12/22/2013

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي - مشتاق احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ليکڪ: مشتاق احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سوويت يونين کان پالهي ڌرتي

جڏهن روم ناس ٿيندو ته ڌرتي به تباهه ٿي ويندي، رومين پنهنجيءَ سلطنت، جنهن دنيا کي پنهنجي سدائين ويڪري ٿيندڙ ڀاڪر ۾ ڀري پئي ورتو، جِي اجيتيءَ بابت ائين پئي محسوس ڪيو. روسين يا ٺيڪ ٺيڪ چئجي ته سوويتن اها اميد پئي رکي ته دنيا کي پنهنجي وڌندڙ ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا، اهو سوچڻ کان سواءِ ئي ته روس پنهنجي سر پاڻ ئي پنهنجي نظرياتي ويرين جي جلهه آڏو جُهڪي (جُهري) پوندو. بهرحال، سوويت يونين وڏو ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو، ايڏو ٻلوانُ جو پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاهي آيل نازي بدمعاشن کي تڙي ڦٽو ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائيندي، حقيقت ۾ دنيا کي بچائي وٺي.

روايت اڃا جيئي پئي - سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

روايت اڃا جيئي پئي
         
ڪارل مارڪس مري ويو آهي. مارڪسمَت عملي طرح سڪرات جي سورن ۾ آهي، پر هن نظريي جو مَنڊ اڃا به ايڏو ئي جيئاڪ آهي جيڏو هو. عمل ۾ مارڪسمت پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڏسڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي پر نظريي ۾، ماڻهوءَ ذات جي سڀ کان وڌيڪ گنڀير تجربن منجهان هڪ ٿي رهندو.
هن جو نراڙ وڏي گنجي قبي جيان آهي ۽ مٿو مائيدار، ڏاڙهي، جيڪا تپيل جبلن تان وهندڙ لاوا (ڳاڙَ) جيان، لهرون ٺاهيندي ۽ هيٺ مٿانهيون ڪندي ڳلن کان هيٺ لهي ٿي. ڪرڙيون اکيون ۽ انهن اکين ۾ شڪتيءَ وارو هيءُ هڪ مڪمل وس-رکندڙ منهن آهي جيڪو هن گهڙيءَ به دنيا کي گهڻي ئي مصيبت ڏيڻ گهري ٿو.

12/21/2013

يلتسن لاءِ مسئلو - چارلس قئسٽ اداد / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ليکڪ: چارلس قئسٽ اداد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مهانگائي ـــ يلتسن لاءِ مسئلو

يلتسن انتظاميا پاران نئين سال جي ابتدا ۾ شين جي مُلهه کي جائيتو رکڻ وارو قبضو هٽائڻ جي ڪري هڪ وڳوڙي لقاءِ پيدا ٿي ويو. اگهن ۾ واڌ جي ٽين ڏينهن تي ئي سينٽ پيٽرسبرگ جي گهٽين ۾ رولو ڪتن ۽ ٻلين جي ڳڻپ تيزيءَ سان وڌي وئي. مهانگائيءَ سبب تنگي ۾ ورتل ٻلونگڙا-پاليندڙ، جيڪي مهانگي جانوراڻي کاڌي جي خريداريءَ جو بار سهي نه پيا سگهن، گذريل سال جي اپريل ۾ ئي پنهنجا ٻلونگڙا تڏهن اڇلائي ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيا، جڏهن پريميئر والينٽن پاولوف پاران بنيادي گهرجون پوريون ڪندڙ شين جي اگهن ۾ 200، 300 سيڪڙو واڌ ڪئي ٿي وئي.

8/26/2013

ضميري پڇاڙيون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اڀياس
ضميري پڇاڙيون
رکيل مورائي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اسان کان وقت کان اڳ وڇڙي ويل اهڙو ليکڪ ۽ دوست هئو، جنهن کي قدرت جيڪو وقت ڏنو ان ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ڏنو، اهو بنهه گهڻو آهي. ائين چوڻ شايد وڌيڪ مناسب ٿئي ته ”هن ٿوري عمر ۾ گهڻو ڏنو“. هو نهايت پڙهيل لکيل ۽ ذهين نوجوان هئو، گڏوگڏ هن لکڻ کي قومي ڪم ڪري کنيون، جنهنڪري هن جيڪي لکيو آهي، اهو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهڙي ميراث آهي، جيڪا تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي ۾ ياد ڪئي ويندي. ٻوليءَ جي حوالي ۾ سندس ڪيل خدمتون، سنڌ ۽ سنڌي ادب ياد رکندو. هڪ جاکوڙي ليکڪ طور ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪم ممڪن آهي اڃا سمورو ڇپائيءَ هيٺ نه آيو هجي، پر جيڪو ڪتابي صورت ۾ آيو آهي، اهو سندس هڪ سچيت عالم طور نالو لکائيندو اهڙي پڪ آهي. سندس ڪم کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڀاءُ رياضت ٻرڙو سچ پچ جس لهڻي، جيڪو لڳاتار ڪتاب به آڻي رهيو آهي ته لکي به رهيو آهي، ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جي اڳواڻي به ڪري رهيو آهي.

3/08/2013

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
۽ انهن جا ڪردار
(هڪ جائزو)
رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
پهرين ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“: هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
(1) مُرڪڻ،
(2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
(3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
(4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
(5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
(6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.

سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق - ڊاڪٽر هدايت پريم (Hidayat Prem)


 ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:
سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق
ڊاڪٽر هدايت پريم

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار هو، هن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃرايو هو. هن جي مقالن ۾ تحقيقي انداز تمام گھڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود هو. هن جي تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. هن اڃا صرف ٻن ڪتابن ۽ هڪ انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو هو ته هو ڦوهه جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ 1997ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو. هن جي اوچتي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن کي تمام گھرو صدمو رسيو آهي. هن جوان سال محقق سان اسان تمام گھڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون. هن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو. هن کي ان جو داد به خوب مليو.

3/07/2013

ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ - خادم رند (Khadim Rind)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“
بابت ڪجهه ڳالهيون
خادم رند
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي مضمونن جي سهيڙ آهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل هيءُ ڇويهون ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اٺون ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپايل هي ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مُلهه 90 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هن نائين ورسي (اپريل 2006ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب لاءِ ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محبت جي ڀاءُ رياضت ٻرڙي لکيا آهن ۽ ”مهاڳ“ نامياري ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار جامي چانڊيي لکيو آهي.

2/26/2013

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو - رپورٽ: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو
رپورٽ: رياضت ٻرڙو
9 اپريل 1997ع تي، سنڌ جي سڄڻن کي پنهنجي وڇوڙي جو اڻ ميو ڏک ڏئي ويندڙ سنڌ جي ڏاهي، دانشور، عالم، محقق، اديب ۽ سنڌي عوام دوست سياست جا بنياد اڏيندڙ، سچي سپوت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو 25 مئي 1997ع تي، آچر ڏينهن، صبح جو، گورنمينٽ پراونشلائيزڊ (بوائز) هاءِ اسڪول قنبر ۾ منعقد ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چاليهي جا ٻه حصا هئا: پهريون ادبي گڏجاڻيءَ جو ۽ ٻيو خيرات جي مانيءَ جو.
هاءِ اسڪول جي نئين اڏايل هال جي مکيه گيٽ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران آيل سڄڻن لاءِ ٿورن جو بينر هنيو ويو هو، جڏهن ته هال اندر ٺهيل اسٽيج جي پٺينءَ ڀت تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چئن فوٽن سميت، چاليهي ۽ ادبي گڏجاڻيءَ جي سُڌ ڏيندڙ بينر لڳايو ويو هو. هال ۾ اڍائي سو ماڻهن جي شرڪت جو انتظام ڪيل هو. ادبي گڏجاڻيءَ جي شروعات، سوا يارهين وڳي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي، شاهه سائينءَ جي هن شعر سان ڪئي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺِي،
وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.



اکين جي مرڪ ۽ اندر جو درد - محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


اکين جي مرڪ ۽ اندر جو درد
محبت ٻرڙو
ادا اشرف علي جن چينيءَ جي ستن پياليُن ۾ پاڻيءَ جي سطح هڪ ٻئي کان مختلف رکي، انهن جي ڪنارن کي ڏونڪي سان کڙڪائيندي، سُرُ سُرَ سان ملائي نرالي قسم جو هڪ جلترنگ جڏهن وڄائڻ شروع ڪندا هئا تڏهن ان جو لهر لهر ٿي اسرندڙ ۽ لهندڙ، اسرندي لهندڙ ۽ لهندي اسرندڙ، جادو- اثر، منڊي ڇڏيندڙ، لنوندڙ پکين جي لات کان وڌيڪ مٺڙو ۽ جھرڻن جي جھانءَ کان وڌيڪ جھوريندڙ آواز ٻڌي مون جھڙي ”گھٽ ذَوق“ ماڻهوءَ جي مَن ۾ به ميٺ جو هڪ مَوجَ ساگر ڇلندڙ لڳندو هو.

2/07/2013

سنڌي ٻولي ۽ ڊاڪٽر محبت - ملهار سنڌي


سنڌي ٻولي ۽ ڊاڪٽر محبت
ملهار سنڌي
ٻولي جيڪا نه صرف رابطي لاءِ ضروري آهي، پر قومن جي ترقي جو اهم ذريعو به ٿيندي آهي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان اندر ٻوليءَ جا مسئلا وڏي پيماني تي رهيا آهن، اهوئي سبب هو جو بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو. سنڌ صوبو به لسانياتي رٿابندي نه ٿيڻ ڪري گھڻو متاثر ٿيو آهي. سنڌي ٻولي هينئر هڪ انتهائي ڏکئي موڙ تان گذري رهي آهي.