2/08/2015

وهمَ وِسار - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

وهمَ وِسار¨
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
سنڌي، انگريزي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ لڳ ڀڳ هر اخبار ۽ رسالو، ٻيو نه ته به هر هفتي، مختلف عنوانن جي سري هيٺ اهڙو مواد ڇاپيندو رهي ٿو جيڪو وهمن جي پچار ڪندڙ هوندو آهي.
وهم هڪ اهڙو ڀروسو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ، جهالت، بي حقيقيءَ ۽ انڌ تي بيٺل ٿئي ٿو. اهو ماڻهوءَ کي سَونسائي ۽ ڪٽر ٺاهي ٿو. ڪٽر جن اکين ۾، سي پرين ڪيئن پسي سگهنديون، ۽ جي اهو ڪٽرپڻو اندر ۾ هجي، ذهن ۾ هجي ته پوءِ....؟
وهمين جو اهو ڪٽرپڻو ئي آهي جيڪو کانئن اهڙيون فتوائون به جاري ڪرائي ٿو جيڪي هر ان ماڻهوءَ کي واجب القتل قرار ڏيو ڇڏن جيڪو وهمن کي نه ٿو مڃي ۽ انهن خلاف سائنسي، عقلي، علمي، منطقي ۽ اصولي دليل آڻي ٿو.
دليل پهرين نشاني آهي سائنس، حق، سچ ۽ روشن دماغيءَ جي، ۽ اهو دليل ئي آهي جنهن هزارين-روپي مخالفتن باوجود جهالت وسيلي ڌُنڌايل، دٻايل ۽ ڌڪاريل سچائيءَ کي نکاري نروار ڪيو ۽ ان کي اها مڃتا ڏياري جو اڄ سائنسي حقيقتن کان منهن موڙڻ ممڪن نه رهيو آهي.

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
ڳجهه بابت ”ڳجهي“ رپورٽ ”سائنسي دوزخ“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ ا ر) جي هڪ جاسوس ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فتنا ۽ سازشون اُپائي، اڀاري، پالي تاتي، وڌائي ۽ پکيڙي گ ا ر جي سامراجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سرڪاري تنظيم ”سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي“ (سِي آءِ اي)، جنهن جون مصروفيتون ۽ ترجيحون سوويت يونين جي ٽُٽي پوڻ کان پوءِ ڪي قدر بدلجي ويون آهن، پنهنجيءَ هڪ تازي ”کوجنا“ ۾، ذهن کي وائڙو ڪندڙ ”خبر“ ڳولي آئي آهي. هفتيوار ”ورلڊ نيوز“ ۾ شيع ٿيل رپورٽ موجب:
1.       سي اءِ اي جِي ڳجهي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته زمين تي وقت بوقت رهاڪو نظر ايندڙ خلائي مخلوق حقيقت ۾ دوزخ جا رهاڪو جن ۽ ڀوت آهن، جيڪي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ کي فيصلي ڪُن شڪست ڏيڻ لاءِ شيطان جي مدد ڪرڻ واسطي آيا آهن.
2.      اُڏند-کٽوليون (يا اُڏامڪ ٿالهيون) انهن کي دوزخ کان زمين تي پهچائڻ جو فرض سرانجام ڏينديون آهن ته جيئن اهي بدروح زمين تي نيڪيءَ کي روڪين ۽ برائيءَ کي پکيڙين.
3.      سي آءِ اي جِي ”ڊگھي“ ۽ ”اَڻٿڪ“ تحقيق وسيلي اهو به ثابت ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 200 قتل جي حادثن ۾ پڻ انهن جو هٿ آهي. (ڏسو ”عوامي آواز“، 11 مارچ 1997ع)

1/29/2015

سنڌ جو سقراط - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سنڌ جو سقراط
جامي چانڊيو
دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو ان جي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِءُ جهان ڇڏي ويا پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف-م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ 37 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ 35 سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟  خود لطيف سائين جي ڄمار 63 سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط 45 سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيا!

3/12/2014

”مددگار“ جٿو ــــــ سي.آءِ.اَي - حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

”مددگار“ جٿو ــــــ سي.آءِ.اَي

سي آءِ اي ــــــ ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (ڏوهه جاچ اَيجنسي ــــــ ڏ.ج) پنجاهي ڏهاڪي جي ابتدائي ورهين ۾ انهن منجهل ڪيسن کي جاچ هيٺ آڻڻ جي نيت سان ٺاهي وئي، جن کي پوليس حل نه ڪري سگهي هجي. ان جو مهندار هڪ پوليس سپريڊنٽ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سندس مدد لاءِ ٻيا اهي ماڻهو رکيا ويا جن کي پوليس نوڪري ڪندي ڏوهن جي جاچ ڪرڻ جو چڱو تجربو هو.

3/11/2014

اوپرا همبستر - مزدڪ/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



مزدڪ/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اوپرا همبستر

گذريل ڪجهه هفتن کان هر ٻيو ڏينهن اسان لاءِ خوش خبرون کنيو پيو اچي ته اڃا به هڪ ٻيو م.ق.م (مهاجر قومي موومينٽ) جو اڳواڻ مٿي (ٻاهر) نڪري آيو، بلڪل ايئن ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ هيٺ ڪنهن هيجان جي ڪري ڇيڪ ڇڏيل سينور جا چاڻا اٻڙڪا ڏئي مٿاڇري تي ايندا هجن.
۽ تازو ئي سينيٽر اشتياق اظهر پاران اسان کي سُڌ ڏني وئي آهي ته الطاف حسين م.ق.م جو ڌرمي پيءُ، هتان ترت ئي پنهنجيءَ پاڻ-مڙهي رٽائرمينٽ ڇڏي (ميدان تي) نڪري اچي ۽ جلد ئي وري پنهنجيءَ سياسي سرگرميءَ ۾ رُجهي وڃي. اهو ڄاڻندي ته م.ق.م وٽ سرگرم سياست جو مطلب ڇا آهي، جيڪي ماڻهو شهري سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻا ڏيکارجندڙ نظاري کان ٺيڪ نموني موهيل  ناهن.

سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ - پروفيسر ڊاڪٽر صاحب خان چنو/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



پروفيسر ڊاڪٽر صاحب خان چنو/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ
(بالادست سامراج جو هڪ صديءَ تي پکڙيل داستان)

هيءُ مضمون پڙهڻ کان پوءِ
سمجھ ۾ اچي ٿو ته: بنگال کي بيدرديءَ سان ڦرڻ، مارڻ ۽ اڌ ڪُٺو ۽ تباهه ٿيل حالت ۾ ڦٽي ڪرڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو ــــــ ”عظيم پنجاب“ منصوبي جي ور چڙهي ويل مفت جو مال!
سوال ٿو اٿي ته: ”عظيم پنجاب“ جي هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ۽ هٿ ونڊائيندڙ سنڌي سياستدانن کي اٻوجھ سڏجي، احمق سڏجي يا پنجاب ۽ انگريز جو باشعور ڇاڙتو؟
سوچڻ گھرجي ته: ڪشمير لاءِ ”ويڙهه“ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
۽ جيڪڏهن ڪي... هي مضمون پڙهڻ کان پوءِ به عظيم پنجاب جي خدمت گذاري ڪندا رهن، ته انهن کي ڇا سڏجي؟
-        سنڌيڪار
1843ع ۾ سنڌ کي جيتيو ۽ برطانوي انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو. سنڌونديءَ تي قبضو ڪري علائقي ۾ روسي اثر خلاف هڪ بچاءُ بند قائم ڪرڻ ۽ موٽ ڏئي سگھڻ لاءِ سامراج جو برج (Bastion) ٺاهڻ ئي برطانوي پاليسي جي عمل جو ڪارڻ هو. ترت ئي، پنجاب، جيڪو افغانستان منجھان روسي دڙڪي دهمان خلاف ڏينهون ڏينهن بهتر پرزو پئي ڏٺو، نيٺ جيتيو ويو ۽ 1849ع ۾ انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو.

3/10/2014

ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro(



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف
(اقبال جعفر جي مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ جي ڇنڊڇاڻ)

اقبال جعفر صاحب جو هڪ مضمون پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ (Roots of Ethnicity in Pakistan) ترجمو ٿي  ڪالهوڪي اخبار (”جاڳو“) ۾ ڇپيو آهي. مون سنڌ سان واسطيدار جيڪي ويهارو کن مضمون هن سال ترجمو ڪيا آهن، انهن لاءِ ٻين سجاڳ ساٿين جيان منهنجي به اها ئي نيت پئي رهي آهي ته جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ نه ٿا پڙهي سگهن ۽ انگريزيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت ۾ نيڪ نيتيءَ سان جيڪو ڪجهه لکجي پيو، ان کان واقف ٿي سگهن. ڪيترن ئي مضمونن جي سڄي مواد يا ڪجهه ڳالهين سان مڪمل طرح يا ڪجهه قدر اختلاف يا اتفاق رکڻ باوجود مون پنهنجي وس آهر انهن مضمونن جو ترجمو پوري ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. اها ئي ڳالهه پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون سان به لاڳو آهي، پر هن مضمون ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيءَ ته سمجهداريءَ سان آنديون ۽ بيان ڪيون ويون آهن جو انهن کي جيستائين هر طرفي ڇنڊڇاڻ هيٺ نه ٿو آندو وڃي، تيستائين سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري هن مضمون ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ساٿين آڏو رکان ٿو جيڪي مون کي ويچار لائق محسوس ٿيون. (اها به سڌ اٿم ته هن قسم جي مضمونن جي جواب ۾ ۽ وطن دوست عوامي موقف جي حمايت ۾ ڪي دانشور جيڪڏهن سڌو انگريزيءَ ۾ لکي سگهن ٿا، ته ضرور لکن ۽ اهو ڪم پنهنجن پهرين فرضن ۾ شامل رکن.)

سنڌ ۾ للڪار - سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ للڪار

پاڪستان اڄ ڪلهه هڪ انتهائي نازڪ دَور مان لنگھي رهيو آهي. سنڌ هڪ آڙاهه ۾ اچي وئي آهي. وڏي پيماني تي بنا روڪ لاقانونيت جي ڇهن سالن کان پوءِ حڪومت قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) قائم ڪرڻ لاءِ فوج کي سڏ ڪرڻ تي لاچار ٿي پئي آهي.
گذريل هڪ سال ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ڀُنگ لاءِ اغوا جا ٽن هزارن کان وڌيڪ واقعا ٿي چڪا آهن. ڪيترائي سَوَ ماڻهو قتل يا دائمي جڏا ڪيا ويا آهن. ماڻهن جي ڪوس لاءِ نجي فوجون ٺاهي انهن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. انتظاميا ارڌانگي (نستي) ٿي چڪي هئي ۽ اها گھڻي قدر رڳو طاقتور ناجائز مفادن جي هڪ اوزار طور ڪم اچي رهي هئي. قومي نُڪتي نگاهه کان اها هڪ ڏاڍي ڳنڀير صورتحال هئي ۽ ترت ڌيان لهڻي پئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اميد رکي پئي وڃي ته اهي پنهنجن تڪڙن سياسي مفادن کان مٿانهيون ٿينديون ۽ هن للڪار کي حقيقي قومي روح سان منهن ڏينديون.

3/07/2014

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي - سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي

ڪراچي ــــــ روشنين جو شهر“ ــــــ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سدائين نرالي سياسي واٽ تي هلندو رهيو آهي. ملڪي گادي هجڻ جي مرتبي کان محروم ٿي وڃڻ جي باوجود ان پنهنجو رتبو واپاري ۽ صعنتي مرڪز جي حيثيت ۾ برقرار رکيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي ڳڻپ ۾ هتي پهچن ٿا، جيئن اهي روزگار هٿ ڪري سگهن، جن لاءِ سنڌي مناسب لياقت رکندڙ نه هئا. ڀارت ڇڏيندڙ لاڏائن جو هڪ وڏو انگ، جن کي عام طرح مهاجر ڄاتو وڃي ٿو، اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ وسي چڪا هئا. نتيجي ۾، سنڌين پنهنجو پاڻ کي خود پنهنجي ئي صوبي جي مَها شهر ۾ اقليت ۾ بدليل پاتو. جڏهن اهي پنهنجي اڪثريت حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ وڃائي ويٺا، تڏهن انتهائي قومپرستَ (الٽرا نيشنلسٽ) صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ اڇالڻ لائق ٿي سگهيا.

3/05/2014

رِڍن جي ماٺ - شفقت اي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



رِڍن جي ماٺ
شفقت اي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪراچيءَ ۾ ويڙهه جا پڙلاءَ وري پيا ٻڌجن. لشڪري آپريشن بابت کُٽڪا خوشيءَ جي هشڪارن ۽ تاڙن ۾ بدلجي ويا آهن. سياستدانن ۽، ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته، عام لوڪ به پنهنجي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پر اها اميد رکندي ته آپريشن سندن حامين بدران گلاخورن کي کائي ويندو. پِي ڊِي اي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس = عوامي جمهوري اتحاد)، جيڪو سول (غير فوجي شهرين جي) سرواڻيءَ ۾ ڪجهه ايمان رکڻ جو آخري ڀنڊار آهي، پڻ هن آزمائش کي هلڻ ڏنو آهي.