1/30/2014

فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون
۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟

ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا اڪيلا اڪيلا هوندا آهن، هڪ اهڙي جواريءَ جيان، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه هارائي چڪو هجي، جيئن ولر کان وڇڙيل ويل، ڀٽڪيل ڪونج. اهڙا ماڻهو پنهنجي اڪيلائپ ۽ پنهنجو پاڻ سان چرين جيان ويٺا ڳالهيون ڪندا آهن. الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ــــــ اڻکٽ، اڻپورين آرزوئن جون، بي مقصد، خيالي پلائن سان ڀريل واريءَ جي محلن جهڙيون ڳالهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن سندن ذهن م ڪا اهڙي به ڳالهه اچي گذري ويندي آهي جيڪا عام طرح ڪو نه سوچي ويندي آهي. هڪ پاڳل پنهنجي اڪيلائپ سان ڳالهيون ڪندي ڪندي اوچتو سوچيو ته هڪ انسان جا ڪيترا روپ آهن؟ انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن ۽ مون ۾ انهن مان ڪيترا روپ موجود آهن؟ ڇا هر هڪ انسان روپي ٿيندو آهي؟ ڇا هر هڪ ماڻهو پنهنجي اصلي مُنهن تي هڪ نقلي مُنهن چاڙهي گهمندو آهي؟ ڇا انسان ائين رهي نه ٿو سگهي جيئن هو حقيقت ۾ آهي؟ ڇا اسين انساني جا سڀ روپ ڏسي سگهون ٿا؟ انسان جو جيڪو ڪجهه ڪردار ڏسون ٿا يا ڄاڻون ٿا، ڇا واقعي اهوئي هن جو حقيقي روپ آهي؟ اسين جو روزانو ڪيترائي ڌوڪا کائيندا رهون ٿا ته ڇا انساني ڪردار جي پرک ۾ ڌوڪو کائي نه ٿا سگهون يا غلط انداز ۾ سوچي نه ٿا سگهون؟ ڇا منهنجا به ڪيترائي روپ آهن، منهنجا ڪهڙا روپ آهن ۽ ڇو آهن...؟

پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون - اقبال جعفر/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



ليکڪ: اقبال جعفر
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون

پاڪستان هڪ گهڻ-قومي سماج آهي، ۽ ساڳيءَ طرح ئي باقي ڏکڻ-ايشيا آهي. اڄ، اهو خيال ڪو نئون يا ڏاڍو رُجائي (Optimistic)  نه ٿو سمجهيو وڃي پر رڳو چاليهه ورهيه اڳ ان کي هتي (پاڪستان ۾) ۽ ڀارت ۾ غداريءَ کان گهٽ نه پئي سمجهيو ويو.
هڪَ ۽ ٻه-قومي نظرين جي وچ ۾ اٿاريل جهيڙي جي ڄَر ۽ دز ۾ اها ڳالهه ڌيان تي نه آندي وئي ته هيءُ اُپکنڊ هڪ اپار ۽ ڳتيل چٽسالي هئي جنهن ۾ هر چِٽ (ذري) کي پنهنجي هڪ چٽي نرواريل سرحد (علائقو)، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي هئي. ڏکڻ ايشيائي سماج جي اهائي وڌيڪ جٽادار حقيقت هئي، جيڪا پاڻ تي ڀاڙڻ (آزاديءَ) کان ترت پوءِ سياسي اڳواڻيءَ پاران ڏيهه ۾ تڏهن متعارف ڪرائي وئي جڏهن اڪيلي قومي ٻوليءَ طور ڀارتي حڪومت هنديءَ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان ڪوشش ڪئي ته اردو مقرر ٿئي.

1/20/2014

ڪتاب ”فلسفو: هڪ مطالعو“ تي نظر - ستار هڪڙو (Sattar Hakro)



”فلسفو: هڪ مطالعو“ تي نظر
 ستار هڪڙو

سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جي موضوع تي تمام گھٽ مواد ملي ٿو ۽ اهڙيءَ اڻاٺ کي محسوس ڪندي اسان جي استادَ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي فلسفي جھڙي خشڪ ۽ نج علمي موضوع تي قلم کنيو ۽ سولي سنڌيءَ ۾ آسان ۽ مدلل لفظن ۾ فلسفو سمجھايو آهي، ته جيئن هر سنڌي پڙهندڙ کي سمجھ ۾ اچي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي ڪتاب ڏنا، جن ۾ ”شعور“، ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ (ترجمو)، ”ڏاهپ جو جنم“ (ترجمو) ۽ ”فلسفو: هڪ مطالعو“ شامل آهن.

1/10/2014

سنڌ ۾ چور-کڏا ۽ خطرا - آءِ اي رحمان / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



آءِ اي رحمان / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
 سنڌ ۾ چور-کڏا ۽ خطرا

چار ڪتابان عرشون لٿيان،
پنجوان لٿيا ڊگها ڊنڊا،
چار ڪتابان ڪجهه نا ڪ
ِيتا،
سڀ ڪجهه ڪيتا ڊگها ڊنڊا.

سرائيڪي/سنڌي لوڪ چوڻي جيڪا ظالم حاڪمن سان گڏ سندن ان رويي کي ظاهر ڪري ٿي جيڪو انهن عوام سان جاري رکيو.
ائين ٿو لڳي ته ڍاري پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هڪ آپريشن (وڍ ڪُٽ/مهم) هلائي وئي آهي، جنهن گهڻن ماڻهن کي ڳنڀير ڀَوَن ۾ ڀڪوڙي ورتو آهي. ان جو سبب هي آهي ته اهو عمل انهيءَ هٿ ٺوڪي احساس تي بيٺل آهي ته سنڌ ۾ بي قانونيءَ شهري حياتيءَ ۽ ناظميا (ايڊمنسٽريشن) جي ڪارڪرت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ بي قانوني (جيئن ڪنهن به وقت ڪنهن به ٻي هنڌ) شهري انتظام هلائيندڙ ادارن (مئنيجمينٽ) پاران اختيارن ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙيءَ جو نتيجو آهي.
سنڌ جي هن ڳريءَ آزمائش جو پهريون سبب قانون-ٽوريندڙ ناهن، انهن ته رڳو گوڙ فساد (انارڪي) واري صورتحال جو فائدو پئي ورتو آهي. گوڙ فساد جي اها صورتحال غلط حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي ۽ ان کي گهريون پاڙون رکندڙ سماجي-معاشي-سياسي روڳ ته ائين وڌيڪ گدلو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو وري به ڏسجي پيو ته اختياريءَ (اٿارٽي) انهن خطرن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي نتيجن کي سبب سمجهي علاج ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن.

1/08/2014

سنڌ جو سورهيه پٽ شهيد فاضل - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ جو سورهيه پٽ شهيد فاضل
سنڌ تي بڇيل بلائن ۽ وبائن مان هڪ اها به آهي ته سنڌ جي ڪونڌر مڙسن جي نالي ۽ ڪردار، سندن اڪابري، ڏاهپ ۽ سندن لوچ ۽ سوچ کي تاريخ جي رڪارڊ مان گم ڪيو وڃي ۽ جي گم ڪري نه سگهجي ته بدنام ڪيو وڃي. رڳو ويجهڙ وارن ڏيڍ سؤ ورهين جي تاريخ تي ئي نظر وڌي ويندي ته اها ڳالهه پڌري ٿي ايندي ته سنڌ جي هزارين سورهين جا نالا گم ڪرڻ جا جتن ٿيا آهن. گورن جي ڏاڍ-راڄ جي ڏاڍاين خلاف وڙهندڙ هزارين سنڌي سورمن سان گڏ روپلو ڪولهي ۽ سندس ساٿي راڻو، وڏو پاڳارو ۽ سندس پوئلڳ بچو بادشاهه، هوشو شيدي ۽ هيمو ڪالاڻي جهڙا سورما، گورن جي جانشين ڪارن حڪمرانن جي ڪوشش سان ڄڻڪ گم ڪيل آهن. ڪارا حڪمران اپکنڊ ۽ خاص طور اڄوڪي ڀارت جا اهڙا اهڙا ڪردار ڳولي سندن ڪارنامن کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو گورن جي قصيده گوئي ۽ پوئلڳي ۾ به گذاريو پر اهي سنڌي سورهيه نروار نه ٿا ڪرڻ ڏنا وڃن جن جون سڄيون حياتيون گورن جي ظلمن خلاف وڙهندي گذريون. جڏهن ته انهن سنڌي سورمن جون حياتيون ڪارن حڪمرانن جي ظلم خلاف ڪجهه ڪري سگهڻ کان اڳ ئي قربان ٿي ويون. ان جو خاص سبب اهو آهي ته گورن جا جانشين ڪارا حڪمران گورن وارا ساڳيا ۽ ڪي ته انهن کان به بدتر ڏاڍ جا ڪم ڪندا رهن ٿا، جنهنڪري سنڌي سورهين جا گورن خلاف ڪيل ڪم عملي طور ڪارن حڪمرانن جي ڪرتوتن خلاف به ساڳيءَ ئي شدت سان سچ جو سنيهو بنجي اڀري اچن ٿا ۽ سنڌي ماڻهن کي آزاديءَ، آچار، امن ۽ انسان دوستيءَ جو سبق ڏئي ظلم خلاف جنگ تي اڀارن ٿا (۽ اها ئي ڳالهه ڪارن حڪمرانن کي نه ٿي وڻي). جيتوڻيڪ ڪارن حڪمرانن خلاف انهن جي ڪا به جنگ نه ٿي پر ڪارن حڪمرانن جي ذهني مرشدن خلاف جيئن ته اهي وڙهي چڪا ۽ هئا به سنڌي، تنهنڪري ڪارن حڪمرانن به کين وسارڻ ۽ ميسارڻ جي شعوري ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو ته ڪجهه وطن دوست سنڌي دانشورن ۽ تاريخدانن، اديبن، شاعرن ۽ پڙهندڙ سياسي ڪارڪنن جي سمجهه ۽ لکيت جو ڪرشمو آهي جو ڪيترائي سورهيه نالا ۽ ڪردار پنهنجي ڪارنامن سان گڏ اجاگر ٿي آيا ۽ سنڌ جي جُنگ-ڪيڏاري جو لازمي حصو بنجي ويا آهن.

1/06/2014

ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ جي لوڪ ادب ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آکاڻيون ملن ٿيون جن ۾ ڄاڻايل هوندو آهي ته علم ۽ عمل (هنر) ورثي ۾ منتقل ٿيندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ ڪنهن علم واري اڪابر جهڙوڪ بادشاهه جي وزير جو، خاص طرح پُٽ، ڪنهن بُهري ۾ رکي ڄٽ دائيءَ وسيلي پالڻ جو ذڪر ڪندي، ان کي اُتان ڀَڄرائي، پوءِ ڪا نه ڪا اهڙي ڳجهارت سَليندي ڏيکاريو ويندو آهي جيڪا بادشاهه به سنئين ڪري نه سگهيو هجي.

سوويت يونين کان پوءِ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سوويت يونين کان پوءِ دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟
          ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته سوويت يونين کي سامراجي قوتن، سرمائيدار ڏيهَن ۽ انهن جي ڀولڙين ۽ رجعت پرستن پاران لوهي ڀت وارو قيدخانو سڏيو ويندو هو ۽ سندن نظر ۾ اتي جي ڪا به ڳالهه سٺي نه هئي.

12/22/2013

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي - مشتاق احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ليکڪ: مشتاق احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي

جڏهن روم ناس ٿيندو ته ڌرتي به تباهه ٿي ويندي، رومين پنهنجيءَ سلطنت، جنهن دنيا کي پنهنجي سدائين ويڪري ٿيندڙ ڀاڪر ۾ ڀري پئي ورتو، جِي اجيتيءَ بابت ائين پئي محسوس ڪيو. روسين يا ٺيڪ ٺيڪ چئجي ته سوويتن اها اميد پئي رکي ته دنيا کي پنهنجي وڌندڙ ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا، اهو سوچڻ کان سواءِ ئي ته روس پنهنجي سر پاڻ ئي پنهنجي نظرياتي ويرين جي جلهه آڏو جُهڪي (جُهري) پوندو. بهرحال، سوويت يونين وڏو ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو، ايڏو ٻلوانُ جو پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاهي آيل نازي بدمعاشن کي تڙي ڦٽو ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائيندي، حقيقت ۾ دنيا کي بچائي وٺي.

روايت اڃا جيئي پئي - سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

روايت اڃا جيئي پئي
         
ڪارل مارڪس مري ويو آهي. مارڪسمَت عملي طرح سڪرات جي سورن ۾ آهي، پر هن نظريي جو مَنڊ اڃا به ايڏو ئي جيئاڪ آهي جيڏو هو. عمل ۾ مارڪسمت پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڏسڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي پر نظريي ۾، ماڻهوءَ ذات جي سڀ کان وڌيڪ گنڀير تجربن منجهان هڪ ٿي رهندو.
هن جو نراڙ وڏي گنجي قبي جيان آهي ۽ مٿو مائيدار، ڏاڙهي، جيڪا تپيل جبلن تان وهندڙ لاوا (ڳاڙَ) جيان، لهرون ٺاهيندي ۽ هيٺ مٿانهيون ڪندي ڳلن کان هيٺ لهي ٿي. ڪرڙيون اکيون ۽ انهن اکين ۾ شڪتيءَ وارو هيءُ هڪ مڪمل وس-رکندڙ منهن آهي جيڪو هن گهڙيءَ به دنيا کي گهڻي ئي مصيبت ڏيڻ گهري ٿو.

12/21/2013

يلتسن لاءِ مسئلو - چارلس قئسٽ اداد / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ليکڪ: چارلس قئسٽ اداد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مهانگائي ـــ يلتسن لاءِ مسئلو

يلتسن انتظاميا پاران نئين سال جي ابتدا ۾ شين جي مُلهه کي جائيتو رکڻ وارو قبضو هٽائڻ جي ڪري هڪ وڳوڙي لقاءِ پيدا ٿي ويو. اگهن ۾ واڌ جي ٽين ڏينهن تي ئي سينٽ پيٽرسبرگ جي گهٽين ۾ رولو ڪتن ۽ ٻلين جي ڳڻپ تيزيءَ سان وڌي وئي. مهانگائيءَ سبب تنگي ۾ ورتل ٻلونگڙا-پاليندڙ، جيڪي مهانگي جانوراڻي کاڌي جي خريداريءَ جو بار سهي نه پيا سگهن، گذريل سال جي اپريل ۾ ئي پنهنجا ٻلونگڙا تڏهن اڇلائي ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيا، جڏهن پريميئر والينٽن پاولوف پاران بنيادي گهرجون پوريون ڪندڙ شين جي اگهن ۾ 200، 300 سيڪڙو واڌ ڪئي ٿي وئي.