سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي
ڪراچي ــــــ ”روشنين جو شهر“ ــــــ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سدائين نرالي سياسي واٽ تي هلندو رهيو
آهي. ملڪي گادي هجڻ جي مرتبي کان محروم
ٿي وڃڻ جي باوجود ان پنهنجو رتبو واپاري ۽ صعنتي مرڪز جي حيثيت ۾ برقرار رکيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي ڳڻپ ۾ هتي پهچن ٿا،
جيئن اهي روزگار هٿ ڪري سگهن، جن لاءِ سنڌي مناسب لياقت رکندڙ نه هئا. ڀارت ڇڏيندڙ
لاڏائن جو هڪ وڏو انگ، جن کي عام طرح ”مهاجر“ ڄاتو وڃي ٿو، اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ وسي چڪا هئا. نتيجي ۾، سنڌين پنهنجو پاڻ کي خود پنهنجي ئي صوبي جي مَها شهر ۾
اقليت ۾ بدليل پاتو. جڏهن اهي
پنهنجي اڪثريت حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ وڃائي ويٺا، تڏهن انتهائي قومپرستَ (الٽرا نيشنلسٽ) صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ اڇالڻ لائق ٿي
سگهيا.








