وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
(حبيب آدرش ڀُٽي جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”روشنيءَ
جي تلاش ۾“ جو مهاڳ)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
جنهن جي ذهن ۾ سوال ناهي اهو جاهل،
ڄَٽ، اَٻوجهه ۽ چَٽُ آهي. سوال اٿاري سوال جو جواب نه ڳولڻ به وهمي دماغ جو ڪم آهي
۽ سوال جو جواب ٻڌي مناسب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بنا ان تي ڀروسو ڪرڻ پڻ اڻڄاڻائي جي نشاني
آهي. جيڪو ماڻهو جيترا گھڻا سوال اٿاري ٿو ۽ جيترن گھڻن سوالن جا جواب ڄاڻي ٿو،
اهو ماڻهو اوترو ئي وڌيڪ سڄاڻ آهي.
اهو ته شايد ماڻهو ئي ناهي جنهن
پنهنجي سڄي ڄمار ۾، ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين سوال نه اٿاريا هجن. ڄمندي ئي ذهني
طرح چَٽ ٻار کان سواءِ شايد ڪو هجي جنهن پاڻ بابت، پنهنجي گھراڻي بابت، پنهنجي
آسپاس بابت، ڌرتي ۽ سنسار بابت ۽ ”قسمت“ ۽ قدرت بابت سوال نه پڇيا هجن.