10/19/2012

وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
(حبيب آدرش ڀُٽي جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”روشنيءَ جي تلاش ۾“ جو مهاڳ)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جنهن جي ذهن ۾ سوال ناهي اهو جاهل، ڄَٽ، اَٻوجهه ۽ چَٽُ آهي. سوال اٿاري سوال جو جواب نه ڳولڻ به وهمي دماغ جو ڪم آهي ۽ سوال جو جواب ٻڌي مناسب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بنا ان تي ڀروسو ڪرڻ پڻ اڻڄاڻائي جي نشاني آهي. جيڪو ماڻهو جيترا گھڻا سوال اٿاري ٿو ۽ جيترن گھڻن سوالن جا جواب ڄاڻي ٿو، اهو ماڻهو اوترو ئي وڌيڪ سڄاڻ آهي.
اهو ته شايد ماڻهو ئي ناهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ۾، ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين سوال نه اٿاريا هجن. ڄمندي ئي ذهني طرح چَٽ ٻار کان سواءِ شايد ڪو هجي جنهن پاڻ بابت، پنهنجي گھراڻي بابت، پنهنجي آسپاس بابت، ڌرتي ۽ سنسار بابت ۽ ”قسمت“ ۽ قدرت بابت سوال نه پڇيا هجن.

10/17/2012

ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ اهم ٻوليڄاڻِي وِڻڪن جي چونڊ - ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ
اهم ٻوليڄاڻِي وِڻڪن جي چونڊ
(Isolating Significant Linguistic Variables for the Study of Variation in Language(
ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
نِشانڪ ميڙا (Notational Conventions):
( ) ٻوليڄاڻي وِڻڪي جي نشاندهي ڪندڙ
// ويڻڪ جي وائياڄاڻي نمائندگي جي نشاندهي ڪندڙ
[  ] وڻڪي جي ويڻڪ فهم جي نشاندهي ڪندڙ

ٻوليءَ ۾ ايندڙ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ پهريون ڪم ٻوليڄاڻِي وڻڪَن (Linguistic variables) جي هڪ محدود ڳڻپ ۾ چونڊ ڪرڻ آهي. ٻوليڄاڻي وڻڪن جي سڃاڻپ کان اڳ، خود ٻوليڄاڻي وڻڪي جي سُوجهه (Notion) تي هڪ سڀَار (General) ابتدائي نگاهه، اڀياس دوران ٻوليڄاڻي وڻڪي ڏانهن هڪ محقق (Researcher) جي رويي کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙ جي مدد ڪندي.

اَڻـو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو Atom

اَڻـــــــــــــــو (Atom)
مادو اڏيندڙ سِرَ
(سائنسي مضمون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سڄو مادو 106 ڄاتل سادن جزن جو ٺهيل آهي ]هن وقت انهن جو ڄاتل تعداد 118 آهي[. انهن مان هر جزي کي عنصر سڏجي ٿو. هر عنصر اڻن جو ٺهيل آهي. اڻو ڪنهن به عنصر جو ممڪن ننڍي ۾ ننڍو ذرو آهي. اڻو ايترو ته ننڍڙو آهي جو ان کي ڪنهن به سٺي کان سٺي تِڇ جاچڻِي سان ڏسي نه ٿو سگھجي. 4-ارب کان به وڌيڪ اڻا ”ن“ جي هڪ نقطي ۾ سمائجي سگھن ٿا.
اسان جا سڀئي لڱ گھڻي ڀاڱي ڪاربن، آڪسيجن، هئڊروجن ۽ نائٽروجن نالي اڻن جا ٺهيل آهن پر توهان انهن مان ڪنهن به عنصر کي ڏسي نه ٿا سگھو. اڻن جي ڳڻپ ۽ ترتيب ڪيتري ۽ ڪيئن آهي، ان ئي حساب سان نت نوان وڙ ٺهن ٿا.

قانون ڇا آهي؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


قانون ڇا آهي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اچو ته ان کي هڪ مثال سان سمجھون.
توهان ڪو وڏو پٿر کڻي اڇلايو. اهو پٿر هر حالت ۾ ڌرتيءَ تي ڪرندو. ان ڪري ڪرندو جو ڌرتيءَ کي ڇِڪ آهي. اهو ڇڪ جو اثر هڪ مخصوص حد تائين فضا ۾ عمل ڪري ٿو. جيستائين ڪا به شَي ڌرتيءَ جي فضا ۾ هوندي، ان تي ڌرتيءَ جي ڇڪ اثر ڪندي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هجي ۽ ڌرتيءَ تي نه ڪري. اهو عمل جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، اڻٽر نموني ٿئي ۽ ٿيندو رهي، اهو قانون آهي.
هن معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ جهڙي آهي. اها هيءَ ته قانون انساني ذهن، سمجھ، سوچ، خيالن جا پابند نه هوندا آهن. بيشڪ سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪروڙين ڀيرا بيهي سوچين ته اهو اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هئڻ باوجود ڌرتيءَ تي نه ڪري، ته اها خام خيالي ۽ اجائي سوچ هوندي. سوچڻ سان قانون بدلجي نه ٿو سگھي. قانونُ سوچن، خيالن جو پابند، ڳيجھو ناهي. قانون سوچ کان آزاد آهي، معروضي آهي.

10/16/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڏانهن خط - ايم.ايڇ. پنهور



ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڏانهن خط
ايم.ايڇ. پنهور

Mr. Muhabbat Buriro,
Latif Clinic,
Kamber-77210,
District Larkana.

Dear Mr. Buriro,
I have no objection to your translating “Chronoligical Distionary of Sindh” in Sindh however enormous new material has to light since I sent this book to the press in 1977. I am planning to revised the text, but revision will be incorporated in the additional years and so it will make no difference to translator. I can send you the additional material after you have completed your translation and this can be incorporated under appropriate years.
My Articles have appeared all most regularly in journals “Sindh Quarterly” and “Sindhological Studies” of Institute of Sindhology since 1976 and 1979 respectively. These should form some basic idea of my work on Sindh, in addition to “Source Material on Sindh” and “Ground Water in Sindh” (1969). You have to collect these books and journals.
In case you find any difficulty in translating certain technical terms, I can guide you if you visit me at Karachi or Hyderabad addresses.
With thanks and regards,
Very Sincerely Yours,
Muhammad Hussain Panhwar
Dated 7th September, 93.

جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-2 / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-2
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مانوارا ايم. ايڇ. پنهور صاحب
سدا خوش، سُکيا ۽ سلامت رهو.
توهان جي ڳالهين ۽ لکڻين ۾ مختلف هنڌن تي اها ڳالهه پئي آئي آهي ته رگويدي آريا
            سوات ۾ 1050 ق.م
            اولهائين بلوچستان ۾ 800-900 ق.م
            اوڀرائين بلوچستان ۾ 800 ق.م
            سنڌ ۾ 800 ق.م
            پنجاب ۾ 700-800 ق.م
            راجستان ۾ 300-600 ق.م
            مڌيا پرديش ۾ 400-500 ق.م
            اتر پرديش ۾ 50-300 ق.م ۽
            بهار ۾ 50-300 ق.م پهتا، ۽ اهو به بيان ٿيو آهي ته رگويد جا اوائلي ڀڄنَ 1000 ق.م ۽ پوءِ وارا ڀڄنَ 900 ق.م ڌاري لکيا ويا. ان ڪري فطري طرح اهو سوال ٿو اڀري ته
رگويد ۾ سنڌو جي تعريف ڇو ۽ ڪيئن آئي؟
توهان جو مضمون Languages of Sindh between rise of Amri and fall of Mansura ترجمو ٿي ويو آهي، مهرباني ڪري ان ۾موجود نقشا يا انهن جو نقل وڏي سائيز م موڪليندا.
مهرباني.
خلوص سان
محبت ٻرڙو

10/15/2012

سـنڌ جي ٻولي - ايم.ايڇ. پنهور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



سـنڌ جي ٻولي
(4-هزار ــــــــــ 1-هزار ورهه ق.م)
ايم.ايڇ. پنهور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

گريئرسن (Greirson) جي مشھور رپورٽ: ”انڊيا جو ٻوليڄاڻي جائزو(The linguistic Survey of India) 1930ع ۾ شايع ٿي. هيءُ هڪ حقيقي سائنسي پورهيو آهي. بدقسمتيءَ سان، اها ان مھل پڌري ٿي جڏهن اپکنڊ انڊيا ۾ قومي تحريڪون پنھنجي اوج تي پھتل هيون. اهڙين حالتن ۾ گريئرسن جو اهو بيان ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل/اڀريل/اسريل هئي، سنڌ جي هندن سرهائيءَ سان قبول ڪيو پر مسلمانن ان کي باطل قرار ڏنو. هڪ سنڌي مسلمان وڏي عالم ڊاڪٽر دائودپوٽي ان کي رد ڏيندي چيو ته سنسڪرت جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ هئي ته عربي ان جو پيءُ ٿئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ تضاد اڀريو ۽ سائنسي سچاين ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندڙ بڻائتي (Original) نظريي کي صحيح يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ انتھائڪ Extremist)، انتھا پسند) رويا اڀري آيا. گريئرسن جي نظريي جي پوري زور سان تائيد ڪندڙن ۾ پروفيسر ملڪاڻي ۽ ڀيرواڻي (Bherwani) شامل هئا. ڀيرواڻي توڻي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي دراواڙي ٻولين وارا لاڙا ڏٺا پر انھن ۾ گھرو نه ويو جيئن ٽرمپ (Trump) پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر(Grammer of Sindhi Language) ۾ ڪيو، جيڪو 1868ع ۾ ڇپيو. اپکنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ به تضاد نه کُٽو ۽ نوان نوان نظريا پيش ڪيا ويا، جن ۾ سنسڪرت ۽ عربيءَ جي وچ ۾ شادي ڪرائي ٿي وئي، ته ڪن ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ ڪنھن به قسم جي ناتي کان مورڳو انڪار ڪندي ان کي هڪ نج سامي (Semetic) ٻولي سمجهيو ويو. هڪ وڌيڪ نظريو اهو به اسريو ته سنڌي هڪ دراوڙي ٻولي هئي ۽ ان جي گرامر ۾ اڍنگايون (Abnormalities) ان تي سنسڪرت جي اثر سبب هيون. اڃا هڪ وڌيڪ نظريو اهو پيش ڪيو ويو ته سنڌي سنڌو ماٿر (Indus valley) جي ماڻھن جي ٻولي هئي ۽ اها سنڌ مان هر ڏس ۾ پکڙي ۽ ان سنسڪرت سميت سمورين انڊو-يورپي (Indo-European) ٻولين کي جنم ڏنو. هي نظريو توڻي جو سنڌ جي ڪجهه سنڌي قومائڪ (Nationalist، قومپرست) فردن لاءِ ڪشش رکندڙ هو پر اهو به اهڙي ڀڙاڄاڻي (Archaeological) شاهدي نه پيو رکي جيڪا اهڙي ڪا حقيقت ٻڌائي سگهي ته سنڌو ماٿر جي سڀيتا (Civilization) هتان سڀني ڏسن ۾ پکڙي هوندي.

10/11/2012

سنڌ ۾ زرعي-آبهوائي علائقن بابت نئين سوچ - ايـم.ايـڇ. پـنهور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ زرعي-آبهوائي (Agro-climatic)
علائقن بابت نئين سوچ
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

(ايم.ايڇ. پنهور مُندَڀياسي (Meteorological)¨ انگن اکرن يا ”ڄاڻوڪي“ (Data) جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ هُو سنڌ کي اهڙن 9-علائقن ۾ ورهائڻ جي رٿ ڏي ٿو جن جي بنياد تي زرعي رٿابندي ڪري سگھجي ٿي. ـــــ سنڌيڪار)
اڄ ڪلهه زراعت لاءِ آبهوا جي اهميت کي ڌيان ۾ گھٽ رکيو ٿو وڃي، توڻي جو آزاديءَ کان اڳ ان تي جوڳو ڌيان ڏنو ويندو هو. آبهوا (Climate) هڪ وسيع مفهوم وارو لفظ آهي، جنهن ۾ روزاني توڻي سڄي سال دوران پوندڙ گرمي (تاپو، تاءَ، temperature)، گِهم (humidity)، وسڪارو (rainfall)، جھڙالو (cloud cover)، ڪوهيڙو (fog)، سج جي تابش کان بچاءُ، گھلندڙ هوائون، بخارجڻ (evaporation) ۽ ماڪ-درجو (dew-point) شامل آهن. آبهوا اسان کي گھڻن ئي ٻوٽن (plants) جو ڦوٽهڙي، گُلِجَڻ (گلَ ٿيڻ/گل ڦُٽڻ جو عمل) ۽ ميوجڻ (ميوو ٿيڻ/ميوو ٺهڻ جو عمل) لاءِ گھربل ڪل گرميءَ ۽ ڪجھ وڻوٽن (وڻ+ٻوٽو = وڻوٽو، Plant) کي سندن وري ڦوٽهڙي ۽ گلجڻ کان اڳ ساهي (dormancy) ماڻڻ لاءِ گھربل ڪل ٿڌ (chill) جو مقدار به ٻڌائي ٿي. آبهوا جا عنصر مختلف وڻوٽن جي بقا ۽ ستابائيءَ لاءِ مناسب فضائن کي مقرر ڪن ٿا.

سـنــڌ ۾ ڳوٺاڻي مفلسي ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سـنــڌ ۾ ڳوٺاڻي مفلسي
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جي ڳوٺن ۾ مفلسيءَ جي حالت هٿراڌو نموني، ڄاڻي ٻجهي پيدا ڪئي وئي آهي. ان جي ذميواري وفاقي حڪومت جي ’پرائيس ڪنٽرول بورڊ‘ (اگھن تي قابو رکندڙ اداري) مٿان اچي ٿي.
آزادي مهل 1947ع ۾ ڇانيل پيداواري شعبو زراعت (پوکراهپ) هو، جنهن جملي-ڏيهي-اُپت (ج.ڏ.ا = گرانڊ ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ) جو 53 سيڪڙو مهيا پئي ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان 40 ورهه پوءِ 1987ع ۾ ان ئي زرعي (پوکراهي) شعبي ج.ڏ.ا جو رڳو 26 سيڪڙو پئي ڏنو. جڏهن ته ان مهل تائين به سڄي ملڪ جي ڪل مزدور قوت جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ڏيندڙ هي شعبو ئي هو. ملڪ جي ڪل روانگي ڪمائيءَ جو 80 سيڪڙو پوکراهپ ۽ پوکراهي صنعت مان ايندڙ وکرن جي روانگي واپار مان اچي ٿو. ملڪ جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻين ايراضين ۾ رهي ٿي. اچو ڏسون ته انگ اکر ڇا ٿا چون:

10/03/2012

”ماڻهو - جھڙو - جانار“ ۽ ماڻهو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

”ماڻهو - جھڙو - جانار“ ۽ ماڻهو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اوهان ۽ آنءُ ۽ هِي ۽ هُو اهي سڀ جن ساهوارن، جانارن کي اڄ ماڻهو سڏجي ٿو اُنهن کي ”ماڻهو“ بنائڻ ۾ پاٿر (پٿر جي) وکرن جي واهپي مکيه ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاٿر وکر واهپي ۾ آڻڻ ئي انساني پورهيي جو پهريون نشان آهن. انهن جي مدد سان پهريون ڀيرو اها اپت ماڻي وئي جيڪا جبلي طريقن وسيلي ماڻجندڙ لاڀ کان ڪجهه نياري، ٻئي ۽ انوکي نموني جي هئي. انساني پورهيو ئي آهي جيڪو ماڻهو جھڙي جانار کي جانوراڻي دنيا کان ڇنِي ڌار ڪري، هڪ نئين راهه انساني راڄ ڀاڳ (سماج) ڏانهن وٺي آيو. انساني پورهيي جي ابتدا سان گڏ ئي انساني ٻوليءَ جي پهرين آواز ٻولن جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ انساني سوچ سمجھ جو ٻج پوي ٿو. پورهيو، ٻولي ۽ سمجھ ماڻهوءَ جي اها مايا خلقين ٿا، جنهن کي انساني راهپ (ثقافت، ڪلچر) چيو وڃي ٿو.