1/25/2013

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو - علي آڪاش



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو
علي آڪاش
ڊاڪٽر محبت تي لکڻ وقت اهو ئي خيال آهي ته ساڻس انصاف نه ڪري سگھندس. هو جنهن مرتبي جو ماڻهو آهي، ان تي ويچار ۽ رايا قائم ڪرڻ به عالمن، اڪابرن، سمجُھن ۽ پارکن جو ڪم آهي. آءٌ فقط ساڻس محبت ۾ ٻه ٻول ٻولڻ چاهيان ٿو ائين جيئن ڪُمهلي پونم رات ۾ ڪوئل ڪنهن گھاٽي وڻ ۾ ٻولي، اڏري ويندي آهي.
ڊاڪٽر محبت لاءِ لکڻ جي ڪٿان شروعات ڪجي ۽ ڪيئن لکجي، سچ پچ ته اهڙو پتو مون کي بنهه نه پئجي رهيو آهي. ان ڪري منهنجي هن مضمون کي مصور جي ڪنهن رف اسڪيچ وانگي ئي سمجھيو وڃي. ڊاڪٽر محبت پنهنجيءَ ذات ۾ ايترو ته گھڻ پاسائو ماڻهو هو جو سوچيندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. هيءَ ڳالهه عام رواجي نه سمجھي وڃي، جيئن ڪنهن کي مانُ ڏيڻ لاءِ خوامخواهه لفظن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. آءٌ انهن سڀني شين جي خلاف رهيو آهيان ته شيءِ جي قيمت هڪڙي هجي پر اشتهار طور ان جي قيمت وڌائي، سندس اهميت لکائي وڃي. هر هڪ شيءِ جي قيمت هوندي آهي ۽ اها ئي ان جي حيثيت ۽ اهميت جو تعين ڪندي آهي، پر سوچيان ٿو ته محبت جي ڪهڙي ڪٿ لڳائجي؟ ڇا ”محبت“ تي ڪنهن قيمت جو ليبل لڳائي سگهجي ٿو؟ دنيا جي بازار ۾ هر هڪ وکر جو ملهه هوندو آهي پر ”محبت“ بازاري وکر نه هو، جو اگھه مقرر ڪري ان کي خريدي سگھجي.

1/24/2013

ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، روئي نه ڄاڻان - شاهنواز راڄپر



مٺڙي دوست ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي جي حوالي سان لکيل تاثر
ڪنهن پر روئان پرينءَ کي،
روئي نه ڄاڻان
شاهنواز راڄپر
اڳوڻي چانڊڪا پرڳڻي (هن وقت لاڙڪاڻو ضلعو) جي کهري، ڪلراٺي، لوڻياٺي مٽي ۾ نزاڪتن واري شهر قنبر جي هڪ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ نينگر جيڪو ننڍي لاڪون ئي ماڻيٺو ۽ سٻاجھو هو، پر سندس چهري جو سڀاءُ ۽ اکين جي گھرائي ڏسندڙ کي ان ڏانهن ضرور متوجهه ڪندي ۽ ڪن ماڻهو شناس ذهنن اهو ضرور اندازو لڳايو هوندو ته اڳتي هلي هي ڇوڪرو ضرور پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريندو! ۽ پوءِ ٿيو به ايئن....!

1/15/2013

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا... - ساگر حنيف بڙدي



ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...
ساگر حنيف بڙدي
زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن جھڪي ته ڪو نه ٿيندي آهي، پر ان آواز جي سُريلپ تي رڻ پٽ به پيو ناز ڪندو آهي. هونئن ته اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن جون حياتيون مايا جي موهه ۽ دنيا جي ڊوهه جي دائرن ۾ ڦرنديون رهنديون آهن. اهڙن دائرن ۾ ڦرندڙن جي دلين ۾ موت جو ڊپ سمايل هوندو آهي. اهو برابر آهي، ته هر انسان جي حياتيءَ جي ميوزم ۾ موت جو ڊيڄاريندڙ ”بت“ رکيل هوندو آهي، پر ڪن حياتين جي عجائب گھرن ۾ رکيل بتَ، ڀڳوان جو روپ وٺي، پنهنجو تعارف تخليقڪار جي نالي سان ڪرائيندا آهن. سائين محبت ٻرڙو به اهڙي حياتيءَ جو نالو آهي، جنهن سموري زندگي علم، ادب، عشق تحقيق ۽ تخليق جي پرچار ڪندي گذاري

1/09/2013

کهي جا کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي - ڊاڪٽر بخت جمال



کهي جا کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي
ڊاڪٽر بخت جمال
ڊاڪٽر محبت، جيڪو اڄ اسان وٽ ناهي، پنهنجي قوم جي محرومين، مايوسين، خوشين ۽ جفاڪشين جي ڪهاڻي آهي. هڪ ماڻهو، جيڪو  هيٺين طبقي، غريب شهري خاندان ۾ اک کولي ٿو، جيئن تيئن ڪري ڊاڪٽر بنجي ٿو ۽ سفيد پوشي ۾ پنهنجا ڏک، سور لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪڏهن ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، پر ڪڏهن ڏکن جو زهر سفيد ڪالر کي ٽوڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏي ٿو. واقعي ذهين، محنتي ۽ محبت وارو ماڻهو آخر تائين ڪوششن باوجود اقتصادي طور مونجھارن ۽ مسئلن مان پار پئجي نه سگھيو.
مئنيجمينٽ جي ڪتابن ۾ به ان سوال تي بحث ڪيو ويو آهي ته آخر قسمت آهي ڇا؟ ان مان هڪ مشهور جملو آهي ته:
Luck is, where preparedness meets with an opportunity.”
(جڏهن تياري موقعي سان ملي ٿي، تڏهن ئي قسمت جاڳي پئي ٿي.)
چون ٿا قسمت جي ديوي آهستگي سان سڀني جي دروازن کي ٺڪ ٺڪ ڪندي رهندي آهي، سڻي رڳو اهي سگھندا آهن، جن جي تياري مڪمل هوندي آهي.

1/01/2013

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو ٻيو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو ٻيو)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ان ڪري زمان حال لاءِ گهڻي ۽ وڌيڪ ۽ زمان مستقبل لاءِ هڪ حد تائين وڌيڪ ڳالهه ٻول ٿيندي رهي ٿي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو ته ان ڪري انهن زمانن ۾ ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ئي نسبتاً وڌيڪ تبديليون آڻڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿي، جڏهن ته زمان ماضي ۾ جيڪا به ڳالهه ٻول ٿئي ٿي، اها نسبتاً طي ٿيل انداز جي هوندي آهي، تنهنڪري ان ۾ تبديلي نسبتاً گهٽ واقع ٿئي ٿي ۽ صورتون نسبتاً پائدار. ’فعل متعدي‘ اهو فعل آهي جنهن جو مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ فاعل سان گڏ مفعول جي ضرورت پوي. (واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد، 1986، ص-367).

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو پهريون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو پهريون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ سجاڳ‘، ماهوار، ڪراچي جي آگسٽ 1995ع واري پرچي ۾ علمي دنيا جي هڪ وڏي نالي گنگارام سمراٽ جن جو هڪ مضمون سنڌي ٻولي، 22 کان 26 صفحي تائين ۽ 66 صفحي تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) صاحب جن جي اپريل 1964ع ۾ لکيل هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. سمراٽ صاحب جن جو اهو مضمون، لڳ ڀڳ 25 ورهه اڳ لکيل، جيئن ته اڻلڀ ٿي چڪو هو تنهنڪري ”پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ لسانيات بابت اٿاريل ”نقطن“ تي بحث ڪرڻ لاءِ هيءُ مضمون“ ڇپيو ويو آهي.

12/30/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ - ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ جو پيش لفظ
ليکڪ: ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو
]”آءٌ نوجوان ليکڪن کي اهو مشورو ڏيندس ته هو پنهنجن تجربن کي پنهنجا موضوع بڻائن ۽ اهو ڄاڻڻ نهايت سولو آهي ته ليکڪ پنهنجن تجربن جي بنياد تي لکي رهيو آهي يا خالي خولي پڙهيل يا ٻڌل ڳالهيون ڪري رهيو آهي. نرودا جي هڪڙي مصرع آهي ته، خدايا! آءٌ ڳالهائيندي ڳالهه جي خراب ٿيڻ جي گناهه کان پناهه گھران ٿو. مون کي اها ڳالهه هميشه مضحڪه خيز لڳندي آهي ته، منهنجي لکڻين جي سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪرڻ وارا انهن ۾ موجود تخيل کي ساراهيندا آهن، جڏهن ته منهنجي لکڻين ۾ هڪڙي سٽ به اهڙي ڪانهي، جنهن جون پاڙون حقيقت ۾ کتل نه هجن.“ (گارشيا مارڪيز  ــــــــــ  ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1997ع[
انسان ابتدا کان ئي پاڻ سان لاڳاپيل مامرن ۽ مسئلن کي سمجھڻ لاءِ غور فڪر ڪري نوان نوان نظريا تخليق ڪندو، حل ڳوليندو، سماج ۾ سوچ ويچار لاءِ پيش ڪندو رهيو آهي ته مختلف ڪيفيتن ۽ احساسن جي تشريح لاءِ پنهنجي سمجھه جي اپٽار به ڪندو رهيو آهي. اهڙي ئي هڪ ڪيفيت ۽ هڪڙو احساس آهي هڪ ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن پهرينءَ نظر ۾ مائل ٿيڻ، پهرينءَ ملاقات ۾ پسند اچڻ يا ناپسند ڪرڻ. ان پسند يا ناپسند ڪرڻ لاءِ مختلف ڪارڻ ڳولي، ويچاري، ڪن نتيجن تي پهچي، پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ دليلن ۽ بحث جا رستا پڻ کوليندو رهيو آهي.

12/19/2012

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو ٽيون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو ٽيون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌي هڪ مستحڪم سڀيتا:
آرين جي آمد کان اڳ سنڌي سماج شڪاري ۽ ڌراڙڪو ثقافتي ڏاڪو اڪري ڪَڏهوڪو پوکي راهيءَ جي دَور ۾ اچي ڪي ئي منزلون اڳتي وڌي چڪو هو. جڏهن به ٻه ثقافتون ويڙهه ۽ چٽاڀيٽيءَ جي عمل ۾ داخل ٿين ٿيون يا گڏ رهڻ تي مجبور هجن تڏهن، بهرحال، آخري نتيجو اهو هوندو آهي ته برتر ثقافت پاڻ کان گهٽ ثقافت تي ڇانئجڻ لڳندي آهي ۽ گهٽ ثقافت کي برتر ثقافت کان گهڻو ڪجهه وٺڻو پوندو آهي، پوءِ ڇو نه اها ثقافت ڪنهن اهڙي ٽولي سان واسطو رکندي هجي جنهن ڪنهن به نموني پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي هجي ۽ سنڌ ۾ به اهو عمل ٿيو. آريا حڪمراني دوران سنڌي سماج به گهڻو ڪجهه ورتو پر گهڻو ڪجهه ڏنو به. شڪاري آرين کي، جيڪي پنهنجو گهر، گهر واري ۽ گهر وارا پاڻ سان گڏ کڻي هلندا هئا، انهن کي ٽڪاءَ واري ثقافت، پوکي راهيءَ جو رستو وٺڻو پيو.

12/04/2012

ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟‘
هڪ، ٻه، ٽي... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو.
پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن، ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چُڪون اسان جي عام ڳالهه ٻول ۾ عام جام پيون ٿين.
فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ، ٻن سوَن کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦيرگهير سان هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (’ڇا، اوهان اها چُڪ پڪڙي؟‘)

12/01/2012

هر هڪ لفظ هيري کاڻ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


هر هڪ لفظ هيري کاڻ
ڪجهه فعلن ۽ ضميري پڇاڙي جي حوالي سان هڪ اڀياس
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن موضوع تي ڳالهه ٻول کان اڳ اچو ته ڪجهه لفظن کي ڦوليون:
1. ”لکان ٿو.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مذڪر)
2. ”لکان ٿي.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مؤنث)
3. ”لکون ٿا.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مذڪر)
4. ”لکون ٿيون.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مؤنث)
5. ”لکين ٿو.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مذڪر)
6. ”لکين ٿي.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مؤنث)
7. ”لکو ٿا.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مذڪر)
8. ”لکو ٿيون.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مؤنث)
9. ”لکي ٿو.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهو/ اُهو“ (فاعل، ضمير غائب، واحد، مذڪر)
10. ”لکي ٿي.“
ڪير؟
* ”هيءَ/ هُوءَ/ اِها/ اُها“ (فاعل، ضمير غائب، واحد، مؤنث)
11. ”لکن ٿا.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير غائب، جمع، مذڪر)
12. ”لکن ٿيون.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير غائب، جمع، مؤنث)
مٿي ڏنل سوال-جواب ۾ 1-12 تائين جن لفظن جي آڏو انگ آهن، انهن بابت اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته ”فعل“ آهن. (’فعل‘ اهو آهي جيڪو هجڻ، ٿيڻ، سهڻ يا ڪرڻ جو ڏس ڏئي). ٻارهَن ئي انگيل لفظن ۾ ’لکڻ جو ڪم‘ ڪرڻ جو ڏس ملي ٿو ۽ اها سُڌ سڄو لفظ نه، پر لفظ جو هڪ ۽ پهريون حصو ’لک‘ ـــــــــ جيڪو ’لکڻ جو ’ڌاتو‘ آهي) هڪ مخصوص سٽاءَ ۾ اچي وڃڻ جي ڪري مهيا ڪري ٿو.