11/10/2012

جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-1 / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-1
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مانوارا سائين ايم. ايڇ. پنهور صاحب
سدا خوش، سُکيا ۽ سلامت رهو.
”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ (ڪ ڊ س) جا پهريان هڪ سَو کن صفحا ۽ توهان جي مضمونن واري فوٽو اسٽيٽ مجموعي ”Ancient Sindh“ (اينشَنٽ سِنڌ) مان ٽي کن مضمون ترجمو ڪري چڪو آهيان. ان سان گڏ توهان جي لکيل مواد مان جيترو ڪجھ پڙهيو اٿم ان جي بنياد تي آءٌ پاڻ کي اها ڳالهه چوڻ ۾ حق بجانب ٿو ڀايان ته ڪي ڳالهيون ڏاڍيون مُنجھيل آهن. مثال لاءِ ”سامونڊي سطح ۾ تبديليون“ پيش ڪيان ٿو، جنهن جا انگ اکر (1) ڪ ڊ س، (2) سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت (جيڪو The development in the study of history and archaeology of Sindh جو ترجمو آهي) ۽ (3) Languages of Sindh between rise of Amri and fall of Mansura i.e 5000 years ago to 1225 AD (جنهن جو ترجمو ڪري توهان ڏانهن موڪلي چڪو آهيان) تان کڻي ترتيب ڏئي رکان ٿو:

ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ - مـسـز فــرزانه پـنـهــور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ
مـسـز فــرزانه پـنـهــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سڃاڻپ: مسز فرزانه حسين پنهور بايو-ڪيمسٽريءَ ۾ ايم.ايس سِي آهن. ”ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ انجنيئرس“ سان وابسطه رهِي گذريل ستن ورهن کان ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيق پئي ڪئي اٿن. پاڻ ”ايگريڪلچرل سُئائِل ٽيسٽِنگ ليباريٽريز (پرائيويٽ) لميٽڊ“ جِي مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهن. جن موضوعن تي ڪم ڪيو ۽ لکيو اٿئون، انهن مان ڪجھ هِي آهن:
-       هيرايل (گھريلو ڪيل) جانورن لاءِ کاڄ ۽ پاڻي راهِپَ (Aqua Culture)
-       جھينگي پالنا
-       ڪُڪڙ پالنا
-       سَهي پالنا. سَهي کاڄ
-       زرعي ڦوڳ مان جِيا-گئس (Bio-Gas) (ٺاهڻ)
-       ڍور ڍڳي ۽ رڍ لاءِ کاڄ
-       جوجُوبا تيل جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جو واهپو
-       وڻجارڪ (ڪمرشل) ۽ صنعتي حساب ڪتاب رکڻ
-       گلاب ۽ (ٻين) گلن جو سُڪي وڃڻ
-       جوجُوبا جو اڀياس ۽ ان جو تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ واهپو
-       ڄام ڦل ۽ بَنگَنپالِي ۽ لنگڙي انب جو لاب کان پوءِ ڪيميائي دوائن وسيلي (مختلف بيمارين کان) بچاءُ
-       تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ هڪ نئون ذخيرو/وسيلو
-       مختلف زرعي فصل اپائڻ لاءِ لوڻياٺي زميني پاڻيءَ جو واهپو
-       اسرندڙ ڏيهن لاءِ جِيا-گئس ڪارخانا
-       پاڪستان (جي رهواسين) لاءِ پاڻي راهپ جو ڪتابڙو
-       ٿر ۽ ڪوهستان جا جانور
- سنڌيڪار


هيءُ مضمون سنڌ جي وڻ ٽڻ (Flora) بابت مختلف ماهرن پاران گذريل هڪ صديءَ دوران جوڙيل مواد جي 4-ورهي اڀياس تي ٻڌل آهي. هن مهل تائين گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ٿر ۾ 3-هزار کان وڌيڪ ۽ ڪوهستان ۾ 5-سَو کان وڌيڪ وڻوٽا (Plants) موجود آهن. ڪيترائي اهڙا به هوندا جيڪي رڪارڊ تي نه آندا ويا آهن. کيرٿر جبل جي ٽاڪرو چوٽين تي جھنگلي/اڻ هيرايل (Wild) پستي (پوسٽانچيو، Postanchio) جي موجودگيءَ بابت ڄاڻ هڪ نئون واڌرو آهي ۽ ساڳيءَ طرح ئي کيرٿر جابلو قطارن جي هيٺين يا ڪاڇولي ٽڪرين ۾ ڄمون (Jaman) بابت به چئي سگھجي ٿو، انگ وڌندو ويندو جيئن جيئن ووڙ ڪبي.

جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد - ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد
(1500ع ــــــــــ 1843ع)
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ، گھڻي ڀاڱي هر ماڻهو عام طرح اهو بيان ٻڌي پيو ته جيئن ته انگريزن مسلمانن کان انڊيا کَسي ۽ وري-کسجڻ جي ڀوَ ۾ ورتل هئا ان ڪري هندن سان هٿ هٿ ۾ ملائي مسلمانن کي پوئتي رکيو ويو، هندو جيڪي هڪ هار ورهن کان مسلمانن جي تابعداري/پناري ۾ رهيا هئا ۽ ان ڪري مسلمانن جا مخالف هئا. هي بيان درست ناهي، سواءِ 1857ع کان 1885ع يا 1905ع جي وچ واري عرصي جي. انگريزن مسلمانن کان انڊيا جو ٽين پتيءَ کان به ننڍو ٽڪرو کسيو باقي سڀ هندن ۽ سِکن کان کسيائون. انگريزن بنگال، بِهار، اتر پرديش (يُو.پِي)، سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا مسلمان حڪمرانن کان کسيا. ميسور به مسلمانن کان کسيو ويو جنهن تي انهن جي حڪمراني رڳو 25 ورهن کان هئي. سڄي ڏاکڻي انڊيا هندن کان کسي وئي. توڻي جو 1761ع ۾ احمد شاهه ابدالي هٿان مرهٽن هار کاڌي هئي ته به وٽن ايترو ڪجھ اقتدار هو جو پنهنجو پَرواڌي (توسيعي، Expansionist) لاڙو جاري رکي سگھن تان جو انگريزن اچي انهن کي هاٺاهون ڪيو. انگريزن جيڪڏهن اتر پرديش ۽ بهار صوبا مغلن کان نه کسيا هجن ها ته پڪ ئي اهو ڪم مرهٽا ڪري وٺن ها، اهي ايترا سگھارا هئا جو مغل شهنشاهه کي پڪڙي لاهي سگھن ۽ وري ان کي تخت تي ويهاري سگھن. سِکن وٽ سنڌ خلاف سِٽائون هيون پر اها برطانوي مداخلت هئي جو رنجيت سنگھ ڏکڻ پاسي (سنڌ ڏانهن) نه وڌيو.

سنڌ جون گَھڻ گُھريون ڌريون دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جون  گَھڻ گُھريون  ڌريون
دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪو به ماڻهو دهشتگرديءَ کي پسند نه ٿو ڪري، سواءِ انهن جي، جن جا غليظ مقصد دهشتگرديءَ کان سواءِ پورا نه ٿيندا هجن. دهشتگردي امن امان ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي فضا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، دهشتگرد قاتل ٿو ٿئي؛ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي دٻائي، هِيسائي ۽ ڊيڄاري پنهنجي غلائيءَ هيٺ رکي ٿو؛ ماڻهن کي ڪهي، ماري، ڦٽي ختم ڪري يا اپاهج بڻائي ٿو، گھر گھر ۾ هيبت ويهاري ۽ ماتم وجھي ٿو، روح رڙائي، اندر ڪنبائي ۽ جھوپا جھڻ ڪري ٿو: ملڪيتون، واپار، روزگار، پورهيا سڀ ٻوهي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ماڻهن جي زندگين ۾ زهر ڀري، ذهنن ۾ ڪفلتون ويهاري، نفرتن جو کٽيو کائي ٿو، سماجي، سياسي، ثقافتي، تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين کي، جن سان ذهنن ۾ روشنيون ۽ روحن ۾ توانائيون ڀرجن ٿيون، ختم ڪري، ڊپ ويهاري، ماڻهن جي دلين تي حڪومتون هلائڻ گھري ٿو. من من ۾ رڦڻي وجھي، مٿا موڳا ڪري، دلين ۾ دونهان ڀري، اونداهيون پکيڙي راڄ ڪري ٿو. دهشتگرد جي مڪروهه منهن تي مرڪ تڏهن تري ٿي، جڏهن ڪنهن جو ڪوسو ڪوسو رت ٺينڊيون ڪري وهي، جوان جسم ڦٿڪندي ڏسي، مائرن جا اوسارا ٻڌي، پيئرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙن، ڀينرن جا سينا ڦاٽن، ڀائر ڀيلا ٿين ۽ ٻارڙا مايوس، ملول ۽ اٻاڻڪا هجن. هو معصوم ٽهڪن کي گولين جي ٽڙ ٽڙ ۾ دفن ڪري، روڄ راڙي تي رقص ڪري ٿو. سڙندڙ گھر، ڀڙڪندڙ ڀنڀٽ، جھپ هڻندڙ ڄڀيون ۽ اڀامندڙ دونهان هن جي ڪوڙهئي روح کي راحت بخشين ٿا ۽ ڇتي ڪتي جيان بنا ڪنهن تفريق جي هر لانگھائوءَ کي چَڪي چس وٺي ۽ گد گد ٿئي ٿو. بارود جي بوءِ هن لاءِ واس جو هڳاءُ بڻجي کيس سرهائي ۽ شڪتي مهيا ڪري ٿي. هن جي سوڀ اها آهي ته ماڻهو سڏڪندا رهن.

ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ... - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ صدين کان مختلف نمونن سان ۽ ڌار ڌار بهانن هيٺ ڌارين جي يلغار جو شڪار پئي رهي آهي. هزارين ماڻهن جو هڪ ئي مهل ڪسجڻ، ڳوٺن ۽ فصلن جو باهين حوالي ٿيڻ، شهرن جو کسجڻ، علم، ادب ۽ تعليم جو تباهه ٿيڻ، معاشي طرح ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن، نڌڻڪو ۽ رولو ٿي پوڻ سنڌين لاءِ ڪو نئون عمل ناهي. هتي رڳو مرزا باقي جي راڄوڻيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عام عمل جو مثال ڏئي ڳالهه کي ڇٽو ڪري سگھجي ٿو. چيو ٿو وڃي ته مرزا باقيءَ کي جڏهن به اها خبر پوندي هئي ته سڄي سنڌ ۾ فلاڻو ڪي فلاڻو ماڻهو پوءِ اهو عوام منجھان هجي يا سندس ملازم، ڇو نه سندس مائٽ ئي هجي، ڏاڍي آرام ۾ آهي، سکيو ستابو ٿي پيو آهي ۽ سک سمهي ٿو، تڏهن مرزا باقيءَ جو آرام ڦِٽي پوندو هو، تان جو سندس سمورو مال متاع ڦري کيس ناس نه ڪري ڇڏي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو پهريون اڌ يعني ڏيڍ صدي ساندهه سنڌين لاءِ سندن جيئرو رهڻ هڪ عذاب هو. ارغون، ترخان ۽ مغل دور سنڌين لاءِ نسورو قهر هو. ان وچ ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ آمد هڪ ”اعزازي سوکڙي“ هئي: 8 هزار شهر واسي ڪٺائون، ٺٽي کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦرلٽ ڪيائون ۽ پوءِ ان ڌرتيءَ، ٽڪري کي باهه ڏئي ساڙيائون. ان ڏيڍ صديءَ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا ڳوٺ هر هر ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا --- مذهبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي، تباهه ڪيا ٿي ويا، سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي ويندي رهي. بکر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جھڙن وڏن، آباد، سکين ستابن ۽ تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميءَ جي مرڪزي شهرن ۾ ديسي ماڻهو ورلي ڪو پسبو هو نه ته ڌارين/پرڏيهين سان سٿيل هئا، تعليمي ادارن تي انهن جي حاڪمي هئي، ملازمت جا موقعا به انهن لاءِ هئا، انهن منجھ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ هڪ عجيب قسم جو ڪِينو ڀريل هو ۽ جھڙوڪر سنڌين جا خدا ڪارڻي دشمن هئا.

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
1-         ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو.“          (قومي اخبار، 10مئي 1994ع)
2-         ”مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي چاهن ٿا.“       (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)

ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا
پيرا کڻڻ جي ضرورت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين توڙي حڪومتن کي ختم ڪئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ نگران وزيراعظم کليل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ٿو ڪري, ته پ پ پ حڪومت توڙي الزام هيٺ آيل ان جي فردن خلاف ڪي به شاهديون ۽ ثابتيون نه ملي سگھيون آهن. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت خلاف ثابتيون هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مقرر ڪيل ٽربيونل جي ڪاروائي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ آڏي پڇا ۽ تحقيق ائين ئي جاري آهي جيئن مرڪز توڙي سنڌ ۾ پ پ حڪومت دوران  جاري هئي ۽ اڃا ڪي ئي ڏينهن جاري رهڻي آهي. فرق رڳو اهو آهي ته اڳ حڪومت جي ظاهري واڳ ڌڻين پاران صدر پاڪستان ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي وَر جو نالو کلي عام نه ورتو ويندو هو ۽ هاڻي صدر پاڪستان فاروق لغاري چٽيءَ طرح آصف زرداريءَ جو نالو کڻي رهيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم اڃا به صدارت جي ڪرسي تي ويٺل فاروق لغاريءَ جو ۽ ٻيو ته آصف زرداريءَ کي انهيءَ الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايوانِ صدر ۽ سنڌ جي نگران حڪومت پ پ پ جي مخالف ٻين سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جيان پ پ پ جي مرڪزي توڙي سنڌ ۾ نمايان اڳواڻن ۽ مجموعي طرح پ پ پ جي خلاف زور شور سان بي نيازين جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن. هن وقت عام چونڊن ۾ باقي 31 ڏينهن بچيا آهن. عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارم ڀرجي ويا آهن. اميدوار پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪا آهن. چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي. ڪيئي سياسي اڳواڻ ۽ زميوار فرد هر هر ورجائي اهي بيان پيا جاري ڪن ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ)، شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي هوندي. ڪي شهيد ڀٽو گروپ ۽ يا فرنٽ بدران مسلم ليگ کي به آڻين ٿا، پر هڪ ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته ايندڙ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف) ضرور شامل هوندي ۽ پ پ پ ڪنهن به حالت ۾ شامل نه هوندي.

سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟

هن وقت سنڌ جو سياسي وايو منڊل ڪجھ ان قسم جو ٺاهيو ويو آهي جو ڀارتي لساني ٽولي سان واسطو رکندڙ سنڌين جا ڏٺا وائٺا قاتل دهشتگرد جيڪڏهن (اتفاقن ئي سهي) سڳ سوڌا پڪڙيا وڃن ٿا ته جھٽ کان پوءِ بنا حساب ڪتاب جي جيئرا جاڳندا ڇُٽيو وڃن، جڏهن ته بيگناهه سنڌي ماڻهن (جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا يا ڳوٺن ۾) ۽ سياسي ڪارڪنن کي بنا ثبوت جي ۽ ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي سرڪاري ايجنسين وسيلي اغوا ڪيو ۽ مقابلو ڪندي مارجندو ڏيکاريو پيو وڃي. جيڪي سچ پچ دهشتگرد ۽ قاتل آهن انهن کي حق پرست، جمهوريت پسند ۽ قانون جو محافظ سڏي ساراهيو، ۽ جيڪي بيگناهه آهن انهن کي انڊيا ۾ سکيا ورتل دهشتگرد ۽ ڌاڙيل سڏي ماريو پيو وڃي. شهود هاشميءَ ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري ۽ آزادي ۽ شاهبندر واقعي، ڄامشوري واقعي ۽ يوسف جکراڻي سميت دادو جي جبلن مان هٿ آيل سڙيل لاشن ۽ مختلف ٿاڻن تي رشوت جي آسري ۾ واڙيل سوين بيگناهه سنڌين جي ڏک ڏيندڙ منظرن سان گڏ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر ٿيل وڏا واقعا منهنجي اکين آڏو آهن ۽ اهي بيان پڻ جيڪي گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ خاص طرح سنڌ ۾ لشڪري قوتن جي اچڻ کان پوءِ پاڻ کي سنڌ (يا پاڪستان) ۽ سنڌين (يا پاڪستاني عوام) جو خيرخواهه سڏائيندڙ سياسي اڳواڻن جاري ڪيا آهن.

انقلاب - ننڍايل ناول - جارج اورويل / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



ننڍايل ناول
انقلاب
ليکڪ: جارج اورويل
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
تعارف: انگريزي مصنف جارج اورويل جو اصلي نالو ايرڪ بليئر هو. هُو 1903ع ۾ هندوستان ۾ ڄائو، برما پوليس ۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ انگلينڊ جي هڪ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو هڪ بوڪ اسٽال تي به ملازم رهيو ۽ پوءِ اسپين هليو ويو، جتي اسپين جي خانه جنگي ۾ به شريڪ ٿيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگلينڊ جي هوم گارڊ ۾ به رهيو ۽ بي بي سي لاءِ ڪم ڪيائين. مختلف اخبارن جو رپوٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو، ۽ 1948ع ۾ انگلينڊ ۾ مري ويو. هن جي تعليم معمولي هئي ۽ تجربو زياده، جنهنڪري هو هر ميدان ۾ ڪامياب رهيو.
هي ناول سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو، جو چوڏهن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مقبوليت جو سبب هي آهي ته مصنف آمريت ۽ روسي نظامِ حڪومت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. عوام کي هن جانورن جي روپ ۾ ۽ اقتدار جي بکايل ليڊرن کي سوئر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
هي ليڊر عوام کي خوشحالي ۽ پيٽ ڀري چاري کائڻ جا سبز باغ ڏيکاري، انهن کان بغاوت ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪندا آهن، پر حڪومت ۾ سواءِ سوئرن جي ٻئي ڪنهن جانور کي نه کنيو ويندو آهي. جانور ”پنهنجي مالڪ“ جي فلاح ۽ بهبود ۾ مگن ٿي ويندا آهن. آخر هڪ ڏينهن انهن کي خبر پوندي آهي ته پهرين کان به بدتر غلام ٿي ويا آهن، پر ڪجھ ڪري نه سگھندا آهن ڇاڪاڻ ته هاڻ هو حڪمرانن جي انهن زنجيرن ۾ جڪڙجي چڪا هوندا آهن.
شهر کان پري هڪ تمام وسيع فارم هو، جنهن جو مالڪ مسٽر جونز هو. ان فارم ۾ جونز بيشمار جانور رکيا هئا. انهن ۾ ڳئون ۽ مينهون به هيون، جن جو مڻين کير بازار ۾ وڪرو ٿيندو هو. ڪيترائي ڏاند  گھوڙا به هئا، جيڪي هَرن ۽ بگين ۾ جوٽيا ويندا هئا. رڍون ۽ ٻڪريون به هيون، جيڪي ڪاساين کي وِڪيون وينديون هيون. بدڪون ۽ ڪڪڙيون به هيون، جن جا آنا مانڊڻين تي وڪيا ويندا هئا، ۽ انهن جانورن ۾ سوئر به هئا.

سنجيدگيءَ سان ... چپڙا ڊگھا ڪيو - شفيق الرحمان / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



اردو ادب مان
سنجيدگيءَ سان ... چپڙا ڊگھا ڪيو
ليکڪ: شفيق الرحمان
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٻارن جي تربيت:
ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان نرمائيءَ سان پيش اچو.
ٻار سوال پڇن ته جواب ڏيو، پر اهڙيءَ طرح جو ٻيهر سوال نه پڇي سگھن. جيڪڏهن توهان کي ڪَڪ ڪن تي چئونِ، ”جڏهن وڏا ٿيندؤ، تڏهن پاڻهي سمجهي ويندؤ.“ ٻارن کي دلچسپ ڪتاب پڙهڻ نه ڏيو، ڪورس جا ڪتاب ئي کوڙ آهن. ٻارن کي جنن ڀوتن کان ڊيڄاريندا رهو، شايد هو بزرگن (وڏن) جي عزت ڪرڻ لڳن. جيڪڏهن ٻار بيوقوف آهن ته پرواهه نه ڪيو، وڏا ٿي رڍ ٿيندا يا پنهنجو پاڻ کي رڍ سمجھڻ لڳندا. ٻار کي ٻين جي سامهون دڙڪو نه ڏيو، هن جي تحت الشعور تي خراب اثر پوندو. هڪ طرف وٺي وڃي دل کولي خدمت ڪيوس.
جيڪڏهن ٻار ضد ڪن ٿا ته توهان به ضد ڪرڻ شروع ڪيو. هو پاڻ شرمندا ٿيندا.
ڏٺو ويو آهي ته ڪٽنب ۾ ٻه ٽي ٻار هجن، ته اهي لاڏلا ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري هميشه ڏهه ٻارهن ٻار هئڻ گھرجن، جيئن هڪ به لاڏلو بنجي نه سگھي.
اهڙيءَ طرح ٻار سڀني کان ننڍو هئڻ ڪري بگاڙيو ويندو آهي، تنهنڪري آخري ٻار نه هئڻ گھرجي.