ع ۾، ڊاڪٽر محبت جي سياسي
سرگرمين جي ابتدا ايل.ايم.سي ۾ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ (س.ش.ت) جو يونٽ کولڻ ۽
ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو هُو 1978ع تائين باني سيڪريٽري رهيو. اتي هُن
سياسي تعليم جو ڪم سرگرميءَ سان ڪيو، جنهن ۾ خاص طور سماجي، سائنسي، علمي، جدلياتي
۽ فڪري موضوعن تي ڏنل سندس ليڪچر ڌيان لهڻن ٿا. 79-1978ع دوران ڊاڪٽر محبت سنڌي
شاگرد تحريڪ، سنڌ، جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي ۾ هن پنهنجي علمي
سياسي ڪم کي وڌيڪ پکيڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي
ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي
وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي
قنبر واري گھر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گھڻي تعداد ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر محبت نه صرف
اهي ڪتاب وٺندو هو، پر ڪوشش ڪري پڙهي به ڇڏيندو هو. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي
سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل
ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل ”مرڪزي
تعليمي ڪاميٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن 50 کان وڌيڪ موضوعن تي،
500 کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو
ڪم ڪيو.
1980ع ۾، عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ
کان پوءِ ۽ 1984ع ۾ قنبر ۾ اچڻ سبب ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ عملي سياسي سرگرمين کان پاسائتو
ٿي ويو، پر قنبر ۾ سندس سياسي قلمي ڪم جي شروعات ٿي، جيڪو سياسي سرگرمين سبب ماٺو
پئجي ويو هو.
تخليقي سياسي ڪتاب
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 1988ع ۾ سياسي ــ
تنقيدي ادب جو شاندار ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي“
(قلمي نالن ’لطيف ۽ سڄڻ‘ سان) لِکِي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪرائون سائز ۾ 372 صفحن
تي مشتمل هو ۽ جنهن ۾ سنڌ جي سياسي اڳواڻ جِي ايم سيد ۽ ايم ڪيو ايم سميت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف مختلف سياسي
پارٽين جي سرگرمين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو هو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي اهو ڪتاب لکڻ
تي عوامي تحريڪ پاران ’علمي محاذ جو سپهه سالار‘ ايوارڊ طور اجرڪ اوڍايو
ويو. ”...جيڪو سچ چوي“ جو آخري باب ”هٿ وڌايو ــــ
سنڌ بچايو“ نالي سان الڳ ڪتابي روپ ۾ 1988ع ۾ ڇپيو. ساڳئي عرصي ۾ ڊاڪٽر
محبت جا مٿين ٻن ڪتابن کان سواءِ هيٺيان مختصر ڪتاب ڇپيا:
1.
سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ ۽ سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو (درحقيقت
”...جيڪو سچ چوي“ ڪتاب جا آخري ٻه باب الڳ ڪري ڇپرايل)
2.
شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي (1988ع. قلمي نالو: لطيف.
عوامي تحريڪ ۽ ان سان واسطيدار مختلف تنظيمن جي مختصر ڄاڻ)
3.
ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري (مارچ 1988ع. قلمي نالو: سڄڻ.
وطن دوست پارٽيءَ جو سياسي تجزيو)
4.
سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي (مارچ 1988ع. قلمي نالو: سڄڻ)
5.
ڇا ايم ڪيو ايم ـــ پ پ پ ٺاهه سنڌي ماڻهن خلاف خوفناڪ، تباهه ڪندڙ ۽ موتمار
سازش ناهي؟ (جنوري 1989ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي. نام نهاد
’ڪراچي ٺاهه‘ جو تجزيو)
6.
پ پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن (1989ع. قلمي نالو: مهراڻ
مگسي)
7.
سنڌيو سجاڳ ٿيو: سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن سازشن کان هر گھڙي خبردار رهو (1989ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي)
8.
سنڌي مار سورما (فيبروري 1990ع. قلمي نالو: لطيف
۽ سڄڻ. ضياء دَور ۾ ”جساف“ جي ڪارنامن جو مختصر ذڪر)
9.
سنڌين جا اتحاد (1990ع ۾، 200 عدد صفحن تي مشتمل، جنهن ۾
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن 40 سالن دوران ٺهيل/ڪيل سنڌي سياسي پارٽين جي اتحادن جو
جائزو ورتل. اڻ ڇپيل ڪتاب)
10.
ايم ڪيو ايم ڪِي دهشتگرد سياست (اردو ۾ لکيل تفصيلي ڪتاب. صفحا
لڳ ڀڳ 600 عدد. اڻ ڇپيل)
عوامي تحريڪ کان عليحدگي
1990ع ۾ عوامي تحريڪ سازشن جي وَر
چڙهي ٽٽڻ لڳي، ته ڪيترائي سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ يا ته پارٽي ڇڏڻ لڳا يا انهن
تي مختلف الزام هڻي کين خارج ڪيو وڃڻ لڳو. ٻئي طرف شهيد فاضل راهوءَ جو پٽ محمد
اسماعيل راهو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هن ڌار گروپ قائم ڪيو، ته کوڙ
ساترا ڪارڪن سندس گروپ ۾ به شامل ٿيا. ڊاڪٽر محبت اهڙي وقت ۾ پنهنجن ويجھن دوستن
سميت وڏي ڏک منجھان ان صورتحال کي جاچي رهيو هو. هُن محمد اسماعيل راهو جي
ڪارگذارين کي نظر ۾ رکندي هڪ مضمون ”فاضل جيڪڏهن سنڌ
اسيمبليءَ ۾ هجي ها ته...“ پنهنجي محبوب ڪردار شهيد محمد فاضل راهوءَ جي چوٿينءَ
ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو 17 جنوري 1991ع تي ”عوامي آواز“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن
۾ ڇپيو ۽ وري عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ڪارگذارين جي پس منظر ۾ هڪ
ٻيو مضمون ”سنڌ جو سورهيه شهيد فاضل راهو“ شهيد
محمد فاضل راهوءَ جي پنجينءَ ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو 17 جنوري 1992ع تي
”عوامي آواز“، ”الوحيد“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن ۾ ڇپيو، ته اهو مضمون لکڻ ۽ پارٽي اڳواڻ تي
تنقيد ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ ”غدار“ سڏي، ڊاڪٽر محبت کي 1992ع ۾ عوامي تحريڪ مان خارج
ڪيو ويو. ان ريت، هڪ ڊهندڙ پارٽي کيس چاهيندڙن ۽ وڌائيندڙن مان هڪ اهم شخص کان
محروم ٿي وئي.
علمي ڪمن جي شروعات
ڊاڪٽر محبت ان کان پوءِ ٻيءَ ڪنهن
سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، ان جي بدران هن سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما
ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ،
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي
تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهو
ڪم تمام گھڻو، گھڻ طرفو ۽ ڳُوڙهو آهي. سياسي سرگرمين کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي اها
هڪ اهم ۽ پائدار پيش رفت هئي، جنهن کيس سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون
۽ پائدار تعارف ڏنو.
هتي سندس تحريري ڪم ۽ سرگرمين تي
مٿاڇري نظر وجھون ٿا:
ڪجھ تخليقي سياسي مضمون
1. سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي
خاموشي
2. سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيراشاهيءَ جو منفي ڪردار
3. سويت يونين کان پوءِ دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟
4. پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي پائدار ڪيئن بنائجي؟
5. سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست
6. سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن منهن
ڏين؟
7. رياست جي بُڻ بابت نظريا
8. سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم
9. سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت
10. عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ
11. سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ
12. سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو
۽ ٻيا انيڪ مضمونَ، جيڪي ”جاڳو“،
”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“، ”سنڌ“، ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا.
ترجمو ڪيل ڪجھه سياسي مضمون
1. ڪئناڊا ايڪئل رهڻ جي اميد رکي ٿو (ليکڪ: اظهر علي)
2. سنڌ مسئلن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟ (ليکڪ: اقبال جعفر)
3. سويت يونين کان پالهي ڌرتي (ليکڪ: مشتاق احمد)
4. آيت اللھ جو ڀوت (ليکڪ: فريڊ هاليڊي)
5. ماسڪو ۾ ڊپ ۽ ڀُل (ليکڪ: جوناٿن اسٽيل)
6. پِي اين اي تحريڪ: ابتدا ۽ انتها (ليکڪ:
منير احمد)
7. احمد شاهه ابداليءَ جون سنڌ تي ڪاهون (ليکڪ: عزيزالدين احمد)
۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ڪيل سياسي
مضمونَ.
ترجمو ڪيل سياسي ۽ فڪري ڪتاب
1. چين مٿان ڳاڙهو تارو (ليکڪ:
ايڊگر سنو. هڪ باب هفتيوار ”سنڌُو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل)
2. اٽڪ قلعي کان (ڇپيل، مئي
1990ع. 181 صفحا. ليکڪ: ميجر آفتاب احمد)
3. موسى کان مارڪس تائين (ڇپيل،
اپريل 2006ع. ليکڪ: سبطِ حسن)
4. جدلي ماديت جا بنيادي اصول (ڇپيل،
اپريل 2008ع. ليکڪ: اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت)
5. ڇا اسين گڏ رهي سگھون ٿا؟ (ليکڪ:
پروفيسر عزيزالدين احمد. ٻه باب ”جاڳو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل)
6. سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۽ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن جو
ترجمو (اڻڇپيل)
تخليقي مقالا ۽ مضمونَ
1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (۽ ٻيا مضمونَ
’مواد سهيڙيو مهم‘ هيٺ لکيل)
2. ٻول گھاڙيتو
3. سنڌيءَ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي
4. هر هڪ لفظ هيري کاڻ
5. ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح سنڌي ٻولي
6. جامع سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي حوالي
سان پهرئين پڙهڻي.
7. الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ ـــــ ڪجھ اعتراض ۽
انومان
8. استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
9. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر بابت بنيادي ڄاڻ
10. ماڻهو ۽ ماڻهپو
11. زندگي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي
12. انساني حق ـــــ مختصر تاريخ
13. ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو
14. ماڻهوءَ ۽ سندس آڳيتن (پروسِيڊرس) جي ارتقا (اڻڇپيل)
15. خاڪن جو خاڪو
ترجمو ڪيل تحقيقي مقالا ۽ مضمونَ (مختلف سبجيڪٽن سان واسطيدار)
1. آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين ــــــ
سنڌ جون ٻوليون (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
2. چار هزار ورهيه ق م ــــــ سنڌ جي ٻولي (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
3. سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار (ليکڪ:
ايم ايڇ پنهور)
4. سنڌ جا شهر ۽ وَسنديون (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
5. سنڌ ۾ ماڻهو (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
6. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
7. ٿر ۽ ڪوهستان رڻن جا وڻ ٽڻ (ليکڪ: مسز فرزانه پنهور)
8. سنڌ ۾ زرعي ــ آبهوائي علائقن بابت نئين سوچ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
9. پاڪستان ۾ سنڌ جي معاشي ڦرلٽ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
10. ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ مکيه ٻوليئاڄاڻي
وڻڪن جي چونڊ (ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو)
11. ڪميونيڪيشن ميڊيا جو استعمال (اڻڇپيل.
ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو)
ان کان سواءِ ڊاڪٽر محمد قاسم
ٻگھيي جي پِي ايڇ ڊِي ٿيسز جي پنجين باب جو ترجمو ڊاڪٽر محبت ڪيو، پر پوءِ ترجمي
جو ٺاهه ختم ڪيو ويو.
تخليقي ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب
1.
انقلاب (ليکڪ: جارج آرويل. ناول جو اختصار)
2.
پڙهجي ڪيئن؟ (ترجمو. پبلشر وٽان مسودو گم ٿيل)
3.
شعور (180 صفحا. اسڪرپٽ پبلشر وٽان گم ٿيل. پهرئين مسودي تان ڪتاب
وفات کان پوءِ ڇپيل)
4.
ٻول جو بُڻ (200 صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل)
5.
ٻوليءَ جو بُڻ (191 صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل)
6.
ڌرتي منهنجو گھر (200 صفحا. ٻه باب ڇپيل)
7.
ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور. ڪجھ باب
ڇپيل)
8.
سورس مٽيريل آن سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور)
9.
ڪوٽيشنس/اقتباسات (ترجمو. 250 صفحا. ڪجھ اقتباس ڇپيل)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي ننڍي ڀاءُ
رياضت ٻرڙي جي مختصر سائنسي معلوماتي ڪتاب ”سائنسي معلومات“ جي تصحيح ڪئي ۽
سندس ٻين ڪيترن ئي مضمونن تي نظرثاني ڪئي.
ادبي ايوارڊ
ڊاڪٽر محبت کي ماهوار ”ڪينجھر“
حيدرآباد پاران مضمون نويسيءَ جو ”ڪينجھر ادبي ايوارڊ“ 1994ع، سندس لکيل
تحقيقي مقالي ”جامع سنڌي لغات جو جائزو...“ تي
ڏنو ويو. ان نسبت سان جنوري 1995ع ۾ ساڻس سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران ادبي ويهڪ
پڻ ڪئي وئي.
قلمي نالا
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن مختلف قلمي
توڙي اصلي نالن سان لکيو، تن ۾ هي نالا شامل آهن: محبت، محبت علي، م. ع.، ساجد،
ساجد اجيد، سجاد قنبروي، قنبروي، لطيف، سڄڻ، سڄڻ ٻرڙو، مهراڻ مگسي ۽ محبت ٻرڙو.
سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي
سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ويجھڙائي رهي. سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾
وقتاً فوقتاً شريڪ ٿيندو ۽ پنهنجون مفيد صلاحون ڏيندو رهيو. هو سنگت قنبر جو 1995ع
۾ باضابطا ميمبر ٿيو ۽ سنگت قنبر پاران هن ”سنڌي ٻوليءَ جا آواز“ موضوع تي ليڪچر
ڏنو ۽ ”لطيف جو فڪر“ ليڪچر ۾ عظيم سومري سان ٻانهن ٻيلي رهيو.
وفات
هن عالم، اڻ مُلهه ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي، اربع ڏينهن، منجھند جو ٻي
وڳي ڌاري، قنبر جي گوپانگ محلي ۾ واقع پنهنجي گھر ۾ ٿي، جنهن ساڻس واسطيدار هر
ماڻهوءَ کي بيحد ڏکوئي وڌو هو.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي زندگيءَ جي
مختصر عرصي ۾، سياسي، علمي ۽ ادبي سفر دوران، انيڪ شاگرد ۽ دوست ٺاهيا، جن مان
ڪيترائي سنڌ، سنڌين ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ هاڻي به پتوڙي رهيا آهن.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ
سندس ويجھن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل
ڪري ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي رکيو، جنهن جي منشور ۾ هڪ
نُڪتو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل ڪمن کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ شامل آهي. ”اڪيڊمي“ پاران سندس
چاليهو 25 مئي 1997ع تي منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس لکيل تعارفي بُڪ ليٽ
ڇپرائي وئي. اڪيڊمي هر سال اپريل مهيني ۾ سنڌ سطح تي ڊاڪٽر محبت جي ورسي منعقد ڪري
ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبت جو نئون ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرو ڪري/ڪرائي ٿي. اڪيڊميءَ
پاران 2002ع کان وٺي، ورسيءَ جي موقعي تي، علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ
نمايان شخصيتن کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ پڻ ڏنا وڃن
ٿا.
وفات کان پوءِ ڇپيل ڪتاب
1.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع. مقالا، مضمون ۽ علمي خط)
2.
ماڻهو ۽ ماڻهپو (1999ع. مقالا ۽ مضمون)
3.
اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (2000ع. مقالا ۽ مضمون)
4.
يادون ۽ سُڪون (2001ع. انٽرويو، ڪهاڻيون، طنز و مزاح ۽ ننڍايل ناول)
5.
ٻوليءَ جو بُڻ (2002ع. تحقيقي ڪتاب)
6.
سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت (2003ع. مقالا ۽ مضمون)
7.
شعور (2004ع. مڪمل ڪتاب. ٻيو ڇاپو 2008ع، ٽيون ڇاپو 2014ع))
8.
موسى کان مارڪس تائين (پهريون ڀاڱو، 2005ع. ترجمو.
ليکڪ: سبطِ حسن. مڪمل ڪتاب ٻيهر 2011ع ۾ ڇپيو، ترجمي ۾ رياضت ڀاڱي ڀائيوار)
9.
سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (2006ع. سياسي مضمونَ)
10.
ٻول جو بُڻ (2007ع. تحقيقي ڪتاب)
11.
جدلي ماديت جا بنيادي اصول (2008ع. ترجمو. ليکڪ: اي. اسپرڪن
۽ او. ياخوت)
12. ڌرتي: منهنجو گھر (2009ع، سائنسي معلوماتي ڪتاب)
13. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي (2010ع.
ترجمو. ليکڪ: ايم.ايڇ. پنهور)
14.
ڏاهپ جو جنم (2011ع. ترجمو. رياضت سان گڏ)
15.
فلسفو: هڪ مطالعو (2012ع، ٻه ننڍا ڪتاب گڏ)
16.
ضميري پڇاڙيون (2013ع، لسانيات)
17.
اهنجي ڌرتي (2014ع، ترجمو ڪيل سياسي مضمون)
18.
فطرت، سائنس ۽ سماج (2015ع، سائنسي ۽ سماجي مضمون)
19.
محبت جا خط (2016ع)
No comments:
Post a Comment