6/25/2016

سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (ڪتاب، حصو ٻيو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سنڌ
حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
(سياسي مضمونَ)

(حصو ٻيو)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد

صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
1-         ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو.“ (قومي اخبار، 10مئي 1994ع)
2-         ”مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي چاهن ٿا.“       (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)
3-         ”نئين صوبي جو قيام ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.“ الطاف حسين (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
4-         ”الڳ صوبي جو مطالبو غير آئيني ناهي.“ الطاف حسين (امن، 12 آڪٽوبر 1994)
5-         ”جدا صوبي جو مطالبو اسان جي مجبوري هوندو.“ الطاف حسين (امن، 15 آڪٽوبر 1994ع)
6-         ”18 نڪتا مڃيو ته ڌار صوبي جو مطالبو نه ٿيندو.“ الطاف حسين
(قومي اخبار- 30 آڪٽوبر 1994ع)
7-         ”نئين صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا“. الطاف حسين (امن، 30 آڪٽوبر 1994ع)
8-         ”نئون صوبو ضروري ٿي پيو آهي“ الطاف حسين (امن، 6 نومبر 1994ع)
9-         ”موجوده سرحد برقرار نه رهي سگھندي، هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي.“ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ڌار صوبي جي تشڪيل جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي پر هاڻي مفاهمت ٻن الڳ صوبن جي تشڪيل جي موضوع تي ئي ٿي سگھي ٿي. (عوام، 19 نومبر 1994ع)
اهي بيان پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ صوبائي حلف نامي ۾ ڇو ۽ ڪهڙي ترميم ۽ وڌاءُ ٿيڻ گھرجي، اچو ته سوچيون.

سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (ڪتاب, حصو ٽيون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سنڌ
حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
(سياسي مضمونَ)

(حصو ٽيون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن
سنجيده رويي جي گھرج

سنڌ دشمن دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
وري جڏهن پاڻ کي ’سنڌ دوست‘ سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي راڄڌاني قائم ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا اهي ڪنهن حقيقي بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ آهي؟
مٿي ڏنل ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.

6/23/2016

سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو
(ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ جو پيش لفظ)
جامي چانڊيو

ڪمزور، پس مانده ۽ سياسي طور غلام معاشرن جو هڪ امليو اهو به هوندو آهي ته اهي پنهنجن املهه ماڻڪ موتين جي وٿ ۽ ورثي کي هڪ دَور تائين گهربل سطح تي نه رڳو سمجھي نه سگهندا آهن پر نتيجي ۾ سندن گھربل قدر به نه ٿي سگهندو آهي. اهو الميو رڳو اسان جو نه آهي پر دنيا جي سمورين قومن سان اهڙين حالتن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي سدا ملوڪ سياسي، ادبي ۽ فڪري استاد ۽ ڏاهو ماڻهو هو، جنهن کي بنهه ٿورڙا ماڻهو سندس اصل حيثيت ۽ اهميت جي حوالي سان سڃاڻن ٿا. هن جي سڄي ڄمار پڙهندي، لکندي، عوام ۽ سياسي ڪارڪنن توڙي اديبن ۽ شاعرن کي ليڪچر ڏيندي، سنڌ ۽ سڄي سنسار لاءِ سوچيندي، لوچيندي ۽ علمي ۽ فڪري پورهيو ڪندي گذري.
جوڳيئڙا جَهان ۾، نوري ۽ نارِي،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري. (لطيف)

6/21/2016

جيڪو سچ چوي (حصو پهريون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

... جيڪو سچ چوي![1]
(حصو پهريون)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي
حيدرآباد، سنڌ
1988ع

  
ڇاپو: پهريون
سال: فيبروري 1988ع
تعداد: هڪ هزار

قيمت: پنجويهه رپيا
 انٽرنيٽ ڇاپو: 2016ع

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
هي ڪتاب سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي پاران، سردار پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.





ڪوئي آهي، ڪوئي آهي! جيڪو سچ چوي؟

ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائڻ تان،
جيڪو گھونگھٽ لاهي،
ڪوئي آهي!

سانگ سياست جا سمجھي،
جو ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
ڪوئي آهي!

اونداهيءَ سان جيڪو اُلجھي،
چانڊوڪيءَ کي چاهي،
ڪوئي آهي!

سنڌڙي، مون کي سڏ ته ڏي،
تون چُپ ڇو آهين، ڇاهي!
ڪوئي آهي!

ڪوئي آهي، ڪوئي آهي! جيڪو سچ چوي؟
(شيخ اياز)




انتساب[2]
  
ارپيوسين،
سنڌ جي سورهيه شهيد،
شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ کي،
جنهن کي ڪوڙ ۽ ٻهروپ، مڪر ۽ منافقيءَ،
غداريءَ ۽ وطن فروشيءَ لاءِ،
سخت نفرت هئي؛
جنهن پنهنجي زندگي انهن سان وڙهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
جنهن کان ڪوڙ ۽ ٻهروپ، مڪر ۽ منافقي،
غداري ۽ وطن فروشي ايترو ته ڊنل ۽ هراسيل هيون،
جو سازش ڪري کيس شهيد ڪرائڻ کان پوءِ به،
سندن کانئس ڊپ نه لٿو،
۽ رڳو سندس رسمي تعزيت ڪرڻ کي به،
حرام ۽ ڪبيرو گناهه بنائي ڇڏيائون.
لطيف ۽ سڄڻ



فهرست
  
مهڙ                    مصنف
باب پهريون:          وڏيرن جا ڪارناما
باب ٻيو:              ڪوڙو ڪير؟
باب ٽيون:             ڇا جِي ايم سيد صاحب موقعي پرست ناهي؟
باب چوٿون:          سنڌ دشمنن جو ڇاڙتو ڪير؟
باب پنجون:           جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولو پنهنجي پاس ڪيل ٺهراءَ جي
عزت رکي
باب ڇهون:            دشمن پنجاب جو عوام، شاهوڪار نه!
عام مظلوم پنجابي، سامراجي ذهنيت رکندڙ پنجابي نه!
باب ستون:            سنڌي عوام ”پنجاب جو ايجنٽ“!؟
باب اٺون:             جِي ايم سيد ۽ ”سنڌو ديش“ جا اڳواڻ ڪير؟
باب نائون:            رجعت پرستو! عوام دشمنو!
ڪاڏي وئي خالص سنڌ جي سياست
باب ڏهون:            آريسر جي اڏام
باب يارهون:          ڊسڪو ڪامريڊ ارباب کهاوڙ
باب ٻارهون:          دنيا جي هڪڙي نرالي قوم
باب تيرهون:          سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟
باب چوڏهون:         ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو.






مهڙ

محترم جِي ايم سيد سامراج جي ڇاڙتي، فوج جي يار ۽ رجعت پرست ”پاڪستان قومي اتحاد“ جي غير مشروط حمايت ڪئي. سنڌي قوم خاموشيءَ سان ڏسندي رهجي وئي. هن ڀُٽي کي مارائي ”اشراف“ ۽ ”ايماندار“ فوج کي اقتدار ڊگهو ڪرڻ جا ڏس ڏنا. سنڌي ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيئي تڪيندا رهيا. هن سنڌي-دشمن مافيا کي ڳراٽڙيون پاتيون ۽ سنڌي ماڻهن جي اتحاد جي سرٽوڙ مخالفت جاري رکي. سنڌين ڪجهه به نه ڪڇيو. هن سنڌي عوام کي، سنڌي مزدور کي ۽ هاري عوام کي، سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي، پٽڪن ۽ اجرڪن کي پنجاب جو ايجنٽ سڏڻ شروع ڪيو تڏهن ماٺ رهڻ مشرڪيءَ جهڙو ڏوهه بنجي ويو آهي.

جيڪو سچ چوي (حصو ٻيو) ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

(حصو ٻيو)


باب ڇهون
دشمن؟ پنجاب جو عوام، شاهوڪار نه!
”عام مظلوم پنجابي“،
سامراجي ذهنيت رکندڙ پنجابي نه!

جِي ايم سيد صاحب گذريل ٻن سالن ۾ ايترا ته متضاد بيان جاري پئي ڪيا آهن جو سندس ڪارڪن ۽ پوئلڳ به منجهي ۽ ڦاسي پيا آهن ته ڪهڙن فرمانن جي حمايت ڪجي ۽ ڪهڙن جي نه ڪجي. هڪ بيان جي حمايت ٿا ڪن ته ٻي ۾ اڙجي وڃن ٿا ۽ ٻي کي ٺيڪ مڃن ٿا ته ٽين ۾ ٻه ٽنگا ڦاٿا پيا آهن.
جِي ايم سيد صاحب چوي ٿو:
”پنجاب جي عوام کي زمين نوڪريون ۽ ڪارخانا کپن جيڪي سنڌ مان ملندا. ان ڪري پنجاب جو عوام اسان جو دشمن آهي. پنجاب جي عوام کان اسان کي پنجاب جو شاهوڪار خاص ويجهو آهي ـــــــ پ پ وارن جي پويان پنجاب جو عوام آهي جڏهن ته ضياءَ، ملٽري يا مسلم ليگ (جوڻيجو) وارا، جن جي هينئر حڪومت آهي، انهن سان پنجاب جو خاص طبقو (يعني جاگيردار، سرمائيدار طبقو. -ليکڪ) شامل آهي، ان ڪري ضياءَ ۽ مسلم ليگ وارا اسان لاءِ گهٽ نقصانڪار آهن بنسبت پنجاب جي عوام جي.”
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”برسات“، 15-21 جون 1987ع، ص-9)
جِي ايم سيد جي ”امن]اخبار[ واري بيان ۽ هن بيان ۾ وڌ ۾ وڌ ستن ڏينهن جو فرق هوندو. هن بيان ۾ پنجاب جي عوام کي دشمن ۽ وڌيڪ نقصانڪار سڏيو اٿائين، جڏهن ته هن بيان کان لڳ ڀڳ ست ڏينهن پوءِ واري بيان ۾ ”عام مظلوم پنجابي عوام“ جو فرق ڪرڻ ۽ ”عام پنجابي خلاف نه هجڻ“ جي ڳالهه ڪئي اٿائين. اهو فرق رڳو ان ڪري آيو آهي جو ڊاڪٽر مسعود طارق جي اڳواڻيءَ هيٺ جِي ايم سيد سان ويهن ماڻهن جو ٽولو مليو ۽ سندس حاضري ڀريائين. دشمن ۽ دوست جي وچ ۾ اهڙين ابتين سبتين ۽ وچڙندڙ ۽ ڦرندڙ ڳالهين سبب جيڪڏهن ماڻهو جِي ايم سيد صاحب کي پرمتڙيو ۽ لئه جو بکيو سمجهن ٿا، ته ڪيئن غلط چئجن؟ پنجابي مليا ته هڪدم پنهنجي ”دشمن“ کي ڦيرائي مظلوم ڪيائين ۽ پناهگيرن سندس ٿوري ذاتي چاپلوسي ڪئي ته ”جيڪو ٿيو سو ٿيو“ چئي، سندن هر ظلم ۽ ڦر جو حق حساب ميساري ڇڏيائين!

جيڪو سچ چوي (حصو ٽيون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

(حصو ٽيون)

باب يارهون
ڊسڪو ڪامريڊ ارباب کهاوڙ

ارباب کهاوڙ ۽ سندس ٽولي مس مس، پهريون ڀيرو اها همت ڪئي آهي ته پنهنجي نالي سان ڪو ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪن. ”عوامي جمهوري انقلاب“ (ليکڪ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ) ۽ ”سنڌي اتحاد، ٿر ڪانفرنس، مٺيءَ وارو واقعو ۽ وطن دوست انقلابي پارٽيءَ جو نڪتهء نظر“ (اسان سهولت خاطر ”واپ نڪتهء نظر“ لکنداسون) نالي ٻه چوپڙيون ميدان تي آيون آهن. اڳي ا-س ناصر جي نالي سان ارباب کهاوڙ  ٻه ٽي مضمون لکيا آهن ۽ ’سرواڻ‘ رسالو واپ جو ترجمان ٿي نڪرندو رهيو آهي.
”واپ نڪتهء نظر“ جي ابتدا کان انتها هميشه جيان، عادت موجب پليجي صاحب کي گارين ڏيڻ ۽ ان تي الزام تراشي سان ڪئي وئي آهي.
اسان جو خيال هي آهي ته الزام تراشي اهي ماڻهو ڪندا آهن جن وٽ عملي فضيلت جي اڻهوند، ذهنيت گندي، عمل جي کوٽ ۽ پنهنجو سياسي هَٽ چمڪائڻ لاءِ ٻين کي گاريون ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. خسيس ’قومي عوامي جمهوري انقلاب‘ جو نڪتهء نظر ڏاڍو خسيس ۽ بي عملي وارو آهي ته پوءِ ”واپ جي ’مهاڄائو‘ صدين تي نگاهه رکندڙ ۽ انقلابي“ اڳواڻ جو نڪتهء نظر يعني ”عوامي جمهوري انقلاب“ ته ويتر نيچ، خسيس ۽ ڄٽاڻو ٿي پوي ٿو. ارباب کهاوڙ پنهنجي ”عوامي جمهوري انقلاب“ واري سڄي پٽاڻ باقي ڇو ڪئي آهي؟ ان ڪتاب ۾ ارباب کهاوڙَ ص-47 تي، ٿلهن اکرن ۾ لکرايو آهي:
             اسان جو انقلاب
           عوامي جمهوري انقلاب
اسين چئون ٿا ’قومي عوامي جمهوري انقلاب‘ ۽ واپ وارا لکن ٿا ’عوامي جمهوري انقلاب‘، فرق ڪهڙو آهي؟

5/06/2015

عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ

مختصر تعارف
روزاني ’سنڌ]حيدرآباد[ جي 4 اپريل ]1996ع[ واري اشاعت ۾، رسول بخش پليجي جي پوئلڳ ۽ مخصوص ذهنيت جي حاصل نمائنده دانشور صديق ڀرڳڙيءَ جو مضمون بعنوان ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا“ شايع ٿيو آهي. ان مضمون ۾ هن پنهنجي مڪمل عقل آهر محبت ٻرڙي جي هڪ مضمون ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو(’سنڌ‘، 26 مارچ 1996ع) جو تنقيدي تجزيو ڪيو آهي. انهيءَ تنقيدي تجزيي ۾، پليجي گروپ بابت، محبت ٻرڙي پاران اٿاريل ڪن نظرياتي، سياسي، تنظيمي، اخلاقي ۽ عملي سوالن مان ڪنهن رڳو هڪ سوال جو به جواب نه ڏنو ۽ حسب عادت يخي ۽ لٻاڙ تي گذارو ڪندي، ڏاڍو وڏو قسم ڏئي، بيحد گھٽيا سوال پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب نه ڏيڻ علمي ۽ اخلاقي ڏوهه ٿيندو.

3/21/2015

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي - سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي¨
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اچو ته انهيءَ ڌنڌلي خاڪي تي هڪ نظر وجھون جنهن کي ماڻهو ڦولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ڪائنات جو جيڪو حصو اسين ڄاڻون ٿا، اهو لڳ ڀڳ 1010 روشني سال يا 2028 س م آهي. ماڻهو ڪائنات کان 1026 ڀيرا ننڍو آهي. ڌرتيءَ جي گولي جي وسعت به هن عجب ۾ وجھندڙ ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻ ۾ پتڪڙي آهي، پر ماڻهو رڳو ان ڪري عظيم آهي جو هو انهيءَ کي ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻِي لا انتها ڏانهن ويندڙ رستو ڏِسو، جيڪو شروعاتي ذرڙن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. ننڍي کان ننڍو ڄاتل مفاصلو 10-14 س م آهي. ان جو وڏي مفاصلي کان فرق 1042 ٿيو. اڄوڪي ڄاڻ جون اهي حدون، رستي جا ماپيل ٽڪرا 1042 ، ايڏو وڏو نمبر آهي، جو ان جي قوت جو تصور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

3/15/2015

سج - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro & Riazat Buriro)

سج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو

اسين ڌرتيءَ جي جنهن گولي تي رهون ٿا، اهو بظاهر ڏاڍو وڏو نظر اچي ٿو، ڇو ته ان کي اسين عام نظر ايندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڏسون ٿا، پر ان کي جيڪڏهن سج ۽ سج-نظام جي ڀيٽ ۾ ڏسون ته اهو رڳو هڪ ننڍڙي گولي جيڏو مس ۽ وري سج کي ڄاتل ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسون ته پوءِ سج ڪائنات ۾ ايئن آهي جيئن سمنڊ ڪناري پکڙيل واريءَ ۾ واريءَ جو ذرڙو.
عام طرح اونهاري ۾ رات جو اسان کي اُڀ ۾ جيڪو اڇو­­-پٽو (گَسُ، کير-پٽو، ڪهڪشان، گئليڪسي) نظر ايندو آهي، اهو حقيقت ۾ 1000000 لک (يعني 100,000,000,000) تارن کان به وڌيڪ تارن جو ميڙو آهي. انهن تارن مان هڪ اسان جو سج آهي. جيئن سج کي پنهنجي چوڌاري ڦرندڙ گرهن ۽ اُپگرهن جو ميڙ آهي تيئن ان گئس ۾ ڏيکارجندڙ لکين ستارن کي به پنهنجو پنهنجو مخصوص ميڙو آهي. ڪائنات اڻکٽ (لامحدود) آهي پر ان جي جنهن ٽڪري بابت اسين ڪجھ سُڌ ٻُـڌ رکون ٿا، ان ۾ اسان جي گس، کير-پٽي (مِلڪِي-وي) جھڙا ننڍا يا وڏا لکين گس آهن.

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

انساني سماج جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن نه رهيو آهي، پر اهو لاڳيتو اُسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي ۽ نه رڳو اسرندو ۽ بدلبو رهيو آهي پر وڌندو به رهيو آهي. سندس اها واڌ هڪ پاسائين ڪڏهن به نه رهي آهي، پر گھڻ پاسائين رهي آهي ـــــــ علم ۽ ادب ۾ واڌ، تحقيق ۽ کوجنا ۾ واڌ، هنرمنديءَ ۽ صلاحيتن ۾ واڌ، پيداواري طريقن ۽ عملن ۾ واڌ، سماجي رشتن ناتن ۾ واڌ، ڏيٺ وائٺ ۽ پرک ۾ واڌ، پيداواري وسيلن ۽ اوزارن ۾ واڌ، سلڇڻائيءَ ۽ سيبتائيءَ ۾ واڌ، سچ ۽ حق ڳولي هٿ ڪرڻ جي راهه ۾ واڌ، وغيره. اها واڌِ هيٺين سطح کان مٿين سطح ڏانهن، ٿوري کان گھڻي ڏانهن، سادي کان اُچي ڏانهن، اڻ ڳُتيل کان ڳتيل ڏانهن هڪ لاڳيتي سنهي سوڙهي کان ٿلهي ويڪري ونگوڙي (ويڙَهه يا ڇَلي) جيان ٿي آهي.