سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
روايت اڃا جيئي پئي
ڪارل مارڪس مري ويو آهي. مارڪسمَت
عملي طرح سڪرات جي سورن ۾ آهي، پر هن نظريي جو مَنڊ اڃا به ايڏو ئي جيئاڪ آهي جيڏو
هو. عمل ۾ مارڪسمت پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڏسڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي پر نظريي ۾، ماڻهوءَ
ذات جي سڀ کان وڌيڪ گنڀير تجربن منجهان هڪ ٿي رهندو.
هن جو نراڙ وڏي گنجي قبي جيان آهي
۽ مٿو مائيدار، ڏاڙهي، جيڪا تپيل جبلن تان وهندڙ لاوا (ڳاڙَ) جيان، لهرون ٺاهيندي
۽ هيٺ مٿانهيون ڪندي ڳلن کان هيٺ لهي ٿي. ڪرڙيون اکيون ۽ انهن اکين ۾ شڪتيءَ وارو
هيءُ هڪ مڪمل وس-رکندڙ منهن آهي جيڪو هن گهڙيءَ به دنيا کي گهڻي ئي مصيبت ڏيڻ گهري
ٿو.

