5/06/2015

عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ

مختصر تعارف
روزاني ’سنڌ]حيدرآباد[ جي 4 اپريل ]1996ع[ واري اشاعت ۾، رسول بخش پليجي جي پوئلڳ ۽ مخصوص ذهنيت جي حاصل نمائنده دانشور صديق ڀرڳڙيءَ جو مضمون بعنوان ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا“ شايع ٿيو آهي. ان مضمون ۾ هن پنهنجي مڪمل عقل آهر محبت ٻرڙي جي هڪ مضمون ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو(’سنڌ‘، 26 مارچ 1996ع) جو تنقيدي تجزيو ڪيو آهي. انهيءَ تنقيدي تجزيي ۾، پليجي گروپ بابت، محبت ٻرڙي پاران اٿاريل ڪن نظرياتي، سياسي، تنظيمي، اخلاقي ۽ عملي سوالن مان ڪنهن رڳو هڪ سوال جو به جواب نه ڏنو ۽ حسب عادت يخي ۽ لٻاڙ تي گذارو ڪندي، ڏاڍو وڏو قسم ڏئي، بيحد گھٽيا سوال پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب نه ڏيڻ علمي ۽ اخلاقي ڏوهه ٿيندو.
صديق ڀرڳڙيءَ جو اهو مضمون پڙهڻ کان پوءِ ڪيترن ئي سڄڻن محبت ٻرڙي کي پنهنجن جذبن ۽ احساسن کان واقف ڪرڻ ضروري سمجھيو.
1) جيڪي ساٿي محبت ٻرڙي کي، سنڌ جي تاريخ بابت ناياب تخليقن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڻ کوجيل پاسن تي تحقيق ڪندڙ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سڃاڻن ٿا، انهن مان ڪن پنهنجي برادرانه ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو: ”جيڪو ماڻهو ۽ جيڪو سياسي ٽولو پنهنجي ئي پيدا ڪيل سياسي ۽ اخلاقي غلاظت جي ڌٻڻ ۾ پاڻ ئي ٻڏي رهيو هجي، انهيءَ بابت ڪجھه لکڻ قلمي پورهيي جو ذيان آهي.“ سندن راءِ موجب، مون پليجي گروپ جي سياسي ڍونڍ ۾ لٺ هڻڻ جھڙو ئي ڪم ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ صديق ڀرڳڙي پاري دانشور جي مضمون جهڙي ڌپ ئي وڌي/پکڙجي سگھي ٿي، پر ڪن سڄڻن اهو به چيو ته سنڌ سان وفاداري نڀائڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي، ته هر سياسي ڪارڪن پنهنجي زندگيءَ جو تجربو لکي، سنڌ جي تاريخ جي حوالي ڪري. ”توهان ته پنهنجي باشعور ڄمار جا پورا پندرهن ورهيه عوامي تحريڪ ۽ ان سان واسطيدار تنظيمن کي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي گذاريا آهن، توهان کي ته ضرور لکڻ گھرجي.“ مانواري ]ڊاڪٽر[ درمحمد پٺاڻ صاحب جن ته اهو به چيو ته ”جيڪي دوست پنهنجي ڄمار جي تجربي ۽ ڄاڻ کان سنڌي ماڻهن کي اڻ واقف رکن ٿا، اهي ڄڻڪ سنڌ سان نا انصافي ٿا ڪن.“
2) جيڪي سڄڻ محبت ٻرڙي کي سنڌي شاگرد تحريڪ جي هڪ بانيڪار ميمبر، ان جي پهرئين چونڊيل صدر، عوامي تحريڪ ۽ واسطيدار تنظيم (پارٽي/سنگت) جي هڪ سينئر سياسي ڪارڪن ۽ پارٽيءَ اندر هڪ نظرياتي استاد جي حيثيت سان سڃاڻن ٿا، جنهن جي ڏهاڪين ويجھن ۽ شخصي دوستن آمر جنرل ضياءَ جي قهري اونداهي راڄ ۾، جمهوري ۽ انقلابي جدوجهد جو جھنڊو ڦڙڪندو/جھولندو رکڻ لاءِ ٻين سوين ڪارڪنن سان گڏ ڀرپور حصو ورتو ۽ پارٽيءَ کي عاليشان اوج تي آڻي، سنڌي عوام جو هڪ ڀروسو بنايو (جيڪي لڳ ڀڳ سڀ پليجو گروپ پاران گذريل ستن ورهن کان سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف جاري رکيل غدارين، سازشن، سياسي سوديبازين ۽ ويساهه گھاتين جي ڪري ڄڻڪ سياسي عمل ئي ڇڏي چڪا آهن) انهن جو چوڻ هو ته:
”محبت ٻرڙي جڏهن ’لطيف ۽ سڄڻ‘ جي قلمي نالي سان هڪ ڪتاب ’...جيڪو سچ چوي‘ (جنهن جي انتساب ۾، رسول بخش پليجي هڪ خاص قسم جي ڦيرڦار ڪئي هئي ۽ جنهن جو آخري باب ’سنڌيو متحد ٿيو، هٿ وڌايو سنڌ بچايو‘ جي عنوان سان، ڌار ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپايو) لکيو، تڏهن انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست جي سرگرم نالن، جيئن جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، ڄام ساقي، ارباب کهاوڙ وغيره ۽ تنظيمن جيئن جيئي سنڌ تحريڪ، مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) وغيره، محبت ٻرڙي جو ڪو شخصي ڏوهه ته نه ڪيو هو، اهو ته نظرياتي، سياسي، تنظيمي ۽ عملي اختلاف ئي هو جنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اهو ڪتاب لکيو ويو. پوءِ، ڪهڙو سبب آهي جو اڄ، جڏهن رسول بخش پليجو ۽ سندس ٽولو سنڌ وطن ۽ سنڌي عوام خلاف سياسي ۽ اخلاقي ڏوهه، سازشون ۽ غداريون ڪري رهيو آهي، تڏهن ماٺ رهي، مشرڪن جي ٽولي ۾ شامل ٿيو وڃي!؟ تنهنڪري محبت ٻرڙي جي خاص طرح اها اخلاقي ذميواري ٿي پوي ٿي، ته پليجي گروپ جي سياسي ۽ اخلاقي بدمعاشين کي به وائکو ڪري.“
انهن پاران پڇيل سوالن مان ڪجھه هي آهن:
1) عوامي تحريڪ جو انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو 9 ۽ 10 آڪٽوبر 1979ع تي، مارشل لا جي ڀڃڪڙي ڪري جلسو ۽ تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل اندر بند ڪيو ويو. اهو جڏهن 1986ع ۾ جيل کان ٻاهر اچي ٿو، تڏهن ساڳيو انقلابي اڳواڻ هو يا ڪجھه مَٽيل مَٽيل، بزدل سياستباز وڏيرو؟
2) جيل کان ٻاهر اچي، رسول بخش پليجي ڏاڪي به ڏاڪي عمل ڪندي، انهن لڳ ڀڳ سڀني سياسي ڪارڪنن کي ڇو پنهنجي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو، جن يارهن ورهيه ڊڪٽيٽري راڄ خلاف اورچ، سرفروش، جمهوري ۽ انقلابي جدوجهد هلائي، پارٽيءَ جو مانُ مٿاهون ڪيو؟
3) رسول بخش پليجو جڏهن جيل ۾ ست ورهيه بند آهي، حالتون به بيحد ڏکيون ۽ ظالم آهن، خطرا به گھڻا ۽ جبر ۽ تشدد جو بي رحم راڪاسُ ملڪ مٿان راڙ مچايو خوني ڏند پيو ڪرٽي، تڏهن ڇو پارٽي (عوامي تحريڪ ۽ واسطيدار تنظيمون) نه ته ٽُـٽي ٿي ۽ نه ئي ڪمزور يا ڀاڙي ٿئي ٿي، بداخلاقيءَ ۽ بزدليءَ جو ڪو هڪ واقعو به نه ٿو ٿئي، ان جي ابتڙ ايڏي ڊگھي عرصي دوران مسلسل وطن دوست جمھوري جدوجهد ۾ سنڌ جي حوالي سان، سرواڻي ڪري ٿي ۽ اڻٿڪ انقلابي ڪردار ادا ڪندي، سنڌي عوام توڙي جمهوريت پسند ڌرين جي دلين ۾ عزت، مانُ، شانُ ۽ اعتبار ماڻي وٺي ٿي، پر رسول بخش پليجو جڏهن جيل مان ٻاهر اچي ٿو (يا جيل وڃڻ کان اڳ جڏهن ٻاهر هوندو هو) تڏهن پارٽيءَ جي ريڪارڊ ۾ رڳو ٻه سال به اهڙا ناهن جڏهن هيءَ پارٽي نه ٽٽي هجي. ڇو؟
4) رسول بخش پليجو جڏهن جيل ۾ بند آهي تڏهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ (ايم آر ڊي) منظم ۽ متحرڪ رهي، سرگرم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري ٿي، ان ۾ ڪو به ڦڏو ۽ فساد نه ٿو اٿي ۽ پنهنجي رٿيل پروگرام تي عمل پيرا رهي ٿي، پر رسول بخش پليجو جڏهن جبل کان ٻاهر اچي ٿو ته ان ۾ سازش، فتني ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. ڇو؟
5) رسول بخش پليجو جيل ۾ بند آهي ته سنڌي عورتن جي هڪ تنظيم سنڌياڻي تحريڪ ٺهي ٿي، منظم ٿئي ٿي، وڌي ٿي، جدوجهدون ڪري ٿي ۽ سنڌي سماج ۾ هڪ مثبت سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل آڻي وطن جي ماروين جو هڪ سجاڳ ۽ هر اول جٿو بنجي اڳواڻي ڪرڻ لڳي ٿي، پر رسول بخش پليجو جيل کان ٻاهر اچي ٿو ته ڄڻ ڪمند جي پوک ڀيلجي وئي. ڇو؟
6) رسول بخش پليجو جيل ۾ بند آهي ته پٺاڻن جي هڪ ڌڙي سان، بامقصد سياسي ڳالهيون ٿين ٿيون، سڀ طرفي سياسي سهڪار وڌي ٿو ۽ ٻه طرفو تعاون ان سطح کي پهچي ٿو، جو رسول بخش پليجو جڏهن جيل کان ٻاهر اچي ٿو تڏهن عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پِي) ٺهڻ کان رڪجي نه ٿي سگھي، پر ايندڙ ٻن سالن کان پوءِ پٺاڻن جو سڀ طرفي سياسي سهڪار ڪندڙ اهو ڌڙو ڌِڪجي وڃي سنڌ دشمن دهشتگردن جي جھول ۾ ڪري ٿو. ڇو؟
7) جيل کان ٻاهر آيل رسول بخش پليجي، رواجي سياستباز، عياش ۽ بدڪردار وڏيري ۾ عملي طرح ڪو به فرق نه ٿو رهي. ڇو؟ ۽ اهڙا ٻيا ڪي ئي سوال.
اهي سڄڻ، رسول بخش پليجي جي سياسي ۽ تنظيمي ڪردار کي چئن دَورن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آڻين ٿا:
پهريون دور: 1969ع تائين، جڏهن هو پارٽيون بدلائيندڙ سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ سٺو ڪردار نه رکندڙ اديب هو.
ٻيو دور:  1970ع کان 1979ع تائين، جڏهن هو شهرت يافته بدڪردار سياستدان وڌيڪ ۽ اديب گھٽ هو.
ٽيون دور: آڪٽوبر 1979ع کان وٺي قيد جو عرصو، شهرت يافته سياسي اڳواڻ، اندرونِ خانه کاٽ هڻندڙ سازشي پليجو پهرين اليڪشن (1988ع) تائين ۽ پارٽيءَ ۽ عوام سان غداري ۽ ويساهه گھاتي کي عملي جامو پهرائيندڙ پليجو ٻي اليڪشن (1990ع) تائين.
چوٿون دور: پليجو گروپ جي ابتدا ۽ ان کان پوءِ، سياسي مارڪيٽ ۾ سوديباز، سياستباز وڏيرو رسول بخش پليجو، جنهن جي اخلاق کان ڪِريل سياست، ادب توڙي نام نهاد ذهانت ۽ انقلاب جي آڙ ۾ لڪائي سگھڻ ممڪن نه آهي.
ايڏي وڏي موضوع کي ڪنهن هڪ مضمون ۾ سموهي سگھڻ محبت ٻرڙي لاءِ ممڪن نه آهي، انهيءَ لاءِ هڪ ڌار ڪتاب جي گھرج آهي. ان ڪري هن مضمون ۾ رڳو انهن نُڪتن کي ڇُهڻ ۽ اکيلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪي صديق ڀرڳڙيءَ جي مضمون ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا.
فاضل جي شهادت ۽ سازشي پليجو
ايڏو ئي انقلابي هو/آهي ته جيل کان ٻاهر توڙي جيل اندر رسول بخش پليجي کي نه، پر فاضل راهو کي مارڻ/مارائڻ جي سازش ڇو سٽي وئي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن تي عوامي تحريڪ ۽ واسطيدار تنظيمن جا سڀ سمجھدار سياسي ڪارڪن سوچيندا پئي رهيا آهن. رسول بخش پليجي جو زور اهو ته فاضل جي شهادت ۾ ايجنسين سان گڏ جِي ايم سيد کي شريڪ ڪار سمجھيو وڃي. ڇو ۽ ڪيئن؟ اهو هو محبت ٻرڙي جو سوال.
شهيد فاضل جي پهرين ورسيءَ تي ...جيڪو سچ چوي]ڪتاب[ ظاهر ٿيو، جنهن جي انتساب ۾ ڦيرڦار ڪري اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. موقعو نازڪ، ان هوندي به ليکڪ سخت احتجاج ڪيو، ته سندس مرضيءَ کان سواءِ ايئن ڇو ڪيو ويو؟ اهو هڪ اهڙو الزام هو جنهن جي حمايت ۾ ڪو هڪ به دليل ڪو نه هو. ويجھڙ ماضيءَ ۾ اسان دوستن جيڪا روايت قائم رکي هئي ته بنا دليل يا سبب جي ڪا به ڳالهه نه چئبي، اها حرڪت ان جي سراسر خلاف هئي. رسول بخش پليجي پاران جواب/وضاحت ٻڌي، گڏ گذاريل زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو محبت ٻرڙي پنهنجي اندر ۾، رسول بخش پليجي خلاف نفرت اڀرندي محسوس ڪئي ۽ سندس ذهن ۾ اڻ لَکو شڪ جاڳيو ته ڪٿي رسول بخش پليجو پاڻ فاضل کي شهيد ڪرائڻ واري سازش ۾ ايجنسيءَ جو شريڪ ايجنٽ ته ناهي، جيڪو هروڀرو اهو الزام جي ايم سيد تي مڙهي، پاڻ تان ڌيان هٽائڻ گھري ٿو. رسول بخش پليجي سان گھڻو ويجھو رهندڙ دوستن جي ذهن ۾ اهو شڪ اڳ ئي پاڙون هڻي چڪو هو ۽ انهن ته اهو به سوچي رکيو هو ته ڪنهن هوشيار دوست کي ڪنهن بهاني جيل ۾ موڪلي ”فضل چانگ“ جي ويجھو رهايو وڃي ۽ اتان ڪجھه وڌيڪ پختي ثابتي هٿ ڪجي. فاضل جي حوالي سان اهو سوال اڄ هر سينئر دوست جي سيني ۾ ڪانُ ٿيو اٽڪيو بيٺو آهي.
جيڪي ماڻهو شهيد جي ويجھو رهيا، اهي به ان جي جذبن، احساسن، اڌمن ۽ ڪردار جي گھرائيءَ جو ڪاٿو نه ٿي ڪري سگھيا، ۽ فاضل جي سياسي، انقلابي ۽ اخلاقي قد بت ڪَٿي سگھڻ جھڙوڪ ممڪن ئي نه آهي. هُو رڳو لَڄن جو ئي نه، پارٽيءَ ۽ پارٽيءَ جي هر هڪ ڪارڪن توڙي همدرد جو به محافظ هو، ايڏو دلير، جرئتمند ۽ حشمت ڀريو، جو رسول بخش پليجو به هن سان اکيون ملائي اختلاف نه ڪري سگھندو هو.
فاضل هڪ غيرتمند وڏڙو ۽ ڀاءُ به هو. پارٽيءَ جي مرڪزي اداري جِي 1979ع جي وچ ڌاري ڪيل اها گڏجاڻي جڏهن ختم ٿي ۽ شهيد فاضل گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٻن تنظيمي ڀينرن کي چيو ته ”هلو پُٽ، توهان گھر هلي ماني کائو“، جنهن تي رسول بخش پليجي ٻيهر چيو ته ”پاڻ سڀ گڏجي ٿا ماني کائون“ ۽ تڏهن به شهيد فاضل چيو ته ”ٺيڪ آهي، پاڻ گڏجي ٿا ماني کائون.“ (۽ ڪنڌ ورائي ڀينرن کي چيو) ”هلو پٽ، توهان گھر هلي مانو کائو.“ تڏهن رسول بخش پليجي جي اکين ۾ اڀري آيل نفرت ڀرين چڻنگن کي رڳو اهو ماڻهو محسوس ڪري سگھي ٿو جنهن پاڻ اهي نظرون ڏٺيون هجن. محبت ٻرڙي ته انهن نگاهن کي ويجھي کان ڏٺو هو. فاضل جي ڪنڌ کي گھوريندڙ بُکئي بگھڙ جون ٽانڊا وسائيندڙ اکيون!
فاضل جي ان ارڏائيءَ کي سڀني محسوس ڪيو پر ماٺ رهيا ۽ محبت ٻرڙي کي حقيقت سمجھڻ ۾ ڪي ڏينهن لڳي ويا. پارٽيءَ ۾ رسول بخش پليجي جي اڻ وڻندڙ شخصي ڪردار، مَيخوري ۽ ٻي هر قسم جي بداخلاقيءَ خلاف سڀ کان ڳري رنڊڪ فاضل صاحب ئي هو ۽ هن جي ڪرداري عظمتن سبب ئي سنڌياڻي تحريڪ ٺهي/وڌي سگھي.
رسول بخش پليجو جڏهن جيل کان ٻاهر نڪري آيو تڏهن پارٽي/سنگت (عوامي تحريڪ سميت سڀ تنظيمون) پنهنجي پنهنجي سطح آهر جنهن نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي پختگيءَ کي وڃي رسيون هيون، انهن جو شعور تجربن جي بٺيءَ ۾ پچي جنهن اوچي ڏاڪي تي اچي پهتو هو، وٽن جيڪا پنهنجائپ، ڀائپي، ٻڌي، سرجوشي ۽ سرفروشي موجود هئي، مٿان وري فاضل جي شهادت پنهنجن ڪارڪنن ۾ جيڪا جذباتي هلچل ۽ اڏولپ پيدا ڪئي، انهي کي ترت تباهه ڪري سگھڻ ممڪن نه هو. رکي رکي ڌڪ هڻڻ ۽ ٺاري ٺاري ڀت کائڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي پارٽيءَ کي کاٽ هنيو ويو. حملي جي ابتدا سنڌياڻي تحريڪ کان ٿي ۽ توڙ وڃي پليجو گروپ تي ٿيو. رسول بخش پليجو، جنهن جي اخلاقي بدڪرداريءَ، تنظيمي ڇڙواڳيءَ ۽ سياسي نااهليءَ تي ستن ورهين جي قيد سونو پاڻي چاڙهي ڇڏيو هو، جنهن جي لاءِ ڪارڪنن جي دلين ۾ عقيدتن ۽ احترامن جو سِنڌو اٿلي رهيو هو (جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، ليڪچرار، وڪيل وغيره هئڻ باوجود کيس بوٽ پارائڻ کان ويندي لڱن کي زور ڏيڻ تائين هر ڪم انتهائي پيار ۽ پاٻوهه سان ڪندا هئا)، هڪ ڀيرو وري پنهنجي اينٿري، اڇاتري ۽ اڍنگي روپ ۾ ظاهر ٿي پيو ۽ اهي ڪارڪن جيڪي خاص ڪري پليجي جي قيد واري عرصي دوران پارٽيءَ ۾ آيا هيا يا وڌيڪ سرگرم ٿيا هئا، مورڳو انتهائي حيران ۽ پريشان ٿي ويا. اهي ته سينئر سياسي ڪارڪنن جي ڪردار ۽ عمل کان متاثر ٿي آيا هئا ۽ انهن پليجي لاءِ پنهنجائپ جون ڳالهيون ٻڌيون هيون، پليجو ڏٺو نه هو ۽ جڏهن ڏٺائون تڏهن ”سينيما جي پردي تي ڏيکارجندڙ جبل درحقيقت هڪ ڪوئو هو!“
اسان جا دوست، جن پنهنجيون ڊاڪٽريون، انجنيئريون، ليڪچراريون وغيره ڇڏيو، پنهنجي جوانيءَ جا ڏهه ڏهه، ٻارهن ٻارهن سال تياڳيو، گھر ٻار ۽ وڏڙن کان جهڙوڪر لاپرواهه ٿيو، پنهنجو پاڻ کي سنڌ وطن ۽ سنڌي عوام جي بنيادي تاريخي، ثقافتي، قومي ۽ طبقاتي حقن لاءِ ارپيو ويٺا هئا، جن پنهنجي جوان ۽ جوشيلي زندگيءَ جو جوهر، ڏينهن رات جو پورهيو ۽ پنهنجو تن من ڌن ڏئي انقلابي جدوجهد جي ڪچـڙي ۽ نازڪ ٻوٽي کي وڌائي هڪ سگھاري وڻ جي صورت ڏني هئي ۽ جنهن جو ڦل سنڌ ۽ سنڌي عوام کي اجھو بس ملڻو ئي هو، رسول بخش پليجي جا نت نوان ڪرتوت ۽ سياسي قلابازيون برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. انتهائي سخت احتجاج ٿيو. ان حد تائين جو رسول بخش پليجي جي ڀيڻ کي اهي لفظ چوڻا پيا ته ”رسول بخش تون ته چوندو آهين ته هي منهنجا ساٿي آهن، پر مون کي ته ائين ٿو ڀانئجي ڄڻڪ هي تنهنجا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ دشمن هجن.“ (اهي لفظ پاڻ پليجي پنهنجي ڀيڻ جي حوالي سان جنگشاهي ڪانفرنس ۾ ٻڌايا ۽ ريڪارڊ تي آهن) ۽ نيٺ رسول بخش پليجي کي لکت ۾ اهو ضابطو مڃڻو پيو ته رسول بخش پليجو تنظيمي ڀينرن جي گھرايل گڏجاڻيءَ ۾ رڳو واسطيدار موضوع تي ڳالهائڻ جي حد تائين شرڪت ڪندو ۽ ٻيو سبب يا بهانو ڪهڙو به هجي، پر هو نه ته تنظيمي ڀينرن جي رهائش واري جڳهه تي ترسندو ۽ نه ئي وري پنهنجي رهائش واري جڳهه تي تنظيمي ڀينرن کي سڏائيندو يا رهائيندو. هن اهو به لکت ۾ قبول ڪيو ته آئينده هو پاڻ کي تنظيمي ضابطن هيٺ رهندڙ فرمانبردار ڪارڪن ثابت ڪندو.
پوءِ اوچتو سڄيءَ سنڌ ۾ تنظيم اندر اها خبر هلي وئي ته اسان جا ڪي سينئر ساٿي غدار ٿي پيا هئا ۽ انهن کي تهس نهس ڪرڻ لاءِ رسول بخش پليجو طوفاني دوري تي نڪري پيو هو، پوءِ انهن طوفاني دورن جو وارو هر هر ايندو رهيو ۽ تنظيمي غدار تهس نهس ٿيندا رهيا!
پارٽي اڳواڻ ۽ پروفيشنل سياستدان جي حيثيت ۾ رسول بخش پليجي وٽ پهچ به هئي ته وقت به، جڏهن ته ڪارڪن، بهرحال، محدود پهچ رکندڙ ٿين ٿا. جتي جتي پليجو پهچي سگھيو ٿي ۽ جيترو اثر ڇڏي سگھيو ٿي، اتي اتي هر هڪ غدار ڪارڪن جو پهچڻ ۽ گھربل اثر ڇڏڻ ممڪن نه هو (جڏهن ته عقيدتون به پليجي جي پاسي هجن).
نيٺ سمورا غدار نڪري ويا ۽ سنڌ جي هڪ وطن دوست انقلابي پارٽي ٽوڙي تباهه ڪري سرمائيدار ۽ جاگيردار اقتداري قوتن جي سياسي دلال ٽولي ۾ بدلجي/بدلائي وئي، پر محبت ٻرڙو، ان جھڙا ۽ ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ان کان بهتر ڪارڪن فخر محسوس ڪن ٿا ته اهي انهي ٽولي جي نظر ۾ ”غدار“ آهن.
غدار!
اڄوڪي پليجو گروپ وٽ رڳو ويهه ماڻهو به اهڙا نه بچيا آهن جن 1977ع تائين ظلمتن جي راڄ دوران پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گھراڻي کي انتهائي اذيتون سهڻ ۽ مورڳو ميسارجي وڃڻ جي خطرن ۾ وجھي، لاڳيتي جمهوري ۽ انقلابي جدوجهد، تنظيم سازي ۽ تربيت ۽ تعليم ڪري پارٽيءَ ۽ تنظيمن کي عاليشان عظمتن جي اوج تي رسائڻ ۾ علمي حصو ورتو هجي، پر هڪ هزار هڪ اهڙن ڪارڪنن جا نالا روانيءَ سان ٻڌائي سگھجن ٿا جن اهو سڀ ڪجھه عملي طرح ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ پليجي گروپ پاران ”غدار“ سڏيل ڪارڪنن جي لسٽ ۾ نظر اچن ٿا.
غداري ڪنهن ڪئي؟ جن جيءُ چئي جيئدان ڏنو يا انهن، جيڪي گھوٽڻ مهل ڪي نه لڀن ۽ ڇاڻڻ مهل ڇتا!؟
ڇا غداريون سدائين ڪارڪن ڪندا آهن؟ ڇا ڪو هڪ به سياسي اڳواڻ اهڙو ناهي جنهن پنهنجيءَ پارٽيءَ جي منشور خلاف، پنهنجي پارٽي ڪارڪنن خلاف، پنهنجي هم وطن عوام خلاف ۽ خود پنهنجي وطن خلاف غداري، سازش، بدمعاشي ۽ ويساهه گھاتي ڪئي هجي؟
اهڙو جيڪڏهن ڪو هڪ به مثال نه ملي (ائين سوچڻ به بيوقوفي ۽ اڻڄاڻائي چئبي) ته به يقين سان چئجي ٿو ته رسول بخش پليجي عملي طرح اهو مثال مهيا ڪري ڏنو آهي.
محبت ٻرڙو ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجن انهن سوين ساٿين آڏو بيحد ”ادنى ڪارڪن“ سمجھي ٿو جن اڻ مَيون سختيون سهي سنڌ وطن ۽ سنڌي عوام جي هن سرويچ پارٽيءَ کي سنڌي ماڻهن جو سرواڻ جٿو بنايو. شهادت سبب فاضل جي اڳواڻيءَ کان محروميءَ ۽ رسول بخش پليجي جي سازشن، غدارين ۽ ويساهه گھاتين سنڌين جي هن شاندار پارٽيءَ کي ميسارڻ ۽ ڦيرائي ”سنڌ دشمن“ هڪ غدار ٽولو بنائڻ ۾ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو.
بهادري جو ماسڪ ۽ پليجو
جيل اندر ڇا ڇا ٿيو؟ محبت ٻرڙو هن موقعي تي انهيءَ سڀ ڪجھه بابت گھربل دستاويزي معلومات نه ٿو رکي، پر رسول بخش پليجو ٻاهر اچي مختلف وقتن تي سنڌ جي دوري دوران ڪارڪنن جا ڪارناما، تنظيم، ٻڌي ۽ سياسي سجاڳي ڏسي، بي اختيار حيران ٿي ويندو هو. شهيد فاضل جي چاليهي تي، ان جي پهرين ورسيءَ تي، 14 اپريل 1988ع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ مظاهري واري موقعي تي لکين سنڌي ماڻهو ــــــ پوڙها، جوان ۽ ٻار، مرد توڙي عورتون گڏ ٿيندا هئا ۽ هر موقعي تي هُو حيران ٿي پڇندو هو ته ”اهي سڀ ماڻهو پنهنجي چوڻ تي هت آيا آهن!“، ”ايڏا ماڻهو پاڻ سان گڏ آهن!“، ”منهنجي غير حاضريءَ دوران اوهان ته سنڌ ۾ سياسي سجاڳيءَ جا سمنڊ اٿلائي ڇڏيا آهن!“ وغيره. انهن ميڙن ۾ جيڪو رسول بخش پليجو خطاب ڪندو هو ان جي منهن تي انقلابيت جو رُڪ چڙهيل هوندو هو، پر اهو پليجو عام ويهڪن ۽ گڏجاڻين ۾ سهل پسند، آرسيل، سُست، ٿڪل ٿڪل، اندروني طور ٽٽل ۽ ڦٽل ۽ ساڻو ساڻو هوندو هو ۽ جڏهن به انقلاب يا ويڙهه جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن هڪدم رڙ ڪري چوندو هو ته ”توهين مون کي مارائڻ ٿا چاهيو، آرام سان ويهڻ به ڏيندؤ يا نه؟“
محبت ٻرڙي کي اهو احساس ڏاڍو دير سان، لڳ ڀڳ ڏيڍ سال پوءِ ٿيو ته جيل مان نڪري آيل رسول بخش پليجو اسان وٽان جيل ۾ ويل اهو ارڏائيءَ ۽ اورچائيءَ جون بهادرانه ڳالهيون ڪندڙ پليجو ناهي، جيڪو هٿ ڪَڙين کي پنهنجو زيور (ڏسو ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ليکڪ رسول بخش پليجو، ص 79، جلد پهريون، 1991) قيدن ۽ ڪوٽن کي پنهنجي تربيت گاهه سڏيندو ۽ سزائن ۽ سختين تي فلڪ ئي نه آڻڻ جون خبرون ڪندو هو، پر بظاهر ڪنهن به شيءِ کان نه ڊڄندڙ هيءُ رسول بخش پليجو ته درحقيقت ڊڄڻو پليجو آهي جيڪو جيل ۽ قيد جو نالو ٻڌي ئي رڦڻيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو. ايتري قدر جو عبدالواحد آريسر پاران قيدن بندن جي ڳالهه ٻڌي ڇرڪي چوي ٿو ته ”وٺي مُلين (عبدالواحد آريسر) کي ٻه لپاٽون هڻي جيل ۾ بند ڪن ته کيس خبر پئجي وڃي ته جيل ڇا ٿيندو آهي!“ (رسول بخش پليجي جو هڪ انٽرويوءَ ۾ اظهار)
هن ڳالهه ۾ موجود ڀاڙيائپ کي هڪدم محسوس ڪري سگھجي ٿو. محبت ٻرڙي جڏهن ڏٺو ته جيل مان ٻاهر نڪرڻ کان ڪجھه عرصو پوءِ رسول بخش پليجي پنهنجي پارٽيءَ، پنهنجين تنظيمن، خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جِي ايس او (سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن)، پنهنجن انتهائي مخلص ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ پنهنجن اتحادين خلاف رڻ تپائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجن ڪرتوتن، چالبازين ۽ ڦڙتين گھڙتين وسيلي هر انهيءَ شيءِ کي فنا ڪرڻ جي ڊيوٽيءَ تي چڙهي ويو آهي جيڪا ڪنهن به طرح ۽ نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي حوالي سان سٺي آهي ۽ سندس ڇڙواڳين سبب پارٽيءَ اندر پکڙجي ويل بيچيني ٻنڀڪو ڏئي ڦاٽڻ واري آهي، تڏهن رسول بخش پليجي جي ويجھو رهندڙ پنهنجن ڪجھه سينئر دوستن معرفت کيس نياپو ڪيو ۽ ملاقات تي پاڻ سڌي نموني چيو، ”اڪيلي رسول بخش پليجي کان سواءِ منهنجي جيترن به سينئر توڙي جونيئر ساٿين سان کليل ڳالهه ٻول ٿي آهي، انهيءَ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پارٽيءَ اندر پکڙيل سموري بيچينيءَ جو سڌو ۽ اڪيلو ڪارڻ رسول بخش پليجو آهي. مون توهان ڏي نياپو به ڪيو ۽ هاڻي به پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو ته سڄي مامري جا ٻه ممڪن حل آهن: پهريون ته رسول بخش پليجو موٽي جيل هليو وڃي ۽ ٻيو ته هُو ڪنهن اهڙي هنڌ ويهي موجود عالمي ۽ ڏيهي مسئلن تي لکپڙهه ڪري جتي اسان جا ڪارڪن اوهان سان رڳو ڪي گھڙيون ملي سگھن.“
تپِي باهه ٿي ويو ۽ ٽانڊا وسائيندي چيائين، ”تون... تون وري مون کي جيل ۾ موڪلڻ ٿو چاهين جتان مس مس نڪري آيو آهيان!؟“ وڪيل ذهن هڪدم وري ٻيو دليل تاڙي ورتو ۽ چيو، ”سرڪار به چاهي ٿي ته آئون جيل ۾ بند هجان ۽ تون به اهو ئي ٿو چاهين!؟“
پارٽيءَ جي نفعن نقصانن جي وضاحت ۽ ان موضوع تي آپي کان ٻاهر نڪري ويل رسول بخش پليجي سان بحث فضول هو. هو جڏهن سرڪار لاءِ بظاهر خطرناڪ هو تڏهن اها کيس جيل ۾ بند ڪيو ويٺي هئي، هاڻي ته هو سرڪار جي ٻاهرين ڊيوٽيءَ تي چڙهيل هو، نام نهاد ٺيڪن جي آڙ ۾ ڪمايل ڪروڙين روپيا ۽ عياشيون ڪيئن ڇڏي ٿي سگھيو، تنهنڪري سڀ ڪجھه سمجھڻ باوجود مڃڻ ممڪن نه هو.
لاڙڪاڻي ۾ جنهن ڏينهن منجھند جو اها ڳالهه ٻول هلي رهي هئي، حيدرآباد ۾ ان ڏينهن ڊاڪٽر خليل قاضي اخبارن کي اهو بيان جاري ڪري چڪو هو، جنهن جي ڪري ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ”راهو گروپ“ ٺهڻو هو ۽ ٽئين ڏينهن تي شهيد عبدالرحمان جو چاليهو هو. خليل قاضيءَ جو اهو بيانُ عملي طرح رسول بخش پليجي کي سياسي ۽ تنظيمي فائدو ڏئي ويو.
’ايس جي ايس او‘ جي هٿياربند جٿي کان ڪلاشنڪوفن سان فائرنگ ڪرائي سلاميون وٺندڙ ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين خلاف دهشتگرديءَ کي روڪ ڏيڻ لاءِ وقت جي سرڪار کي ڏهه هزار رضاڪار فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪندڙ رسول بخش پليجي کي جڏهن چئجي ٿو ته سوين سنڌي گھرن ۾ ماتم وجھندڙ قاتلن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ سنڌي پاڙن جي حفاظت لاءِ پاڻ عملي قدم ڇو نه کنيو وڃي، تڏهن بجنسي ڏڪڻ لڳي ٿو، اکيون اونداهيون ۽ بُت پگھر ۾ شل: ”توهان... توهان مون کي مارائڻ چاهيو ٿا، وري نوان ڪيس وجھائڻ گھرو ٿا...“
محبت ٻرڙي ۽ اونداهي آمر دور ۾ اورچائيءَ سان جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن آڏو رسول بخش پليجو هڪ وڏو سواليه نشان بنجي اچي ٿو ــــــ ”تون ڪير آهين، تون ڇا آهين، تون اهو انقلاب جو ڳالهيون ڪندڙ ۽ ان کي عملي جامو پهرائي سگھندڙ رسول بخش پليجو ته ناهين، تون ته هڪ ٺوٺيوال، چرٻ زبان، گيدي ۽ لٻاڙي ماڻهو آهين!“، ”مقتول ڀاءُ“ ۽ ”بهترين وڪيل“.
”سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پيل نوَ لکي هار“ کان ويندي سنڌي مٽيءَ جي بهترين خمير مان جڙيل فاضل راهو جهڙن جملن تائين رسول بخش پليجي پاران شهيد فاضل جي شانَ ۾ اسٽيجن تي ۽ انٽرويوئن ۾ ڳالهايل لفظن کي گڏ ڪجي، ته هڪ چڱو ڪتابڙو ٺهي پوندو. فاضل صاحب شخصي طرح رسول بخش سان جيڪي پهر وهيا ۽ ڀال ڀلايا، انهن سڀني کي سارڻ کان پوءِ پنهنجي ان محسن، پنهنجي ان ڀاءُ، دوست، سڄڻ ۽ ساٿيءَ ڏانهن سندس اختيار ڪيل رويي جو اڀياس ڪجي ٿو ته ڇرڪ نڪريو وڃن، بت ۾ ڌرڙيون اڀرڻ لڳن ٿيون ۽ ڪرنگھي ۾ ڪنڊا ٿا چڀن، ته ڇا ڪو سياستدان رسول بخش پليجو، ڪو اڪابر، ذهين، فتين ۽ بهترين وڪيل رسول بخش پليجو ايڏو ناشناس، بي حس ۽ سرد مهر به ٿي سگھي ٿو، جو پنهنجي مقتول ڀاءُ جو ڪيس ڪنهن ڪورٽ ۾ رڳو داخل ڪرڻ به پسند نه ڪري!؟
”سنڌ جو بهترين وڪيل؟“
”آءٌ، رسول بخش پليجو.“
”قتلن جي ڪيسن ۾ ماهر وڪيل؟“
”آءٌ، رسول بخش پليجو.“
”فاضل جو ڪيس ڇونه ٿا کڻو؟“
”توهان... توهان... ڪهڙن ته نئودن مان ڦاسي ويو آهيان!؟“
سنڌ جو عوام بلڪل صحيح، صاف ۽ واضح لفظن ۾ ٻڌڻ پسند ڪري ٿو ته لقمان پالاريءَ جو ڪيس وڙهندڙ، ”قتل-ڪيسن جي ماهر“ ۽ ”سنڌ جي بهترين وڪيل“ رسول بخش پليجي ڇو پنهنجو مقتول ڀاءُ، ساٿيءَ ۽ محسن فاضل راهوءَ جو ڪيس وڙهڻ پسند نه ڪيو؟
محبت ٻرڙو اهي ۽ اهڙيون سوين ڳالهيون ذهن ۾ رکي ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو“ جي عنوان سان مضمون لکي ٿو، جنهن جي ”تنقيد“ لاءِ صديق ڀرڳڙي نالي هڪ اهڙو ماڻهو پنهنجي ليکي وچ ۾ ٽپي پوي ٿو جيڪو نه ته رسول بخش پليجي کي ڄاڻي ٿو، نه ئي وري محبت ٻرڙي بابت ڪا واقفيت رکي ٿو ۽ پارٽيءَ جي ادا ڪيل حقيقي ڪردار ۽ تاريخ بابت ته يڪسر ڄٽپائي جو شڪار آهي. تڏهن به هُو رڳو سکڻي هنئين جي زور تي، لفظن جي هيرا ڦيريءَ وسيلي، چار سـؤ کن سِٽن جو هڪ ”مضمون“ رهڙي ڪڍي ٿو، جنهن لاءِ محبت ٻرڙو کيس جس ڏئي ٿو. محبت ٻرڙو گذريل ڇهن سالن کان وٺي هن پارٽيءَ اندر پلجندڙ دانش جي سطح بابت ڄاڻ کان محروم رهجي ويو هو! اهڙا ساڃهه وند، دانشور شل گھڻو گھڻو لکندا رهن ته هن ٽولي جي ٻيڙي ٻڏڻ ۾ ڪجھه وڌيڪ تيزي اچي ويندي.
هڪ ذهنيت
محبت ٻرڙي کي خبر هئي ۽ آهي ته جيڪو ماڻهو پليجي گروپ بابت ڪي به حقيقتون بيان ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ جي جرئت ڪندو، ان تي بنا سوچي سمجھي، گھاري پيل ريڪارڊ جيان، ايجنٽن ۽ فوبيائن جون من گھڙت تهمتون آڻيندي هر حالت ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي، ته حقيقتن کي قبول ڪرڻ ۽ سوالن جي واجبي اصولي جواب ڏيڻ بدران آڏيون ابتيون ڳالهيون ڪري، اٽڪيون مٽڪيون ٻڌائي، اٽڪل بازيءَ سان سوال کي ڦيرائي يا گم ڪري، شيطاني زبانن مان لفاظيءَ جا وسڪارا ڪيا ويندا، پر محبت ٻرڙي کي مورڳو اهو اندازو نه هو ته ڪيئن دهشتگردن جي چالباز ڊرامائي هٿڪنڍن کان به اڳتي وڌي، هيءُ ٽولو ۽ سندن گُرو هاڻي سياسي واهيات پڻي جي انهن غليظ ڌٻڻن ۾ وڃي ڪريو آهي جو ڀيڻ جهڙي مقدس رشتي کي به سياسي طرح بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪم آڻي سگھندو. صديق ڀرڳڙيءَ اهو اهو ڪم ڪيو آهي.
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه قصور ۾ تقرير ڪندي دهشتگردن کي ”ڪُوئا“ سڏيو هو، تڏهن سنڌ ۾ دهشتگردن جي سردار پنهنجي دانشور لوڌ سميت وٺي ڍڍپٽ مچائي ته اها ”مهاجر قوم“ کي گار ڏني وئي هئي!
سنڌ ۾ ”مهاجر قومي موومينٽ“ (ايم ڪيو ايم) پاران کليل دهشتگرديءَ جي ابتدا بشرى زيدي جي حادثي کي آڙ بنائي پٺاڻن جي ڪوس سان ڪئي وئي، توڙي جو اهو ايڪسيڊنٽ ڪندڙ مني بس جو ڊرائيور پٺاڻ نه هو.
مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي ته ڪنهن تـڙ تي پاڻي پيئندڙ شينهن جِي اچي دل هرکي ته پريان بيهي پاڻي پيئندڙ ليليءَ کي کائي. وڌِي وڃي ليليءَ وٽ پهتو ۽ کيس چيو ته ”تون منهنجو پاڻي ڇو ٿي لٻين/اوبر ڪرين؟“ ليليءَ چيو، ”وهڪرو ته تنهنجي پاسي کان پيو اچي ۽ آءٌ ته هيٺين پاسي آهيان!“ شينهن ڌڪ گُسندي ڏسي هڪدم چيو، ”چڱو، تو ڀلا پر سال مون کي گاريون ڇو ڏنيون هيون؟“ ليليءَ چيو، ”آءٌ ته ڄائي ئي هن سال آهيان!“ ”جي تو گاريون نه ڏنيون هيون ته تنهنجيءَ ماءُ ڏنيون هونديون.“ ائين چئي، شينهن ليليءَ کي ڳڙڪائي ويو.
چور جو ”چورُ“ ”چورُ“ چوندي ڀڄڻ ۽ پڪڙجڻ تي ابتو ڪوٽوال مٿان الزام مڙهڻ ۽ ويجھڙ ماضيءَ ۾، دهشتگردن پاران ”سيما زرين، ناهيد بٽ، شازيه، رئيس فاطمه ۽ پوءِ فرزانه سلطان“ جهڙا نالا پنهنجي مڪروه سياسي ۽ دهشتگرد مقصدن لاءِ مظلوميت جي آڙ طور ڪم آڻڻ جهڙن واقعن کان ڪير واقف ناهي؟
بيڪار ماڻهو، سياسي هجن يا غير سياسي، پنهنجي مڪروهه ذهنيت کي پنهنجن غليظ مقصدن لاءِ ڪم آڻڻ جي سلسلي ۾ هر قسم جو شرم ۽ حياءُ پراهين پاسي ڇڏي ايندا آهن. ڪنهن به ڳالهه سان ڪو به من گھڙت ۽ هٿ ٺوڪيو مفهوم ملائي، انهيءَ کي پنهنجيءَ حمايت ۾ ڦيرائڻ يا ٺهي نه ٺهي پر ڪو به بهانو ڪري اهو ئي پليت ڪم ڪرڻ، جيڪو پنهنجي اندر ۾ هجي، رڳو اڄ يا ڪالهه جي ڳالهه ناهي، صدين کان هلندي پئي اچي. صديق ڀرڳڙيءَ به محبت ٻرڙي جي مضمون ۾ ”گاريون“ ڳولي لڌيون ۽ انهن کي پنهنجيءَ مظلوميت لاءِ آڙ طور ڪم آڻيندي، ڏاڍي ڍڍ پٽ مچائي، محبت ٻرڙي پاران پنهنجي مضمون ۾ اٿاريل سڀني سياسي، تنظيمي، نظرياتي ۽ اخلاقي سوالن کان گسائي وڃڻ جي زبردست ڪوشش ڪندي، پنهنجي نڪتهء نظر کي واضح ڪرڻ بدران انتهائي ڪجفهميءَ ۽ ڪم ظرفيءَ کان ڪم وٺندي، لفاظي ڪندي ۽ يخي هڻندي، موضوع کي ڦيرائي شخصي/ذاتي جھيڙي يا اختلاف جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين ڪندي پليتائيءَ جي انهن پاتالن کي ڇاڇوليو ويو آهي، جو اهو به وساريو ويو آهي ته ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻيءَ جهڙن مقدس رشتن کي مڪروه، غليظ ۽ گاريل سياست جي قاتل، بيرحم، جلاد ۽ سرد اڏيءَ تي اڇلايو پيو وڃي.
اڄڪلهه ڀيڻ جي لوئيءَ کي ديو قامت سياسي بئنر بنائي، پنهنجيءَ گنديءَ، مڪريل، ترڪتالي، قاتل، سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد سياست جي آڙ لاءِ مظلوميت جي پوش طور ڪم آڻڻ جو ڌنڌو سنڌ جي انهيءَ بدمعاش ترين دهشتگرد ٽولي جاري ڪري رکيو آهي جنهن کي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
سياسي نڪتهء نظر ۽ عملن جي پرک جيڪڏهن ڄاڙي بازيءَ، لفظن جي هيرا ڦيريءَ، بي مقصد مڪالمن ۽ ڪنهن ڀيڻ جي آڙ ۾ مظلوميت جي راڙ جي بنياد تي ڪرڻي آهي، ته پوءِ محبت ٻرڙو اقرار ٿو ڪري ته هو اهو ڪم نه ٿو ڪري سگھي ۽ صديق ڀرڳڙي ۽ ان پائي جا ٻيا دانشور ۽ سندن استاد کانئس زور آهن، پر جي دليل ۽ حقيقت جي بنياد تي پرک ٿيندي، جيڪو عالمانه طريقو آهي، ته محبت ٻرڙو انهيءَ بنياد تي کليءَ دل سان حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي.
رسول بخش پليجو دليل بدران گار ڪيئن ڏيندو آهي، ان جو هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو. هتي لسانياتي حوالي سان ڪن صفاتي لفظن بابت اهو ذهن ۾ ضرور رکجي ته اهي مذڪر توڙي مـؤنث ٻنهي لاءِ ڪم ايندا آهن جيئن سياستدان، نقاد، دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس مرد به ٿي سگھي ٿو ته عورت به.
رسول بخش پليجو پنهنجي ڪتاب ”سَندِي ذات هنجن“ (1983ع، ص 90) ۾ لکي ٿو:
پراڻا قدر ۽ ناتا ٽٽڻ ڏيو. چوندا آهن ’... ڪُتي، سهڪي ڌڃاڻي!‘ ڇو؟ چي، ’مون کي نيپاڄ جو ساءُ!‘ هي قصو اڃا اور آهي، هتي ته مورڳو ’... ڌڃاڻي، سهڪي ڪتي‘ وارو ڪم آهي! ڀلا جيڪي اڳوڻا سماجي قديم ناتا ٽٽن پيا سي ڪهڙا آهن؟...
قديم سماجي ناتا ٽٽڻ جي حوالي سان هن ٽُڪري ۾ سنڌ جي (۽ دنيا جي) انهن ليکڪن، اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، ناول نويسن، نقادن ۽ دانشورن تي ”تنقيد“ ڪئي وئي آهي جيڪي رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ”ولـلي واويلائي“ آهن ۽ نه ٿو ڏسي ته سماجي ۽ اخلاقي ناتن سان هڪ ڪهاڻيڪار، نقاد وغيره ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، پٽ ۽ ڌيءُ يا انهن مان ڪنهن هڪ جي برابر به ٿي سگھي ٿو. (نوٽ: اهو ڪتاب سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جِي ايس او جي گڏيل ”تعليم“ لاءِ به ”ڪورس“ ۾ شامل آهي.)
انهيءَ ٽُڪري ۾ لڪل ”علمي“ ذهنيت کي سڀ ڪو پرکي سگھي ٿو.
ابوجهل، سو به نهايت ننڍڙو ۽ ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ
محبت ٻرڙي پاران ڪنهن هڪ به اٿاريل سوال جو جواب نه ڏيڻ باوجود پنهنجي هنئين جي زور تي انهن کي اجائي واويلا سڏيندي، صديق ڀرڳڙي لکي ٿو:
”يونان ۾ ابُو جِهل جي اولاد سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ تي مجبور ڪيو... يورپ جي ابو جهل ”شيڪسپيئر“ جو قدر ان جي حياتيءَ ۾ نه ڄاتو، پر اڄ شيڪسپيئر جي بلي بلي آهي. برِصغير جي ابو جهلَ دارا کي مارائي ڇڏيو، پر دارا ته مرڻو ناهي. ”گليلو، گانڌي، لينن، دولهه درياهه خان، زيڊ اي ڀٽو ڪهڙا ڪهڙا انسان آهن جن کي وقت جي ابو جهل ڏنگيو ۽ ونگيو نه هجي. انهيءَ سموري تاريخي پس مننظر ۾ رسول بخش پليجو، جنهن جي ذهانت، محنت، سچائي، جرئت، بهادري، جدوجهد (۽) وطن دوستيءَ جا شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، سراج، رشيد ڀَـٽي (۽) ملڪ نديم کان وٺي جِي اين مغل، فقير لاشاري ۽ دستگير ڀَـٽي تائين سڀ ساکي آهن، تنهن اڳواڻ بابت هڪ نهايت ننڍڙي ”ابو جهل“ محبت ٻرڙي جِي ڪيڙو ڪيڙو ڇا معنيٰ رکي ٿي!“
”... رسول بخش پليجي خلاف اجائي واويلا آسمان ڏانهن ٿُڪ اڇلائڻ جي برابر آهي.“
ڪيترن ئي متضاد ۽ بحث طلب ڳالهين کي ڄٽپائيءَ سان هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ويو آهي جن کي ڇنڊڇاڻ هيٺ آڻڻ اسان جو موضوع ناهي. هتي مختصر طرح رڳو هڪ پهلُو کي واضح ڪجي ٿو.
ڇا گانڌي، لينن ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي هڪ سطح تي بيهاري سگھجي ٿو؟
جواب آهي ”نه“.
ڇا رسول بخش پليجو واسطيدار حوالي سان سقراط، شيڪسپيئر، دارا، گليلو، گانڌي، لينن، دولهه درياهه خان ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پائي جو ماڻهو آهي؟
جواب آهي ”نه“.
جن سنڌي دانشورن جا نالا مٿي آندا ويا آهن، اهي لڳ ڀڳ سڀ رسول بخش پليجي جي ڀيٽ ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جا وڌيڪ معترف رهيا آهن يعني انهن جي نظر ۾ ۽ سوين ٻين دانشورن جي نظر ۾ پڻ ذوالفقار علي ڀٽو رسول بخش پليجي کان نهايت وڏو سياستدان ۽ وڌيڪ اڪابر، ڏاهو ۽ ڄاڻو ماڻهو آهي، اڃا به ائين چئجي ته ان سان پليجي جي ڀيٽ سج کي تيلي ڏيکارڻ جي برابر آهي. رسول بخش پليجو ته ان جي در تي حاضريون ڀرائيندو وتندو هو ۽ هن جي سياستدان ڌيءُ سان ملڻ لاءِ قطار ٺاهي بيهي ٿو!
سکر بار ۾ خطاب ڪندي (1990ع) رسول بخش پليجي ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف جيڪو ڪجھه ڳالهايو هو ان بابت رڳو خبر ڇپجڻ کان روڪڻ لاءِ، ڇا صديق ڀرڳڙيءَ کي سڌ آهي ته رسول بخش پليجي ڪهڙن ڪهڙن صحافين کي ڪهڙا ڪهڙا ايلاز ڪيا هئا؟
رسول بخش پليجي ڇا ڪنهن به حوالي سان ڪڏهن به ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڪو نه ڳالهايو آهي؟
ماهوار ”تحريڪ“ (جولاءِ 1974ع) جي ايڊيٽوريل ”سر تي پکي هيڪڙو“ تان ڪي ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
”تحريڪ کي ”همراهه“ نيٺ ڦري آيا آهن! هڪڙي پاسي نقلي اسلام پسند پرمارن جي سي آءِ ڊي جي رپورٽن جو ڌوڙيو لڳو پيو آهي ته ”تحريڪ“ ۽ تحريڪ وارن کي بند ڪريو، نه ته پاڪستان ٿو هٿان وڃي، ته ٻئي پاسي نقلي سوشلسٽ وڏيرن جي دٻ دٻان لڳي پئي آهي ته ”نه ڇڏيونِ، نه ته پاڻ واري اسلامي سوشلسٽ وڏيرپ جو خير  ڪونهي!“
”تحريڪ گذريل سالن ۾ عوامي حڪومت جي سنڌي اديبن ۽ ادبي رسالن سان پنهنجائي ۽ قرب جا ڪئين لقاءَ اکئين ڏسي چڪي آهي تنهنڪري ”تحريڪ“ جو اصل کان وٺي ارڏاين تان ارواح کنيل آهي.“
محبت ٻرڙي کي رسول بخش پليجي جي سياسي، نظرياتي، تنظيمي، عملي ۽ ٻين خصلتن تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري جيڪڏهن ”ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ نهايت ننڍڙو ابو جهل“ سڏي سگھجي ٿو (جنهن سان اختلاف جو حق هر هڪ کي آهي) ته ذوالفقار علي ڀُـٽي کي ”ڏنگڻ ۽ ونگڻ“ جي حوالي سان صديق ڀرڳڙيءَ جي مقرر ڪيل معيار موجب سندس اڳواڻ رسول بخش پليجو ته ”ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ هڪ نهايت ننڍڙي ابو جهل“ کان به بدتر قسم جي جنس ثابت ٿي پوي ٿو!
آسمان ڏانهن اڇلايل ٿُڪ ڪنهن جي ٻوٿ ڏانهن ٿي موٽ کائي؟ ”ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ نهايت ننڍڙي ابو جهل کان به بدتر قسم جي جنس“ جو پوئلڳ صديق ڀرڳڙي پنهنجي لاءِ ڪهڙو ”لقب“ تجويز ڪندو؟
سياسي مَک ۽ چمچا پارٽي
عام گھريلو مک شايد اهو اڪيلو جيت آهي جيڪو کنڊ ۽ گند جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ئي نه ڄاڻي، مٺاڻ تان اُڏامندِي ۽ ڀُون ڀون ڪري وڃي ڍونڍ تي ڪرندي، بلا تفريق سندس ڪم رڳو پنهنجو پيٽ ڀرڻ آهي.
جيئن ڪي سياستدان ”ڪرسي پارٽي“ هوندا آهن تيئن ڪي رڳو ”چمچا پارٽي“ هوندا آهن ۽ ظاهر آهي ته ”چمچا پارٽي“ وارا بهرحال ”ڪرسي پارٽي“ کان به بدتر ٿين ٿا. اهي ڄام صادق کان اجمل خٽڪ تائين، هر هڪ جو گرهه ڍوئڻ لاءِ آتا هوندا آهن. جيڪو وڌيڪ اگھ ڏئي خريد ڪندو، ان جي هٿن ۾ پيا کيڏندا.
رسول بخش پليجي جي سياسي نا اهليءَ جو وڏو مثال پنهنجي عاليشان پارٽي برباد ڪري ٿاٻا کائڻ آهي. سندس سياسي ڪارگذاريءَ جو مثالي نمونو (گذريل رڳو هڪ مهيني دوران رڳو ٻه بيان ۽ رڳو هڪ اخبار جي حوالي سان) هي آهي:
”نواز، اجمل ۽ الطاف جو مقصد رڳو پ پ سرڪار هٽائڻ آهي، ته اسين ساڻن گڏ آهيون: پليجو“ (”سنڌ“، 16 اپريل 1996ع)
”پليجي جي عبدالله شاهه سان ڏيڍ ڪلاڪ اهم ملاقات، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائبو: پليجو“ (”سنڌ“، 8 مئي 1996ع)
يعني نواز، اجمل ۽ الطاف جن جو حقيقي مقصد ”سنڌ کي غلام بنائڻ آهي“ (ڏسو ”سنڌ“، 16 اپريل 1996ع) انهن سان حڪومت هٽائڻ لاءِ (جيڪا دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي) ساٿ جاري رکبو ۽ حڪومت جيڪڏهن ٽُڪر ڏئي ته ان سان سندس برقراريءَ لاءِ به سهڪار ڪبو.
سياسي پاليسي جي سوال تي يخي ڇو؟
صديق ڀرڳري لکي ٿو:
ليکڪ (محبت ٻرڙي) اڳتي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته ”جيڪڏهن فاضل صاحب اڄ زندهه هجي ها ته پليجي صاحب کي نواز شريف ۽ دهشتگرد ٽولي جي حمايت ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي ها.“ واهه سائين واهه، عقل ڪنهن مينهن يا گابي جو نالو ته ڪونهي. ”پليجو فوبيا“ جو شڪار ٿي لکڻ جي نتيجي ۾ جيڪڏهن ماڻهو ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪوٺيندو، ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو؟ ڪهڙو ڪامن سينس رکندڙ ماڻهو ان ڳالهه تي اعتبار ڪندو؟ (پوءِ پليجي رسول بخش جي تعريف ۾ ڏهه سٽون لکيل آهن.)
محبت ٻرڙي جا اصل لفظ ڦيرائڻ باوجود هن ٽڪري ۾ ڪامائن اندر ڏنا ويا آهن، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته صديق ڀرڳڙي علمي فضيلت جي الف ب کان به واقف ناهي.
هڪ پاليسي سوال تي ڳالهائڻ بدران جيڪا پٽاڙ ڪئي وئي آهي، ان مان پليجي گروپ جي ”نمائنده دانشور“ جي ڪل ذهانت ۽ ذهنيت جو پتو پئجي وڃي ٿو.
محبت ٻرڙي پڇيو هو ته ”فاضل صاحب اڄ جيڪڏهن زنده هجي ها ته ڇا ”محترم“ رسول بخش پليجي کي اها جرئت ٿئي ها ته پنهنجي نام نهاد سالگرهه ملهائيندي اسٽيج تي بيهي ”محترم“ نواز شريف جي آجيان ڪري سگھي ۽ سنڌ، سنڌي دشمن دهشتگردن جي حمايت ۾ ٻه ٻول به ٻولي سگھي؟“
جواب ڏيڻ بدران صديق ڀرڳڙي چوي ٿو ته اها ”پليجو فوبيا“ آهي، ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن چوڻ آهي، ڪهڙو ڪامن سينس (سمجھه) رکندڙ ماڻهو هوندو جيڪو ان ڳالهه تي اعتبار ڪندو ۽ عقل ڪنهن مينهن يا گابي جو نالو ته ناهي (۽ اهو جملو بلڪل درست ۽ سچ چيو اٿس!).
ان سڄي لٻاڙ جو مطلب ۽ مقصد ڇا؟ يعني صديق ڀرڳڙي اهو سمجھائڻ ٿو گھري ته فاضل اڄ جيڪڏهن زندهه هجي ها، ته به رسول بخش پليجو آمر جنرل ضياءَ جي سياسي جانشين نواز شريف ۽ سنڌ ۽ سنڌي دشمن دهشتگردن جي ڀليڪار ۽ واکاڻ ڪري ها! تڏهن ئي ته محبت ٻرڙي ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو“ مضمون لکيو هو!
ڏسو ۽ حيران ٿيو، ته سنڌ جي هڪ وطن دوست، جمهوريت پسند، عوامي، انقلابي، باشعور ۽ سامراج دشمن تنظيم کي نظرياتي طرح نابود ڪري پستيءَ ۾ اڇلائي ڦٽو ڪري، ان جي جاءِ تي ڪهڙو نه هڪ سطحي سوچ رکندڙ، لٻاڙي، ڄٽ ۽ رجعت پرست ٽولو آڻي ويهاريو ويو آهي.
شرمسار ٿيڻ ۽ پنهنجي عقل تي ماتم ڪرڻ بدران الٽو وري اهو راڳ آلاپيو ويو آهي ته اهو ٽولو ڏاڍو ڪو انقلابي آهي.
مختصر تعارف
صديق ڀرڳڙيءَ وٽ هيٺ ڏنل ٻن سوالن جي جواب جي جرئت ۽ ڏاهپ هجي، ته مهرباني ڪري واقف ڪري:
1. رسول بخش پليجي پنهنجيءَ نام نهاد سالگرهه ۾ آمر جنرل ضياءَ جي سياسي جانشين نواز شريف جي آجيان ڪئي هئي يا نه ۽ سنڌ ۽ سنڌي دشمن دهشتگردن کي چڱو چيو هو يا نه؟
2. رسول بخش پليجي ائين ڇو ڪيو، ۽ صحيح ڪيو يا غلط؟
باقي صديق ڀرڳڙي جهڙا ”دانشور“ پنهنجي دماغ مان اها خام خيالي ڪڍي ڇڏين ته ڄاڙي بازيءَ وسيلي حقيقتن کي بدلائي سگھندا.
سياسي ايڊريس
صديق ڀرڳڙي لکي ٿو:
”فاضل جي شهادت کان پوءِ ليکڪ (محبت ٻرڙو) ۽ ٻيا اهڙا ڪي ئي همراهه ٽپڙ گول ڪري ڀڄي ويا. سندن سياسي ايڊريس ئي گم ٿي وئي.“
اهو هڪ جزوي سچ آهي. فاضل صاحب جي شهادت کان ڪجھه عرصو پوءِ سنڌ جي هڪ باشعور، وطن دوست، جمهوريت پسند، سامراج دشمن ۽ انقلابي تنظيم کي نظرياتي طرح نابود ڪري، ان جي جاءِ تي جڏهن هڪ ڄٽ، لٻاڙي، ويڪائو، رجعت پرست، موقعي پرست ۽ انقلاب دشمن ٽولو ترقي پسنديءَ جي ٻهروپ ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن سنڌي عوام جي دائمي قومي ۽ طبقاتي مفادن ۽ عاليشان ۽ قابل فخر سنڌ دوست مقصدن تان هٿ کڻي، خسيس ۽ تڇ وڏيرڪي ترڪتالي سياست جو ڍونڍ چمي پنهنجي اکين تي رکيو ويو، تڏهن محبت ٻرڙو ۽ ان جهڙا ۽ ان کان بهتر ڪي ئي مخلص، سچار، وفادار، قربانيون ڏيندڙ ۽ ايتري قدر جو پنهنجو سر گھورڻ لاءِ تيار ڪارڪنن ان سياسي غلاظت ۾ گتو رهڻ کان پاڻ کي ”گمنام“ ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سياسي ڀاڙ جي گچڻ ۾ ڦاسي پيل انهن ماڻهن لاءِ هڪ روشن راهه ٺاهي ورتي جيڪي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان سياست جي نالي ۾ غداريون، ويساهه گھاتيون ۽ سياسي ڀڙوتون ڪندو رهڻ بدران، پنهنجي سر ئي سهي پر ڪجھه نه ڪجھه بهتر سنڌ دوست عمل کي ترجيح ڏين ٿا.
سياست جي نالي هيٺ سياسي ڀاڙ جي غلاظت ۾ پلجندڙ جيوڙا ڪاش جهالتن جي اونهي اونداهي کوهه مان ٻاهر نڪري، ماڻهو بنجي، علم جون ڪي سُرڪيون چکي، اکيون کولي، علمي ۽ تحقيقي دنيا جي پاسي به نظر وجھڻ پسند ڪن، ته کين محبت ٻرڙي جي ايڊريس ان سٿ ۾ ملي ئي ويندي جيڪو علم ۽ تحقيق جي جرڪندڙ ڏياٽيءَ کي پنهنجو رت ڏئي روشن رکي ٿو.
جشن لطيف ملتوي ۽ ”جشن سپنا“ جاري
رسول بخش پليجو ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ (ص 25) ۾ لکي ٿو:
”جن جن شين جي کائڻ پيئڻ کان پاڻ کي منع ڪئي هئم سي سڀ کاڌيم پيتم ـــــ آچار، برف جو پاڻي، کجيون، انگور، بيضا، کير. گھر جو ڀاتي ملڻ آيو، کير، ڊيورابولن انجيڪشن ۽ کنڊ ڏئي ويو.“
(نوٽ: ”ڊيورابولن سُئي“ گھر کان مطالبي تي گھرائجي ٿي.)
تنظيمي ضابطا ته رسول بخش پليجي جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن ڦاسيءَ کان گھٽ ناهن. فاضل جي جيئري وس ڪئي کيس همت ئي نه ٿيندي هئي، جو تنظيمي ضابطن کان ڪنڌ ڪڍائي يا انهن جي ڀڃڪڙي ڪري سگھي، ڇو ته فاضل صاحب عام طرح انهن اخلاقي ۽ تنظيمي ضابطن جي پابندي ڪرائي رهندو هو. فاضل جي شهادت کان پوءِ هن پاڻ کي هر قسم جي تنظيمي ۽ اخلاقي ضابطي کان آجو سمجھڻ شروع ڪيو ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جا ڪي ئي نوان ريڪارڊ قائم ڪيا. جنهن به سينيئر ساٿيءَ کيس تنظيمي ۽ اخلاقي ضابطن هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ان خلاف هڪ محدود ۽ مخصوص حلقي اندر هڪ غليظ پروپيگنڊا مهم جاري رکي پَرپُٺ گارگند ۽ غيبت جا نت نوان ٽوٽڪا مشهور ڪيا ويا ۽ نيٺ هر سلڇڻي، جرئتمند ۽ مضبوط ماڻهوءَ کي تنظيم کان خارج ڪيو ويو. هاڻي هن تي ڪا به جهل پل نه رهي ۽ جيڪي ويٺل هئا انهن جو ڪم ڏند ڪڍي، لوڏ سان تاڙيون وڄائڻ وڃي بچيو. ان سلسلي ۾ قائم ڪيل هڪ نئون مثال:
قمبر شهر ۾، 28 مارچ 1996ع تي ”جشنِ لطيف“ ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو، جنهن لاءِ ٻين شهرن کان ماڻهو گھرائي لڳ ڀڳ هر ڀت تي چاڪنگ ڪئي وئي. ڀتين تي لکت موجب، ان جشن جو مک مهمان ”محترم رسول بخش پليجو“ هو. ڪن دوستن، خاص ڪري پگھاردار ورڪرن، ڏينهن رات آرام ڦٽائي اهو جشن ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون محنتون ڪيون، شيٽون لکيون، چندا ڪيا وغيره.
27 ۽ 28 مارچ 1996ع تي ”محترم رسول بخش پليجو“ لاڙڪاڻي جي سپنا هوٽل ۾ ترسيل هو ۽ اتي ميل ملاقاتون جاري رهيون، ڪچهريون ٿيون ۽ سياسي تعزيتون به ٿيون، ته بيان به جاري رهيا (28 مارچ 1996ع جي ”عوامي آواز“ ۽ ”عوام“ اخبارن ۾ غلام حسين انڙ جي پونيئرن سان تعزيت جو بيان پڙهي سگھجي ٿو) پر قمبر ۾ ”جشن لطيف“ نه ملهايو ويو.
”جشن لطيف“ ته ملتوي ڪيو ويو، پر ”جشنِ سپنا“ ملتوي نه ٿيو، ڇو؟
”پليجو فوبيا“ ۽ ”پليجو فيلس“
ڇِتي ڪُتي جي چڪ سبب زخم ۾ ويندڙ پتڪڙا جيتامڙا (وائرس) جيڪا پاڻيءَ کان ڊپ واري بيماري پيدا ڪندا آهن، ان کي ”هيڊروفوبيا“، ۽ ”رت سان پيار“ ڪندڙ هڪ قسم جي گندي جيوڙي (بيڪٽيريم) کي ”هيموفيلس“ چئبو آهي، جيڪو ننڍي/ڊگھي مدي واريون ڪي ئي خطرناڪ بيماريون ۽ ڪن حالتن ۾ موتمار بيماريون پيدا ڪندو آهي.
گروءَ پنهنجن چيلن جي دماغن ۾ ڀريو آهي ته جيڪو رسول بخش پليجي جي سياست ۽ سياسي ڇڙواڳين بابت ڪي به اهڙا سوال اٿاري جن جي ڪري پليجو گروپ جي چالو ويڪائو سياست جا پِتا پڌرا ٿي پوڻ جو امڪان يا انديشو هجي، ته سوال کان گوهيون ڏئي گسائي، لٻاڙ ۽ يخي هڻي، گارين جو وسڪارو ڪندي ڪنهن نه ڪنهن جي ايجنٽي ٻيجنٽيءَ سان گڏ سوال اٿاريندڙ کي ”پليجو فوبيا“ ۾ ورتل ضرور ٻڌايو.
فرض ڪجي ٿو ته اهو به ڪو اصطلاح آهي ۽ صديق ڀرڳڙي جهڙا دانشور ان جي ڪا معنى به مقرر سمجھن ٿا ۽ سمجھو ڪري ته پليجو گروپ بابت ڪي اصولي، نظرياتي، سياسي، تنظيمي ۽ اخلاقي سوال اٿارڻ سبب ”پليجي فيلس“ جي نظر ۾ محبت ٻرڙو ڪنهن ”پليجو فوبيا“ جو شڪار به ٿي ويو آهي ۽ سمجھو ڪري ته ڏهاڪين مضمونن ۾ اهڙا ئي ڪي ٻيا اصولي سوال اٿارڻ جي ڪري محبت ٻرڙو ”اسماعيل راهو فوبيا“، ”الطاف/ايم ڪيو ايم فوبيا“، ”ضياء فوبيا“، ”نواز فوبيا“ وغيره وغيره جهڙين ڪيترين ئي فوبيائن ۾ مبتلا رهندو آيو آهي، ايتري قدر جو ماڻهن ۾ جانوراڻين خصلتن خلاف لکي ”جانور فوبيا“ جو به شڪار ٿي پيو هو، پر ائين چوڻ جي ڪري ڇا پليجو گروپ بابت تاريخي ريڪارڊ ۾ محفوظ حقيقتون بدلجي وينديون.
انڌ جو کوپو
ٿورا ڪي ماڻهو ۽ تنظيمن جا ڪارڪن ايترا ڏاها ٿين ٿا جيڪي پنهنجو ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو معروضي طرح جائزو وٺي حقيقت پسند ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪري، ثابت ٿيل سچاين کي تسليم ڪري سگھن. نمرود کان وٺي جنرل ضياءَ تائين ۽ اڄ به جيڪي فرد ۽ ٽولا اسان جي ڌرتيءَ جو انسان دشمن گند آهن، ڇا اهي مڃيندا ته انسانذات جي تخليقي تاريخي اوسر تي اهي انتهائي بدنما داغ آهن؟
اڄوڪو ئي هڪ مثال وٺو:
دهشتگرديءَ، سنڌ دشمنيءَ، ڪوس، رهزنيءَ، بدمعاشيءَ، ڦرلٽ، ڪمينائپ، بدڪرداريءَ، بليڪ ميلنگ، سياسي سوديبازيءَ، ويساهه گھاتيءَ، ڌوڪي، غداريءَ، لچائيءَ، لوفرائپ ۽ اهڙين ٻين سمورين بدڪار خصلتن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم هاڻي ڪنهن بحث جي لائق به رهي آهي ڇا؟
ان هوندي به اها تنظيم انتهائي ڪم ظرفيءَ کان ڪم وٺندي پاڻ کي وطن دوست، قوم پرست، ترقي پسند، عوام دوست، جمهوريت پسند وغيره ۽ ڪڏهن ته سنڌ دوست ۽ سنڌي عوام جو خيرخواهه سڏائيندي ۽ انهن جي همدرديءَ ۾ وڏا وڏا ڳوڙها ڳاڙيندي نظر اچي ٿي ۽ پنهنجي حقيقي ڪردار کي لڪائڻ لاءِ پنهنجن ڪرتوتن جو الزام پنهنجن مخالفن تي رکندي رهي ٿي.
هٽلر ۽ ان جا ڪي ئي پوئلڳ پنهنجيءَ ڪمينائپ ۽ انسان دشمن روين تي شرمسار ٿيا هئا ڇا؟
جيئن آمريڪا ۾ چوندا آهن ته جيڪا شيءِ فورڊ ڪمپنيءَ لاءِ سٺي آهي اها ئي شيءِ آمريڪا لاءِ بهترين آهي. هٽلر چيو هو ته عقيدي جو مطلب اسان ئي سمجھيو آهي ۽ اسان ئي درست چئون ٿا. اهڙيءَ طرح دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي دهشتگردن، نسل پرستن، بدمعاشن ۽ قاتلن جيان الطاف گروپ به چوي ٿو ته هو ئي درست آهي. پليجو گروپ پڻ پنهنجو معروضي جائزو وٺي حقيقتن کي تسليم ڪرڻ بدران ان ئي قاتل، نازي، فاشي ۽ دهشتگرد سوچ جو حامل آهي ته هو ئي درست چوي ٿو.
جاهلانه ۽ وڏيرڪي سوچ ائين ئي ته هوندي آهي. مارڪسي، حقيقت پسند، جدلي فلسفو اهڙيءَ هر سوچ کي رد ڪري ٿو. انهيءَ سوچ ۾ ڪهڙي حقيقت پسندي آهي ته رسول بخش پليجو ڪنهن انقلاب جو قائد به آهي؟ (دوست کي يا ته انقلاب جي خبر ناهي يا انقلاب ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي سمجھن ٿا جنهن جي دنيا کي خبر ناهي.)
× انهيءَ سوچ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي ته رسول بخش پليجو ئي ايشيا جو سڀ کان وڏو دانشور، اڪابر ۽ فيلسوف آهي؟
× انهيءَ سوچ ۾ ڪهڙي سچائي آهي ته سنڌ ۾ رسول بخش پليجو ئي سڀ کان سٺو وڪيل آهي؟
× ڪهڙن انقلابن ۽ انقلابين، ڪهڙن دانشورن ۽ ڪهڙن وڪيلن سان ڀيٽ ڪندي اهڙيون بي بنياد واتوڙي لٻاڙون مشهور ڪيون وڃن ٿيون؟
ماسٽر آف نن
علي قاضي صاحب جن پنهنجي هڪ مضمون ”ڏنڊي جو دڙڪو، قومي غيرت جو مهڻو ۽ ميڊيا“ (”ڪاوش“، 25 آڪٽوبر 1994ع) ۾ لکن ٿا: ”رسول بخش پليجي هڪ ڀيري مون کي ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته کيس لاهور ويندي (هوائي) جهاز ۾ هڪ سنڌي گڏيو، جيڪو گھڻو عرصو سنڌ کان ٻاهر رهيو هو. هن رسول بخش پليجي کي چيو ته ”سائين هاڻ سنڌ ۾ ڪو سٺو وڪيل آهي؟“ تنهن تي پليجي کيس جواب ڏنو ته ”آئون سٺو وڪيل آهيان.“ ٿوري دير بعد ساڳئي همراهه چيو ته ”ڀلا سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪنهن ماڻهوءَ کي اٿارٽي چئي سگھجي ٿو؟“ پليجي کيس وراڻيو ته ”مون سان ڪجھه دير ڪچهريءَ کان پوءِ ساڳي همراهه چيو ته ”سائين، سنڌ ۾ هاڻ ڪو ذهين سياستدان به آهي يا؟“ پليجي صاحب چيس ته ”ذهين سياستدان به آئون ئي آهيان.“ پليجي صاحب موجب اهو همراهه پوءِ باقي سفر دؤران ماٺ رهيو ۽ دل ۾ ضرور سوچيندو هوندو ته هي (پليجو) وڏو ڪو ٺڪائي آهي... ڪجھه ڏينهن اڳ پليجي صاحب جي لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سيمينار ۾ ڪيل تقرير پڙهي مون کي اڃا وڌيڪ کل آئي، جنهن ۾ پليجي صاحب اها آڇ ڏني آهي ته جيڪڏهن صحافين جي ٽريننگ لاءِ ڪو اسڪول کوليو وڃي ته هو (پليجو) هڪ پراڻي صحافيءَ جي حيثيت ۾ اڄ ڪلهه جي صحافين کي پڙهائڻ لاءِ به تيار آهي. هاڻي جيڪڏهن آئينده پليجي صاحب کان لاهور جي سفر ۾ گڏ ويندڙ ڪو همراهه اهو پڇندو ته ”سائين، سنڌ ۾ ڪو ٺاهوڪو صحافي آهي؟“ ته يقيناً ”شاهه لطيف جي شاعريءَ تي عبور رکندڙ، ذهين سياستدان ۽ سٺي وڪيل“ رسول بخش پليجي جو اهو ئي جواب هوندو ته ”سائين سڀني کان وڌيڪ پروفيشنل، ڏاهو ۽ پراڻو صحافي آئون ئي آهيان...“ جيڪڏهن ڪو شخص هر معاملي جو استاد هجڻ جي دعوى ٿو ڪري ته پوءِ انگريزي مثال ”جئڪ آف آل، ماسٽر آف نن“ جيان ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ سندس مڪمل مهارت هڪ سوال بنجيو وڃي.“
طبابت ۽ سئي
قاضي صاحب جن صحافيانه حوالي سان مٿيون ذڪر آندو آهي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ وڌيڪ عرض ڪجي ٿو ته رسول بخش پليجو پاڻ کي ٻيو گھڻو ڪجھه سمجھڻ سان گڏ هڪ ”بي مثال طبيب“ به سمجھندو آهي ۽ ان شعبي ۾ سندس مهارت مڙيو ئي ڪجھه سرس ٿي ڀانئجي، ڇو ته ڊاڪٽرن پاران خارش جي علاج لاءِ تجويز ڪيل دوا ايوِل واپرائڻ کي رد ڪري پنهنجي لاءِ دوا جي چونڊ به پاڻ ڪري ٿو. رسول بخش پليجو پنهنجيءَ ڇپايل ڊائري ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ (1991ع، ص 32) ۾ لکي ٿو: ”ڊاڪٽر اچي ته چوانس ته مون کي ايول ۽ ٻيون ان قسم جون گوريون ۽ دوائون ڀانءِ ڪو نه ٿيون پون. سڀاڻي ڊيورابولن سُئي هڻائڻ گھرجيم... سئي هڻايم.“ (اسٽورن وارا ۽ عام ماڻهو وسهندا آهن ته اها سئي ”طاقت“ وڌائڻ جي لاءِ آهي!)
خلاف شرع شيخ جي ٿُوڪتا ڀي نهين،
انڌيري اجالي ۾ مگر چوڪتا ڀي نهين.
اسان نوٽ ڪرايو هو ته اها ڊيورابولن سُئي قيد ۾ بند هئڻ باوجود گھر وارن کان مطالبي تي جيل ۾ گھرائي ويندي هئي! ڪيڏو ته ماهر طبيب آهي اسان جو هيءُ مسٽر رسول بخش پليجو!
اشتهاربازي ۽ حقيقت
رسول بخش پليجو پنهنجي هر ڪتاب تي، پنهنجي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح اديب، دانشور، سياستدان، فيلسوف، ڏاهو، اڪابر، نقاد ۽ اهڙا ٻيا يا انهن مان ڪجھه لفظ لکڻ/لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ ڏاڍو پسند ڪندو آهي. اسٽيج تي ويٺل هوندو ته به تيستائين تقرير ڪرڻ لاءِ نه اٿندو جيستائين اڳواٽ چڱيءَ طرح رٽرائي تيار ڪيل ڪمپيئر لڳ ڀڳ هن قسم جي جملن جو اعلان ڪري:
هاڻي اچي ٿو اوهان جو محبوب رهنما، ايشيا جو عظيم ڏاهو... (ڌرتي ڌوڏيندڙ انقلاب جو باني)، قائد انقلاب، محترم جناب رسول بخش پليجو!
جهالتن جي کوهه ۾ ويٺل منڊي ماڪوڙيءَ لاءِ اڀ ڪل ايترو آهي!
1977ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دؤران رسول بخش پليجي چيو ته اسان چونڊن ۾ رڳو ان ڪري ڀرپور حصو وٺي ۽ انهن ۾ کٽي نه ٿا سگھون جو اسان شخصي طرح مشهور ناهيون، تنهنڪري پارٽيءَ جي دانشورن کي گھرجي ته پنهنجن اڳواڻن تي، سندن شخصيت کي مٿاهون ڪندڙ مضمون لکن، تڏهن شهيد فاضل چيو ته اسان پنهنجي تنظيم جي نالي هيٺ چونڊن ۾ حصو وٺنداسون، پوءِ بيشڪ هارايون، ٻيءَ حالت ۾ پارٽيءَ اندر شخصيت پرستي جو رجحان وڌندو. جيستائين فاضل زنده هو رسول بخش پليجي جي شخصي وڏائي بيان ڪندڙ مضمون ورلي ڪو ملندو.
فاضل صاحب جي شهادت کان پوءِ ئي اها اشتهاربازي وڌائي وئي ۽ جنهن به سلڇڻي ڪارڪن ڪهڙا به دليل ڏيندي شخصيت پرستيءَ جي رجحان تي اعتراض واريو، ان لاءِ مشهور ڪيو ويو ته دشمن جو ڀرتي ڪيل ايجنٽ آهي ۽ نه ٿو چاهي ته ”پارٽيءَ“ جو نالو ٿئي.
ڪجھه عرصو گذرڻ کان پوءِ ”پليجو“ ۽ ”پارٽي“ هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا بنايا ويا.
شخصيت پرستيءَ جو رجحان نه وڌايو وڃي ها ته ماڻهو/ڪارڪن پارٽيءَ جي منشور/نڪتهء نظر/نظريي کي ڏسن ها، پر هاڻي اهو لاڙو وڌيو ته ڪنهن به اصولي نُڪتي بابت رسول بخش پليجو ڇا ٿو چوي. پارٽيءَ جي آئين منشور کي پليجي جي شخصي وڻ ويڙهيءَ ۾ بند ڪيو ويو ۽ نيٺ پارٽيءَ جو وڻ ان وڻ ويڙهيءَ (جي زهر) جو کاڄ ٿي ويو.
ڪنهن به نه پئي ڄاتو ته ڳجھه ڳوهه ۾ هڪ انقلابي پارٽيءَ کي تباهه ڪرڻ ۽ پنهنجو شخصي مارڪيٽ ويليو (بازاري مُلهه) وڌائڻ جي سازش سٽي وئي هئي.
پتڪڙو سياستباز
سنڌ جي هڪ سگھارِي ۽ بهترين، سياسي طرح سجاڳ ۽ باشعور قومي، جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهدن جي انقلابي جذبي ۽ تجربي سان ٽمٽار ۽ هڪ عوامي تنظيم (پارٽي، سنگت) جنهن تي سنڌي ماڻهو بجا طور ڀروسو ۽ فخر ڪندي هر قسم جي اخلاقي، مالي، ذهني ۽ سياسي سهڪار ڪندا هئا، جنهن ڊڪٽيٽر ضياءَ کي پنهنجيءَ لوڌ سميت هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽڻ تي مجبور ڪيو، جنهن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بنيادي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي حقن لاءِ لکين سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي ان وقت اسريل وحشي ماحول ۾ گڏ ڪري تاريخ ساز مظاهرو ڪيو ۽ جنهن جي پختگيءَ ۽ وسعت جي بنياد تي ان وقت جو انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو ان لائق ٿي سگھيو جو سنڌ ۽ سنڌي دشمن دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ خلاف وقت جي حڪومت کي ڏهه هزار رضاڪار جوڌا فراهم ڪري سگھڻ جي آڇ ڪري. اها تنظيم اوچتو ئي اوچتو ٽٽي تباهه ٿي وڃي ۽ ساڳيو فرد رسول بخش پليجو ساڳئي آمر جنرل ضياءُ جي سياسي وارث ۽ ساڳين سنڌ دشمن دهشتگردن جون آجيائون ۽ ساراهون ڪرڻ لڳي ۽ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين ”لانگ مارچ“ ڪرڻ لاءِ وٽس رڳو پنجاهه جوڌا به نه هجن، تڏهن اوس اهو سوچڻو پوي ٿو ته ڇو؟
·        ائين ڇو ٿيو؟
·        ڪاڏي ويا اهي ڏهه هزار جوڌا؟
·        ڪٿي آهن ٻيا سوين سورهيه ڪارڪن؟
·        ڪٿي آهي لکن جي ڳڻپ ۾ گڏ ٿيندڙ عوام؟
·        آمريت پرستيءَ، رجعت پسنديءَ ۽ سنڌ دشمنيءَ خلاف جدوجهد جاري رکڻ جي اعلان بدران انهن جون آجيائون ڇو؟
·        ڪاڏي ويو اهو عوامي تحريڪ جو انقلابي پليجو ۽ ڪٿان اڀريو هيءُ پليجي گروپ جو پتڪڙو سياستباز؟
مشهور آهي ته اڪثر چور جڏهن پوڙها ٿيندا آهن تڏهن پوليس جا دلال ۽ مخبر ٿي چغليون هڻڻ ۽ ”لڳائِي بُجھائي“ ڪرڻ لڳندا آهن. اهو ئي سندن زندهه رهڻ جو آخري طريقو هوندو آهي. ڪي نام نهاد ڪامريڊ ۽ انقلابي اڳواڻ، معراج محمد خان جيان، آخر ۾ پنهنجو اڪيلو سر کڻي ايم ڪيو ايم جهڙين قاتل تنظيمن تي ڪک رکي، پنهنجو قد ۽ نالو برقرار رکڻ جي ”انقلابي جدوجهد“ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن، پر وقت ۽ تاريخ ڏاڍا بي رحم ٿين ٿا. اهي هر هڪ کي پنهنجي ڪسوٽيءَ تي پرکن ٿا. هٽلر جهڙن نام نهاد جمهوريت پسند، سوشلسٽ ۽ قومپرست اڳواڻن جو نالو، ڊڪٽيٽرن ۽ فاشسٽن جي خاني ۾ اڇلي ڦٽو ڪن ٿا ۽ اڄ رسول بخش پليجي کي ٻه ٽنگو ٻڌي، تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ اڇلائي، هن جو وزن توري رهيا آهن. ڄاڻ خبر پئي ته هيءُ محبت، خلوص، سچائيءَ ۽ پنهنجائپ جو بي قدرو برڙ باڪاس، سنڌ جي سجاڳ قوتن جو سوداگر ۽ انقلابَ ۽ عوام سان ويساهه گھاتي ڪندڙ ويڪائو وکر ڪهڙي اگھ ۾ وڪاڻو هو.
ٺاهڻ ڏکيو ۽ ڊاهڻ سولو
1979ع جي پوين مهينن کان 1986ع جي وچ تائين رسول بخش پليجو جيل ۾ ۽ سنڌ کان پري رهيو ۽ عوامي تحريڪ ۽ ٻين واسطيدار تنظيمن جي مضبوط ۽ منظم اوسر جو به اهو ئي دؤر آهي. ڪنهن سياسي/انقلابي تنظيم جو ڪو هڪ بهترين ڪارڪن ڪيئن ٿو وجود وٺي، ان جي خبر انهن ماڻهن کي هوندي، جن انهيءَ ميدان ۾ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو هجي.
ڪو شڪ ناهي ته انهيءَ ئي عرصي دؤران رسول بخش پليجي جي تنظيمي ڇڙواڳين، سياسي نااهليءَ ۽ اخلاقي ڪمزوريءَ واري شهرت ۾ ڪمي اچي وئي ۽ ٻئي پاسي مارشل لا ظلمن خلاف عوامي تحريڪ ۽ واسطيدار تنظيمن جي جدوجهد ۽ مسلسل سياسي رابطن عوام ۾ انهن جو مانُ مٿانهون ڪيو.
1988-89 ۾ جنهن تنظيم وٽ ڏهه هزار رضاڪار رڳو سرڪار جي تحويل ۾ ڏيڻ جي سگھ هجي، ڇا اها سنڌ جي ماحول ۾ هڪ انقلاب برپا نه ڪري پئي سگھي؟
پارٽيءَ جو اصولي پروگرام قومي عوامي جمهوري انقلاب ئي ته هو، اهي سڀ ڪارڪن انهيءَ پروگرام تي متفق ٿي ئي ته پارٽيءَ ۾ آيا هئا. عوامي سهڪار به هجي، سگھ به، لڪ به، ته تربيت ۽ هٿيار به، پوءِ ڇو سنڌ اندر ڪا به انقلابي هلچل نه هلي سگھي؟
الطاف گروپ وٽ گھڻا هزار دهشتگرد هوندا؟ ڇا ڪو ڪِرائي جو قاتل، ڀاڙيتو بدمعاش ۽ گھٽيءَ جو غنڊو ڪنهن انقلابي سياسي ڪارڪن جيترو مخلص، وفادار، پرجوش، سرگرم، سورهيه ۽ سچار ٿي سگھي ٿو؟ انهن چند هزار دهشتگردن رياست اندر پنهنجي رياست ٺاهي ورتي هئي ۽ وقت اچڻ تي ملڪ جي سمورين سياسي، قانوني ۽ محافظ قوتن سان سالن کان مهاڏو اٽڪايو بيٺا آهن، پر عوامي تحريڪ ڏهه هزار رضاڪارن جي قوت باوجود حيدرآباد ۾ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيل سنڌين جو سکڻو تحفظ به نه ڪري سگھي ۽ جن ماڻهن پنهنجا اباڻا پڊ ۽ گھر ڇڏيا، انهن جي پهرين قطار ۾ هڪ سياستدان، انقلابي اڳواڻ، رسول بخش پليجو به موجود هو!
17 جنوري 1987ع جي ڏينهن فاضل صاحب جي هستيءَ تي ئي نه، انقلابي عوامي تحريڪ جي وجود ۽ روح تي به وار ٿي ويو. فاضل صاحب ته جسماني طرح شهيد ٿي ويو، پر عوامي تحريڪ وڌيڪ جوش ۽ سرگرميءَ سان اڀري اڳتي وڌي آئي. وجود جي بقا جو اهو به هڪ قانون آهي. ايندڙ ٻنهي عام چونڊن (1988 ۽ 1990) ۾ ان عوامي تحريڪ تي هڪ ٻئي جي ڪڍ وڌيڪ ڪارِي وار ڪيا ۽ راتاها هنيا ويا ۽ نيٺ انقلابي روح رکندڙ، سنڌ ۽ سنڌين جي هڪ وڏي وٿ، ڏڍ ۽ آسرو پنهنجي وجود جي جنگ هارائي ويٺو.
عوامي تحريڪ کي اندران ئي اندران کاٽ هنيو ويو. ڳجھه ڳوهه ۾ ان جي بنيادن کي کوکلو ڪري رڳو هڪ ڌِڪو ڏنو ويو ته ويهن ورهين دؤران سوين سورهيه ڪارڪنن جو ڏينهن رات ڪيل پورهيو ۽ قربانين جو ثمر مٽيءَ جي ڍير ۾ بدلجي ويو.
انقلابي عوامي تحريڪ دفن ٿي وئي ۽ ”راهو گروپ“ ۽ ”پليجو گروپ“ شهيد فاضلَ ۽ اڳوڻي عوامي تحريڪ جي ڪارنامن ۽ جدوجهدن کي پنهنجي پنهنجي هَٽ تي سينگاري سياسي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ وڌائڻ لڳا.
محبت ٻرڙي جهڙا ماڻهو ڪَليءَ جي خسيس چلڪي تي موهت ٿيڻ بدران جڏهن ان ۾ ويڙهيل زهر جي قاتلانه گڻن کي ۽ نام نهاد انقلابيت جو معتقد ٿيڻ بدران نظرياتي، سياسي، تنظيمي، علمي ۽ عملي ڏيوالپڻي ۽ اخلاقي پليتائيءَ کي پڌرو ڪري رکن ٿا، تڏهن صديق ڀرڳڙيءَ جهڙا ”ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ نهايت ننڍڙي ابوجهل کان به خسيس جنس“ جا پوئلڳ ڏاڍو مڇرجي پون ٿا.
محبت ٻرڙو ۽ ٻيا سوين سياسي ڪارڪن سنڌ جي منصف مورخ جي عدالت ۾ مقدمو داخل ٿا ڪن ته رسول بخش پليجو انقلابي عوامي تحريڪ (پارٽي ۽ واسطيدار تنظيمن) جو قاتل، سِڌو دشمن، سازشي ۽ سنڌي عوام جو غدار آهي.
سماج ۽ فرد
ماڻهو سماج ۾ رهي ٿو ۽ ان ڏانهن ذميوار ٿئي ٿو، خصوصاً ڪو به مهذب پروفيشن اختيار ڪرڻ جي حوالي سان ته هو اڃا وڌيڪ ذميوار ٿئي ٿو ۽ سياست ته آهي ئي سماجي شيءِ، سياستدان ته مڪمل طرح پنهنجي سماج ڏانهن ذميوار ٿئي ٿو.
هڪ سِول انجنيئر جيڪو گھر ٺاهي، ان ۾ چور دروازو رکِي، روز ويٺو چوريون ڪري، پڪڙجي پوي ۽ ڪو پڇي ته ان کي ورندي ڏجي، ”چوري نه ڏس، رڳو اهو ڏس ته انجنيئر ڪيڏو اڪابر آهي!“
هڪ ماهر ڊاڪٽر ويهي ڪري بيهودگي، ڪو اعتراض واري، ته ان کي چئجي، ”بيهودگي نه ڏس، اهو ڏس ته ڊاڪٽر ڪيڏو ماهر آهي!“
هليا آهيون سماج سڌارڻ، پاڻ ئي رهزن، قاتل، بدمعاش، سازشي، ڪِرپٽ، ويڪائو، سوديباز، ڳنڍيڇوڙ وغيره هجون ۽ ڪو اعتراض واري ته ائين ڇو؟ ته چئونس، ”ٻيو نه ڏس، رڳو اهو ڏس ته ڪڏهن نه ڪڏهن سماج ڪيئن ٿا سڌاريون؟“
هڪ سياستدان هام هڻي ته سندس حياتيءَ جو هر پل پنهنجي عوام ۽ وطن جي خدمت لاءِ وقف آهي، عوام جيڪڏهن هن جي پل پل جي خبر وٺي، ته چئونس، ”خبردار! اسان جي ذاتي زندگي نه ڏس، اسان جو اخلاق ۽ ڪردار نه ڏس، ڪالهوڪو چَيل ۽ ڪَيل به نه ڏس. رڳو اهو ڏس ته هن گھڙيءَ ڇا ٿو چوان ۽ جيڪو چوان ٿو، اهو ئي درست آهي ۽ ان تي بنا سوچ ويچار جي ايمان آڻ!“
اختلاف جو حق سڀ کي آهي
چوڻ جهڙين ڪيترين ئي ڳالهين کي درگذر ڪندي محبت ٻرڙو خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ ٿو گھري ته ڀرڳڙي صاحب جن پنهنجيءَ تنظيم جي گھٽ ۾ گھٽ هڪ نياڻيءَ کي ڀيڻ جهڙي مقدس ناتي جي حوالي سان سڃاڻڻ جي شناس رکڻ جي هام هڻن ٿا. محبت ٻرڙو وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو، جيڪڏهن ڀرڳڙي صاحب جن محبت ٻرڙي جيان اخلاقي/سماجي/مذهبي/قانوني طرح پنهنجيءَ جائز زال کان سواءِ پنهنجيءَ تنظيم ۽ سنڌ جي ئي نه، دنيا جي هر شريف عورت کي پڻ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ جهڙن تقدس ڀرين ناتن جي حوالي سان سڃاڻڻ جو اعلان ڪندو، ان لاءِ جائز شناس ۽ غيرت ڌاريندو ۽ پنهنجي ”محترم“ اڳواڻ رسول بخش پليجي ۽ ان جي ساٺـڙين گاٺـڙين کي پڻ انهيءَ راهه تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.
جيستائين تعلق آهي نظرين جو، ڪهڙي به فلسفي جي حوالي سان هجن، تنهن بابت ڪنهن به پيءُ پٽ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ زال مڙس سميت ڪهڙو به مائٽاڻو ناتو ۽ اخلاقي، سماجي يا مذهبي رشتو رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ اختلاف موجود ٿي سگھن ٿا ۽ هوندا آهن. خود محبت ٻرڙي جي پيءُ، ماءُ، ڀائرن (سواءِ صحبت ٻرڙي جي) ڀينرن، ڀاڄاين ۽ ٻين مائٽاڻن ناتن کي محبت ٻرڙي جي سياسي نڪتهء نظر سان سخت اخلاف رهندو آيو ۽ هن جا ڪيترائي ذاتي دوست سندس سياست کي ناپسنديده نظرن سان ڏسندا ۽ اختلاف رکندا هئا ۽ ڪي ته اهڙين پارٽين ۾ شامل هئا، جيڪي شديد مخالفت ڪندڙ هيون. پاڪستان جي سياست ۾ سڳي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سياست ۾ (اڳوڻي) زال ۽ مڙس جي وچ ۾ سياسي حوالي سان سخت ۽ جڳ مشهور اختلافن کان ڪو ڄٽ ئي اڻ واقف هوندو ۽ ڀرڳڙي صاحب پنهنجي اوسي پاسي ئي جيڪڏهن ڌيان ڏيڻ پسند ڪن ته اتي به کين هر قسم جي مائٽاڻن ۽ سماجي ناتن ۾ نڪتهء نظر جي اختلاف ۽ ان تي تيز بحث مباحثي جي خبر به پئجي ئي ويندي. محبت ٻرڙو جيئن پنهنجي لاءِ ڪنهن سان به سياسي اتفاق ۽ اختلاف جو حق رکي ٿو تيئن ٻئي هر هڪ لاءِ به اهڙي ئي حق جي احترام جي فضيلت به رکي ٿو. هن پنهنجيءَ ڄمار ۾ ڪي ئي اختلاف ڏٺا آهن، پر ڪنهن به سياسي، تنظيمي، نظرياتي ۽ اخلاقي بحث ۾ ڪنهن کي به ”ڀيڻ“، ”نياڻيءَ“ جي آڙ وٺڻ جھڙي غليظ ترين بيحيائي ۽ ڪميڻائپ ڪندي نه ڏٺو هو.
من گھڙت مفهوم ۽ روح رهڙيندڙ ڏک
ڪنهن به ڳالهه سان ڪو پنهنجي ذهينت جو عڪاس مفهوم ملائي، ان کي ٽوڙي مروڙي، لفاظيءَ وسيلي پنهنجو من پسند روپ ڏئِي، ٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ کي علمي دنيا ۾ بدفضيلتي، نيچپائي ۽ جهالت سمجھيو ويندو آهي ۽ جي معاملو هجي سياسي ۽ ان لاءِ الطاف گروپ جيان ڀيڻ جهڙي مقدس رشتي کي بازار ۾ بئنر بنائي، مظلوميت جو ڪوڙو ڍنڍورو گھمائي، پنهنجا غليظ سياسي مفاد ماڻيا وڃن ته هر شريف ماڻهو اهڙي عمل کي ڪمينائپ جي انتها سمجھي ٿو. صديق ڀرڳڙيءَ جو مضمون ثابت ڪري ٿو ته پليجي گروپ جا لٻاڙي دانشور ۽ يخي باز چيلا هاڻي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي پستين جي اونهي پاتال ۾ وڃي ڪِريا آهن. محبت ٻرڙي جو روح رهڙيندڙ ڏک اهو آهي ته سندس ڀائرن جهڙي ننڍپڻ کان وٺي ڏک سک ۾ ساٿي رهندڙ دوست جي سڳي ڀيڻ، انتهائي مخلص ۽ پيار ڪندڙ سنگتين جي مائٽياڻيءَ ۽ پيڙهين کان خانداني طرح سماجي ناتن ۾ سلڇڻائيءَ سان رهندڙ پاڙيسرين جي هڪ گھرڀاتيءَ جو شخصي نالو ڪم آڻيندي، ان کي ڀيڻ جهڙي مقدس ناتي سان ياد ڪندي، لفاظيءَ جي انتهائي لچائيءَ سان سياسي آڙ طور ڪم آندو ويو آهي. محبت ٻرڙي جو مضمون ريڪارڊ تي آهي ۽ صديق ڀرڳڙيءَ جو پڻ، ٻنهي جي ڀيٽ ڪندي حقيقت کي پرکي سگھجي ٿو.
اڄوڪو سچ ڇا ٿا لڪايو؟
باشعور ۽ مهذب ماڻهو دليل ڪم آڻيندا ۽ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ بحث ڪندا آهن. محبت ٻرڙو اهڙن ماڻهن جي گھربل حد تائين عزت ڪري ٿو، بيشڪ ساڻن اختلاف ڇو نه رکندو هجي.
ڀرڳڙي صاحب جن هڪ هنڌ بيان ڪيو آهي:
”سينيئر ساٿي ان مسئلي کان به واقف هوندا ته جڏهن پليجو صاحب بيمار هو ۽ ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ پيسا نه هئا تڏهن فاضل ئي هو جنهن چيو ته منهنجي جيتري به زمين وڪرو ٿئي، وڪرو ڪري پليجي صاحب جو علاج ڪرايو.“
بيشڪ اهو گڻ فاضل ۾ وڏي پيماني تي موجود هو. هن لاءِ زمين ته ننڍي ڳالهه آهي، گھر ٻار ۽ پنهنجو پاڻ به قربان ڪري سگھندو هو. نمڪ ملهائڻ ۽ دوستي نڀائڻ جي شناس اڳلي ۾ به ته هجي!
رسول بخش پليجو لکي ٿو:
”هاڻ مون لاءِ فقط ٻه رستا وڃي بچيا هئا، يا ته رضا تي راضي ٿي ويهي رهان ۽ ويٺو مارشل لا وارن جي دٻاءَ ۽ بليڪ ميلنگ جو انتظار ڪريان يا ڪو ٻيو وڪيل ڪريان جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ويهه ٽيهه هزار رپيا خرچ گھري ها، جيڪي مون وٽ ڪونه هئا. مون کي پارٽيءَ طرفان ٽي سؤ روپيا ۽ ڪجھه معمولي سامان جهڙوڪ کنڊ، کير جو دٻو، بسڪوٽ وغيره ملندو هو.“ (”ڪوٽ لکپت جو قيدي“، ص 48)
اڄ صديق ڀرڳڙي بازار مان ٻه ٽي ڪلوگرام شرم خريد ڪري پاڻ لاءِ رکڻ بدران جن ڏانهن موڪلڻ گھري ٿو انهن ۽ انهن جي ڪيترن ئي ٻين غريب پَر مخلص ڪارڪنن چندا ۽ ڦوڙيون ڪري رسول بخش پليجي جي گھر کي نيلاميءَ کان بچائڻ لاءِ ٽيهه هزار رپيا ڀري ڏنا هئا، جڏهن وٽس ويهه ٽيهه هزار به ڪو نه هئا! ڇا هو پنهنجن انهن محسنن جا نالا ٻڌائي سگھي ٿو، جن سنڌي ماڻهن آڏو جھوليون جھلي سندس گھر کي نيلاميءَ کان بچايو هو؟
انهن ٻنهي ٽڪرن کي ڌيان سان پڙهي ڏسو. ڪنهن ڳالهه ۾ جڏهن ڪا به لچائي ۽ ڪو به ڪوڙ سمايل ناهي تڏهن ڪيئن نه کليل لفظن ۾ ۽ چٽيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي؟
محبت ٻرڙو ۽ ان جهڙا سوين سياسي ڪارڪن ۽ اڳوڻي عوامي تحريڪ سان سهڪاري عوام خصوصي طرح ۽ سنڌي عوام عمومي طرح بلڪل اهڙن چٽن ۽ کليل لفظن ۾ ڄاڻڻ جو حق ٿو رکي ۽ گُھر ٿو ڪري ته صديق ڀرڳڙي جي محترم اڳواڻ جيڪڏهن ڪا به سياسي سوديبازي، سنڌي قوم ۽ پنهنجيءَ پارٽيءَ سان ڪا به ويساهه گھاتي، بدديانتي ۽ بي ايماني نه ڪئي آهي ته، جيڪڏهن پنهنجن مخلص ڪارڪنن جي انقلابي سياسي جدوجهد کي وڪڻي معاشي مفاد نه ماڻيا ته پوءِ گذريل ٻنهي عام چونڊن (1988 ۽ 1990) ۾ خرچ ڪيل لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ رپيا ڪٿان آندا ۽ گذريل پنجن ڇهن ورهَن کان جاري پنهنجو شخصي نالو ۽ ليڊري چمڪائڻ وارن فنڪشنن تي اڏامندڙ لکين رپيا ڪٿان ٿو آڻي؟
هڪ ماڻهو، ڪالهه جيڪو فاضل جي زمين وڪڻي پنهنجو علاج ڪرائيندو ۽ ڪارڪنن جي چندن تي تڳندو ۽ پنهنجو گھر بچائي سگھندو هو، اڄ ڪيئن ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سگھي ٿو؟ ڪالهوڪي سچ جيان اڄوڪي سچ کي ڇو نه ٿو ظاهر ڪيو وڃي؟ هيراڦيري نه، سچ گھرجي.
صديق ڀرڳڙي لکي ٿو:
”پليجي صاحب جي سياسي واٽ متعلق جڏهن همراهن وٽ ڳالهائڻ جي گنجائش ختم ٿي ويندي آهي ته پوءِ اعتراض ڪندا آہن ته پليجو صاحب فُل سُوٽ ڇو ٿو پائي، شيوِ ڇو ٿو ڪري، انگريزي سٺي ڇو ٿو ڳالهائي، چشمي جو رنگ ناسي ڇو اٿس، جنگشاهي ڇو ٿو وڃي، چانهن ڇو ٿو پيئي، وغيره.“
لعنت الله علي الڪاذبين (ڪوڙن تي الله جي لعنت هجي)، محبت ٻرڙي ۽ ٻئي هر سچار فرد پاران پڻ. صديق ڀرڳڙيءَ جي ديد ۽ ذهني حالت جيڪڏهن ٺيڪ هجي ته محبت ٻرڙي جي مضمون ۾ اهڙي ڪنهن به هڪ جملي جو هنڌ ٻڌائي. رسول بخش پليجو پڻ اصولي سوالن کان گسائڻ لاءِ ائين ئي پٽاڙ ڪندو ۽ گوهيون ڏيندو آهي. ان لٻاڙ جو مقصد ڇا آهي؟
هن لٻاڙ وسيلي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته رسول بخش پليجو ڏاڍو ڪو سيبتو ۽ سلڇڻو ماڻهو آهي، هن جي رهڻي ڪرڻي ۽ کاڌي پيتي جو معيار ڏاڍو ڪو ايڏو ته شاندار آهي، جو ماڻهو ان تي ساڙ محسوس ڪن ٿا ۽ انگريزي داني ته بس وڃيو رسول بخش پليجي تي ڇيهه ڪري!
صديق ڀرڳڙيءَ کي شايد ايتري به سڌ ناهي ته رسول بخش پليجي جي ڇيڳرائي هڪ ضرب المثال آهي. هو اڄ به ماني کائيندو آهي ته چٻڪو پيو ٻڌبو، پنهنجي منهن سان فل سوٽ ته پائي ئي نه سگھندو آهي. مسعود نورانيءَ جي ”ڪچهري“ ۾ سندس سلڇڻائيءَ جا ڪي مثال پڙهي سگھجن ٿا ۽ طارق اشرف کي کانئس سڀ کان وڏي شڪايت ئي اها هئي. هو ته جورابن سان نڪ اگھندو آهي ۽ هڪ جوراب پائي ڪورٽ ويندو هو! (اهو اسان جو موضوع ناهي، نه ته ڳالهيون تمام گھڻيون آهن.) ڪو بيوقوف ۽ اڻڄاڻ ماڻهو ئي سندس سيبتائيءَ ۽ سلڇڻائيءَ کان اڻواقف هوندو.
سٺي انگريزي ڳالهائڻ ته هڪ هڪ انگريز ٻار کي به اچي ٿي ۽ ٻين ماڻهن جي ڳالهه ئي ڪهڙي، سنڌ ۾ ئي هزارين ماڻهو آهن جيڪي بهترين انگريزي ڳالهائي سگھن ٿا. سوال آهي ته اها لياقت سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ فائديمند نموني ڪيئن ڪتب آڻي سگھجي ٿي ۽ رسول بخش پليجي ائين ڪيو آهي يا نه؟
سٺي انگريزي غلام مصطفيٰ شاهه کي اچي ٿي ۽ هو ماٺ مٺيءَ ۾ گذريل چاليهن ورهين کان ”سنڌ قئاٽرلي“ (Sindh Quarterly) ڪڍي سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آهي. سٺي انگريزي ايم ايڇ پنهور کي اچي ٿي ۽ هو گذريل پنجاهه ورهين کان سنڌ بابت ناياب تحقيق ۾ مصروف آهي ۽ ڪي ئي لاجواب ڪتاب ۽ مضمون سنڌ جي حوالي ڪري چڪو آهي. اهڙا ڪي ئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا.
اسان پاران رسول بخش پليجي کان هڪ گھر اها به رهِي ته اوهان جو چئو ٿا ته انگريزيءَ جا ڏاڍا ڪي ڄاڻو آهيون ۽ سنڌي ماڻهن کي اها سکڻ، پڙهن ۽ لکڻ گھرجي، جيستائين سنڌي ماڻهو ائين ڪري سگھڻ جهڙا ٿين، تيستائين ڇو نه توهان پنهنجو نڪتهء نظر، پنهنجو سياسي تجزيو ۽ مخالفن پاران سنڌ مخالف پروپئگنڊا جو ٽوڙ ڪيو، ٻه چار ڪي مضمون انگريزيءَ ۾ ئي لکي کڻي دشمن کي ڪو منهن ٽوڙ جواب ڏيو.
انگريزي ڄاڻڻ جي حوالي سان سنڌ جي خدمت ڪري سگھڻ جي سلسلي ۾ به رسول بخش پليجي پاڻ کي سنڌ جو لائق پٽ ثابت نه ڪيو آهي. سوين سنڌي سٺي انگريزي ڄاڻندا هئا ۽ ڄاڻن ٿا، مري ويا، هي به مري ويندو.
گارگند ۽ الزام ان کي نه چئبو!
صديق ڀرڳڙي لکي ٿو:
محبت ٻرڙو جنهن ڪمال نڪ جي پڪائي (!) سان سمورا اخلاقي ليڪا لتاڙي پليجي صاحب بابت جيڪا گارگند ۽ الزام تراشي ڪئي آهي تنهن جون ڪجھه جھلڪيون:
فاضل اڄ جيڪڏهن زنده هجي ها ته سياسي سوديبازيءَ لاءِ آمر جنرل ضياءَ جي جانشين نواز شريف جي آجيان ڪندڙ ۽ سنڌ دشمن دهشتگردن کي چڱو چوندڙ رسول بخش پليجي جي پاسي نه هجي ها.
× اها ڳالهه چئي محبت ٻرڙي ڪا به گار نه ڏني آهي، ڪا به الزام تراشي نه ڪئي آهي. ڇا رسول بخش پليجي پنهنجي 8 ڊسمبر 1995ع واري سالگرهه ۾ آمر جنرل ضياءَ جي سياسي جانشين نواز شريف جي کليل لفظن ۾ ۽ ورجائي ورجائي آجيان نه ڪئي هئي ۽ ڇا هن دهشتگردن کي چڱو نه چيو هو؟
فاضل صاحب زنده هجي ها ته ڇا اهڙي سول بخش پليجي جي پاسي هجي ها؟
فاضل صاحب اڄ جيڪڏهن زنده هجي ها ته رسول بخش پليجي کي انقلاب، وطن دوستيءَ، جمهوريت ۽ انقلابي جدوجهد جي نالي ۾ جاري رکيل ترڪتالن ۽ بدمستين جي جرئت ئي نه ٿئي ٿا.
× اها ڳالهه چئي محبت ٻرڙي ڪهڙي الزام تراشي ڪئي ۽ ڪهڙو گارگند ڪيو آهي؟ ڇا فاضل صاحب زنده هجي ها ته به رسول بخش پليجو جاري رکيل ترڪتال ۽ بدمستيون ڪري سگھي ها؟
چند ڪلاڪن جو جشن لطيف ملتوي ڪرڻ ۽ ساڳئي عرصي دوران چند ڏينهن جو جشن سپنا ملتوي نه ڪرڻ ۽ جاري رکڻ کي ترڪتال ۽ بدمستي نه چئبو ڇا؟
رسول بخش پليجو سياسي سوديبازو وڏيرو آهي.
× ان ڳالهه ۾ ڪهڙي الزام تراشي ۽ ڪهڙي گار!
رسول بخش پليجو جيڪڏهن سياسي سوديباز وڏيرو نه آهي، ته رڳو هڪ سوال جو ئي جواب ڏيو: ”اهي ڏهه هزار رضاڪار ڪارڪن ڪاڏي ويا جيڪي رسول بخش پليجي بينظير حڪومت (1988ع) کي دهشتگردن خلاف پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي؟
نواز شريف ۽ دهشتگردن جي آجيان ۽ ساراهه پٺيان ڪهڙي حقيقت لڪل آهي؟ سنڌ جي ڪنهن به بدمعاش سياسي وڏيري ۽ رسول بخش پليجي جي گذريل پنجن ڇهن ورهَن کان جاري سياسي ۽ اخلاقي ڪردار ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ۽ رسول بخش پليجو فاضل جي نالي کي پنهنجو هَٽ هلائڻ ۽ چمڪائڻ لاءِ بدديانتيءَ سان ڪم آڻي رهيو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪهڙو الزام، ڪهڙي گار؟
ڇا شهيد فاضل راهوءَ جهڙي محسن کي پنهنجي نجي محفلن ۾ شرابي، جوئاري، رنڊيباز وغيره وغيره چوڻ ۽ اسٽيج تي بيهي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجو ڀاءُ ۽ ساٿي ۽ قوم جو هيرو وغيره سڏڻ بدديانتي ناهي؟
ان ۽ اهڙين بدديانتين باوجود شهيد جي نالي کي پنهنجي سياستبازيءَ لاءِ ڪم آڻڻ جي عمل کي ڇا چئبو؟
شهيد جو ڪيس نه وڙهڻ ڇا ٿو سمجھائي؟
گار ڇا آهي؟
چور کي چور چوَڻ گار ناهي. ڌاڙيل کي ڌاڙيل سڏڻ گار ناهي. اهڙيءَ طرح هر ڊڪٽيٽر، قاتل، جنگباز، دهشتگرد، بدمعاش، رهزن، ٺڳ، شرابي، چاپلوس وغيره وغيره کي واري سِر ڊڪٽيٽر، قاتل، جنگباز، دهشتگرد، بدمعاش، رهزن، ٺڳ، شرابي، چاپلوس چوڻ سڏڻ گار ناهي.
ڪنهن لچ ۽ لوفر کي شريف سڏڻ گار آهي، شرافت خلاف ڪنهن قاتل، بدمعاش ۽ رهزن کي معصوم سڏڻ گار آهي، معصوميت خلاف شرابي، زاني ۽ بدڪردار کي سنڌي قوم جو سورهيه سڏڻ گار آهي، سنڌي ثقافت جي بي مثال گڻن خلاف، ڪنهن قومي غدار کي محب وطن سڏڻ ۽ ڪنهن سياسي سوديباز وڏيري کي انقلابي سڏڻ گار آهي، وطن دوستيءَ ۽ انقلاب خلاف ڪنهن نياڻيءَ کي ڀيڻ سڏڻ ۽ ڀائرن واري غيرت نه ڌارڻ گار آهي مقدس رشتن خلاف.
گار هيئن ٿيندي آهي:
اسان ”هڪ ذهنيت“ جو تعارف ڪرايو هو، ان کي ياد ڪريو.
صديق ڀرڳڙي لکي ٿو:
ان کان سواءِ هڪ ڏند ڪٿا پڻ تخليق ڪئي وئي آهي ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي پر پليجي جو ڪردار صحيح ڪونهي، پر جي پڇجي ٿو ته ڪردار کي ڇا ٿيو؟ ته موٽ ۾ هٿ جون گھڙيل اهڙيون ٻڌائيندو جو عام سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته جيڪڏهن انهيءَ ۾ گھڻو ڪوڙ شامل آهي پر، تنهن هوندي به، ڪجھه ته سچ هوندو. اسين محبت ٻرڙي کي گذارش ٿا ڪريون ته ساڻس جيڪڏهن ڪا ڏاڍائي ٿي آهي ته کيس سندس ماءُ جي ٿڃ، سندس پيءَ جي هستيءَ يا الله ۽ رسول جو نالو، جنهن به شيءِ کي قسم لائق سمجي ٿو، ان جي صدقي بيان ڪري، باقي ٻڌل ۽ هتان هُتان جو ڪوڙ هڻڻ کيس واجب نه آهي.“
(صديق ڀرڳڙي ته وڪيل ذهن جا لفظ قسم وجھي ورجايا آهن.) رسول بخش پليجو پنهنجي مڪروهه ۽ مڪريل ذهنيت آهر انهن جملن کي ۽ ان سوال کي پنهنجو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار سمجھندو آهي.
ٻيو سڀ ٺيڪ ناهي:
ڪير ٿو چوي ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي؟
محبت ٻرڙي جي مضمون ۾ ڪو هڪ به اهڙو جملو آهي ڇا؟
”ٿُڪ به ميڏِي، پيسان به مين“ چئي ڀنگ جو ڪونڊو ٻوٿ تي چاڙهڻ واري مواليءَ جهڙو ڪم ڪيو ويو آهي.
اهي ۽ ان قسم جا جملا 1978 ۽ 1979 وارن سالن ۾ پارٽيءَ اندر عام هئا. رسول بخش پليجي جي بدڪرداري پارٽيءَ اندر سدائين هڪ فتني باز مسئلو رهندي پئي آئي هئي/آهي. پارٽيءَ جي هر هر ٽٽڻ جو بنيادي ڪارڻ اهو مسئلو ئي پئي رهيو هو (۽ آهي) ۽ ان ڪري اعتراض به اهو ئي اٿندو ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي پر پليجي جو ڪردار صحيح ڪونهي. تنقيد نگارن جي اها سلڇڻائي ۽ فضيلت هئي جو نظريو ٺيڪ هو ته ان لاءِ ڪجھه نه چوندا هئا، فاضل ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن ٺيڪ هئا ته انهن لاءِ ڪجھه نه چوندا هئا ۽ جيڪو بدڪردار هو ان کي ئي بدڪردار چوندا هئا. هاڻي ته گروءَ جي ان نقش قدم تي ڪي ئي چيلا به هلي پيا آهن.
اها ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته بحث سدائين اختلافي نقطن ۽ مسئلن تي ٿيندو آهي. سياست، نظريي، تنظيم، عمل ۽ ڪردار ۾ جيڪي اختلافي نقطا هوندا، انهن کي ئي بحث هيٺ آڻبو آهي ۽ آڻڻ به گھرجي. محبت ٻرڙي ڪنهن به هنڌ ائين نه چيو آهي ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي پر پليجي جو ڪردار صحيح ناهي. هو انهن مان آهي جيڪي سمجھن ٿا ته اڄ نه رڳو رسول بخش پليجو بدڪردار آهي پر هن سنڌ جي هيٺين وچين طبقي مان اسريل قومي طبقاتي، انقلابي ۽ جمهوري سياست، تنظيم سان غداري به ڪئي آهي. هو سنڌي قوم جو هڪ بدترين ڏوهاري آهي، جنهن ويڪائو سياسي وڏيرن وارو غليظ سياسي ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي هڪ بهترين انقلابي ۽ منظم سياست ۽ تنظيم کي تارپيڊو ڪري ان جا تختا ڪڍي ڇڏيا. هو سازشي آهي ۽ سنڌي عوام ۽ ڪارڪنن سان ويساهه گھاتي ڪئي اٿس.
سُنهه جي ساڃهه
سُنهه جي ساڃھه محبت ٻرڙي ۾ آهي، پليجي گروپ ۾ ناهي. شهيد فاضل جي ريٽي رت سان ڪيل وچن کي وفاداريءَ سان نڀائڻ جي هام هڻندڙ ٽولي جي ڪنهن به ڪارڪن ۾ رڳو ايتري جرئت، غيرت ۽ فضيلت به ناهي جو خود شهيد جي ڪردار تي ڪچرو اڇلائيندڙ بابت ٻه لفظ ڪُڇي سگھي! محبت ٻرڙي کي هن ٽولي ۾ اخلاقي جرئت جي اڻهوند جي خبر هئي، ان ڪري ئي هن ايڏو وڏو قسم ڏئي هڪ اهڙو سوال پڇيو هو جنهن جو جواب عام ڪچهرين ۾ هڪ نموني ۽ کليل اسٽيج تي ٻئي نموني ڏنو ويندو آهي.
”چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک“. ساک پت ۽ سوال جواب کان اهو ڊڄندو آهي جنهن جي اندر ۾ ڪو ڪانءُ هجي. محبت ٻرڙو پنهنجيءَ ڄمار جا چوئيتاليهه ورهه گذاري ۽ ڪي ئي ڪتاب، ڪتابڙا، پمفليٽ، مضمون، ايڊيٽوريل، ڪهاڻيون وغيره لکي چڪو آهي. محبت سان واسطيدار ڪو به نظرياتي، سياسي، اخلاقي، وغيره، جو به سوال پڇڻو هجي بيشڪ پڇو، ان لاءِ قسم ڏيڻ جي ڪا به گھرج ناهي.
ڪاش! ڪجھه شرم انهن وٽ به هجي جيڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجيءَ سياست بابت سوال جو جواب ڏيڻ جي فضيلت نه ٿا رکن.
متان واڳون ٿي ورنئي!
ڏاڍو وڏو سنهه ڏئي، هڪ گذارش نما سوال کي ڪميڻي ذهنيت جي زهر ۾ ٻڏل نيزو بنائي، محبت جي وجود ۾ کوڙيو ويو آهي. اهو سوال ’پليجو گروپ‘ ۾ پلجندڙ مڪروهه ۽ پليت ذهنيت جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. اڄ اهو سوال محبت ٻرڙي کان پڇيو ويو آهي، سڀاڻي ٿي سگھي ٿو سنڌياڻي تحريڪ سميت هر تنظيم جي هر ڀيڻ ۽ ڀاءُ کان پڇيو وڃي، پليجي گروپ جي انهيءَ هر ڪارڪن ۽ همدرد کان پڇي سگھجي ٿو جيڪو پنهنجي ڪنهن به سماجي ذاتي ۽ مائٽاڻي ناتي کي هن سياسي طرح ”غيرتمند“ ٽولي ۾ وٺي آيو آهي، هر ان فرد کان پڇي سگھجي ٿو جيڪو ڪنهن به طرح ڪي گھڙيون رسول بخش پليجي جو ميزبان بنيو آهي يا سندس ذاتي دوستيءَ ۾ڳڻيو وڃي ٿو ۽ وقت جو وهڪرو ممڪن آهي ته خود صديق ڀرڳڙيءَ جهڙي غيرتمند ڀاءُ کي انهيءَ سوال جي سامهون آڻي بيهاري.
رسول بخش پليجو ۽ ان جا ساٺـڙيا گاٺـڙيا اسان جي سماج جون عورتون هجن ها يا سوال جي تصوراتي دائري ۾ پنهنجي گھر جي ڀاتين کي به شريڪ سمجھن ها ته اهڙو سوال پڇڻ جي جرئت خواب ۾ به نه ڪن ها. اسان وٽ مرد جي برتريءَ وارو جاهل وڏيرڪو سماج ڇانيل آهي، اتي اهڙا سوال اٿاريندي ۽ بحث هيٺ آڻيندي ڪي ڪميڻا، نيچ ۽ بيغيرت مرد شرمندگي محسوس ڪرڻ بدران ڏند ڪڍي بي حيائيءَ سان کلندا آهن. محبت ٻرڙي جا ٻه مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ (”عبرت مئگزين“، 1 جنوري 1992ع) ۽ ”پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو“ (”برسات“، 17 مارچ 1994ع) اهڙي ئي ڪنهن غليظ ۽ غير انساني رجحان کي نندين ٿا.
ليئاڪا پائيندڙ جهالت
اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي جهالت جو شاهڪار آهي. ڪيڏو ته ان کي مهذب ويس ڍڪايو ويو آهي! پر جهالت ٻنڀڪا ڏيو پئي جهاتيون پائي. محبت ٻرڙي (۽ محبت جهڙن لکين، ڪروڙين ماڻهن) ايٽم نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ايٽم بم جو شڪار ٿيو آهي تنهنڪري ايٽم ۽ ايٽم بم بابت هو ڪا به تحقيق ٻڌائي ته چئبو ڪوڙ هوندو!؟
محبت ٻرڙي ۽ سندس ستن ئي بزرگ پيڙهين مان ڪنهن هڪ به ڀاتيءَ چنگيزي لشڪر جي چڙهائي ۽ ان پاران ڪيل ڪوس نه ڏٺو ۽ نه ئي ارغونن، ترخانن ۽ پٺاڻن جي گھوڙن جي لتڙ ۽ باهين جو شڪار ٿيا، تنهنڪري چنگيزين، ارغونن، ترخانن ۽ پٺاڻن جي ظلم ۽ تشدد بابت محبت ٻرڙو جيڪڏهن تاريخ جو اڀياس ٻڌائي ته چئبو ڪوڙ هوندو!؟
ايڊولف هٽلر سنڌ ته ڇا اسان جي سڄي اپکنڊ تي ڪو ڀتر به نه اڇلايو، پر جي محبت ٻرڙو چوي ته هو ڊڪٽيٽر، نازي، جنگباز، انسانيت جو قاتل، ڪُوڙو ۽ ڪمينو هو ته چئبو ڪوڙ ٿو ڳالهائي!؟
الطاف حسين ۽ ان جي ڪنهن به دهشتگرد محبت ٻرڙي ۽ ان جي ڪنهن به ويجھي يا پَراهين مائٽ کي ڪا سڌي تڪليف نه پهچائي آهي، پر جي محبت ٻرڙو چوي ته الطاف حسين ۽ سندس ٽولو دهشتگرد، وحشي، قاتل، ڦورو، بدمعاش، بدڪردار آهي ته چئبو ڪوڙ ٿو ڳالهائي!؟
لعنت هجي جهالت جي ٿوڻين تي!
صديق ڀرڳڙيءَ جي سوال ۾ ڪا به عقلمندي موجود ناهي. پوءِ چئبو ته ڪائنات ۽ ڌرتيءَ بابت، انساني سماج جي ماضيءَ بابت ۽ اڄ اسان کان ڪجھه پراهين سماج بابت ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪو به لفظ نه ڳالهائڻ گھرجي. عقل واقعي به ڪنهن مينهن يا گابي جو نالو ناهي.
تحقيق ۽ اڀياس ڪندڙ هڪ شاگرد
محبت ٻرڙو انهن ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي ڪنهن به ڳالهه تي تيستائين ڀروسو ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن جيستائين گھربل موضوع کي چڱيءَ طرح ڇنڊڇاڻ هيٺ آڻي تپاسيو ۽ پرکيو نه ويو آهي. محبت ٻرڙي پنهنجيءَ هڪ بهترين ۽ انقلابي تنظيم جي تباهه ٿي وڃڻ تي ان جي حقيقي سببن ۽ سڌيءَ طرح واسطيدار ڪارڻن تي تحقيق ڪئي ۽ گھڻو ڪجھه ڄاتو. هن اهو به ڄاتو، ڇو هڪ ڀاءُ ٻئي سڳي ڀاءُ تي پستول تاڻي سندس گھر مان نڪري وڃڻ، نه ته مارجي وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو، ڪيئن پٽ پنهنجي انهيءَ ئي پيءُ کي بليڪ ميل ڪري ٿو جنهن کيس جيل اندر ويهي به ”وڳ ڪيئن وسرياءِ“ جهڙو خط لکيو ۽ ڪيئن انهيءَ ئي تحرير جو خالق پاڻ ساڳيءَ ئي ڌٻڻ ۾ گچي پوي ٿو جنهن مان پُٽ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. اسان جي ڪجھه دوستن ”وڳ ڪيئن وسرياءِ“ مان ڪي ٽڪرا چونڊي رسول بخش پليجي ڏي لکي موڪليا جيڪي ڪالهوڪي اياز لطيف پليجي ۽ اڄوڪي رسول بخش پليجي سان ٺهڪي اچن ٿا. هتي رڳو ٻه ٽڪرا ڏجن ٿا:
1.  ”جڏهن ڪو مال ڪنهن گاهه يا ٻي قوت گھڻي کائڻ کان پوءِ ان مان بيزار ٿي پوندو آهي ته ڀاڳيا چوندا آهن ته ڪچرجي پيو آهي. تون به حد کان وڌيڪ اهميت، شهرت ۽ مقبوليت مان ڪچرجي پيو آهين. تنهنجي سوچ اها ٿي ڏسجي ته اهي شيون ڪنهن به سبب جي ڪري گھٽجي گھٽجي جتي وڃي بيهنديون اتي به اهي تنهنجي باقي زندگيءَ کي باوقار رکڻ لاءِ ڪافي رهنديون.“
2.  ”مڙس ۽ نامڙس، رجعت پرست ۽ ترقي پسند وغيره ماڻهن جي وچ ۾ فرق جي بنيادي ڪارڻن مان هڪڙو بنيادي ڪارڻ رهڻي ڪهڻي جو فرق ۽ تضاد به آهي. ڪو ماڻهو عوام سان پيار ۽ سندس خدمت ڪرڻ جون ڪيڏيون به ڳالهيون پڙهي، ٻڌي ۽ ڪري، پر جي سندس رهڻي ڪهڻي سراسر عوام جي ابتڙ هوندي، خواهش ۽ نيت کڻي ڪهڙي به سٺي هوندي، ته به عام طرح هو عوام دوستيءَ ۽ عوام جي خدمت جي ڳالهين تي مضبوطيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان ۽ توڙ تائين هرگز قائم رهي نه سگھندو.“
هڪ دوست ته ”اياز لطيف“ بدران ”رسول بخش“ ۽ ”ٻار“ ۽ ”جوان“ بدران ”پوڙهو“ ۽ اهڙا ڪي ٻيا لفظ درست ڪري اهو ڪتاب رسول بخش پليجي ڏي موڪلي ڇڏيو ۽ ڪتاب جو عنوان ڦيرائي لکيو ”آئينو.“
رسول بخش جي جانشين پٽ وري ڇا ڪيو جو پنهنجي ڪتاب ”سارون، سپنا، آزادي“ ۾ پنهنجي پيءُ جي ترڪتالي سياست اگھاڙي ڪرڻ جو اعلان ڪندي اشتهار ڏنو: اياز لطيف پليجي جو ايندڙ ڪتاب ”نيٺ پردا کڄن ٿا“.
”پردا نه کڄن، ان لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟“
”نسيم ڊيلڪس قاسم آباد ۾ بنگلو، آمريڪا ۽ يورپ جو سير ۽ ڪمائيءَ واري نوڪري.“ اياز لطيف پليجي وراڻيو.
ٽئي مطالبا پورا ٿيا پر ٽئين مطالبي کي پورو ڪرڻ لاءِ ”انقلابي اڳواڻ“ کي بغل ۾ فائيل کڻي بيروزگارن جي ان قطار ۾ بيهڻو پيو جنهن جو هڪ ڇيڙو بينظير صاحب جي ڪرسيءَ وٽ هو.
”اسان جو اڳواڻ هڪ خسيس نوڪريءَ لاءِ ائين قطار ٺاهي بيهي، اها ڳالهه نه وڻي.“
”تمام زبردست ڪم ٿيو آهي، توهان کي ڪهڙي خبر ته انقلاب لاءِ ڪيڏي زبردست ڳالهه ٻول ٿي!“ رسول بخش پليجي وراڻيو.
سنڌ سان وچن
محبت ٻرڙي پنهنجي پارٽي/سنگت جي اندرين ڪهاڻيءَ بابت سموري مواد کي سهيڙي، گڏ ڪري، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آندو پر ڪيترن ئي ڄاتل سببن جي ڪري اهو نه ڇپايو. ان هوندي به شهيد جي پٽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۽ شهيد جي طوطا چشم ۽ بي شناس دوستن جي ڪچهرين ۾ ۽ کلي عام ان جو حوالو ڪم آڻيندي سندس نظريي، تنظيم ۽ عمل سان غداري ڪندي به پنهنجي هٿ تي هن جو نالو سينگاري رکيو، تڏهن محبت ٻرڙي ”فاضل جيڪڏهن سنڌ اسيملبي ۾ هجي ها“ (”عوامي آواز“ ۽ ”جاڳو“، 17 جنوري 1991ع) ۽ ”سنڌ جو سورهيه شهيد فاضل راهو“ (”عوامي آواز“ ۽ ”جاڳو“ 17 جنوري 1992ع) جي عنوان سان ٻه مضمون لکيا ۽ شهيد جي نالي ۾ ٿيندڙ بدمعاشيءَ کي پنهنجي وس آهر اگھاڙو ڪيو ۽ وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڄ به هن جڏهن محسوس ڪيو ته شهيد جي نظريي ۽ شخصيت کي هڪ ڀيرو وري اشتهار ڪيو ويو آهي تڏهن ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو“ لکڻ پنهنجو فرض سمجهيو، جنهن تي پليجي گروپ جي هڪ دانشور، ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ نهايت ئي ننڍڙي ابوجهل کان به بدتر شخص جي پوئلڳ ڏاڍي ڌپ ڪئي آهي.
محبت ٻرڙي پنهنجن شعوري سفر جي ابتدا ”ڪتو“ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي جيڪا 1974ع جي هڪ ”سوجھرو“ ۾ ”ساجد اجيد ڪماريو“ جي قلمي نالي سان ڇپي ۽ سنڌ جي نام نهاد ”لساني جهيڙن“ جي پس منظر ۾ اڀريل هئي. تڏهن کان ئي هن پنهنجو پاڻ سان، پنهنجيءَ سنڌ سان، سنڌيءَ ٻولي سان ۽ پنهنجي عوام سان دل ئي دل ۾ وچن ڪيو هو ته هر انهيءَ عمل ۾ وس آهر شريڪ ٿيندو جنهن ۾ سنڌ وطن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي عوام کي ڪنهن به طرح ڪو فائدو پهچندو هجي ۽ هر انهيءَ عمل جي پنهنجي وس آهر مخالفت ڪندو جنهن وسيلي انهن کي ڪو به نقصان رسندو هجي. پنهنجي شعور آهر اڄ ڏينهن تائين هن پنهنجو وچن پئي نباهيو آهي ۽ اڃا به سنڌ دشمن ڪتن خلاف جنگ جوٽيو اچي.
ڏاڍائي
جنهن عوامي تحريڪ (پارٽي/سنگت) جي ساراهه جا اڄ گيت پيا ڳائجن اها شهيد فاضل جي پارٽي هئي، محبت ٻرڙي جي پارٽي هئي، سوين مخلص ۽ سرفروش ڪارڪنن جي پارٽي هئي، سنڌ جي هزارين وطن دوست ماڻهن جي پارٽي هئي، سنڌي عوام جي پارٽي هئي جن جي اندر جو آواز ”اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي، ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي“ گيت بنجي اڀرندو ۽ سنڌ توڙي پاڪستان جي وسعتن ۾ پکڙجي ويندو هو. اها اڪيلي رسول بخش پليجي جي پارٽي نه هئي جيئن اڄ ڪي ڪم ظرف ڪليمنٽ ۽ چرچريا چاپلوس چون ٿا. رسول بخش پليجو ته ذميوار اعلى اختياري ادارن آڏو سدائين پنهنجيءَ بدڪرداريءَ جي حوالي سان سخت تنقيد هيٺ رهندو ۽ لکت ۾ معافي وٺي، واعدو ڪري، موقعو ملڻ تي وري ڦري ويندو هو. هن سرفروش ۽ سورهيه پارٽيءَ لاءِ رسول بخش پليجي جي ڇڙواڳي سدائين مٿي جو سور ۽ ڪارو داغ رهي ۽ ان ۾ گھٽتائي/ٺاپر رڳو تڏهن آئي جڏهن هو سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ بند هو ۽ اهو ئي زمانو آهي جڏهن عوامي تحريڪ وڏا سياسي ڇال ڏئي سنڌ جي هڪ مضبوط ۽ منظم پارٽي ٿي پئي.
جنهن پارٽيءَ کي فاضل جهڙي ڪٽ مست ڪونڌر، جُنگ جوان ۽ ڪڙيل ڪوپي پنهنجو مال متاع، پنهنجو اولاد، پنهنجو گھر ۽ نيٺ پنهنجو سر ڏئي اعليٰ آدرشي منزلن تي پهچايو، جنهن کي محبت کان وڌيڪ مخلص، پورهيت ۽ پاڻ ارپيندڙ ڪارڪنن پنهنجو سڀ ڪجھه ڏئي سنڌي عوام جو ڀروسو بنايو، جنهن پارٽيءَ کي سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل سوين سورهيه جوڌن پنهنجي جواني ڏئي جوڀن تي آندو ۽ پنهنجو پورهيو، پگھر ۽ رت ڏئي ان جي آبياري ڪئي. اڄ شهيد ڪئي وئي آهي ۽ ”اڳوڻي عوامي تحريڪ“ سڏجي ٿي.
اڄ سازشون، غداريون، ڪمينائيون، سودا ۽ ويساهه گھاتيون ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام کي سنڌ جي هڪ بي مثال منظم ۽ سرفروش پارٽيءَ کان محروم ڪيو ۽ سنڌ ۾ سياسي مايوسيءَ جو سيلاب آندو ويو آهي. هزارين مخلص ڪارڪنن جي پل پل جي عوام دوست ۽ انقلابي پورهئي کي تين وال ڪري سنڌ کي واڳن حوالي ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي وئي. ڪالهه آمريت جي پيداوار رجعت پرست سرمائيدار جي حوالي ۽ دهشتگردن جي واکاڻ پئي ٿي ۽ چيو ويو ته ”نواز، اجمل ۽ الطاف جو مقصد رڳو پ پ سرڪار هٽائڻ آهي ته اسين ساڻن گڏ آهيون.“ (”سنڌ“، 14 اپريل 1996ع) ۽ مٿان وري اهو به چيو پيو وڃي ته ”ٽن جو اهو ٽولو آمر ضياءَ جو ايجنٽ آهي جنهن جو مقصد پ پ کي اقتدار تان هٽائڻ نه، پر سنڌين کي غلام بنائڻ آهي“ ـــــ يا بي حيائي تيرا آسرا؟
وقت ۽ تاريخ طيءِ ڪري چڪا آهن ته غداري، سازش، ويساهه گھاتي، سوديبازي، بدديانتي، بدڪرداري ۽ وڏيرن، سرمائيدارن، دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن وٽ هٿيار پهچائيندڙ سوداگرن جي چاپلوسي، لچائي، مڪاري ۽ سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ٺڳي رسول بخش پليجو ۽ سندس ساٺريا ڳاٺڙيا ساٿاري ڪري رهيا آهن ۽ محبت ٻرڙي جهڙا ماڻهو انهيءَ سموريءَ بدمعاشيءَ کي کلي عام نندين ويٺا.
سزا ڪير ڏيندو؟
محبت ٻرڙي پنهنجي تحقيق دوران بدڪرداريءَ جي شاهد ماڻهن کان جيڪي لڱ ڪانڊاريندڙ تفصيل ۽ ثابتيون هٿ ڪيون هيون، ان جو دائرو رڳو جنگشاهيءَ، ٺٽي ۽ بدين تائين محدود ناهي ۽ ان جي شروعات گذريل ڪجھه ورهين کان نه، 1960ع کان ٿي چڪي هئي. محبت ٻرڙو اتان کان ابتدا ڪرڻ چاهي ٿو.
(روزاني ”سنڌ“ حيدرآباد، 14، 15، 17، 18 ۽ 19 جُون 1996ع تي قسطن ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment