4/17/2024

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ - منير احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: منير احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ

 

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جو مُدو 10 آگسٽ 1977ع تي ختم ٿيڻو هو. پ پ پ جي ڪجهه اڳوڻن ڀُٽي (صاحب) کي صلاح ڏني ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ڇو ته آگسٽ مھينو چونڊن لاءِ موزون ناهي. ڀُٽي (صاحب) وٽ رٿ رکي وئي، ته چونڊون آڪٽوبر يا نومبر 1977ع ۾ ڪرايون وڃن. تڏهن به، مرحوم ڀُٽي ان سان اتفاق نه ڪيو ۽ پاڻ قومي اسيمبليءَ جون چونڊون 7 مارچ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون 10 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

4/16/2024

سنڌ معاملن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟ - اقبال جعفر/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: اقبال جعفر

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

سنڌ معاملن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟

 اسان مان گهڻن لاءِ سنڌ جي تاريخ هِن علائقي ۾ عرب ڪاهه سان شروع ٿئي ٿي. هِن وقت مقصد اهو ناهي ته ان تاثر کي ٺيڪ ڪيو وڃي، پر هاڻوڪي مقصد لاءِ اها لاڳاپيل ڳالهه آهي، ته تاريخ جي ان گَهڙيءَ کان هڪ بيڊولي حالت کي اُکيلڻ (سَلڻ) شروع ڪيو وڃي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين هڪ پرولي ٿي پئي آهي. اوڀر ۾ بنگلاديش ۽ اولھه ۾ پاڪستان اندر مسلمان گهڻائي ڇو آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ايندڙ هڪ وسيع عوامي ميدان واري ايراضيءَ ۾ ڪجهه به نه، جيڪو لڳ ڀڳ 700 ورهه مسلم حڪمرانيءَ هيٺ رهيو؟ سنڌي مسلم ثقافت جي پاڙ ڳولڻ لاءِ اسان کي ان سوال جو جواب ڏيڻو آهي.

4/11/2024

ڪئناڊا ايڪيل رهڻ جي اميد رکي ٿو (محمد اظغر علي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)

 ليکڪ: محمد اظھر علي خان

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

                              

ڪئناڊا ايڪيل (equal) رهڻ جي اميد رکي ٿو

         

ڪئناڊا سڄيءَ دنيا جي انهن ماڻهن کي ڏاڍو وڻندو آهي جيڪي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻارن جو سٺو آئيندو اَڏڻ جي سَڌ رکندي هِن ڌرتيءَ تي اچڻ گهرن ٿا.

پر پاڻ ڪئناڊا منجهه، اُن تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن اچي ويا آهن. عالمي طور تي پيدا ٿي ويل پَستيءَ ڪئناڊا کي خاص طور ڏکيو ڪيو آهي. اهو 1930ع کان وٺي هن وقت تائين پيدا ٿيل حالتن مان سڀ کان وڌيڪ ڏُکي حالت منجهان گذري رهيو آهي. ڌَنڀياسي (معاشي) ماهر چوَن ٿا ته هاڻي وري به کوٽ کي ڀَري سگهڻ ويجهو اچي پھتا آهيون، پر ڏيوالا ۽ بي روزگاري وڌي ويا آهن ۽ هتي اها سَڀار (عام) ساڃاهه (ادراڪ) آهي ته پاڻ ڀرڻ جو عمل ڍرو هوندو. سياسي محاذ تي صورتحال ڪجهه سُڌري آهي. هاڻي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اها اميد ڪجهه وڌي آهي ته ڏيھه هڪُ ئي رهندو، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پڪ سان چئي سگهن ٿا ته ڏيھُه ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ ڪو نه ٽُٽندو.