1/29/2015

سنڌ جو سقراط - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سنڌ جو سقراط
جامي چانڊيو
دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو ان جي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِءُ جهان ڇڏي ويا پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف-م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ 37 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ 35 سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟  خود لطيف سائين جي ڄمار 63 سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط 45 سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيا!