1/01/2013

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو پهريون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو پهريون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ سجاڳ‘، ماهوار، ڪراچي جي آگسٽ 1995ع واري پرچي ۾ علمي دنيا جي هڪ وڏي نالي گنگارام سمراٽ جن جو هڪ مضمون سنڌي ٻولي، 22 کان 26 صفحي تائين ۽ 66 صفحي تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) صاحب جن جي اپريل 1964ع ۾ لکيل هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. سمراٽ صاحب جن جو اهو مضمون، لڳ ڀڳ 25 ورهه اڳ لکيل، جيئن ته اڻلڀ ٿي چڪو هو تنهنڪري ”پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ لسانيات بابت اٿاريل ”نقطن“ تي بحث ڪرڻ لاءِ هيءُ مضمون“ ڇپيو ويو آهي.
گنگارام سمراٽ صاحب جن جو نالو سنڌ هند ۾ سنڌي علمي دنيا جي حوالي سان پنهنجي هڪ مخصوص عزت ۽ ساک رکي ٿو. ليکڪ سندن هڪ عالماڻي ڪاوش آريه ورت کان واقف آهي، پاڻ پنهنجون ڪيتريون ئي تحقيقون سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سماج جي حوالي ڪري چڪا آهن.
سراج الحق ميمڻ صاحب جن جو نالو پڻ سنڌ هند ۾ هڪ مخصوص عزت ۽ ساک رکي ٿو. ليکڪ جي ڄاڻ موجب 1955ع کان شاعريءَ، افسانه نگاريءَ، ترجمن، مختلف موضوعن تي تحقيقي مضمونن، ايڊيٽوريلن ۽ سياسي ڪالمن ۽ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت هڪ مخصوص نڪتهءِ نظر جي حوالي سان علمي، ادبي ۽ لسانياتي دنيا ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
1959-1961ع دؤران ٻوليءَ جي بڻ بابت لکيل ڪجهه مضمونن، 1964ع ۾ ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب ۽ پوءِ آيل ڪجهه مضمونن، تقريرن ۽ انٽرويوئن، جن ۾ لسانياتي حوالي سان اهو مخصوص نڪتهءِ نظر ورجايو وڃي ٿو، پاڻ مختلف عالمن ۽ علمي حلقن پاران سخت تنقيد جو شڪار رهيا آهن. سمراٽ صاحب جن جو ذڪر هيٺ مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هو.
ليکڪ (محبت ٻرڙو) 1972ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جو به هڪ ’غير اسڪولي‘ شاگرد ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجن وسيلن آهر جيڪو به مواد کيس ميسر ٿي سگهيو آهي، ان کي هڪ چاهيندڙ پاٺڪ جي حيثيت ۾ پنهنجيءَ سمجهه موجب پڙهندو، پرجهندو ۽ هنئين سان هنڊائيندو رهيو آهي. ليکڪ ڪنهن کان به، جيڪڏهن، ڪو هڪ به ٻول يا نُڪتو سکيو آهي، ان کي پنهنجي عزت لائق استاد جي جاءِ تي ڏسي ٿو ۽ بلڪل واجبي ۽ روايتي حد ادب ۾ رهڻ گهري ٿو.
بحث ۽ ڇنڊڇاڻ هيٺ موضوع جو واسطو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ سان آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت ڪي نظريا:
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت لسانيات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻن وٽ مختلف قسمن جا نظريا/رايا موجود آهن. ايم ايڇ پنهور صاحب جن انهن کي هڪ چارٽ جي صورت ۾ آڻي پنهنجي مضمون سنڌ جون ٻوليون (انگريزي) ۾ انهن تي بحث ڪيو ۽ پڻ پنهنجو نڪتهءِ نظر/نظريو ڏنو آهي. ]نوٽ: اهو مضمون ”ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيو ويو. ان جي مليل فوٽو اسٽيٽ ڪاپيءَ تان ليکڪ ترجمو ڪيو ۽ ’ڪينجهر‘، ماهوار، حيدرآباد جي اپريل 1995ع واري پرچي ۾ ان جي پهرين قسط شايع ٿي[i].[ انهن چارٽن کي لکت ۾ هيٺ پيش ڪجي ٿو:
1-      ارنيسٽ ٽرمپ جو نظريو:
* سنسڪرت ـــــــ پراڪرت ـــــــ پالي ـــــــ سوشيني ـــــــ اپڀرنَش ـــــــ وراچڊ ـــــــ سنڌي (11-هين صديءَ ۾).
2-     اي. جي. گريئرسن جو نظريو:
* سنسڪرت سميت پهريت (Primary، اولين، ابتدائي، قديم) پراڪرتون ــــــــ سنسڪرت ۽ پهريت پراڪرتون ـــــــــ ٻئيت (Secondary، ثانوي) پراڪرتون ۽ سنسڪرت-2.
3-     ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو نظريو:
* سنسڪرت ـــــــ پراڪرتون ـــــــ اپڀرنش ـــــــ وراچڊ ـــــــ اپڀرنش ـــــــ سنڌي (11-صديءَ ۾).
4-     جيرامداس دولترام جو نظريو:
* سنڌي پراڪرت ـــــــ سنڌي اپڀرنش ـــــــ سنڌي (11-صديءَ ۾).
5-     ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظريو:
* پروٽو-سيمائيٽ (Proto-Semite) ــــــــ اويستي+يوناني+ترڪي داردي ـــــــ پالي ۽ پراڪرت+ترڪي داردي+پهلوي ـــــــ مقامي ٻوليون+عربي+فارسي ـــــــ سنڌي (11-صديءَ ۾).
6-     سراج الحق ميمڻ جو نظريو:
* سنڌو ماٿر سڀيتا جي ٻولي، جيڪا دنيا جي وڏي حصي ۾ اِنڊو-يورپي ٻولين، ميسوپوٽاميا سڀيتائي ٻولين ۽ انڊو-پرشين ٻولين ۽ انڊو-آرين ٻولين جي صورت ۾ پکڙجي وئي.
7-     ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو (ڪالڊويل جي نڪتئه نظر تي بيهاريل):
* توراني ــــــ موهن جي دڙي واري ٻولي ـــــــ سئنڊو ـــــــ پراڻي سنڌي ـــــــ وچولي زماني واري سنڌي ـــــــ جديد سنڌي.
8-     ايم ايڇ پنهور جو نظريو:
* پروٽو-انڊو يورپين (اوڀرائين شاخ) ـــــــ پروٽو-انڊو ايراني ـــــــ پروٽو-انڊين+دراوڙي ـــــــ پروٽو-سنڌي+رگويدي سنسڪرت+پوئين (Late) سنسڪرت+آرامي ۽ پهلوي+پالي ۽ يوناني+پهلوي ـــــــ اوائلي (Early) سنڌي+عربي ۽ سنسڪرت ـــــــــ وچين زماني واري سنڌي پارسي ـــــــ (وچ 19 هين صديءَ واري) سنڌي+انگريزي ۽ فارسي ـــــــ جديد سنڌي.
ڪهڙي ٻولي ’سَم‘ ڪئي وئي؟
ليکڪ جو مرڪزي موضوع ڪنهن به طرح سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت بحث ڪرڻ ناهي. سمراٽ صاحب جن سنسڪرت کي ’قديم ٻولين جي ماءُ‘ ۽ سنڌيءَ کي ان جي ’ڌيءُ‘ سڏيو آهي ۽ سندن مقصود سراج صاحب جن جي انهيءَ نڪتهءِ نظر کي رد ڪرڻ آهي جنهن ۾ اڳ-آڳاهين سنڌو سڀيتا جي ٻوليءَ کي دنيا جي گهڻين ئي ٻولين جو بڻ قرار ڏنو ويو آهي. سراج صاحب جن جي نڪتهءِ نظر ۾ جيڪو ڪجهه غلط سڏي سگهڻ جوڳو آهي، اصولي ۽ علمي طرح ٿيڻ ايئن گهربو هو ته سمراٽ صاحب جن ان کي واضح ڪندي دليلن ۽ ثبوتن سان رد ڏين ها ۽ پنهنجي ليکي اها راءِ، ته سنسڪرت دنيا جي قديم ٻولين جي ماءُ ٿئي، قبول ڪندي ٻين جي مٿان مڙهڻ بدران شاهدين وسيلي ثابت ڪن ها، پر پاڻ اهي ٻئي بنيادي ۽ اصولي ڪم نه ڪيا اٿئون. ان ڪري سراج صاحب جن جي ڏنل دليلن (جهڙا به آهن) جي ڀيٽ ۾ سندن بحث علمي هجڻ ۽ بنجڻ بدران اهو ٿي پوي ٿو جنهن کي عام طرح فتوى بازي چيو ويندو آهي ۽ ان فتوى ۾ ڪي شخصي حملا به شامل آهن، جيڪي بهرحال، ڪنهن به عالم جي لکت ۾ نه رڳو سونهن نه ٿا، پر ان جي ڪمزوريءَ جو بدنما داغ به ٿي پون ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت مٿي ڏنل نظرين تي هڪ نظر وجهڻ سان ئي پڌرو ٿي پوي ٿو ته، گهٽ ۾ گهٽ، اٺ اختلافي نظريا موجود آهن، جن مان ٽي سنسڪرت کي، ٻه سنڌي ٻوليءَ کي، هڪ تورانيءَ کي، هڪ سامي ٻولين کي ۽ هڪ انڊو-يورپي ٻولين کي اوليت ڏئي ٿو. اتي بنا ڪنهن مضبوط دليل جي سمراٽ صاحب جن جي فتوى کي مڃڻ ممڪن نه آهي (بيشڪ سراج جن سان به اختلاف هجي).
ليکڪ جنهن موضوع کي هتي بيان ڪرڻ گهري ٿو، ان جو مرڪزي نُڪتو سراج صاحب جن کي درست سمجهڻ يا سمراٽ صاحب جن کي غلط سمجهڻ ناهي، پر اهو آهي ته سمراٽ صاحب جن جو انداز سخن ۽ استدلال سندن پنهنجي ئي قد جيڏو عالمانه، اوچو ۽ مدلل ناهي ۽ پاڻ تنقيد جي معياري پيماني تي پورا نه لٿا آهن. اهو سمجهڻ لاءِ، ليکڪ ضروري ٿو سمجهي ته انهيءَ پس منظر کي چٽو ڪيو وڃي، جنهن جي تَر تي مٿي ڄاڻايل مضمون ۽ موضوع تنقيد جو بنياد بيٺل آهي.
سمراٽ صاحب جن (’دليل‘ ڏيندي) چون ٿا:
·     ”هاڻي اچو انهيءَ مول ڳالهه تي. مٿي لکيو ويو آهي ته، ليکڪ }سراج{ سنڌيءَ کي ان ڪري ايڏي اهميت ڏني آهي جيئن پاڻ اهو ثابت ڪري سگهي ته خود قديم ٻولين جي ماءُ سنسڪرت کي، پنهنجي ڌيءُ سنڌيءَ جي ڌيءُ ثابت ڪري ڏيکاري. عجيب منطق چئبو! ماءُ پيءُ جا مهانڊا ٻار تي ضرور پوندا آهن، ڇو ته ٻار مائٽن جو عڪس آهي. پوءِ ٻار جا مهانڊا ڏسي ايئن چئبو ڇا ته سندس ماءُ پيءُ کانئس پوءِ پيدا ٿيا؟... ڀلا، ڪئميرا واري عڪس کي ڏسي ايئن چئبو ڇا ته خدا ان ڪئميرا واري عڪس کي ڏسي ڪري ئي ان انسان جي شڪل جوڙي؟“ (سمراٽ ]1995[ 22، ڪالم-3)
منطقي طرح، ٿي سگهي ٿو ته، اهي ’دليل‘ ڏاڍا سٺا، معقول ۽ وزنائتا محسوس ٿين، پر انهن جو جواب جيڪو سمراٽ صاحب جن ماڻڻ گهرن ٿا، تڏهن ملي سگهندو جڏهن انهن جيان اڳواٽ ۽ پاڻ-هرتو اهو مڃيو ويو هجي ته:
1-       سنسڪرت دنيا جي قديم ٻولين جي ماءُ آهي،
2-      سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءُ آهي،
3-      سنسڪرت تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به اثر موجود ناهي، ۽
4-      سنسڪرت جي حاڪميت مهل قديم سنڌي ٻوليءَ جو ڪنهن به روپ ۾ ڪو به وجود نه هو.
۽ اهي ڳالهيون مڃڻ ۽ مڃائڻ لاءِ جن شاهدين، دليلن، ثبوتن ۽ حقيقتن جي گهرج رهي ٿي، اهي سمراٽ صاحب جن جي لکت ۾ ڪٿي به موجود ناهن.
هڪ عالم يا ڪو به علمي حلقو جيڪڏهن ڪن به دليلن جي بنياد تي اهو سمجهي ٿو ته خود سنسڪرت ۽ سنسڪرت آڻيندڙ/ٺاهيندڙ/ڳالهائيندڙ ماڻهن کان به اڳ سنڌو ماٿر سڀيتا جي بنهه پنهنجي ٻولي موجود هئي، سنسڪرت پاڻ پنهنجيءَ اوسر ۽ جڙاوت ۾ ان ٻوليءَ کان/جو اثر ورتو آهي ۽ ان ڪري سنسڪرت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪي ئي گڻ موجود آهن، جنهنڪري اها سڌيءَ طرح نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سنڌيءَ جي ڄائي آهي وغيره، ان لاءِ سمراٽ صاحب جن جي ڏنل ’منطقي دليلن‘ جي حيثيت ئي ڪهڙي؟ پوءِ ته جيڪو ماڻهو/عالم سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت کان آڳاٽي، جهوني، وڏڙي ۽ سماجي طرح ڇانيل ٻولي سمجهي ٿو، اهو پڻ ساڳي ئي ڳالهه، ساڳي ئي شد مد سان هن طرح به پڇي سگهي ٿو:
”هاڻي اچو انهيءَ مول ڳالهه تي. مٿي لکيو ويو آهي ته ليکڪ (سمراٽ) سنسڪرت ٻوليءَ کي ان ڪري ايڏي اهميت ڏني آهي، جيئن پاڻ اهو ثابت ڪري سگهي ته خود قديم ٻولين جي ماءُ سنڌي ٻوليءَ کي، پنهنجي ڌيءُ سنسڪرت ٻوليءَ جي به ڌيءُ ثابت ڪري ڏيکاري.
”عجيب منطق چئبو! ماءُ پيءُ جا مهانڊا ٻار تي ضرور پوندا آهن، ڇو ته...“
سمراٽ صاحب جن اهڙيءَ صورتحال ۾ ڇا اهو سوال نه پڇندا ته ”ڀاؤ! توهان جو سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي ماءُ سمجهو ٿا، سو وري ڪيئن؟“
انهيءَ سوال جو جواب ته هر حالت ۾ ڏيڻو پوندو.
سراج صاحب جن جي راءِ موجب:
·     ”... پر ان مضمون ۾ به مون اهو چيو هو ته باوجود ان ڳالهه جي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو مائٽاڻو ناتو ثابت ٿئي ٿو، سنڌيءَ جي تاريخ سنسڪرت کان به ڪهني آهي ۽ هڪ طرح سان سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اسريا آهن...
... سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آهي، پر ايئن نه، جيئن اسان وٽ زبان زد آهي: دراصل ڳالهه ته مورڳو ابتي آهي ـــــــــ سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي ـــــــــ سڌيءَ طرح نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سهي.“ (سراج ]1964[ پيش لفظ)
”... تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ هڙپا کان موهن جي دڙي تائين يعني هاڻوڪي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه حصي تائين هڪ قوم آباد هئي، جا هر لحاظ کان هڪ سڌريل قوم هئي، جنهن وٽ هڪ سٺو تمدن هو، سڌريل زبان هئي ۽ جنهن جا ماڻهو رهڻي ڪرڻيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ٻين ملڪن کان وڌيڪ سکيا ستابا ۽ منظم هئا. سندن تهذيب جو نظارو هڙپا، موهن جي دڙي ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جي منظرن مان ظاهر آهي... ان قوم وٽ پنهنجي زبان هئي، جا ڪم از ڪم، ڪن مستثنات کان سواءِ، سنڌ جي هاڻوڪيءَ ايراضيءَ اندر رائج آهي.“ (ايضاً. ص-22)
”جيڪڏهن لفظن تي ٿو غور ڪجي ته سنڌيءَ جا اصلوڪا لفظ ويدڪ سنسڪرت سان ئي ويجهي ۾ ويجهو لاڳاپو رکن ٿا. هاڻ، ان حقيقت مان ٻه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته سنڌي }ٻولي{ سنسڪرت مان ٺهي يا سنسڪرت }ٻولي{ سنڌيءَ مان. پهرئين نتيجي ۽ نظريي لاءِ آرين نسل جو ٻاهران اچڻ ۽ سموري هندستان ۾ ڦهلجڻ کي ثبوت طور پيش ڪيو ويندو آهي ــــــــ ۽ ايئن چيو وڃي ٿو ته آريا اها زبان ٻاهران کڻي آيا... پروفيسر لئنگڊن، ڊاڪٽر هنٽر، هرانزي ۽ ٻيا ماهر اهو ثابت ٿا ڪن ته ويدڪ لکيتن جو اولين رڪارڊ جنهن جو رسم الخط ’برهمي‘ ۽ ’ديوناگري‘ آهي، سا ’برهمي‘ ۽ ’ديوناگري‘ موهن جي دڙي جي مورتي-ٻوليءَ (Pictograph) مان ٺهي آهي. هاڻي جڏهن ٻوليءَ جي لکيل صورت کي ان وقت جي ويدڪ ماڻهن موهن جي دڙي جي لکيل صورت مان ٺاهيو، ته اڻپُڇو چئي سگهجي ٿو ته نه رڳو رسم الخط ويدڪ ماڻهن کي سنڌو تهذيب مان مليو، پر خود سندن ٻوليءَ جو بنياد به اتي ئي پيو.“ (ايضاً. ص 28-27)
جيڪڏهن، ڪو سراج صاحب جن سان سهمت هجي ته اهو يقيناً سمراٽ صاحب جن کان مٿي ڄاڻايل ’منطقي دليلن‘ بابت سوال جواب ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي، سراج صاحب جن جي سڀني يا ڪجهه راين سان بيشڪ اختلاف ڪري سگهجي ٿو، ان هوندي به هر اهو عالم جيڪو سمجهي ٿو ته سنسڪرت دنيا جي گهڻين يا مکيه يا قديم ٻولين جي ماءُ ٿئي، ان کي به گهٽ ۾ گهٽ ان هڪ سوال جو جواب پڪيءَ طرح مهيا ڪرڻو پوندو ته نيٺ اها ڪهڙي ٻولي هئي جنهن کي ’سم ڪيو‘ ويو؟
·     ”سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي، ’ڪر‘ (Kri) معنى ’ڪرڻ‘، جنهن جو اسم مفعول ’ڪرت‘ معنى ’ڪيو‘ يا ’ڪيل‘. ’سم‘ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنى آهي ’چڱو‘ تنهنڪري سمڪرت (سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا سڌاريل ٻولي (Polished or refined language). سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته ’ڪر‘ ڌاتو جي اڳيان جيڪڏهن ’سم‘ اچي ته ’س‘ جو اچار بالائي گڏڻ گهرجي. ان سبب ’سمڪرت‘ بدران ’سمسڪرت‘ (سنسڪرت) ۽ ’سمڪار‘ بدران سمسڪار (سنسڪار) چئبو آهي.“ (ڀيرومل ]1972[ 24)
اها ئي وصف ڪجهه بدليل لفظن ۾ ’قديم سنڌ‘ (ڀيرومل ]1992[) جي صفحي 33 تي پڻ آندل آهي.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جن پڻ سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهن. سندن ٽي ڪتاب ’قديم سنڌ‘، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۽ ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘، جيڪي هن وقت ليکڪ جي نظرن سامهون آهن پنهنجو موضوع پاڻ ٻڌائن ٿا. ڀيرومل جن سوين ڪتاب ڀيٽي، انهن جو تت ۽ ڳر سنڌي پڙهندڙن لاءِ انهن ٽن ڪتابن جي صورت ۾ مهيا ڪيو ۽ پاڻ جيئن ته دل و جان سان ۽ پڪيءَ طرح سنسڪرت ٻوليءَ کي سنڌيءَ جي ’ماءُ‘، ’ناني‘ يا ’پڙناني‘ سمجهندڙ هئا، ان ڪري وٽن جيتري به علمي ۽ منطقي ڄاڻ هئي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪم آندائون. ليکڪ سمجهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ لکندڙ عالمن مان پاڻ ڀيرومل جن ئي آهن، جن پنهنجي پوري ايمان، جوش ۽ جذبي سان سنسڪرت جي وڏائي بيان ڪئي ۽ ساک ڀري. انڪري سنسڪرت جي وڪالت ۾ سندن وڌ کان وڌ حوالا پيش ڪيا ويندا.
اصلوڪي ٻولي:
·     ”صدين کان يورپي لوڪ ايئن وسهندا هئا ته هيبريو (Hebrew) يعني عبراني يا يهودين جي ٻولي، جنهن ۾ سندن آڳاٽا ديني ڪتاب (بائيبل يا انجيل وغيره) لکيل آهن، سا سڀني کان قديم ۽ مقدس يا پاڪ ٻولي (پوتر ڀاشا) آهي ۽ دنيا جون ٻيون سڀ ٻوليون انهيءَ عبرانيءَ مان پيدا ٿيون آهن! هندستان ۾ ڪوٺين وجهڻ کان اڳ ڪيترن يورپي لوڪن کي ايتري به ڪل ڪا نه هئي ته هندستان ۾ سنسڪرت نالي ڪا ٻولي ٿيندي آهي! جن ٿورن کي اها سڌ هئي، تن سنسڪرت کي آخر ۾ }به{ نه پئي آندو. هينئر جو سر وليم جونس ٻڌايُن ته سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين جو بڻ ئي ساڳيو آهي ته انهيءَ ڳالهه تي ڪنهن به ويساهه نه پئي ڪيو.“ (ڀيرومل ]1972[ 4-3)
]نوٽ: رڳو هن مضمون جي حد تائين اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته ڪنهن به عالم جي Quote ڪيل ٽڪري ۾ ڪو لفظ يا ڪي لفظ جيڪڏهن } { ۾ ڏنل هجن ته اهي ليکڪ پاران سمجهيا وڃن.[
مٿي ڏنل ٽڪري ۾ جيڪڏهن نالن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، يعني
’عبراني‘ جي جاءِ تي ’سنسڪرت‘،
’سنسڪرت‘ جي جاءِ تي ’سنڌي‘،
’يورپي لوڪ‘ جي جاءِ تي ’ڪي عالم‘ (جيڪي سنسڪرت کي اهو ڪجهه سمجهن ٿا جيڪو ڪجهه ’يورپي لوڪ‘ ڪالهه تائين ’عبراني‘ کي سمجهندا هئا)، ۽
’سر وليم جونس‘ جي جاءِ تي ’سراج‘ صاحب جن جو نالو رکي، اهو ئي ٽڪرو پڙهيو ويندو ته لڳ ڀڳ اها ساڳي صورتحال پيدا ٿي پوندي، جيڪا سر وليم جونس جي راءِ ٻڌڻ کان پوءِ ’يورپي لوڪن‘ جي ٻڌائي وئي آهي. ٻئي پاسي، هڪ حد تائين اهو نڪتهءِ نظر واضح ٿي ايندو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سراج صاحب جن بيان ڪن ٿا.
·     ”يورپي لوڪن لاءِ هاڻي وڏو مسئلو پيدا ٿيو. هُو چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايرانُ، جي يورپ کان ٽي هزار کن ڪوهه پري آهن، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو ڪيئن ٿيو؟ هيءَ پرولي سَلي ڪير؟ هندن جي ’رگ ويد‘ مان پتو پين ته اهي آريا لوڪ هئا.“ (ايضاً، ص 6-5)
·     ”هندن جا چار ويد آهن، جن مان رگ ويد سڀني کان آڳاٽو آهي. رگ ويد ۾ جيڪي منڊل (باب) آهن، سي جدا جدا زمانن جا لکيل آهن، تنهنڪري خود رگ ويد جي ٻوليءَ ۾ ڦير آهي. رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون (Hymns) اهڙي ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي، ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به انهن جو مطلب سمجهي نه ٿي سگهيا... ٻين ٽن ويدن جي ٻوليءَ ۾ به ٿورو فرق آهي، پر ٿلهي ليکي انهن چئن ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ’ويدڪ سنسڪرت‘ يعني ويدن جي زماني واري سنسڪرت سڏيو اٿن.“ (ايضاً، ص 25-24)
رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون، نيٺ ڇو، ويدن واري زماني کان ”سگهو ئي پوءِ ٿي گذريل“ رشي به نه ٿي سمجهي سگهيا؟
·     ”گنڌار (قنڌار) وارو پاسو توڙي ڪيڪيه پرڳڻو، جو هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي ملتان جي حدن تائين هو، سي ٺيٺ سنسڪرت جي ڪري ايتري قدر مشهور هئا، جو خود مڌيه پرديش وارا انهيءَ اتر طرف وديا }علم{ پرائڻ ويندا هئا. انهيءَ اتر طرف کان جيڪي علم پِرائي ايندا هئا، تن جا اچار صحيح ۽ چٽا هوندا هئا ۽ ماڻهو کين سَد }سَنَد{ ڪري ليکيندا هئا.“ (ايضاً، ص 28-27)
·     ”مڌيه ديش وارن آرين نه رڳو ڌرمي ۽ پنگتي وغيره ڳالهين بابت سخت قاعدا جاري ڪيا، پر پنهنجي ٻوليءَ جو به اونو ڌاريائون. هيءُ حڪم جاري ڪيائون ته: شودرن کي ويدن پڙهڻ جو ڪو به اڌڪار (حق) ڪونهي، پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم رڳو برهمڻ ڪن ته }جيئن{ ويدن جا منتر اهي پوريءَ طرح اچارين.“ (ايضاً، ص 27)
سنسڪرت ٻولي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ٻولن جو ججهو ذخيرو، ڳوڙهو وياڪرڻي سٽاءُ، معنوي گهرائي ۽ فصاحت ۽ بلاغت جون مڙيئي خوبيون رکندڙ ٻولي آهي. مٿي ڏنل ٽڪرن ۾ ان جي معياري محاوري جي علائقي ۽ ان جي تعليم ۽ سنڀال لاءِ ورتل ڪوشش جو پڻ ذڪر اچي ٿو.
·     ”پراڪت }پراڪرت{ ٻوليءَ جي معنى پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنى آهي ’قدرت‘ (Nature) ۽ ٻي معنى اٿس ’اصلوڪي صورت‘، جنهن جو ضد آهي ’وڪرتي‘ معنى ’بگڙيل صورت‘... اها ٻولي عام طرح ڪم ايندي هئي. تنهنڪري پراڪرت معنى عام يا رواجي ٻولي به آهي. هر هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنى پرڳڻي جي ٻولي به آهي. هن وقت سنڌ جي پراڪرت هاڻوڪي سنڌي ٻولي آهي.“ (ڀرومل ]1972[ ص 39-38)
هن ٽڪري ۾ جنهن هنڌ خال/ڊئش ڇڏيو ويو آهي، ان هنڌ هي لفظ لکيل آهن:
”پراڪرت ٻوليءَ جي پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي سنسڪرت تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنى اصلوڪي صورت يعني سنسڪرت مان پيدا ٿيل ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻ مرادو سنسڪرت مان ٺهي پئي.“
انهن لفظن پڙهڻ سان جيڪو مفهوم ظاهر ٿئي ٿو، اهو ڪنهن به طرح ’سنسڪرت‘ ۽ ’پراڪرت‘ ٻولن جي اصولي ۽ اصطلاحي معنى سان هم آهنگ ناهي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو ته، جيئن ته ڀيرومل جن ذهني طرح اڳواٽ ئي اهو طي ڪري ڇڏيو ته پراڪرت هر حال ۾ سنسڪرت مان ئي اسريل آهي، تنهنڪري ’پراڪرت‘ لفظ جي معنى کي ’منطقي موڙ‘ ڏئي سنسڪرت کي اصلوڪي يا قدرتي ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اها آهي ڪو نه، اها ته ’سمڪرت‘ آهي.
اچو ته انهن ٻولن جي متبادل ٻولن تي ڌيان ڏيون:
1-       ’سنسڪرت‘ معنى Polished or Refined
2-      ’پراڪرت‘ معنى Natural or Original
جيڪي ماڻهو Polished يا Refined ٻولي ڳالهائيندا هئا، اهي ڪن ٻين ماڻهن بابت چوندا هئا ته اهي Natural يا Original ٻولي ڳالهائيندا رهن ٿا ۽ اها قدرتي يا اصلوڪي ٻولي ڳالهائيندڙ گهڻي ڀاڱي عام ماڻهو ئي هئا.
Polished يا Refined ٻولي ڳالهائيندڙ، گهڻي ڀاڱي برهمڻ ۽ حڪمران جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ عام ماڻهن ۽ شودرن تي پابندي پڻ مڙهي سگهندا هئا، جڏهن ته Natural يا Original ٻولي ڳالهائيندڙ عام يا محڪوم ماڻهو هئا.
جيڪا قدرتي (Natural) يا اصلوڪي/بڻائتي (Original) ٻولي آهي، عام طرح ڪم ايندڙ ٻولي آهي، عام ۽ رواجي ٻولي آهي، علائقي ۽ علائقي جي رهاڪن جي ٻولي آهي، تنهن کي مخصوص مذهبي، سياسي، معاشي، ثقافتي وغيره مفاد رکندڙ حڪمران طبقي جي صاف ڪيل/اجاريل (Polished) يا سڌاريل (Refined) ٻوليءَ مان پيدا ٿيل قرار ڏيڻ لفظن کي غلط معنى پهرائڻ جي عمل کي ظاهر ڪري ٿو.
ڀيرومل جن جي ساڳي ئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ (ص-49) ڏنل هيٺ آندل ٽڪري کي پڙهي ڏسو:
”حقيقتئون ’پراڪرت‘ نالو ئي انهن ٻولين تي پيل آهي، جي پاليءَ کان وڌيڪ بگڙيل هيون.“
يعني ’اصلوڪيون/بڻائتيون‘ يا ’قدرتي‘ ٻوليون ’اجاريل‘ يا ’سڌاريل‘ ٻوليءَ جي به هڪ بگڙيل محاوري مان وجود ۾ آيون!؟ ۽ اهي وري ٿيون ’اصلوڪي صورت‘ سنسڪرت جي!
·     ”مهاراجا اشوڪ پاڻ مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهندو هو، پر اتي جي پالي ٻوليءَ کان سنڌ جي پالي ٻولي وڌيڪ ٺيٺ هئي.“ (ايضاً، ص-45)
·     ”سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪي ئي لفظ آهن، جن جي اصلوڪي سنسڪرت صورت ايتري قدر مٽجي وئي آهي، جو اهي سڃاڻڻ ئي مشڪل، پر پالي ۽ پراڪرت جي اچارن سان انهن جي ڀيٽ ڪجي ته، پوءِ سڃاڻڻ سولا ٿين ٿا.“ (ايضاً، ص-48)
يعني ٺيٺ پالي ٻوليءَ جو مرڪز سنڌ هئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ انهن کي وڌيڪ ويجهو آهن.
·     ”عالمن جو خيال آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرت جي هڪ شاخ آهي جا آرين جي اچڻ کان اڳ واديءِ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. پراڪرت (پراڪريتي) جي معنى آهي نج يا صاف ۽ ان جي ابتڙ سنسڪرت (سمسڪريتا) جي معنى آهي گاڏڙ يا مليل جُليل.“ (ممتاز پٺاڻ ]1977[)
·     ”ٻنهي لفظن ــــــــ پراڪرت ۽ سنسڪرت ـــــــــ جي معنى ۽ وصف جي جائزي کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ’سڌاريل يا صاف ٿيل يا اجاريل‘ ٻولي (سنسڪرت) مان ’قدرتي يا اصلوڪي‘ ٻولي (پراڪرت) ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾ ته پاڻ ’اصلوڪي يا قدرتي‘ ٻولي (پراڪرت) مان، صاف ٿيل يا اجاريل ٻولي يعني سنسڪرت ڦُٽي نڪتي هوندي.“ (الانا ]1974[ ص 22-23)

ٽي مخالف ــــــــ هڪ اتحاد:
الانا صاحب جن ۽ سراج صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت جيڪو نڪتهءِ نظر رکن ٿا ، توڙي جو ان ۾ ڪا به هم آهنگي موجود ناهي، پر فطري آهي ته، سنسڪرت جي حوالي سان ٻنهي کي همنوا سمجهيو وڃي.
·     ”موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. اها هند-آريائي ٻولي آهي. ’لهندا‘ (سرائيڪي-بهاولپوري-ملتاني-ديري والي-هندڪو)، ’ڪشميري‘ ۽ اترئين سنڌو ماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آهن. بود و باش جي لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون هند-آريائي ٻوليون آهن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اهي هن برعظيم جي ٻين ’هند-آريائي‘ ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ هند-ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي.
”سنڌي انهيءَ ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌي جو خمير سنڌ جي سر زمين ۾ تيار ٿيو، ان جو پنهنجو موروثي سرمايو ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ’پروٽو-پراڪرت‘ يا ’پهرين-پراڪرت‘ تائين پهچي ٿي.“ (بلوچ ]1990[ ص 32-33)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نڪتهءِ نظر جي حوالي سان سراج صاحب جن ۽ الانا صاحب جن سان ڪا به هم آهنگي نه ٿا رکن، اڃا به ايئن چئجي ته ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد نگار رهيا آهن، پر ڏسي سگهجي ٿو ته سنسڪرت جي حوالي سان ٽنهي ۾ همنوائي موجود آهي. تيئي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄوڪي سنڌي سماج جا وڏا نالا آهن، ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد نگار (۽ سچ چئجي ته مخالف) آهن، ٽنهي جي تحقيق سنسڪرت ۽ سنڌي جي حوالي سان هڪ ئي نقطي تي مرڪوز ٿئي ٿي (۽ انهيءَ حوالي سان سچ چئجي ته اڻ-ڄاتل/اڻ ووڙيل اتحادي آهن) ۽ ٽيئي اها ڳالهه پنهنجي دلئون گهڙي ڪو نه ٿا ٻڌائن، مختلف ۽ ڀروسي لائق عالمن ۽ محققن جي راين جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه بيان ڪن ٿا.
·     ”يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي لسانيات جا ماهر هاڻ ان راءِ جا آهن ته پاڪ و هند جون سڀ ڏيهي ٻوليون مختلف پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن، ۽ نه ڪِ سنسڪرت جون بدليل صورتون، يعني ته سڀ ڏيهي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن، جيڪي (پراڪرتون) ان زماني ۾ عوامي ٻولين يعني روزمره وارين ٻولين طور ڪم اينديون هيون، انهيءَ دعوى جي آڌار تي چئبو ته سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم پراڪرت آهي.“ (الانا ]1974[ 23)
·     ”اها ته پڪ آهي ته اهي پراڪرتون سنسڪرت جون شاخون نه آهن. جيئن هندستاني ۽ مغربي عالم ـــــــــ هوفر، لئسن، ڀنڊاڪر ۽ جئڪب ـــــــــ سمجهي ويٺا آهن.“ (پشيل جو حوالو، ڏسو الانا ]1972[ 23-24)
ديسج ٻولي:
·     ”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل بحث جو تت هي آهي ته: سنڌي ٻولي هڪ غير آريائي خاندان واري ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون ’موهن جي دڙي‘ واريءَ تهذيب ۾ کتل آهن، جا آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي به ويندي هئي...“ (الانا ]1974[ ’ذ‘)
·     ”گرامر آف سنڌي لئنگويج جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لکي ٿو: ’سنڌي ٻوليءَ پنهنجي اصلي بڻ کان ڇڄڻ واريءَ حالت جي وقت واريون قديم پراڪرت جهڙيون سڀ خوبيون پاڻ وٽ سانڍي رکيون آهن، پر اهي سنڌيءَ جي ٻين سڀني ڀينر ٻولين قائم نه رکيون آهن.‘“ (رچنداڻي ]1989[ 22)
·     ”مقامي ٻولين جي ڊگهي ارتقائي دور سان گڏوگڏ اسان کي ڪلاسيڪل سنسڪرت به اسرندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جا پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي مان ڇڄي سنسڪرت جي نالي سان وجود ۾ اچي رهي هئي.“ (گريئرسن جو حوالو، الانا ]1974[ 25)
·     ”مهاپنڊت واڪپتراج پنهنجي پراڪرت ڪاويه گئڙوهو ۾ ڄاڻايو: سڀ ٻوليون پراڪرت مان ئي پيدا ٿيل آهن.“ (رچنداڻي ]1989[ 23)
·     ”سنسڪرت جي معنى آهي ’سڌاريل‘ ۽ ’نئين صورت ڏنل‘. سنسڪرت }ٻولي{ پراڪرت (يعني اصلوڪي) ٻوليءَ مان نڪتي آهي.“ (شري ڀرٽ آچاريه جو حوالو، الانا ]1974[ 25-26)
·     ”ڪهڙي ٻولي قديم ۽ پراڻي آهي: سنسڪرت يا پراڪرت؟ سنسڪرت مان پراڪرت جو ڦٽي نڪرڻ، هڪ غير فطري اصول آهي. سڌاريل ۽ سنواريل غير اصلي ٻولي يعني سنسڪرت، ضرور دير سان يعني اصلي ٻوليءَ يعني پراڪرت کان پوءِ ۽ دير سان وجود ۾ آئي هوندي... پراڪرت ويدڪ جو اوائلي روپ ٿي لڳي.“ (الانا ]1974[ 26)
·     ”ديشي يا ديسج (ديس = ڏيهه+ج = جن = ڄڻ) معنى ديس ۾ ڄاول يا پيدا ٿيل. ديشي (ديسي يا ڏيهي) لفظ اهي آهن، جي آرين جي اچڻ کان اڳ ئي ديس (هندستان) ۾ چالو هئا، يا آرين جي اچڻ کان پوءِ ديس ۾ چالو ٿيا، پر بنياد سنسڪرت مان نه اٿن. اهي ڪولن، سنٿالن، دراوڙن ۽ ٻين اصلوڪن رهاڪن جي ٻولين مان اڌارا ورتل ليکجن ٿا.“ (ڀيرومل جو حوالو. ايضاً، ص-35)
·     ”ٻئي پاسي اسان لفظن جو ڪجهه اهڙو ذخيرو به هٿ ڪيو آهي، جنهن کي قديم مقامي ٻوليءَ جا لفظ چئي سگهجي ٿو، جنهن (ٻوليءَ) جي نالي جو اڄ اسان کي پتو پئجي نه ٿو سگهي، پر ممڪن آهي ته اها قديم ٻولي تاتار خاندان (Tatar stock) جي شاخ هئي ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ پوري برصغير تي ڇانيل هئي؛ ڇاڪاڻ ته برصغير جي مڙني ٻولين ۾ ساڳئي قسم جو غير-آريائي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي پراڪرت جي پراڻن وياڪرڻين ديسي (Provincial) لفظ سڏيو آهي.“ (ٽرمپ جو حوالو. ايضاً، ص-36)
·     ”ڪن لفظن کي وري ديسيه (ڏيهي) ٺهرايو ويو آهي، جنهن غير آريائي اوائلي لوڪن جي ٻولين مان آيل ٿا ڏسجن ۽ جن کي ڌنپال ۽ هميچندر ته ديسيه اکر ڪري ٺهرايو آهي پر سنسڪرت جا شدائي انهن جو بنياد به سنسڪرت ۾ ئي ڳولي رهيا آهن:
اَڪڙ، اٿلهه، اِيس (کٽ جي)، اونهو، اکوڙڻ، اڳاڙڻ، اُجڙ، اٿل پٿل، اُلٽڻ، اُڀو، اوڪارڻ، اوڳارڻ، اوٽي، اوڍڻ، اولو، اوس، ڪچرو، ڪچوري، ڪڻڀي، ڪڙٻ، ڪپڻ، کٿو، کجڻ، کڏ، کل کل، گاڏي، چڀڙ، چڪڻ، چؤڙو، جهنڊو، ڊڊُو، ٿيلهو، ٿورو، ٿوٿر، دير، دڙ، ڌنڌو، ننڍو، پٺو، ٻڏڻ، پتلو، ڦٽڻ، ڦسلائڻ، وڄائڻ، بڙ بڙ، ٻهُو، ٻاٽ، مٺو (ڏڌ جو)، ملائي، ماڙي، رڏ، ريتي، ريوڙي، لٺ، لڙڻ، لسو، لوءِ (گرم هوا)، وکار (گدام)، ستائڻ، سئا، گهوٽ، ڇڻڻ، ڇنال، ڇيڙو، ٿر ٿر، نانو، جار، پاکر (گهوڙي جو)، ڦيرو، ٻيڙو، جهڙپ، ڏونگر، ماڪوڙو، مامو، لاڏ، لاڏي، گهوڙو، وٽ (ٺاٺ)، ڳنڍيري، گودڙي، وهي (چوپڙي)، ٺڪر، وانڍو وغيره.“ (رچنداڻي ]1989[ 25)
رچنداڻي صاحب جن سوين اهڙا مثال ڏنا آهن، جن ٻولن جو سنسڪرت سان ڪو به سڌو واسطو نه آهي.
اڻ-سڌريل/سڌريل ۽ سندن شاندار ٻولي:
’آريا‘ درحقيقت آريا هئا يا نه، سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ اڻ-سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ ’اَڻ-آريا‘ درحقيقت اڻ-آريا هئا يا نه، اڻ سڌريل هئا ته ڪيترا ۽ سڌريل هئا ته ڪيترا؟ اهو ڌيان ۾ ضرور رکڻو پوندو ته ڪير، ڪنهن کي، ڪٿان بيهي، ڪهڙين ڳالهين ۾ ’سڌريل‘ يا ’اڻ سڌريل‘ قرار ڏئي ٿو. اسان جو مضمون هن موضوع تي بحث ڪرڻ جي موڪل نه ٿو ڏئي.
هيٺ ڀيرومل جن جي هڪ ڪتاب قديم سنڌ ]1992[ تان هڪ اهڙو ٽڪرو ڏجي ٿو، جيڪو مختصر طرح ’آرين‘ ۽ ’اڻ-آرين‘ جي سماج ۽ ثقافت جي جهلڪ ڏيکاري ٿو:
·     ”... سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن آرين کي پنهنجي ملڪ ۾ پير کوڙڻ نه ٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون هئائون. انهن چڪرين کائيندي هزارين اڻ-آريا لوڪ مارجي ويا، ڪن اڻ-آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان پوءِ به وجهه وٺي آرين تي ڪاهي ايندا هئا... آرين سندن قلعا ۽ شهر باهيون ڏئي جلايا، سندن فوجون ناس ڪيائون ۽ ڪن کي پنهنجو داس يا غلام بنايائون، جن مان پوءِ ڪي شودرن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. منجهانئن جيڪي وڏ گهراڻا هئا، تن مان ڪن سان سڱ ڳنڍي، کين پنهنجو ڪيائون...“ (ص-131)
·     ”جيڪي آرين سان گڏ رهيا، تن تي آرين جي سنسڪرت ٻولي ۽ سڀيتا جو اثر ٿيو. پر ٻولين جو توڙي ٻيو اثر هڪ طرفو نه ٿيندو آهي، قديم دراوڙن جي سڀيتا به ان وقت... اعلى درجي جي هئي ۽ ان جو اثر آرين تي به ٿيو.“ (ايضاً. ص-132)
·     ”اول ڪيترا دراوڙي لفظ سنسڪرت ۾ چالو ٿيا... مطلب ته جنگين ۾ دراوڙن کي آرين شهه ڏني ته هنرن، ڪاريگرن وغيره ۾ دراوڙ کين شهه ڏئي ويا.“ (ايضاً. ص-133)
·     ”جيڪڏهن هيءَ ڳالهه قبول ڪجي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙن جي آهي، ته پوءِ انهن بابت جيڪي تاريخن ۾ پڙهيو اٿئون سو سڀ وسارڻو پوندو.“ (ايضاً. ص-134)
·     ”رگ ويد ۾ چٽيءَ طرح ڄاڻايل آهي ته اڻ-آريا لوڪ ڀاڳيا ماڻهو هئا ۽ منجانئن جيڪي ’پڻي‘ (وڻجارا يا واپاري) هئا سي هيڪاري زور هئا. گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال ججهو هئڻ ۽ وڙهڻ ۾ به پختا هئا... حقيقتاً دراوڙ }اڻ-آريا{ لوڪ انهيءَ آڳاٽي زماني ۾ ئي نهايت سڌريل هئا.“ (ايضاً. ص-135)
·     ”مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين پهريائين کوٽايو هو، سو وينجهارن جي ساراهه مان ڍاپي ئي نه ٿو، چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن کي به اهڙو هنر ڪو نه هو جهڙو مهن جي دڙي جي ڪاريگرن کي هو.“ (ايضاً. ص-78)
ايڏي اعلى ۽ سڌريل سماج جون ثقافتي گهرجون پوريون ڪري سگهندڙ ٻولي ڇا ڪنهن به طرح شاندار ٻوليءَ کان گهٽ هوندي؟
ڇا آرين جي اچڻ واري زماني تائين اهو سماج پنهنجي ٻولي وساري گونگو ٿي چڪو هو؟
·     ”علم علامت جي خيال کان نشان (signal) به هڪ نالو آهي. هن طرح سڌي سماج ۾ نشانن جو تعداد ايترو آهي جيترو نالن جو يا ماحول ۾ موجود شين جو. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جيترا گهڻا نالا، اوترو وڏو ان جو ماحول ۽ اوترو وڌيڪ ان سماج جو تجربو. هن جو مطلب ته جيتري ٻولي اوترو سماج يا جيترو سماج اوتري ٻولي.“ (ٻوهيو ]1977[ 311)
سنڌي ٻوليءَ جو سماج ڪيترو وسيع ۽ ڪيترو جهونو آهي ان جي جهلڪ مٿي ڏنل احوال ۾ چٽي ٿي اچي ٿي.
·     سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪي اهڙا گيت مليا آهن جن ۾ ٻه ۽ ٽي سُر لڳن ٿا. قدامت جي لحاظ کان اهي دنيا جا قديم ترين گيت آهن جيڪي سنڌ کان سواءِ سڄيءَ دنيا ۾ اڻلڀ ٿي چڪا آهن.
موسيقي تي لکيل ڪتابن مان سڌ ملي ٿي ته ويدن جون رچائون ٻن ٽن سُرن ۾ ڳايون وينديون هيون، جن کي انوديتا، اديتا ۽ سويتا چوندا هئا. موسيقي جي تاريخ ۾ ويد ته ڪالهوڪي ڳالهه آهن... سام ويد ۾ سامن آهن... (منتر ۾ جيڪڏهن وزن هجي ۽ ان کي سُر سان ادا ڪيو وڃي ته ان کي سامن چيو وڃي ٿو)... سڀ کان اڳ رگ ويد جون رچائون هڪ سُر ۾ ادا ڪيون وينديون هيون جنهن کي آرچڪ چون ٿا...
ويدن کي ٻن ٽن سُرن ۾ ڳائڻ مان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته عوامي سطح تي ڳايا ويندڙ گيت به ٻن، ٽن ۽ چئن سُرن ۾ ڳاتا ويندا هئا. عوامي سطح تي نت نون گيتن جي تخليق ۽ واڌ ٿي رهي هئي ۽ انهن ئي عوامي گيتن جي ڌنن ۾ ويدن جي رچائن کي گهاڙڻ جون ڪوششون به ٿي رهيون هيون. سامن جيڪي ٽن سرن ۾ ڳاتا ويندا هئا انهن سان گڏوگڏ اصلي گانا يعني بنيادي گيت به مروج هئا. اهي گيت پراڪرتي يعني ڏيهي گانن جو گڏ ڪيل هڪ خزانو هو جن جو طرزون سامن ڳائڻ لاءِ آزمايون وينديون هيون ۽ ويدن جي ٻولن کي (انهن ديسي گانن جي طرزن ۾ بدلائڻ لاءِ) ڊگهو ڪيو، ٻِٽو ڪيو يا خارج ڪيو ويندو هو ۽ انهن کي ايتري قدر بدلايو ويندو هو، جو اهي بي معنى ٿي ويندا هئا...
اشلوڪن جي لفظن کي ڏيهي گيتن جي طرز ۾ گهاڙڻ لاءِ نه رڳو ٻولن کي ڇڪي آڏو ابتو ڪيو ويندو هو پر اڻ-چٽن آوازن جو واڌارو به ڪيو ويندو هو.“ (آغا (1984) 35-40)
سگهڙ ٻولي:
ڇا آرين جي اچڻ کان اڳ هن ڌرتيءَ جي ٽڪري جا رهاڪو ماڻهو ڪو به آواز نه ڪڍندا هئا، سندن سماج نه هو، ثقافت نه هئي، نه ٻولي هئي نه ذهن، نه تجربو نه واپار، نه ڌنڌو ۽ نه ئي وري رهڻي ڪرڻي!؟ آمري، ڪوٽڏجي، مهين (مهن جي دڙي)، جهڪر ۽ جهانگر سڀيتائن جا خالق ڇا ڪا به ٻولي نه ڳالهائيندا هئا؟
جي اها سنڌي ٻولي نه سڏبي، ته ڪهڙي هئي؟
ٻولي پنهنجيءَ سڀيتا جو اولڙو هوندي آهي. ٻول جون مختلف لغوي صورتون ۽ معنوي گهرائي ۽ وسعت، سلاست ۽ بلاغت سماج ۾ سندن تجربي، ذهانت ۽ ڪارج کي ظاهر ڪن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي تجربي ۽ ذهانت، معنوي گهرائيءَ، وسعت، سلاست ۽ بلاغت ۽ ٻول جون لغوي صورتون ۽ سندن ڪارج ظاهر ڪرڻ لاءِ هيٺ هڪ ڌاتو ٻول /لِک/ جو مثال پيش ڪجي ٿو. اهو ٻول سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ به موجود آهي. ليکڪ سنڌي ٻولَ-سٽاءَ کي پيش ڪري ٿو. سنسڪرت ۽ پراڪرت جا ڄاڻو اميد ته انهن ٻولين ۾ ان ٻول جي مڪمل سٽاءَ کي پيش ڪندا:
          * لِک = ] ل + اِ + ک [
                                   +/ اَ / = لکَ (اسم، واحد)
                                   +/ اُون/ = لکُون (’لکَ‘ جو جمع)
                                   +/ اُ / = لکُ (امر، واحد)
                                   +/ او/ = لکو (’لکُ‘ جو جمع)
          * /لک/ + /آن/ = لکان
                                   +/ اِ/ = لکانئهِ
                                   +/وَ/ = لکانوَ
                                   +/س/ = لکانس
                                   +/نِ/ = لکاننِ
          * /لک/ + /اُون/ = لکُون
                                   +/ اِ/ = لکونئهِ
                                   +/وَ/ = لکونوَ
                                   +/س/ = لکونس
                                   +/نِ/ = لکوننِ
          * /لک/ + /اين/ = لکين
                                   +/م/ = لکينم
                                   +/س/ = لکينس
                                   +/نِ/ = لکيننِ
          * /لک/ + /او/ = لکو
                                   +/م/ = لکوم
                                   +/س/ = لکوس
                                   +/نِ/ = لکونِ
          * /لک/ + /اي/ = لکي
                                   +/م/ = لکيم
                                   + /اِ / = لکيئِه (لکَئِه، لکئِي)
                                   + /وَ/ = لکيوَ
                                   +/س/ = لکيس
                                   +/نِ/ = لکينِ
          * /لک/ + / اَن/ = لکن
                                   +/م/ = لکنم
                                   + /اِ / = لکنئِه
                                   + /وَ/ = لکنوَ
                                   +/س/ = لکنس
                                   +/نِ/ = لکننِ
]نوٽ: /لکي/+/اُون/ = لکيئون = ’(هو) اسان ڏي لکي‘ ۽ /لکن/+/اُون/ = لکنئون = ’(اهي) اسان ڏي لکن‘ پڻ ڪم ايندڙ صورتون آهن.[
          * /لک/ + /ٿ/ = لکٿ
                                   +/او/ = لکٿو
                                   + /آ/ = لکٿا
                                   + /اي/ = لکٿي
                                   +/اُون/ = لکٿون
]نوٽ: ليکڪ سمجهي ٿو ته }ٿ{ سنڌي ٻوليءَ جي مقرر ٻولن ۾ ’زمان حال‘ جي نمائندگي ڪري ٿي. سامهون ڄاڻايل صورتون بظاهر سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ناهن، پر درحقيقت موجود آهن. ليکڪ پنهنجي هڪ مضمون ’هر هڪ لفظ هيري کاڻ‘ ۾ اهڙو بحث ڪيو آهي ۽ وڌيڪ تفصيل سان لکڻ جو ارادو رکي ٿو، تنهنڪري هتي ڪا به وضاحت نه ٿو ڪري. ٻولن جون اهي صورتون ايڏيون ڪي اڻڄاتل به ناهن.[
* /لک/+/آن/ = لکان +/ٿ/ = لکانٿ
]نوٽ: /آن/ = آنءُ/آءٌ/مان  ـــــــ ضمير متڪلم واحد[
                +/او/ = لکان ٿو
]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /او/ ’مذڪر واحد‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[
          * /لکان/ + /اِ/ + /ٿو/ = لکانئه ٿو
                  ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکانوَ ٿو
                  ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکانس ٿو
                  ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکاننِ ٿو
* /لکانٿ/ + /اِي/ = لکان ٿي
]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /اِي/ ’مؤنث واحد‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[
          * /لکان/ + /اِ/ + /ٿي/ = لکانئه ٿي
                  ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکانوَ ٿي
                  ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکانس ٿي
                  ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکاننِ ٿي
* /لک/+/اُون/ = لکون +/ٿ/ = لکونٿ
]نوٽ: /اُون/ = اسان،  اسين، اسون  ـــــــ ضمير متڪلم جمع[
                 +/آ/ = لکون ٿا
]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /آ/ ’مذڪر جمع‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[
          * /لکون/ + /اِ/ + /ٿا/ = لکونئه ٿا
                   ــــــــ   /وَ/    ــــــــ    =لکونوَ ٿا
                   ــــــــ   /س/  ــــــــ   = لکونس ٿا
                   ــــــــ   /نِ/   ــــــــ   = لکوننِ ٿا
* /لکونٿ/+/اُون/ = لکون ٿيون
]نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هِتي /اُون/ ’مؤنث جمع‘ جي نشاندهي ڪري ٿو.[
          * /لکون/ +/اِ/ +/ٿيون/ = لکونئه ٿيون
                   ــــــــ   /وَ/     ــــــــ    =لکونوَ ٿيون
                   ــــــــ   /س/   ــــــــ   = لکونس ٿيون
                   ــــــــ   /نِ/    ــــــــ   = لکوننِ ٿيون
* /لک/+/اين/ = لکين +/ٿ/ = لکينٿ
]نوٽ: /اين/ = تون  ـــــــ ضمير حاضر واحد[
                      +/او/ = لکين ٿو
        * /لکين/ + /م/ + /ٿو/ = لکينم ٿو
                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکينس ٿو
                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکيننِ ٿو
        * /لکينٿ/ + /اِي/ = لکين ٿي
              ــــــــ +/م/+  ــــــــ   = لکينم ٿي
              ــــــــ +/س/+ ــــــــ   = لکينس ٿي
              ــــــــ +/نِ/ +  ــــــــ   = لکيننِ ٿي
* /لک/+/او/ = لکو + /ٿ/ = لکوٿ
]نوٽ: /او/ = توهان، اوهان  ـــــــ ضمير حاضر جمع[
                   +/آ/ = لکو ٿا
        * /لکو/ + /م/ + /ٿا/ = لکوم ٿا
                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکوس ٿا
                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکونِ ٿا
        * /لکوٿ/+/اُون/ = لکو ٿيون
        * /لکو/ + /م/ + /ٿيون/ = لکوم ٿيون
                   ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکوس ٿيون
                   ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکونِ ٿيون
* /لک/+/اي/ = لکي + /ٿ/ = لکيٿ
]نوٽ: /اي/ = هي/هو/هن  ـــــــ ضمير غائب واحد[
                   +/او/ = لکي ٿو
        * /لکي/ + /م/ + /ٿو/ = لکيم ٿو
                    ــــــــ  /اِ/     ــــــــ   = لکيئِه (لکئه، لکئِي) ٿو
                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکيوَ ٿو
                    ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکيس ٿو
                    ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکينِ ٿو
        * /لکيٿ/+/اِي/ = لکي ٿي
        * /لکي/ + /م/ + /ٿي/ = لکيم ٿي
                    ــــــــ  /اِ/      ــــــــ   = لکيئِه (لکئه، لکئِي) ٿي
                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکيوَ ٿي
                   ــــــــ  /س/    ــــــــ   = لکيس ٿي
                   ــــــــ  /نِ/     ــــــــ   = لکينِ ٿي
* /لک/+/اَن/ = لکن +/ٿ/ = لکنٿ
] نوٽ: /اَن/ = اهي/هي/هنن  ـــــــ ضمير غائب جمع[
                   +/آ/ = لکن ٿا
        * /لکن/ + /م/ + /ٿا/ = لکنم ٿا
                    ــــــــ  /اِ/     ــــــــ   = لکنئِه ٿا
                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ   = لکنوَ ٿا
                    ــــــــ  /س/   ــــــــ   = لکنس ٿا
                    ــــــــ  /نِ/    ــــــــ   = لکننِ ٿا
* /لکنٿ/+/اُون/ = لکن ٿيون
        * /لکن/ + /م/ + /ٿيون/ = لکنم ٿيون
                    ــــــــ  /اِ/      ــــــــ    = لکنئِه ٿيون
                    ــــــــ  /وَ/     ــــــــ    = لکنوَ ٿيون
                   ــــــــ  /س/    ــــــــ    = لکنس ٿيون
                   ــــــــ  /نِ/     ــــــــ    = لکننِ ٿيون
]نوٽ: ڏسي سگهجي ٿو ته فعل جي ڌاتو /لِک/ کان پوءِ جڏهن }ٿ{ اچي ٿي، تڏهن زمان حال جي نشاندهي چِٽي ٿئي ٿي، پر عدد ۽ جنس جي سڌ تڏهن ملي ٿي جڏهن ٻول جي آخر ۾ يعني ڇيهه وٽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه اچي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طرح }او{ عدد واحد ۽ مذڪر، }آ{ عدد جمع ۽ مذڪر، }اِي{ عدد واحد ۽ مؤنث ۽ }اُون{ عدد جمع ۽ مؤنث لاءِ ڪم اچن ٿيون. (ڪن ٻين ٻولن ۾ اهي صرفيائون ڪي ٻيون معنائون به ڏين ٿيون.)
اهڙيءَ طرح اسان کي ٻول ملن ٿا: لکٿو، لکٿا، لکٿي ۽ لکٿيون. زمان حال جي مثال ۾ ضمير متصل جي نمائندگي ڪندڙ صرفيائون، جن کي عام طرح ’ضميري پڇاڙيون‘ چيو ويندو آهي، فعل جي مڪمل صورت جي آخر ۾ نه پر فعل جي ڌاتو (مثال: /لِک/) کان ترت پوءِ ڪم اچن ٿيون ۽ صورتون ملن ٿيون: لکان ٿو/ٿي، لکون ٿا/ٿيون، لکين ٿو/ٿي، لکو ٿا/ٿيون. ٽئي خالص يا شخصي ضمير واحد توڙي جمع صورت ۾ پڌرا آهن. جڏهن ڌاتوءَ جي پويان متصل ضمير جي نمائندگي ڪندڙ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ۽ زمان حال ۽ عدد ۽ جنس جي نمائندگي ڪندڙ صرفيائون }ٿ{ ۽ }او، آ، اِي ۽ اُون{ نه ٿيون ڳنڍجن، تڏهن جيڪا صورت ملي ٿي، ان کي عام طرح ’زمان مضارع‘ چيو ويندو آهي، جنهن بابت سمجهيو ويندو آهي ته زمان حال ۽ زمان مستقبل ٻنهي جي معنى ڏيکاري ٿو.
ايئن ڇو آهي؟ ڀانيان ٿو ته ڪنهن به وياڪرڻي عالم ان سوال جو جواب مهيا نه ڪيو آهي. ليکڪ جي اڀياس موجب سنڌي ٻوليءَ جي فعلي ٻولن ۾ }ي{ زمان ماضيءَ جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه، }ٿ{ زمان حال جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه ۽ }د{ زمان مستقبل جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه آهي.
زمان مضارع انهن ٽنهي مان ڪا به هڪ صرفيه نه ٿو رکي، اهو رڳو فعل جي ڌاتو (مثال: /لِک/) سان متصل ضمير جي نشانيءَ جي ڳنڍجڻ سان وجود ۾ اچي ٿو ۽ جيئن ته ان سان وڌيڪ ڪا به نشاني مليل ناهي، تنهنڪري زمان مضارع جي ڪا به فعلي صورت جنس جي نشاندهي پڻ نه ٿي ڪري. مثال /لکان/ جو فاعل مذڪر آهي يا مؤنث، ان جي خبر نه پئجي سگهندي.
ليکڪ جي اڀياس موجب سنڌي ٻولي جي ڪنهن به ٻول جو ڌاتو ڪنهن به طرح عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿو ڪري، تان جو ان سان عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) نه ملائجي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به فعل جو ڌاتو (مثال: /لک/) رڳو عمل جي نشاندهي ڪري ٿو، اهو زمان ۽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي نه ٿو ڪري، تان جو ان سان زمان ۽ عدد ۽ جنس جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) نه ملائجي ۽ متصل ضمير جي نشاندهي تڏهن ڪري سگهندو جڏهن ان سان اهڙي ضميري پڇاڙيءَ جي نشاندهي ڪندڙ صرفيه (يا صوتيو) مليل هجي.
’زمان مضارع‘ جي ’لکان‘ (۽ اهڙين سڀني صورتن) سان مليل /آن/ متصل ضمير طور مفضل ضمير متڪلم واحد ’مان‘ (آءٌ) جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ اهو /آن/ ڌار ڪجي ته باقي رڳو فعل جو ڌاتو /لک/ بچي ٿو، جيڪو هڪ مخصوص عمل جي ته نشاندهي ڪري ٿو، ٻيو ڪجهه به نه، نه زمان ۽ نه ئي عدد ۽ جنس. ’لکيو‘، ’لکٿو‘ ۽ ’لکدو‘ مان هر هڪ صورت جو ڇيهڪ آواز ]او[ مذڪر واحد جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ واري سر ’لکيو‘ جو ]ي[ زمان ماضي، ’لکٿو‘ (لکان ٿو) جو ]ٿ[ زمان حال ۽ ’لکدو‘ (لکندو) جو ]د[ زمان مستقبل جي نشاندهي ڪري ٿو. ’لکان ٿو‘ ۾ ]آن[ ضمير متڪلم واحد جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته ’لکندو‘ ۾ ]اَن[ ڇو آهي، في الوقت ليکڪ جي ڄاڻ ۾ ناهي.[
          * /لک/+/اَڻ/ = لکڻ
                         +/ اُ / =  لکڻُ
                         +/ اَ / =  لکڻَ
                         +/ او/ =  لکڻو
                         +/ آ / =  لکڻا
                         +/اِي/ =  لکڻِي
                         +/اُون/ =  لکڻيون
                         +/اي/ =  لکڻي
          * /لک/+/آڻ/ = لکاڻ
                         +/ اِ / =  لکاڻِ
                         +/اِي/ =  لکاڻِي
                         +/ او/ =  لکاڻو
                         +/ آ / =  لکاڻا
                         +/اُون/ =  لکاڻون (لکاڻيون)
          * /لِک/+/ج/ = لِکج
                         +/ اِ / =  لکجِ
                         +/اِي/ =  لکجِي
                         +/اي/ =  لکجي
                         +/ او/ =  لکجو
                         +/ آ / =  لکجا
          * /لکج/+/آن/ = لکجان
                          +/ اِ / =  لکجانئِه
                          +/ وَ / =  لکجانوَ
                          +/ س/ =  لکجانس
                          +/ نِ / =  لکجاننِ
        * /لکجان/+/ٿ/ = /لکجانٿ/ + /او/ = لکجان ٿو
          * /لکجان/+/ اِ /+/ٿو/  = لکجانئه ٿو
                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجانوَ ٿو
                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجانس ٿو
                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجاننِ ٿو
        * /لکجانٿ/ + / اِي/ = لکجان ٿي
          * /لکجان/+/ اِ /+/ٿي/ = لکجانئه ٿي
                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجانوَ ٿي
                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجانس ٿي
                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجاننِ ٿي
          * /لکج/+/اُون/ = لکجون
                          +/ اِ / =  لکجونئِه
                          +/ وَ / =  لکجونوَ
                          +/ س/ =  لکجونس
                          +/ نِ / =  لکجوننِ
        * /لکجون/+/ٿ/ = لکجونٿ + / آ / = لکجون ٿا
          * /لکجون/+/ اِ /+/ٿا/ = لکجونئه ٿا
                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ    =  لکجونوَ ٿا
                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ   =  لکجونس ٿا
                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ   =  لکجوننِ ٿا
        * /لکجونٿ/ + / اُون/ = لکجون ٿيون
          * /لکجون/+/ اِ /+/ٿيون/ = لکجونئه ٿيون
                    ـــــــــ / وَ / ـــــــــ      =  لکجونوَ ٿيون
                    ـــــــــ / س/ ـــــــــ     =  لکجونس ٿيون
                    ـــــــــ / نِ / ـــــــــ     =  لکجوننِ ٿيون
          * /لکج/ + /اين/ = لکجين
                           +/ م/ =  لکجينم
                           +/ س/ =  لکجينس
                           +/ نِ / =  لکجيننِ
        * /لکجين/ + /ٿ/ = لکجينٿ + /او/ = لکجين ٿو
          * /لکجين/+/م/+/ ٿو/ = لکجينم ٿو
                      ـــــــــ /س/ ـــــــــ   =  لکجينس ٿو
                     ـــــــــ /نِ/ ـــــــــ    =  لکجيننِ ٿو
        * /لکجينٿ/ + / اِي/ = لکجين ٿي
          * /لکجين/ + /م/+ /ٿي/ = لکجينم ٿي
                        ـــــــــ /س/ ـــــــــ    =  لکجينس ٿي
                       ـــــــــ /نِ/ ـــــــــ     =  لکجيننِ ٿي
          * /لکج/ + /او/ = لکجو
                           +/ م/ =  لکجوم
                           +/ س/ =  لکجوس
                           +/ نِ / =  لکجونِ
* /لکجو/ + /ٿ/ = لکجوٿ + / آ / = لکجو ٿا
          * /لکجو/ + /م/ + /ٿا/ = لکجوم ٿا
                      ـــــــــ /س/ ـــــــــ     =  لکجوس ٿا
                     ـــــــــ /نِ/  ـــــــــ     =  لکجونِ ٿا
* /لکجوٿ +/اُون/ = لکجو ٿيون
          * /لکجو/ + /م/ + /ٿيون/ = لکجوم ٿيون
                      ـــــــــ  /س/   ـــــــــ     =  لکجوس ٿيون
                     ـــــــــ  /نِ/    ـــــــــ     =  لکجونِ ٿيون
          * /لکج/+/ اي/  =  لکجي
                            +/ م/ =  لکجيم
                            +/ اِ /  =  لکجيئِه
                            +/ وَ / =  لکجيوَ
                            +/ س/ =  لکجيس
                            +/ نِ / =  لکجينِ
        * /لکجي/ + /ٿ/ = لکجيٿ
* /لکجي/ + / م/ + /ٿو/ =  لکجيم ٿو
                         ــــــــــ / اِ / ــــــــــ =  لکجيئِه ٿو
                        ــــــــــ / وَ / ــــــــــ =  لکجيوَ ٿو
                        ــــــــــ / س/ ــــــــــ =  لکجيس ٿو
                        ــــــــــ / نِ / ــــــــــ =  لکجينِ ٿو
          * /لکجيٿ/+/ اِي/  =  لکجي ٿي
* /لکجي/ + / م/ + /ٿي/ =  لکجيم ٿي
                      ــــــــــ / اِ /  ــــــــــ    =  لکجيئِه ٿي
                      ــــــــــ / وَ /  ــــــــــ    =  لکجيوَ ٿي
                      ــــــــــ / س/  ــــــــــ   =  لکجيس ٿي
                      ــــــــــ / نِ /  ــــــــــ   =  لکجينِ ٿي
          * /لکج/ + / اَن/  =  لکجن
                             +/ م/ =  لکجنم
                             +/ اِ /  =  لکجنئِه
                             +/ وَ / =  لکجنوَ
                             +/ س/ =  لکجنس
                             +/ نِ / =  لکجننِ
        * /لکجن/ + /ٿ/ = لکجنٿ + /آ/ = لکجن ٿا      
* /لکجن/ + / م/ + /ٿا/ =  لکجنم ٿا
                      ــــــــــ / اِ /  ــــــــــ    =  لکجنئِه ٿا
                      ــــــــــ / وَ /  ــــــــــ    =  لکجنوَ ٿا
                      ــــــــــ / س/  ــــــــــ   =  لکجنس ٿا
                      ــــــــــ / نِ /  ــــــــــ   =  لکجننِ ٿا
          * /لکجنٿ/+/ اُون/  =  لکجن ٿيون
* /لکجن/ + / م/ + /ٿيون/ =  لکجنم ٿيون
                      ــــــــــ / اِ /   ــــــــــ     =  لکجنئِه ٿيون
                      ــــــــــ / وَ /   ــــــــــ     =  لکجنوَ ٿيون
                      ــــــــــ / س/   ــــــــــ    =  لکجنس ٿيون
                      ــــــــــ / نِ /   ــــــــــ    =  لکجننِ ٿيون
          * /لکج/ + / اَڻ/  =  لکجَڻ
                             +/ اُ / =  لکجڻُ
                             +/ اَ /  =  لکجڻَ
                             +/ او / =  لکجڻو
                             +/ آ / =  لکجڻا
                             +/ اِي/ =  لکجڻِي
                             +/ اُون/ =  لکجڻيون
                             +/ اي/ =  لکجڻي
* /لکج/ + /ب/ = لِکجب
                             + /او/ = لکجبو
                             + /آ / = لکجبا
                             + /اِي/ = لکجبي
                             + /اُون/ = لکجبون
                             + /اُم/ (= /اُ/+/م/) = لکجبُم
                             + /اَم/ (= /اَ/+/م/) = لکجبَم
                             + /اُءِ/ (= /اُ/+/اِ/) = لکجبُئه
                             + /اَءِ/ (= /اَ/+/اِ/) = لکجبَئه
                             + /اُوَ/ (= /اُ/+/وَ/) = لکجبُوَ
                             + /اَو/ (= /اَ/+/وَ/) = لکجبَوَ
                             + /اُس/ (= /اُ/+/س/) = لکجبُس
                             + /اَس/ (= /اَ/+/س/) = لکجبَس
                             + /اُن/ (= /اُ/+/ن/) = لکجبُن
                             + /اَنِ/ (= /اَ/+/ن/) = لکجبَنِ
]نوٽ: سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جو ڇيهڪ آواز ] اُ [ يا ] او [، ان جي هڪ اهڙيءَ صرفيه (يا صوتيي) جو ڪارج ادا ڪري ٿو، جيڪا کيس مذڪر واحد جو مفهوم ڏئي ٿي، جيئن: جهرڪُ، گهوڙو وغيره. ساڳيءَ طرح ] اَ [ يا ] آ [ ڇيهڪ آواز هڪ صرفيه جو ڪارج ادا ڪندي مذڪر جمع جو مفهوم ڏئي ٿو، جيئن جھرڪَ، گھوڙا وغيره. مؤنث واحد جو مفهوم ڏيندڙ عام ڇيهڪ آواز ] اِ [ يا ] اِي [ صرفيه طور ڪم ايندڙ آهن، جيئن: گڏههِ، گهوڙِي وغيره ۽ مؤنث جمع لاءِ ] اُون [ وڌيڪ عام آهي، جيئن: جهرڪيون، گهوڙيون وغيره. ٻولن جي مٿي ڏنل اڏپ ۾ ٻولن جي معنوي گهرائيءَ تي ڌيان ڏبو ته ڪي وڌيڪ شيون ظاهر ٿين ٿيون، جن جي مختصر وضاحت زمان ماضي جي فعلي صورت هيٺ ڪئي وئي آهي.[
* /لک/ + /ب/ = لِکب
                             + / او / = لکبو
                             + / آ / = لکبا
                             + / اِي/ = لکبي
                             + / اُون/ = لکبيون
                             + / اُم/ = لکبُم
                             + / اَم/ = لکبَم
                             + / اُءِ/ = لکبُئه
                             + / اَءِ/ = لکبَئه
                             + / اُوَ/ = لکبُوَ
                             + / اَوَ/ = لکبَوَ
                             + / اُس/ = لکبُس
                             + / اَس/ = لکبَس
                             + / اُن/ = لکبُن
                             + / اَن/ = لکبَنِ
]نوٽ: هتي به ٻولن جي معنوي گهرائي تي گهربل ڌيان ڏيڻ سان جيڪي گڻ پڌرا ٿين ٿا، انهن جو مختصر ذڪر ۽ وضاحت زمان ماضي وارين فعلي صورتن هيٺ ڪئي وئي آهي.[
        * /لک/ + /اَت/ = لِکَت
                             + / اَ / = لکتَ (لکتِ!)
                             + / اُون/ = لکتون
* /لک/ + /ي/ = لِکيه
                             + / او / = لکيو
                             + / آ / = لکيا
                             + / اِي/ = لکيي (لکِي)
                             + / اُون/ = لکيون
                             + / اُم/ = لکيُم
                             + / اَم/ = لکيَم
                             + / اُءِ/ = لکيُئه
                             + / اَءِ/ = لکيَئه
                             + / اُوَ/ = لکيُوَ
                             + / اَوَ/ = لکبَوَ
                             + / اُس/ = لکيُس
                             + / اَس/ = لکيَس
                             + / اُن/ = لکيُن
                             + / اَن/ = لکيَنِ
]نوٽ: /لکيُم/ ٻه مفهوم ظاهر ڪري ٿو:
(1) مون لکيو... ’مون‘ (ضمير متڪلم واحد)
فاعلي حالت
(2) مون ڏي لکيو... ’مون‘ (ضمير متڪلم واحد)
مفعولي حالت
جڏهن ته ’جيڪو ڪجهه لکيو ويو‘ (مثال خطُ، ڪاغذ وغيره) اهو ’مذڪر واحد‘ آهي.[
/لکيَم/ ڇهه مفهوم ظاهر ڪري ٿو:
(1)    مون لکيا
(2)   مون لکِي
(3)   مون لکيون
(4)   مون ڏي لکيا
(5)   مون ڏي لکِي
(6)   مون ڏي لکيون
پهريَن ٽن جملن ۾ ضمير متڪلم واحد ’حالت فاعلي‘ ۾ آهي ۽ پوئيَن ٽن جملن ۾ ان جي حالت مفعولي آهي. جڏهن ته جيڪو ڪجهه لکيو ويو، اهو (1) ۽ (4) جملن ۾ مذڪر جمع، (2) ۽ (5) جملن ۾ مؤنث واحد ۽ (3) ۽ (6) جملن ۾ مؤنث جمع آهي.
ٻول ۾ هر اها صورت جنهن ۾ } اُ { آهي، جيئن لکيُم، لکيُئه، لکيُس ۽ لکيُن، اتي مفعول مذڪر واحد آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ } اُ { مذڪر واحد جو مفهوم (به) ظاهر ڪندي آهي. ٻول جي هر اها صورت جنهن ۾ } اَ { آهي، جيئن لکيَم، لکيَئه، لکيَس، لکيَن، اتي ’مفعول‘ مذڪر جمع، مؤنث واحد ۽ مؤنث جمع آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ } اَ { مذڪر جمع جو مفهوم (به) ظاهر ڪندي آهي، پر ايئن ڇو آهي ته اها ئي صرفيه مؤنث واحد ۽ مؤنث جمع جو به مفهول ظاهر ڪري ٿي؟ ڇا هڪ ٻول ڇهه مفهوم ٿو ڏئي يا ڇهه ٻول هوري هوري پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن؟ ليکڪ سمجهي ٿو ته ڇهه ٻول هوري هوري پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن ۽ مفعول مذڪر واحد واري جملي ۾ ٻه پنهنجون صورتون بدلائي هڪ ٻول جي صورت وٺي بيٺا آهن.
(الف)  1- /لک/+/ي/+/اُ/+/م/ = لکيُم (مون لکيو)
2- /لک/+/ي/+/او/+/م/ = لکيوم (مون ڏي لکيو)
(ب)   1- /لک/+/ي/+/اَ/+/م/ = لکيَم (مون لکيا)
2- /لک/+/ي/+/اِ/+/م/ = لکيئم/لکيَم (مون لکي)
3- /لک/+/ي/+/اُون/+/م/=لکيئونم<لکيونم<لکيَم (مون لکيون)
4- /لک/+/ي/+/آ/+/م/ = لکيام < لکيَم (مون ڏي لکيا)
5- /لک/+/ي/+/اِي/+/م/=لکيِئيم<لکيِيم<لکيم<لکِيئَم<لکيَم
(مون ڏي لکي)
6- /لک/+/ي/+/اُون/+/م/ = لکيئونم < لکيونم < لکيَم
(مون ڏي لکيون)
مٿي ڏنل ضمير متڪلم واحد جي مفعولي حالت ظاهر ڪندڙ صرفيائن جي بناوت/اڏپ هن طرح به ٿي سگهي ٿي:
(الف)  2- /لک/+/ي/+/اُ/+/او/+/م/ = لکيوم (مون ڏي لکيو)
(ب)   4- /لک/+/ي/+/اَ/+/آ/+/م/ = لکيام < لکيام < لکيم
(مون ڏي لکيا)
5- /لک/+/ي/+/اِ/+/اِي/+/م/ = لکيِئيم < لکِئَم < لکيَم
(مون ڏي لکي)
6- /لک/+/ي/+/اُون/+/اُون/+/م/=لکيوئونم < لکيونئم < لکيَم
(مون ڏي لکيون)
سنڌي ٻوليءَ جي باشعور ۽ اڪابر سگهڙن جڏهن ڏٺو ته ان نموني ضمير متڪلم ۽ ضمير غائب جو مفهوم هڪ ٻئي سان وچڙي هڪ ٻئي کي منجهائي ٿو، تڏهن ان جو حل ٻئي نموني ڳوليو ويو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. هِتي /لکجب/ ۽ /لکب/ ترت ڌاتو ٻولن جي سري هيٺ ڏنل ٻولن جو اڀياس پڻ مٿي ڏنل بحث جي روشني ۾ ڪرڻ گهرجي.
        * /لکيـ/ + /اَل/ = لکيَل
                             + /اُ/ = لکيلُ
                             + /اَ/ = لکيلَ
                             + /اُون/ = لکيلون
        * /لکيـ/ + /اُ/ + /م/ = لکيُم
                                  + /اَءِ/ = لکيُمئه < لکيُمانءِ
                                  + /اَوَ/ = لکيُمَوَ < لکيُمانوَ
                                  + /اَس/ = لکيُمَس < لکيُمانس
                                  + /اَن/ = لکيُمن < لکيُمانن
يا
        - /لکيـ/ + /او/ + /مان/ = لکيُم
                                  + /اِ/ = لکيومانئه
                                  + /وَ/ = لکيومانوَ
                                  + /س/ = لکيومانس
                                  + /نِ/ = لکيوماننِ
        - /لکيـ/ + /او/ +/سي (سون، سين)/ = لکيوسي
                                                + /اِ/ = لکيوسيءِ
                                                + /وَ/ = لکيوسيوَ
                                                + /س/ = لکيوسيس
                                                + /نِ/ = لکيوسينِ
        - /لکيـ/ + /او/ +/اِ/ = لکيوءِ
                                + /م/ = لکيوئِم، لکيُئم
                                + /س/ = لکيوئس، لکيُئس
                                + /نِ/ = لکيوئِنِ، لکيُئِنِ
        - /لکيـ/ + /او/ +/وَ/ = لکيووَ
                                + /م/ = لکيووم، لکيُوئم
                                + /س/ = لکيووَس، لکيُوَس
                                + /نِ/ = لکيووَنِ، لکيُوَنِ
        - /لکيـ/ + /او/ +/اِين/ = لکيوئِن، لکيئين، لکيائين
                              + /م/ = لکيوئينم    +/م/ = لکيائينم
                              + /اِ/ = لکيوئينئه      +/اِ/ = لکيائينئِه
                              + /وَ/ = لکيوئينوَ      +/وَ/ = لکيائينوَ
                              + /س/ = لکيوئينس   +/س/ = لکيائينس
                              + /نِ/ = لکيوئيننِ     +/نِ/ = لکيائيننِ
        - /لکيـ/ + /او/ +/اُون/ = لکئون، لکيَئون، لکيائون
                              + /م/ = لکيوئونم    +/م/ = لکيائونم
                              + /اِ/ = لکيوئونئه      +/اِ/ = لکيائونئِه
                              + /وَ/ = لکيوئونوَ      +/وَ/ = لکيائونوَ
                              + /س/ = لکيوئونس   +/س/ = لکيائونس
                              + /نِ/ = لکيوئوننِ     +/نِ/ = لکيائوننِ
* /لکيـ/ + /اَ/ +/م/ = لکيَم    يا - /لکيـ/ + /آ/ +/مان/ = لکيامان
                     +/اَءِ/=لکيَمَئه<لکيامانءِ           +/اِ/ = لکيامانءِ
                     +/اَوَ/=لکيَمَوَ<لکيامانوَ             +/وَ/ = لکيامانوَ
                     +/اَس/=لکيَمَسَ<لکيامَس          +/س/ = لکيامانس
                     +/اَنِ/=لکيَمنِ < لکيامنِ          +/نِ/ = لکياماننِ
        - /لکيـ/ + /آ/ +/سي/ = لکياسي
                                  + /اِ/ = لکياسيءِ
                                  + /وَ/ = لکياسيوَ
                                  + /س/ = لکياسيس
                                  + /نِ/ = لکياسينِ
        - /لکيـ/ + /آ/ = لکيا + /اِ/ = لکياءِ
                                        + /م/ = لکيائِم
                                        + /س/ = لکيائس
                                        + /نِ/ = لکيائِنِ
        - /لکيـ/ + /آ/ +/وَ/ = لکياوَ
                                + /م/ = لکياوَم
                                + /س/ = لکياوَس
                                + /نِ/ = لکياوَنِ
        - /لکيـ/ + /آ/ +/اِين/ = لکيائين
                                 +/م/ = لکيائينم
                                 +/اِ/ = لکيائينئِه
                                 +/وَ/ = لکيائينوَ
                                 +/س/ = لکيائينس
                                 +/نِ/ = لکيائيننِ
        - /لکيـ/ + /آ/ +/اُون/ = لکيائون
                                  +/م/ = لکيائونم
                                  +/اِ/ = لکيائونئِه
                                  +/وَ/ = لکيائونوَ
                                  +/س/ = لکيائونس
                                  +/نِ/ = لکيائوننِ
* /لکيـ/ + /م/ = لکيِم + /اَءِ/ = لکيمَئه < لکيَمئه
      +/اَوَ/=لکيمَوَ < لکيَمَوَ
      +/اَس/=لکيمَسَ < لکيَمَس
                                            +/اَنِ/=لکيمَنِ < لکيَمَنِ
يا
        - /لکيـ/ + /اِي/ + /مان/ = لکيمان
+/اِ/= لکيامانءِ
+/و/= لکيمانوَ
+/س/= لکيمانس
                                      +/نِ/= لکيماننِ
        - /لکيـ/ + /اِي/ + /سي/ = لکيسي
+/اِ/= لکيسيءِ
+/وَ/= لکيسيوَ
+/سِ/= لکيسيسِ
                                      +/نِ/= لکيسينِ
        - /لکيـ/ + /اِي/ + /اِ/ = لکيئِه < لکيَئه
     +/م/= لکيَئم
     +/س/= لکيَئس
                                  +/نِ/= لکيَئِنِ
        - /لکيـ/ + /اِي/ + /وَ/ = لکيِوَ < لکيَوَ
     +/م/= لکيِوَم، لکيَوَم
     +/س/= لکيِوَس، لکيِوَس
                                  +/نِ/= لکيِوَن، لکيِوَن
        - /لکيـ/+/اِي/+/اين/ = لکيِيئين < لکيَئِن < لکيائين ...+ ( )
                                 + /م/ = لکيَئِينم
                                 + /اِ/ = لکيَئينئِه
                                 + /وَ/ = لکيَئينوَ
                                 + /س/ = لکيَئينس
                                 + /نِ/ = لکيَئيننِ
  - /لکيـ/+/اِي/+/اُون/ = لکيئيون < لکيِئون< لکيَئون< لکيائين...+ ( )
                        + /م/ = لکيَئونم
                        + /اِ/ = لکيَئونئِه
                        + /وَ/ = لکيَئونوَ
                        + /س/ = لکيَئونس
                        + /نِ/ = لکيَئوننِ
        * /لکيـ/ + /اُون/ + /م/ = لکيونم
                                      + /اَءِ/ = لکيونمَئه < لکيَمَئه
                                      + /اَوَ/ = لکيونمَوَ < لکيَمَوَ
                                      + /اَس/ = لکيونمَس < لکيَمَس
                                      + /اَنِ/ = لکيونمَنِ < لکيَمَنِ
        - /لکيـ/ + /اُون/ + /مان/ = لکيونمان
                                      + /اِ/ = لکيونمانءِ
                                      + /وَ/ = لکيونمانوَ
                                      + /س/ = لکيونمانس
                                      + /نِ/ = لکيونماننِ
        - /لکيـ/ + /اُون/ + /سي/ = لکيونسي
                                      + /اِ/ = لکيونسيءِ
                                      + /وَ/ = لکيونسيوَ
                                      + /س/ = لکيونسيس
                                      + /نِ/ = لکيونسينِ
        - /لکيـ/ + /اُون/ + /اِ/ = لکيونئِه
                                   + /م/ = لکيونئِم
                                   + /س/ = لکيونئِس
                                   + /نِ/ = لکيونئِنِ
        - /لکيـ/ + /اُون/ + /وَ/ = لکيونوَ
                                   + /م/ = لکيونوَم
                                   + /س/ = لکيونوَس
                                   + /نِ/ = لکيونوَنِ
        - /لکيـ/+/اُون/+/اِين/ = لکيِونئين < لکيَئين < لکيائين...+ ( )
                                 + /م/ = لکيونئينم
                                 + /اِ/ = لکيونئينئِه
                                 + /وَ/ = لکيونئينوَ
                                 + /س/ = لکيونئينس
                                 + /نِ/ = لکيونئيننِ
- /لکيـ/+/اُون/+/اُون/ = لکيُوئون < لکيَئون < لکيائون ...+ ( )
                                      + /م/ = لکيونئونم
                                      + /اِ/ = لکيونئونئِه
                                      + /وَ/ = لکيونئونوَ
                                      + /س/ = لکيونئونس
+ /نِ/ = لکيونئوننِ
* /لکج/ + /ي/ = لکجي
+ /او/ = لکجيو
]نوٽ: ڪن سنڌي عالمن جي راءِ آهي ته فعل جون هتي ڄاڻايل صورتون سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه آڻڻ گهرجن. ڏسو ڀيرومل آڏواڻي جو ڪتاب ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘. /لکي/ جيان، ان جهڙو ڦيرو، هنن صورتن جو به ٿي سگهي ٿو.[
+ /آ/ = لکجيا
+/اِي/ = لکجِي (لکجي)
+ /اُون/ = لکجيون
+ /اُم/ = لکجيُم
+ /اَم/ = لکجيَم
+ /اُءِ/ = لکجيُئِه
+ /اُوَ/ = لکجيُوَ
+ /اَوَ/ = لکجيَوَ
+ /اُس/ = لکجيُس
+ /اَس/ = لکجيَس
+ /اُنِ/ = لکجيُنِ
+ /اَنِ/ = لکجيَنِ

* /لک/ + /د/ = لکد
+ /او/ = لکدو
]نوٽ: ”رائج تحريري محاوري ۾ ’اسم حاليه‘ جي بناوت جو مدار عام طرح ٻن ڳالهين تي سمجهيو وڃي ٿو: (1) ڪنهن اسم مصدر جي ’امر حال‘ (واحد) جي پوئين حرف تي ’پيشُ‘ هوندو ته اهو ’پيش‘ ’زبر‘ سان مٽائي، پٺيانئس ’ندو‘، ’ندا‘، ’ندي‘ يا ’نديون‘ جو اضافو ڪبو ته اسم حاليه ٺهي پوندو. جيئن لکُ مان لکندو، لکندا، لکندي ۽ لکنديون... ماٿيلي-اوٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ جيئن ته امر حال (واحد) جو پويون اکر ساڪن ٿئي ٿو، تنهنڪري ان ۾ اسم حاليه جوڙڻ وقت ’ن‘ غنو حذف ڪري ڇڏبو آهي ۽ آخري اکر تي پيش واري امر حال جي پٺيان ’دو‘، ’دا“، ’دي‘ يا ’ديون‘ جو اضافو ڪبو آهي. مثلاً لکندو بدران ’لکدو‘، پڙهندو بدران ’پڙهدو‘، گهمندو بدران ’گهمدو‘، ڦرندو بدران ’ڦردو‘ وغيره اچاربو آهي. اهڙي حالت ۾ ’ن غني‘ کي اڻلکي نموني به ظاهر نه ڪبو آهي...
... مثلاً لکندڙ کي ’لکدڙ‘، وٺندڙ کي ’وٺدڙ‘، چڀندڙ کي ’چڀدڙ‘ ڪري ڳالهائبو آهي.“
(پروفيسر شيخ محمد فاضل، ’ماٿيلي-اوٻاوڙي جي ٻولي‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 1992، ص-57 ۽ 59[
+ /آ/ = لکدا
+ /اِي/ = لکدِي
+ /اُون/ = لکديون
+ /اُم/ = لکدُم
+ /اَم/ = لکدَم
+ /اُءِ/ = لکدُءِ
+ /اَءِ/ = لکدَءِ
+ /اُوَ/ = لکدُوَ
+ /اَوَ/ = لکدَوَ
+ /اُس/ = لکدُس
+ /اَس/ = لکدَس
+ /اُنِ/ = لکدُنِ
+ /اَنِ/ = لکدَنِ

* /لکد/+/اُ (او)/+/م/ (يا /مان/) = لکدُم، لکدوم (لکدومان)
                                 + /اَءِ/ (يا /اِ/) = لکدومَئه (لکدومانءِ)
                                 + /اَوَ/ (يا /وَ/) = لکدومَوَ (لکدومانوَ)
                                 +/اَس/ (يا /س/)=لکدومَس (لکدومانس)
                                 + /اَنِ/ (يا /نِ/) = لکدومَنِ (لکدوماننِ)
]نوٽ: ليکڪ پاڻ کي ان حيثيت ۾ نه ٿو ڀانئي جو هن ترتيب کي وڌيڪ تفصيل ۽ ٻٽين ضميري پڇاڙين سميت بيان ڪري سگهي.[
* /لکد/ + /اَڙ/ = لکدڙ
]نوٽ: ليکڪ سمجهي ٿو ته سنڌي فعلي ٻولن ۾ }د{ هڪ اهڙي صرفيه آهي جيڪا مقرر هنڌ تي زمان مستقبل جي نشاندهي ڪري ٿي. فعل جي ڌاتوءَ (مثال: /لک/ کان پوءِ جڏهن }ٿ{ اچي ٿي ته زمان حال، }ي{ اچي ٿي ته زمان ماضي ۽ }د{ اچي ٿي ته زمان مستقبل جو ٻول ٺهي ٿو (مثال: /لکد/) جنهن جي پويان عدد ۽ جنس جي نشاني }او، آ، اِي يا اُون{ اچي، فعل جي مڪمل صورت جوڙي ٿي ــــــــ لکٿو، لکيو، لکدو، لکٿا، لکيا، لکدا، لکٿي، لکيي (لکي)، لکدي ۽ لکٿيون، لکيون، لکديون. زمان حال سان ماڻهوءَ جو تمام گهڻو ۽ سڌو واسطو رهي ٿو، تنهنڪري، ۽ زمان مستقبل ڏي لاڳيتو وڌڻو اٿس تنهنڪري انهن زمانن بابت سندس ڳالهه ٻول وڌيڪ واضح ۽ چٽي هئڻ گهرجي.

[i]  نوٽ: هي مضمون مڪمل صورت ۾ ڊاڪٽر محبت جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ۾ ڇپيل آهي.

No comments:

Post a Comment