ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ جو سورهيه پٽ شهيد فاضل
سنڌ تي بڇيل بلائن ۽ وبائن مان هڪ اها به آهي ته سنڌ جي ڪونڌر مڙسن جي نالي ۽
ڪردار، سندن اڪابري، ڏاهپ ۽ سندن لوچ ۽ سوچ کي تاريخ جي رڪارڊ مان گم ڪيو وڃي ۽ جي گم ڪري نه سگهجي ته بدنام ڪيو وڃي. رڳو
ويجهڙ وارن ڏيڍ سؤ ورهين جي تاريخ تي ئي نظر وڌي ويندي ته اها ڳالهه پڌري ٿي ايندي
ته سنڌ جي هزارين سورهين جا نالا گم ڪرڻ جا جتن ٿيا آهن. گورن جي ڏاڍ-راڄ جي
ڏاڍاين خلاف وڙهندڙ هزارين سنڌي سورمن سان گڏ روپلو ڪولهي ۽ سندس ساٿي راڻو، وڏو
پاڳارو ۽ سندس پوئلڳ بچو بادشاهه، هوشو شيدي ۽ هيمو ڪالاڻي جهڙا سورما، گورن جي
جانشين ڪارن حڪمرانن جي ڪوشش سان ڄڻڪ گم ڪيل آهن. ڪارا حڪمران اپکنڊ ۽ خاص طور
اڄوڪي ڀارت جا اهڙا اهڙا ڪردار ڳولي سندن ڪارنامن کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن
پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو گورن جي قصيده گوئي ۽ پوئلڳي ۾ به گذاريو پر اهي سنڌي
سورهيه نروار نه ٿا ڪرڻ ڏنا وڃن جن جون سڄيون حياتيون گورن جي ظلمن خلاف وڙهندي
گذريون. جڏهن ته انهن سنڌي سورمن جون حياتيون ڪارن حڪمرانن جي ظلم خلاف ڪجهه ڪري
سگهڻ کان اڳ ئي قربان ٿي ويون. ان جو خاص سبب اهو آهي ته گورن جا جانشين ڪارا
حڪمران گورن وارا ساڳيا ۽ ڪي ته انهن کان به بدتر ڏاڍ جا ڪم ڪندا رهن ٿا، جنهنڪري سنڌي سورهين جا گورن خلاف ڪيل ڪم عملي طور ڪارن
حڪمرانن جي ڪرتوتن خلاف به ساڳيءَ ئي شدت سان سچ جو سنيهو بنجي اڀري اچن ٿا ۽ سنڌي
ماڻهن کي آزاديءَ، آچار، امن ۽ انسان دوستيءَ جو سبق ڏئي ظلم خلاف جنگ تي اڀارن ٿا (۽ اها ئي ڳالهه ڪارن
حڪمرانن کي نه ٿي وڻي). جيتوڻيڪ
ڪارن حڪمرانن خلاف انهن جي ڪا به جنگ نه ٿي پر ڪارن حڪمرانن جي ذهني مرشدن خلاف
جيئن ته اهي وڙهي چڪا ۽ هئا به سنڌي، تنهنڪري ڪارن حڪمرانن به کين وسارڻ ۽ ميسارڻ
جي شعوري ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو ته ڪجهه وطن دوست سنڌي دانشورن ۽ تاريخدانن،
اديبن، شاعرن ۽ پڙهندڙ سياسي ڪارڪنن جي سمجهه ۽ لکيت جو ڪرشمو آهي جو ڪيترائي
سورهيه نالا ۽ ڪردار پنهنجي ڪارنامن سان گڏ اجاگر ٿي آيا ۽ سنڌ جي جُنگ-ڪيڏاري جو
لازمي حصو بنجي ويا آهن.

