3/08/2013

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
۽ انهن جا ڪردار
(هڪ جائزو)
رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
پهرين ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“: هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
(1) مُرڪڻ،
(2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
(3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
(4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
(5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
(6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.

سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق - ڊاڪٽر هدايت پريم (Hidayat Prem)


 ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:
سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق
ڊاڪٽر هدايت پريم

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار هو، هن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃرايو هو. هن جي مقالن ۾ تحقيقي انداز تمام گھڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود هو. هن جي تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. هن اڃا صرف ٻن ڪتابن ۽ هڪ انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو هو ته هو ڦوهه جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ 1997ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو. هن جي اوچتي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن کي تمام گھرو صدمو رسيو آهي. هن جوان سال محقق سان اسان تمام گھڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون. هن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو. هن کي ان جو داد به خوب مليو.

3/07/2013

ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ - خادم رند (Khadim Rind)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“
بابت ڪجهه ڳالهيون
خادم رند
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي مضمونن جي سهيڙ آهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل هيءُ ڇويهون ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اٺون ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپايل هي ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مُلهه 90 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هن نائين ورسي (اپريل 2006ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب لاءِ ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محبت جي ڀاءُ رياضت ٻرڙي لکيا آهن ۽ ”مهاڳ“ نامياري ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار جامي چانڊيي لکيو آهي.