11/06/2012

نيڪي - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
نيڪي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ريل ڪار جو ڊگھو دٻو ماڻهن سان ڳتيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيشن تان چڙهندڙن جو زور اڃا وڌ، پيهان پيهه، رڙيون ۽ ڪيڪون، ڌڪا ۽ گاريون، وٺ وٺان، ڊڪ ڊڪان، ٻن ماڻهن جي سيٽ تي پنج ڄڻا ڳتيا ويٺا آهن، ته وري ڊگھي گھٽيءَ ۾ هشام ماڻهن جو اڀي ڪنڊي بيٺو آهي. هر هڪ پنهنجي ڊيگھ، ٿولهه، طاقت آهر زور لڳائي، ڪر کڻي، هيڏي هوڏي پيو نهاري، ته من ڪٿي ڪا سيٽ ملي پوي، پر سيٽن سان گڏو گڏ سامان جون ڄاريون به ڀريل ڏسي نااميديءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي ٿو. آگسٽ جو قهري مهينو، رات جا يارنهن، ماڻهن جي بدن جي گرمي، پگھر جي ڌپ، ساهه جي اٻس، پريشاني، مونجھ... ماڻهوءَ ماڻهوءَ مهانڊو حيران ۽ گھٻرايل. ڪنهن واپاريءَ جي ٽيڏي اک سامان جي ڳٺڙيءَ ۾، ته ڪنهن امير زادي جي بيگ ۾، ڪنهن جي پير تي لٺ لڳي وڃڻ تي رڙ نڪري وڃي، ته بيهڻ لاءِ ٻين کي پيو ڌڪا ڏئي. اهڙي وٺ وٺان ۾ ٽن سيٽن وارين ٻن بينچن تي... هڪ تي هڪ ستر سالن کن جو ڪنجھندڙ، ڪرڪندڙ پوڙهو پاسيرو ليٽيل آهي، ته ٻئي تي وري پنجونجاهه، سٺ سالن جي ڏٻري گھنجيل ٻوٿي پوڙهي ستل آهي. گرميءَ کان ڄڻڪ سندس ساهه ٿي نڪتي ويو. هر هڪ حيران پريشان ماڻهو اچي چوي ٿو ته ماڻهو بيٺا آهن ۽ توهان وري ستا پيا آهيو... اٿي ويهو... هي به ڪو انصاف آهي... پوڙهي مائي ڪنجھندي سهڪندي کين جواب پئي ڏي، ”...ابا مان لاچار آهيان... ساهه ٿو نڪري، ٽن ڏينهن جا ٿڪل آهيون... ٻه ڏينهن ٽِي بِي جي اسپتال جي در تي پيا هئاسون... علاج ڪو نه ٿيو... بس ابا... ڏوڪڙ ڪو نه هئا... هاڻي سڃا ٿي مري پيا آهيون... ابا.... ڏاڍي بيماري ويڙهي وئي آهي. ڇا ڪيون...“ ماڻهو، ڪي رحم ڀريو... ڪي ڪاوڙيل... ڪي نفرت ڀريو... ڪي همدرد، منهن ڪيو... پاسو ڪري ٿا بيهن.

يادون ۽ سُڪونُ - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
يادون ۽ سُڪونُ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
جيئن نه گُلَ-پتيءَ تي، ماڪ-ڦڙو سج جي روشنيءَ ۾ موتيءَ جيان جرڪندو آهي، هن جي منهن تي به اهڙي چمڪ هئي. چپن تي مرڪ ائين ٿي تريس جيئن پاڻيءَ تي هنج. منهن مان رت ڄڻڪ اٿل کائي ٻاهر اچڻ لاءِ آتو هئس، تازي خون جي وهڪري سبب ڄڻڪ شفق رنگ پکڙجي پيو هئس. ويچاري کي مهينا پنڌ ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملي هئي. جڏهن کيس مختيارڪار صاحب چيو هو، ”ٺيڪ آ بابا، سڀاڻي اچي ڊيوٽي جوائن (Duty Join) ڪجان.“ ڪيڏو نه اطمينان ۽ سڪونَ ڀريو اُڀو ساهه نڪري ويو هئس، هن کي هر طرف ٽڙيل گل ۽ ٽم ٽم ٽانڊاڻا نچندا نظر آيا هئا ۽ خوش خوش ٿي پنهنجي محل طرف موٽيو هو.

11/05/2012

هوڏ - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
هوڏ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مان ننڍي هوندي تمام گھڻو شرير هوندو هوس. نه، شرير نه، پر ضدي هوندو هوس. ٻين ننڍين وڏين غريباڻين شين جي گھر ڪندو هوس ته ملي به وينديون هيون، پر خرچي لاءِ جيڪي مٿا مارڻا پوندا هئا، نه پڇو. توبه، الامان. ڪهڙا ڪهڙا عجيب و غريب طريقا اختيار ڪرڻا پوندا هئا ۽ پيسا وري ڇا تي خرچ ڪندو هوس: ٻيڙي سگريٽ ۽ جوئا تي. جوئا جي بري عادت ننڍي لاءِ ئي پئجي وئي هئي ۽ جوارين جي ويجو رهڻ ڪري گار گند ۽ ڪوڙ کان سواءِ سگريٽ ڇڪڻ جي ڪني عادت ۾ پڻ ڦاسي چڪو هوس. اهو ئي سبب هو جو گھڻي ڀاڱي خرچي پوري ڪا نه پوندي هئي. پياري امڙ جھلي جھلي ٿڪجي پئي هئي، بابو سائين ماري ماري ٿڪجي پيو هو، پر مان ڪُتي جي ڏنگي پڇ جيان اهڙو جو اهڙو ئي رهيس ۽ جوئا کيڏڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ نه ڇڏي سگهيس.

شاڪ - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
شاڪ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

هو ڏاڪڻ تي چڙهندي ٿاٻڙيو، پر اِقوءَ کيس جلد ئي سهارو ڏئي سڌو ڪيو. هو نشي ۾ ڌُت هو، کيس ملڪ جهان جي خبر ئي ڪو نه ٿي پئي. ٿورو ڪنڌ کڻي اِقوءَ کي گھوري ڏٺائين ۽ جلد ئي نظرون هيٺ ٿي ويس. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، وار ڇڙو ڇڙ لڳا پيا هئا، منهن تي خشڪيءَ جو تهه ڄمي ويو هئس ۽ چپ سڪل هئس، جن کي زبان گھمائي آلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، ڪپڙا سٺا پهريل هئس. شڪل جو به ڪو برو ڪو نه هو، سهڻو نڪتل رنگ ۽ سينو ڪشادو رکندڙ هو. هي قادو هو. هونئن ته نالو قادر بخش هئس، پر سندس دوست قادو قادو ڪري ڪوٺيندا هئس. جهڙي قسم جي دوستن جي صحبت ۾ رهندو هيو، اتي اڌ نالو سڏڻ ڪو بُرو يا خراب محسوس نه ڪيو ويندو هو. کيس پڻهس پاڻ جيان براين ۾ نه ٿي ڏسڻ گھريو ۽ پنهنجي شهر کان ٻاهر ۽ پري ان لاءِ ئي موڪليو هو، جيئن هو برن دوستن جي صحبت کان پري رهي ۽ کيس سٺو ماحول ميسر رهي، پر هت هن جي جنهن سان پڪي دوستي ٿي، اهو هاسٽل جو بدنام ترين شخص اقبال هيو، جنهن کي عرف عام ۾ اِقو ڪري سڏيو ويندو هو. اِقو جي دوستيءَ کيس نئين زندگي بخشي. هن قادوءَ جي هر گھرج کي پورو ڪيو، کيس جواخانه ڏيکاريائين، بازار حسن کان روشناس ڪرايائين، رنڊين جا ديدار ڪرايائين، ته بالاخانن جا سير به. قادو اکيون ٻوٽي اِقوءَ جو چوڻ مڃڻ لڳو. ڀلا سندس پيارو، عزيز ۽ بهترين دوست هئو.

ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
مان ارڙهن سالن جو لَئي جي چهبڪ جيان سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو آهيان، تنهنڪري ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائي... پوءِ هي گيت ڳائيندو آهيان: سنهڙا ماڻهو سهڻا، جي لڪڻ جيان لچڪن، پير تن جا پتڪڙا، جي جتيءَ ۾ جرڪن. جڏهن ڏٺم ته ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائڻ جي باوجود متارو ڪونه ٿو ٿيان، تڏهن سوچيم ته شهر جي سڻڀن ستابن ماڻهن کان سندن ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇان، سو ڊوڙندي وڃي شهر جي ڊاڪٽر جي در جي گھنٽي وڄايم: ٽون... ٽر... ٽون. ڪجھ دير کان پوءِ در مجھان هڪ سٻر پيٽ ظاهر ٿيو ۽ هيترڙي ننڍڙي منڍي.
”سائين سلام عليڪم.“ تڪڙ ۾ سلوٽ واري انداز ۾ هٿ نراڙ تائين مٿي ڪري، حسرت وچان سندس سٻر پيٽ ڏسندي، ان تي هٿ رکيم. ڊاڪٽر اها اڇل کاڌي ڄڻ اوچتو سندس پير ڪنهن نانگ تي پئجي ويو هجي. منهنجا تارا حيرت کان ڦاٽي ويا ۽ ڊاڪٽر جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون جهڙو اڱر.

11/02/2012

ڪُتو - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
ڪُتو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هُل ٿي ويو ته شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي ۽ پنهنجي مالڪ شاهوءَ کي کائي وڌائين! سڄي ڳوٺ لٺين، ڪهاڙين ۽ ڪِن ته بندوقن سان سهڪندي ڳوٺ جي اترئين پاسي، رانجھن جي ٻنين طرف ويل ڪتي جو ڀڄندي پيڇو ڪيو.

همدردي - ڪهاڻي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
همدردي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
”ادا، ٿوري جاءِ ته ڏجو، مان به بيهان.“
25 سالن جي ٺاهوڪي نوجوان آهستي چرندڙ بس جي در تي بيٺل ٻن نوجوانن مان هڪ کي چيو.
”ڪاٿي ويندين؟“ ٻنهي مان هڪ پڇيو.
” او هن اڳين موڙ تي لهندس.“ هن آهستي آهستي ڊڪندي چيو، ڇو ته بس ڪجھ تيز ٿي هئي.
”اهو موڙ ته ويجھو آهي ۽ بس ۾ جاءِ به ڪانهي. ڪاٿي بيهندين؟“
جڏهن ته بس ۾ ڪافي جاءِ هئي. نوجوان جي منهن تي مايوسي جو تهه چڙهڻ لڳو، جو هينئر بس ڪافي تيز ٿي چڪي هئي ۽ هو بس کي نه ٿي پهچي سگھيو.
”ڏسو ته ڪيڏي نه سستي ۽ ڪاهلي اسان جي قوم ۾ گھر ڪري وئي آهي.“ ٻنهي مان اڳيان بيٺل چيو، ”ڇا، اڌ فرلانگ کن پنڌ جو به نه ٿيندو ۽ اهو به بس ۾ سفر ٿو ڪجي!“
”اهڙي بي همتي به اسان نه ڏٺي، ۽ نه ٻڌي.“ پٺيان بيٺل جوان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
”ڪهڙو نه ڳڀرو جوان هو، هي سٽ کن پنڌ جيڪر ٻن منٽن ۾ ڪري وڃي،“ پهرين چوڻ شروع ڪيو، ”اها ئي آهي سستي، جا اسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. هاڻي انهن حالن تي اسان ڪيئن ترقي ڪري سگھنداسون؟“
پنهنجي قوم جي پٺتي هجڻ جو ڏاڍو خيال هوس، شايد ڪاليج جي ليڊر ٽائيپ شاگردن مان هو، ”ڏس، هنن نوجوانن جو حال ڏس! ڇا ته پنڌ جو ٽڪرو هيو ۽ ڇا پُٽ بس تي چڙهي هلندو. اي ڪاش! هن کي اهو احساس پيدا ٿئي، ته اها سستي سمنڊ جي گھراين ۾ طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڪاش! هي بيدار ٿين، ڪاش همت کان ڪم وٺن، ڪاش محنت ڪن، ڪاش...“
گاڏي موڙ مڙڻ لڳي ۽ ٻئي ٽپو ڏئي لهي ويا.

ڪهاڻي - بهترين بوٽ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪهاڻي
بهترين بوٽ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
مان ڊيل ڪارينگي جا ڇهه ئي اصول ذهن ۾ دُهرائيندو ۽ ورجائيندو ٿي ويس، ڇو ته جيڪڏهن دهرايان ۽ ورجايان نه، ته منهنجي يادگيري جو حاضمو ڏاڍو خراب آهي، هر هر ياد ڪيل ڳالهه به ڀلجي ويندو آهيان. مون کي انهن اصولن جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو مون کي دڪاندار کان بوٽ خريد ڪرڻو هو. اڄڪلهه سستائيءَ جي زماني ۾ مهانگو بوٽ خريد ڪرڻ ته وڏو ڪارنامو، پر بوٽ ڳولي لهڻ ئي شاباس جوڳو آهي، ڇو ته اسي رپئي خريد ڪيل بوٽ اسي ڏينهن به ڪو نه ٿو هلي.

11/01/2012

آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نانءُ: محبت علي ٻرڙو
جنم تاريخ: 25- مارچ 1952ع.
پسند ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.
نفرت اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.
منهنجو ماضي: ٺيڪ ٺاڪ.
پسند جو رنگ: هر رنگ جي رونق پنهنجي.
پسند جي مند: سرءُ جي مند مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.
پسند جو ليکڪ: مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.
پسند جو ڪتاب: مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.
پيارو دوست: هن سوال جو جواب ”دوست“ جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.
منهنجي خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.
ڪڪ ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/پڙهي.
خوش ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره.
منهنجي آئيڊيل/پسند جي شخصيت: ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...
منهنجي ڪمزوري: هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب.
آخري خواهش: ڇو ڀلا؟
ڏس/پتو: لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210، ضلعو لاڙڪاڻو.
(سلسليوار ’لکڻهار‘ قنبر، فيبروري 1997ع)

محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون


محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون

س: نالو سڄو؟
ج: محبت علي ٻرڙو.
س: سڃاڻپ؟
ج: 1. بنيادي موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ،
2. مختلف موضوعن تي لکڻيون/ترجما،
3. علمي گفتگو ڌيان سان ٻڌڻ.
س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟
ج: 25 مارچ 1952ع، قنبر.
س: تعليم؟
ج: ايم بي بي ايس.