10/28/2012

فلسفو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


فلسفو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
تعارف
ويهڻ ويڄن وَٽ، جي سِکين ته سَگهو ٿئين،
اڳين عادت مَٽ، ته اگها عاجز نه ٿئين.
فلسفي جو اصطلاح قديم يونان جي هڪ وڏي فلسفي انيگزاگورس استعمال ڪيو ۽ هڪ روايت موجب ان جي معنى آهي ”ڏاهپ سان پيار“. فلسفو انگريزي ٻوليءَ جي لفظ ”فلاسافي“ جي معنى ظاهر ڪري ٿو جيڪو قديم يوناني ٻوليءَ ۾ ٻن لفظن ــــــ فِيليو (پيار) ۽ سوفيا (ڏاهپ) جي ميلاپ سان ٺهيو ــــــ ’ڏاهپ سان پيار‘ يعني ’ڄاڻ‘. جڏهن اسين چئون ٿا فلسفو معنى ڄاڻ، تڏهن هڪدم ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته ڇا سائنس اسان کي ’ڄاڻ‘ سان مالامال نه ٿي ڪري؟ (يوناني ٻوليءَ ۾ ’سائنس‘ جي معنى به ’ڄاڻ‘ ئي آهي.) هائو، برابر، سائنس اسان کي ڄاڻ جا سمنڊ مهيا ڪري ٿي، پر ڇا هر سائنس فلسفو آهي؟ ڇا فلسفي جي مهيا ڪيل ڄاڻ ۽ سائنس جي مهيا ڪيل ڄاڻ جي وچ ۾ ڪو فرق آهي؟
جواب ها آهي.
فلسفي جي مهيا ڪيل ڄاڻ ۽ سائنس جي مهيا ڪيل ڄاڻ ڌار قسم جي آهي. هر سائنس جيڪا ڄاڻ مهيا ڪري ٿي، اها حقيقت جي رڳو ڪنهن هڪ حصي جي ڄاڻ آهي.

مثال طور: فلڪي علم (ايسٽرانامي، Astronomy) آسماني جسمن جي بناوت، چرپر، ڦيرڦار، لَنگهه پنڌَ وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ساهوارن جو علم (حياتيات، بائلاجي، Biology) ـــــــ وڻن ٻوٽن جي علم (نباتيات، باٽني، Botany) ۽ جيتن، جانورن جي علم (حيوانيات، زولاجي، Zoology) جو ميلاپ ـــــــ وڻن ٻوٽن، جيتن جانورن ـــــــ ساهوارن ـــــــ جي ڄم واڌ موت، ڦلڻ ڦنڊڻ ۽ جياپي متعلق ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ڪيميائي علم (ڪيمسٽري، Chemistry) شين ۽ لقائن جي ڪيميائي بناوت، ايٽمن ماليڪيولن جي ٽُـٽڻ، جُـڙڻ، مرڪب ٺهڻ وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، طبعيات (فزڪس، Physics) شين ۽ لقائن جي واڌ ويجهه، ڦيرڦار، عارضي تبديلين، انهن جي بناوت، ظاهر ٿيڻ ۽ گم ٿيڻ، مشين، ڪَم، بجلي، چقمق، گرمي سردي وغيره سان واسطيدار ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، طِبِي علم (طِب ۽ جراحت، ميڊيسن ۽ سرجري،(Medicine & Surgery  صحتمند جسم جي پيدائش، واڌاري ۽ موت، مرضن جا تفصيل ۽ انهن جو جسم تي اثر، بيمارين جي علاج ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، رياضي (مئٿميٽڪس، Mathematics) حساب ڪتاب، ونڊَ ڪَٽ، جوڙ ضرب، انگ عدد، ماپ مقدار، ڳڻپ نسبت وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، سماجي علم (عمرانيات، سوشيالاجي، (Sociology  سماجي بناوت، اوسر نيسر، گهراڻي قبيلي گروهه، طبقي قوم، جدوجهد، انقلاب، ريتن رسمن رواجن، تهذيب ثقافت، چڱائي لڱائي وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، تاريخ جو علم (هسٽري،(History  سماجي اوسر، انساني سماجن، انهن جي واڌ ويجهه ۽ تبديلين وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، نفسيات (سائيڪالاجي، Psychology) ذهن، خيال، تصور، جذبي، خواهش، رويي، عادت وغيره جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿي ـــــــــ مختصر طرح اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ڪا به سائنس ڪنهن نه ڪنهن مخصوص شعبي ۾ ڪم ڪندڙ تجربن، مشاهدن، سببن، نتيجن، اصولن ۽ قانونن جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿي.
جيڪڏهن ايٽم جي ذرڙن کان وٺي آفاقي جسمن تائين شڪتيءَ جي گُڻن کان ويندي لامحدود خلا ۽ ڪائنات تائين، معمولي ننڍڙن نظامن کان هلندي ڳُتيَل وڏن نظامن جي سرشتن تائين، سڀ ڪجهه جو، سڄي جو سڄي مانڊاڻ جو، هر شَي، هر عمل، هر واقعي ۽ هر لقاءَ جو مجموعي، گڏيل، وڌيڪ عام، وڌيڪ گهرو، سڀ طرفو، علم حاصل ڪرڻو هجي، ان سڀ ڪجهه جي بڻ بنياد ۾ ڪم ايندڙ اصولن ۽ سڀ ڪجهه تي حاوي قانونن جو علم حاصل ڪرڻو هجي، ته اها خدمت ڪهڙو علم ڪري سگهندو؟ جواب آهي ته فلسفو.
فلسفو ئي اهو اڪيلو علم آهي جيڪو قدرت، دنيا، مادي ۽ ان جي هر لقاءَ ــــــ سڀ ڪجهه ــــــ جو مجموعِي، وڌيڪ عام علم مهيا ڪري ٿو.
اهو به سوال اٿاري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن سڀني سائنسن پاران مهيا ڪيل ڄاڻ گڏ ڪئي وڃي ته ڇا اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري نه ٿي سگهجي؟
ان سوال جي جواب ۾ اهو سوال پڻ اٿاري سگهجي ٿو ته ڇا سڄي جو سڄي مانڊاڻ جي گڏيل، مجموعي، وڌيڪ عام ڄاڻ اها ساڳي شَي آهي جيڪا ڌار ڌار سائنسن کي مشيني انداز ۾ گڏ ڪرڻ سان ملي ٿي؟ ڌار ڌار سائنسن کي مشيني انداز ۾ جمع ڪرڻ سان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي اها سڄي جو سڄي، سڀ ڪجهه جي باري ۾ مهيا ڪيل فلسفي جي ڄاڻ کان ڌار قسم جي آهي. فلسفو هر هڪ سائنس جي مهيا ڪيل ڄاڻ به کڻي ٿو پر انهن عام سوالن تي به بحث ڪري ٿو جيڪي ڪنهن به سائنس کي اڪيلي سِر کڻڻ يا سڀني سائنس کي گڏي کڻڻ وسيلي حل ڪري نٿا سگهجن. سائنسون مخصوص شعبن ۾ قدرتي لقائن جي قانونن تي بحث ڪن ٿيون، جڏهن ته فلسفو سڀ کان وڌيڪ عام، هر طرفن قانونن جو اڀياس ڪري ٿو يعني انهن قانونن جي جيڪي سڀني قدرتي لقائن سان گڏ انساني سماج ۽ انساني ذهن جي بڻ بنياد ۾ عمل ڪري رهيا آهن.
برطانيا جي نالي چڙهي فلسفِي برٽرانڊرسل جي خيال موجب سائنس ۽ مذهب (الاهي علم) جي وچ واري جڳهه فلسفو والاري ٿو. هن چيو ته سموري ٺيڪ ٺاڪ، صاف چِٽي ڄاڻ جو واسطو سائنس سان آهي ۽ سمورا عقيدا جيڪي واضح ڄاڻ کان اڳتي نڪري وڃن ٿا انهن جو واسطو مذهبي تعليم سان آهي، پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ خالي علائقو (No man’s land) آهي جيڪو ٻنهي پاسن کان حملي لاءِ کليل آهي، اهو خالي علائقو فلسفو آهي.[1] فلسفي جي باري ۾ برٽرانڊرسل جو هيءُ بيان غلط آهي. پهرين ته مذهبي تعليم سائنس کان مٿاهين ڪو نه آهي ۽ ٻيو ته فلسفو ٻنهي پاسن کان حملي لاءِ کليل نه آهي، فلسفو ۽ سائنس اتحادي آهن. برٽرانڊرسل جيڪڏهن ڏندڪَٿائي علم کي فلسفو سمجهي ٿو ته پوءِ شايد ڇِڪي تاڻي سندس بيان درست ٿي پوي. ڪي ماڻهو فلسفي کي هڪ اعلى سائنس (سائنسن جِي سائنس) چون ٿا ته ڪي ان کي وري حسن جِي، خوشيءَ جِي، سائنسي ۽ عام ٻولين جِي، ڄاڻ جِي، ماڻهن جي تعليمن جِي، اخلاقي قدرن جِي ڄاڻ چون ٿا. اهي سڀ هڪ طرفيون ڳالهيون آهن.
مذهبي تعليم ۽ فلسفي کي هڪجهڙو چوڻ غلط ٿيندو. مذهبي تعليم قدرتي ۽ سماجي حقيقتن جو اڻڄاڻائيءَ ۽ جهالت تي مبني تخيلاتي عڪس آهي؛ اهو اهڙين ٻاهرين قوتن جي تعليم ڏئي ٿو جيڪي انسان تي رزاني زندگيءَ ۾ حاوي رهن ٿيون؛ سمجهه ۾ نه ايندڙ، فطرت کان مٿاهين ذات ۾ ايمان وسيلي ڪائنات ۽ هستيءَ ــــــ موجود ـــــــ جو شعور ڏنو وڃي ٿو. معروضِي، سچِي، حقيقِي ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي حيثيت ۾ مذهب ۽ سائنس هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. مذهب الهامي تعليم وسيلي مادٖي، قدرت، ڪائنات ۽ انسان حيوان جي خلقڻ ۽ ان جي فنا ٿيڻ جي دعوى ڪري ٿو، جڏهن ته سائنس چوي ٿي، ”مادو نه تخليق ڪري سگهجي ٿو ۽ نه فنا ڪري سگهجي ٿو، اهو رڳو پنهنجا روپ مٽائي ٿو.“ مذهب جي ابتڙ ذهني وهمي عڪسن بدران فلسفو نظرياتي نتيجن جي کيتر ۾ ڪم ڪري ٿو، اهو فرضي عقيدن تي دارومدار ڪو نه ٿو رکي، پر حقيقت جي ڄاڻ جي بنياد تي هستيءَ، موجود جي تشريح ڪري ٿو. اهو سائنسي آهي ۽ سائنسي طريقا اختيار ڪري ٿو.
ڪيترائي ماڻهو فلسفي جو جوهر اهو ٻڌائين ٿا ته اهو اخلاقي قدر سنوارڻ جو ڪم ڪري. فلسفو اهو ڪم به ڪري ٿو پر ان ۾ اڃا ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. فلسفو به ماڻهوءَ جي رويي، ڳالهه ٻول، اٿا ويٺيءَ، سماجي قدرن وغيره جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو پر اخلاقي قدر ۽ انهن جو علم سماج ۾ ماڻهن جي رويي کي مقرر ڪندي مخصوص دائري اندر اچي وڃي ٿو. جڏهن ته فلسفو نه رڳو اخلاقي قدرن پر سياست، مذهب، اقتصاديات، سائنس، فن ۽ لطيف جذبن سان به واسطو رکي ٿو.
وڻ وڻ متعلق ڄاڻ ۽ سڄي جهنگ متعلق گڏيل ڄاڻ ۾ فرق آهي؛ ماڻهوءَ ماڻهوءَ متعلق ڄاڻ ۽ سڄي سماج جي گڏيل ڄاڻ ۾ فرق آهي؛ مادي جي ذري ذري، جسم جسم متعلق ڄاڻ ۽ سڄي مادي جي گڏيل ڄاڻ ۾ فرق آهي؛ حياتيءَ، ذهن، جاندار، سماج، ذري پُرزي، هر شَي وغيره متعلق ڄاڻ ۽ انهيءَ متعلق گڏيل ڄاڻ ۾ فرق آهي؛ فـلـسـفـو سـڀ ڪـجهه جـي بـاري ۾، سڄي جو سڄي جي باري ۾، همه گير، سڀ طرفي، وڌيڪ عام، مجموعي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. فلسفو انهن بنيادي، سڀ طرفن، وڌيڪ عام اصولن، قانونن جِي ڄاڻ ڏئي ٿو جيڪي انساني ذهن، انساني سماج، مادي، قدرت، سڀ ڪجهه، سڄي جو سڄي جي بڻ بنياد ۾ عمل ڪري رهيا آهن.

فلسفي جي ٻَني
اَڻَ ڪَئي عَيان نه ٿئي، ڪَئي پروڙي ڪو نه،
ســا سُنــهِــيــن ٿــي ســونَ، امـر عطـا جنهن جو.
انسان جڏهن غارن، ٻيلن ۽ برپٽن ۾ زندگي گذاريندو هو، تڏهن به سندس چوڌاري ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جا اسرار پکڙيل هئا. سندس زندگي سخت پورهيي، ڏکيائين، مصيبتن ۽ ڪٺن ڪشالن جي زندگي هئي. سک ۽ ڏک، خوشي ۽ غم، اميد ۽ مايوسي، سوڀ ۽ شڪست، بي فڪري ۽ ڳڻتي سندس جياپي سان ڳنڍيون منجهه ڳنڍير ٿي رهيون آهن. ڪنهن حد تائين اڄ سُوڌو ايئن آهي.
انهيءَ زماني ۾ ۽ اڄ به انسانَ قدرت، ڌرتي، انسان ۽ حياتيءَ جي لقائن کي، انهن جِي اندروني فطرت موجب سمجهڻ ۽ پُرجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، پر اڄ هُو علم جي دولت سان مالامال آهي. هڪ طرف هُو ايٽم جهڙي معمولي ذرڙي اندر پيهي ويو آهي ته ٻي طرف وشال ڪائنات جا اچرج ۾ وجهندڙ اسرار پيو پڌرا ڪري.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انسان اڻڄاتل مُدي کان پنهنجي وجود جي معنى ۽ مقصد تي غور پئي ڪيو آهي. انسانُ جيڪو پنهنجي جياپي ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، جنهن جون سرگرميون مقصد ڀريون آهن، جيڪو سمجهه ڀريو عمل ڪندو رهيو آهي، اهو انسانُ پنهنجي هر جدوجهد، سرگرمي، عمل جو خاطرخواهه نتيجو ڏسڻ چاهي ٿو. انهيءَ جي لاءِ لازم ٿي پيو آهي ته هُو حقيقتن کان چڱيءَ طرح واقف هجي ـــــــ ڪائنات، قدرت، مادٖي جون حقيقتون؛ سماج، سماجي زندگيءَ، سماجي سرگرميءَ، سماجي لاڳاپن، سماجي شعور جون حقيقتون؛ انساني ذهن، خيال، تصور، روح، سوچ سمجهه، جذبي، خواهش، شعور جون حقيقتون ۽ سُونهن، سچَ، خوشيءَ ۽ آزاديءَ جون حقيقتون.
    ڪا به حقيقت، ڪو به معاملو يا واقعو تيستائين سمجهي نه ٿو سگهجي جيستائين ان جي باري ۾ جاهلاڻو رويو ۽ انڌو عقيدو پاسي رکي ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وڃي. ڄاڻ جا خزانا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪُنجين جي ضرورت پوي ٿي ۽ انسانذات جيڪي اهڙيون ڪنجيون ٺاهي ورتيون آهن، اهي آهن ڇو، ڇا، ڇا لاءِ؛ ڪڏهن، ڪيئن، ڪٿي؛ ڪير، ڪنهن، ڪنهن لاءِ؛ ڪيترو، ڪهڙو وغيره. اهي ئي ڪنجيون آهن جن لکين لقاءَ، اڻ ڳڻيا اسرار ۽ بي شمار رمزون کولي پڌريون ڪيون ۽ انهن کي پيڙهائتي نموني سمجهڻ ۾ مدد ڏني.
    سڀني حقيقتن کي سمجهڻ، هِنئين سان هنڊائڻ، ذهن ۾ ويهارڻ، عمل ڪرڻ ۽ فائدا وٺڻ لاءِ انسان اڄ سوڌو ڪوششون ڪري رهيو آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي بي شمار سوال اٿارڻا پيا آهن. ڪهڙو ٻار آهي جنهن ”چنڊ ڇا آهي“، ”سج ڇا آهي“، ”تارا ڇا آهن“ وغيره جهڙا سوال نه پڇيا هجن؟ اڪيچار سوال آهن جيڪي اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ اٿندا رهن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن جا جواب به پيش ٿيندا رهن ٿا. قدرت، سماج ۽ ذهن کي سمجهڻ لاءِ انسانذات جيڪي به سوال اٿاريا آهن انهن مان ڪي اهم سوال هِي آهن:
هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟ ان جي بناوت ۽ تاريخ ڇا آهي؟ مادو ڇا آهي؟ چُرپر ڪٿان آئي؟ خلا ۽ وقت ڇا آهن؟ قدرت اندر ڪي تبديليون به اچن ٿيون يا نه؟ جي اچن ٿيون ته اهي ڇو ٿيون اچن، ڪيئن ٿيون اچن ۽ ڪڏهن ٿيون اچن؟ تضاد ڇا آهي؟ هڪ شَي مان ٻي شي ڇو ٿي ٺهي ۽ هڪ لقاءَ مان ٻيو لقاءَ ڇو ٿو ڦٽي نڪري؟ ڇا هر شي لاءِ فنا آهي يا ڪي شيون دائمي به آهن؟ جوهر ڇا آهي ۽ ڏيکاءُ ڇا آهي؟ مواد ڇا آهي ۽ صورت ڇا آهي؟ سبب ڇا آهي ۽ نتيجو ڇا آهي؟ لازم ڇا آهي ۽ اتفاق ڇا آهي؟ امڪان ڇا آهي ۽ حقيقت ڇا آهي؟ ڪوڙ ڇا آهي ۽ سچ ڇا آهي؟ ڇا ڪائنات تي ڪي اصول به حڪمراني ڪن ٿا يا اها اتفاقي آهي؟
ڌرتي ۽ ان تي پيدا ٿيل زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ انسان ڪيئن پيدا ٿيو ۽ تاريخ جون ڪهڙيون منزلون ٽپي هتي پهتو آهي؟ انساني سماج ڇا آهي ۽ ڪيئن هئڻ گهرجي؟ هيءَ دنيا جيئن آهي تيئن ڇو آهي؟ ڇا اها سدائين ايئن رهي آهي ۽ هميشه ايئن رهندي يا بدلجي پيئي؟ جي ها ته ڪيئن ۽ ڪهڙين قوتن جي زور تي؟ ڇا ان تبديليءَ جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي ٿو؟ جي ها ته ڪيئن؟ طبقي، قوم، رياست ۽ سياست جي حقيقت ڪيئن آهي؟ ڇا ڪي اهڙا به اصول، قانون آهن جيڪي مجموعي طرح هر سماجي تبديليءَ تي حڪمراني ڪندا هجن؟
ذهن ۾ اٿل پٿل ڇو ٿي اچي، ڪيئن ٿي اچي ۽ ڪير ٿو آڻي؟ خيال اچن ڪٿان ٿا؟ خيالن جي اهميت ڪهڙي؟ سوچ، سمجهه، عقل، فهم ڇا آهن؟ نيڪ ۽ بد، سٺو ۽ خراب ڇا آهن؟ انسان اڳي کان سٺو آهي يا خراب، اڳي کان سٺي حالت ۾ آهي يا خراب حالت ۾، جيئن ۽ جتي هو تيئن ۽ اتي آهي يا ترقي ڪري پيو؟ ڇا ڪي اهڙا به قانون، اصول آهن جيڪي مجموعي طرح هر ذهني ڦيرڦار ۽ واڌاري تي حڪمراني ڪندا هجن؟
هستيءَ جو جوهر ڇا آهي؟ سونهن، ساڀيا ڇا آهي؟ اخلاقي قدر ڇا آهن؟ خوشي ڇا آهي؟ آزادي ڇا کي چئجي؟ خوشي ۽ آزادي ڪيئن حاصل ڪجي؟ ڇا مارُون مصيبتون ۽ ڏک ڏاکڙا ختم ڪري سگھجن ٿا؟ انسانذات ڪيڏانهن پئي وڌي؟ ڇا ان جي ڪا آخري منزل به آهي يا اهو وهڪرو لاڳيتو پيو هلندو؟ انسان جو آئيندو ڇا آهي؟ سماج ۽ ذهن (انساني حياتي) جي جوهر ۾ ڇا آهي؟ علم ڇا آهي؟ عمل جي اهميت ڪهڙي؟ علم ۽ عمل جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو ناتو؟ ڇا علم کان سواءِ عمل ۽ عمل کان سواءِ علم ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪائنات جو علم حاصل ڪري سگھجي ٿو؟ قدرت ۽ ذهن جي وچ ۾ تعلق ڪهڙو؟ ڪير اڳ آهي مادو يا شعور؟ اهو مادو آهي جيڪو شعور جي تخليق ڪري ٿو يا اهو شعور آهي جيڪو مادي جي تخليق ڪري ٿو؟ ڇا اهڙا به ڪي قانون، اصول آهن جيڪي قدرت، انساني سماج، انساني ذهن ــــــ سڀ ڪجھ ــــــ تي حڪمراني ڪندا هجن؟
اهڙا ٻيا به انيڪ سوال آهن. هنن سوالن ۽ انهن جي مُمڪن، صحيح جوابن مان فلسفي جِي پکيڙ جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو. آهي ڪو ٻيو علم جيڪو اهڙن سڀني سوالن تي بحث ڪندو هجي؟
فلسفي کي ڏند-ڪٿائي، ديو مالائي قصا بيان ڪرڻا ڪونهن، فلسفي کي هتي هُتي ٽُٻيون ۽ گهوٻيون به هڻڻيون ناهن، گوهي ڏئي ڪنڌ ڪڍائڻو به ناهي ۽ نه ئي ورِي ڪنهن ديوي ديوتا جي قوت جو ڪرشمو، ڪارنامو يا تخليق ٻُڌائي پنهنجي جند ڇڏائڻي آهي.
ڪيترائي ماڻهو ڪجهه تعليمن کي ”فلسفو“ ڪري پيش ڪن ٿا پر اهڙن اصولي ۽ بنيادي سوالن تي انهن فلسفن جو رويو ڏند-ڪٿائي آهي يا وري ديوتا، ديوتائن جو محتاج. صحيح سائنسي سچو ترقي پسند فلسفو حقيقتن جي کوجنا ڪري ٿو، حقيقتن تي بنياد رکي ٿو ۽ حقيقتون ٻڌائي ٿو. فلسفو سچ ڳولي لهي ٿو ۽ سچائي بيان ڪري ٿو. ”سچائي، جنهن جي سمجهه ئي فلسفي جو ڪم آهي.“[2]

نُڪتهء نظر ۽ ڀروسو
ڇَپَرَ ڇَمرُ ڀائِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پَٻُ وجهنديَس پُٺ تي، صبح سَوارو،
وڃڻ مون وارو، ڪِينَ وِهنديَس وچ ۾.
اچو ته چنڊ جي باري ۾ ٻارڙي جي پڇيل سوال جي جواب ۽ ان تي ٿي سگهندڙ ممڪن سوالن جوابن کي ڏسون. چنڊ ڇا آهي، ”ڪڏهن اڀري سنهڙو، ڪڏهن اڀري ڳچُ“ ايئن ڇو آهي، ڏينهن جو ڪاڏي ٿو وڃي ۽ رات جو ڇو ٿو چمڪي، اولهه ۾ لهي اوڀر مان ڪيئن ٿو اڀري، ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو به ڇو ٿو ڏيکارجي، ڇا جو ٺهيل آهي، ڪيئن ٺهيو، جيڪڏهن ان کي ڪنهن ٺاهيو ته ان ٺاهيندڙ کي ڪنهن ٺاهيو، ڪٿي آهي، ڇا ان تي پهچي سگهجي ٿو؟
اهڙن سوالن جا جواب ڏند-ڪٿائي علم هڪ نموني ڏئي ٿو، ته مذهبي تعليم ٻي نموني ۽ سائنس وري اڃا ٽين نموني. اڄ ڏينهن تائين اَٽي تي چٽي، ڄَٽ مُلا چوندا رهن ٿا ته ٽي آسمان ٽپِي چوٿين آسمان تي چنڊ تائين انسان ڪيئن پهچي سگهندو!؟
اِيءُ ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
انسانذات جي اٿاريل سوالن جا جواب به مختلف ماڻهو ڌار ڌار نموني ڏين ٿا. ڪيترائي جواب اهڙا هوندا آهن جن تي جيڪڏهن وڌيڪ سوال اٿاريا وڃن ته جواب ڏيندڙ يا ته مُنجهي بيهي رهندو يا وري اڳوڻي جواب کان ڦري ويندو يا مورڳو ئي اڳوڻي جواب جي ابتڙ جواب ڏيندو ــــــ اَنڌا اُونڌا ويڄ، تون کل ڪڄاڙئا کائِيٖين؟ پر ڪن ماڻهن جا جواب ايترا ته مدلل ۽ حقيقت ڀريا هوندا آهن جو ڪيترين حالتن ۾ ته ٻي سوال پڇڻ جي ضرورت ئي نه رهندي آهي ــــــ تَنِين جي ساڃاءَ، تُرَهو ٿئي تار ۾.
انهن جوابن جو دارومدار ڇا تي آهي؟ جوابن جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ڪو به ماڻهو هن دنيا کي ڪيئن ٿو ڏسي، سندس چوڌاري جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان کي ڪيئن ٿو سمجهي ۽ قدرت جي باري ۾ سندس پرک ڪهڙي آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته قدرتي، سماجي ۽ ذهني معاملن ۾ سندس نڪتهء نظر ڪهڙو آهي.
ڪو به ماڻهو ذهن جي باري ۾، سماجي حياتيءَ جي باري ۾، سڄي دنيا جي باري ۾، مانڊاڻ منجهه ٿيندڙ لقائن جي باري ۾، مجموعي طرح جيڪي خيال رکي ٿو انهن کي گڏيل نموني چئجي ٿو سندس دنيائي نڪتهء نظر.
عام طرح اسين جيترو ڪجهه ۽ جيئن ڏسون، سمجهون ۽ ڄاڻيون ٿا ايترو ڪجهه ڪافي آهي يا اڃا به وڌيڪ ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي؟ ڇا اسان کي دنيا جي باري ۾ رڳو اهڙن تصورن جي ضرورت آهي جن سان اسين پنهنجي مٿاڇري ڄاڻ ڪري واقعن کي رڳو ڏسندڙ، تماشائي ٿي رهون؟ ڇا رڳو ڄاڻ ڪافي آهي يا ان جو استعمال به ڪرڻ گهرجي؟
اسان کي فقط مٿاڇري ڄاڻ وسيلي واقعن جو تماشائي ٿي نه رهڻ گهرجي پر اهڙيءَ طرح رهڻ گهرجي جيئن اسين واقعن تي عملي طرح اثر انداز به ٿي سگهون ته ان جو صحيح نموني استعمال به ڪري سگهون. مثال طور: ڪيمسٽري، ڪيميائي علم اسان کي نَونَ مُرڪبن ٺاهڻ جي به ڄاڻ ڏئي ٿو. نوان مادا انسانيت کي فائدو به ڏئي سگهن ٿا ته نقصان به، اهي انسانذات جي خدمت لاءِ به استعمال ڪري سگهجن ٿا ته انهيءَ تي دٻاءُ وجهڻ ۽ دهشت ويهارڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجن ٿا. ڏکڻ ويٽنام جي عوام کي ”جمهوريت جي جهنڊي هيٺ منظم ڪرڻ“ جي ڳالهه ڪندي گڏيل اَميريڪي رياستي (گار) سامراج زهريلا مادا ٺاهي فصلن کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو. ڄاڻ جي اهڙي استعمال مان سندس جمهوريت پسندي ظاهر ٿئي ٿي يا ظالم ذهينت؟ هر هڪ يقين سان چئي سگهي ٿو ته هن عمل مان ”مقامي ماڻهن“ کي ”سڌارڻ“ بدران قتل ڪرڻ جي نيت ظاهر ٿئي ٿي ۽ ڪنهن به نموني ڪنهن رحم ڀري سوچ جو اظهار ڪو نه ٿو ٿئي.
ڇا اوهان کي ڄاڻ جو اهڙو استعمال وڻي ٿو؟ سامراجي ذهن کي ته اهڙو استعمال سٺو لڳندو پر هر انسان دوست ماڻهو اهڙي عمل کان نفرت ڪندو. نوان ڪيميائي مادا ٺاهي فصل وڌائي ۽ زمين کي زرخير به بڻائي  سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو چاهي ته هو دنيا جي فقط مٿاڇري ڄاڻ رکندڙ کان ڪجهه وڌيڪ ٿي رهي ۽ ظلم ختم ڪرڻ ۽ دنيا کي بدلائي عاليشان بڻائڻ جي وڏي ويڙهه ۾ عملي طرح جُنگ جوان ٿي هلي ته ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ مضبوط بنيادن تي بيهڻ گهرجي. هن وٽ ترقي پسند، سائنسي، چڱي طرح ڇنڊڇاڻ ڪيل، انسانذات جي خدمت ڪندڙ حقيقي نڪتهء نظر هڻڻ گهرجي. ڇا اسان پنهنجو نڪتهء نظر چڱيءَ طرح سوچي، سمجهي، پُرجهي ۽ پوءِ قائم  ڪيو آهي؟ ڇا اسان جو نڪتهء نظر ٺوس حقيقتن سان ٺهڪي ٿو؟ گڏپ ۽ ڀائيچاري جي زندگي گذراڻ جي قائل ماڻهوءَ جي باري ۾ لينن لکيو آهي ته ”…هڪ سوشلٽ وٽ چڱيءَ طرح سوچيل، سمجهيل ۽ ٺوس دنيائي نڪتهء نظر بيحد ضروري آهي ته جيئن واقعا هن تي نه، پر هُو واقعن تي ڪنٽرول رکي سگهي.“[3]
سائنسي نڪتهء نظر هڪ شَي آهي ۽ ڏند-ڪٿائي نڪتهء نظر ٻي شَي. ڪنهن به سوال جو جواب مختلف ڇو ٿو ٿئي، اها حقيقت ڄاڻڻ هاڻي ڏُکي نه رهي آهي. اهڙن سوالن جا جواب مختلف ماڻهو ڌار ڌار ان ڪري ڏين ٿا جو سندن دنيائي نڪتهء نظر ڌار ڌار آهي.
دنيائي نڪتهء نظر جي اهميت ڪهڙي آهي؟ دنيائي نڪتهء نظر ماڻهن جي ذهن، سمجهه، خيالن؛ سياسي سوچن؛ حسن جي تصورن؛ سماج اندر اخلاق، عادت، اٿاويٺي؛ روحاني قدرن؛ سائنس ۽ مذهب ڏانهن رويي ۽ عوامي سماجي عمل ۾ سرگرميءَ سان شامل ٿيڻ لاءِ رهنمائي ڪري ٿو. مجموعي طرح عام سوچ، حقيقت متعلق خيال؛ قدرتي، سماجي ۽ ذهني لقائن ۽ ماحول سان تعلق جي سلسلي ۾ دنيائي نڪتهء نظر اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيائي نڪتهء نظر جي اهميت اها به آهي ته ان جي ڪري اسان کي اڻٽٽ، ٺوس ۽ مدلل ڀروسا ملن ٿا.
قديم يونان ۾ عام عقيدو هو ته سج وڏو ديوتا آهي، ٻين سڀني ديوتائن کان مٿاهون، خدائن جو خدا. انيگزاگورس پنهنجي دَور ۾ کلي عام اعلان ڪري ڇڏيو ته ”سجُ باهه جو گولو آهي.“ ڌُوڙيا مچي ويا، وٺ وٺان ٿي وئي، ڦٺ لعنت به ڪئي وئي ته انيگزاگورس کي ڦاهيءَ تي ٽنگڻ جون رٿون به رٿجي ويون، پر هُن کي ڪو به پنهنجي تحقيق تي يقين کان هٽائي نه سگهيو.
گِيارڊونو بِرونو ڌرتيءَ جي گردش ۽ سج جي مرڪزي هئڻ متعلق ڪاپرنِيڪَس ۽ جان ڪيپلر جي نظريي کي گهڻو اڳتي وڌائي ٻڌايو ته ڌرتي ۽ سج ٻنهي مان ڪو به ڪائنات جو مرڪز ڪونهي. چنڊُ ڌرتيءَ چوڌاري ڦري ٿو، ڌرتي سج چوڌاري ڦري ٿي ۽ سج پنهنجن سڀني گِرهن (سيارن) سان گڏ ڪائنات اندر ڦرندو رهي ٿو. وقت جي پادرين کيس ٽي مهينا ڳُوڻ جا ڪپڙا پارائي اهڙي ”ڪفر بَڪڻ“ کان توبهه تائب ٿيڻ جو حڪم ڏنو. گيارڊونو برونو جو اعتماد مُتزلزل نه ٿيو ۽ نيٺ ڪليسا کيس باهه جو بَکُ بڻائي ڇڏيو.
”هنن (فرانسيُن) پڪو پهه ڪيو آهي ته اسان جي  وطن کي وري زير ڪن. نه ته، اسين هر شي قربان ڪري ڇڏينداسون پر پنهنجو وطن سندن حوالي نه ڪنداسون ۽ سندن غلامي قبول نه ڪنداسون. جنهن وٽ جيڪو هٿيار هجي، هُو اهو کڻي نڪري پئي، پوءِ ڀل اهو هٿيار لَٺ يا ڪهاڙي ئي ڇو نه هجي.... اسان مان هر هڪ وڙهندو. اسين وطن ۽ آزاديءَ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به وهائي ڇڏينداسون.... (۽ اوهين ڏسي رهندا ته) سوڀ هر حالت ۾ اسان جي ٿيندي.“ (هوچي منهه، 20 ڊسمبر 1946ع)
آڏو ٽَڪر ٽَر، متان روهَه رَتيون ٿِئين.
آڪٽوبر انقلاب جي موقعي تي سوشلٽ انقلاب جي عظيم اڳواڻ لينن، جنهن تي پرپٺ گولي هلائڻ جو عدالتي حڪم جاري ٿيل هو، چيو ته ”ٽيليفون ايڪسچينج، تار گهر، ريلوي اسٽيشنن ۽ پُليُن تي هڪدم قبضو ڪرڻ گهرجي، اڄ ئي رات جو.... جيڪڏهن اسان اڃا به دير ڪئي ته پاڻ پنهنجي موت جي پرواني تي مهر هڻي رهيا هونداسون!“
جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي،
توڻي لڪن لک، سڀ لنگھنديَس سِڪ سين.
ذڪر ڪيل ٽڪرن مان ڪهڙي ڳالهه پئي بَکي؟ ڀروسو، اعتبار، يقين ۽ هڪ ٺوس نڪتهء نظر. لينن انهن تي سخت تنقيد ڪندو هو جن جا ”ڀروسا سندن زبانن جي چوٽين کان وڌيڪ گهرا نه آهن.“[4] ڀروسو هڪ روحاني قوت آهي. ڀروسو ئي آهي جيڪو حقيقي طرح انساني روح کي سگهارو بڻائي ٿو.
ٺوس ۽ اڻٽٽ ڀروسي جي اهميت ڇا آهي؟
پنهنجن تجربن، مشاهدن، سببن، نتيجن، اصولن، قانونن تي ڄمي بيهي عزت لائق استادن ـــــــ اڪابرن، ڏاهن، فلسفيُن، سائنسدانن ـــــــ جيڪي هيرا لعل هٿن سين آڻي ڏنا آهن، حقيقيتن جا جيڪي ماڻڪ موتي ميڙي هٿ ڪيا آهن ۽ انهن جيڪا انسانذات جي اعلى خدمت ڪئي آهي، اڄوڪو انسان انهن کان وانجهو هجي ها. سچائيءَ جو جوهر لِڪو پيو هجي ها ۽ ڪوڙ بدوڙ جي حڪمراني هجي ها. ظلم ۽ ناحق جي راڄڌاني  خلاف حق جا هوڪارا نه هجن ها. لکين انسان پنهنجون املهه حياتيون قربان نه ڪن ها ۽ ڪروڙين ماڻهو ڀائپيءَ، برابريءَ، آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ سُک جو ساهه کڻي نه سگهن ها. سائنسي سهولتون ۽ ڪرشما نه هجن ها، جڳ مڳ جرڪندڙ ڌرتي نه هجي ها، علمي نعمتون نه هجن ها ۽ ”انڌيرنگري چرٻٽ راجا، ٽَڪٖي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ وارو قصو لڳو پيو هجي ها. ڪائنات جون رمزون راز ۾ رهجي وڃن ها ۽ انسانيت وهم وسوسي ۽ جهالت جي ڄارن ۾ ڦٿڪندي رهي ها. ايٽم جا اسرار اڻلڀ هجن ها ۽ بي پناهه قوت جا ذخيرا ڳجها رهجي وڃن ها، علم نه هجي ها، عقل نه هجي، پيار نه هجي ها ۽ انسانيت نه هجي ها.
جنهن به ماڻهوءَ وٽ ٺوس ۽ اڻٽٽ ڀروسو ڪونهي ان جي سمجهه غير پائدار، مٿاڇرِي ۽ معمولي آهي. سچ جي صحيح ڄاڻ ئي ماڻهوءَ منجهه گهِرو، ٺوس ۽ اڻٽٽ ڀروسو پيدا ڪري ٿي، صحيح ڄاڻ ئي حقيقي دنيائي نڪتهء نظر ٺاهي ٿي ۽ اها صحيح ڄاڻ ئي آهي جيڪا انسان دوست ۽ انسان دشمن ڪردار جي وچ ۾ فرق کي چِٽو ڪري ٿي.
ڄاڻَ ئي ڀروسو پيدا ڪري ٿي، ڄاڻ ئي نڪتهء نظر ٺاهي ٿي، ڄاڻ جي ڪري ئي ماڻهو حقيقتون سمجهن ٿا، ڄاڻ ئي ڏاهپ سان پيار آهي، ڄاڻ ئي فلسفو آهي.
ڄاڻ ۽ ان جو استمال هڪ طرف هڪڙا ماڻهو اهڙيءَ طرح ڪن ٿا جو ان وسيلي انسانيت کي دٻائي، ڊيڄاري، هِيسائي، مُنجهائي ماري پهنجي قبضي ۾ رکي سگهن  ۽ ٻي طرف ڪيترائي ماڻهو اهڙيءَ طرح ڪن ٿا ته جيئن انسانيت کي آزاد، خود مختيار، پاڻڀرو، سکيو ستابو ۽ ماڻهپي ڀريو ماحول ڏئي سگهن.
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مُٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
ماڻهوءَ جو دنيائي نڪتهء نظر ۽ ڀروسو ڪنهن نه ڪنهن فلسفي جي اثر هيٺ ٿئي ٿو. فلسفو ئي آهي جيڪو دنيا کي صحيح نموني سمجهڻ، پرکڻ ۽ پرجهڻ جو بنياد مهيا ڪري ٿو.
فلسفي جو جانبدار ڪردار
ڌُوڌا تون نه ڌَئين، آڳ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين!
اُڀو ايئن چوين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان!
ڇا ڪو به ماڻهو سماج اندر طبقن جي وجود کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟ آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو چوي ته سرمائيدار، جاگيردار، سردار، پورهيت جو هَڏُ چَم نپوڙي، سندن رَت سَت چوسي ڪو نه ٿو پلجي پر پنهنجي پگهر پورهيي مان ڪمائي کائي ٿو؟ پرائي پورهيي تي ڪير ٿو پلجي، پورهيت يا حاڪم طبقو، حڪمران ٽولو، سندس حرامي ٻار نوڪر شاهي ۽ مفت خور مُلو ٻائو؟ ڪير آهي جيڪو چوي ته اسان جي هاڻوڪي سماج ۾ مارُون مصيبتون؛ ڏک ڏولاوا؛ اڻبرابري اڻهوند؛ کوٽون خرابيون؛ بدحالي بـرايـون؛ رشــوتــون رڳــڙا؛ بـي انصافي بي ايماني؛ ڪِيس ڪلور؛ بي چيني بيروزگاري؛ دهشت دٻاءُ؛ جنگيون جهيڙا؛ فساد ڦَڏا؛ ڪوٽ ڪڙا؛ چوريون، ڌاڙا ۽ قتل؛ ڦرلٽ، استحصال، ظلم ۽ ناحق ڪونهن؟ ڪو عقل جو انڌو ۽ احمق انسان يا اک جو پڪو ۽ بي حياءُ ماڻهو يا وري ڦورُو، پرائي پورهيي تي پلجندڙ سرمائيدار، جاگيردار، سردار ۽ سندن ڇاڙتو خدمتگذار ٻَڌو ٻانهو ئي انهن براين کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
زندگيءَ جون نعمتون ۽ خوشيون ڪير ٿو ماڻي، خوشحال ڪير آهي، ڪنهن جا مفاد محفوظ آهن ۽ ڪير حڪومت جو واڳ ڌڻي آهي؟
ڇا سماج جو هيءُ رت پياڪ، مفت خور، وياج کائُو، جنگ باز، پرمار ٿورڙو ٽولو پنهنجو پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي به دليل ڪو نه ٿو ڏئي؛ ڪو مخصوص سندس فائدي جو نڪتهء نظر پيش نه ٿو ڪري، پنهنجي اڪابري، لائقي ۽ وڏ ماڻهپ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي تاويلون، ڪي تشريحون، ڪي گهوٻيون، ڪي گهوماٽيون، ڪي چُونڪه چنانچه، ڪي اَگرون مَگرون ڪو نه ٿو ٻڌائي؟
هنن ته ڪرشن ڀڳوان جي اوٽ ۾، عيسى مريم جي آڙ ۾، اللھ رسول جي ڇانوَ ۾ اهڙيون اهڙيون اگرون مگرون، نظرياتي سرڪڻ ڦاهيون ۽ چُرون ٺاهي ڇڏيون آهن جو چڱي ڀلي جا تختا ڪڍي، کڻي، مٿان ڦيرائي هيٺ هڻنس. هنن پنهنجن طبقاتي مفادن جي بچاءَ ۾ ايترا ته ڪتاب لکي ۽ لکرائي ڍير ڪيا آهن جو سڄي دنيا جا گڏهه ملي ڪري به انهن کي نه کڻي سگهن. اهڙا سمورا علمي ذخيرا، سموريون ڄاڻون، سمورا فلسفا سندن طبقاتي حڪمراني ۽ مفادن کي قائم دائم رکڻ لاءِ ڪتب اچي رهيا آهن.
ٻي طرف چچريل چيڀاٽيل انسانيت آهي، انسانذات جي محروم ۽ مظلوم وڏِي گهڻائِي، ڏينهن رات ٻارين ٻچين پاڻ ولوڙيندڙ، بُکون ۽ بيماريون سهندڙ، جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايل، وهمن وڪوڙيل، رُلايل ڀٽڪايل ـــــــ غريب غلام، هاري ۽ مزدور ـــــــ پورهيت گهڻائِي.
ڏکن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينهن ڪيو.
ڇا ڪا اهڙي ڄاڻ، ڪو اهڙو فلسفو موجود آهي جيڪي ان مصيبت ماريل پورهيت گهڻائيءَ جي مفادن لاءِ ويڙهه ڪندو هجي؟
جڏهن کان طبقاتي سماج وجود ۾ آيو آهي، جڏهن کان ڦورو ۽ ڦريل جو سلسلو شروع ٿيو آهي، جڏهن کان حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم، پورهيو ڦٻائيندڙ ۽ پورهيو ڪندڙ ـــــــ آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور ــــــــ جي درجي بندي ٿي آهي تڏهن کان وٺي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڦورو ۽ بالاتر طبقن ۽ سندن ڇاڙتن، محافظن جي حڪومت رهي آهي ۽ سندن ئي فلسفن جي بالادستي رهي آهي. هنن مختلف نالن سان بظاهر مختلف نظريا رکندڙ سوين سياسي پارٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن جيڪي مختلف نمونن سان اڳي پوءِ سندن ئي مفادن جو تحفظ ڪن ٿيون. هن وقت تائين جيڪا به تاريخ لکي وئي آهي ان جو لڳ ڀڳ سڀ ڪجهه حاڪم طبقن ۽ حڪمرانن جي ثنا ۽ تعريف ۾ لکيل آهي. پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن، ڪٿي ڪٿي، ٽـڙوڇڙ پورهيو ڪندڙن جي ڪنهن جدوجهد، ”بغاوت“، ”فساد“، ”جهيڙي“ جي باري  ۾ لکجي ويو آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته ڪجهه نه ڪجهه، ٿورو ڪِي گهڻو، سادو سودو ئي سهي پر پورهيت نڪتهء نظر ۽ فلسفو به وجود رکندو ۽ ٽڪر کائيندو رهيو آهي:
جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي.
هيءُ ته گذريل صديءَ جي پوئين اڌ کان وٺي مس پورهيت طبقي وٽ پنهنجو ڀرپور نڪتهء نظر ۽ فلسفو مهيا ٿي سگهيو آهي. اڄ باقائدي نه رڳو پورهيت نڪتهء نظر رچي پچي تيار ٿي ويو آهي پر اڃا سوڌو ترقيون ڪري رهيو آهي:
اڄ آڳڙيا آئِيا، سُوڌا سراڻِي
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تِکيون.
پورهيت ان  فلسفي جي جهنڊي هيٺ منظم ٿي جدوجهدون ڪري پاڻ کي ڦرلٽ، محروميءَ، محڪوميءَ ۽ مظلوميت مان ڇڏائي ڀائپيءَ، برابريءَ ۽ گڏپ واري سماج جي اڏاوت ڪري رهيا آهن.
ٻه نڪتهء نظر، ٻه فلسفا. هڪ اهو جيڪو ڦورن، ظالمن، سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن ۽ سندن ڇاڙتن جي خدمت ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو پورهيت ـــــــ مزدور، هاري، غلام ـــــــ مظلوم جي خدمت ڪري ٿو.
اچو ته ڪو سوال کڻون. حياتيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ خوشي ڇا آهي؟ اهو صفا صاف پڌرو آهي ته انسان دوست انقلابي ماڻهن وٽ ۽ سامراج پرست انسان دشمن ماڻهن وٽ حياتيءَ جي مقصد ۽ خوشيءَ جو مطلب ڌار ڌار آهي. ڦورو طبقن وٽ هر شي جي ڪا نه ڪا قيمت آهي، ويندي پيار محبت، عزت ۽ تعريف به پيسي وسيلي خريد ڪئي ۽ وِڪي وڃي ٿي. انهن وٽ خوشيءَ ۽ حياتيءَ جو مقصد ۽ مطلب دولت حاصل ڪرڻ ۾ لڪل آهي. ڪيترو ته پتڪڙو، معمولي ۽ ڪِريل مقصد مقرر ڪيو آهي سندن فلسفي! ان عوام دشمن فلسفي کي رَد ڪندي انقلابي پورهيت انسان حياتيءَ جو مقصد ۽ خوشيءَ جو معراج انسانذات جي گڏيل مقصدن، سمورن ملڪن قومن ۽ سڄي عوام جي ڇوٽڪاري منجهه  سمايل ڏسي ٿو، ته جيئن هُو انسان هٿان انسان جي ڦرلٽ کان آزاد، ڀائپيءَ، برابريءَ ۽ گڏپ وارو؛ نئون، سٺو، سهڻو ۽ ترقي پسند سامراج اَڏي سگهي. مارڪس پنهنجي جوانيءَ جي لکڻين ۾ هڪ هنڌ لکيو، ”تجربي مان خبر پوي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ خوش اهي ماڻهو آهن جيڪي گهڻن ماڻهن کي خوش رکن ٿا.“ پورهيت سياست جو مرڪز محور به اهوئي آهي.
ٻه نڪتهء نظر، ٻه فلسفا:
جتي به سماج هڪ ٻئي جي ابتڙ مفادن وارن طبقن ۾ ورهايل آهي اتي اهو ممڪن ئي ڪونهي ته سڀني ماڻهن وٽ ساڳيو نڪتهء نظر هجي. هڪ طبقي وٽ هڪُ فلسفو آهي ته ٻي وٽ ٻيو. اهو ان ڪري آهي جو سماج ۾ پورهيتن ۽ ڦورن جي حيثيت ڌار قسم جي آهي. سماج کي هر طبقو پنهنجي پنهنجي نڪتهء نظر ۽ فلسفي جي نگاهه سان ڏسي ٿو. دنيا ۾ ڪو به اهڙو فلسفو ڪونهي جيڪو سماج جي ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي خدمت نه ڪندو هجي، دنيا ۾ ڪو به فلسفو ”غير جانبدار“ ڪونهي.
ڪي ڪي دانشوَر پنهنجو ذهن تمام مِٺن زهريلن جملن گَهڙڻ ۾ مصروف رکن ٿا. هُو چون ٿا ته اسين ”انسانذات“ جو قتلام ڇو ڪيون، ڇو نه ماڻهن جو ذهن سڌاريون، ته جيئن اهي ڏاڍائي ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏين!؟ (هِي آهي انسانذات جي نالي ۾ ڏاڍن ۽ ڦورن جو بچاءُ. سُڌرن ٿا ڏاڍا ۽ ڦورو ۽ قتلام وري انسانذات ٿي ٿئي! ڪاڏي ڏاڍائي ۽ ڦرلٽ ۽ ڪاڏي انسانذات جو قتلام! ڪاڏي مُنهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالهيار!) ”انسانيت“ جو درس مذهبي تعليمن ڪو گهٽ ڏنو آهي ڇا؟ قديم زماني کان وٺي اهي تعليمون هلنديون اچن پر نتيجو ڇا آهي؟
ٻيڙياتا ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهڙيون.
اهڙا ماڻهو اڪثر پنهنجي سياست”غير جانبدار“ ۽ ”سماج سڌارڪ“ تنظيمن هيٺ هلائن ٿا ۽ سندن چوڻ آهي ته هُو ڪنهن به مخصوص طبقي جي مفادن جي نگراني ڪو نه ٿا ڪن پر بي لوثي ۽ بي غرضيءَ سان انسانذات جي خدمت ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه ۾ حقيقت ڪيتري؟
”دنيا جي پراڻي توڙي اڄوڪي ادب ۾ هڪڙِي سِٽ ته ڪو ڏيکاري جنهن ۾، توڙي کڻي ستن پردن ۾ ويڙهيل، پر ڪنهن نه ڪنهن فرد، گروهه يا طبقي جي مفادن ۽ قدرن جي تبليغ نه ڪئي وئي هجي! (ڏسڻ واريون اکيون هجن ته ڏسي سگهبو ته سامراجي دنيا جا سائنسي ۽ خلائي افسانا ۽ خود ٻاراڻو ادب به عوام دشمن پروپيگنڊا جي جيوڙن سان ڀريا پيا آهن! چوڻين، پهاڪن، نقلن، ٽوٽڪن تي ويچار ڪريو ته گهڻا غريب عوام جي ساراهه ۾ آهن، گهڻا مٿن ٽوڪ چٿر جا!)“[5] توڙي کڻي سورنهن سينگار ڪري، نرم ملائم مرڪ پکيڙيندي، انتهائي صاف دليءَ سان ڪا به ڳالهه ڪئي وڃي يا ڪو به عمل، پر جڏهن ان کي غور سان جاچبو ته اهو ڪنهن نه ڪنهن فرد، گروهه يا طبقي جي پاسي هوندو، ڪنهن نه ڪنهن فلسفي جي اثر هيٺ هوندو.
طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ جدوجهد جي وچ ۾ فلسفو ڪڏهن به ”غير جانبدار“ رهي نه ٿو سگهي. ظالم ۽ ڦورُو کي سڌارڻ جي ڳالهه ڪندي پورهيت جي  پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد کي ٿـڌو ڪرڻ يا ان کان پاڻ کي ڪَٽيلُ رکڻ اڻ سڌي نموني به نه، پر سنئون سڌو پاڻ کي ڦورن جي جهوليءَ ۾ اڇلائڻ برابر آهي.
هن سڄي بحث مان هڪ ئي نتيجو نڪري ٿو ته سڄِي طبقاتي تاريخ دوران ڦورن جي فلسفي ۽ پورهيت جي فلسفي جي وچ ۾ جهيڙو رهندو آيو آهي. انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿِي ئي نه ٿو سگهي. فـلسفو پانڊُن ۽ ڪورُن جي جهيڙي ۾ ڪرشن وارو ڪردار ادا ڪو نه ٿو ڪري. پورهيت پاسي يا ڦورن طرف، فلسفو هميشه جانبدار رهيو آهي.
اوهين ڪهڙي پاسي؟

ماديت ۽ خيال پرستي
پاڻيءَ سين پيکُ ڪيو، تيلاه وڻجارن،
لالون سي لهن، جنين سودو سچ سين.
پورهيت فلسفو ۽ ڦورُو فلسفو سڄي تاريخ دوران وڙهندا رهيا آهن. پورهيت فلسفو ڦورو طبقن جي مفادن کي پيڙهائتو ڌڪ هڻي، پاڙؤن پٽي ناس ڪري ٿو. ڦورو طبقن کي اهو ڪڏهن به گوارا ناهي ته هو پورهيت فلسفي کي ڪنهن به طرح اسرڻ نسرڻ ۽ ڦلڻ ڦنڊڻ جو موقعو ڏين. هنن فلسفي جي هر سوال تي سوين ڪوڙڪيون وجهي رکيون آهن ۽ ڪيترن ئي لفظن جي مفهومن تي ڪوڙ جا ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن. ڦرلٽ، ڪوڙ ۽ سازش سندن بنيادي پيشو آهي ۽ انهن کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ وٽن ڪيترائي ڍنڍورچي پلجن ٿا. هو ڏينهن کي رات ۽ قتلام کي جمهوريت بڻائي بيان ڪري سگهن ٿا. انهن جو ننڍي ۾ ننڍو مثال انساني تاريخ آهي. هنن سڄي انساني تاريخ ۾ قاتل، رهزن، وحشي ۽ خونخوار درندن کي  مهاٻلي، اڌيراج، امير، غازي، سلطان، بادشاهه، شهنشاهه، ظل الله، قيصر ڪسرى، محافظ دين و ملت جهڙا لقب ڏئي مشهور ڪيو آهي ته ٻي طرف انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي باغي، فسادي، خوني، ڌاڙيل، شرپسند، دهريو، ڪافر، ملحد، ڦـڏئي، پاڳل ۽ جهيڙاڪر بيان ڪيو آهي. علمي معاملن ۾ به هنن ڪي گهٽ گهوٻيون نه هنيون آهن. ٻين سوين لفظن جيان ”ماديت“، ”خيال پرستي“ جي مفهوم ۾ به نج نبار ڪوڙ بيان ڪيو وڃي ٿو.
    مثال طور، چيو وڃي ٿو ته خيال پرستي ”خيال“، ”تصور“ يا ”مقصد“ لفظن تان ورتل آهي. انهيءَ ڪري خيال پرست اهو ماڻهو چئبو جيڪو دل جي سچائي، بي غرضي ۽ بي لوثيءَ سان ڪنهن تصور، روح يا مقصد جي پوئواري ڪندو هجي، جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳي رڳو انسانيت جي خدمت جو بار پنهنجن ناتوان ڪلهن تي کنيو هجي. ٻي طرف وري ماديت جي باري ۾ اهو پيو اڇاليو وڃي ته ماديت معنى ”خسيس“، ”معمولي“، ”نجي“، ”ذاتي“ مادي فائدا حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ۽ ماديت پسند معنى اهو ماڻهو جيڪو اهڙن ”غليظ“، ”گندن“، ”ڪُڌن“ ۽ ”خسيس“ مادي مفادن لاءِ ڪوششون ڪندو هجي. ”ماديت“ ۽ خيال پرستي جي باري ۾ هي ايڏو وڏو ڪوڙ آهي جو سمنڊ ته ڇڏيو پر اپسمنڊ به سُرڪي ئي نه ٿئي.
جيڪڏهن اهو مفهوم صحيح هجي ها ته جيڪر سمورا ڦورُو، بدمعاش، رهزن، خوني، قاتل، جنگباز، پرمار ”ماديت“ جي زمري هيٺ اچي  وڃن ها ۽ سمورا مُلا، ٻاوا ٻانڀڻ، پادري پوپ وغيره خيال پرستي جي عنوان هيٺ. باقي پورهيت عوام جو ڇا ٿيو سا خبر ڪانهي! اهي شايد ڌرتيءَ تي وجود ئي ڪو نه ٿا رکن!؟ اڃا ٻين لفظن ۾ ”ماديت“ جيئن ته پورهيت نڪتهء نظر آهي تنهنڪري انهن جون سموريون ڪوششون ٿيون ”غليظ“، ”گَنديون“، ”ڪُڌيون“ ۽ ”خسيس“ ۽ خيال پرستي جيئن ته ڦورن جو فلسفو آهي تنهنڪري انهن جو هر ”نيڪ ڪم“ ( ڏاڍ، جبر، ظلم، ناحق، سازش ۽ پرمارِي) ٿيو ”اعلى مقصد“ جي خدمت گذاري.
”هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا“، ”مُنهن ۾ موسى، اندر ۾ ابليس“ ــــــ مُلا پير، پنڊت ٻاوا، پادري پوپ، نوڪر شاهي ۽ سندن پاليندڙ پليت، پرمار، ڦورو، سرمائيدار، جاگيردار ۽ سردار، ”ماديت“ ۽ ”خيال پرستي“ جي باري ۾ غلط ۽ ڪوڙ بڪندڙ اجهو اهي آهن.
مادي مفاد چئجي ڇاکي ٿو؟
(1) جيڪو به ساهوارو موجود آهي ان کي بُک لڳي ٿي. زندهه رهڻ لاءِ سڀ کان اڳ هن کي بک جي باهه وسائڻي آهي. پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي واڌاري ۽ بقا لاءِ هن کي پنهنجو پيٽ ڀرڻو آهي. جياپي جي پهرين ضرورت کاڌو آهي. جيئرو رهندو ته مذهب، فلسفي، سائنس ۽ مقصد بابت سوچي به سگهندو، زنده ئي نه هوندو ته سوچيندو وري ڪير؟ ڇا مُلا، ٻاوا، پادري؛ ڇا سيٺيون، وڏيرا ۽ سردار؛ ڇا ڦورو فرمانروا ۽ نوڪر شاهي بنا پيٽ ڀرئي اهڙا ٽِٽ ڏيندا پيا وتن؟
(2) پيٽ ڀرڻ لاءِ سڀ کان اڳ گذر کپي، گذر جو وسيلو کپي ــــــ ”... هزارين سالن کان وٺي گذران جي گهڻن ۾ گهڻن وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ لٺ لڳندي اچي ”ڏاڍو سو گابو“ واري ان ويڙهه ۾، هر هنڌ ۽ هر دَور ۾، ٿورا بدمعاش ۽ غنڊا ماڻهو پنهنجي پتيءَ کان تمام گهڻا وڌيڪ گذر جا وسيلا (چراگاهه، زمينون ۽ ڪارخانا وغيره) ڦٻائي ويهي رهندا آيا آهن. جنهن جو پيڙهه تي قبضو سو عمارت جو مالڪ، جنهن جو ٿـڙ تي قبضو سو ٽارين، پنن ۽ ميون سوڌو سڄي وڻ جو ڌڻي.
”گذران جي وسيلن تي قابض ٿيڻ کان پوءِ اهي ڦورو ۽ ظالم ٽولا هر ٻي شي، سياست، قانون، انصاف، علم، مذهب، فن، تعليم، فلسفي توڙي نظريي تي قابض ٿي ويندا رهيا آهن ۽ انهن کي هٿراڌو بڻائي، بگاڙي ۽ خراب ڪري پنهنجي ڦورو ۽ ظالم مطلبن لاءِ ناجائز طرح استعمال ڪندا رهيا آهن. هڪڙي پاسي انهن شين جي مدد سان ته ٻئي پاسي اگهاڙي جبر ۽ ڏنڊي جي زور تي اهي ماڻهو ماڻهن جي وسيلن کان محروم بڻايل اڪثريت کي، ڍورن وانگر وهائي، سندس ڪمائيءَ مان مال ۽ دولتون گڏ ڪري، عيش ۽ بادشاهيون ڪندا رهيا آهن.“[6]
جيڪڏهن رڳو ”مقصد“ جي پوئواري لاءِ اهي مِير پِير، ڦورو بدمعاش پنهنجي زندگي تياڳي ويٺا آهن ته پوءِ گذر جي مادي وسيلن تي قبضو ڪري ڇو ويٺا آهن ۽ محروم بڻايل بي گذر انسان جڏهن گذر جي وسيلن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ته سندن جيلن ۽ ڦندن جو وات ڇو ٿو ڦاٽي وڃي؟ يا وري ايئن چئجي ته هنن ويچارن مسڪين، مفلس ڦورو بدمعاش حاڪم طبقن ۽ سندن ڇاڙتن وٽ ته ڪجهه به نه آهي ۽ جيڪڏهن گذر جي وسيلن تي قبضو آهي ته اهو رڳو لوڀي ٺوڳي پورهيتن جو آهي ۽ اجايو ڇتا ٿيا آهن جو قبضو به سندن آهي ۽ جيلن ۾ به خواه مخواه ٿا پاڻ وڃي پون ته پاڻ کي پاڻ ئي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ڇڏن!؟
(3) انسان کي تحفظ به کپي ٿو. جيت جڻين ۽ نانگ بلائن کان، قدرتي آفتن ۽ وبائن کان؛ زلزلن، طوفانن ۽ ٻوڏن کان؛ گرميءَ، سرديءَ ۽ پارن کان، بيماريءَ بڙيءَ ۽ بدمعاشيءَ کان تحفظ کپي ٿو. ”غريب جو ٻار سُتيءَ ڦڪيءَ لاءِ تڙپي مري ويندو ۽ امير هچا اسي سالن جي به ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي زور تي  بيمارين جي پاڙِ پٽي نين شادين جا پروگرام پئي بڻائيندي، امير مرندو ته راڄ ماري پوءِ ۽ غريب جو پٽ ننڍپڻ مان چڙهي جوانيءَ کي رسيو ته به وڏي ڳالهه. غريب عوام جي پُٽن ۽ ڌيئن جي جواني جهڙو کهنبي جو چٽڪو ۽ امير پوڙهيون ٻانڀون به چئو ته ڪر هينئر سيج تان لهي آيون آهن.“[7] محل ۽ ماڙيون ڪنهن وٽ آهن ۽ جُهڳيون جهوپڙيون ڪنهن وٽ، عطر عنبير مَکٖي اڇيون اجريون پوشاڪون اوڍي ڪير ٿو هلي ۽ ڪير آهي ”جت کَرَڙَ، کٿا ۽ کاهيون؛ پال، پڪا ۽ پَڪ“.
ڇا ”ويچارا“ ڦورو بدمعاش ۽ سندن ڇاڙتا انگ اگهاڙا ڪيو، ڀڀوت مَليو، بَرپٽ بيابان ۾ ڪَنَ ڪڍيو ويٺل هوندا آهن؟
گذران ڪرڻ، پاڻ بچائڻ ۽ نسل وڌائڻ انسان ته ڇڏيو پر هر ساهواري جون بنيادي ۾ بنيادي ضرورتون آهن. انسانُ، خيالَ، تصورَ ڊوڙائي، ڳالهيون ڪري ۽ ڪتابَ چٽي پاڻ کي زندهه رکي نه ٿو سگهي. گذرُ، بچاءُ، وڌاءُ ۽ انهن سان واسطيدار شيون هر انسان کي گهرجن ٿيون. انهن جي ڳالهه ڪرڻ، انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ هر انسان کي اهڙيون نعمتون وس ۾ ڪري ڏيڻ ڪنهن به طرح ڪو ڏوهه گناهُه يا ڪفر، ڪو فتنو، فساد يا بغاوت ڪونهي.
سمورا ڦورو بدمعاش، سندن ڇاڙتا ۽ ”تنگ نظر ماڻهو، ماديت جي مراد اها وٺن ]ٻڌائن[8] [ ٿا ته کاڌي جي هٻش، شراب خوري، بدنگاهي، شهوت پرستي، غرور، لالچ ۽ لوڀ، نفعي خوري ۽ مَٽاسٽا (Stock Exchange) جي ڌوڪي بازي ـــــــ ٿوري ۾ هيءُ ته اهي سڀ گندا عيب جيڪي پاڻ ئي ڳجهه ئي ڳجهه ۾ ]۽ اڄ ڪلهه ظاهر ظهور[ ڪندا وتن ٿا، ۽ خيال پرستي مان مراد نيڪي، سڀ طرفي سخا ۽ عام طور اها ”بهتر دنيا“ سمجٖهي ]ٻڌائٖي[ ٿو جنهن ۾ پاڻ ئي لٿي پٿي تڏهن ايمان آڻي ٿو جڏهن جبر ۽ تشدد جو شڪار ٿئي ٿو يا چالو ”مادِي“ لوڏن لمن ڪري سندس ڏيوالو نڪري وڃي ٿو.“[9] لوڀي، ٺوڳي ۽ لالچي ڪير آهي؛ راشي، زاني ۽ رت پياڪ ڪير آهي؛ خود غرض، ذخيري باز ۽ بليڪ ڪندڙ ڪير آهي، ”اخلاقي سٺائي“ جي آڙ ۾ رهزنيون ڪير ٿو ڪري، هٿيار ڪنهن جي ڪارخانن ۾ ٺهن ٿا؛ جنگيون ڪير ٿو ڪرائي؛ شهرن جا شهر ساڙائي، راڄ مارائي، قومن ۽ عوام کي غلام بڻائي عيش عياشيون ڪير ٿو ڪري؟ ڇا سڪندر، سيزر، چنگيز، هلاڪو، يزيد، حجاج، شاهه بيگ، مدد خان، نپولن، مسوليني، زار، هٽلر وغيره پورهيت هئا؟ اهي ڦورو، بدمعاش، لٽيرا ۽ مفت خورا ئي آهن جن کي شرافت، نيڪي، جود ۽ سخا، ”بهتر دنيا“ ۽ دين ايمان تڏهن ياد پون ٿا جڏهن سندن ”مادِي“ مفادن کي ڌوڏو اچي ٿو.
هر کليل ذهن جو مالڪ اهو چٽيءَ طرح ڏسي سگهي ٿو ته مارڪس، اينجلس ۽ لينن، مائوزي تنگ، هوچي منهه ۽ ڪم ال سنگ؛ اسٽالن، فوچڪ ۽ لوممبا جهڙن ماڻهن پنهنجون ممڪن عياشيون ۽ حياتيون گهوري انسانذات جي بچاءَ ۽ وڌاءَ لاءِ ڪيترو ڪجهه نه ڪيو آهي.
نه ڪِي کڻن پاڻ سين، نه ڪِي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءٌ نه جيئندِي اُن ري.
انقلابي ماڻهو انساني خوشحاليءَ لاءِ نه رڳو لازمي مادي شين ٺاهڻ ۽ اهي هر هڪ کي ميسر ڪرڻ تي زور ڏين ٿا پر هو اعلى انساني قدرن سان پڻ جنجهيل آهن، اهي املهه موتي آهن، ”پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون“، اهي ئي آهن جيڪي پنهنجي لاءِ نه، پر سڄي انسانذات جي خوشيءَ، آزاديءَ، ترقيءَ، ڀائپيءَ ۽ برابريءَ لاءِ سڄي ڌرتي جي قاتل، رهزن، بدمعاش ۽ ڦورو قوتن سان سخت ٽڪر کائن ٿا. پورهيت فلسفي جو بنياد ماديت تي ۽ ڦورو فلسفي جو بنياد خيال پرستي تي آهي.
”ماديت“ ۽ ”خيال پرستي“ جو حقيقي مفهوم ڪهڙو آهي؟
سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي به لقاءَ ۽ عمل ٿين پيا اهي ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا اهي جيڪي مادي سان تعلق رکن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي ”روح“، خيال سان تعلق رکن ٿا. تارا، سج، چنڊ، ڌرتي، ماڻهو، حيوان، وڻ، ٻوٽو، پٿر، مٽي، ايٽم، بجلي، روشني، وغيره مادي شيون ۽ لقاءَ آهن. خيالَ، خواهشون، تصورَ، جذبا، احساسَ، ذهن، شعور روحاني لقاءَ آهن.
ڪنهن به فلسفي جا وڌيڪ عام سوال اهي آهن جن جو واسطو قدرت جي جوهر ۽ بڻ بنياد، ماڻهوءَ ۽ ان جي شعور جي جوهر ۽ بڻ بنياد ۽ انسان جي حياتيءَ سان آهي. انهن فلسفياڻن سوالن جو انت آخرڪار اهو وڃي ٿو بيهي ته روحاني ۽ مادي لقائن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. جڏهن ماڻهن اهو ڀروسو پئي رکيو ته مرڻ مهل مرندڙ جو ”روح“ نڪري وڃي ٿو تڏهن به ان روح جو ٻاهرين دنيا سان تعلق ڳولڻ جي ضرورت هئي. مادي ۽ روحاني لقائن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، مادي ۽ روح جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو ناتو، ڪير اڳ آهي مادو يا روح، هستي يا خيال، قدرت يا ذهن؟ يا ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال هن طرح رکيو ويندو آهي ته ڇا اهو روح، ذهن، شعور آهي جيڪو هستيءَ، مادي، قدرت کي خلقي ٿو يا اها قدرت، مادو، هستي آهي جيڪا روح، ذهن، شعور کي پيدا ڪري ٿي؟ هي آهي فلسفي جو بنيادي سوال. شايد اهو ئي سوال آهي جنهن تي اڄ ڏينهن تائين سڀ کان وڌيڪ ڏي وٺ، بحث مباحثو ۽ ڇڪتاڻ ٿي آهي.
فلسفي جي هن بنيادي سوال جي باري ۾ مختلف فلاسافر ڌار ڌار قسم جا جواب ڏين ٿا.
هڪڙا فلاسافر چون ٿا ته مادو، قدرت، دنيا، هستي اڳ آهي، پهرين آهي، اول آهي ۽ روح، ذهن، شعور ان جي پيدائش آهي، ان جي ڪري وڌيو آهي، پوءِ آهي، ثانوي آهي. اهي پنهنجي فلسفي، علم، تحقيق جي ابتدا ان حقيقت کان ڪن ٿا ته اهو مادو ئي آهي جيڪو هر هڪ وجود رکندڙ شي ۽ لقاءَ ــــــ سڀ ڪجهه ــــــ جو بڻ بنياد آهي. اهڙن فلاسافرن کي ماديت پسند فلاسافر چئجي ٿو.
    ٻيا فلاسافر وري چون ٿا ته روح، ذهن، شعور، خيال اڳ آهي، پهرين آهي، اول آهي ۽ مادو، قدرت، هستي ان جي تخليق آهي، پيدائش آهي، پوءِ آهي، ثانوي آهي. اهي پنهنجي فلسفي، علم، تحقيق جي ابتدا اهو سمجهي ڪن ٿا ته روحُ، ذهنُ، شعورُ، خيالُ (يا ڪڏهن ڪڏهن جيئن هُو چون ٿا ته عظيم روحُ، عظيم قوتَ، آفاقي هستي، فطرت کان مٿاهون وجودُ، سپر پاور، وڏو ديوتا وغيره) مادي جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ موجود هو ۽ انهيءَ ئي پنهنجي ڪرشمي سان، حڪم سان، ڦُوڪ سان مادو، ڪائنات، قدرت، هستي تخليق ڪئي. هو روح کي هر شي ۽ لقاءَ ـــــــ سڀ ڪجهه ـــــــ جو بڻ بنياد مڃن ٿا. اهڙن فلاسافرن کي خيال پرست فلاسافر چئجي ٿو.
ماديت پسند فلاسافر ماديت تي يعني مادي جي اڳ ۾ هئڻ ۽ سڀ شي جو بنياد هئڻ ۾ يقين رکن ٿا ۽ خيال پرست فلاسافر خيال، روح جي اڳ ۾ هئڻ تي بنياد رکن ٿا. ماديت چوي ٿي ته مادو اول آهي ۽ روح، ذهن ان جي پيدائش آهي ۽ خيال پرستي چوي ٿي ته روح، ذهن اول آهي ۽ مادو، قدرت ان جي تخليق آهي. اڄ ڏينهن تائين انسانذات ڪا به هڪ سِٽ اهڙي نه لکي آهي، ڪا به هڪ ڳالهه اهڙي نه چئي آهي، ڪا به هڪ بامقصد سرگرمي اهڙي نه ڪئي آهي جيڪا آخري ڇنڊڇاڻ موجب انهن ٻنهي فلسفن مان ڪنهن هڪ پاسي نه هجي ــــــ ماديت طرف يا خيال پرستي طرف. ڪو به ٽيون، وچ وارو يا ٽئين قسم جو فلسفو ڪونهي، ڪنهن به قسم جي ”غير جانبدار“ فلسفي جو وجود ڪونهي. اهي ٻئي ڌڙا، ٻئي نڪتهء نظر، ٻئي فلسفا فلسفي جي سڄي تاريخ دوران هڪ ٻئي سان دَس دسان واري ويڙهه ڪندا آيا آهن. ماديت پورهيت جي حق ۾ وڃي ٿي ته خيال پرستي وري ڦورن جو بچاءَ ڪري ٿي، پورهيت جو فلسفو ماديت پسند آهي جڏهن ته ڦورن جو فلسفو خيال پرست.
هڪ ماڻهو، جيڪڏهن پنهنجو تفصيلي، ذري پرزي ۽ مڪمل جائزو وٺي ته هو اڳي پوءِ پنهنجو پاڻ کي مجموعي طرح ماديت پسندي طرف ڏسندو يا خيال پرستي طرف، سندس مجموعي خيال، ڳالهيون ۽ عمل پورهيت جي مفاد ۾ هوندا يا ان جي ابتڙ ڦورن بدمعاشن جي حق ۾ هوندا.
”پر فڪر ۽ وجود جي تعلق واري سوال جو هڪ ٻيو پهلو به آهي. جيڪا دنيا اسان جي چوڌاري آهي ان سان اسان جي خيالن جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا اسان جو فڪر حقيقي دنيا جي ادراڪ جي صلاحيت رکي ٿو؟ ڇا اسان حقيقي دنيا متعلق پنهنجن خيالن ۽ تصورن ۾ حقيقت جي صحيح عڪاسي ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا؟“[10]
فلسفي جي ان بنيادي مسئلي جو هڪ پهلو ٻيو به آهي يعني اسين دنيا کي ڄاڻي سگهون ٿا يا نه؟ هن سوال تي به ماديت ۽ خيال پرستي جي وچ ۾ اختلاف آهي. ماديت پسندي چوي ٿي ته دنيا کي ڄاڻي سگهجي ٿو ــــــ اها جيئن آهي، جيڪا آهي، جيئن تبديل ٿئي ٿي، جيڪي به ان جا روپ ۽ لقاءَ آهن ــــــ اهي سڀ جو سڀ ڄاڻي سگهجن ٿا. ان جي ابتڙ خيال پرستي چوي ٿي ته دنيا کي ڄاڻي نه ٿو سگهجي ـــــــ اها لڪل آهي، سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي، ان جي سڀني لقائن جو ادراڪ اسين نه ٿا ڪري سگهون.
     اصل ۾ خيال پرستي سان ”مصيبت“ اها آهي ته هن کي سماج اندر ڦورو ۽ ظالم ٽولن جي مفادن جو بچاءُ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ماڻهن اهو ڄاڻي ورتو ته فطرت جي حقيقت ڪيئن آهي ته پوءِ فطرت جو هڪ حصو يا لقاءَ هئڻ جي حيثيت ۾ سماج کي به سمجهي ويندا ۽ لازمي طرح اهو به ڄاڻي وٺندا ته ڦرلٽ ۽ ظلم به ڪِن سببن جي ڪري آهي، اهي سبب سماج اندر ئي سرجن ٿا ۽ اهي به ڪن فطري اصولن هيٺ آهن. ان جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو ته ماڻهو اڻ برابري ۽ استحصال خلاف جدوجهد ضرور ڪندا. اهڙيءَ حالت ۾ ڦورن، ظالمن ۽ مفت خورن جو انت ڇا ٿيندو؟ سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو. ان ڪري اعلان ٿي ويو ته فطرت کي ڄاڻي نه ٿو سگهجي، ”نه هوندو بانس، نه وڄندي بانسري“.
هر طبقاتي سماج ۾ خيال پرستيءَ جو ڪردار ڏسو. اهو چڱيءَ طرح چٽو آهي ته هر استحصالي سماج ۾ طبقا ٿين ٿا، ڪٿي ظالم ۽ مظلوم قومون به آهن ته ڪٿي عوام مٿان فوجي ڊڪٽيٽري به. اهڙي ماحول ۾ جڏهن خيال پرستن جي رويي يا ڪتابن کي ڏسبو ته بظاهر، پهرين نظر ۾، اهي ”هن دنيا جي گندگين“ ۽ پارٽين، طبقن ۽ قومن جي جدوجهد کان پاسيرا ۽ ڏوراهان پيا ڀانئبا. ڇا اهو سچ آهي ته خيال پرست فلاسافرن جا ڪم ۽ تخليقون ظالم ۽ مظلوم جي جنگ ۾ ڪنهن جو به پاسو نٿا وٺن؟ نه، اهو سچ ناهي. سندن هر ڪم ۽ ڳالهه ظالمن ۽ ڦورن جي باقاعدي حمايت ڪن ٿا، سندن هر ڪتاب سماج جي رجعت پرست بدمعاش ٽولن جي مفان جي باقاعدي ترجماني ۽ بچاءُ ڪندي نظر اچي ٿو، اهو سڀ ڪجهه هڪ طرف ۽ ٻي طرف وري هو پورهيت ماڻهن کي روحاني طور غلام بڻائڻ، منجهائڻ، وچڙائڻ، مايوس ڪرڻ، اڪيلو بڻائڻ ۽ وهمن وسوسن ۾ ڦاسائڻ واري ”اعلى انساني خدمت“ ڪندي نظر ايندا. افلاطون غلاميءَ کي صحيح پئي سمجهيو، ٻه صديون اڳ تائين اَفريڪي ڪارن جو سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ کلي عام نيلام ٿيندو هو، عرب سڳورا اڄ تائين غلاميءَ کي جائز پيا سمجهن. هيگل پروشيا جي شهنشاهيت کي حق تي پئي سمجهيو. خيال پرستي موجوده وقت به ڦورو بدمعاش ۽ ظالم حاڪم طبقن، سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن، خانن، وڏيرن، چوڌرين؛ سندن خوشامدڙين ۽ مفت خور ڇاڙتن جي مفادن کي بچائڻ جو ڪم ڪري ٿي.
سائنسي حقيقتن جي سلسلي ۾ به انهن ڪي گهٽ گهوٻيون  نه هنيون آهن. مثال طور، ”ارتقا جي نظريي“ ڏانهن خيال پرستي ۽ ماديت پسندي جو رويو ڏسو. خيال پرستي پنهنجي روايتي تاريخي ڪردار کي ورجائيندي هن ڌرتي ڌوڏيندڙ حقيقت کان انڪار ڪري ٿي ته هر قسم جي ساهوارين جنسن ۾ ڪي به تبديليون ڪونه ٿيون اچن. جڏهن ته اڄوڪو ننڍو وڏو ڄاڻي ٿو ته هٿراڌو پيوندڪاريءَ وسيلي ٻوٽن جون نيون نيون جنسون ٺاهيون ويون آهن. ايرِي چانور نمبر 6 ۽ 8 ڇا آهن؟ لطيف ۽ شهباز ڪپهه[11] ڇا آهي؟ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ هٿراڌو پيوندڪاريءَ جا ڪرشما ته ڏسي اچو! ڪُڪڙن، ڪُتن، مَينهن، ڏاندن ۽ گهوڙن جون عمدي کان عمديون جنسون نه ٺاهيون ويون آهن ڇا؟ پولٽري فارم جا ڪم ته ڏسو! خچر ڇا آهي؟ هٿرادو پيوندڪاري وسيلي جنس عمدي، سٺي ۽ اڳين کان وڌيڪ لياقت واري ٿي سگهي ٿي ته ڇا فطرت اندر لکين سالن ۾ قدرتي چونڊ وسيلي جنسن ۾ ڪا به ڦيرڦار نه آئي هوندي؟ انساني نسل جا ڏهاڪين قسم ڪيئن ٺهيا؟ هن ڌرتيءَ تي جيڪي لکين ڪروڙين جنسون موجود آهن، رڳو گلاب جي گل جون چار سَو کان وڌيڪ، پوپٽن جون ڏهه هزار کان وڌيڪ، جيتن جون ٽيهه هزار کان وڌيڪ جنسون موجود آهن. ڇا اهي ڪنهن ”روح جي ڦُوڪ“ جو ڪرشمو ٿي پيون؟ ساهوارن جي علم متعلق هر هڪ ڪتابُ اهڙين قدرتي تبديلين جو ڏس ڏئي ٿو.
جانورن ۽ ٻوٽن جي درجيبندي (Classification) پڙهي ڏسو. ساهوارن جو سڄو علم چوي ٿو ته قدرتي چونڊ وسيلي جنسن ۾ تبديليون ٿيون آهن پر ڏند ڪٿا چوي ٿي ته ”آسمانن کان مٿاهين آسمان“ تي ويهي ڪنهن ”ديوتا“ پنهنجي ڪارسازي ڏيکاري آهي. صحيح ڪير آهي: تحقيقي سائنسي علم يا جهالت ڀري ڏند ڪٿا؟
ارتقا جو نظريو خيال پرستيءَ جٖي ”تخليق“ متعلق سڄي ”علمي ذخيري“ کي اُڊيڙي ڦٽو ڪري، ان کي گندگيءَ جي ڍير کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڄاڻائي. ظاهر آهي ته خيال پرستي پنهنجي علمي ۽ ديني ورثي کي ڍونڍ سمجهڻ قطعي پسند نه ڪندي. ان ڪري اها هڪ سائنسي حقيقت کان انڪار ڪري نَڪ جي پڪائيءَ سان ارتقا جي نظريي کي چٻاڙي، چيٿاڙي، منجهائي ۽ بگاڙي پيش ڪري ٿي.
ڪليسا جيئن گيارڊونو برونو کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو پر برونو جي دليلن کي دليلن سان رد ڪري نه سگهي تيئن ڊارِوِن تي به چرچ ۾ ڪيس هلايو ويو، پر سندس پيش ڪيل سوين حقيقتن جي مخالفت ۾ ٺَـلهو عقيدو رکيو ويو. سائنسي حقيقت ڇا به هجي پر ”عقيدو“ چوي ٿو ته ارتقا جو نظريو غلط آهي تنهنڪري اهو غلط ٿي ويو، ڪُڇڻ پُڇڻ جي گنجائش ناهي، ثبوت جي ضرورت ڪهڙي! ”ڏاڍي جِي لَٺ کي ٻه مٿا“ باقي ڇو هوندا آهن؟
جملي ماديت، خيال پرستيءَ جي ابتڙ، ارتقا جي نظريي کي صحيح سمجهي ٿي....

جدليات  ۽ مابعدطبعيات
وکر سو وِهاءِ ، جو پَئٖي پراڻو نه ٿيٖي،
ويچيندي ولات ۾، ذري ٿيٖي نه ضاياءِ،
سا ڪا هَـڙ هلاءِ، آڳـﮧ جنهن جٖي اُبَهٖين.
علم حاصل ڪرڻ جون به ڪي فضيلتون آهن، برپٽ بيابان ۾ بيڪار ويهي ڪو ماڻهو عالم ٿي نه ٿو سگهي. ڪنڊ ۾ مُنهن هڻي قومي آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ سان ڪا قومي آزادي نازل ٿي نه پوندي، ان جي لاءِ سِر سان ڪفن ٻَڌي ميدان ۾ نڪرڻو پوي ٿو. ڦرلٽ مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڦورو مُنهُن مَٽَ ڪافي ناهي پر ڦورن خلاف انقلاب برپا ڪرڻو پوندو. ڪنهن به ماڳ تي پهچڻ جو ڪو نه ڪو دڳ ٿئي ٿو، انهيءَ راهه تي هلندو ته ماڳ رسندو، نه ته ٻي حالت ۾ ڀٽڪي ويندو.
قومي آزادي حاصل ڪرڻي آهي يا نه؟
ڇا ان جي لاءِ ڪي قوتون به گهرجن ٿيون يا نه؟
اهي قوتون ڪهڙيون آهن؟ ظالم، ڦورو، بدمعاش ۽ رهزن طبقا ۽ سندن مفت خور فتوى باز چيلا، يا، مظلوم پورهيت عوام ۽ سندن هڏڏوکي روشن خيال ترقي پسند انسان؟
آزادي ڪيئن حاصل ڪري سگهبي؟ گار سامراج جي نگهباني هيٺ هلندڙ گڏيل قومن ۾ اپيلون ڪرڻ ۽ ڪجهه سالن لاءِ تعليم پرائيندڙ شوباز شاگردن وسيلي، يا، انقلابي پورهيت جي پائدار ٻَڌي ۽ مضبوط تنظيم ٺاهي جدوجهدون ڪري ۽ انقلاب برپا ڪرڻ وسيلي؟
ڏونگر نه ڏورٖي، سِڪَڻ جون سَڌون ڪري،
ويٺــي گهــر گهــورٖي، پِــرينءَ مـٿــان جــندڙو.
لطيف سائين جي ڦِٺ لعنت جو شڪار اهڙا آهن ۽ جن جي تعريف ڪئي اٿس انهن جا نشان ڪهڙا ٻڌايا اٿائين:
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اِيءُ مَرڪ،
وجهن ڪا نه فرق، رُڪ وَهندي راند ۾.
اوهين به مٿين سوالن جا جواب ڏئي ڏسو. جواب ڏيڻ سان منزل ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ جو دڳ ملي ويندو.
”ڪيئن“ اهڙو ئي سوال آهي جنهن جي جواب ۾ ڪنهن به شي ۽ لقاءَ جي حقيقي فطرت تائين پهچڻ واري دڳ ۽ گهربل وسيلن جي نشاهندي ٿئي ٿي.
جڏهن اسين ڪنهن به شَي يا لقاءَ کي جاچڻ ۽ سمجهڻ چاهيون ٿا ته ان کي جاچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪو نه ڪو طريقو استعمال ڪيون ٿا. ”طريقي“ جو مطلب آهي ڪنهن به ماڳ تائين پهچڻ جو دڳ ۽ ان لاءِ گهربل وسيلا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ڪنهن به شَي کي سمجهڻ لاءِ جيڪي به وسيلا استعمال ٿيڻ گهرجن ۽ جيئن ٿيڻ گهرجن ”طريقو“ انهن جي واقفيت ڪرائي ٿو. انگريز فلاسافر بٖيڪَن هڪ صحيح طريقي کي اونداهيءَ ۾ واٽهڙو لاءِ روشن بتيءَ سان تشبيهه ڏني. جن سائنسدانن پاڻ کي صحيح طريقي سان ڳنڍيل نه رکيو آهي انهن کي بيڪن ايئن سمجهندو هو جيئن ڪنهن ماڻهو اونداهي رات ۾ سفر ڪرڻ جو پهه ڪيو هجي پر پاڻ سان روشني نه کنئي هجي. لطيف سائينءَ چيو ته
ڪَچِيَ پَـرِ ڪِـئاءِ، ٿيٖي سما جوڳُ سَڄڻٖين؟
(اڻ سهائيندڙ رستي ڪيئن، سڄڻن سان ملاقات ٿيندي؟)
هر سائنس پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ تحقيق لاءِ پنهنجا ڪي نه ڪي مخصوص طريقا استعمال ڪري ٿي. ڪنهن شَي جي ڪيميائي بناوت ڄاڻڻ لاءِ ڪيميائي تجزيي جي صحيح طريقي استعمال ڪرڻ کان سواءِ حقيقت ڄاڻي نه سگهبي. ماڻهو معاشيات جا طريقا استعمال ڪري ڪيميائي علم سکي نه ٿو سگهي. مظلوم قومن ۽ طبقن جي چوٽڪاري لاءِ صوفي علم ۽ ڳالهه جي نه، پر جدوجهد جي انقلابي علم جي ضرورت رهي ٿي. ڇو چيو اٿن ته ”نِيم حڪيم خطري جان، نيم مُلان خطري ايمان“؟ ”ڪُوئو هَرِيڙَ لهي پَساري ٿي ويهي“ ته اها ”ڪُوئي“ جي بي حيائي چئبي.
ان ڪري ضروري آهي ته ”طريقو“ اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو پرکي ويندڙ شَي جي حقيقي فطرت سان هم آهنگ هجي. ڪا به شَي جيڪڏهن لاڳيتو چُرندڙ، تبديلي ۽ واڌارو ڪندڙ فطرت رکي ٿي ته ان کي پرکڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته طريقو به اهڙو ئي استعمال ڪيو وڃي جيڪو کنيل شَي جي چُرندڙ، تبديل ٿيندڙ ۽ واڌارو ڪندڙ فطرت سان وِک وِک ۾ ملائي هلي سگهي.
پوءِ، ڪنهن حقيقت جي فلسفياڻي اڀياس لاءِ ڪهڙو وڌيڪ عام طريقو هئڻ گهرجي؟ فلسفي جو موضوع سڄي جو سڄو قدرت آهي ۽ ان جو طريقو به اهڙو ئي هئڻ گهرجي. فلسفي جو مواد سمجهڻ لاءِ قدرتي سائنسن ۾ ڪتب ايندڙ طريقا استعمال ڪري نه ٿا سگهجن. اهو طريقو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن جو واسطو سڄٖي جو سڄي فلسفي سان هجي، جنهن وسيلي قدرت ڏانهن سڀ طرفي ۽ وڌيڪ عام صحيح پهچ ٿي سگهي، جيڪو قدرت سان ٺهڪندڙ هجي.
انساني ذهن ۽ سماج سميت سڄي قدرت کي سمجهڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟ مختلف فلاسافر ان سوال جو جواب ٿلهي ليکي ٻن قسمن جو ڏين ٿا ـــــــ مابعد طبعياتي طريقو يا جدلي طريقو. فلسفي جي سڄي تاريخ دوران ماديت پسندن ۽ خيال پرستن جدلياتي يا مابعدطبعياتي تصور پئي رکيا آهن يا وري انهن ٻنهي جو ميلاپ.
خيال پرستن جي اڪثر ڪري محبوب ۽ دلپسند راهه مابعدطبعياتي پئي رهي آهي ڇو ته اها سندن نظريي کي ٽيڪ ڏئي ٿي. مابعدطبعيات جي ابتدا قدرتي سائنسن ۾ ٿي ۽ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ اها فلسفي ۾ به پکڙجي وئي. مابعدطبعياتي تصور موجب ڪائنات ۾ موجود سموريون شيون هڪ ٻئي کان ڌار، ڄميل ۽ هڪ طرفيون آهن. انهن جو هڪ ٻئي سان ڪو به تعلق ڪونهي. سڀني شين جي شڪل، خاصيت ۽ جنس ازل کان وٺي ڌار ڌار مقرر ڪيل آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ٿي اچي. جيڪڏهن ڪا تبديلي اچي به ٿي ته اها مقدار ۾ گھاٽ يا واڌ يا جاءِ جي تبديلي کان سواءِ ڪجھ نه آهي ۽ ان جو سبب به شين جي اندر نه، پر انهن کان ٻاهر موجود آهي يعني چرپر ۾ آڻيندڙ قوت خارجي (ٻاهرين) هوندي آهي. اينجلس مابعدطبعياتي تصور جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هن نظريي جو مرڪزي خيال اهو آهي ته ڪائنات، دنيا ڪڏهن به تبديل ٿي نه ٿي سگھي، ”پاڻ قدرت کڻي ڪيئن به وجود ۾ آئي هجي پر جڏهن وجود ۾ اچي چُڪي ته جيستائين موجود آهي، جيئن هئي ۽ آهي ايئن ئي رهندي. گِرهه ۽ اپگرهه هڪ ڀيرو ڪنهن پراسرار ”پهرين جھٽڪي“ سان چرپر ۾ اچڻ کان پوءِ جيستائين دنيا قائم آهي تيستائين ايئن ئي پنهنجي مقرر راهه تي گھمندا رهندا، يا جيستائين هر هڪ شَي جو خاتمو نه ٿي وڃي تيستائين اها چرپر قائم رهندي. تارا پنهنجيءَ جاءِ تي ايئن ئي سدا کان ٽنگيل آهن ۽ ’پاڻ ۾ عام جذب‘ ٿيڻ جي اثر ڪري اها ’تارن جي محفل‘ هڪ ٻئي جو هٿ جھليو بيٺي آهي. زمين بنا ڪنهن ڦيرڦار جي يا توهان چاهيو ته چئي سگھو ٿا ته تخليق جي پهرين ڏينهن کان ايئن ئي هلندي اچي. اڄوڪا ’پنج ئي اُپَکنڊ‘[12] هميشه کان هئا  ۽ انهن ۾ سدائين اهي ئي جبل هئا، اهي ئي ماٿريون ۽ نديون هيون، اها ئي هوا ۽ اهو ئي پاڻي ۽ اهو ئي نظارا ۽ گل ميوا موجود هئا، سواءِ ان جي جو انساني هٿن ان ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪئي هجي. پنهنجي ظاهر ٿيڻ واري وقت کان وٺي ٻوٽن ۽ جانورن جا موجود قسم هميشه لاءِ مقرر ٿي ويا هئا. هڪ قسم جي شَي مان انهيءَ ئي قسم جي شَي پيدا ٿيندي رهي آهي.“[13]
مابعدطبعيات ترقي پسند واڌ ويجهه کي، پراڻي خلاف نئين جي جدوجهد کي ۽ نئين جي اڻٽر سوڀ کي تسليم نه ٿي ڪري:
مورکَ مامَ نه ٻجهڻا، هيڏاه هوڏاه ڪن،
سي ڪيئن پِرين پسن، ڪَٽر جن اکين ۾
ان جو مطلب ٿيو ته ٺڳِي، بدمعاشي، رهزني، ڦرلٽ، اڻ برابري، ظلم، ڪُوڙ مطلب ته دنيا جون سموريون برايون به ”هميشه کان موجود هيون ۽ هميشه رهنديون“. ان ڪري انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪيڏي به ڪوشش ڪئي وڃي پر بيسود هوندي. ايئن چوندي مابعدطبعيات رجعت پرستي ۽ ڦورن جو بچاءُ ڪري ٿي ۽ هر انقلاب دشمن جدوجهد ۾ ڪتب اچي ٿي.
پورهيت انقلاب جي مخالفت ڪندي ۽ ڦورن ۽ ڦريَـلن، ظالمن ۽ مظلومن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري ٿي، سرمائيداريءَ جي سوشلزم ۾ ”پُرامن تبديلي“ جي خيال جي تبليغ ڪري ٿي ۽ ”رضا تي راضي رهڻ“ ۽ ”صبر“ ۾ رهڻ سيکاري ٿي:
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
مُنهَن ۾ مسلمان، اندر ۾ آذر آهِيٖين.
فلڪي علم چوي ٿو ته تارا، گرهه، اپگرهه ٺهندا ۽ ڊهندا رهن ٿا.
ڌرتيءَ بابت علم چوي ٿو ته ڌرتيءَ جي جاگرافيائي بيهڪ، اپکنڊن، ٻيٽن، جبلن، ندين ۽ زمين جي پرتن ۾ لاڳيتو تبديليون اينديون رهن ٿيون.
ساهوارن جو علم نين جنسن جي ٺهڻ ۽ وڌڻ جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
ڪيميائي علم پراڻن مرڪبن جي تبديل ٿيڻ، ختم ٿيڻ ۽ نون مرڪبن جي ٺهڻ ۽ ظاهر ٿيڻ جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
تاريخ جو علم سماجي تبديليءَ جو ثبوت آهي.
ڇا ان ثابت ڪرڻ جي ڪا ضرورت آهي ته ”حياتيءَ جي وجود ۾ اچڻ“ جهڙي عالم آشڪارا تبديلي ڌرتيءَ جي ظاهر ٿيڻ کان گهڻو گهڻو پوءِ ظاهر ٿي آهي؟
بجلي، ريڊيو، ٽيليويزن، هوائي جهاز، آبدوز، هٿ گرهه (سئٽلائيٽ)،  ميزائل، راڪيٽ ۽ جديد صنعت جهڙين تبديلين ۽ انهن جي ڪري آيل سماجي تبديلين کان ڪو عقل جو انڌو ئي اکيون پوري سگهي ٿو!
ڪٿي غارن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ انسان جو فهم ۽ ڪٿي اڄوڪي انسان جي علمي اُڏامَ؟
هر سڄاڻ ماڻهو سوِلائيءَ سان ڏسي سگهي ٿو ته مابعدطبعيات ڪيئن نه هر هڪ سائنسي علم ۽ تحقيق کي ليڪ ڏئي، ڪاٽي، جهالت کي جامد، بيٺل، قطعي ۽ دائمي بڻائي ٿي.
”جدليات“ جو اصطلاح انگريزي لفظ ڊائليڪٽڪس (Dialectics) جي معنى کي ظاهر ڪري ٿو. قديم يونان ۾ بحث مباحثي ۽ اختلافن دوران ظاهر ٿيل نُڪتن ۽ حقيقتن کي کڻي، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪنهن به مسئلي جي فيصلي يا حل تائين پهچڻ جي عمل کي جدلي طريقو چيو ويندو هو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ”سچ ڳولڻ جي فن“ کي جدليات چئجي ٿو. جدليات ٽَڪر، ويڙهه، اختلافن يا ابتڙن جي ڇڪتاڻ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي.
جدلي طريقو دنيا جي لقائن ۽ شين کي ايئن ئي سمجهي ٿو جيئن اهي آهن يعني لاڳيتي چرپر، تبديلي ۽ واڌاري واري حالت ۾. ايجلس چيو ته جدلي فلسفي وٽ ڪا به شَي جامد يا ڄميل ڪونهي. جدليات نه رڳو دنيا کي لاڳيتي چرپر، تبديلي ۽ واڌاري واري حالت ۾ ڏسي ٿي پر ان کي پاڻ ۾ لاڳاپيل ڳنڊيل، واسطيدار، هيڪڙائي يا وحدت رکندڙ به سمجهي ٿي. جدليات پراڻي خلاف نئين جي جدوجهد ۽ نئين جي اڻٽر سوڀ جي وضاحت ڪري ٿي. جدليات رجعت پرستُ، گندٖي ۽ ظالم طبقاتي سماج جي خاتمي ۽ ترقي پسند، شاندار ۽ انسان دوست ڀائپي واري سماج اڏڻ جي تعليم ڏئي ٿي. ڪائنات جو جدلي تصور اسان کي بنيادي طرح اهو سيکاري ٿو ته مختلف شين ۾ ابتڙن جي جدوجهد جو مشاهدو ۽ ڇنڊڇاڻ ڪيئن ڪجي ۽ اهو به سيکاري ٿو ته قدرت ۾ تبديلين جو سبب شين اندر ئي لڪل ٿئي ٿو ۽ ڪنهن به ٻاهرين قوت جو محتاج ناهي. ڇا جدليات خارجي سبب کي نظر انداز ڪري ٿي؟ هر گز نه. اها چوي ٿي ته خارجي سببَ تبديليءَ جو شرط آهن ۽ داخلي سببَ تبديليءَ جو بنياد هوندا آهن ۽ اهو به ته خارجي سبب داخلي سببن جي ڪري عمل ۾ ايندا آهن.
هر سائنس جي تحقيق ڪيل سچائي جدلي سوچ کي سگهه ڏئي ٿي ۽ ان جي مواد ۾ واڌارو آڻي ٿي. هن وقت تائين ڪنهن به سائنس  جي ڪا به تحقيق ڪيل سچائي اهڙي ناهي جيڪا جدلي فلسفي جي مخالفت ۾ ويندي هجي.
فلسفي جي منزل پنهنجي هر هڪ لقاءَ سميت سڄٖي جو سڄي قدرت آهي. قدرت لاڳيتو چرپر، ڦيرڦار، تبديليءَ ۽ واڌاري واري حالت ۾ آهي. پنهنجن سوين هزارين رنگن روپن باوجود اها پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهي. ان ۾ ايندڙ صفتي (خاصيتي) تبديلين ۽ واڌاري جو راز سندس اندروني تضادن ۾ لڪل آهي. اهڙيءَ قدرت جي هر هڪ لقاءَ سان ـــــــ سڄٖي جو سڄٖي مانڊاڻ سان ــــــ ٺهڪندڙ رڳو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو آهي جدليات.
    جدليات چرپر ۽ واڌري جي وڌيڪ عام قانونن ۽ سمورن لقائن جي وچ ۾ موجود وڌيڪ عام لاڳاپن جي سائنس آهي.

جدلي ماديت
اڄ آڳــڙيــا آئـيـا، سائوڪي سـڄـاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو.
ڪارل مارڪس (1818ع ـــــ 1883ع) ۽ فريڊڪ اينجلس (1820ع ـــــ 1895ع) اصولي طرح ٻه ماڻهو هئا پر عملي طرح ڄڻڪ هڪ ماڻهو هو. سندن شخصيتون، سوچون، ڳالهيون ۽ سرگرميون بلڪل ايئن ڳنڍيل هيون جيئن لطيف سائين ۽ سندس سڄڻ.
ڪاتب لِکين جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
مارڪس جي شخصيت، سوچ، ڳالهه، سرگرمي اينجلس جي شخصيت، سوچ، ڳالهه ۽ سرگرميءَ کان سواءِ اڻپوري آهي ۽ موٽ ۾ اينجلس جي سلسلي ۾ به ساڳي حالت آهي. سماجي توڙي علمي دنيا ۾ مارڪس ۽ اينجلس اهڙي ته اڻٽٽ نموني ڳنڍيل آهن جيئن فلسفي جي دنيا ۾ ماديت ۽ جدليات ــــــ سنهي سُئيءَ سِبيو، مون مارونءَ سين ساهه.“
ٻئي اعلى دماغ، اتم ذهن، مثالي شخصيتون، بي مثل ماڻهو ۽ ڳاڻ ڳڻيا انقلابي؛ کاهوڙي، گاروڙي ۽ آڳڙيا انسان. ائٽم جي اڻ ڪٿيل سوڙهه کان ويندي ڪائنات جي اڻکُٽ پکيڙ تائين، پنهنجي فلسفي جيان لامحدود لاهوتي. سندن زماني جو شايد ئي ڪو علم هجي جنهن کي هنن بنا ڇُهي ڇڏيو آهي. سالن جا سال علمي ذخيرا ڪنگاليندي، سائنسي سمنڊ سوجهيندي، انسانذات جي گهڻي کان گهڻي گڏ ڪيل تعليم ۽ تحقيق کي ڇنڊي ڇاڻي هنن جيڪا به کوجنا ڪئي اڄ اها سڏجي ٿي مارڪسي تعليم، مارڪسي فلسفو يا جدلي ماديت ~
اِيءَ گَت غوامن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرو لال هٿن سين.
جدلي ماديت جو تَتُ سَتُ يا جوهر هيءُ آهي ته اها سچ پچ سمجهي ٿي ته ماديت ۽ جدليات اڻٽٽ هيڪڙائي (وحدت) آهن. ماديت کان سواءِ جدليات ۽ جدليات کان سواءِ اڻپوري، کُٽل ۽ هڪ طرفي ٿي پوندي. ماديت هر حقيقت، هر شَي، هر لقاءَ جو بڻ بنياد  ’مادو‘ مقرر ڪري ٿي ۽ جدليات مادي جي لاڳيتو چرپر ۾ رهندڙ، تبديل ٿيندڙ ۽ ترقي ڪندڙ فطرت سان هم آهنگ ٿي هلي ٿي. ان ڪري جدلي ماديت جو فلسفو ئي انهن بنيادي، سڀ طرفن، وڌيڪ عام اصولن ۾ قانونن جي ڄاڻ ڏئي ٿو جيڪي انساني  ذهن ۽ انساني سماج سميت مادٖي، قدرت، سڀ ڪجهه، سڄٖي جو سڄٖي مانڊاڻ جي بڻ بنياد ۾ عمل ڪري رهيا آهن.
هيءُ فلسفو پورهيتن جو سُونهون ۽ اڳواڻ آهي. انقلابي پارٽين کي انتهائي پيچيده ۽ مُنجهيل حالتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري صحيح دڳ لهڻ ۽ ان تي هلڻ جي وسيلن کان واقف ڪري ٿو. هي فلسفو ڪائنات، سماج ۽ ذهن کي سمجهڻ ۽ تبديل ڪرڻ جو علم آهي. اهو تخليقي فطرت رکي ٿو ۽ ان جي قوت ان جي معروضي سچائيءَ ۽ لاڳيتي واڌاري واري فطرت ۾ لڪل آهي. هي فلسفو ڪنهن به قطعي ۽ جامد صورتحال، لقاءَ يا شَي جي وجود کان انڪار ڪري ٿو ۽ لاڳيتي چرپر، ڦيرڦار ۽ واڌاري جو ڏس ڏئي ٿو. مارڪسي فلسفو پورهيتن جو فلسفو آهي ۽ سڄي انسانذات جي مقدر سنوارڻ لاءِ پورهيتن جي ڇوٽڪاري واري عمل ۾ نه رڳو ٺوس نظرياتي بنياد مهيا ڪري ٿو پر پورهيت طبقي ۽ ٻين پورهيو ڪندڙن جي انقلابي راهن کي ڦرلٽ، بي انصافي ۽ اڻ برابري ختم ڪرڻ لاءِ ڀروسي جوڳي عظيم قوت ۽ رهنما روشني به مهيا ڪري ٿو. هيءُ فلسفو سماجي نظامن جي اڻ بدلجندڙ حيثيت ۽ ذاتي ملڪيت جي دائمي هجڻ کي تسليم نه ٿو ڪري پر اهو ثابت ڪري ٿو ته طبقاتي سماج ۽ انهن سماجن ۾ موجود ظلم ۽ ڦرلٽ جو خاتمو اوس ٿِيَڻو آهي ۽ ان جي بدران ظلم ۽ ڦرلٽ کان پاڪ، عوامي، نئون، سُٺو، سائنسي، ترقي پسند، ڀائپيءَ ۽ برابري وارو سماج اچڻو آهي. جدلي ماديت واڌاري ۽ ڦيرڦار جي وڌيڪ عام قانونن جو اڀياس ڪري ٿي، هستيءَ سان ذهن جي تعلق جو سوال حل ڪري ٿي ۽ سماجي زندگيءَ جي واڌاري ۽ تبديليءَ جا مسئلا حل ڪري ٿي. جدلي ماديت پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان انقلابي آهي.
جدلي فلسفو دنيائي نُڪتهء نظر جي سرشتي لاءِ سائنسي بنياد مهيا ڪري ٿو. سچائي ڳولڻ، لهڻ ۽ سمجهڻ جي طريقن جي باري ۾، سائنسي سوچ جي ’درجن‘ ۽ انهن جي لاڳاپن ۽ واڌارن جي باري ۾، نظريي ۽ عمل ۽ انهن جي وچ ۾ رشتي جي باري ۾، انساني سماج جي آئيندي جي باري ۾، سماجي هستيءَ ۽ سماجي شعور جي رشتي جي باري ۾، طبقن ۽ قومن جي باري ۾، تاريخ ۽ عوام جي ڪردار جي باري ۾، فرد ۽ سماج جي رشتي جي باري ۾، سماجي-معاشي تبديليءَ جي قانونن جي باري ۾ ۽ سونهن، اخلاق، خوشيءَ ۽ آزاديءَ جي باري ۾ نظرياتي مواد ۽ مڪمل تعليم مهيا ڪري ٿو.
تاريخي ماديت ڇا آهي؟
تاريخي ماديت جدلي فلسفي جو ئي هڪ حصو آهي. هيءُ علم انساني سماج جي اسرڻ، نسرڻ، وڌڻ، تبديل ٿيڻ ۽ ان جي محرڪ قوتن تي حڪمراني ڪندڙ قانونن جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. سماج قدرت جو ئي هڪ حصو آهي، ان کي قدرت کان ڪاٽي، ڌار رکي سمجهي نه ٿو سگهجي. سماج ۽ ان جي موضوع مواد  کي سمجهڻ لاءِ سهولت خاطر جدلي فلسفي جو هڪ حصو ان جي اڀياس لاءِ مخصوص ڪيل آهي. تاريخ جو جدلي - ماديتي علم تاريخي ماديت آهي.
فلسفي جو موضوع رڳو قدرت جا قانونَ ڪو نه آهن پر (فلسفو) انهن قانونن کي ڄاڻڻَ ۽ انهن جي اڀياس جي سلسلي ۾ آڏو ايندڙ سمورن مسئلن کي پڻ حل ڪري ٿو.
آخر ۾ اسين ان نتيجي تي پهچون ٿا ته مارڪسي فلسفو انساني ذهن، انساني سماج ۽ سڄٖي جو سڄي قدرت جي چرپر، ڦيرڦار ۽ واڌاري تي حڪمراني ڪندڙ وڌيڪ عام قانونن جي سائنس آهي. هيءَ اها سائنس پڻ آهي جيڪا دنيا کي سمجهڻ، سِکڻ ۽ ان کي انقلابي تبديليءَ هيٺ آڻي انسانذات جو بهترين آئيندو اڏڻ لاءِ بنياد مهيا ڪري ٿي.

مارڪسي فلسفي جو اُسرڻ
هِي جٖي آيا هٖير، مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين.
”فطرت، انساني سماج ۽ انساني سوچ جي سائنس ــــــ  جدلي ماديت ـــــــ اسان کي سمجهائي ٿي ته ڪا به شَي هڪ سڌي ليڪ جيان اڳتي نه ٿي وڌي. هر شَي جي وڌڻ جو رستو ورن وڪڙن وارو ٿئي ٿو. هي رستو هڪ ئي سطح تي به ڪو نه ٿو رهي. ان ۾ هميشه هيٺاهيون مٿاهيون موجود رهن ٿيون. ان کان سواءِ ڪا به شَي رڳو اڳتي ڪو نه ٿي وڌي پر پوئتي به هٽندي رهي ٿي ان جو اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ ساڳي رفتار سان نٿو ٿئي. هر شَي جي وڌڻ ۾ نهايت سست رفتاريءَ سان وڌڻ جا، ارتقا جا، (نسبتاً) جمود جا ۽ زوال جا دَور به ٿين ٿا ۽ تمام تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌڻ يا پوئتي هٽڻ، تيز ترقيءَ ۽ انقلابي تبديلين يا زوال ۽ تباهين جا دَور به ٿين ٿا.“  (رسول بخش پليجو)
انساني سماجُ جيڪڏهن جتي ڪٿي هڪ ئي وقت هڪ جهڙو ٿي اسريو هجي ها ته ڳالهه سوِلي هئي. يوناني تهذيب اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جي لالاڻ ۾ هئي ته سنڌي، بابلي ۽ مصري تهذيبون ان کان به اڍائي هزار سال اڳ پنهنجي جوڀن کي وڃي رَسيون هيون. اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ ئي قسمين قسمين سماجي روپ پيا نظر اچن. هڪڙن حصن ايٽمي زندگيءَ جا رنگ به ڏٺا آهن ته هڪڙن حصن ۾ جاگيردار ـــ زميندار پيا ٽاڏون ڏيندا وتن، ڪٿي سردار پيا مُڇون مَروٽِن، ته ڪٿي گُوند، ڀيل، سنٿال، کاسي، مُونگ، پُوندا، باگڙي ۽ بروهي اڄ سوڌو قديم قبائلي اثرن مان آزاد ٿي نه سگهيا آهن.
پنهنجي سموري گُوناگوني باوجود اڄ ڏينهن تائين انساني سماج مجموعي طرح ٻن قسمن جي رهڻي ڪهڻي گذاري آهي ــــــ غيرطبقاتي ۽ طبقاتي. سماج جي وجود ۾ اچڻ ۽ گڏجي رهڻ واري دَور کان هلندي لڳ ڀڳ ڏهه هزار سال اڳ تائين سماج جي بناوت غيرطبقاتي هئي. انسان هٿان انسان جي ڦرلٽ ڪو نه هئي؛ ظلم، ناحق ۽ ڏاڍ اڻلڀ هئا؛ گڏجي اپائڻ، گڏجي نپائڻ، گڏجي رهڻ، گڏجي گذارڻ، گڏجي هڪ ٻئي جو هٿ ونڊائڻ، ڏک سُور ۾ گڏ هئڻ ۽ گڏجي خوشيون ملهائڻ. انهيءَ دَور کي سماجي علم جي ٻوليءَ ۾ قديم رعيتي راڄ يا ابتدائي ڪميونسٽ دَور چئجي ٿو.
1961ع جي ڳالهه آهي. فلپائين رياست جي هڪ ٻيٽ ’مندانو‘ جي گهاٽي ۽ ڏُکي ٻيلي اندر لڪل جبلن ۾ گهمندي ڦرندي ۽ شڪار جي ڳولا ڪندي ’دفالو‘ نالي هڪ شڪاريءَ کي زمين تي ڪجهه ماڻهن جي پيرن جا رند نظر آيا. هو انهن نشانن ڪڍ هلڻ لڳو ته ٿورو اڳيان هن کي ٽي لڱين اگهاڙا ماڻهو نظر آيا جن پنهنجو ’اڳ‘ ۽ ’پُٺ‘ پنن جي رسين سان ڍڪي رکيو هو. شڪاريءَ کي ڏسي اهي وٺي ڀڳا پر هن جڏهن کين پيار سان سڏيو تڏهن بيهي رهيا. اهڙيءَ طرح هن زماني ۾ قديم انساني سماج جو ڏس مليو. شڪاري انهن سان گڏجي رهيو ۽ سندن اٿاويٺي ڏٺائين. سَو ماڻهن جو هي قبيلو ’تاسادٖي‘ سڏجي ٿو. تاسادي قبيلي جا ماڻهو اڄ سوڌو پندرهن هزار سال اڳ وڏي پيماني تي ختم ٿي ويل پٿر واري دَور ۾ رهن ٿا. انهن جي پناهگاهه پنجاهه فُٽ ويڪري ۽ ٽيهه فوٽ اونهي هڪ گار آهي. ناريل ۽ بانس جون مُکڙيون به کائيندا آهن ته ننڍڙيون مڇيون، ڏيڏر ۽ گانگٽ به هٿ سان پڪڙي ۽ ڀُڃي کائيندا آهن. ڪاٺيءَ جي ٽوٽن کي گسائي باهه پيدا ڪن. پٿر جي مترڪن ۽ بانس جي ننڍڙين ننڍڙين ڇُرين کان سواءِ وٽن ڪو به اوزار ڪونهي. هُو ٻني ٻارو ڪرڻ بلڪل نه ڄاڻن. هنن ڪڏهن به لوڻ، چانور، مڪئي، کنڊ يا تماڪ ڪونه چکيا آهن ۽ نه وري ڪو چوپايو مال پالن. ٻيٽ ۾ رهن ٿا پر سمنڊ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو اٿئون. هنن وٽ ڪو به هٿيار ڪونهي ۽ ڏاڍا امن پسند ماڻهو آهن. هنن جي ٻوليءَ ۾ قتل، جنگ، دشمن ۽ برائيءَ جهڙا لفظ ئي ڪونهن. هنن جو نه ڪو مذهب آهي ۽ نه ئي آرٽ ڄاڻن. ڏئِي وٺِي وٽن بربط جھڙو هڪ باجو آهي جنهن کي ’ڪوبَنگ‘ چون. سُٺائي ۽ سونهن لاءِ گڏيل لفظ ’مافيُون‘ استعمال ڪندا آهن. ڪيترين ئي گھراڻن ۾ ورهايل آهن ۽ هر هڪ گھراڻي ۾ ماءُ، پيءُ ۽ سندن غير شادي شده ٻار رهن. قبيلي جو ڪو به سردار ناهي. ڪنهن به فيصلي ڪرڻ لاءِ گڏجي صلاح مشورو ڪندا آهن. گڏجي کاڌو هٿ ڪندا آهن ۽ ورهائي کائيندا آهن. هنن جي مشهور چوڻي آهي ته ”اچو، اسان سڀني انسانن کي هڪ انسان چئون“.
تاسادي کان ڪجھه اڳتي وڌيل هڪ ٻيو قبيلو ملايا ملڪ جي جابلو ٻيلن ۾ رهندو آهي. ان جو نالو ”سٖيمانگ“ آهي. وِيهه وِيهه يا ٽيهه ٽيهه ماڻن جو هڪ ٽولو هڪ ٻئي کان ڪجھه مفاصلي تي رهندو آهي. هر هڪ ٽولو حقيقت ۾ هڪ گھراڻو آهي ۽ جھوپڙيءَ ۾ رهي ٿو. اهي جھنگلي ميون، گلن، مکڙين، جڙي ٻوٽين ۽ پکين، نوريئـڙن ۽ ڪوئن جو شڪار ڪري انهن تي گذارو ڪن. تير ڪمان سندن اهم هٿيار آهي.
”پٖييُوت“ نالي هڪ ٻيو قبيلو آمريڪا ۾ آهي. ماڻهو خيمن ۾ رهن ۽ شڪار تي گذارو ڪن. سمورا صحتمند ماڻهو شڪار ۾ حصو وٺن ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ عورتن ۽ ٻارن سميت سڄو قبيلو جھمريون هڻي گيت ڳائي خوشي ملهائي.
گڏيل آمريڪي رياستن ۽ ڪئناڊا جي سرحد وٽ ”بلئڪ فُٽ“ نالي هڪ قبيلو رهي ٿو. شڪار انهن جي گذران جو وسيلو آهي. هنن جو ڪوبه سردار نه آهي ۽ عام طور تندرست ۽ هوشيار ماڻهن جي راءِ مڃي ويندي آهي. اڪيلي سر شڪار ڪرڻ جي وٽن منع آهي. ماهر شڪاري جھنگلي سَانَ جي کَل اوڍي جھنگلي سانَن جي وچ ۾ وڃي ”چَرڻ“ لڳي ۽ پوءِ هوري هوري شڪارين طرف گھلي اچي. پوشاڪون، جُوتا، نوڙيون وغيره کلن مان ٺاهن. خيمن ۾ رهن ٿا. خيمو عام طرح عورت کي ڏاج ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ اهو خيمو سڄي ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا آهن.
”نوتڪا“ ڪولمبيا ۾ نديءَ ڪناري مهاڻن جو قبيلو آهي. وڏن جھوپڙن ۾ لڳ ڀڳ سَو کن ماڻهو رهن. مختلف گھراڻا گڏجي رهن. جھوپڙا گڏجي ٺاهن، مڇين جو شڪار گڏجي ڪن ۽ پوءِ گڏ ڪيل شڪار هر هڪ گھراڻي ۾ ورهائن.
روس ۾ سوشلسٽ انقلاب کان اڳ ”يَوڪاگھير“ نالي شڪارين جو هڪ قبيلو رهندو هو. سندن گذر سفر گڊن (ٻارهن-سڱن) ۽ مڇين جي شڪار تي هو. شڪار جي ورهاست سڀ کان پوڙهي مرد جي زال جي ذمي هئي جيڪا هر خيمي جي ضرورتن جو خيال رکندي هئي. انهن جا خيما، ڄار ۽ ٻٖيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هئا. هن ئي قبيلي ۾ ذاتي ملڪيت جا معمولي اثر اسريا هئا، جيڪي پوشاڪ ۽ شڪاري اوزارن تائين محدود هئا.
قبيلائي سردار جو نشان نائجيريا رياست جي ٻن قبيلن ”يَورُوبا“ ۽ ”بَولَوڪي“ ۾ ملي ٿو. چوپايا شڪار ڪن، پالِن ۽ ٻني ٻارو به ڪن. زمين سڄي قبيلي جي ملڪيت هوندي آهي ۽ وڪڻي يا خريد ڪري نه ٿي سگھجي. ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ ٿانوَ ٿپا ٺاهڻ عورتن جو ڪم ۽ شڪار ڪرڻ ۽ چوپايو مال مردن جي ذميواري. قبيلي جو سردار ’الورفن‘ سڏجي. جيڪڏهن سندس صحت خراب ٿي پوي ته خودڪشي ڪري. جيڪڏهن سرداري تان لاهڻو هوندو آهي ته قبيلي جا ماڻهو هن جو گھيرو ڪري نفرت ڀريا گيت ڳائيندا آهن تان جو تنگ ٿي خودڪشي ڪري يا ڳوٺ ڇڏي ڀڄي وڃي.
اتر ڪئناڊا کان فِن لئنڊ تائين برف سان ڍڪيل ميدانن ۾ هڪ ٻئي کان سوين ميلن جي مفاصلي تي ”اسڪيمو“ قبيلا رهندا آهن. پر انهن جي جسماني بناوت، ٻولي ۽ تهذيب عجب ۾ وجھندڙ حد تائين هڪ جهڙي آهي. انهن جي آبادي پنجونجاهه هزار کن ٿيندي. برفاني رِڇن ۽ سٖيل مڇين جو شڪار ڪري گذارو ڪن. باهه جي استعمال کان واقف آهن پر گوشت ڪچو کائن. برف ۾ زمين هيٺ يا کل جي تنبُن ۾ رهن ۽ کلن جون پوشاڪون اوڍن. انهن وٽ بنا ڦيٿي کل جون ئي گاڏيون آهن جن کي سندن پاليل ڪتا يا ٻارهن سڱا گھلن. انهن جو ڪو باقاعدي سردار ڪونهي پر ذهين ۽ تجربيڪار ماڻهن جي صلاحن تي عمل ڪندا آهن. شڪار ۽ شڪاري هٿيار، تنبو، ڪتا، ٻارهن-سڱا، گاڏيون ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهن. رڳو نجي استعمال جون شيون ذاتي ملڪيت سمجھيون وينديون آهن. انهن جي سماج ۾ خودغرضيءَ ۽ لالچ کي سڀ کان وڏو ڏوهه سمجھيو ويندو آهي. هي ماڻهو هڪ ٻئي سان سهڪار جا ان حد تائين قائل آهن جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻين سان هٿ ونڊائڻ کان ناڪار ڪري ته ان کي سماج جو ڏوهاري سمجھيو ويندو آهي.
ڌرتيءَ تي انسان لڳ ڀڳ ٽيهه لک سالن کان آباد آهي. ايڏي ڊگهي عرصي ۾ هن ڪڏهن به اڪيلي سِر زندگي نه گذاري آهي. هُو ڪنهن نه ڪنهن گهراڻي، ٽولي يا قبيلي سان ڳنڍيل پئي رهيو آهي. انسان اڪيلو رهِي انساني زندگي گذاري ئي نه ٿو سگهي. هن کي وِک وِک تي ٻين جو سهارو ۽ سهڪار گهربل ٿئي ٿي. سماج اندر ئي هن پنهنجي وجود کي سڃاتو، پنهنجي فطري صلاحيتن کي مقصد ڀري سرگرميءَ ۾ سِيڙايو ۽ ترقي ڪئي.
غير طبقاتي سماج ۾ سڀني انسانن جون پنهنجي پنهنجي علائقي ۾، پنهنجي پنهنجي دَور ۾ جيڪي به کوجنائون ۽ ايجادون هيون ان تي ڪنهن به هڪ فرد يا ٽولي جو قبضو نه هو پر اهي سڀني جون گڏيل تخليقون ۽ سوڀون هيون. ڇا ڪو اهڙو تصور به ڪري سگهي ٿو ته ٻوليءَ جهڙي سڀ کان وڌيڪ اعلى ۽ عاليشان تخليق ڪنهن هڪ فرد جي ايجاد هوندي؟ اڄ ڪو به ٻڌائي نه سگهندو ته ٻولي ڪنهن جي ايجاد آهي، باهه جو استعمال ڪنهن ڳوليو، ڦيٿو ڪنهن ايجاد ڪيو، پٿر ۽ هڏيءَ جا اوزار ۽ هٿيار گهڙڻ، تير ڪمان ۽ نيزا ڀالا ٺاهڻ، جڳهون جهوپڙيون اَڏڻ، ٿانوَ ٿپا جوڙڻ، پوشاڪون اڻڻ، ٻني ٻارو ڪرڻ، ڄار ۽ ٻيڙيون ٺاهڻ ڪنهن جون ايجادون آهن؟ ناچ، جهمر، شاعري، مصوري ۽ موسيقي ڪنهن جون تخليقون آهن؟ انهن مان ڪو به هڪ فن، هنر يا تخليق ڪنهن اڪيلي جي ايجاد ڪونهي پر سڄي سماج جي گڏيل پورهيي، گڏيل تجربن جي پيداوار آهي.
قديم رعيتي راڄ ۾ ڪو به ”شاهه“، ”شهنشاهه“، ”غازي“، ”سلطان“ يا ظلِ الاهي (خدا جو پاڇو) ڪونهي. ٺڳ، بدمعاش، لُچ، لوفر، چور ۽ ڌاڙيل ڪونهي، پرائو پورهيو هڙپ ڪرڻ وارو ڪونهي، ڪا به قوم، ڪو به طبقو ڪا به رياست ۽ سياست ڪانهي. ڌرتي سڀني انسانن جي آهي ۽ ڌرتيءَ جون سموريون نعمتون سڀني انسانن لاءِ آهن. جتي به گذارو ٿي سگهي اتي رهي پئو ۽ جتي خوراڪ کٽي وڃي اتان لَڏي هلو.
ڇا ٻولي، باهه، ڦيٿو، ٿانءُ، اوزار، هٿيار، جهوپڙي، خيمو، پوشاڪ، جُتي، نوڙي، رَڇُ ۽ موسيقي، ناچَ، شاعري ۽ هٿ هنرن جهڙيون لاجواب تخليقون بنا ڪنهن تحقيق، تجربي، کوجنا ۽ سِکيا جي ملي پيون؟ ڇا ان وقت جي ماڻهن مختلف شين جي ماهيت، خاصيت، تبديليءَ ۽ ڪتب اچڻ تي غور نه ڪيو هوندو؟ ڪِنيون، گدليون ۽ زهريليون ٻُوٽيون پنهنجي خوراڪ مان ڪڍي ڇڏڻ، ڇا هنن کي ڪي ديوتا يا روح سيکاري ويا هوندا؟ ننڍا وڏا جانور پڪڙڻ، انهن جو شڪار ڪرڻ يا انهن کي پالي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ، ڇا اهي ماڻهو بنا ڪنهن تجربي، ڌڪ کائڻ، نقصان پرائڻ ۽ سور سهڻ جي سِکي سگھيا هوندا؟ فصل جي آبادي ڪنهن سيکاري؟
پنهنجي پنهنجي زماني ۽ علائقي جي حساب سان انهن ڪي قدرتي آفتون، وبائون، ٻوڏون ۽ زلزلا به ڏٺا هوندا، ته مختلف ساهوارن کي ڄمندي، وڌندي، بيمار ٿيندي ۽ وري صحتياب ٿيندي يا مرندي به ڏٺو هوندو. هنن واچوڙا ۽ طوفان به سَٺا هوندا ته تري پار به پيا هوندا.
هنن جو به ڪو پِرين، ڪو پيار هوندو، هو به ڪنهن لا سِڪيا هوندا ۽ هنن به ڪي سڏڪا ڀريا هوندا، ڪي وڇوڙي جا ورلاپ ۽ ڪي خوشيءَ جا گيت به ٿيا هوندا. ڪي ڪنڌيءَ ڪناري وڻراهون هونديون، ڪٿي ڪو چنڊ شرمايو هوندو، ڪٿي ڪو گل ٽـڙيو هوندو ۽ ڪٿي ڪا ملوڪان به مرڪي هوندي. ڪي بهادر، ڪي سورهيه، ڪي ارڏا انسان به هوندا. ڪي بيت، ڪي دوها، ڪي گيت ۽ ڪي گونجارون هونديون.
انهن ۽ اهڙين سڀني ڳالهين تي سوچ ويچار ڪرڻ سان هر هڪ سمجُهو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته ان وقت جي ماڻهن ميّسر شين ۽ لقائن کي چڱيءَ طرح سمجهڻ ۽ واهپي ۾ آڻڻ لاءِ انهن جي حقيقي فطرت تي غور ضرور ڪيو هوندو. ڪچو ڦڪو، سادو سُودو، ڪجهه غلط ۽ ڪجهه صحيح پر هنن وٽ علم ۽ تجربو ضرور هوندو ۽ ان جي نوعيت به ترقي ڪندڙ هئي، نه ته ڀلا هو لٺ، ڀتر، پٿر کان اڳتي نيزي، ڀالي ۽ تير ڪمان جهڙيون، ٿانوَن، رَسيُن، ڄارن، ٽوڪرين ۽ جهوپڙين جهڙيون سهولتون ڏيندڙ ۽ حالتون سڌاريندڙ ايجادون ڪيئن ڪري سگهن ها، ننڍي پيماني تي ئي سهي پر اناج ڪيئن اپائي سگهن ها!؟ وحشي ۽ ويڙهاڪ جهنگلي جانورن کي پڪڙڻ، سڌارڻ، پالڻ ۽ وَهائڻ ڪي سوِليون سرگرميون هيون ڇا؟ اڄوڪي پِير، پنڊت، پادريءَ کي چئو ته ڪو تعويذ يا جنتر منتر هڻي ڪو گابو، ڪو پاڏو، ڪو جهنگلي سانُ ته پنهنجي در تائين آڻي ڏيکاري! ڇا ان وقت جي ماڻهن ٽوڻن ڦيڻن سان فصل اپايا ۽ تعويذن ۾ ڪِليون ٺوڪي جانور پڪڙيا ۽ پاليا هوندا!؟ ڇا هنن ڪو ڇنڊو پاڻي ۽ ڦندو ڦيرُ ڪري تير ڪمانَ ۽ نيزو ڀالو ٺاهي ورتو؟
انڌِي عقيدي بازي ڇڏي، ڪجهه عقل کان ڪم وٺجي ته صاف چِٽي ڳالهه پڌري پَٽِ پئي آهي. انهن ماڻهن جو عقل ۽ فهم لاڳيتو ترقي ڪندڙ يعني جدلي به هو ته ماديت پسند به، اهو سادو به هو ته تجربي ۽ مشاهدي جي ڪري فطري طرح پاڻ مرادو پيدا ٿيل به، ان ۾ پنهنجي وقت ۽ سمجهه جي حساب سان ڪي کوٽون ۽ خاميون به هيون ته زبردست ترقيون به.
غير طبقاتي سماج ٽٽي ويو ۽ ان منجهان طبقاتي سماج نڪري نروار ٿيو. ذاتي ملڪيت پنهنجا پير ڄمائي وئي ۽ جِتي به ذاتي ملڪيت جو چشمو ڦـٽو اتي بيشمار برايون هر طرف وهي هليون. هٿيار، اوزار، گهر، هنر، جانور، چراگاهه، ٻنيون ۽ ويندي ونيون به ذاتي ملڪيت بڻجي ويون. ڏاڍو ۽ هيڻو، امير ۽ غريب، ڦورو ۽ ڦريل، ظالم ۽ مظلوم ۽ حاڪم ۽ محڪوم وجود ۾ اچي ويا. ٿورا ماڻهو گذر جي گهڻن کان گهڻن وسيلي تي قابض ٿي ويا ۽ گهڻا ماڻهو انهن جا محتاج بڻجي نوڪري ڪرڻ ۽ پورهيي جي قوت جو وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويا. ڦورن جي قبضن کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ”آسمانن“ مان ”الهام“ به ٿيا ته ”بزرگن“ کي ”خواب“ به اچڻ لڳا. انهن قبضن کي برقرار رکڻ لاءِ رياستون، فوجون، عدالتون ۽ پوليس به ٺهي ويون ته انهن جي مفادن جي حفاظت لاءِ قانون، مذهب، اخلاق، ڏند-ڪٿائون، تعليمون ۽ علمي تاويلون به تخليق ٿي ويون. ”ديويون“، ”آتمائون“ ۽ ”روح“ به ڊوڙي وڃي عرش جي فرش تي براجمان ٿيا.
جن قدرتي وبائن آڏو انسان هيڻو هو اهي بديءَ جي قوتن، روحن يا ديوي ديوتائن جو ڪارنامو بڻجي ويون ۽ جن قدرتي نعمتن انسان کي سُک ڏنو پئي اهي نيڪيءَ جي قوتن، روحن يا ديوي ديوتائن جو ڪرشمو ٿي ويون. انهن ٻنهي قسم جي قوتن ۾ ”ازل“ کان وٺي ”ابد“ تائين ڪشمڪش، ڇڪتاڻ، جدوجهد ۽ ويڙهه رهڻي هئي ۽ ڪڏهن هڪڙيون قوتون پئي غالب ٿيون ته ڪڏهن ٻيون (خيال پرستانه تصورن ۾ جدلي سوچ جو ئي اثر سمجهڻ گھرجي). بهرحال، انهن ٻنهي قسمن جي قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ريتون، رواج ۽ اخلاق به ٺهي ويا ته انهن لاءِ قربانين ڪرڻ جون رسمون ۽ روايتون به قائم ٿي ويون. هڪڙا ماڻهو عياشيون ۽ بادشاهيون ڪن ته ٻيا پورهيي قوت وڪڻڻ تي مجبور، ته پوءِ اهي ريتون، رسمون، رواج، روايتون ۽ اخلاق ڪير پورا ڪري؟ مُلو، ٻائو، پير، پنڊت، ٻانڀڻ، ڀوپو، پادري، پوپ ۽ وِچ ڊاڪٽر باقي ڪهڙي ڪم لاءِ هوندا آهن، اهي به ٺهي پيا.
”شاهيون“، ”شهنشاهيون“، سلطانيون“ ۽ درٻاريون، خِلعتون، نوازشون، ڪرم نوازيون ۽ لقب القابيون به پکڙجي ويون. جِي حضوري، ثناخوان، ڍنڍورچي، خوشامدڙيا، چاپلوس، ڇاڙتا ۽ گُماشتا به پيدا ٿي پيا، ته چوريون، پاٿاريون، ڌاڙا، قتلام، جنگيون، اڳرايون، چڙهتون، جُوائون، عياشيون، زوريون، ڏاڍايون، سزائون، قيد، ڦاهيون، ڦرون ۽ غلاميون به وجود ۾ اچي ويون. لُچَ، لوفرَ، ٺڳ، بدمعاش ۽ رهزن به ٺهي ويا. ”ڏاڍو سو گابو“ به ٿي ويو ته ” ڏاڍي جي لَٺ کي ٻه مٿا“ به اڀري آيا ۽ ”جُود و سخا“ جو دَور دؤرو ٿي ويو.
طبقاتي سماج پنهنجي نوعيت ۽ ماهيت جي لحاظ کان ٽي روپ رکي ٿو:
1. غلامداري سماج، جنهن ۾ ٻه اهم طبقا ”آقا“ ۽ ”غلام“ سڏجن ٿا.
2. جاگيرداري سماج، جنهن ۾ ٻه اهم طبقا ”جاگيردار“ ۽ ”هاري“ سڏجن ٿا.
3. سرمائيداري سماج، جنهن ۾ ٻه اهم طبقا ”سرمائيدار“ ۽ ”مزدور“ سڏجن ٿا.
خيال پرست سوچَ اصولي طرح ابتدائي رعيتي راڄ جي ٽٽڻ وقت، جڏهن غلامداري سماج جا پيداواري رشتا اڀري ۽ حاوي ٿي رهيا هئا، تڏهن تيزيءَ سان اسرڻ شروع ڪيو. هي فلسفو ڦورو طبقي جو پيدا ڪيل، ان جو سڀ کان وڏو ڀرجھلو ۽ انهن جي مفادن کي ٽيڪ ڏيندڙ آهي. انهن هر طرح هن فلسفي کي وڌايو، اڇاليو ۽ برقرار رکيو، جڏهن ته ان جي مخالفت ۾ ايندڙ هر سوچ کي نفرت سان نِنديو، ڌڪاريو ۽ چيڀاٽيو. وقت وقت جا مُلا، ٻاوا، ٻانڀڻ، پير، پنڊت، پادري ۽ پوپ پنهنجي پنهنجي مذهبي، ڏندڪٿائي ۽ جاهلاڻن عقيدن کي آڻي هر ڪمي ڪاسبيءَ جي ڪنڌ ۾ ٽوڙهو ڪري وجھي ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي مجبور ڪيو ويندو هو ته اهي انهن ”دينن“ کي قبول ڪن.
ابتدائي رعيتي راڄ ۾ فطري طرح پاڻ مرادو پيدا ٿيل سادي جدلي ماديت هوري هوري غلامداري سماج جي ڏاڍ واريءَ چَڪيءَ  ۾ پيڙهبي وئي ۽ نيٺ جاگيرداري سماج جي عروج واري زماني ۾ وڃي ذري گھٽ ڌرتيءَ ڀيڙو ٿي. جاگيرداري سماج هر فني، سائنسي ۽ انقلابي سوچ لاءِ هڪ انقلابي اونداهو دَور هو، هماليه جيڏو گھاڻو جنهن ۾ هر سٺي سوچ کي پيڙهيو ويو. جيئن غلامداري سماج جي پيٽ مان جاگيرداري نِسري تيئن جاگيرداري سماج جي پيٽ ۾ سرمائيداري سماج سرجي رهيو هو.
نئين سائنسي سوچ عملي طرح جاگيرداري سماج جي ٽٽڻ وقت، جڏهن سرمائيداري سماج جا رشتا اڀري ۽ حاوي ٿي رهيا هئا تڏهن پيدا ٿي. شروع ۾، هن سماج جي گھرج هئي ته هڪ طرف جاگيرداري سماج وارو مذهبي ڪٽرپڻو به نه هجي، ته ٻي طرف وري سائنسي سوچ ۾ به ترقي ٿئي، ته جيئن صنعت هر شعبي ۾ ترقي ڪري. سائنس نه رڳو وڌِي پر ان وڏيون وڏيون ٻرانگھون هڻي ۽ وڏا وڏا ڇال ڏئي زبردست سوڀون حاصل ڪري ڪائنات تي ڪمند وجھي ڇڏيا.
طبقاتي سماج جي وارثن ۽ محافظن اهو ڪڏهن به نه چاهيو هو ته ڪو هر شَي جي ڏندڪٿائي يا مذهبي تعليم ختم ٿي وڃي يا سائنس (گھٽ ۾ گھٽ سماجي علم جي دنيا ۾) ڪو ايترو ترقي ڪري وڃي جو سندن پرائي پورهيي هڙپ ڪرڻ واري ”اعلى انساني خدمت“ کي ڌڪ وهائي ڪڍي. هنن ته هر شَي کي قطعي، جامد ۽ اڻ بدلجندڙ بڻائي هر برائي، بڇڙائي ۽ ڦرلٽ کي ازل کان وجود ۾ آيل ۽ ابد تائين دائم قائم رهندڙ ڪري پئي ڄاڻايو، پر سائنس جيڪا قيد ۽ بند جون سِنگھرون ڇنائي نڪتي هئي تنهن کي ’نڪا جھل، نه پل‘ سا ڪٿي ٿي جامد ٿئي!
جدلي فلسفي سماجي ۽ قدرتي سائنس جي مدد سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هر شَي بدلجي پيئي، روپ مٽائي پيئي ۽ ترقي ڪري پيئي. غيرطبقاتي سماج بدلجي طبقاتي ٿي ويو ۽ هاڻِ طبقاتي سماج جي پُڇڙ (سرمائيداري سماج) مان وري نئون غير طبقاتي سماج نڪرڻو آهي. ان سماج ۾ اڳوڻي غيرطبقاتي ۽ هاڻوڪي غيرطبقاتي سماج جون سلڇڻايون انتهائي اهم سطح تي ۽ سوين هزارين نيون شيون بي پناهه ترقي ڪيل صورت ۾ نه رڳو موجود هونديون پر اڃا به وڌيڪ شاندار واڌارا ڪنديون رهنديون. ان ايندڙ غيرطبقاتي سماج جو پهريون ڏاڪو سوشلسٽ سماج آهي جيڪو ڌرتي تي موجود ٿي چڪو آهي. سوشلسٽ سماج ۾ طبقاتي سماج جون سموريون برايون دفن ٿِيِڻيون آهن. هن سماج ۾ ظالم، حاڪم، ڦورو، رهزن طبقن ۽ سندن ثناخوان ۽ محافظن جو تختو اونڌو ٿي هيٺ ٿئي ٿو ۽ زندگيءَ جي هر شعبي جون واڳون پورهيتن جي هٿن ۾ اچي وڃن ٿيون. اهي ئي ايندڙ ترقي يافته غير طبقاتي سماج جا خالق ۽ اڏيندڙ آهن. ان ايندڙ ڀائپي ۽ برابري واري شاندار سماج کي سماجي سائنس جي ٻوليءَ ۾ نئون رعيتي راڄ يا ڪميونسٽ سماج چئجي ٿو.
خيال پرستي ۽ مابعدطبعيات ان اعلى انساني سماج جون ويري آهن. اهي ڪائنات جي بدلجندڙ ۽ ترقي ڪندڙ فطرت کان انهيءَ ڪري ئي انڪار ڪري ڪائنات جي بهاني طبقاتي سماج کي به ”هڪ ڀيرو ۽ هميشه لاءِ ڏنل“، بيٺل ۽ ڄميل ڪري بيان ڪن ٿيون.
اڄوڪي دنيا ۾ طبقاتي سماج انتهائي بدمعاش ۽ آخري شڪل پرمارَ، سامراجَ يا استعمارَ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. خيال پرستيءَ جو اڄ سوڌو ان سان اتحاد آهي. اڄوڪو سامراج ڦورو طبقن جي اعلى ترين صورت ۾ پنهنجي اباڻي روش اختيار ڪندي ترقي پسند، سائنسي ۽ پورهيت سوچ خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي اڀو ٿي بيٺو آهي. خيال پرستي ۽ سامراج ٻِٽ ٿي، نت نوان روپ وٺي ڪنهن نه ڪنهن طرح جدلي فلسفي ۽ سائنسي سوچ کي منجهائي مارڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي.
سائنسي سوچ ڪيئن ڦـڙو ڦـڙو ٿي تلاءُ ٿي آهي ۽ ان ڪيئن خيال پرستيءَ کي دسي هيٺ ڪيو آهي، اهو اڳتي هلي ڏسنداسون. هن وقت اسين مٿين پس منظر ۾ خيال پرستيءَ جي روپن کي ڏسنداسون.
سنڌي، چيني، مصري، ايراني، بابلي-نينوائي، يوناني، رومي وغيره تهذيبون آخري ڇنڊڇاڻ موجب غلامداري تهذيبون هيون. ڦورو طبقي جو رياست، سياست، فلسفي، ادب، تاريخ وغيره تي قبضو هو. جيڪو ڪجهه حڪمران چوندا هئا اهو خدائي فرمان ڪري اڇاليو ويندو هو. پنهنجي پنهنجي وقت ۽ مروج عقيدي موجب ماڻهن کي باهه، بُتن، ديوي ديوتائن ۽ بادشاهن آڏو جهڪايو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو به اهڙي ”نيڪ“ ڪم کي ڪُڌو سمجهي ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو ته ان جي گهٽ ۾ گهٽ سزا موت هئي. باهن ۾ ساڙائڻ، ٽياسن تي ٽنگائڻ، بُکين شينهن جو بَکُ ڪرڻ، گڏهن ۽ گهوڙن جي ڇؤڙن ۾ جيئري سبي ڇڏڻ، هاٿين جي پيرن هيٺان لترائڻ، جبلن تان ڦٽو ڪرڻ، پهڻن هيٺان چيڀاٽڻ، گهاڻن ۾ پيهڻ، ڪڙهاين ۾ ڪاڙهڻ وغيره ڪي عام سزائون هيون. ”مناسب“ سزا جڻ ٻچي سميت ڪُهائي کُلي عام ڦٽو ڪرائي ڳِجهُن جي حوالي ڪري ڇڏڻ هئي.
سڄي فلسفياڻي تعليم ڏندڪٿائن، انڌن عقيدن ۽ انهن جي پراسرار ۽ پُرتاثير جاهلاڻين تشريحن تي ٻَـڌل هئي. جيتن جانورن، نانگن وڻن، باهين ۽ پاڻيءَ جي عبادت ڪئي ويندي هئي. ڏند ڪٿا موجب ڪائنات جا خالق ديوِيون ديوتائون هئا. انهن ديوتائن ۾ ماءُ پُٽ، پيءُ ڌيءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي شادي پاڻ ۾ جائز هئي ۽ زال مڙس سان ڪاوڙجي پٽ سان شادي ڪري ڇڏيندي هئي ته ڀيڻ پنهنجي مڙس (ڀاءُ) سان ڪاوڙجي پيءُ سان شادي ڪري ڇڏيندي هئي. بادشاهه خدا جو پاڇو يا پاڻ ئي خدا هوندا هئا ــــــ جيڪڏهن بادشاهه جي چوَڻ آکِڻ ۾ آهيو ته معنى خدا جي چوڻ آکِڻ ۾ آهيو، خدا جي چئي آکڻ ۾ آهيو ۽ ان تي ايمان رکو ٿا ته سندس ”نائبن“ ۽ ”حاڪمن“ جي چئي آکڻ ۾ رهو ــــــ ۽ جيڪڏهن نه، ته پوءِ جهنمي قيد اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار آهي.
    اهڙيون سَوين پراسرار، ڏندڪٿائي، عقيدي پرستاڻيون سوچون خيال پرستيءَ جو لازمي مواد هيون. اڇا ڪارا جادومنتر، ديوي ديوتائن کي راضي رکڻ جون رسمون، ڌيئن پٽن کي ندين ۾ لوڙهي خدا جون خوشنوديون کٽڻ ۽ عذاب لاهڻ ڪي عام ڳالهيون هيون.
خيال پرست سوچن جي پهرين چِٽي تصوير غلامداري سماج جي عروج واري زماني ۾ لڀي ٿي.
خيال پرست فلاسافر ڪائنات، هستي يا ”خيالن“ جي تشريح ڪيترن ئي نمونن ۾ بيان ڪن ٿا، پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ٻه ڌڙا آهن: هڪڙا آهن معروضي خيال پرست ۽ ٻيا موضوعي خيال پرست آهن. انهن ٻنهي ڌڙن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي.
افلاطون (Plato، 427 ـــ 347 ق.م) قديم يونان جو نالي چڙهيو فلاسافر هو. سندس زماني جي سماجي بناوت آقائن ۽ غلامن تي ٻَڌل هئي. اهي آقا يا مالڪ ئي حڪومت جا واڳ ڌڻي هئا. حڪومت جي معاملن ۾ غلامن کي ڳالهائڻو ته ڇا، پر سوچڻو به نه هو. افلاطون ان غلامداري سماج کي جائـز پئي سمجهيو ۽ پاڻ ارسٽوڪريسي (آقائن جي، جاگيردارن جي، اشرافيه جي ”سنجيده ۽ مَتين“ ماڻهن جي حڪومت) جو زبردست وڪيل هو. افلاطون ئي فلسفاڻي سرشتي جو اهو ڍانچو ٺاهيو جنهن کي معروضي خيال پرستي چئجي ٿو.
افلاطون ماديت پسند فلاسافرن جو زبردست مخالف هو، انيگزاگورس ۽ ڊيموڪريٽس جا ماديت پسند خيال کيس قطعي نه وڻندا هئا. افلاطون ”روح“ يا ”خيال“ جي معروضي وجود جو قائل هو. اهو خيال يا روح ”آسمانن کان مٿاهين آسمان“ (عرش) تي رهيو پئي. ”اها هستي (روح يا خيال) عرش تي رهي ٿي جنهن سان حقيقي ڄاڻ جو تعلق آهي: (اها هستي) بي رنگ، بي شڪل، بي ڇهاءُ جوهر (آهي) جنهن کي رڳو (اندر جون اکيون) ذهن ئي ڏسي سگهي ٿو، (اها هستي ئي) روح کي هلائيندڙ آهي.“[14] قدرت کان مٿاهين، مافوق الفطرت، روحاني جوهرن واري، نه بدلجندڙ، دائمي هستي (روح يا خيال) ئي نج نبار هئي جڏهن ته بي هستي (Non-Being) مادو عارضي ۽ تبديل ٿيندڙ هو. افلاطون اهو يقين پئي رکيو ته مادو بي هستي هو ۽ هن ”خيالن“ جي دنيا کي سُٺائي ۽ سونهن جي، قطعي سچ جي آفاقي بادشاهت ڪري ڄاڻايو. اها مافوق الفطرت بادشاهت ئي ماڻهوءَ جي ڄمڻ کان اڳ ۽ ان جي مرڻ کان پوءِ ”روحن“ جي رهڻ جي جاءِ هئي.
هن فلسفي جو چوڻ آهي ته جسم، وجود اهي عام شيون آهن جيڪي ماڻهوءَ جي ذهن کان آزاد يعني ماڻهوءَ جي سوچ سمجهه ۽ شعور کان آزاد ۽ خودمختار (معروضي) وجود رکن ٿيون. پر انهن مادي شين جي تخليق ڪندڙ به ڪي اهڙا روح يا خيال آهن جيڪي پڻ ذهن کان آزاد (معروضي) وجود رکن ٿا. (اهي معروضي، آزاد روح يا خيال ڪٿي وجود رکن ٿا ان جي خبر ان فلسفي جي تخليق ڪندڙن کي به ڪونهي.) افلاطون جي هن فلسفي کي ڪيترن ئي فلاسافرن پئي پيش ڪيو آهي پر انهن مان سڀني کان وڌيڪ مشهور جرمني جو رهاڪو هِيگل آهي.
ويدڪ (Vedanta) فلسفو ”برهما“ پرستيءَ جو نظرياتي بنياد آهي. هن فلسفي غير شخصي، روحاني دنيا يعني برهما جي تشريح ڪئي. برهما ابتدائي حقيقت ۽ اڪيلو جوهر آهي. هن فلسفي جي چوڻ موجب سموريون قدرتي شيون برهما جو خواب آهن. قدرتي لقائن جي دنيا، يعني مايا، هڪ وهم هئي، سطحي هئي، ”لهرون، ڦوٽا ۽ گَجي“ جنهن قطعي هستي برهما کي لِڪايو پئي. ماڻهوءَ جو جسم اڻموت روح (آتما) جو ٻاهريون خول آهي ۽ آتما برهما جو هڪ جُز يا گوشت ۾ ڏيک آهي.[15]
”اها اڻموت برهما اڳ آهي، اها پٺيان آهي، اها ئي ساڄي ۽ کاٻي آهي. برهما اڳتي وڌي هيٺ ۽ مٿي وئي آهي. اڪيلي برهما سڀ ڪجهه آهي، وڌ ۾ وڌ سُٺائي آهي. (اپنيدش، حصو ٻيو، موتي لعل بنارسيداس، 1965ع، ص 37). آدويتا ويدڪ (Advaita Vedanta) فلسفي جٖي بنياد وجهندڙ ڀارتي فلاسافر شنڪر (788ع - 820ع) لکيو ته ”برهما کان سواءِ ٻيو ڪجهه به مادي (حقيقي) پڌراءُ نه آهي. ان ڪري جيڪو ڪجهه پڌرو ٿئي ٿو اهو برهما کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.... آفاقي آتما (برهما) مان ئي سموري مخلوق پيدا ٿي آهي، ان ڪري اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اهي سڀ (لقاءَ، تخليقون) برهما آهن.“ (شنڪر، سڌي سمجهاڻي، ووپروسي  فلاسافي، نمبر 5، 1972ع، ص 11.)[16]
انهن جي ابتڙ، ماديت يقين رکي ٿي ته هن مادي ڪائنات، قدرت کي ڪنهن به ”اهڙي“ معروضي روح، خيال يا برهما ڪو نه خلقيو آهي. پر هيءَ دنيا حقيقي وجود رکي ٿي. اها بي-هستي (Non-being) نه پر هستي حقيقي وجود واري (Being) آهي. هن ڪائنات ۾ سموريون موجد مادي شيون سوچ، سمجهه، روح، خيال يا برهما کان پنهنجي آزاد (معروضي) وجود رکندڙ حقيقت کي پيش ڪن ٿيون.
انساني ذهن کان آزاد، ان کان ٻاهر ڪا به شَي وجود ڪو نه ٿي رکي، هيءَ ڪائنات رڳو ايترڙي آهي جيترو اسين ان کي پنهنجن حواسن وسيلي محسوس ڪيون ٿا يا جيتري اسان جي ذهن، خيال ۾ موجود آهي. شيون رڳو ان ڪري آهن جو ماڻهو انهن جو احساس رکي ٿو ــــــ انهن کي ڏسي ٿو، ڇُـهي ٿو، چکي ٿو، ٻُـڌي ٿو ۽ سِنگهي ٿو ــــــ جيڪڏهن اسان وٽ حواس موجود نه هجن ته هيءَ دنيا، ڪائنات موجود ئي نه آهي. موضوعي خيال پرست فلسفي  جي پيشڪش اِجها اِها آهي، ارڙهين صديءَ ۾ ماديت پسندن تي پنهنجي پَرِ ۾ ڇتي تنقيد ڪندڙ انگريز فلاسافر جارج بِرڪلٖي (1684ع-1753ع) هيءُ فلسفو تخليق ڪيو. هن فلسفي جو چوڻ آهي ته سڄي ڪائنات، دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي يا ٿئي پيو اهو ايترو ئي آهي جيترو ذهن، شعور ۾ موجود آهي. جن حقيقتن تائين اسان جو ذهن، شعور پهچي نه ٿو سگهي انهن جو وجود ئي ڪونهي. شيون ماڻهوءَ جي احساسن جو ميلاپ آهن. اهو رڳو اڪيلو انساني ذهن، خيال، شعور، روح ئي آهي جيڪو حقيقي وجود رکي ٿو. شين ۽ لقائن جي وچ ۾ ڪي به قانون، ڪو به سبب ۽ نتيجي جو سلسلو موجود ڪونهي. قانونُ، سببُ، نتيجو وغيره ماڻهن جي تصورن جي پيدائش آهن.
هن فلسفي جو ٿلهي ليکي نتيجو اهو ٿو نڪري ته جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ احساس ڪونهن ته پوءِ وڻ ٻوٽا ۽ جيت جانور موجود ڪونهن، مِٽي، ڌرتي ۽ ڪائنات موجود ناهي، ٻي ڪا به شَي ڪو به لقاءُ موجود ناهي، ويندي سندس ماءُ پيءُ به موجود ناهن ۽ پاڻ به موجود ناهي. ڪيڏي نه واهيات لفاظي آهي! ڪيڏي نه مِڪر بازي آهي! ڪيڏو نه وڏو گپوڙو آهي هيءُ فلسفو! چيو اٿائون ته دنيا ۾ جاهلن ۽ ٺڳن جي کوٽ ڪانهي.
موضوعي خيال پرست فلسفو جهالت ۽ ٺڳيءَ جو مثالي ميلاپ آهي. برڪلي آهي ته دنيا به آهي ۽ اها به ايترڙي جيتري برڪلي ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن برڪلي کي سنڌ جي خبر ڪو نه هئي ته معنى سنڌ هئي ئي ڪا نه! قدرت آهي ئي ڪا نه! سماجي واڌاري جو ڪو قانون ئي ڪونهي! ڦرلٽ جو ڪو سبب ئي ڪونهي! باقي ڇا آهي؟ برڪلي بذات پاڻ به نه، پر سندس ذهن! جڏهن برڪلي جو ذهن ڪونهي ته دنيا ئي ڪونهي!
مُنهن ته آهٖيريانئي اُجرو، قَلب ۾ ڪارو،
ٻَهرا زيب زبان سي، دل ۾ هچارو،
ان پَرِ ويچارو، ويجهو ناهه وصال سين.
ڦورو ۽ بدمعاش ٽولن پنهنجن طبقاتي مفادن ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ٽَڪي پيسي ۽ اَٽي لَپ تي وڪامندڙ بي ضمير ڀاڙيتو ٻولڙيا، خوشامدڙيا، ثناخوان ۽ مفت خورا ويهاري ڇڏيا آهن. انهن جو چوويهه ئي ڪلاڪ اهو ڌنڌو آهي ته ڏند ڪٿا ۽ مذهب جي باري ۾، تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾، علم ۽ ادب جي باري ۾، سائنس ۽ فلسفي جي باري ۾، طبقي ۽ قوم جي باري ۾، ظلم ۽ مظلوميءَ جي باري ۾، ڦورو ۽ ڦريَل جي باري ۾، سمنڊ جي تري کان اٿندي، سماج ۽ ڌرتيءَ کان ويندي خلا جي ڏوراهيُن بلندين تائين حياتيءَ جي هر ميدان ۾، جتي به موقعو ملي ۽ جي موقعو نه ملي ته پيدا ڪري، حقيقتن کي بگاڙي ڪي منجهائيندڙ، ڪي وچڙائيندڙ، ڪي تَـرا ڪڍندڙ، ڪي ڦيراٽيون ڏياريندڙ تشريحون ۽ تاويلون، ڪي هٿ ناٽ ۽ ڪوڙ، ڪي ڊز ۽ ڪي زٽ پکيڙيندا، هوا ڏيندا رهن. هو اهو سڀ ڪجهه نه رڳو ڪري رهيا آهن پر انتهائي بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان ڪري رهيا آهن. ”هڪڙو علمي ۽ سائنسي طرح بلڪل بي بنياد مفروضو تيار ڪري ان کي بار بار دهرائيندا، اهڙيءَ ريت پيڙهه پڪي ڪري، وري ان مٿان ٻيو مفروضو، ان مٿان ٽيون، ان مٿان چوٿون.... مفروضا در مضروضا، زٽ در زٽ.... تان جو هڪڙو فرضي سَو-ماڙ کڙو ڪري ڇڏيندا! ڪنڌ مٿي ڪري نهار ته مٿي ۾ ڦيري پئجي ويندي! علمي حياءَ ۽ شرم جو نالو به نه، ستر گز زبان، هٿراڌي جِناتي ٻوليءَ ۾ چِرچِر، مُنهن تي رُڪ چڙهيل، اکين مان ٽانڊا وسندڙ ـــــــ يا بي حيائي تيرا آسرا!“[17]
فلسفي جي دنيا ۾ به هنن الائي ڪيتريون گمراهيون ۽ ”فلسفا“ پکيڙي ڇڏيا آهن. ٻه-قوتون پسندي (Dualism)، گهڻ-قوتون پسندي (Pluralism)، ذات پسندي (Personalism)، نئين اثبات پسندي (Neo-positivism)، مقصديت (Teleology) وغيره مٽيل ويس ۾ خيال پرست پرچار آهي ۽ ماڻهن کي منجهائڻ ۽ انهن کي حقيقتن کان ٿيڙڻ جي غليظ سازش کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ”گڏهه ساڳيو آهي، آٿر ٻيا اٿس“.
ٻه-قوتون پسندي جو اڳواڻ فرانسي فلاسافر ريني ڊيسڪارٽ (Rene Descartes 1596ع - 1650ع) هو. هن چيو ته روحاني اصول ۽ مادي اصول هڪ ٻئي کان مڪمل ڌار ۽ خودمختار وجود رکن ٿا ۽ انهن جو هڪ ٻئي سان ڪو به لاڳاپو ناهي. هن جو چوڻ هو ته روح يا خيال لافاني آهي. ساڳيءَ طرح مادو به لافاني آهي ۽ اهو لاڳيتي چرپر ۾ آهي پر اها چرپر مشيني قسم جي آهي ۽ ان چرپر لاءِ ابتدا ۾ ڪنهن قوت مادي کي ”ڌِڪو“ ڏنو. مادي تحقيق لاءِ هن جو چوڻ هو ته تجربو، تجربو ۽ هڪ ڀيرو وري تجربو. پر جڏهن مادي جي وجود ۾ اچڻ جو سوال هوندو هو تڏهن پراسرار روحن جي جهول ۾ وڃي پناهه وٺندو هو. ”آءٌ سوچيان ٿو تنهنڪري آءٌ آهيان.“[18]
گهڻ-قوتون پسندي ٻه-قوتون پسندي جو بگاڙيل روپ آهي ۽ ٻن کان وڌيڪ اصولن تي بنياد رکي ٿي. هن فلسفي جا پوئلڳ خيال پرستي ۽ ماديت پسندي جي وچ ۾، سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾، سبب ۽ ڏند ڪٿا جي وچ ۾ ۽ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق کي ميٽڻ چاهن ٿا.
وجوديت جي فلسفي جو باني فرانسي دانشور زان پال سارتر آهي. ”ان نظريي جو مکيه نُڪتو اهو مايوس بڻائيندڙ خيال آهي ته ’انسان کي آزاديءَ جي سزا مليل آهي‘ ۽ سندس زندگي رڳو هڪ بي اثر جذبو آهي.“[19] ڪجهه به ڪيو، بَڪ بڪ بڪ يا مسخري مچايو، غلط ڪيو يا ڪوڙ، پر پنهنجي وجود جو ثبوت ڏئي وڃو.
مقصديت جو فلسفو خلقيندڙ جرمنيءَ جو خيال پرست فلاسافر ڪرستان وَولف (1679-1754ع) هو. هن چيو ته قدرت جي سڀني قاعدن ۾ ڪو نه ڪو مقصد لڪل آهي. ان فلسفي جي چوڻ موجب ”ٻلي ان ڪري وجود  ۾ آئي ته ڪُوئا کائي ۽ ڪُوئا ان ڪري ته ٻلي جو کاڄ ٿين، ۽ سڄو جَهانُ ان ڪري ته پنهنجي خالق جي دانائي بيان ڪري.“[20] ۽ ”داناءُ خالق“ ڇو وجود ۾ آيو!؟ ڀَـٽون (وڇون)، نانگ بلائون ۽ جيت جيوڙا ڇو وجود ۾ آيا!؟
لوڪا لِڪِي سڀ ڪو، لِڪا لڪٖي ڪونه،
اُٿٖي ويٺي اَونَ، اِن الٽِيءَ ڳالهه جي.
خيال پرستيءَ هر سُٺي سوچ سان هر زماني ۾ رڳو وير رکيو هجي ها، ته ڳالهه سولي هئي. انهن پيش ڪيل سوچن کي ساڳيءَ ئي صورت ۾ رکيو هجي ها، ته به خير هو، پر ٿيو ايئن ناهي. هنن دشمنيون ڦيرائي ”دوستيون“ ڪيون آهن ۽ سڄڻائپ جي روپ ۾ انهن تعليمن کي بگاڙي ڇڏيو آهي. حضرت عيسى پنهنجي زماني جي غريب ۽ پورهيت ماڻهن ۾ پنهنجو ديني پيغام پکيڙيو پئي. هزارن جي تعداد ۾ مظلوم ماڻهو سندن معتقد هئا ۽ انهن ظلم خلاف پنهنجي نفرت جو اظهار به ڪيو پئي. ان وقت جي ڦورن ۽ ديني رهنمائن حضرت عيسى کي قيد ۾ رکي ۽ پوءِ صليب ڏئي ڇڏي. ٿورو عرصو پوءِ انهن ئي ڦورن ۽ ديني رهنمائن جا پويان ۽ پوئلڳ ڦورو ۽ ديني رهنما روپ مٽائي حضرت عيسى جي تعليم جا نگهبان ۽ وارث ٿي ويهي رهيا. انهن جي وڏن هٿان مصلوب ٿيل هاڻي ”يسوح مسيح“ ۽ ”خداوند خدا“ بڻجي ويو.
ارسطو ۽ سندس پوئلڳن کي ڪجهه ماديت پسند خيال رکڻ جي ڪري ”خدائن جا منڪر“ سڏي سزائون، اذيتون ۽ ڏيهه نيڪاليون ڏنيون ويون پر ٿورو عرصو اڳتي هلي اهو ساڳيو ارسطو خداوند خدا جو نائب بڻائي ”ذري گهٽ خدا“ بنايو ويو ۽ هن جي ڪتابن کي ”آسماني ڪتابن“ جهڙي حيثيت ڏني وئي.
انيگزاگورس ۽ ڊيموڪريٽس جهڙن ماديت پسند فلاسافرن تي افلاطون ڇوهه پئي ڇنڊيا، پر هن پنهنجي ڪتاب ”رعيتي راڄ“ (Republic) ۾ جنهن قسم جي سماج جو ذڪر ڪيو آهي اهو( غلامن کي ڇڏي) ذري گهٽ اسپارٽا جي ڪيمونسٽ رهڻي ڪهڻي جو چرٻو آهي.
سقراط کي زهر جي وَٽو پيارڻ وارا ڪير هئا، پٿاگورس جو قتل ڪرڻ وارا ڪير هئا، منصور کي سوريءَ تي چاڙهڻ وارا ڪير هئا، بلاول کي گهاڻي پيهائڻ وارا ڪير هئا؟ اهي سڀ ڦورو، بدمعاش ۽ ”ديني رهنما“ هئا، پر سندن پويان ويس مٽائي انهن جا مالڪ ٿي ويهي رهيا آهن.
اسڪندريه، پرگامن، يروشلم جي قُبي ۽ ٿاه قبي جي لائبرريُن کي ڪنهن ساڙايو، مايا تهذيب جا دفتر ڪنهن ٻارايا؟ اهي به سڀ ڦورو ۽ سندن چيلا هئا ۽ اڄ انهن جا پيروڪار پاڻ کي انهن علمي ذخيرن جو وارث سڏائن ٿا.
سڄي تاريخ دوران هنن انتهائي بي رحميءَ سان اهڙا اهڙا رتوڇاڻ ڪري، راتاها ڏيئي، خون وهائي ۽ پوءِ انهن جا ”سٻاجهڙا“ وارث بڻجي ويٺا آهن جو هنن جي بي مثال مڪاري ۽ ميسڻائپ کي بي اختيار داد ڏيڻو ٿو پوي.
اڄوڪا جديد عوامي انقلاب جا باني مارڪس، اينجلس، لينن پارا ڳاڻ ڳڻيا ذهين، مدبر ۽ ڏاها بظاهر بچيا پيا آهن. ڦورو ۽ سندن دلال اڃا تائين انهن جي تعليمن کي پوري طرح بگاڙي ۽ مُنجهڙائي نه سگهيا آهن، پر پوءِ به ڪيتريون ئي جديد ”سوشلٽ“ ۽ ”ڪيمونسٽ“ پارٽيون انهيءَ ساڳي اباڻي ڌنڌي سان لڳيون پيون آهن. ترميم پسند ۽ ٽراٽسڪائي ٻيو وري ڪهڙي ڌنڌي سان آهن~
سونهپ ۾ سَپ گهُڻا، مَنجهه نه ماکي هوءِ،
پَرو تَنين پوءِ، جي اُجهٖي پوءِ ان تان.
ترميم باز ۽ ٽراٽسڪائي انقلابي چوغو پهري، مارڪسي نظريي جا وارث بڻجي پنهنجون سموريون ذهني لياقتون ۽ قوتون ان ڳالهه ۾ صرف ڪن ٿا ته اهي مارڪسي فلسفي جو انقلابي روح نچوڙي ڪڍي، ان جي نظرياتي بنياد کي بگاڙي، ان جي دشمن سان ويڙهه واري انقلابي سگهه کي ختم ڪري ان کي خصي بڻائن.
”تاريخ ۾ ناجائز قبضو ڪا (نئين) شَي ناهي. هندستان تي دشمن جو هڪ هزار سال تائين قبضو هو. انگريز ٻه سَو سال ناجائز قبضو ڪري ويٺا ها. ناجائز قبضا صدين تائين رهن ٿا. پولئنڊ، آئر لئنڊ ۽ ٻيا ملڪ زمانن تائين ڌارين جي قبضي ۾ رهن ٿا پر ان ڪري (قبضو ڪندڙن جا) ڪي به ”حق“ پيدا نه ٿا ٿين، نه رهائش جا نه ڪي ٻيا.“[21] ماديتي فلسفي تي خيال پرستن جو قبضو ۽ ان کي بگاڙڻ به ڪا نئين ڳالهه ناهي. اڄوڪي زماني ۾ پنهنجي توڙي پرائي فلسفي تي خيال پرست کڻي ڪهڙو به لَٽُ لٽين پر حقيقت کي پڌرو ڪرڻ وارا ”اڃا ڪي آهين، ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي.“
انسانذات جي خوش نصيبي آهي جو اهڙن کاهوڙيُن، آڳڙين  ۽ ڪاپڙين جا حقيقي وارث، پورهيت ماڻهو، هن وقت تائين چڱا باشعور بڻجي ويا آهن ۽ انهن سندن ورثو سنڀالي ورتو آهي.
ابتدائي انسانَ پنهنجو گذر قدرت مان حاصل ڪيو پئي. گاهه، ميوا، ٻوٽا، ڀاڄيون، پاڙون ۽ ننڍا ننڍا جانور سندس خوراڪ هئا. سندس روزاني عملي زندگيءَ جو تجربو هو ته فطري شين سندس ”ذهن“ جي ڪري وجود ڪونه پئي رکيو پر اهي سندس ”خيالن“ کان آزاد، خودمختيار وجود رکندڙ هيون. وتائي فقير جي مشهور ڳالهه آهي ته ”خدا رزق ڏئي ٿو“ واري مُلان جي ڳالهه ٻڌي وڃي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. ٻه چار ويلا ته لنگهڻ تي گذري ويس ۽ رزق ”نازل“ ڪو نه ٿيس، تڏهن ڪِن باسيل باس جي پُورائي لاءِ اچي اتي ڍيڳيون چاڙهيون، تڏهن به ڪنهن کي وتائي جي خبر نه پئي، نيٺ کنگهڻ کَڙڪڻ کان پوءِ مَسٖين مس وڃي کيس ويلو مليو. ”کنگهڻ کڙڪڻ“ کان سواءِ کاڌو ڪو نه ٿو ملي. شيون ”خيال“ جون محتاج ناهن ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ انهن جي حقيقي فطرت موجب سمجهڻ جي ضرورت رهي ٿي. سوين هزارين سالن تائين، نسل در نسل پورهيو ڪرڻ، تجربن مان سکڻ، ڌڪ کائڻ، سور سَهڻ ۽ نقصان پرائڻ کان پوءِ ئي هُو ان لائق ٿي سگهيو ته پنهنجي گذر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سهولتون پيدا ڪري سگهي. هن انتهائي سادي صورت ۾ شڪار ۾ ڪجهه سهولت پيدا ڪندڙ هٿيار ٺاهي ورتا. هن جي مُڪ ننڍي جانور کي ساڻو ڪري ڇڏيو پئي ۽ ٻانهن جي مدد سان ان کي سوگهو جهلي سگهيو پئي. مُڪ جهڙو پٿر ۽ ٻانهن جهڙي لٺ سندس پهريان هٿيار هئا. سالن جي گذرڻ کان پوءِ هُو ان لائق ٿي سگهيو ته انهن هٿيار ۾ ”چهنب“ جي اهميت سمجهي سگهي. چهنبدار هٿيارن شڪار ۾ سولائي پيدا ڪري ڇڏي. چهنبدار پٿر ۽ چهنبدار لٺيون هاڻي وڌيڪ اهم هٿيار هئا. هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي، ذرو پرزو ٿي هٿيارن ۾ تبديلي ايندي وئي ۽ چاقو، ڇُريون، نيزا، ڀالا وجود ۾ ايندا ويا. اهي سڀ پٿر يا پٿر ۽ ڪاٺ جي ميلاپ جا اوزار هئا.
جهنگن ۽ ٻيلن جون باهيون ڪي نيون ڳالهيون نه هيون. سوين سالن دوران جهنگلي باهين جا نظارا ڪندي ۽ ان جون سختيون سهندي نيٺ هو باهه جو راز لهي سگهيو. بانس جون ڪاٺيون گاٺ ڪري باهه پيدا ڪن ٿيون. هن به اهو عمل ڪري ڏٺو ۽ باهه کي قابو ڪري ورتو. پٿرن جي ڍوئائي دوران به ڪجهه پٿرن ٻين پٿرن تي ڪِري چڻنگون پيدا پئي ڪيون. پٿرن جي ٽڪراءَ به باهه پيدا پئي ڪئي.
باهه جي گرميءَ ڪري ڪجهه ڌاتن پگهرجي شڪل بدلائي پئي.... ته پوءِ ڇو نه هٿراڌو، قبضي ۾ ڪيل باهه وسيلي انهن جي شڪل بدلائي وڃي؟ ڌاتو پگهاري ماڻهن ڌاتوئي هٿيار ٺاهي ورتا.
قديم زماني جي انسان کي هر هڪ ايجاد لاءِ ڪيترائي سال سيڙائڻا پيا. جاچڻ، مشاهدي ڪرڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو هلي پيو ۽ هلندو رهيو.
ماڻهن پنهنجي عملي واهپي ۽ سرگرميءَ ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو پئي ۽ جيئن ڏٺو پئي ايئن ئي سمجهيو ۽ بيان ڪيو پئي. انهن ڪائنات کي ڪِن به ڏورانهن، ”نڄاڻ ڪٿي وجود رکندڙ“ روح يا روحن جو محتاج ڪو نه پئي سمجهيو. انهن قدرت کي چرندي، تبديل ٿيندي ۽ روپ مٽائيندي ڏٺو پئي. انهن جي ڄاڻ سندن تجربي ۽ مشاهدي مان پيدا ٿيل سادي جدلي ماديت هئي.
سماجي شعور جي مخصوص صورت ۾ فلسفو ابتدائي رعيتي سماجن جي ٽٽڻ واري دَور ۾، جڏهن طبقاتي سماج بس اسرڻ وارو ئي هو تڏهن پيدا ٿيو. دنيا جي باري ۾ ماديت پسند ۽ خيال پرست تصورن ۾ ان زماني ۾ به فرق هو.
پهرين ڄاتل فلسفياڻي تعليم قديم تهذيبن ۾ پيدا ٿي ۽ وڌي، ان زماني ۾ انهن تهذيبن تي غلامداري سرشتو حاوي هو ۽ فلسفي جي تعليم خيال پرستاڻي هئي. انهن حالتن ۾ ماديت پسند دنيائي نُڪتهء نظر غلامداري سماج جي ترقي پسند قوتن وڌايو.  اهو ترقي پسند نڪتهء نظر ئي هو جو سماج جا محڪوم ماڻهو ـــــــ غلام ـــــــ پنهنجي ڦورو حاڪمن جي سياسي ۽ اقتصادي ڏاڍائي خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. آقائن، مالڪن جي اها ڪوشش پئي رهي ته هو سماج کي ساڳيءَ جاءِ تي ڄميل رکن ۽ اڳوڻن توڙي چالو مذهبي عقيدن ۽ ڏندڪٿائي خيالن کي برقرار رکن ڇو ته انهن سندن مفادن جي بچاءَ لاءِ آسمان مان نازل ٿيل مواد پئي مهيا ڪيو.
پهريان ماديت پسند جن جو قديم تاريخ ۾ ڏس ملي ٿو انهن جو واسطو سنڌ سان هو.[22] اهي ”چرواڪ“ سڏبا هئا. اهي ڪائنات، قدرت، دنيا جي معروضي وجود کي مڃيندڙ هئا ۽ انهن ڪنهن اهڙي بنيادي مادي جي ڳولا پئي ڪئي جنهن جي ڪري سڄي قدرت، سماج ۽ خود پاڻ وجود ۾ آيا هجن. انهن جي حياتيءَ ۾ اهم ڪردار چئن شين مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه ادا پئي ڪيو. ان ڪري هنن اهو پئي سمجهيو ته ماڻهوءَ سميت هر شَي، سڄو مادو، سڄي قدرت انهن چئن عنصرن جي ٺهيل هئي. شعور رڳو انسانذات جي خاصيت هو ۽ ان انساني جسم منجهه انهن چئن عنصرن جي ميلاپ وسيلي جنم ورتو پئي ۽ جسم جي موت کان پوءِ گم ٿي پئي ويو. ان وقت جي چالو مذهبي تعليم موجب انساني جسمن ۾ روحَ (سمسارا، Samsara) ”داخل“ ٿيا پئي ته انسان ڄاوا ۽ زندهه رهيا پئي ۽ اهي روح ڪنهن ”وڏي روح“ پاران ”نازل“ ڪيل هئا. چرواڪن جسم ۾ روحن جي ”داخل“ ٿيڻ واري مذهبي تعليم ۾ جهالت پئي ڏٺي ۽ هُنن ڪنهن به قسم جي خدا جو وجود نه پئي مڃيو. انهن جو مذهبي، ڏند ڪٿائي، خيال پرستاڻي تعليم سان ڪو به ٺاهه ڪو نه هو. وقت جي ٻاون، انڌي عقيدي جي وڪيلن کانئن سخت نفرت پئي ڪئي ۽ نيٺ کين ختم ڪري سندن تعليمون تباه ڪري ڇڏيون. چرواڪ فلاسافر ڇهين صدي قبل مسيح کان ٻي صدي قبل مسيح تائين موجود رهيا.
قديم چيني تعليم دنيا جي باري ۾ اهو پئي چيو ته اها ٻن اصولن جي عمل ڪري ٺهي آهي. اهي ٻه اصول ”يانگ“ ۽ ”يِن“ هئا ۽ دنيا انهن جي ٻڌيءَ ڪري موجود هئي. يانگ مذڪر طرف اشارو ڪري ٿو ۽ ”يِن“ مؤنث طرف. يانگ جو واسطو آسمان، سج، سموري فاعل سرگرمين ۽ مثبت خاصيتن سان هو جڏهن ته يِن جو واسطو ڌرتيءَ، اوندهه، سمورين مفعول سرگرمين ۽ منفي خاصيتن سان هو.
لڳ ڀڳ سموريون مذهبي ۽ ڏندڪٿائي تعليمون ڪنهن نه ڪنهن حد تائين نيڪ ۽ بد قوتن جي وچ ۾ جهيڙي جي ڪري ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جي خبر ڏين ٿيون.
فلسفياڻي ۽ سائنسي تعليم جو گهڻي کان گهڻو مواد قديم يوناني فلاسافرن جي تحقيقن ۾ ملي ٿو. شايد ئي ڪو مشهور قديم يوناني فلاسافر هجي جنهن علم ۽ حقيقت جي ڳولا ۾ سالن جا سال ڌرتيءَ جي ڏورانهن علائقن تائين سفر نه ڪيو هجي.
کَـرُ کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو،
جوشَ جلايا جي، مارٖي تَـن مات ڪيـو.
ٿيلس (Thales 55-64 ق.م) مِليٽس (Miletas) ٻيٽ جو رهاڪو هو. هن جو شمار قديم يونان جي ”ستن ڏاهن“ ۾ ڪيو ويندو آهي. هُو آخري عمر ۾ مصر ويو ۽ اتي جي عالمن کان قدرت جا راز سکڻ جي ڪوشش ڪيائين. چون ٿا ته هُو سڄي عمر علم جي ڳولا ڪندو رهيو ۽ سڄي عمر سُک سان نه سمهيو. دنيا جي تبديليءَ ۽ مختلف روپن هن کي بنيادي اصولن ڳولڻ تي آماده ڪيو. تاريخ ۾ سندس رڳو هڪ جملو محفوظ رهجي ويو آهي ته
”پاڻي سڀني شين جو اصول (بنياد) آهي، سموريون شيون پاڻيءَ مان ٺهيون آهن ۽ آخر ۾ پاڻي ٿي وينديون.“
ٿيلس کي ئي اهو اعزاز ڏنو ويندو آهي ته هن کي چقمق جي پراسرار قوت ۽ بجليءَ ڀري امبر (amber) جي هلڪي شين کي ڪشش جي چڱيءَ پَر ڄاڻ هئي. هن چنڊ جي قدبُت، ڌرتيءَ جي گول هئڻ ۽ سج جي دائري جي کوجنا ڪئي ۽ ”آسماني کوپڙي“ کي پنجن گهيرن ۾ ورهايو.
انيگزاماندر (Anexanander 610-547 ق.م) پڻ مليٽس جو رهاڪو هو. هن جي تعليم وڌيڪ ڳتيل ۽ ڀريل آهي. هن جو خيال هو ته هر شَي جو بنياد اڻڄاتلُ ۽ دائمي ابتدائي مايو (Mass) هو جنهن مان ابتدائي ابتڙون گرمي ۽ سردي، خشڪي ۽ آلاڻ ڌار ٿيون.
اناگزيمينـز (Inaxemens) به ٿيلس جو پوئلڳ هو. هن مادي جي بناوت جو نظريو قوت واري اصول جي صورت ۾ ڏنو. هن جو خيال هو ته ابتدائي مادو (Substance) هوا آهي ۽ سڀ ڪجهه ان مان پيدا ٿيو آهي. جڏهن هوا ڳتجي ٿي ته پاڻي ٺهي ٿو ۽ پاڻي وڌيڪ ڳتجي مٽي ٿئي ٿو. جڏهن هوا پکڙجي ٿي ته باهه بڻجي وڃي ٿي. سموريون زندهه شيون هوا جي تخليق آهن ۽ فنا ٿي هوا بڻجي وڃن ٿيون.
پِٿاگورَس Pythagoras) 571-497 ق.م) ساموز (Samos) ٻيٽ جو رهاڪو هو. هن جي باري ۾ خيال آهي ته هو ٿيلس يا انيگزاماندر جو پوئلڳ هو. چيو وڃي ٿو ته هو مصر ۽ بابل ۾ به رهيو. وطن موٽي وڃي ڪِروٽون (Croton) ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي هن هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ هڪ ڳجهي ”فلسفياڻي-سياسي برادري“ يا تنظيم جو بنياد رکيائين، جنهن کي به ان برادري ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش هوندي هئي ان کي ڪَڙن امتحانن مان گذرڻو پوندو هو. هن جو خاص خيال ابتدائي مادي ته نه، پر عدد ۽ ماپ تي هو. ارسطو جي چوڻ موجب پٿاگورس بنيادي عنصرن بدارن عددن ۾ شين جو اصل (بنياد) ڳوليندو هو. سٺو ۽ خراب، محدود ۽ لامحدود وغيره ابتـڙن جو تصور پٿاگورس عددن وسيلي ڏنو. پٿاگورس جو اثر رڳو ڪروٽون ۾ ئي نه، پر ٻين علائقن ۾ به پکڙجي ويو. وقت جي مفت خورن سندس مدرسو تباهه ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
ڦِلولاس (Philolas 470-399 ق.م) پٿاگورس جو شاگرد هو. ان جا ڪجهه ٽڙيل پکڙيل بيان مليا آهن، جن مان اها خبر پوي ٿي ته ڌرتي جي گول هجڻ جو پهريون نظريو پٿاگورس ئي ڏنو. پٿاگورسي ڌرتيءَ کي هڪ مڪمل صورت ۽ باهه کي سڀ کان وڌيڪ صاف مادو سمجهندا هئا ۽ ان کان مناسب مفاصلن تي چنڊ، سج، عطارد، زهره، مُشتري، زُحل ۽ ڄميل ستارن جو دائرو گهمندا هئا. يونان ۾ ٻڙيءَ جو انگ انهن ئي ٺاهيو.
هيراڪلِيتس (Heraclitus 540-480 ق.م)  يونان جي جڳ مشهور فلاسافر هر وجود رکندڙ شَي جو بنياد مادي عنصر باهه تي رکيو پئي. هن جي خيال موجب باهه هڪ غير معمولي طور تي تبديل ٿيندڙ پر ساڳين خاصيتن وارو عنصر آهي ۽ مادي دنيا جي هر شَي جو ٻج آهي. هن چيو ته پنهنجن گهڻن روپن باوجود دنيا هڪ (وحدت) آهي، ان کي ڪنهن به خدا يا ماڻهو (جي روح) ڪو نه خلقيو آهي پر اها هميشه زندهه رهڻ واري باهه هئي. اهڙي باهه جيڪا باقاعدي ٻرندي (جِيئڻ) ۽ وسامندي (موت ٿيڻ) رهي ٿي. هر شَي جدوجهد وسيلي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ضرورت جي ڪري ترقي ڪري ٿي ۽ هڪ خاصيت ٻي خاصيت ۾ بدلبي رهي ٿي. لينن هن جي خيالن کي ”جدلي ماديت جو هڪ سٺو اظهار“ سڏيو، ڇو ته هن جا خيال جدلي ماديت جي بنيادي تصورن جي هڪ سادي تصوير پيش ڪن ٿا. مثال طور، دنيا مادي جي ٺهيل آهي، معروضي آهي، مادو ۽ ان جي چرپر پاڻ ۾ ڳنديل آهن ۽ مادي جي چرپر هڪ ضابطي سان ٿئي پئي وغيره.
اڳتي هلي هڪ ئي فلسفي کي پيش ڪندڙ ڪيترائي فلاسافر ظاهر ٿيا جن کي ”نوجوان قدرتي فلاسافر“ سڏيو ويندو هو. اهي قدرت کي هڪ اڻٽٽ هيڪڙائي (وحدت) جي صورت ۾ ڏسندا هئا ۽ دنيائي عنصرن جي گهڻ-پاسائين فطرت کي قبول ڪندا هئا. هيءَ فلسفي ۽ سائنس ۾ هڪ نئين جدلي واڌ هئي.
انگيزاگورس (Anaxagoras 500-428 ق.م) عام طرح نوجوان قدرتي فلاسافرن ۾ پهريون ڳڻيو ويندو آهي. ڄاڻ جي اُڃَ هن کي اباڻي علائقي لِڊيا کان ايٿـنـز گهلي آئي. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ هُو يقين سان چئي سگهيو ته ” Philosophy brought me material destitution, but spintuar affarance “ (يعني: ”روحاني محبت نه، پر اهو فلسفو ئي هو جنهن مون کي مادي منزل تائين پهچايو.“)
هن جي شاگردن ۾ اسين ڪيترائي معزز ماڻهو ڏسي سگهون ٿا. مثال طور، پٖيريڪلٖيس(Pericles)  يُورِيڊٖيس (Eurides) ۽ سقراط (Socrates). ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي هم عصر ماڻهن ۾ همت ۽ محبت ته ڀري هوندي پر پنهنجا دشمن به پيدا ڪيا هوندا. هن کي ”خدا جو منڪر“ سڏي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي پر پيريڪليس جي مداخلت سبب ان تي عمل ٿي نه سگهيو. هن جي مجسمي تي هي فخر جوڳا اکر اڪريل آهن: ”هتي انيگزاگورس دفن ٿيل آهي، جنهن سچ جون ڏورانهيون حدون ڳولي لڌيون ۽ جنهن ڪائنات جي بناوت جي کوجنا ڪئي.“
انيگزاگورس جون ڪيتريون ئي لکڻيون موجود آهن پر انهن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب ”قدرت جي باري ۾“ آهي. هن جو چوڻ هو ته شين جي ظاهري تبديلين ڪري شَي جي مادي(Substance)   تي ڪو به اثر ڪو نه ٿو پوي، پر اهي تبديليون ان ڪري آهن جو مادي جي انتهائي ننڍڙن ذرڙن (ايٽمن) ۾ گڏجڻ يا ٽٽڻ جو عمل ٿئي ٿو.
ايٽم جي نظريي جي شروعات عام طرح ڊيموڪريٽس جي نالي سان ٿيندي آهي، پر حقيق ۾ هن جو نظريو انيگزاگورس جي نظريي جي تشريح کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. انيگزاگورس چيو ته ”اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ’تخليق‘ (ذرڙن جو) گڏ ٿيڻ ۽ ’فنا‘ (انهن جو) ٽٽڻ آهي.“
ايمپيڊوڪليس (Empedocles 492-432 ق.م) انيگزاگورس جو شاگرد هو. هن به پنهنجي استاد جيان هڪ ڪتاب ”قدرت جي باري ۾“ جي عنوان سان لکيو ۽ ان ۾ پنهنجي استاد جي خيالن کي وڌيڪ چِٽو پر مختصر ڪري بيان ڪيو: ”پاڳل ماڻهو سمجهن ٿا ته ”نه“ مان ڪي شيون هستيءَ (وجود) ۾ اچي سگهن ٿيون ۽ اهو به ته وجود رکندڙ شيون ڪنهن به نشان ڇڏڻ کان سواءِ فنا ٿي سگھن ٿيون. قدرت ۾ ڪا به اهڙي شَي وجود ۾ ڪو نه ٿي اچي جيڪا فنا ٿي وڃي، ڪا به شَي مڪمل طور فنا ڪو نه ٿي ٿئي. وجود ۽ فنا ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ته (ايٽمن جو) گڏجڻ ۽ (انهن جو) ڌار ٿيڻ ٿئي. رڳو بيوقوف ئي ان کي ڄم ۽ موت سڏي سگهن ٿا.“ هن جن ابتـڙن يا جوهرن جو تصور ڏنو ۽ اهي ”پيار“ ۽ ”نفرت“ هئا. اجهو هينئر پيار جي قوت انهن کي گڏائي ٿي ۽ اجهو هو اڻمٽ نفرت جي ڪري ڌار ٿي ويو.
ڊيموڪرِيٽَس (Democritus 460-370 ق.م) جڳ مشهور فلاسافر ايڊِيرا جو رهاڪو هو. پاڻ ۽ سندس استاد لِيُوسِيپَس(Leucippus)  گهڻو ڪري گڏ بيان ڪيا ويندا آهن. حقيقت ۾ ليوسيپس ايٽم جي باري ۾ نظريو گهڻو اڳ (500 ق.م) پيش ڪيو. ان کي ڊيموڪريٽس وڌايو ۽ مڪمل ڪيو. هنن ڪائنات جي باري ۾ چيو ته اها سڄٖي جي سڄي اڪيلي وحدت هئي جيڪا اڻڳڻ، بيشمار ايٽمن جي ٺهيل هئي. جيڪڏهن اسين ڪنهن به شَي کي ورهائيندا وينداسون ته اها ذري جو ذرو ٿيندي ٿيندي نيٺ وڃي ايترڙي ته ننڍڙي ذرڙي تائين پهچندي جنهن کي وڌيڪ ورهائي نه سگهنداسون. اهو ننڍي ۾ ننڍو ذرڙو جنهن کي نه ڏسي سگهجي ٿو ۽ نه ئي وڌيڪ ورهائي سگهجي ٿو اهو ’ايٽم‘ آهي. ڊيموڪريٽس چيو ته ڪائنات خِلا اندر گهمندڙ ايٽمن جي ٺهيل آهي. ايٽمن جي چرپر ڪنهن ٻاهرين پراسرار قوت جي ڪري ناهي پر خود ايٽمن اندر لڪل آهي ۽ ان چرپر جي ڪا به ابتدا يا انت ڪونهي. ڪو به جسم ظاهر يا گم ان ڪري ٿئي ٿو جو ايٽم پاڻ ۾ ملن يا ڌار ٿين ٿا. ايٽمن جي مختلف ترتيب جي ڪري ڌار ڌار صورتن جون شيون موجود آهن. ”ڪجهه به نه“ مان ”ڪجهه به نه“ ئي ٺهي سگهي ٿو ۽ ڪا به شَي ”ڪجهه به نه“ ۾ بدلائي نه ٿي سگهجي. ايٽم لاڳيتو لامحدود خلا ۾ ڪرندا رهن ٿا، وڏا تيزي سان ڪِرن ٿا ۽ ننڍا هوري هوري. انهيءَ ڪِرڻ جي عمل دوران اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرجن، مِلن ۽ تبديل ٿين ٿا جنهنڪري وڏا جسم وجود ۾ اچن ٿا. هن جا خيال جمهوريت پسند هئا ۽ پاڻ سائنسي ترقي جو زبردست حامي هو.
ارسطو (Aristotle 384-322 ق.م) قديم يونان جو زبرو عالم هو. ڪجهه خيال کي ڇڏي ڪري سندس گهڻا خيال غير سائنسي ۽ غير مادي هئا. هن پنهنجي استاد افلاطون جي خيال پرست خيالن تي ڏاڍا سخت اعتراض ڪيا ۽ چيو ته هيءَ ڪائنات پنهنجي معروضي وجود لاءِ ڪنهن به قسم جي خيال، روح، خدا يا ديوتا جي محتاج ناهي. هر جسم ۾ ابتدائي مادي مواد موجود آهي جيڪو چار بنيادي خاصيتون ــــــ آلاڻ، خشڪي، ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ ـــــــ ڏيکاري ٿو. مادي جون مختلف صورتون انهن خاصيتن جي گهٽ وڌ هئڻ ڪري آهن. بنيادي عنصر ـــــــ باهه، پاڻي، هوا ۽ مٽي ـــــــ ڪن به ٻن بنيادي خاصيتن جي ميلاپ سان ٺهيا آهن. مثال طور، خشڪي ۽ ٿڌاڻ ملي مٽي ٺاهن ٿيون ۽ ڪوساڻ ۽ آلاڻ ملي پاڻي ٺاهن ٿيون، ڪوساڻ ۽ خشڪي ملي باهه ٺاهن ٿيون ۽ ڪوساڻ ۽ آلاڻ ملي هوا ٺاهن ٿيون. اهو ڏسندي ته قدرت لاڳيتو چرپر ۾ آهي، هن چرپر جا ٽي قسم بيان ڪيا ـــــــ ظاهر ٿيڻ، برباد ٿيڻ ۽ تبديل ٿيڻ. ارسطو جي خيال موجب چرپر جا پنج اصول آهن: چرپر جو سبب، اها شَي جيڪا چُري ٿي، چرپر جو رخ، ابتدائي نقطو ۽ انت. هُو چوندو هو ته هر شَي جو بنياد مادو آهي پر مادي ۾ چرپر ڪيئن پيدا ٿي اهو ڄاڻي نه سگهيو، تنهنڪري چيائين ته مادي کي چرپر ۾ آڻيندڙ به ڪا قوت آهي. اهڙيءَ طرح ارسطو ماديت ۽ خيال پرستي جي وچ ۾ لڏندو لمندو رهيو. ارسطو آسمان جي تشريح لاءِ ”پنجون عنصر“ به ايجاد ڪيو. اهو عنصر ”اِيٿر“ هو جنهن مان آسمان ۽ ڄميل ستارن جو دائرو ٺهيل هئا. ارسطو ۽ سندس پوئلڳن تي ”خدا جي وجود جا منڪر“ جو الزام هڻي سختيون ۽ مصيبتون مڙهيون ويون.
ٻيا به ڪيترائي فلاسافر ٿي گذريا جن پنهنجي پنهنجي ڄاڻ موجب مٿين فلاسافرن جي پوئلڳي ڪئي. قديم دَور جي ماديت پسند يوناني فلاسافر ايپِيڪيُورس (Epicurus 341-270 ق.م) ۽ رومي فلاسافر لُڪرِيٽيس (Lucrites 99-55 ق.م) ڊيموڪريٽس جي ايٽمي نظريي کي گهڻو اڳتي وڌايو.
عجب جهڙي ڳالهه چئبي جوان زماني جي ڪيترن ئي شاعرن ”محبوب جي نخري ناٽ، پتلِي ڪَمر ۽ صراحِي دار گردن“ جو رودن روئڻ ڇڏي، سائنس ۽ ايٽم متعلق شاعري شروع ڪري ڏني. ٽِيٽَس ليُوڪرِيٽس ڪارُس (Lusuc leucriturs Carus)  پنهنجو هڪ ڪتاب ”شين جي فطرت جي باري ۾“ جي عنوان سان لکيو. ان ۾ شاعراڻي انداز ۾ هن بيان ڪيو ته دنيا ۾ مادي کان سواءِ ٻي ڪا به شَي نه آهي، سڄو مادو ايٽمن جو ٺهيل آهي، مادو غير فاني آهي جنهن جا نظر نه اچڻ وارا ذرا ــــــ ايٽم ــــــ هر شَي ۾ موجود آهن. هن چقمق جي باري ۾ پنهنجا خيال هيئن ٻڌايا ته هر جسم پنهنجي وجود مان ايٽمن جون لهرون ڇڏي ٿو ۽ ان جي ڪري ئي اهي هڪ ٻئي تي اثر ڪن ٿا. چقمق رڳو لوهه کي ڇڪي ٿو ۽ ٻين جسمن تي ٻي نموني اثر ڪري ٿو. ڳورا جسم ڇڪجي نه ٿا سگهن ۽ هلڪن جسمن مان ايٽمي لهرون آرپار گذري وڃن ٿيون.
ڪپڙو هميشه آلو ٿي ويندو پر کليل سج هيٽ ٽنگڻ ڪري سُڪي ويندو جيتوڻيڪ ڪنهن به ڪڏهن نه ڏٺو آهي ته ان تي پاڻي ڪيئن ويهجي وڃي ٿو يا اهو گرميءَ ۾ ڪيئن ٽُٽي پوي ٿو. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته پاڻي ايترن ته ننڍڙن ذرڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو جو اسان جي اک انهن کي ڏسي نه ٿي سگهي.
ٽالمي (Ptolomy 147-70 ق.م) سموري قديم فلڪي علم کي تيرهن جُلدن ۾ گڏ ڪيو. پر هن اهو بيان ڪيو ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ اها ڄميل ۽ بيٺل آهي.
اصولي طرح قديم فلسفو ارسطو تي ۽ قديم سائنسي سوچ ٽالمي تي ختم ٿئي ٿي. ان زماني تائين انسانَ سائنس ۾ ايتري ترقي ڪو نه ڪئي هئي ۽ فلسفياڻي سوچ گهڻي قدر رڳو ذهانت تي ٻڌل هئي.
غلامداري سماج جا پيداواري رشتا ڊاهي جاگيرداري سماج اسريو. علم، ادب، سائنس توڙي فلسفي لاءِ هيءُ هڪ اونداهو جاهل دَور هو. جتي ڪٿي مُلي، ٻائي، پنڊت، پادريءَ جي هلندي هئي ۽ اهي ئي جاگيرداري سماج جو وڏو روحاني سهارو مهيا ڪندا هئا. اهي ئي هئا جن ڄٽ ملوڪن کي مَلڪ ۽ بادشاهه، سلطان ۽ شهنشاهه بڻائي کين خدا جو پاڇو ۽ ڌڻيءَ جي سسي جي پيدائش قرار ڏنو. موٽ ۾ وري اهي خدا جا پاڇا ڪڏهن ڪڏهن مسجدن، مندرن، ٽِڪاڻن، چرچُن ۾ نراڙ گَسائي ۽ حاضري ڀري ايندا هئا. هيءُ خيال پرستي جي عروج جو زمانو هو. هن زماني ۾ ڪنهن به قسم جي سائنسي سوچ بيان ڪرڻ پنهنجو ڪنڌ ڪپائڻ برابر هئي.
جهالت جي ان اوندهه ۾ لڳ ڀڳ سمورا علم گهٽجي ويا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيو به ته اهو ڪو خاص ڪارائتو نه هو. ماديت پسند روايت مري ته نه وئي پر دٻجي ضرور وئي. فلسفو الاهي علم جو هٿ ناٽ بڻجي ويو. سڄي جاگيردار دَور ۾ ”ڪُوئو هريڙ لهي پساري ٿيو ويٺو رهيو.“
جڳ مشهور وچ-ايشيائي فلاسافر ابنِ سينا (980-1037ع)  انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪو دنيا کي ڪنهن خدا پيدا ڪيو آهي. هن ڀروسو پئي رکيو ته خدا جيان دنيا به دائمي آهي. عرب دانشور ابنِ رُشيد (1126-1198ع) پڻ مذهبي تعليم کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ چيو ته دنيا ”ڪجهه به نه“ مان پيدا ٿي آهي. ڄاڻ کي ايمان کان ۽ سائنس کي مذهب کان ڌار ڪرڻ جو حڪم هن ئي مرد ڪيو.[23]
يونانين ڪيمسٽري جي سلسلي ۾ شايد ئي ڪو مطالعو ڪيو هو. ابو موسى جابر (800ع) ان سلسلي ۾ ڊگهو اثر ڇڏيو. هن چيو ته سمورا ڌاتو پاري ۽ گندرف جهڙن ٻن اصولن (بنيادن) جا ٺهيل آهن. جڏهن هڪ ڌاتو ٻري ٿو تڏهن اهو گندرف وڃائي ٿو. گندرف ٻرڻ جو بنياد ۽ ٻارڻ جو وسيلو آهي.
ڪيميائي سائنسي علم بڻجڻ بدران مَهوسُين جي وَر چڙهي وئي. انهن جو نڪتهء نظر اهو هو ته جيڪڏهن سمورا ڌاتو ٻن عنصرن جا ٺهيل آهن ته پوءِ گهٽ وڌائي ڪرڻ سان هڪ ڌاتو مان ٻيو ڌاتو ٺاهي سگهجي ٿو. مثال طور، شِيهٖي مان سونُ. سائنسدان هاڻي پارس جي ڳولا ۾ ”ڌُڪي باز“ بڻجي ويا.
انهيءَ ئي زماني ۾ ڪيميائي علامتي ٻولي به وجود ۾ آئي پر ان جو مقصد ٻين کان علم کي لڪائڻ هو. مثال طور هُو چوندا هئا ته ”باهه جي عمل مادي جو هڪ ڍانچو ڪارو (خاڪ) ڪري ڇڏيو ته ٻيو پکي“ (ٻرندڙ گئس). ساڳيءَ طرح پاڻي جي ٽٽڻ ۽ چِڪائڻ لاءِ به علامتون هيون.
ان جو مطلب اهو ناهي ته هاڻوڪي ڪيمسٽري ۽ اڳوڻي ڪيميا هڪ جهڙي هئي. اڳوڻي ڪيميا مهوسين جي ورِ چڙهي وڃي گندو دُٻو ٿي ۽ هاڻوڪي ڪيمسٽري سمنڊ جيان آهي.
عربن فلڪي علم، ڌرتيءَ-ماپ علم ۽ ڏُور-ڏسڻ ۾ به گهڻو ڪجهه وڌايو. مثال طور ان زماني ۾ الُحزن جي ڌاتن جي باري ۾ ماپ هاڻوڪي ماپ کان ٿورڙو فرق رکي ٿي. يونانين وٽ ان قسم جي سوچ ڪو نه هئي. ٻي طرف وري عربن ڪائنات جي بناوت ۽ وجود سان واسطو رکندڙ علمن ۾ ڪو به قابل قدر واڌارو نه ڪيو. ويندي ابن رشد جهڙي عالم به ارسطو کي سمورين سائنسن جي ابتدا ۽ انتها سڏيو.
پندرهين صديءَ کان وٺي جاگيرداري سماج جي ٽوٽ ڦوٽ، ان جي ڊهڻ، ان جي پيداواري رشتن تي سرمائيداراڻن پيداواري رشتن جي غالب پوڻ ۽ سرمائيدار سماج جي وڌڻ ئي ان جاهلاڻي اوندهه تي ڀرپور وار ڪيو. اهو ئي اهو دَور هو جنهن ۾ قدرتي ۽ سماجي سائنس ۾ انقلاب اچڻ شروع ٿي ويو. سرمائيداري جي واڌاري سان گڏ سرمائيداراڻي معيشت کي زور وٺائڻ لاءِ سائنسي ڄاڻ جي ضرورت لازم بڻجي وئي. صنعتي ترقيءَ لاءِ لازمي ٿي پيو ته مادن جي ڪيميائي خاصيتن جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ سٺي پوک حاصل ڪرڻ لاءِ ٻوٽن ۽ جانورن جو علم لازمي ٿي پيو. سڀ کان وڌيڪ ترقي مِڪَينِڪس (مشيني علم) کي ملي جيڪا پيداوار جي فني ضرورت يعني مشينن، اوزارن، پرزن وغيره لاءِ لازمي گهربل هئي. اهڙيءَ طرح سائنس ڇال ڏيندي، ٻرانگهون ڀريندي، وڌندي، ترقي ڪندي ۽ ڌار ڌار شاخن ۾ ورهائبي وئي.
خيال پرستن جي عقيدن موجب ”عظيم روح“ ڪائنات جوڙٖي ان جي مرڪز ۾ ڌرتيءَ کي بيهاريو هو. ان جاهلاڻي خيال کي پهريون زبرو ڌَڪ پولئنڊ جي عظيم سائنسدان ڪاپرنِيڪسَ (Copernicus 1473-1543ع) هنيو. هن چيو ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري پئي ان ڪري سج ڪائنات جو مرڪز آهي. ڪاپرنيڪس آسماني جسمن جي باري ۾ روحن ۽ ديوتائن کي ڇڏي نج طبعياتي ۽ فلڪي علم جي حساب سان سبب ڏنا. ”جيڪڏهن ڪو اهو يقين رکي ٿو ته ڌرتي ڦري ٿي ته ان کي بهرحال اهو به يقين رکڻو پوندو ته اها چرپر ڪا ٻاهران مڙهيل نه، پر (شَي اندر) قدرتي ئي آهي.“ ارسطو (۽ نيوٽن پارَن) چرپر جو سبب ٻاهرين قوت کي سمجهيو پئي پر ڪاپرنيڪس ان کي شَي جي اندورني فطرت مان ڦٽي نڪرندڙ بيان ڪري ٿو.
ارسطو، ”اڌ-خدا“ جي مخالفت! خيال پرستَ مٿي ۾ ڌوڙ وجهي ڪاپرنيڪس جي ڪَڍ پئجي ويا.
گيارڊونو برونو (1548-1600ع) ڪاپرنيڪس جي نظريي کي گهڻو اڳتي وڌائي ٻڌايو ته سج به ڪائنات جو مرڪز ناهي پر اهو به ڪائنات اندر پنهنجي مدار تي ڦري پيو.
هي وري ڪهڙو قهر! خيال پرستن برونو کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو.
گُليلو (1564-1642ع) ته پنهنجي روحاني اڳواڻ ڪاپرنيڪس کان به گهڻو اڳتي نڪري ويو. خيال پرستن ۾ چالو عقيدو هو ته ”آسماني دنيا“ ۽ ”ڌرتيءَ جي دنيا“ هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ مختلف قانونن هيٺ آهن. گليلو چيو ته  ڌرتي ۽ آسمان ڪي ”ٻه دنيائون“ نه آهن پر اهي ٻئي ساڳين قانونن هيٺ آهن. هن مشُتريءَ جي چوڌاري ڦرندڙ چار چنڊ به ڳولي لڌا ۽ زهره جي تبديليءَ جي هر مرحلي کي ويهي جاچيو ۽ نيٺ وڃي ان نتيجي تي پهتو ته سج به پنهنجي محورچوڌاري  ۽ گَس اندر ڦرندو رهي ٿو ۽ سج رڳو سج-نظام جو مرڪز آهي. هن اهو به مشاهدو ڪيو ته گسن اندر اسان جي سج جيان سوين تارا آهن ۽ ڪائنات لامحدود آهي.
خيال پرستن کي چُوچڙيون چنبڙي ويون. ”آسماني دنيا“ ڌرتيءَ جهڙي ٿي وئي ته روحن جو، ”آسماني بادشاهت“ جو ڇا ٿيندو؟ ۽ ڪائنات جيڪڏهن لامحدود آهي ته ”عرشِ عظيم“ جو حشر ڇا ٿيندو؟ گَليلو جي سڄي عمر نظربنديءَ ۾ گذري ۽ سندس لکڻ، پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ تي بندش وڌي وئي، پر هو مرد مٿير رات جو چانڊوڪيءَ ۾ ويهي تحقيق ڪندو ۽ لکندو رهيو. ان ڪري کيس اکين جي ديد جي قرباني ڏيڻي پئي.
جي لوڻ لڱين لائين، چِيري چِيري چَمُ،
مون ڪُرَ اڳي نه ڪِئو، اِهڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جان جان دعوى دم، تان تان پِرت پهنوار سين.
ماديت پسند سائنسي نڪتهء نظر جي سڄي تاريخ جي وِک وِک تي زهريلا سَپ ويهاريا ويا، اذيتون، سزائون، قيد ۽ ڦاهيون مٿان ڌار. سائنس پنهنجو سوين سالن جو سفر ٿوهر جي ڪنڊن تي هلي، باهيُن ۾ پڄرندي، سڙندي ۽ کامندي ۽ زهر جا وَٽا پيئندي پورو ڪيو آهي. هي به ڄڻ ته سسئي جو سفر هو~
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لَکَ لڳن،
آڱر، آڱوٺٖي نه مُڙي، ڇِپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پِريَن، جُتي جات نه پائِيان.


[1]  برٽرانڊرسل، مغربي فلسفي جي تاريخ، نيويارڪ، 1945ع، ص xiii
[2]  اينجلس، فيوئر باخ، ص 13، اردو
[3]  لينن، گڏيل لکڻيون، جلد 8، ص 316
[4]  لينن، گڏيل لکڻيون، جلد 13، ص 72
[5]  رسول بخش پيلجو، سندِي ذات هنجن، ص 122.
[6]  رسول بخش پليجو، سندي ذات هنجن، ص 113، 112
[7]  رسول بخش پليجو، سندي ذات هنجن. ص 129
[8]  حوالي ۾ وڏي ڏنگيءَ ۾ ڏنل لفظ ليکڪ پاران آهن.
[9]  اينجلس، لَڊوِگ فيوئرباخ ۽ روايتي جرمن فلسفي جي پڄاڻي
[10]  اينلجس، فيوئر باخ، ص 23
[11]  لطيف ۽ شهباز ڪپهه جون جنسون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ٺاهيون ويون آهن.
[12]  ان وقت تائين ڌرتيءَ جا پنج اپکنڊ ڳڻيا ويندا هئا: (1) ايشيا، (2) يورپ  (3) آمريڪا (4) آفريقا ۽ (5) آسٽريليا. اڄڪلهه آمريڪا کي ٻه اپکنڊ يعني اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا سڏجي ٿو ۽ انٽارڪٽيڪا کي ستون کنڊُ. ان حساب سان هاڻي ست اپکنڊ آهن.
[13]  اينجلس، فطرت جي جدليات جو تعارف، مارڪس ۽ اينجلس جون چونڊ لکڻيون، حصو ٻيو، ص 282 ۽ 283، اردو.
[14]  مرتب: اِرِوِنِ ايڊمن، افلاطون جون لکڻيون، ڪارلٽن هائوس، نيويارڪ، 1928ع ص، 288.
[15]  هي ٽڪرو يو.اي. خارين جي ڪتاب ”جدليات جا اصول“، ص 31، تان چونڊيو ويو آهي.
[16]  حوالو ساڳيو.
[17]  رسول بخش پليجو، سندي ذات هنجن، ص 180-181.
[18]  مرتب: اسٽوئرٽ هيمشاير، سبب جو دَور، ٻيو ڇاپو، 1957ع، ص 61.
[19]  رسول بخش پليجو، سندي ذات هنجن، ص 205.
[20]  اينجلس، قدرت جي جدليات جوتعارف، مارڪس انيجلس جون چونڊ لکڻيون، حصو ٻيو، ص 284، اردو.
[21]  رسول بخش پليجو، مهاجرن جي ”حقن“ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خط.
[22]  ڪتابن ۾ عام طرح موئن جي دڙي، هڙپا، آمري، ڪوٽ ڏيجي وغيره قديم آثارن کي ”هند“ جي تهذيب ۾ ڳڻيو ويندو آهي تنهنڪري اهڙن حوالن ۾ عام طور ”هند“ لکيو ويو آهي.
[23] Fundamentals of Dialectics, P 26

No comments:

Post a Comment