... جيڪو سچ چوي![1]
(حصو پهريون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي
حيدرآباد، سنڌ
1988ع
ڇاپو: پهريون
سال: فيبروري 1988ع
تعداد: هڪ هزار
قيمت: پنجويهه رپيا
انٽرنيٽ ڇاپو: 2016ع
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
هي ڪتاب سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي
پاران، سردار پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.
ڪوئي آهي، ڪوئي آهي! جيڪو سچ چوي؟
ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائڻ تان،
جيڪو گھونگھٽ لاهي،
ڪوئي آهي!
سانگ سياست جا سمجھي،
جو ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
ڪوئي آهي!
اونداهيءَ سان جيڪو اُلجھي،
چانڊوڪيءَ کي چاهي،
ڪوئي آهي!
سنڌڙي، مون کي سڏ ته ڏي،
تون چُپ ڇو آهين، ڇاهي!
ڪوئي آهي!
ڪوئي آهي، ڪوئي آهي! جيڪو سچ چوي؟
(شيخ اياز)
ارپيوسين،
سنڌ جي سورهيه شهيد،
شهيد عوام محمد فاضل راهوءَ
کي،
جنهن کي ڪوڙ ۽ ٻهروپ، مڪر ۽ منافقيءَ،
غداريءَ ۽ وطن فروشيءَ لاءِ،
سخت نفرت هئي؛
جنهن پنهنجي زندگي انهن سان وڙهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
جنهن کان ڪوڙ ۽ ٻهروپ، مڪر ۽ منافقي،
غداري ۽ وطن فروشي ايترو ته ڊنل ۽ هراسيل هيون،
جو سازش ڪري کيس شهيد ڪرائڻ کان پوءِ به،
سندن کانئس ڊپ نه لٿو،
۽ رڳو سندس رسمي تعزيت ڪرڻ کي به،
حرام ۽ ڪبيرو گناهه بنائي ڇڏيائون.
لطيف ۽ سڄڻ
فهرست
مهڙ مصنف
باب پهريون: وڏيرن جا ڪارناما
باب ٻيو: ڪوڙو ڪير؟
باب ٽيون: ڇا
جِي ايم سيد صاحب موقعي پرست ناهي؟
باب چوٿون: سنڌ دشمنن جو ڇاڙتو ڪير؟
باب پنجون: جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولو پنهنجي
پاس ڪيل ٺهراءَ جي
عزت رکي
باب ڇهون: دشمن پنجاب جو عوام، شاهوڪار نه!
عام مظلوم پنجابي، سامراجي ذهنيت رکندڙ پنجابي نه!
باب ستون: سنڌي عوام ”پنجاب جو
ايجنٽ“!؟
باب اٺون: جِي
ايم سيد ۽ ”سنڌو ديش“ جا اڳواڻ ڪير؟
باب نائون: رجعت پرستو! عوام دشمنو!
ڪاڏي وئي خالص سنڌ جي سياست
باب ڏهون: آريسر جي اڏام
باب يارهون: ڊسڪو
ڪامريڊ ارباب کهاوڙ
باب ٻارهون: دنيا جي هڪڙي نرالي قوم
باب تيرهون: سنڌي
ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟
باب چوڏهون: ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ
حصو“ سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو.
مهڙ
محترم جِي
ايم سيد سامراج جي ڇاڙتي، فوج جي يار ۽ رجعت پرست ”پاڪستان قومي اتحاد“ جي غير
مشروط حمايت ڪئي. سنڌي قوم خاموشيءَ سان ڏسندي رهجي وئي. هن ڀُٽي کي مارائي ”اشراف“
۽ ”ايماندار“ فوج کي اقتدار ڊگهو ڪرڻ جا ڏس ڏنا. سنڌي ماڻهو ڏندين آڱريون ڏيئي
تڪيندا رهيا. هن سنڌي-دشمن مافيا کي ڳراٽڙيون پاتيون ۽ سنڌي ماڻهن جي اتحاد جي
سرٽوڙ مخالفت جاري رکي. سنڌين ڪجهه به نه ڪڇيو. هن سنڌي عوام کي، سنڌي مزدور کي ۽
هاري عوام کي، سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي، پٽڪن ۽ اجرڪن کي پنجاب جو ايجنٽ سڏڻ
شروع ڪيو تڏهن ماٺ رهڻ مشرڪيءَ جهڙو ڏوهه بنجي ويو آهي.
آريسر
صاحب، ڄام ساقي صاحب، ارباب کهاوڙ صاحب ۽ ٻين رجعت پرست ”ترقي پسند“ ٽراٽسڪائي
ٽولن سنڌي قوم جي گهڻگهرين اڳواڻن تنظيمن ۽ سنڌي عوام جي اتحاد خلاف باهوڙون مچائي
ڇڏيون. ”انقلابي فڪر“ جي آڙ ۾ غير نظرياتي جاهل سوچون ڦهلايون وينديون رهيون. پر
هاڻ جڏهن سمورا ليڪا لنگهي بدمعاشي ۽ سازش ڪري سنڌي-دشمن مافيا جي سنڌين خلاف ڪيل
چاليهن سالن جي مجرمانه سنگين وارداتن تي پردو وجهڻ لاءِ انهن کي ”سنڌي قوم جو
اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سڏي سنڌي قوم جي مربين ۽ محسنن طور سنڌي ماڻهن تي مڙهڻ شروع
ڪيو ويو آهي تڏهن معزز ۽ مهذب روپ ۾ ان جهالت ڀري سازش جو عزت ۽ تهذيب وارو ”انقلابي“
چوغو ڇڪي لاهڻ ضروري ٿي پيو آهي.
ڄام ساقي
صاحب، آريسر صاحب، ارباب کهاوڙ صاحب پارن جي مجرمانه خاموشي ۽ سڌي اڻ سڌي تائيد
سان سنڌي-دشمن مافيا پاران پنجين قوم جو نعرو لڳڻ لڳو ۽ ديشي سورمن ساڻن آواز ۾
آواز ملائي هنبوشيون هڻڻ ۽ سندن پهريداري ڪرڻ شروع ڪري ڏني تڏهن سنڌي قوم کي
هٿرادو اقليت ۾ آڻي سنڌ-دشمني مافيا جي سنڌ مٿان هميشه لاءِ قبضو ڪرائي ڇڏڻ واري
سنڌي-دشمن سازش کي اگهاڙو ڪرڻ قومي فرض ٿي پيو آهي.
پنجابي
ڦورو طبقن مرڪز وسيلي ڇانوڻيون ۽ پوليس چوڪيون وڇائي سنڌ کي قيدخانو بنائڻ ۽ مظلوم
قومن مٿان قهري بلائون نازل ڪرڻ ۽ انهن کي وڌيڪ ڦرڻ ۽ پيڙڻ جون ڏاڍايون هلائڻ شروع
ڪري ڏنيون. انهن خلاف مظلوم قومن ۽ خاص ڪري سنڌي قوم پاران احتجاج ۽ مقابلو ڪرڻ
قوم جي هڪڙي اولين گهرج بنجي چڪي آهي.
سنڌي قوم
اقليت ۾ پئي تبديل ٿئي ۽ سنڌ کي فنا ڪرڻ لاءِ هر پاسي کان ڄورون ڄرڪيون، لوهڻيون ۽
ٿيلهون چنبڙي ۽ چهٽي پيون آهن. سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن بچائڻ لاءِ سنڌي عوام کي منظم، متحد
۽ مضبوط ڪرڻ تاريخي حالتن جي پهرين گُهر ٿي چڪي آهي.
سنڌي قوم
جو عظيم، دلير ۽ دانا سپوت ۽ رهبر رسول بخش پليجو، سندس تنظيم ۽ سنڌ جون ٻيون هڏ
ڏوکي ۽ گهڻگهريون تنظيمون ۽ ماڻهو پنهنجو وطن دوست تاريخي فرض نڀائڻ لاءِ سنڌي
عوام جي قومي اتحاد جو سڏ کڻي انهن وٽ وڃي پهتا جن پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو گهڻ-گُهرو ۽ هڏ ڏوکي پئي ڄاڻايو.
ڪن ها
ڪئي، ڪي ڏيکاءَ لاءِ گڏيا، ڪن نهڪر ڪئي، ڪن گاريون ڏنيون ۽ ڪي ڀڄي وڃي دشمن قوتن
جي جهول ۾ لِڪا. سنڌي دشمن ڌوتيون وڃي هڪ جاءِ تي ڪٺيون ٿيون.
پهرين
جنوري کان وٺي اٺين جنوري 1988ع تائين سڄي سنڌ ۾ سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي مطالبن
لاءِ مظاهرا ڪيا ويا. اٺين جنوري واري احتجاج ۾ لک کان مٿي سنڌي ماڻهن مردن،
عورتن، ٻارن، ٻڍن، گڏجي حصو ورتو. حيدرآباد ۾ ڪيل ان احتجاج هڪ طرف سنڌين جي
بدخواهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ته ٻئي پاسي وري سنڌي عوام ۾ سگهه، ڀروسي ۽
سورهيائي جو نئون ايمان تازو ڪري ڇڏيو آهي.
هڪڙا
ماڻهو پنهنجي وطن جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، ٻيا رڳو ڏيکاءَ ڪن ٿا ۽ ٽيان
دشمنيون ڪن ٿا. سنڌي عوام هاڻي پنهنجن سڄڻن، واتوڙين ۽ دشمنن کي سڃاڻي ورتو آهي.
خاص طرح
اتحاد دوست ماڻهن خلاف هر مورچي تي دشمن پنهنجون توبون کوڙي ۽ ڪوڙڪيون وڇائي ڇڏيون
آهن. جنهن مورچي تي دشمن وڌيڪ زور سان وڙهندو ان ئي مورچي تي ساڻس وڌيڪ سخت ويڙهه
ڪئي ويندي آهي. هن ڪتاب ۾ اسان انهن ئي مورچن تي ڌيان ڏنو آهي جن تي هن وقت سنڌي
قوم سندس کليل ۽ ڳجهن ويرين ۽ سندن حامين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي.
سنڌ ۾ هڪ
سياسي ٽولو پيدا ٿيو آهي جنهن پاڻ کي ’سنڌ دوست مزدور تنظيم‘ سڏايو پئي.
سندن پراڻا ديشي ٽولي ڀائي کين شنگورا سڏيندا آهن. رڳو ڪتاب لکجڻ جيتري عرصي ۾ اهو
ٽولو سنڌ دوست انقلابي تنظيم ٿي پيو آهي. خبر ناهي ته اڳتي ڇا ٿئي. هن ڪتاب ۾ ان
جو ذڪر ”سدمت“ جي نالي سان ڪيل آهي. ان ٽولي جا اڳواڻ ٽي اهڙا همراهه آهن
جن کي اها به خبر نه پوندي آهي ته ڪالهه ڇا لکيو هئائون ۽ اڄ ڇا پيا لکن.
هن ڪتاب
جو مسودو تيار ڪندي آريسر صاحب جي هڪ تقرير ڪتابي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي جنهن جو نالو
”وطن پرستي، ڇا جيئي سنڌ تحريڪ سنڌين کي اڪيلو ڪري
مارائڻ چاهي ٿي؟“ رکيو ويو آهي. ان ۾ به عادت موجب ڪنهن ٻئي جي واتئون
ڳالهه گهڙي قصو ٺاهي هلايو اٿائين. هونئن ته سڄي ڪتاب جو مواد غلط لفافي ۾ پيش ڪيل
آهي، پر جيڪڏهن سوويت يونين جي انقلاب تي رڳو هڪڙي ئي نظر وجهي ها (ٺيڪ نظر جي
ڳالهه ٿا ڪريون، جڏيءَ نظر جي نه) ته کيس ايڏي ڄٽڪي پٽاڻ ڪرڻ اجائي لڳي ها.
اسان
رشيد لاشاريءَ جي هڪ چوپڙي ”جِي ايم سيد پنهنجي
تحريرن جي آئيني ۾“ پڙهي هئي. رشيد لاشاري جِي ايم سيد تي موضوع سان
واسطيدار جيڪا تنقيد ڪئي هئي، اها غير سائنسي، بي بنياد ۽ ٺوس دليلن تي ٻڌل نه
هئي. ان جي ڪيل تنقيد جي ڀيٽ ۾ اسان کي جِي ايم سيد جو مواد ٺيڪ لڳو هو.
ان ساڳي
ئي طريقي تي صوفي حضور بخش صاحب ”قومي خودمختياري ۽
پليجو“ نالي ڪتاب لکي ڇپرايو آهي. صوفي صاحب ان هٿ ٺوڪي ۽ من گهڙي وهم ۾ نه
پئي ها ته محترم رسول بخش پليجو ”صبح ٿيندو“
تان ڦري ويو آهي ۽ رڳو کيس اتحاد جي فلسفي جا ٻه اکر به اچن ها ته 130 صفحن جو
ڪتاب لکي وقت ۽ پيسو (پنهنجو يا ٻين جو) برباد نه ڪري ها. هن جي ڪتاب مان ماڻهن
پنهنجي گهڻ-گُهرن جي لکتن جي ڏاڍي چهر
ورتي. صوفي صاحب پنهنجي سڄي تنقيد جو بنياد هٿ ٺوڪين وهمن ۽ هِن هُن غير واسطيدار ماڻهن
جي لکتن تي بيهاريو آهي. جيڪڏهن صوفي صاحب پنهنجي تنقيد جو بنياد ڪنهن فرد خلاف
حسد ۽ ساڙ ڪڍڻ جي جذبي بدران تنظيمي منشور ۽ بنيادي ڪتابن جي ايمانداريءَ
واري ڇنڊڇاڻ تي رکي ها، ته به کيس پنهنجو
ڪتاب لکڻ بي مقصد لڳي ها.
سرمت
(هاڻي سوات) 31 صفحن جي چوپڙي ”سنڌين جو اتحاد
تاريخ جي ضرورت“ ۾ 24 صفحا پليجي صاحب بابت ڦيرڦار وارين من گهڙت ڳالهين
سان ڀري ڇڏيا ۽ موضوع تي مجموعي طرح چوويهه سٽون به نه لکيون. ”واپ نڪتهء نظر“ الف کان ي تائين پليجي صاحب بابت
بهتان بازين سان ڀريل آهي.
اسان جي
تنظيم جي بنيادي ڪتابن کي کڻي ٺوس نظرياتي بحث ڪيو ته مڃون به. اسان جا ڪتاب موجود
آهن، ملن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو نه اٿوَ ته اسين ڏيون. هٿ ٺوڪيون، ڪوڙيون دعوائون گهڙي،
بهتان بازي ڪري، پنهنجو سياسي ڌنڌو ڪيترو چمڪائيندؤ؟ ڪو نه هلندوَ! عوام، ماڻهو
هوشيار آهن، سڀ سمجهن ٿا. ڪوڙ جي ڪل ڄمار آهي گهڻي، ڦُو ڪرڻ سان اڏامي ويندو.
اسان
پنهنجي هن ڪتاب ۾ به ساڳي، پنهنجن اڳواڻ ساٿين واري، اصولي روش برقرار رکي آهي ۽
ڪنهن به تنظيم سان ڪا به هٿ ٺوڪي ڳالهه نه ملائي آهي. بلڪه عام ڪارڪنن جي ڳالهه به
نه کنئي آهي. مڃيل نمايان اڳواڻن جي انٽرويوئن، مضمونن ۽ ڪتابن تان حوالا کڻي بحث
ڪيو آهي. اسين ان ئي اصولي رويي کي برقرار رکڻ جي آئنده به ڪوشش جاري رکنداسين.
عملي،
ادبي ۽ سياسي فضيلت اها آهي ته فراخدليءَ سان صحيح تنقيد کي قبول ڪيو وڃي ۽ ناجائز
تنقيد دليلن سان رد ڪجي.
هڪڙو عرض
ڪرڻو اٿئون ته ڪتاب ڏاڍي عزت واري مقدس امانت آهن. اهي ڪوشش ڪري پنهنجي صحيح ٻولي
۽ صورتخطي ۾ لکو، جملن جي بيهڪ ٺيڪ رکو ته جيئن ايندڙ نسل توهان جا ڪتاب پڙهي گهٽ
۾ گهٽ اهو ته سمجهي ته سندس وڏن کي صحيح ٻولي ايندي هئي.
هر فرد،
گروهه يا قوم جو ويڙهه جو پنهنجو پنهنجو ڍنگ هوندو آهي. سنڌي دشمن مافيا صدين کان
وات جو کٽيو پئي کاڌو آهي. سندن زبان ۾ ڄڻ ساڳئي وقت هزارين ڪيسٽ ڀريا رکيا آهن.
چاٻي ڏيڻ جي دير آهي، جنهن قسم جي ڳالهه ٻڌائڻي هوندي، ٻڌڻ ۾ ايندي. ماڻهن کي
ريجهائڻ، برغلائڻ، ڌتارڻ، پٻيون ڏيڻ، سرسبز باغ ڏيکارڻ، جنتر منتر هڻي پنڊ پهڻ ڪري
ڇڏڻ، ڌاتورا پياري مَت مان ڪڍي ڇڏڻ، خواريون ڪرڻ، ڦشريون ٻارڻ، پاڻ ۾ ويڙهائڻ،
ڦسڪڻيون هڻڻ، زبان کولڻ جي دير آهي. جيڪي دل چوندين سي ٻول وات مان ڄڻ ازخود پيا
نڪرن. الزامن ۽ بهتانن جا ڪيسٽ ته هر وات ۾ ڄڻ سٿيا پيا آهن. سنڌي ماڻهن کي دٻائڻ
هيسائڻ، ڪمتريءَ ۽ گنهگاري جي احساس ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ خاص ڪيسٽ ڀريل آهن. انهن مان
هڪڙو آهي سنڌ جي هڏ ڏوکي ماڻهن تي اهو الزام مڙهڻ ته اسان جي ڳالهه تي اجايو زور
ڏنو ٿو وڃي ۽ پنجابين جي ڳالهه تي ايترو زور نٿو ڏنو وڃي. ريڪارڊ شاهد آهي ته اها
ڳالهه بلڪل من گهڙت ۽ بدمعاشيءَ وارو بهتان آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌي دشمن مافيا
کي سنڌي وڏيرن قوم پرستن، نقلي ترقي پسندن ۽ ٽراٽسٽڪاين مان ڪافي اهڙا ڇاڙتا ملي
ويا آهن جيڪي چوويهه ڪلاڪ سنڌي-دشمن مافيا جي هر سنڌي دشمن ڳالهه کي سنڌي قوم تي
احسان عظيم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. کين سندن علي الاعلان ظاهر ڪئي ويندڙ
مرضيءَ جي خلاف زبردستي سنڌي قوم جو اٽوٽ ۽ گهڻ-گهرو انگ ۽ حلالي ٻچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾
ڪو اهڙو سنڌي ماڻهو ورلي لڀندو جيڪو پنجابي رجعت پرست بالادست ڦورو ۽ ظالم طبقي ۽
ان طبقي جي حامين جي مظلوم قوميتن جي معاملي ۾ اختيار ڪيل روش ۽ ان جي ڪيل بيرحمي
وارن ظلمن ۽ زورآورين کي تسليم نه ڪري، انهن تي پردو وجهي ۽ ان جا عذر ۽ تاويلون
ڪري انهن جو بچاءَ ڪري ۽ سنڌي قوم جو هڏ ڏوکي، محسن، مربي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
سنڌي قوم جي حقيقي گهڻ-گهرن جي
نظر ۾ پنجاب جي حڪمران طبقن، انهن طبقن جي حامين جا ملڪ جي مظلوم عوام ۽ خاص ڪري
مظلوم قومن جي پورهيت عوام ۽ اڃا به خاص ڪري سنڌين سان جيڪي ويل بيان ڪيا وڃن ٿا
تن کان حقيقت ۾ ڏهوڻا بلڪه سَوڻا هزاروڻا ويل آهن. انهن ڦرين لٽن، ظلمن ۽ بيدردين
جي اڻ کٽ داستان جو جيترو بيان ڪجي ۽ جيترا ڀيرا ڪجي سو ٿورو ٿيندو. جن ڦورو ۽
ظالم ٽولن جي ڦورو ۽ ظالم ڪردار کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ کين سنڌين جو
وڏي ۾ وڏو مربي ۽ محسن ڪري ٻڌايو وڃي ٿو سي آهن هڪڙا سنڌي وڏيرا شاهي وارا (خاص
ڪري انهن جو قوم پرستيءَ جو ڪوڙو ڍنگ ڪندڙ ٽولو)، ٻيو ساڻس صلحي پناهگير رجعت پرست
اڳواڻ ٽولو (سنڌي دشمن مافيا) ۽ ٽيان آهن سنڌي وڏيرا شاهي ۽ سنڌي دشمن مافيا ٻنهي
جا ڇاڙتا نقلي ترقي پسند ۽ ٽراٽسڪائي. جنهن ڳالهه کان انڪار ڪونهي ان تي اصرار جي
ضرورت گهٽ ٿي پوي. اصل ضرورت ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي هوندي آهي جيڪا مڃي ئي نه
وڃي. ان ڪري سنڌي دشمن مافيا ۽ سندس اصل ۾ وڏيرا پرست ۽ ظاهر ۾ قومپرست ۽ نقلي
ترقي پسند ڇاڙتن جي هر ڳالهه کان انڪاري هر ڏوهه جو عذر پيش ڪندڙ، هر جرم تي پردو
وجهندڙ، ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پروپيگنڊا جو جواب ڏيڻ
جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي. انسان سڀ ڀائر آهن. آخري ڇنڊڇاڻ ۾ انسان سڀ هڪ بدن جا عضوا
آهن. ”بني آدم اعضاءِ يڪ ديگرند“. دنيا جو ڪو به گروهه، ڪا به قوم، اهڙي ڪانهي
جنهن کي پنهنجي تاريخ ۾ پنهنجي پتيءَ جا ڏک ۽ سک نه مليا هجن. ڪنهن ماڻهوءَ سان
پيار ۽ محبت ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته هو اسان جهڙو مظلوم انسان آهي. تمام گهڻيون
صديون اڳي هندوستان جي عظيم سنسڪرت شاعر ڀرتري هريءَ ڪجهه ان نموني ڳالهه ڪئي هئي
ته ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻو ماڻهو منهنجو عزيز آهي،
فلاڻو ڌاريو آهي، ڪيڏا نه اياڻا آهن! ائين ڇو نٿا چون ته ”جيڪو به ڏکويل انسان آهي
سو منهنجو عزيز آهي.“ اسين سنڌي ماڻهو اها ڳالهه سمجهون ٿا بلڪه اسين ٻين جي ڀيٽ ۾
شايد وڌيڪ سمجهون ٿا. اسان تاريخي طرح پوءِ الائي پنهنجي ڪمزوريءَ، اٻوجهائي يا
بيوقوفيءَ جي ڪري، پر هميشه انسانيت کي هر ڳالهه جي مٿان فوقيت ڏيندا رهيا آهيون.
ايتري قدر جو مذهبي ويڇن ۽ فرقن جي مٿان به انسانيت کي اوليت ڏيندا رهيا آهيون.
اسان رنگ ۽ نسل کي ڪڏهن به اوليت ڪا نه ڏني آهي. اسان جي تاريخ سڄي ان ڳالهه سان
ڀري پئي آهي. اسان جا نسلن پويان نسل هر قسم جي ڏتڙيل ماڻهن کي بدترين حالتن ۾ به
پنهنجي فراخدليءَ، رواداريءَ ۽ انسان دوستيءَ جو ثبوت ڏيندا رهيا آهن. اڄ به جيڪو
ڏکويل آهي سو اسان جو ڀاءُ آهي. اسين سمجهون ٿا ته ڏک جو رشتو دنيا جو عزيز ترين
رشتو آهي.
بڙا هي درد ڪا رشته يي دل غريب سهِي،
تمهاري نام پي آئين گي غم گسار چلي.
اسان جو اهو قومي فلسفو لطيف سائينءَ هيئن پيش ڪيو آهي:
سائين
سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست
تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
انهي ڪري ئي اياز چيو آهي:
ڄـاريـن
منـجهه ڄـائـي، پنهنجـي پـرائي،
ڳالهه مڙيوئي هڪڙي.
يعني عام حالتن ۾ جيڪو به مظلوم آهي، جيڪو به غريب آهي سو
هن قوم جو آهي يا هُن قوم جو، اسان لاءِ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اسان جي سڄي اعلى
شاعري، اعلى ادب، اسان جا سمورا اعلى اديب، شاعر انهيءَ سڄي اصول جا علمبردار آهن.
هن ڪتاب ۾ جيڪي به لکيو ويو آهي، ان مان اها هرگز مراد نه سمجهڻ گهرجي ته اسين پاڻ
کي ڪنهن ٻئي گروهه يا قوم کان بهتر سمجهون ٿا. نه! اسان لاءِ اهو ئي وڏو اعزاز آهي
ته اسين ٻين ڀائرن جهڙا ڀائر آهيون. اسين چاهيون ٿا ته دنيا جي ٻين قومن جي ماڻهن
۾ جيڪي گڻ آهن، خدا ڪري شال اسان ۾ به اهڙا گڻ پيدا ٿين. اسان کي پنهنجي اوگڻن جي
سربستي نه، ته به ڪافي خبر آهي. اسان کي خبر آهي ۽ اسين ڏسون پيا ته ڪافي ماڻهو
سڄو ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي گروهه کي وٺي پڏائيندا آهن ۽ پنهنجي گروهه جون پسوريون
ويٺا بيان ڪندا آهن. اسان وٽ اهو عيب ليکيو ويندو آهي. اسان وٽ رسم اها آهي ته
اسين پنهنجي قومي گڻن تي گهٽ ڳالهائيندڙ آهيون
۽ اوگڻن تي گهڻو ڳالهائيندا آهيون. اسان جي خيال ۾
جيڪا قوم پنهنجو پاڻ تي انفرادي توڙي اجتماعي، گروهي توڙي قومي خود تنقيد نٿي ڪري
اها قوم ڪڏهن به اڳتي نه وڌندي. گذريل ڪيترين ڏهاين ۾ اسين پنهنجو پاڻ تي،
پنهنجي قوم تي، خود تنقيد ڪندا رهيا آهيون. اسان جي خيال ۾ اها جيتري قومي تنقيد ڪئي
اٿئون اها به ناڪافي آهي. اسان کي اڃا به وڌيڪ ذاتي ۽ قومي خود تنقيد ڪرڻ گهرجي.
اسان کي پاڻ کي بهتر بنائڻ کپي، پنهنجا عيب دور ڪرڻ کپن. پاڻ ۾ وڌيڪ انسانيت، وڌيڪ
رواداري، وڌيڪ تعصب کان آجائي ۽ وڌيڪ انسان دوستي پيدا ڪرڻ کپي. پنهنجي قومي فطرت سبب اسان ڪنهن به ٻئي انسان کي فقط ان جي
ڪنهن قوم سان، ڪنهن مخصوص گروهه سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ڌڪاري سگهون ئي نٿا. اسين
پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ هرگز نٿا چاهيون. انهيءَ قومي ضرورت جي
دائري اندر رهندي، جيڪو اسان سان ڀائرن جهڙو ڀاءُ ٿي رهڻ جو عملي ثبوت ڏئي ان سان
ڀاءُ بنجي رهڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اڳلو سچي نيت سان هڪڙو قدم به اسان ڏانهن
وڌائيندو ته اسين ان ڏانهن ڏهه قدم وڌي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. ماڻهن کي ڀانئڻ، انهن
کي سچو قرب ڏيڻ، انهن مان قرب جي توقع رکڻ، انهن سان گڏجي هڪ ٿي وڃڻ اسان جي
تاريخي قومي روايت آهي. اسين پنهنجي ان ورثي کي ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. ساڳيءَ
طرح وڏن جي عزت ڪرڻ به اسان جي قومي روايت آهي. جن وڏي عمر جي ماڻهن قوم لاءِ
جيتري قدر جيترا چڱا ڪم ڪيا هجن تن جي ان ڪم جي نوعيت جي مدنظر تهائين وڌيڪ عزت
ڪئي ويندي آهي ۽ ڪرڻ کپي. جيڪڏهن اهي ماڻهو حاڪم طبقي جا ماڻهو آهن ته پوءِ ته
لاشعوري طرح به ماڻهو خودبخود سندن وڌيڪ بلڪه تمام گهڻي عزت ڪن ٿا. اسان وٽ جيڪي
عمر جا وڏا اسان جا بزرگ آهن ۽ قوم لاءِ چڱا ڪم به ڪيا اٿن انهن لاءِ اسان کي سندن
عمر توڙي اڳوڻن چڱن ڪمن جي ڪري تمام گهڻو دلي احترام آهي. بدقسمتيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن
جڏهن ان دلي احترام جي تقاضائن ۽ قوم جي مظلوم عوام جي مفادن جي تقاضائن ۾ جيڪا هم
آهنگي ۽ هيڪڙائي هجڻ گهرجي سا ڏسڻ ۾ نٿي اچي، بلڪ انهن جي وچ ۾ صاف طرح ٽڪر نظر
اچڻ لڳي ٿو، تڏهن مشڪلاتون پيدا ٿي پون ٿيون جن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هڪڙي
طرف ذاتين، شخصيتن، بزرگن ۽ وڏن جو احترام اهم فرض آهي، ته ٻئي طرف پنهنجي قوم ۽
پنهنجي مظلوم عوام جي بنيادي ۽ دائمي مفادن جي حفاظت جو اهم ۽ مٿاهون فرض ٿئي ٿو.
(سماجي فرض جي به هڪڙي ڏاهن گهڻن واري ڏاڪڻ ٿئي ٿي. هڪڙا ٻين کان مٿاهان فرض ٿين
ٿا، ٻيا انهن کان هيٺاهان) قوم ۽ سندس عوام جو احترام ڪرڻ جو فرض، قومي مفادن جو
احترام ڪرڻ، انهن کي ٻين سمورن مفادن کان برتر سمجهڻ ۽ اوليت ڏيڻ جو فرض، قوم جي
گهڻ-گُهرائي جو فرض، قومي گهڻ-گهرائي جي صحيح واٽ ۽ حڪمت عمليءَ
جو احترام ڪرڻ جو فرض، ۽ قوم جي گهڻ-گهرائي جي صحيح واٽ ۽ حڪمت عملي تي اورچائي ۽ مضبوطيءَ سان
هلندڙ فردن، گروهن، شخصيتن ۽ تنظيمن جو احترام ڪرڻ جو فرض، قومي ۽ عوامي نقطهء نظر
کان اهي سمورا فرض ٻين سمورن ذاتي احترام جي فرضن کان مٿاهان بلڪه چوٽيءَ جا فرض
آهن. ان ڪري جتي به انهي ٻنهي قسمن جي فرضن ۾ يعني هڪڙي پاسي بزرگ ماڻهن جي احترام
جي فرض ۽ ٻئي پاسي دائمي ۽ بنيادي قومي مفادن جي احترام جي فرض جي وچ ۾ ٽڪر ٿي پوي،
ته اتي اوليت پوئين يعني قومي ڳالهه کي ڏيڻ گهرجي ۽ نه پهرين ذاتي ڳالهه کي، جيئن
ٿيندو رهيو آهي.
هيستائين ان سلسلي ۾ اسان جي روش مجرمانه حد تائين غلط ۽
گمراهيءَ واري پئي رهي آهي. اسين قابل احترام سمجهيل فردن بابت پنهنجا فرض ادا ڪرڻ
جي خوش فهميءَ ۾ پنهنجي قوم کي تباهه ڪندا رهيا آهيون. اها ڳالهه نه ٿيڻ کپي. اسان کي فردن سان گڏ قوم جو پورو پورو احترام ڪرڻ گهرجي ۽
ضرورت مهل قومي احترام کي ذاتي احترام تي فوقيت ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهڻ گهرجي.
هتي جيڪو به لکيو ويو آهي سو فقط ۽ فقط اسان کي جيڪي قومي ۽
عوامي فرضن جون تقاضائون مٿاهيون سمجهڻ ۾ آيون آهن تن جي پورت ڪرڻ، سچ کي سچ چوڻ،
ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ ۽ ڳالهين ۽ حقيقتن کي نه لڪائڻ ۽ جيئن هجن تيئن بيان ڪرڻ جي فرض جي
بجا آوريءَ لاءِ لکيو ويو آهي. ان ۾ ڪنهن به فرد، گروهه يا ٽولي جي گهٽتائي ڪرڻ جي
هرگز مراد ناهي. هن ملڪ جي اندر گذريل چاليهن سالن ۾ ماڻهن سان جيڪي وهيو واپريو
آهي، ان جو هڪڙو سبب هي آهي جو فقط هڪڙي طرفَ ڳالهايو آهي، ٻيا طرف ماٺ رهيا آهن.
بلڪه انهن کي زبردستي خاموش ڪيو ويو آهي، تان جو هي ملڪ مظلوم قومن ۽ طبقن جو
قيدخانو بنجي ويو آهي. چوندا آهن ته ماءُ به روئڻ کان سواءِ بُبو نٿي ڏئي. جيڪڏهن
ماڻهو ڪڇندو ئي ڪو نه، ته ٻئي ماڻهوءَ کي ڪيئن احساس ٿيندو ته هن ماڻهوءَ جي جذبن
۾ ڪيتري شدت آهي. اڪثر ماڻهو ڀانئين ٿا ته سنڌي ماڻهو ٻگهلا آهن. هنن کي اسان جي
چالاڪين، عيارين، مڪرن ۽ سازشن جي ڪا خبر ئي ڪا نه ٿي پوي، ڪو احساس ئي نٿو ٿئي،
ڪو غصو ئي نٿو اچي، ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ ان غلط فهميءَ ۾ وڃن ٿا روزانو سنڌي
عوام جي خلاف وڌيڪ ڏوهه، سازشون ۽ بدمعاشيون ڪندا. ڏوهاري ٽولن جي هم قوم يا هم
گروهه عوام کي ڄڻ خبر ئي ڪا نه ٿي پوي ته سندن گروهه يا قوم جي بدمعاش ماڻهن جي
ڪارستانين جي ڪري ڪنهن کي ڪيترو ايذاءُ، ڪيترو ڏک پيو رسي، ان ڪري هو انهن کي روڪڻ
جي ضرورت ئي محسوس نٿا ڪن. انهن کي لغام ڏيڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن. هو پنهنجي روش ۾
بهتري آڻڻ، مظلومن سان بهتر تعلقات قائم ڪرڻ ۽ اهڙن بهتر لاڳاپن جي لاءِ گهربل
صحيح سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي بنياد اڏڻ جي ضرورت محسوس ئي نٿا ڪن.
ماڻهن ۽ قومن جي وچ ۾ ٺاهه ۽ دوستيءَ جو فقط هڪڙو ئي بنياد
ٿي سگهي ٿو. اهو آهي حق حق ڪرڻ. اهو نه ٿيو معنى غلط فهمين، ناٺاهه ۽ جهيڙن فسادن
جو بنياد رکيو. اسين سمجهون ٿا ته حقي ڳالهيون ڇا آهن. اهي معلوم ڪرڻ کان سواءِ حق
ٿي ئي نٿو سگهي ۽ ناحقي ڳالهين کي اگهاڙي ڪرڻ کان سواءِ حق معلوم ڪرڻ جو رستو
هموار ٿي نه ٿو سگهي. اسين هي ڳالهيون ۽ حقيقتون ان لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون ته
جيئن سڀني واسطيدار ڌرين کي اهي معلوم ٿين، هو انهن کي سمجهن، انهن جي تپاس ڪن،
انهن جي پروڙ حاصل ڪن ۽ جيڪڏهن هنن کي انهن ڳالهين مان ڪي ڳالهيون صحيح، مناسب ۽
واجبي نظر اچن ته هو پنهنجو پاڻ جي، پنهنجي ذات، پنهنجي گروهه ۽ پنهنجي قوم جي
روش، روين، موقعن ۽ هلتن ۾ مناسب تبديليون ۽ ڦيريون گهيريون ڪرڻ جي مسئلن تي غور
ڪري ان سلسلي ۾ گهربل ڪاروائي ڪن، ته جيئن اهي بنياد ميسر ٿي سگهن جن جي بنياد تي هڪڙي دوستاڻي ۽
ڀائيچاري واري ماحول جي اڏاوت ڪري سگهجي. اسان جي خواهش ڀائيچاري واري برادري
ماحول کي پيدا ڪرڻ آهي، نه ڪي ان جي غير موجودگيءَ کي وڌيڪ شديد ڪرڻ آهي. اسين
پنهنجي سمجهه ۽ پنهنجي عقل آهر ڪوڙ، مڪر ۽ دوکي تان پردو کڻي، عيارين، بدمعاشين ۽
رهزنين کي سندن اصل نالو ڏيئي پنهنجي پر ۾ دراصل عوام جي اندر حقيقي ٻڌيءَ جي لاءِ
گهربل بنياد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ڪو ٻيو ان کي ان جو ابتڙ سمجهي، ته
مهرباني ڪري اسان کي دليل ڏيئي سمجهائي. اسين سکڻ، سمجهڻ ۽ پاڻ سڌارڻ لاءِ نه رڳو
تيار آهيون پر انشاءَالله اسان کي ان لاءِ آتو ۽ بي چين ڏٺو ويندو.
-لطيف ۽ سڄڻ
باب پهريون
وڏيرن جا ڪارناما
سنڌي ماڻهو گذريل صدين ۾ غلاميءَ، قبائليت ۽ جاگيرداريءَ جي
دَورن مان گذرندا ۽ انهن نظامن هيٺ مڪاني ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقن ۽ انهن جي پوئلڳن
توڙي ڌارين حملي آور قومن جي بالادست طبقن ۽ سندن پوئلڳن جي ڦرلٽ، دٻاءَ، دهشت ۽
غلاميءَ جا عذاب ڀوڳيندا رهيا آهن. هن وقت سنڌي قوم مکيه چئن قسمن جي ڦرلٽ ۽ ظلم
جي آزارن جو شڪار آهي. هڪڙو آهي سنڌي وڏيرن جي ڦرلٽ ۽ ظلم جو طبقاتي آزار، ٻيو آهي
پنجابي-پناهگير بالادست ٽولن جي ڦرلٽ ۽ ظلم جو آزار، ٽيون آهي سول
۽ فوجي آمريت خاص ڪري بار بار لڳندڙ مارشل لائن جي ڦرلٽ ۽ ظلم جو آزار، ]۽[ چوٿون آهي دنيا
جي سامراجي طاقتن خاص ڪري آمريڪي سامراج جي ظلم ۽ ڦرلٽ جو آزار. اهي چارئي ڌريون
پاڻ ۾ ٻٽ آهن. هر ڳالهه جي ابتڙ ڳالهه به آهي. استثنائون ۽ نراليون ڳالهيون هر دور
۾ ٿينديون رهنديون آهن. ڀَلن پيٽان ٺَلها ۽ ٺلهن پيٽان ڀلا پيدا ٿيندا رهندا آهن.
هڪڙي طرف پورهيت پنوهارن مان طبقاتي غدار ۽ حاڪم طبقن جا ڳيجهو، ڌارين جا دلال ۽
سندن اشاري تي هڪ ٽَنگ تي بيهي نچڻ، جهمريون پائڻ ۽ مارو ماڻهن ۽ انهن جي حقيقي گهڻ-گهرن
کي ڇتي ڪتي وارا چڪ پائي، خوشيءَ جا ٺينگ ٽپا ڏيئي ڀونڪڻ ۽ گگون ڳاڙڻ وارا پيدا
ٿيندا رهندا آهن، ته ٻئي طرف فرعون طبقن جي گهرن ۾ موسى پيدا ٿيڻ به بند نه ٿيندا
آهن.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪئين اهڙا نرالا انسان پيدا ٿيا آهن جيڪي
سنڌي بالادست طبقن مان هوندي ۽ ڪن ڳالهين ۾ انهن طبقن جون ڪيتريون خصوصيتون رکندي
به، پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ڏاڪي تي ۽ جدوجهد جي ڪنهن نه ڪنهن مورچي تي،
ڪي نه ڪي قابل ذڪر ڪارناما سرانجام ڏيندا، پنهنجو پاڻ ملهائيندا ۽ سنڌي تاريخ ۾
پنهنجو نالو سونن اکرن ۾ لکائيندا رهيا آهن. راجا ڏاهر کان وٺي دودي ۽ دريا خان
تائين ۽ مير شير محمد خان ٽالپر، پير صبغت الله شاهه، شهيد الله بخش کان ٿيندي مير
علي بخش خان ٽالپر ۽ ذولفقار علي ڀُٽي تائين اهو سلسلو هلندو رهيو آهي ۽ جيستائين
ڦورو ۽ ظالم طبقا تاريخ جي اسٽيج کان صفا غائب نه ٿيا آهن، تيستائين انهن مان
ڪيتري به ٿورڙي انداز ۾ سهي ۽ ڪيتري به گهڻي وقفي کان پوءِ به اهڙا املهه انسان
پيدا ٿيندا رهندا جن کي ايندڙ نسلَ ڪنهن نه ڪنهن حساب ۾ پنهنجو محسن ۽ گهڻ-گهرو سمجهي کين احترام ۽ عقيدت سان ياد ڪندا رهندا.
سنڌي تاريخ جي ڪن سونهري دورن ۽ ڪن اهڙين قابل احترام هستين
کي ڇڏي سنڌ جو بالادست وڏيرو طبقو ڄڻ روز ازل کان وٺي عام طرح انتهائي خودغرض،
لالچي، ڦورو، ظالم، وطن فروش ۽ قوم دشمن رهيو آهي ۽ هر زماني ۾ پنهنجي ذاتي ۽
طبقاتي فائدي جي جيري لاءِ، قوم ۽ عوام جي وسيع ۽ جٽادار مفادن جِي ٻڪري ڪهندو
رهيو آهي. انگريزي دور ۾ سنڌي وڏيرو سنڌي هندو سرمائيدار طبقي جيان انگريزن جي
ايجنٽ طور ڪم ڪندو ۽ انهن جي ڇانوَ هيٺ ۽ سندن پٺڀرائيءَ سان سنڌي عوام خلاف
اڪيچار ظلم ڪندو ۽ سامراجي ڇاڙتي جو پارٽ ادا ڪندو رهيو آهي.
1930ع جي ڏهاڪي ۾ بزدل ابن الوقت ۽ غدار وڏيرن سنڌ سان
غداري ڪري ليگي ليڊرشپ جي ان سنڌ دشمن گُهر بابت چپن کي چُونو لائي ڇڏيو ته يُو
پيءَ ۽ سِي پيءَ جي عوام دشمن رجعت پرست لکنوي ۽ دهلوي مسلمان نوابن ۽ جاگيردارن
کي اسيمبلين ۾ سندن حصي کان وڌيڪ سيٽون ڏنيون وڃن ۽ ان جي عيوض اوتريون سيٽون سنڌي
مسلمانن جون گهٽائي هندو سرمائيدارن کي ڏنيون وڃن. نتيجي طور سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي
مسلمان ڀاري اڪثريت ۾ هوندي به فقط معمولي اڪثريت رهجي ويا ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾
فرق گهٽجي ايترو ٿورو وڃي رهيو جو انگريز پرست سيٺيا، مسلمان وڏيرن کي زر تي خريد
ڪري انهن جي معرفت سنڌي وزارتن کي روز ڊاهرايو ويٺا هوندا هئا. ڪا به اهڙي جٽادار
وزارت ٺهي نه سگهي، جا پاڻ ۾ ايتري سگهه ساري سگهي، جو ڳڙ ذري ۽ مرچن جي چپٽيءَ جي
عيوض سنڌي هارين ۽ آبادگارن جون لکن جون زمينون وياج خور سرمائيدار طبقي هٿان هڙپ
ٿيندي رهڻ جو عمل زمين جي وڪري تي ضابطي (land Alienation Act) جي ڪنهن اهڙي قانون وسيلي روڪي سگهجي جنهن جهڙو قانون پنجاب جي
صوبائي حڪومت گهڻو گهڻو اڳ (شايد 1911ع ۾) پاس ڪري، پنهنجي صوبي جي هارين ۽
آبادگارن کي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان بچائي ورتو. اهڙي قانون جي پاس نه ٿي سگهڻ ڪري
پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ري گناهه کوکن کاتن جي ڪري لڏي ويل هندن
جون ليکجي پناهگير ڪوڙن ڪليمن جي ور چڙهي ويون جن انهن کي ڏهه ڏهه دفعا وڪڻي سنڌي
هارين ۽ آبادگارن جا ڀونگا ڀينگ ڪري ڇڏيا.
هڪڙو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري قسم جي شيءِ ۽ ٻين ڪيترين
صوبن کي جهڙوڪر سَـﺆ سال پوءِ ملي. ٻيو ته جڏهن 1936ع ۾ اها عمل ۾ آئي تڏهن ان
کي اڃا ڏهاڪو سال ئي ڪو نه پورا ٿيا ته پاڪستان ٺهي ويو ۽ سنڌ وري نون واڳن جي وات
۾ اچي وئي. انهن ڏهاڪو سالن ۾ به وڏيرن ۽ سيٺين وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪو نه ڏنو. روز خسيس
خسيس ڳالهين تان در-پور ميٽنگون ڪري ميمبرن کي ڪاڪوسن ۾ لڪايو ۽ ٻيون ذليل حرڪتون
ڪريو، وزارتون ڊاهيندا ٺاهيندا ۽ واري ڊاهيندا ۽ وري ٺاهيندا پيا رهندا هئا. صوبائي
خودمختياريءَ کي هڪڙي عوام دشمن واهيات مشڪري بنائي ڇڏيائون. چوندا آهن ته ”گڏهه
هينگي وس وڃائي“. نتيجو اهو نڪتو جو انهيءَ نوي سالن جي لاڳيتي بمبئي جي غلاميءَ
مان ڇوٽڪارو مليو نه ملئي جهڙو. ڏهن سالن ۾ اڳوڻي ذري گهٽ هڪ صديءَ جي (صوبائي
خودمختياري جي حساب سان) بمبئيءَ جي غلاميءَ جو ازالو ته ڇا ٿيو، اٽلو هنن جي
خرمستين ڪري سنڌ جيڪو اڳ مذهبي رواداري ۽ هندو-مسلم صلح ۽ آشتي جو مثالي وطن هو،
تنهن ۾ اهي وڏيرا جيڪي اڳي پاڻ کي اهنسا وادي، گانڌي وادي ۽ هندستاني قوم پرستيءَ
جا شيوڪ سڏائي سرمائيدار سيٺين جي گودن ۾ پلبا هئا، سندن چُوريون کائي، ديوين جا
درشن ۽ ديوتائن جون پوڄائون پاٺ ڪري، کاڌيءَ جون ٽوپڙيون پايو، سنڌ جي وزارتن جي
زندگين لاءِ ڪاسائي ٿيو، ٻئي چوٿين مهيني انهن جو جهاٽڪو ڪريو، پيا ٺرندا ۽
هنبوڇيون هڻندا هئا (۽ جن جا ڇاڙتا اڄ ڏينهن تائين انهن مجرمانه، ابن الوقتين ۽
سنڌ-دشمنن کي سنڌي قوم تي مرڻ جيئڻ جو احسان جتايو، انهن غليظ خودمطلبيءَ جي
بيهودن سياسي ڏچرپن کي سنڌي قوم جي حقن لاءِ جدوجهد جو نالو ڏيندي پنهنجي ڀوتارن
طرفان وڏيون کيپون کٽڻ جون دعويداريون ڪندي، ذرو به ڦِڪائي ۽ لڄ نٿا محسوس ڪن) سي
ڪجهه ڪانگريسين طرفان سندن ناز برداين ۽ مطلب جي پوراين ۾ ڪجهه گهٽتائي اچڻ جي ڪري
۽ ڪجهه انگريز سامراج طرفان اشاري ۽ آسرن ملڻ سبب اوچتو ئي اوچتو رات وچ ۾ غازي
محمد بن قاسم ۽ غازي صلاح الدين بنجي سنڌي ڪافرن کي قتلام ڪرائڻ لاءِ جهاد لاءِ
گهوڙي تي چڙهي بيهي رهيا ۽ پوءِ سنڌي ماڻهن سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه جي فسادن جي صورت
۾ مذهبي جنون ۾ مبتلا ڪيل سنڌي درندن هٿان معصوم سنڌي ماڻهن جي خون سان اهڙي هولي
کيڏجندي ڏٺي، اهڙي ڪربلا ٿيندي ڏٺي، جنهن جهڙو مثال سنڌي تاريخ ۾ ورلي ملندو.
اهڙيءَ ريت فرقي پرست سيٺين سان گڏجي سنڌي وڏيرن پنهنجي
خسيس ۽ غليظ مفادن خاطر ۽ پنهنجي سامراج جي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هندو ۽ مسلمان
عوام جي وچ ۾ باهه جون کاهيون کوٽي ڇڏيون، ملڪ جي ورهاڱي جا ٺهراءَ پاس ڪرائي داد
حاصل ڪيا، جاني جدا ڪيا، نفرت، تعصب جون باهيون ڀڙڪايون، نوَن ارغونن ۽ ترخانن جا
ٽولا دعوتون ڏيئي ٻاهران گهرايا، ڌارين جون ٻوڏون ڪڙڪايون، سنڌ جا شهر انهن جي
حوالي ڪيا، ون يونٽ لڳرايا، ميسڻا بنجي، مجبوريءَ جا بهانا ڪري، وطن وڪڻي، موجون
ماڻيون، ميمبريون، وزارتون ۽ گورنريون ورتيون، قوم جا گهر برباد ڪرائي پنهنجا گهر
ڀريا، ڪروڙ ڪمايا ۽ الوليون ڪيون. جي ڪن ڳاڻ ڳڻين قوم جي نالي ۾ پنهنجي مطلب جي
ڳالهه ڪئي ته به سکڻي آگ لاهي، آڱر تي رت مکي، شهيدن ۾ نالو لکائي، گهر ويٺي وڏا
نعرا، وڏا وات ٺڪاءَ، وڏيون لٻاڙيون هڻي، پوز ماري، هيرا بنجي، عملي طرح ڪجهه نه
ڪري، عوام کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش موجب تريءَ تي بهشت ڪري ڏيکارڻ جي ڏٽن ۾ آڻي،
آفيمي نعرن جي نشي ۾ موڳو ۽ بي عمل ڪري، کين عملي جدوجهد جي ميدان کان روڪي رڳو
گهر جي ڪنڊ ۾ ويهي اُڀ ڦاڙيندڙ نعرن هڻڻ جي ڊيوٽي سان لڳائي، سندن جدوجهد وسيلي
اڳتي وڌڻ جا گس بند ڪرائي، سياسي جدوجهد جو ميدان سندن دشمنن لاءِ خالي ڇڏائي،
اهڙيءَ طرح پنهنجي طبقي ڀائي حاڪم طبقن کي عوام طرفان مخالفت ۽ جدوجهد جي تڪليف ۽
خطري کان محفوظ ۽ سلامت رکي، اول کين پنهنجي شوشي بازي 0Nuisance
value) جو
احساس ڏياري ۽ مٿن ڪجهه رعب وجهي، پوءِ مٿن اهو احسان ڪري، ساڻن بند دروازن پويان
ڳجهه ڳوهه ۾ سوديبازي ڪري، اقتدار ۾ ساڻن اڻ سڌيءَ طرح پَتي دار ٿي ويهي رهيا ۽
پنهنجي مرضيءَ پنهنجي مطلب جا ميمبر ۽ گورنر کڻائي، انهن مان اڻ سڌيءَ طرح قسمين
قسمين فائدا وٺي موجون ماڻڻ لڳا. ساڳئي وقت پنهنجي ٽڪريل مُلن موراڻن هٿان پنهنجي
لنڊي خوشامد ۾ مخرج واريون لٻاڙي تقريرون ڪرائي ۽ قصيدا لکائي ۽ پنهنجي ڀَٽن
مڱڻهارن هٿان دهل وڄارائي ۽ ڏانڊيا هڻائي، سنڌي قوم جي سَـﺆ پيڙهين تي وڏا ٿورا
ٿـڦي، کين پنهنجي احسانن جو زر خريد غلام ثابت ڪري، اٻوجهه ويساهه وسوڙيل سنڌي
ماڻهن کان پنهنجي پوڄا ڪرائيندا رهيا. مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن قضيان ڪنهن وڏيري ڪو
هڪڙو اڌ چڱو ڪم ڪيو به آهي ته ان جو ايڏو ڍنڍورو پٽايو ويندو آهي، ان ڪم جو قوم
مٿان ايڏو وڏو ٿورو ٿڦيو ويندو آهي ۽ ان کي ايترن گهڻن، ايڏن سنگين ۽ ايڏن ڀاري
قوم دشمن گناهن جي آڙ طور ڪتب آندو ويندو آهي جو انهن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جي
حساب سان اها قوم دوست چڱائي ڦِري، ان کان سوين دفعا وڌيڪ قوم دشمن ڪڌن ڪرتوتن جي
آڙ ۽ جواز بنجي، قوم لاءِ ماکيءَ بدارن اهڙو زهر بنجي پوندي آهي جو جيڪڏهن اها
چڱائي نه ڪئي وڃي ها ۽ نتيجي طور اها سنگين قوم دشمن ڪڌن ڪرتوتن جي آڙ ۾ لِڪ نه
بنجي سگهي ها ته قوم لاءِ هزار دفعا وڌيڪ چڱو ٿئي ها.
ابن الوقت وڏيرا پرست:
ننڍي وچولي طبقي جي پڙهيلن مان هڪڙي حصي جو قومي معاملن ۾
چڱي ۽ مَدي، سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ جو هڪڙو منافقيءَ وارو ٻٽو طبقاتي معيار آهي.
وڏيراشاهيءَ وانگر هنن جي نظر ۾ سڀني ساراهن جا لائق وڏيرا
۽ سندن اڳواڻ، ۽ سڀني تبرائن جا لائق پورهيت عوام ۽ سندن رهنما آهن. هنن جي نظر ۾
به وطن دوست پورهيت عوام، ڪارڪن ۽ رهنمائن جي ڪا به عزت ڪا نه ٿيندي آهي. انهن کي
ڪنهن گاريون ڏنيون، بهتان مڙهيا، کين حق ناحق ذليل ڪيو، انهن جي عظيم چڱائين،
نيڪين، سورهيائين ۽ دانائين، وطن سان وفائن، ڪشالن، اورچاين جي ساراهه ڪرڻ بدارن
انهن تي گند اڇلبو، ته اها نه رڳو خير جهڙي ڳالهه آهي پر پاڻ، سٺي ۽ مزيدار ڳالهه
آهي. اها ٽڙي گل ٿي ڏند ڪڍي، مَرڪڻ، کلڻ، خوش ٿيڻ ۽ مزا وٺي ورجائڻ جي ڳالهه آهي.
عوام خلاف سَند ۽ ثبوت طور استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي بزدليءَ، منافقيءَ ۽ عملي غداريءَ
کي لڪائڻ جي وسيلي طور ڪتب آڻڻ جي ڳالهه آهي. ٻئي طرف ڪو خوشامدڙيو مُنهن جي پڪائيءَ
۽ نڪ جي ڏاڍائيءَ سان ڪنهن عوام جي ويري وڏيري جي خوشامد ۾ نسورو ڪوڙ پيو ڪندو ۽
کيس زمين تان کڻي آسمان تي پيو موڪليندو ته پاڻ ان کي ورجائڻ ۾ جنبي ويندا، پيا
ٺرندا، صدقي صدقي ٿيندا ۽ ٻلهار ويندا، پر ڪنهن پورهيت جي هزارين لکين چڱائين،
خوبين، عظمتن ۽ داناين مان ڪنهن رتيءَ جيتري چڱائيءَ جو ذڪر نڪرندو ته ”ڪُتو ڪَڙم
جو ويري!“ واري ڳالهه وانگر ٻوٿ کڻي بڇڙو ڪندا. سندن نظر ۾ وڏيرا ته بادشاهه آهن.
جي انهن مان ڪنهن جنهن پنهنجي ٻين طبقي ڀاين سان گڏ سڄي عمر عوام جا ڪنڌ ڪاٽيا،
تنهن رڳو هڪڙي پل لاءِ، رڳو وات سان سکڻي دٻ ڏيئي ڇڏي ۽ ان هڪڙي ٺلهي وات جي ٺڪاءَ
جي بدلي ڀلي يا عمر ڪروڙين وطن دشمنيون، بيحيايون، دوکا، دغابازيون پيو ڪري، مڪر،
فريب، منهن جون پڪايون ۽ سينه-زوريون پيو ڪري، ته به موقعي پرست پڙهيل سجدي ۾ ڪري
پوندا ”سبحان الله! سبحان الله“ مچي ويندي. پنهنجي ان وڏيرن جي ڳِيجهو ذهنيت کي
وڏن جي عزت ۽ احترام چئي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا. حالانڪ اسان جا وڏا چئي ويا
آهن ته ”راند ۾ ڪو به سيد ڪونهي.“ ان روش جو سبب اهو آهي جو سنڌي سفيد پوش جي اندر
۾، سندس تحت الشعور بلڪ لاشعور ۾ جيڪو بکيو ويٺو آهي، جنهن صدين تائين وڏيرن جا
پير چُميا چَٽيا آهن، سندن غلامي ڪئي آ، اهو بکيو غلام ماڻهو اڃا تائين گهڻن جي
اندر ۾ ڇپ هڻيو ويٺو آهي، ٻاهر نٿو نڪري. ڀوتار جي باري ۾ سچ ڪيئن ڳالهائبو ۽
ڀوتار جي مظلوم مسڪين ۽ ماريل هارين ۽ انهن جي طرفدارن جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪيئن
بند ڪبو؟ اهڙن ماڻهن جي باري ۾ تعريف ڪيئن ڪبي؟ بلڪه ڪيئن برداشت ڪبي؟ انهن جي گلا
ڪرڻ ۽ ٻڌڻ مان لطف وٺڻ ڪيئن بند ڪبو؟ ڇو ته انهن ڳالهين مان خطرو هي آهي ته ماڻهو
متان موقعي پرست ۽ ابن الوقت سفيد پوشن کان به مطالبو ڪن ته ”ابا هي به ته اوهان
جهڙا ماڻهو آهن! پوءِ اوهين ڇو اهڙا ٿيا آهيو؟ ڇو ڀاڙيا ٿيو، چپن کي چونو هڻيو، رِليون
مٿان ڪريو، زالن کي ٻک وجهيو، گهرن ۾ لڪا ويٺا آهيو؟ اوهين به ڇو نه ٿا چُرو، قوم
۽ وطن لاءِ ڪجهه ڪريو؟“ مطلب ته پوءِ ته ڀيٽ ٿي پوندي. ذلالت، موقعي پرستيءَ، ابن
الوقتيءَ تان پردو کڄي ويندو. اهي اگهاڙيون ٿي پونديون. ماڻهو ماڻهن جي نظر ۾ ڪِري
پوندو، تنهن جي ڪري انهن جي نفسيات ۽ تحت الشعور بلڪ لاشعور جي تقاضا آهي ته ثابت
ڪيو وڃي ته سڄي دنيا اسان جهڙي نڪمي، مفت خور ۽ موقعي پرست آهي. ثابت ڪيو وڃي ته
اسان منجهان اسان جهڙو ماڻهو اسان کان بهتر ڪم ڪري ئي نه ٿو سگهي. چي: ”جي ڪري ها
ته اسين ڪو نه ڪريون ها!“ تنهن جي ڪري ثابت ٿيو ته جيڪو ماڻهو بظاهر اسان کان بهتر
ڪم ڪري ٿو، ڪو مڙسيءَ جو رستو وٺي ٿو، ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو، ان ۾ ضرور ڪا ڳڙٻڙ هوندي،
ضرور ڪا ان ۾ حرامپائي هوندي، خرابي هوندي. ان کي ضرور ڪنهن چوريو هوندو، ڇو ته
سندن نظر ۾، قدرتي طرح، جي ماڻهو موقعي پرست، نيچ ۽ نڪمو نه هوندو، ته ٻيو ڇا
هوندو؟ اهو گستاخ بدمعاش آهي، آقائن جي شانَ ۾ گستاخي ڪري ٿو. آقائن جي شان ۾
گستاخي ڪيئن ٿيندي؟ ”آءٌ جو آهيان. آءٌ انهن جهڙو ڪو نه آهيان.“ آءٌ ڪو نه پيو صبح
شام آقائن کي پيرين پوان، آءٌ ڪو نه سڄو ڏينهن پيو انهن جي اڳيان ناچو بنيو بيٺو
نچان ۽ انهن جي هر غلط ڳالهه تي ڪک وجهان، مٺن مٺن ٻولن سان انهن جي قتل کي سکڻو چَنبو
ڀُونڊو ثابت ڪريان، ڦاسيءَ جهڙي ڪم کي مڙيئي ٿوري ڀل ڪريو پيو پيش ڪريان، ”ڏينهن
ڏٺي جي ڌاڙي کي خير آ، ڪوڙ آهي،“ چَيو ڪو نه پيو ٻوڙيو ڇڏيان؟“ هن جي بزدل ڀاڙي
عوام دشمن، پنهنجي طبقي جي دشمن، وڏيرا پرست، ظالم پرست، غلامانه ذهنيت کيس چوويهه
ڪلاڪ حسد، ساڙ ۽ ريس وچان پنهنجي طبقي ڀاين، پاڻ جهڙن پنهنجي ڀائرن جو دشمن رکيو
اچي. چي: ”بادشاهي وٺڻ جون سياستون ۽ وڏا ڪم چوڌري، ڀوتار، خانَ، سردار، سرمائيدار
ئي ته ڪندا آهن؟ جي ٻين مون جهڙن جي ڪرڻ جا هجن ها ته جيڪر آءٌ ڪو نه ڪريان، آءٌ
ڪو نه سڀني کان اڳ ۾ ليڊر ٿيو پيو هلان ها؟ جيڪي ڪجهه ٻين مون جهڙن ڪيو آهي اهو
جڙتو آ، ڪوڙ آ، ٺڳي آ. آءٌ جو ان ڳالهه جو اڳواڻ ناهيان، وڏيرا جو ان جا اڳواڻ
ناهن ته پوءِ اهو ڪيئن ٿيندو؟ ٿي ئي نه ٿو سگهي.“ هاڻي اهو نتيجو نڪتو ته سمورين
غدارين، بدمعاشين، سازشن کي، ڏينهن ڏٺي جو بازار ۾ قوم کي تين وال ڪرڻ کي، ڪيڪن تي
قوم وڪڻڻ کي، گلن جي هارن پارائجڻ تي قوم وڪڻڻ کي، وڏن اخباري بيانن تي، وڏين سُرخين
۽ هيڊنگن تي، ڪچهريءَ ۾ ويهارڻ تي، مٺن مٺن ٻولن ۽ درٻاري خوشامدڙين جي مسڪا پالش
تي قوم وڪڻڻ جي گندي ڌنڌي کي ڇوٽي وچولي، سفيد پوش طبقي جو اهو موقعي پرست حصو ڏسڻ
کان، ان جي نوٽيس وٺڻ کان انڪار ڪريو ويٺو آهي. ٽن ڀولڙن جي ڳالهه ڪندا آهن ته اهي
نڪا ڪا خراب ڳالهه ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نڪي زبان سان چون ٿا. تن وانگر حاڪم طبقي
جي ماڻهن جي باري ۾ نڪا ڪا ڳالهه ڏسبي، نڪا ٻڌبي، نڪا چئبي. بادا بي ميار ٿيو پيا
هلن. چي: ”بابا اسان کي ڪا خبر ئي ڪانهي.
ڪير پيو غداري ڪري؟ اسان ته ڪجهه ڪو نه ڏٺو، پوءِ ڇو چئون ته ڪو غداري پيو ڪري.
اسين ته اهڙي بي واجبي ڳالهه ڪا نه ڪنداسين.“ جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو نهايت ادب ۽
احترام سان هٿ ٻڌي، ڳوڙها اکين ۾ آڻي، وڏيرن جي ڦرين لُٽن ۽ بدمعاشين، مڪرن،
منافقين، ڍونگن، غدارين، قوم فروشين بابت چَپ به چوريندو، ته اهي موقعي پرست ۽
منافق ڀولڙا ٽپ ڏيئي ڳچيءَ کان وٺندس ۽ ٻُوٿ پٽي وٺندس. ٻئي طرف جيڪڏهن پورهيت
سنڌي عوام منجهان ڪي فرد، گروهه، ٽولا يا پارٽيون پنهنجي عوام، پنهنجي قوم، پنهنجي
وطن، پنهنجي مستقبل ۽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل خاطر ذري گهٽ سڄيون عمريون قيد ۽ نظربندين
جي انڌارين ڪوٺين ۾ گذاري ڇڏين. جيڪي ”نظربندي“ ۾ تنجا مکيا بالم بنيا پنهنجي گهر
۾ ويٺا بريانيون ۽ ڪوفتا کائين، ٻانَهن ۽ ٻانِهين کان زور پيا ڏيارين، صبح شام اوطاقن
۾ ڪچهريون لڳايو ويٺا هجن، چاليهه چاليهه هزارن جا جلسا پيا ڪرائين، ملڪ پيا گهمن،
ولايتون وڃيو کڻن، بيانن ۽ انٽرويوئن سان سڄي ملڪ جون اخبارون ڪاريون ڪرايو ويٺا
هجن، جن سان روز وزير، گورنر، ۽ صدر پيا ڪچهريون ڪرڻ اچن، جيڪي حڪومتن ۾ ڀائيوار
ٿيو وزير، گورنر پيا مقرر ڪرائين ۽ الوليون ويٺا ڪن، انهن جهڙيون ڪوڙيون ٺڳيءَ
واريون بوگس ۽ فراڊي نظربنديون نه، پر سچيون پچيون نظربنديون ۽ سچا پچا قيد ڀوڳين،
پنهنجا ٻچا قربان ڪن، پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڏين، پنهنجو پاڻ شيخن ماهه پچائي ڇڏين ۽
اهي پنهنجي زندگيءَ جو هر خيال، سوچ، عمل پنهنجي قوم، عوام ۽ وطن لاءِ وقف ڪري
انهن تان نڇاور ڪري ڇڏين، علم ۽ عقل، ڏاهپ ۽ تجربي جا درياهه بنجي پون، جاکوڙ ۽
سهپ، اورچائيءَ، قربانيءَ، دليريءَ ۽ سورهيائيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏين، دودن ۽ دريا
خانن جي روايتن کي جياري ڇڏين، ته اهي سدائين ڏوهاري، اهي بشني، اهي وطن فروش، اهي
ڌارين جا ايجنٽ ۽ دلال ٺهرايا ويندا، انهن کي سنگسار ڪيو ويندو، انهن تي مڪر ۽
منافقيءَ، فريب ۽ سازش، ديده دليريءَ ۽ بي حيائيءَ، ذلالت ۽ ڪمينائپ جي سمورن،
ترڪشن جي سمورن تيرن جي گندي بارش وسائي ويندي، ته ان تي ڏند ٽيڙي ويهي کلبو. ان
بابت شڪايت ٻڌبي ئي ڪانه. ”اها ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي، اهو ته خير آ. ائين ٿيندو
آهي، وڏي ڳالهه ڪانهي.“ ان ڳالهه به اهم ۽ بنيادي قومي معاملن سان واسطو رکندڙ
ڳالهين جي آپريشن ڪرڻ، ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ، کير ۽ پاڻيءَ کي جدا ڪرڻ، حق ۽ ناحق
۾ تميز ڪرڻ جي عمل کي روڪيو آهي، خاص ڪري سياسي ادب ۾ جيڪڏهن ڪنهن غريب ڪارڪن يا
پورهيت رهنما خلاف چوپڙي لکي ته اها قرآن ٿي وئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به مجبوريءَ يا
قومي مصلحت سبب ان غريب ڪارڪن يا پورهيت رهنما ان ڪين جهڙي چوپڙيءَ جو جواب نه ڏنو
ته سمجهو ته ڏوهه جو قبولدار ٿي ويو. چي: ”سائين ثابت ٿي ويو! لکيو ڪو نه پيو آ
فلاڻي چوپڙيءَ ۾.“ موقعي پرست پڙهيل ڏند ڪڍي ٽهڪ پيا ڏيندا. ٻئي طرف جيڪڏهن پورهيت
عوام منجهان ڪو ماڻهو پندرهن سالن کان پوءِ پنج سَـﺆ، پنج هزار، پندرهن
هزار بهتان ۽ الزام لڳڻ ۽ گاريون سهڻ کان پوءِ جيڪڏهن وات کولي، شين جي ڇنڊڇاڻ ڪري
۽ حق ناحق ڏانهن اشارو ڪري، کير پاڻي ڌار ڪري، ڪوڏر کي ڪوڏر چوي، ڪوڙ کي ڪوڙ چوي،
غداريءَ کي ڀُل نه چوي، غداري چوي، ذلالت کي هڪڙي ادا ڪوٺي نظر انداز نه ڪري،
ذلالت چوي، ته ڍڍ پٽ ۽ رودن مچي ويندي: ”ظلم! ظلم! ظلم!.... تباهي! بربادي! ميان
هيڏو انڌير! هيڏو ظلم! ههڙو ڪيس!“ جيڪڏهن ڪو سکڻو زبان سان قوم قوم چئي، قوم جي
ڦٽن تي لوڻ پيو ٻرڪي ۽ ”يا حسين! يا حسين!“ ڪندي يزيدن جو پوڄاري بنجي قوم سان
ڪربلائون ويٺو ڪرائي، ته اها ٿي خير جهڙي ڳالهه، پر ڪو چوي ته ”ٻيلي قوم سان هيڏو
انڌير پيو ٿئي، ضروري آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڳنڍيو وڃي، گڏ ڪيو وڃي، ٻَڌي ڪرائي وڃي“
ته ڄڻ خون ٿي پيو. ٻڌيءَ لاءِ نه اچڻ وارن کي منٿ ڪجي ته ”بابا اچو!“ ته اهو ڄڻ
ڪارو ٿي ويو. مجال آهي جو ڪو ٻه اکر لکي چوي ته ”ميان! هو ويٺا ٻڌيءَ جون ڳالهيون
ڪن. اوهين ويٺا انهن جي خلاف پمفليٽ لکو، انهن تي گوليون هلايو ۽ انهن کي قتل ڪرڻ
جون سازشون ڪريو! هو پنهنجي ۽ اوهان جي قوم جي چڱائيءَ ۾ ۽ اوهين انهن جا مارا ٿيا
بيٺا آهيو! حياءَ ڌاريو! سنڌ جا ماڻهو عذاب ۾ پيا آهن ۽ اوهين پيا پنهنجن آقائن کي
خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙا بهانا ٺاهيو، ڦشريون ڪريو! ”ميان، ڏاها ٿيو، ساڃهه ڪريو.“ تپي
تپي زمين به چُريو پوي. جيڪڏهن پورهيتن مان ڪو ٻاڦ ٻاهر ڪڍي اڳلي کي چئي، ”ادا هي
ڌنڌو جيڪو ٿو ڪرين تنهن جو نالو آهي غداري، هيءَ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ پيوڪرين اها آهي
قومي ٻڌي کي ٽوڙڻ جي ٽوڙ ڦوڙ. هيءَ آهي قوم دشمني.“ جيڪڏهن اهڙيءَ ريت ماڻهن جي
ڪمن ۽ فعلن جا صحيح نالا ورتا وڃن ته ڄڻ قيامت اچيو وڃي. ٻيا ته ٺهيو پر خود ڏسڻا
وائسڻا ماڻهو به وڏيرن ۽ سندن ڇاڙتن تان نر پکي پيا هڪلين. مجال آهي جو ڪو وطن
دوست شاعر، ڪو اديب، ڪو اهلِ قلم، ڪو اهڙو قومي قلمي ڪم ڪري جهڙو اڳي محترم رسول
بخش پليجي سنڌي اديبن خلاف جماعت اسلاميءَ طرفان باهه ٻارڻ جي خلاف ڪيو هو. پليجي
صاحب ان لاءِ پنهنجو مشهور معروف شاهڪار ”انڌا اونڌا
ويڄ“ لکيو هو ۽ ٻيا مقالا لکيا هئا، تقريرون ڪيون هيون، ڪيس لڙيا هئا. ڪوشش
ڪري خون کي خون چئجي، غداريءَ کي غداري چئجي، بدمعاشيءَ کي بدمعاشي چئجي، عياريءَ
کي عياري چئجي. تنهنڪري هن ڪتاب جي باري ۾ سنوان سڌا قومي دشمن ۽ انهن جا ڄاتل
سڃاتل ايجنٽ ته ظاهر آهي ته گهڻو خوش ڪو نه ٿيندا. پر هڪڙو امڪان اهو به آهي ته
سنڌي دوستيءَ جو دم ڀريندڙ سفيد پوش طبقي جو موقعي پرست ۽ ابن الوقت حصو جيڪو
پنهنجي طبقي جو ويري ۽ حاڪمن جو ڳيجهو ۽ انهن تان نر پکي هڪليندڙ آهي سو اکيون
ڦرڙائيندو، منهن ڪڙو ڪندو ۽ شايد گهوڙا گهوڙا به ڪندو. پر وقت ۽ تاريخ جي تقاضا
آهي ته هاڻي اهو هڪ طرفو کيل بند ٿئي. ٻيءَ ڌر کي به ٻڌو وڃي ۽ شين تي جڙتو ۽ ڪوڙا
نالا رکڻ بند ڪري، انهن تي جيڪي نالا صحيح سمجهيا وڃن اهي رکجن. چڱائيءَ کي چڱائي
چئجي ۽ برائيءَ کي برائي چئجي ۽ ان جو اظهار اثرائتي نموني ڪيو وڃي. رڳو هڪڙي
ڦلهڙي ڳالهه ڪري خون کي چماٽ جو درجو ڏيئي، غدار کي ڀُليل چئي، مڙيئي ڪم ٽپائي
رڪارڊَ جي پورائي بلڪل نه ڪجي. جيڪا ڳالهه واقعي جيئن ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچي ٿي تيئن
پيش ڪجي ۽ ان ۾ ڪنهن جي به رک رکائي نه ڪجي.
پوڄا پاٺ
ڪائنات ۾ هر شيءِ، هر ڳالهه مشروط
ٿيندي آهي. دنيا ۾ غير مشروط چڱايون ،برايون ٿينديون ئي ڪونهن. ڪن حالتن ۽ ڪن
ڳالهين جي نقطهء نظر کان، ڪن ڳالهين تي دارومدار رکندي پوءِ ئي چڱايون يا برايون
ٿين ٿيون، تنهنڪري هر چڱائيءَ، برائيءَ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ٿيڻ کپي، پر اسان وٽ ڪنهن وڏيري ڪهڙي به سبب رتيءَ جيتري به ڪا
چڱائي ڪئي، ته سمجهو ته سورهن آنا ڪيائين. ان ۾ رتيءَ جي ڪسائي ڏانهن اشارو ڪبو،
ته چڙهي ويندا. چي: ”ههڙي ماڻهوءَ مان ٿا وِڏون ڪڍو! سراسر بي ادبي، بدتميزي، بي
حيائي، ڪبيرو گناهه، ڪفر، غداري! توبهه ڪريو! گِيسي ڪريو، نه ته جيڪا ڪاري جي سزا
سا اوهان جي!“ هاڻي پاڻ وٽ ڪن ماڻهن، گهڻو گهڻو اڳ، ٻه ٽي سال ڪي چڱا ڪم ڪيا آهن.
اهي ڪيترا چڱا هئا ان کي ڇڏيون ٿا. هلو فرض ڪريو ٿا وٺون سَـﺆ جو سَـﺆ سيڪڙو رڳو چڱائي
ڪيائون ۽ برائي ڪا به ڪا نه ڪيائون، رتيءَ جيتري به نه، نسورو نُور هئا. پر هاڻ
باقي عمر، سڄو ڏينهن انهن گذريل چڱن ڪمن جي آڙ ۾ ويٺا نقصان ڪن، ٻه ٽي ڏينهن ڪنهن
به سبب جي ڪري، ڪنهن به حد تائين، ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪلهه محب وطن ليکبا هئا، اڄ
غداريون پيا ڪن بلڪه انهن ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ سدائين غداريءَ جي واٽ تي وڌندا
پيا وڃن. ممڪن آهي پنهنجي انا کي قوم جي انا سمجهيو هجي ۽ جيئن آمريڪا ۾ چوندا آهن
ته ”آمريڪا جي مشهور موٽرون ٺاهيندڙ ڪمپني فورڊ ڪمپني سمجهي ٿي ته جيڪا ڳالهه فورڊ
ڪمپنيءَ جي فائدي ۾ آهي سا آمريڪا جي سمورن ماڻهن جي فائدي جي آهي“ (What is good for the Ford
Company is good for America)، تيئن هي به سمجهندا هجن ته جيڪي منهنجي ذات
لاءِ فائديمند آهي اهو پڪ ئي پڪ سڄيءَ قوم لاءِ به فائديمند هوندو. بهرحال ڪم اهڙا
ڪن ٿا جو انهن تي ڪهڙا به لقب، ڪهڙا سٺا نالا رکجن، انهن تي ڍَڪون ۽ پوش وجهجن، پر
اصل ڳالهه ته اگهاڙي ٿي بيٺي هوندي آهي ته اها ڳالهه، اها واٽ غداريءَ واري آهي.
پر اسين ان جو جائزو نه ٿا وٺون. درحقيقت ڏسڻ کپي ته اهڙا سياسي ماڻهو جن جي باري
۾ اها ڳالهه سمجهيل آهي ته ڪنهن زماني ۾ انهن ڪي قدر ڪي اهڙا ڪم ڪيا جي ڪيترن
ماڻهن جي نظر ۾ سنڌي قوم لاءِ چڱا ڪم هئا تن اهي ڪم ڪهڙن سببن ڪري ۽ ڪهڙين حالتن
هيٺ ڇو، ڪيئن ۽ ڪيتري قدر ڪيا. ان ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ته آيا انهن اهي ڪم
فقط ۽ فقط قوم جي فائدي ۽ اعلى مفادن خاطر ڪيا يا پنهنجن ڪن مخصوص مطلبن ۽ مقصدن
جي ڪري کين ”جڏهن ويَن واهون، تڏهن ڦري ٿيا فقير“ واري ڳالهه وانگر پنهنجي ساري
ڪرڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪا نه هئي ۽ پوءِ جڏهن مٿانئن اهي اصلوڪيون
مجبوريون جن کانئن اهي چڱا ڪم ڪرايا سي لهي ويون تڏهن ”ڪم لٿو، ڪاغذ ڦاٽو“ وانگر
وري جيڪا سندن اصلي مفاد پرست فطرت هئي، تنهن مطابق هلڻ شروع ڪري ڇڏيائون. بهرحال
ڇاڪاڻ جو ڪن مخصوص مجبورين، ڪن مخصوص حالتن جي ڪري ڪنهن ماڻهوءَ اڳ ڪي چڱايون ڪيون
يا ان کان لاچار اهي ٿي ويون، يا ان کي ڪرڻيون پيون، يا هو پنهنجي فطرت کان مجبور
ٿي هن هڪ خاص رستو ورتو، جنهن مان قوم لاءِ هڪڙي چڱائي ٿي پيئي يا ان کي پنهنجي
انا ۽ پنهنجي مطلب جي اظهار لاءِ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو نظر ڪو نه آيو جو
ذاتي فائدي سان گڏوگڏ هو عوام جي فائدي جي ڳالهه ڪري وجهي يا اهڙي ڳالهه کي عوام
جي فائدي جو روپ ڏئي وجهي جيڪا دراصل فقط سندس فائدي جي ئي هئي، ته پوءِ ڇا هو ڀل
سڄو ڏينهن ويٺو عوام ۽ قوم جا نقصان ڪري ۽ اهڙيون تباهيون مچائي جن جي هو ستن
عمرين ۾ به تلافي ڪرڻ چاهي، ته به نه ڪري سگهي، ته ڇا اسين حاڪم طبقن جي رڳو اها
لحظي جي چڱائي ڌيان ۾ رکون ۽ سندن آندل تباهين ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي، سڄي
عمر رڳو ”سبحان الله سائين، سبحان الله!“ ويٺا ڪنداسين؟ سدائين پيا ٻڌاندسون: ”ولي
۽ ڪامل، الله جو پيارو! جُهڪو! جُهڪو! اکيون هيٺ ڪريو! احسان، احسان، احسان! قوم
تي احسان! سجدن ۾ ڪري پئو!؟“ بي ايمان لٻاڙي، ٺوڳي خليفا ”پيران نمي پرند، مريدان
مي پرانند“ (پير ڪو نه اڏامن، مريد ٿا کين هٿرادو اڏائين) واري ڳالهه وانگر، سندن
ڪرامتن جون چوپڙيون لکي لکي ۽ دفتر ڀري ڇڏيندا. جيڪو پڙهي سو غش. نه دليل نه
ڇنڊڇاڻ، نه سمجهه نه دماغ، رڳو لٻاڙون، رڳو ٻٽاڪون، رڳو پڏائڻ، رڳو آسمان تي
اڏرائڻ. چي: ”مس مس پيدا ٿيو آهي، خاص خلقيل آهي، نور آهي، معصوم آهي، دوزخ جي
باهه مٿس حرام آهي، جيڪي ڪَري وس وارو آهي، الله سان مليل آهي. ظاهر کي ڇڏيو! باطن
کي وٺو! اونڌي پيو ڪري ته سنئين سمجهڻ کپي. شراب پيئندي ڏسو، ته به سمجهو ته آب
زمزم مان وضو ڪري مڪي مدينه ۾ حضور جي ڪچهري ۾ ويٺو آهي! ’ظاهر ۾ زاني، پر فڪر ۾
فنا ٿيا‘“. ائين سنڌي قوم جي، خاص ڪري سنڌي پورهيت عوام جي ڀينگ ٿي ويئي آهي. سنڌي
ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ اها پوڄا جي وڏي ۾ وڏي هچا پئجي وئي آهي. هاڻي اهڙا ماڻهو سياسي
ٿيڻي ٿيندي جي خبر رکڻ جون دعوائون ڪريو عوام کي وڪڻن پيا، تباهه ۽ برباد پيا ڪن.
جيڪڏهن ان ڳالهه تي ڪا تمام گهڻي رعايت ڪجي ته ائين کڻي چئجي ته انهن جي مت کسجي ويئي
آهي ۽ هو ايڏو ذاتي انا جي انڌ، غرور ۽ تڪبر ۾ ڌڪجي ويا آهن جو انهن کي سماءُ نه
ٿو پوي، ته اسين ڇا پيا ڪريون. حالانڪ اها رعايت ڏيڻ به ڏاڍي ڏکي آهي جنهن هيڏي
زبردست چالاڪيءَ ۽ مڪر سان قوم کي تباهه ڪيو پيو وڃي، تنهن کي ڏسندي ۽ چڱيءَ طرح سمجهندي
اهو وسهڻ ڏکيو آهي ته اهي ڪم رڳو بي سمجهيءَ، اٻوجهائيءَ، جهالت يا بيوقوفيءَ جا
آهن. حقيقتون ته اهو ئي ڏيکارينديون ته پنهنجي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ جيري ڪاڻ ٻڪري
ڪُٺي پيئي وڃي. بلڪل سوچيل سمجهيل نموني سنڌي قوم جو هڪڙو هٿرادو خيالي بُت ٺاهي
ان جي پرستش ۽ پوڄا جو ناٽڪ کيڏيندي، هَڏ چم ۽ ماهه مان ٺهيل سنڌي ماڻهن جي وڏي
اڪثريت، سنڌي قوم جي 99.90 سيڪڙو پيرن اگهاڙن، ڦاٽل ڪپڙن واري، بيواهي ۽ مظلوم
سنڌي ماڻهن سان سخت ڇتي ۽ وحشي وڏيرڪي جاگيردار نفرت ڪئي پئي وڃي. انهن کان ٿورڙي
سياسي سجاڳيءَ، حوصلي جو مظاهرو ڪرڻ جو وير پيو ورتو وڃي ۽ نهايت سفاڪيءَ سان مٿن
هلاڪو چاڙهي سندن باز ڪٽي، کين منجهائي موڳو ڪري سندن اڀري سڀري انڌي منڊي اتحاد
کي درهم برهم ڪري، سندن چَـﺆطرف واهون بند ڪري، ڪمال جي چالاڪيءَ، حرفت ۽ ٻهروپ سان ان
جو قوم مٿان ٿورو ٿـڦيو پيو وڃي. ٿورو به ٿورن جهڙو! ان عظيم تاريخي قومي خدمت ۽ لاثاني
۽ لافاني قربانيءَ جي اجوري طور پاڻ کي هار پيا وجهائجن ۽ صلاتون ۽ درود پيا
پڙهائجن. پاڻ کي سجدا ۽ پوڄائون پيون ڪرائجن، ڪتاب پيا لکائجن ۽ جيئري اولياء پيو
سڏائجي، ۽ قوم اکيون ٻڌيو ويٺي آهي! ڄڻ نڪي ڪجهه ڏسي ٿي، نڪي سمجهي ٿي، نڪي سُڻي
ٿي، نڪي محسوس ٿي ڪري.
اُڀ ڦاڙ نعرا ۽ ڦڙتيون گهڙتيون
حڪمران طبقا عوام اڳيان شروعات ۾ هميشه اُڀ ڦاڙ وڏي ڳالهه
رکندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت عوام تي هميشه ٽَنگ رکندا آهن. چي: ”سنڌوديش کان گهٽ ڳالهه
هرگز ڪا نه ٿيندي!“ ۽ پوءِ؟ پوءِ جِي ايم سيد صاحب ٿو چوي ته پير سائين پاڳاري کي
خوش ڪريو، ته پاڪستان بچي. اسان فلاڻن فلاڻن سان ڳالهايو آهي ته صلاح ڪريو ته
پاڪستان ڪيئن بچي، پنجاب ڪيئن به ڪري پاڳاري کي خوش ڪري، اسين ان جا اينجٽ آهيون.
سنڌي قوم جا سورهيه سالار، واحد اڳواڻ، واحد نمائندا، عملي
سياست کان ڪروڙين ميل پري، آدرشي اڳواڻ، امام، سياسي غيب جي خبر رکندڙ، رات وچ ۾، جيڪو
قابل، احترام، صاحب علي الاعلان چئي ٿو ته ”آءٌ پاڪستان جي جنرل هيڊڪواٽر جو ايجنٽ
آهيان، ان جا ايجنٽ ٿيو وڃن. ان ۾ ڪو به عار ڪونهي، ڦڙتي گهڙتي مردان دي، نامردان
دي هڪ!“ حاڪم طبقي جا ماڻهو هلن ئي ڦڙتيءَ گهڙتيءَ تي ٿا. ان کان سواءِ هڪڙو منٽ
به هلي نه سگهن. جيڪو انهن جي ڳالهه کي اٽل ۽ آخري سمجِهي انهن جي پويان پيو، اهو
تباهه ٿي ويو. هنن خدا جي بندن لاءِ سياست ڪا مرڻ جيئڻ جي اصولن واري ڳالهه ته
ڪانهي! ٻين ڌنڌن جهڙو ڌنڌو آهي.
جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ حميده
کهڙو صاحبه آهي. اها چئي ٿي ته منهنجو سنڌوديش ۾ ڇا وڃي؟ آءٌ پاڪستان جي
فريم ورڪ اندر ڪم ڪرڻ واري آهيان.“ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي سياسي تنظيم آهي جنهن جو ڪو
اڳواڻ ان جي منشور جي سڀ کان پهرين بنيادي ڳالهه کي نه مڃي؟ دنيا ۾ ڪو اهڙو مذهبي
اڳواڻ ملندو جيڪو چوي ته مذهب تان منهنجو سر قربان آهي البته آءٌ (نعوذ باالله)
خدا کي ڪو نه مڃيندو آهيان؟ اهڙو ڪو
مسلمان ديني پيشوا ملندو جيڪو چوي ته ”اسلام سان پنهنجو سر لڳي، نماز به پڙهندو
آهيان، روزا به رکندو آهيان، حج به باقائدي پڙهندو آهيان، باقي هڪڙو اکر آهي ته آءٌ
(نعوذ باالله) خدا کي ڪو نه مڃيندو آهيان؟“ سو ”آهيون سنڌوديشي ۽ جِي ايم سيد جا
پوئلڳ ۽ سنڌوديشي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ان تان سر ٿا ڏيون، التبه ٿورڙو اهو حساب آهي
جو سنڌوديش کي ڪو نه ٿا مڃون ۽ اسان جو ايمان ان پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ آهي، جنهن
پاڪستان تي تبرا ڪرڻ تي ديشين جو سياسي گذر پيو ٿئي.“ هاڻي جِي ايم سيد صاحب کان سواءِ
ٻيو ڪهڙو امام ۽ هادي اڳواڻ آهي جو اهڙي بنيادي ڳالهه کان انڪار ڪندڙ شخصيت کي
پنهنجي تنظيم جو اڳواڻ مقرر ڪريو ۽ قائم رکيو ويٺو هجي؟ اهڙيون ڳالهيون ڪو ٻيو
غريب عوامي ماڻهو ڪري ته ان کي سياسي سوريءَ تي
ڪو نه چاڙهي ڇڏين ها! ٻيا ته ٺهيو، پر هي اسان جي غريب عوام مان آيلَ
پنهنجي عوام جا ويري آريسر صاحب، ڄام ساقي صاحب ۽ ارباب صاحب
پنهنجون سَـﺆ سَـﺆ ميل ڊگهيون هزماسٽرس وائيس زبانون کولي ڪَڙ ڪڙ ڪري قيامت
به برپا ڪري ڇڏين ها! چوندا آهن ته کاشي جو ٻار گونهه ويٺو کائيندو ته چوندا ته
شوق وچان پيو ائين ڪري، پر غريب جو ٻار ائين ڪندو ته چوندا ته بک ٿو مري تڏهن ٿو
گونهه کائي. سو هي حاڪم ماڻهو جيڪڏهن ڪهڙيون به قلابازيون کائين، ڪهڙيون به ڦڙتيون
گهڙتيون هڻن ۽ ڪهڙيون به چالاڪيون ڪن، هنن کي ڇاهي؟ هنن تي ڪهڙي ميار آهي؟ جيئن ڪي
هاڻي پيا چون ٿا ته هاڻي فيڊريشن تي به غور ڪري سگهجي ٿو. چوندا آهن ته ”چور ڀڄن،
ڊائيون ڪن.“ اهي آهن لوگها پوئتي هٽڻ جا، ڪامپرومائيز ڪرڻ جا، ٺاهه جا ۽ سمجهوتي
جا. اهو آهي وڏيرڪو رستو عوام کي بيهوش ڪري ان تي قبضو ڪرڻ جو. پهرين پهرين ڳالهه وڏي،
تمام وڏي ڪبي. اهڙي چوٽ تي ڪبي جو مٿي نهاري ان کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته مٿي ۾ ڦيري
پئجي وڃي، پوءِ آهستي آهستي ڪري ان کي هيٺ لاهجي، پوءِ جتي پنهنجي ذاتي طبقاتي
مقصد لاءِ ڳالهه ٺهي، اتي ٺاهجي.
ڪنهن ماڻهوءَ کان پڇيائون، ”ابا ڪُڪڙ جي گهڻي قيمت؟“ چيائين،
”پنج سَـﺆ رپيا؟“ چي: ”وڃ ڀيڻان، هيتري مهانگي!“ چي: ”بابا اسان جون
لهَپون به ته ڏسو نه! هاڻي تون کڻي ڏهه رپيا ڏي، ٻيا توکي ڀيٽا.“ لنڊا بازار ۾ وڃي
دڪاندار کي پراڻي ڪوٽ جو پڇبو ته چوندو: ”دو سَو رُوپي!“ پڇاڙيءَ جو پڇندو: ”تم
کتني دو گي؟“ ماڻهو ڊڄي ڊڄي ڳالهه ڪندو ۽ چوندو: ”آءٌ ويهن کان مٿي ڪو نه ڏيندس.“
دل ۾ چوندو ته ’وٺان ئي ڪو نه ٿو، مڙيئي جند ٿو ڇڏايان.‘ ويهه رپيا ڪو نه هوندس
کيسي ۾. ته هو هڪدم چوندو: ”اڇا نِڪالو.“ ماڻهو جهلجي پوندو آهي. هاڻي هتي اسان وٽ
به ائين آهي. ”ابا ڇا کپي؟“ چي: ”سنڌوديش!“ گهڙي رکي، آهستي چئبو، ”پاڪستان جي
فريم ورڪ اندر رهي.“ يا وري هوڏانهن سنڌوديش جي ڳالهه پئي ٿي ۽ هيڏانهن پيو چئجي
ته ”اسين چار کاتا ٿا چاهيون.“ ابا جي چار کاتا چاهيو ٿا ته اها ئي ڳالهه ايم آر ڊِي
به پئي ڪري. ايم آر ڊِي ٿِي معلون ۽ اوهين ٿيا شريف ۽ سنڌ جا فدائي! چار کاتا ڪرڻ
جي ساڳي سندن ڳالهه جيڪڏهن ٻيا ماڻهو به ڪن، ته اها ڳالهه خراب، خطرناڪ، غداريءَ
واري. سڀاڻي جيڪڏهن ڪو ٻيو چوندو ته سنڌوديش ٺاهيون، ته هي پڪ چوندا ته ”نه کپي
سنڌوديش! اسين وري ٻيو ديش يا فيڊريشن ٺاهيون ٿا يا پاڪستان ٿا بچايون.“
وڏيون ڳالهيون فقط حڪمران طبقا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته انهن کي
ڦڙتين گهڙتين جي ڇُوٽ آهي. عوام نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته عوام مان ڪو هڪڙي ذرڙي جيتري
ڳالهه تي نه بيهندو ته چوندا: ”تون ڦري وئين.“ وڏيرا ۽ حاڪم ته پيا روز روز، ڪلاڪ
ڪلاڪ کان پوءِ، منٽ منٽ ۽ سيڪنڊ سيڪنڊ کان پوءِ ڦرن ۽ سدائين پيا ڦرندا. انهن کي
ڪير چوندو؟ حاڪم طبقو پڙهيل آ. انهن کي خبر آهي ته اسان جا اڳواڻ جيڪا ڳالهه زبان
سان چوَن ٿا سا مڙيئي چوڻ جي ڳالهه آهي. عوام کي خوش ڪرڻ جي ڳالهه آهي. هنن جي دل
۾ اصل ڪهڙي ڳالهه آهي سا انهن کي خبر آهي. کين خبر آهي ته هي سڀ سوديبازيءَ جون
ڳالهيون آهن. هيءَ ڪا لوهه تي ليڪ ٿوري ئي آهي، تنهنڪري وقت تي پيا گهٽ وڌ
ڪنداسون. ڪو ماڻهو چوي منهنجي ٻڪريءَ جي قيمت پنج هزار رپيا آهي، ته ان کي لٺ هڻجي
ڇا؟ ان جو مٿو ڦاڙبو ڇا؟ اڄ پنج هزار گهري ٿو، ٺيڪ آهي، ڀلي گُهري. پنهنجي طبقي جو
ماڻهو آهي، ٻاهر ڪو نه ويندو. پڇاڙيءَ جو ٻه سَـﺆ رپين تي به ٺاهي
ڇڏبس. پڇاڙي جو ٻڪري کپندي ته ٻه سَـﺆ تي به ڏيندو، پر عوام سودي بازي ڪري ڇا ڪندو؟ تنهنڪري عوام
جي نقطهء نظر جي ترجماني ڪندڙن جي سياسي ڏي وٺ ڪرڻ جي پوزيشن تمام ڪمزور هوندي آهي،
ڇو ته هو لٻاڙ نه ٿا هڻي سگهن، دوکو نٿا ڪري سگهن، هٿرادو وڏي اُڀ-ڦاڙ ڳالهه نٿا
ڪري سگهن، سودي بازي واري ڳالهه نٿا ڪري سگهن، روزانو ڦڙتيون گهڙتيون نٿا هڻي
سگهن. هنن حاڪم طبقن کي جيڪي طبقاتي فائدا ۽ سهوليتون آهن جيڪو ماڻهن کي انهن جي
ڳالهه تي ويساهه آهي، اهو هنن تي ته ڪونهي. عوام جي ماڻهوءَ لاءِ عوام سوچيندا ته
هي اسان جهڙو آهي تنهنڪري ان کي چُرڻ به ڪو نه ڏيندا. هي ٿوري ڳالهه هيڏانهن
هوڏانهن ڪندو ته دشمن ته ٺهيو، سندس ئي طبقي جا ماڻهو ڀُون ڀُون ڪري ورائي ويندس.
ٿوري ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ جي ڪندو ته چوندا ته ”غداري ٿي ويئي! تو جو ڪالهه هيئن
چيو، پوءِ اڄ هيئن ڇو ٿو چئين؟ تو جيڪا ڪالهه ڄڻ ته ڪا قرآن شريف جي آيت پڙهي، ان
۾ زير ڇو ڦري ويئي، زبر ڇو ڦري ويئي؟ پر وڏيرو جيڪڏهن سنڌوديش مان ڦيرائي فيڊريشن
جي ڳالهه ڪري، پاڪستان ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪريو وري پاڪستان کي بچائڻ جون به ڳالهيون
ڪري ۽ پاڻ کي امام سڏائيندي به جنرل هيڊڪواٽر جي ايجنٽ هجڻ جي دعويدار صاحب جو
ايجنٽ ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ته ”اهو ته ڪو عيب ئي ڪونهي نه! ان ۾ ڇاهي؟ اهو ته ٿيندو
آ؟ ان ۾ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“ باقي پورهيت عوام جي طرفدار ماڻهوءَ جي ڳالهه جيڪڏهن
زير ڦري ويئي ته وڏيرا شاهيءَ جا ڇاڙتا دفتر کڻي وڏا ڪتاب لکندا. چي: ”فلاڻي
ماڻهوءَ فلاڻي مهل، فلاڻي تاريخ هيئن چيو، هاڻي وري هيئن ٿو چوي، انهن کي ڪچو ڪري
کائجي. پر ڪو زير زبر به نه ڦيرائي ساڳي ڳالهه تي لوهه لڳو بيٺو هجي، ته به هِتان
هُتان ڦيرائي گهيرائي چوندا ته هي ڏسو ڦِري ويو آهي. چوندا آهن ته ”سَڀري تي
اٿاريانس ته اُٿي ئي ڪو نه، جي اڀري کان جهليانس ته جهلجي ئي ڪو نه.“ غريب عوام ۽
انهن جي طرفدارن جو پر عوام ۽ انهن جي نمائندن کي ڳالهه ڪرڻي پوي ٿي تُـز ۽ صحيح،
جنهن تان پوءِ هٽڻو ناهي، پوءِ ڀلي ريلون مٽي وڃن، ڌرتيون ڌٻي وڃن، زمين آسمان هڪ
ٿي وڃي.
لينن ڪڏهن چيو ته ”ادا، مون برابر سوشلزم جي ڳالهه ڪئي هئي،
پر هاڻ کڻيو ٿا سرمائيدار جمهوريت تي خير ڪريون.“ يا ويٽنامين ڪڏهن چيو ته ”ادا
ٺهيو! ماشاء الله! اسين کڻي ٿا فرينچن جي تابع فيڊريشن قبول ڪريون.“ اسان جا هي
جيڪي سورما ٿيو، وڏا هنيانءُ ڦاڙيندڙ، اڀ ڏاريندڙ نعرا پيا هڻن ۽ ماڻهن کي ڊگهيون
ڳالهيون ٻڌائن، اهي ڦرڻ مهل سيڪنڊ ڪري وٺندا، ڄڻ هئا ئي ڪو نه.
جڏهن
ميدان جنگ اچي ٿو، جڏهن ڇتي طبقاتي قومي ويڙهه ٿئي ٿي، جڏهن دشمن قوم کي منجهائي
ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽
”مارن منجهه مياس، نه ته ماڙي ڪين
ڪي.“
وارو ڪم
ٿي وڃي ٿو، جڏهن ڄڻ ته ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، ڄڻ سڄو ملڪ دشمن نظر اچي ٿو جڏهن وڻ
به ويري ٿيو پون. اتي عوام جي طرفدارن ۽
رهنمائن کي ثابت قدم رهڻو پوي ٿو پر وڏيرن کي ڪڏهن به ڪنهن به ڳالهه کان روڪ ڪا نه
هوندي آهي، نه اڀ ڦاڙڻ کان ۽ نه پوئتي هٽي، لهي وڃي تر وٺڻ کان. اڄ ڀُٽي جا فدائي،
سڀاڻي ضياء جا مڃڻا. اڄ ديشي، سڀاڻي فِرنٽي، پَرينءَ لِيگي. ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه
هزار ڳالهيون ڪندا، چرچا ڀوڳ ڪندا، ناز نخرا ڪندا، ڦڙتيون گهڙتيون هڻندا،
البيلايون ۽ ارڏايون ڪندا، شوخيون ڪندا، ناز ۽ انداز ڏيکاريندا، هنن کي سڀ جائز
آهن.
ان جا مثال اکين سامهون موجود آهن. جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن
اُڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻندا وتن ٿا، جيڪي سڄو ڏينهن دعوائون ۽ اعلان پيا ڪن، ته
پنجابين کي اڦٽ ماري ڇڏينداسون، ته پنجاب جي جيڪا ملٽري اڄ فل پاور ۾ آهي، اڄ
ڏينهن تائين آهي، انهن کي جاني جگر ڪري ويهاريو ڇو ويٺي آهي؟ اهي جيلن مان به اخبارون ۾ بيان پيا ڏين، پريس ڪانفرنسون پيا
ڪن، سو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ پنجابي جنرل اوچتو ئي اوچتو اهڙا اشراف ۽ پنجاب جا ويري ۽
پنجاب ويرين جا عاشق ڇو بنجي ويا آهن، جو پنجاب خلاف ههڙا نعرا پيا هڻائين ۽
ههڙيون باهيون پيا ٻارائين؟ اهو ان ڪري جو اها سڄي سازش هنن جي فائدي جي آهي. سڄو
ڪم سندن فائدي جو آهي. ٺلهو وڏو نعرو قوم لاءِ خوفناڪ شيءِ آ، اهو وڏو نعرو دشمن
لاءِ ڪم اچي ٿو. وڏو نعرو قوم کي وات ڦاڙي خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو.
وڏو نعرو بهشت جي دلاسي وانگر آهي. چي: ’ابا هن دنيا ۾ ڏک سک سهبا، پوءِ جڏهن مري
ويندا تڏهن توهان کي بهشت ملندو.‘ جيڪا سمجهه ۾ اچي. حالانڪ اسان جي نظر ۾ جيڪا
ڳالهه آسان به آ. هيءَ نظر وڏي ان قسم جي ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ اهو خيال
واقعي هجي. هنن جي دل ۾ ته اهو خيال قطعي ڪونهي. هي ته سوديباز آهن. هنن جي ڳالهه
پاڻ ڪريون ٿا. پر جيڪڏهن سچ پچ ڪنهن جي دل ۾ اهو خيال هجي ۽ ممڪن آ سنڌي ماڻهن جي
اقليت جي دماغ ۾ اهو خيال هجي ۽ ممڪن آ اقليت جي فائدي جي اها ڳالهه هجي، ممڪن آ
اڪثريت جي خيال ۾ هجي، ممڪن آ نه هجي، ممڪن آ سنڌي عوام جي فائدي جي ڳالهه نه هجي،
پر بهرحال جيڪڏهن واقعي ڪي ٿورا يا گهڻا يا اڪثريت وارا ماڻهو ان خيال جا، ڇا جيڪي
ماڻهو واقعي سنجيدگيءَ سان اها وڏي ڳالهه ديشي ڳالهه چاهين ها، سي اها ڳالهه
هينئر، هنن حالتن ۾، وڏي واڪي ڪن ها؟ ڇا جيڪي سنجيدگيءَ سان هندستان کان مدد وٺڻ
چاهين ها ته هندستان جي فوج هن ملڪ تي حملو ڪري، ته اهي ماڻهو ائين پريس بيان ڏين
ها؟ انهن کي سرڪار وڃڻ ڏئي ها؟ جنهن جي باري ۾ ذرو به اهڙو شڪ پئي ها ان کي ڪا به
حڪومت اوڏانهن وڃڻ ڏئي ها؟ واڪا پئي ٿيا ٽوڙينداسين، اسين ٽوڙينداسين. جي واقعي
اهي ٽوڙڻ وارا هجن ها ۽ سمجهيا وڃن ها، ته انهن ماڻهن کي سرڪار ڪيڏانهن وڃڻ ڏئي
ها؟ ايڏو غفار خان جو سرڪار کي ڏک ٿي پيو جو
جيڪو ماڻهو چوي ٿو ته ”آءٌ پاڪستان کي ٽوڙيان ٿو، آءٌ هندستان کان حملو ڪرايان ٿو،
آءٌ فوج ٿو وٺي اچان.“ فوج وٺي حملو ڪرائڻ واري ماڻهوءَ کي ڪهڙي حڪومت ڇڏيندي، ته
تون ڀلي ٻاهر وڃ، متان غفار خان ڪاوڙجي نه پئي. ماڻهو مارڻ وارا هجن، جيڪي شهرن جا
شهر يتيم ڪرڻ وارا هجن سي هنن کي ڇڏيندا ته توهان تنجيا مکيا ويٺا هجو ۽ ڀلي وڃي
دشمن جون فوجون چڙهائي اسان کي تباهه ڪريو! جي ڳجهه ڳوهه ۾ ڪا ڳالهه ٿي پوي ها
سرڪار کي ته پوءِ ڇو موڪل ڏنائون؟ ان ڪري موڪل ڏنائون جو هنن کي خبر هئي ته سڀ ڪم
ٺيڪ ٺاڪ آهي. ان سموري ڊرامي مان فائدو ڪنهن جو ٿيو؟ هڪڙي ڌڪ سان ڪئين ڪم ٿيا.
موجودهه حڪومت جي دشمن هندستان جي سرڪار کي خوار ڪيو ويو. ابا ڏٺوَ واڻين جا ڪم! ”پاڻ
تان بار لاٿو ويو.“ هيترا سال ماڻهن کي ڪوڙ ڪري ٻڌايو ٿي ويو ته سنڌو ديش اجهو ٺهي
ٿو. ويهه سال ته ان ۾ ڪڍي ويا. ويهه سال سرڪار جي پوڄا ٿي، سرڪار جو ڪم ٿيو. سرڪار
جي خدمت چاڪر ٿي. سرڪار جي شيوا ٿي ۽ ان کان انعام اڪرام حاصل ڪيا ويا. ويهه سال
ڏٽي تي سنڌي ماڻهن کي هلايو ويو ته سنڌو ديش ٺهي ٿو. اندرا گانڌي گهوڙي تي چڙهي
ايندي ۽ حڪومت جون واڳون ڏيئي پوءِ ويندي هلي. ويهه سال سنڌي ڇوڪرا ان ڏٽي تي ڊوڙي
ڊوڙي ڦان ٿي پيا. ان آسري تي مارشل لا دوران سڄي دور ۾ ڪيترن کان سنڌي قوم جي خلاف
ڪم ورتا ويا. ڇا انهن ۾ محب وطن ماڻهو نه هوندا؟ ڇا انهن ۾ اشراف نه هوندا؟ انهن ۾
ڪيترا سمجهدار هوندا، ڪيترا صحيح هوندا، ڪيترا صحيح واٽ وٺڻ چاهيندا هوندا، ڪيترن
جي نيت ٺيڪ هوندي، پر انهن کي ائين ڏٽي ۾ رکيو ويو. ڏٽي ۾ هڻي انهن کان اهو هاڻي
ويهن سالن کان پوءِ نيٺ ماڻهو پڇڻ لڳا آهن ته ”ابا فوج پئي آئي سا ڪڏهن ٿي چڙهي؟“
هاڻي جواب ڪهڙو کپي؟ چي ”ابا ڪاهه ڪري وياسين، خود پاڻ کڻائي هلي وياسين، پاڻ وڃي
ڳالهايوسين منهن مقابل. ڪارو منهن واڻين جو، وڏا ڪي بدمعاش آهن، دوکو ٿي ويو. ها
ادا، سائين سان دوکو ٿي ويو. پر سائينءَ به ڦهڪائي ڏنس مُنهن تي. واهه واهه! واهه
سائين، واهه! ڪنهن جي پرواهه ڪا نه
ڪيائين، منهن تي ڦهڪائي ڏنائين.“ هي منهن تي ڦهڪائڻ جو ڍونگ سالن کان هلندو اچي.
ماڻهن رڳو سڄو انڌو ڪم ڪري ٻيڙي ٻوڙي. تباهي ڪري، بربادي
ڪري پوءِ رڳو ايترو چئبو ته ”سائينءَ کيس پڇاڙيءَ منهن تي ڦهڪائي ڏنو. سائينءَ
ڳالهه صفا ڪري ڇڏي!“
هڪڙي جملي ۾ ويساهه وسوڙيل قوم جا ڏهه سال چَٽ! ڪم ڪنهن جو ٿيو؟ سرڪار جو
ڪم ٿيو. چي: ”بابا ماڻهو وڃن پيا هندوستان، اتان فوجون پيا وٺي اچن، تنهنڪري ڇانوِڻيون
ٺاهي وٺو! سکر ۾ ڇانوڻي ٺاهيو، بدين ۾ ڇانوڻي ٺاهيو! ڇا ڪريون، مجبور ٿي پيا
آهيون.“ سڄيءَ دنيا جي حڪومتن کي ٻڌائبو ته ”بابا لاچار ڇانوڻيون ٺاهيون پيا، ظلم
لڳو پيو آهي، ملڪ ۾ تباهي پيئي اچي. فلاڻو خوفناڪ ليڊر پيو ملڪ ۾ ڦري، فوجون پيو
چاڙهي. اڄ حملو نه ٿيو، سڀاڻي ٿيندو. يڪدم مورچا سنڀاليو، قبضا ڪريو. سنڌي ماڻهن
کي تباهه ڪريو، نيست نابود ڪريو. ڊويزنون چاڙهيو ۽ وڏي آپريشن هلايو!“ فوجون چاڙهڻ
واري ليڊر صاحب جو به خير ٿي ويو. تنجيو مکيو، سدا ملوڪ ٿيو ويٺو آهي. اُت ويهارين
يا جيل ۾ ويهارين، اتي ويٺو آ. اتي سڀني کي خبر آ، ڪيئن ويٺو آهي. اسين چاهيون ٿا
هڪڙو منٽ به گهر کان پري نه هجي، ڪلاڪ به نه هجي. شل مٿي ۾ سُور به نه پويس، خدا سَـﺆ ورهين جي ڄمار
ڏئيس. پر جيڪي ڌنڌا آهن انهن تي ڪو نه ڪو صحيح نالو ته رکبو. ته هاڻي سڀني جا ڪم
ٿيا. سرڪار جو به ڪم ٿيو، قبلي جو به ڪم ٿيو، ڇاڙتن جو به ڪم ٿي ويو. مُٺي ويچاري
سنڌي قوم، جنهن مٿان ڇانوڻيون پئجي ويون. مُئا ويچارا سنڌي شاگرد، جن جي مٿان
لوڙها آهن، ته به ويل ۾. وڃن ڪيڏانهن؟ جي لوڙهن جي ڊاهڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ته به
اڳوڻا سور سجهن پيا. جي انهن مصيبتن خلاف آواز نٿا اٿارين ته به مصيبت ۾، وڃن
ڪيڏانهن؟
حاڪم طبقا ڪنهن مان واقعي خطرو سمجهندا، ته ڪنهن مان به نه
ٽرندا. جيئن ڀُٽي صاحب کي ڦاسي ڏياري ڇڏيائون ۽
فاضل کي مارائي ڇڏيائون. پر هونئن جن جي خبر
هوندي آهي ته پنهنجا ماڻهو آهن، تڏهن انهن جا انگل سهندا، مار ڏيندا ته به هلڪي، ”پنهنجو
ماري ڇانوَ ۾ ڇڏي.“ هلڪي مار ڏيندا، هڏ گُڏ ڪو نه ڀڃندا، اميد ڪو نه لاهيندا. جيئن
عوام کي ماريو وجهن، ڪُهيو ڇڏين، جيئن نذير عباسي
کي ڪهي ڇڏيائون، ٻين کي ڦاسيون ڏئي ڇڏيائون.
پورهيت عوام، مسڪين عوام کي منٽ ۾ گولي هڻيو ڇڏين. ڪيترا
ماڻهو روز ڀڳڙن وانگر ڀڄين ٿا. تيئن هنن سان ناهي، تنهنڪري جيڪي اُڀ-ڦاڙ نعرا هڻن
سي هڻن، وس وارا آهن.
بُوٽ چٽيندڙ سورما
انگريز ۽ ٻيا سامراجي پنهنجي مظلوم بنايل قومن مان خسيس ۽ ڪين
جهڙن وطن فروش ۽ قوم فروش ماڻهن کي ڀرتي ڪري، پالي، سيکاري، ضمير فروش ايجنٽ بنائي،
کين هٿرادو ڪوڙا لقب ڏيئي، کين وڌيڪ بي غيرت بنائيندا ۽ سندن قوم جي ماڻهن تي رعب
ويهاريندا رهيا آهن، ته جيئن هو وڌيڪ بي غيرتيءَ ۽ بي حيائيءَ سان سامراج جا بوٽ
چٽين، قوم، وطن ۽ ملڪ وڪڻن. مثلاً بزدل ۽ بي غيرت وڏيرن ۽ واڻين کي خان صاحب، راءِ
بهادر، خان بهادر جا لقب ڏيندا. ياد رهي ته راءِ سورهيه راجپوت بادشاهن کي سڏبو هو
۽ خان دنيا جي هڪڙي وڏي ۾ وڏي فوجي سپه سالار ۽ شهنشاهه چنگيز خان ۽ سندن اولاد جو
لقب آهي. بهادر جي اصل منگول ٻولي ۾ معنى آهي اهڙو سپه سالار جيڪو جنرل کان به مٿي
مارشل جي گريڊ وارو سپه سالار هجي. اهڙين هستين جا لقب ڏنا هئا ڊپٽي ڪمشنر جا بوٽ
چٽيندڙ وڏيرن ۽ واڻين کي!
هزارين سال ترڪ، افغان ۽ مغل سامراجين جي درٻارين جي عيار
چاپلوسي ۽ سازشي ماحول جي تربيت جي روايتن ۾ پليل جغادري چاپلوسي، سازشي، فتنه
انگيز ۽ سنڌي دشمن مافيا، سنڌ دشمن (ظاهر ظهور رجعت پرست توڙي ترقي پسنديءَ جو
ڍونگ رچائيندڙ توڙي ٻي) ۽ سندن پريس ۽ سندن ليڊرساز فيڪٽريون پنهنجي سنڌي، پنجابي
۽ بلوچ قومن مان ڀرتي ڪيل ڇاڙتن کي وڏا وڏا ڪوڙا لقب ڏيئي، سندن قوم فروش بيان کي
شاهي هيڊنگن ۽ لقبن القابن مان ڇاپي، کين سندن قومن هٿان هيري طور مڙهيندي رهي
آهي، ۽ ان رشوت جي عيوض کانئن غداريون، بي ضميريون ۽ قوم فروشيون ڪرائيندي رهي
آهي، ۽ ڪرائي پيئي. ڪنهن پرمتڙئي ۽ قوم جي غريب عوام سان نفرت ۽ وير رکندڙ ۽ ان کي
سيکت ڏيئي کانئن انتقام وٺڻ جي پياسي سياستدان کي ڪهڙو لقب ڏيئي، ته ڪنهن بي مغز
طوطي کي ”پولٽ بيورو جو ميمبر“ سڏي پڏائيندي، ڪنهن کي گل پارائيندي، ڪنهن تان گلن
جي ورکا ڪندي، مطلب ته لکنوءَ ۽ دهليءَ جي ڪوٺن جي ڊيريدراڻين جي سمورن مجرب
خانداني نسخن مطابق سياسي ناز انداز سنڌي ماڻهن کي ريجهائيندي، ڪوڪا هڻندي، ”شيشي ۾
اتارنا“، ”بانس پي چڙهانا“ جا ڪرتب ڏيکاري، ماڻهن کي اُلو بنائڻ جي ٻين سمورين تير
بهدف صدين کان آزمايل تير بهدف نسخن تي عمل ڪندِي، رڳو وات جي ڪمائيءَ تي ڌڻين کي
بيدخل ڪندِي، ملڪ ڦٽائيندِي ۽ پنهنجي حڪومت ڄمائيندِي رهي آهي.
حساب ڪتاب ڪونهي
اسان وٽ سياسي احتساب يا ماڻهوءَ جي گذريل سياسي ڪارڪردگيءَ
جو حساب ڪتاب وٺڻ ۽ ساڻس ان موجب هلڻ جي ڳالهه ڪانهي. ان ڪري اسان وٽ ماڻهو بي ڌڙڪ
ڪهڙو به بڇڙو قوم دشمن ڪم ڪري ڇڏين، ڪهڙو به ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ هڪدم چيلهه ٻڌيو تيار
ٿيو وڃن. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته هيءَ اسان واري قوم ڪو به سياسي حساب ڪتاب
رکي ئي ڪو نه، تنهنڪري جيڪي به آءٌ ڪندس، اهو مون کي ڦٻي ويندو. ڪم رڳو ايترو ڪرڻو
آهي جو جيڪو وڻي سو ڪڌو ڪم ڪري وڃي ڪنهن ماڻهوءَ جي در تي بيهي رهبو. ”ابا تڏي تي
لڙي آيو، هاڻ ڇا ڪبو؟“ ڪير ڪنهن جو هڪڙي ٽڪي جو ذاتي نقصان ڪري وجهي، ڪو ڪڪڙ جو
چوزو چورائي وڃي ته ان لاءِ ستن پيڙهين تائين بخش ڪو نه ڪبو، ته قوم جو قهري نقصان
منٽ ۾ معاف ٿي ويندو. قومي جرم معاف ڪرڻ ۾ اسين حاتم طائي آهيون، سخي ۽ داتا آهيون،
ڪير قوم جي ڪيڏي تباهي ڪري ڇڏي ڀل. سڄي قوم وڪڻي اچي پوءِ رڳو وات مان ٻه اکر چئي
ڇڏي ته ”مون کان ڀُل ٿي.“ بس رڙيون پئجي وينديون. ڀلا ڙي مڙس! واهه ڙي جوان! هاڻي
خطائون ته ٿين ٿيون. الائي ڪنهن ڪيون؟ ڪن کان ٿيون؟ پر هن ويچاري ڏوهه سڄو ليٽائي
پاڻ تي وِڌو. واهه ڙي جوان، واهه! سائين بادشاهه ماڻهو آهي! اصل واهه واهه ڪري
ڇڏيائين. ٻيو ڪير ٿو اهڙي ڳالهه ڪري؟ ٻيا ڀلا قبول ڪن اهڙي ڳالهه!؟
وڏيرا ڀلي ڏينهن ۾ ڏهه هزار ڳالهيون پيا ڪن. ڪو ڪو نه پڇندن،
ته ڪالهه تو هيئن چيو يا ڪيو ۽ اڄ وري هي ڇا پيو چوين يا ڪرين.
وڏيرن کان ڪا ڳالهه پڇڻي ئي ڪانهي. انهن تان پڇاڻو معاف
آهي.
اچو ته پاڻ ڀلا ٿورو سياسي ريڪارڊ اٿلائي پٿلائي ڏسون!
باب ٻيو
ڪوڙو ڪير؟
”ڪجهه وقت کان پوءِ (ذوالفقار علي ڀُٽي) مون کي اسلام آباد
گهرائي، صوبي سرحد ۽ بلوچستان جي نيشنل عوامي پارٽي جي ميمبرن سان سمجهوتو ڪرائڻ ۾
مدد ڪرائڻ لاءِ چيو. مون حتي الامڪان مدد ڪري ٻنهي ڌرين جي ٺاهه لاءِ ماحول سازگار
بنايو. انهيءَ جي نتيجي ۾ صوبي سرحد ۽ بلوچستان ۾ نعپ ۽ جميعت علماءِ السلام جون
گڏيل وزارتون وجود ۾ آيون ۽ نعپ جا گورنر مقرر ٿيا.“ (جِي ايم سيد ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“ ص-38-39)
قمر ڀَٽي لکي ٿو:
”ڇهون دفعو ڀٽو، پٺاڻن ۽
بلوچن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ منهنجي ضرورت سمجهي مون (جِي ايم سيد) سان مليو.
”1973ع واري آئين جي ٺهڻ
کان پوءِ مرڪزي حڪومت يعني ڀُٽي صاحب، نعپ ۽ جميعت علماءِ اسلام سان ٺاهه ڪرڻ پئي
چاهيو ته جيئن سرحد ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون ٺاهي سگهجن.
”سموري ملڪ ۾ سيد اعظم (جِي ايم سيد) ئي اهڙي پاورفل شخصيت
هو جيڪو اهو ڪم سرانجام ڏيئي سگهي پيو. تنهنڪري ڀُٽي صاحب سيد اعظم کي گذارش ڪئي
ته ’بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ توهان جو تمام گهڻو اثر آهي، سو توهان ٺاهه ڪرائي ڏيو ته
احسان ٿيندو.‘
”ان سلسلي ۾ سائين جِي ايم سيد جو اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سيد
ڪوشش ڪري بلوچن ۽ پٺاڻ ليڊرن کي ڀُٽي صاحب سان سمجهوتو ڪرايو.“ (قمر ڀٽي، ”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-135-136)
جِي ايم سيد جو انٽرويو:
”س: اهو به چيو ٿو وڃي ته 1973ع ۾ جيڪو آئين ٺهيو ان
لاءِ بلوچن ۽ پٺاڻن کي ڀُٽي صاحب توهان جي معرفت قائل ڪيو هو؟
”ج: ڪُوڙو آهي اهو، جيڪو ائين چوي ٿو.“
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”عبرت ميگزين“، 1-جولاءِ 1987،
شمارو 185، ص-31، ڪالم-3)
پڙهندڙ فيصلو ڪن ته ڪوڙو ڪير آهي؟
تاريخ، ضياءُ ۽ سندس ڇاڙتن لاءِ ڪهڙو
فيصلو ڏيندي؟
هي ته رڳو هڪ مثال آهي، پر اهڙا سوين نج تيار ڪوڙ ٺوڪڻ جِي
ايم سيد صاحب جي مريدن جو اولين فرض پئي رهيو آهي. ان جا مثال گهڻا ئي آهن، پر
تازو (1986ع ۾) انهن جو مجموعو قمر ڀَٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“. ان ڪتاب ۾ به
روايتي عادت موجب بنا ڪنهن دليل جي، اهو ساڳيو پراڻو رينگٽ ورجايو ويو آهي ته جِي
ايم سيد عظيم آهي، اعلى آهي، سنڌ آهي، سنڌ معنى سيد ۽ سيد معنى سنڌ، جِي ايم سيد
جو مخالف معنى سنڌ جو دشمن، سيد سڄي ڄمار سنڌ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جبل آهي،
اڏول آهي، نرم مزاج ۽ مهمان نواز، چئن کان وڌيڪ مهمان ٿيا ته ڇيلو ڪهرائيندو،
روحانيت جا درس ڏيندو، تهجد پڙهندو آهي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
چوڻ ڪاڻ ته ماڻهو جڳ جهان جا وڏا وڏا ڊائلاگ چونڊي چئي سگهي
ٿو، دنيا جي هر ننڍي وڏي حاڪم، بادشاهه، شهنشاهه، فرعون، يزيد، جنرل، مرشد يا
جاگيردار جي چاپلوسن پنهنجن اڳواڻن جي تعريف ۽ توصيف ۾ لکين لفظ لکي، لفظن جي بي
عزتي پئي ڪئي آهي. هٽلر، مسوليني، چيانگ ڪائي شيڪ، زار شهنشاهن، فرعون صفت فردن،
انگريز، فرينچ ۽ آمريڪي سامراجين ۽ پنجابي-پناهگير ڦورن جي ڇاڙتن جي ساراهه ۾ سوين
ڪتاب نه لکيل آهن ڇا؟
جناح صاحب، لياقت، سڪندر مرزا، ايوب خان، يحى خان ۽ جنرل
ضياءَ کي پڏائيندڙ ڪتاب نه لکيل آهن ڇا؟
پر تاريخ ۾ اهميت نظريي سان گڏ عمل جي به هوندي آهي. ڪنهن
به ماڻهوءَ ڇا ڪيو آهي؟ ڪنهن لاءِ ڪيو آهي؟ ڪيترو ڪيو آهي؟ ڪيئن ڪيو آهي؟ ڪڏهن ڪيو
آهي؟ ڪهڙين حالتن ۾ ڪيو آهي؟
دنيا جو ڪو به ناميارو ’ظالم‘ مثال طور کڻو، ڇا ان جي ڏينهنِ
۾ کيس ساراهيندڙ ۽ پڏائيندڙ ڪتاب نه لکيا ويا ۽ انهن ۾ هن کي انصاف پرور، مظلومن ۽
مسڪينن جو همدرد، نڌڻڪن جو رکوالو، بيوسن جو ڀرجهلو، مهربان ۽ ٻاجهارو نه سڏيو ويو
آهي؟ پر تاريخ ۽ وقت هميشه انهن جي قول ۽ فعل کي پرکيو ۽ ان جي بنياد تي ان لاءِ
لفظ ’ظالم‘ نبيري ڇڏيو.
- ريگن کي سندس ڇاڙتا ڇا ٿا چون؟
- جنرل ضياءَ کي سندس خوشامدڙيا ڇا ٿا چون؟
- جنرل ضياءَ کي جِي ايم سيد ڇا ٿو چوي؟
- تاريخ ريگن ۽ جنرل ضياءَ لاءِ ڪهڙو فيصلو ڏيندي؟
جنهن کي وڻي ۽ جنهن تي وڻي، ڀلي ڪتاب لکي، پر ڳالهه ڪري
دليل سان، بنا دليل ڳالهه اجائي بَڪ ۽ وقت جو زيان هوندي آهي.
اسان کي سکڻن لفظن جي ميڙ جي ڪا به گهرج ناهي. اسان جو سوال
هي آهي ته محترم جِي ايم سيد صاحب جنهن کي سنڌ جو اڪيلو اڳواڻ، وارث، امام ۽ هادي
سڏي سندس جاهل مريد ۽ ٺوڳي خليفا، پورهيت عوام ۽ سندس اڳواڻن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻيو،
ڀنڊيون ٻاريو ۽ ڦشريون لڳايو بيٺا آهن ۽ جيڪو سنڌي هارين ۽ مزدورن کي، سنڌي پورهيت
پنوهارن کي، انهن جي گهڻگهرن کي، پنجاب جو ايجنٽ ٿو چئي، تنهن صاحب سنڌي عوام جي
بنيادي ۽ دائمي مسئلن جي حل لاءِ سنڌي عوام جي ڪهڙي جدوجهد ۾ عملي حصو ورتو آهي،
يا انهن جي حل لاءِ هن ڇا ڪيو آهي، ڪڏهن ڪيو آهي، ڪيئن ڪيو آهي، ڪٿي ڪيو آهي،
ڪيترو ڪيو آهي، ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ڪيو آهي؟
قمر ڀَٽي جو ڪوڙ ۽
بيوقوف بيانبازي
قمر ڀَٽيءَ پنهنجي ان ڪتاب ۾ اهي ڊز هنيا آهن جو توبهه ڀلي.
انهن مان هڪ ماڻهن جو حوصلو وڌائڻ، همت ٻَڌائڻ، محفل ۾ پنهنجائپ واري فضا پيدا ڪرڻ
۽ بنا حجاب حصو وٺرائڻ بابت جِي ايم سيد صاحب جي تعريف ۾:
”هن (جِي ايم سيد صاحب) جي ڳالهائڻ سان سورن، سختين، ڏکن
ڏاکڙن ۽ اذيتن کي برداشت ڪرڻ جي ماڻهوءَ ۾ سگهه، همت ۽ حوصلو پيدا ٿيندو آهي.
سائين چرچن ڀوڳن ذريعي حقيقت (۾) مجلس تي ڇانيل سانت ۽ گنڀيرتا کي ٽوڙي پنهنجائپ
واري فضا پيدا ڪندو آهي ته جيئن هر ڪارڪن، هر ورڪر، هر ماڻهو ڪچهري ۾ بنا حجاب جي
حصو وٺي سگهي. منهنجي پنهنجي حالت اهڙي هوندي آهي جو سالن
کان سندس محفل ۾ دل کولي گفتگو نه ڪري سگهندو آهيان. جيڪو ڪجهه سائين پڇندو آ، ها
يا نه ۾ جواب ڏيئي ڇڏيندو آهيان. اهڙا ٻيا به ڪيترائي ڪارڪن آهن جن جي حالت ساڳي
مون واري آهي.“ (ص-3)
جيڪڏهن سالن کان قبلي محترم جِي ايم سيد صاحب جي ڪچهريءَ ۾
ويهندڙ ان قمر ڀٽيءَ جي حالت اها آهي جيڪو سائين جِي ايم سيد کي تمام گهڻو پيارو
آهي... (جنهن کي جِي ايم سيد) جيئي سنڌ تحريڪ جي هاءِ ڪمان ۾ رکندو رهيو آهي... سنڌي
نوجوانن جي قيادت ڪندو رهيو آهي. (ڪتاب جو پيش لفظ-ص-ج)
ته پوءِ ٻين ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي حالت ڇا هوندي؟
قمر ڀٽيءَ جي ڳالهه مان محترم جِي ايم سيد صاحب جا بيان ڪيل
وصف ته ظاهر ڪو نه ٿيا ٿين، اٽلو اهو ٿو پڌرو ٿئي ته ڪو وڏيرو يا مرشد پنهنجن
ڪمدارن يا مريدن جي وچ ۾ ويهي ڪا کلڻ جهڙي ڳالهه ڪري، ته ان تي درٻاري خوشامدڙيا
ڏند ٽيڙ ڪري پنهنجو ”فرض“ پورو ڪن. باقي:
(1) محترم جِي ايم سيد صاحب سنڌ ناهي.
(2) جِي ايم سيد صاحب جو مخالف سنڌ جو
دشمن ناهي.
(3) جِي ايم سيد صاحب سدائين سنڌ لاءِ
وڙهيو ناهي.
(4) جِي ايم سيد صاحب سڄي عمر ”سنڌ
لاءِ“ قربانيون ڪو نه ڏنيون آهن.
(5) جِي ايم سيد صاحب دانائيءَ جو
سمنڊ، امام ۽ هادي ناهي.
(6) جِي ايم سيد صاحب سنڌ جو سچو
همدرد ناهي، وغيره.
جهڙا
موضوع محترم نظر قيصراڻي خوب ڇنڊي ظاهر
ڪيا آهن. اهو مضمون ’تحريڪ‘ رسالي
۾ به ڇپيل آهي ته ص-36 کان 62 تائين ”واٽون ويهه ٿيون“
نالي ڪتاب ۾ به ڇپيل آهي.
سامراج ۽ سامراجي
ڇاڙتن جي غير مشروط حمايت ڪير ڪندو آهي؟
اسان کي نظر قيصراڻي صاحب سان ڪو به اختلاف ڪونهي. جِي ايم
سيد صاحب جا رويا ۽ عمل هاڻي تائين ساڳيا آهن، بلڪه ان کان به ڪجهه وڌيڪ آهي. جيئن
جيئن حالتون بدليون آهن، سنڌ توڙي پاڪستان اندر تاريخ، سياست ۽ عملي جدوجهد ۾ جيڪي
واڌارا ٿيا آهن، انهن تي هڪ نظر وجهڻ سان ئي جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن جو
سياسي ڪردار پڌرو ٿي پوي ٿو.
ڪي خاص تبديليون هي آهن:
(1) ڀُٽي حڪومت جو خاتمو ۽ ضيائي
مارشل لا جي ابتدا،
(2) ڀُٽي صاحب جي شهادت ۽ سنڌ اندر
فوجي ظلم ۾ واڌارو،
(3) سنڌ اندر فوجي ظلم خلاف عوامي رد عمل،
(4) مظلوم مظلوم جي ڪوڪرن هيٺ سنڌ ۾
سنڌي-دشمن مافيا جي پراڻي فتني جي نئين سر ۽ نرالي اوسر،
(5) جنرل ضياءَ جي ”جمهوري“ حڪومت، ۽
(6) سنڌي قوم جي وجود، بقا، بچاءَ ۽
واڌاري لاءِ ٿيندڙ اتحاد ۽ ان ۾ پوندڙ رنڊڪون.
1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ڌوڪيبازيءَ جي ڪري ڀٽو حڪومت خلاف
پاڪستان جي سڀني رجعت پرست ۽ سامراجي ڇاڙتي تنظيمن ”قومي اتحاد“ جي نالي ۾ پاڻ کي
متحد ڪري هڪ خوني فوجي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ سازشي وڳوڙي مهم هلائي. ڀُٽي صاحب
پاران اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪي سامراجي ڪرتوتن جا پول پڌرا ڪرڻ جون ڌمڪيون آمريڪي
سامراج کي ڀُٽي جي مخالفت ۾ کلم کلا لاهي آيون. اهڙيءَ ريت آمريڪي سامراج ۽ ان جون
پنجابي پناهگير رجعت پرست قوتون ڀٽو حڪومت خلاف واويلا ڪرڻ ۾ ٻِٽ ٿي بيٺيون. نيشنل
عوامي پارٽيءَ کي ڇڏي قومي اتحاد وٽ سنڌين ته ڇا پر سڄي ملڪ جي مظلوم قومن ۽ عوام
جي فائدي جو ڪو هڪ نُڪتو به ڪو نه هو. انهن جو ڪل نڪتهء نظر سامراج جا چنبا مضبوط
ڪرڻ، فوج کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڀٽو دشمني تي ٻڌل هو. سنڌ اندر سنڌي عوام پاران ڀٽو
حڪومت خلاف ڪو خاص رد عمل ظاهر نه ٿيو. سنڌين ۾ اڪيلو جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس
مريدن جو ٽولو ئي هئا جنهن پنهنجي پراڻي روايتي عادت موجب پنهنجو پاڻ کي سنڌي عوام
کان ڪاٽي، انهن رجعت پرست پناهگير-پنجابي رجعت پرست قوتن جي غير مشروط حمايت ڪئي،
جيڪي نه رڳو عالمي سامراج جون ڇاڙتيون هيون پر ان جي پٻيءَ تي پاڪستان ۾ به فوجي
جنتا کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ”جدوجهد“ ڪري رهيون هيون.
ان ڪري سنڌين ماڻهن وٽ ڪجهه سوال هئا ته:
(1) جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن جي ٽولي انهن
تنظيمن سان اتحاد ڇو نه ڪيو آهي جيڪي سنڌي عوام جي دائمي مفادن لاءِ جدوجهد ڪرڻ
گهرن ٿيون؟
(2) جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن جو
ٽولو سنڌي عوام جي تنظيمن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ ته اهو شرط ٿو وجهي ته اهي ”سنڌو ديش“
جو ڪلمو پڙهن ۽ اسان ۾ ضم ٿي وڃن، ڇو ته سنڌي قوم جا واحد وارث اسين ئي آهيون، پر
پاڪستان قومي اتحاد وارن سان اهو شرط ڇو نه رکيو اٿائين؟
(3) جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن جي
ٽولي انهن تنطيمن جي اتحاد جي غير مشروط حمايت ڇو ڪئي جيڪي عمل ۽ ڪردار ۾ رجعت
پرست، سامراج نواز ۽ پناهگير-پنجابي سامراج جون ڇاڙتيون آهن؟
(4) ڇا جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن
جي ٽولي، قومي اتحاد وٽ پنهنجي پسند ۽ سنڌي عوام جي پسند جو ڪو هڪ به شرط يا نُڪتو
رکيو آهي؟
(5) ڇا قومي اتحاد جي پروگرام ۾ ڪو هڪ
به اهڙو نُڪتو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي فائدي لاءِ هجي؟
(6) قومي اتحاد وٽ ڀٽو دشمني، فوج
ياري ۾ سامراج دوستي نڀائڻ کان سواءِ ٻيو به ڪجهه آهي ڇا؟
(7) ڇا جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولي؛
ڀُٽي دشمني، فوج ياري ۽ سامراج دوستي نڀائڻ خاطر قومي اتحاد جي غير مشروط حمايت
ڪئي آهي؟
(8) ڇا جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولو
سامراج ۽ سامراجي ڇاڙتن جو باشعور پيروڪار آهي؟
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته حالتن، جِي ايم سيد صاحب جي تازن
انٽرويوئن ۽ پنهنجن ماڻهن کان لکايل ڪتابن (خاص ڪري ”ڀُٽي
۽ سندس پارٽي جي مخالفت ڇو؟“ نالي ڪتاب، جيڪو جِي ايم سيد پنهنجي ڄَٽ مريد
قمر ڀَٽي جي نالي سان شايع ڪرايو ۽ جنهن ۾ فوجي ٽولي کي اشراف ۽ ايماندار سڏيل آهي
۽ ان کي رٿون ڏنل آهن ته ڀُٽي ۽ سندس خاص
ماڻهن ممتاز ڀُٽي، حفيظ پيرزادي، نصرت ڀٽو وغيره کي ڦاهيون ڏيڻ لازمي آهي، نه ته
توهان جو اقتدار ڊگهو عرصو هلي نه سگهندو ۽ سنڌ ۾ وڳوڙ پيدا ٿي پوندو وغيره) مان
ته رڳو اها ئي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته محترم جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولي جو اهو
عمل ڪٽر ڀٽو دشمني ۽ ذاتي تسڪين لاءِ ۽ فوج ياري ۽ سامراج دوستي نڀائڻ خاطر هو.
باب ٽيون
ڇا جِي ايم سيد صاحب موقعي پرست ناهي؟
”ڀٽو ذهين ماڻهو هو. سڄي اولهه پاڪستان ۾ سڀني سيٽن تان
کٽيائين. ماڻهو چريا پئي ٿيا، پر جنهن جو نه ڪو اخلاق هو، نه ئي اصول، ٿرڊ ڪلاس
ماڻهو هو جيڪو اقتدار لاءِ چريو ٿي پيو هو.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-68)
”هو عملي سياستدان هو ۽ مان خيالي (خيال پرست سياستدان)
آهيان، منهنجي سياست نظرين جي سياست آهي، جڏهن ته عملي سياستدان ابن الوقت هوندو
آهي، ڀٽو به ابن الوقت هو.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد، ”1984ع جا اهم خاڪا ۽ انٽرويو“، اردو ۾، ص-67)
- ڇا جِي ايم سيد پاڻ عملي سياستدان
نه هو؟
- ڇا عبدالواحد آريسر عملي سياستدان
ناهي؟
- ڇا حميده کهڙو عملي سياستدان
ناهي؟
جيڪڏهن جِي ايم سيد، آريسر وغيره عملي سياست ڪن ٿا ته پوءِ جِي
ايم سيد جي لفظن موجب ابن الوقت چئبا پر جيڪڏهن عملي سياست نه ٿا ڪن، ته پوءِ هن
ٽولي پاران اها لٻاڙ ته هنن سڄي ڄمار سنڌ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي آهي، صفا بي بنياد
ٿي پئي ٿي.
ڇا جِي ايم سيد عملي سياست نه ڪئي آهي؟
پاڻ جِي ايم سيد صاحب چوي ٿو:
”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ جي ڏينهنِ ۾ اسيمبلي ۾هوس،
ان کان سواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ به رهيس.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-71)
- ڇا اها عملي سياست ناهي؟
- ڇا 1970ع جي چونڊن ۾ بيهڻ (۽
هارائڻ) عملي سياست ناهي؟
ڇا جِي ايم سيد؛ ڀُٽي
صاحب جو ان ڪري مخالف هو جو ڀٽو ”پنجاب جو شو بواءِ“ ۽ ”اقتدار جو بکيو“ هو؟
ڳالهه عملي سياست جي عيبدار هجڻ ۽ ابن الوقتيءَ جي ناهي، پر
ڀُٽي کان 1970ع جي چونڊن ۾ هارائڻ ۽ ان کان پوءِ وري جِي ايم سيد صاحب جي سهڪار
باوجود کيس نظر انداز ڪرڻ ۽ لئه نه ڪرائڻ لاءِ پلئه وٺي ذاتي تسڪين حاصل ڪرڻ ۽
سامراج دوستي نڀائڻ جي آهي.
- ڀٽو صاحب جِي ايم سيد صاحب کي
چاچا چوندو هو،
- 1970ع وارين
چونڊن ۾ جِي ايم سيد صاحب خلاف بيٺو،
- جِي ايم سيد صاحب جي هار ٿي،
- جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس پُٽ کي
ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ تي ڀارت پئي موڪليو پر پوءِ ”پنجابين جي ناراضگيءَ“ سبب نه
موڪليائين.
”احترام ته ڀٽو به ڪندو هو، هُو ايندو هو مون
وٽ. ايتري قدر جو مون کي چاچا چوندو هو. مان ملڻ ويندو هيومانس ته پاڻ ٻاهر نڪري
موٽر جو دروازو کولي مون کي ويهاريندو هو.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-91)
”جِي ايم سيد جو اسلام آباد وڃڻ ٿيو. سيد ڪوشش ڪري بلوچ ۽
پٺاڻ ليڊرن کي ڀُٽي صاحب سان سمجهوتو ڪرايو.“ (قمر ڀٽي، ”جِي
ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“ ص-136)
قِبلي جِي ايم سيد صاحب ته ڀُٽي صاحب سان گڏ بنگالي عوام جا
قاتل خونخوار فوجي ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو سندرو ٻڌو هو. قمر ڀٽي لکي ٿو:
”پنجون دفعو ڀٽو مون (جِي ايم سيد) سان هندستان مان جنگي
قيدي واپس ڪرائڻ ۽ ڀارت سان ڳالهائڻ لاءِ مليو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن ڀارت
سان قيدين جي آزادي لاءِ ڳالهائڻ هلبو ته صرف تون (ڀٽو) ۽ مان (جِي ايم
سيد) هلنداسون، ته پوءِ مان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ (قمر ڀٽي، ”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“ ص-135)
شاهه صاحب ان حد تائين ڀٽي صاحب سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار هو،
پر جڏهن ڀٽي صاحب ”پنجابين جي ناراضگيءَ“ سبب لفٽ نه ڪرائي، تنهن کان پوءِ جِي ايم
سيد صاحب کيس ”پنجابين جو شو بواءِ ۽ اقتدار جو بکيو“ سڏڻ شروع ڪيو.
جيڪڏهن جِي ايم سيد صاحب جي ڀٽو دشمني رڳو ان ڪري هجي ها ته
”اقتدار جو بکيو، پنجابين جو ايجنٽ ۽ شو بواءِ“ هو، ته پوءِ جيڪڏهن چاهي ته، اها
ساڳي ڳالهه پير پاڳاري ۽ هاڻوڪي ”وزير اعظم“ محمد خان جوڻيجي سان به لاڳو ڪري سگهيو ٿي، بلڪه
جوڻيجو ته تهائين وڌيڪ انهن لقبن جو مستحق قرار ڏيئي سگهيو ٿي جو هو سڌو سنئون
فوجي ”جمهوري“ حڪومت ۽ جنرل ضياء کي حد درجي پڏائيندو پيو وتي.
پر نه رڳو پير سائين پاڳاري ۽ جوڻيجي صاحب بابت عقيدت ۽
ساراهه جا ڍڪ ڀريندو پيو رهي، پر ’نظربنديءَ‘ دوران جوڻيجي صاحب جي نياڻيءَ جي
شاديءَ جو سڏ به ڀري آيو.
اقتدار جي بک ۽ پنجاب جي ايجنٽ ۽ شو بواءِ هجڻ واري ڳالهه
سنڌ جي هاڻوڪي وزير اعليٰ سان گڏ سڄي وزارت سان به لاڳو ڪري سگهيو ٿي، پر پوءِ
انهن بابت ڪا فتويٰ جاري ڇو نه ٿو ڪري؟ ماٺ ڇو آهي؟ انهن سان سهڪار ڇو ٿو ڪري؟
جيڪي عالمي سامراج جا ڇاڙتا آهن، جيڪي پنجاب جا سنوان سڌا
ايجنٽ، شو بواءِ ۽ اقتدار جا بکيا آهن، جن سنڌي عوام سان ويل وهائي ڇڏيا آهن، جن
سنڌ کي اڃا وڌيڪ غلاميءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، انهن جي مخالفت ته نالي ماتر به ڪو نه،
رهندو انهن جي تعريف ۽ توصيف!
- سامراجي ڇاڙتي حڪومت جي ساراهه
ڪير ڪندو آهي؟
- ان جي ظلمن تي ڍڪ ڪير رکندو آهي؟
- ان جي مخالفت ڪير نه ڪندو آهي؟
- ان سان نيٺ ڪهڙي ياري پئي نڀائجي؟
- حقيقي ايجنٽن کي ايجنٽ ڇو نه ٿو
سڏجي؟
اهو سڄو ڌنڌو ڇا
لاءِ؟
سياسي سڄاڻ ماڻهو انهن سوالن جا جواب ڳولڻ کان پوءِ انهيءَ
نتيجي تي پهچي ٿو ته جِي ايم سيد صاحب جي سڄي عملي سياست رڳو ان لاءِ رهي آهي
جيڪڏهن پاڻ اقتدار ۾ نه به هجي پر سامراجي ڇاڙتن سان ياري ضرور نڀائي، حاڪمن جو
منظور نظر ٿي رهي.
(1) ان لاءِ ئي هن صاحب مسجد منزل گاهه واري
هندو-مسلم فساد کي جنم ڏياريو. (هاڻي جي جِي ايم سيد صاحب بيشڪ چوي ته کانئس غلطي
ٿي آهي، پر غلطي چوڻ سبب انهن لڳ ڀڳ پندرهن سَـﺆ ناحق خونن جو ڏوهه ۽ انهن
سان واسطيدار مائرن، پيئرن، ڀينرن، ڀائرن، ڌيئرن ۽ پٽن کي مليل عذاب ختم ٿي ويو؟
ائين ته خون ڪرڻ ڏاڍا سولا ٿي پوندا! ڪنهن جو پيءُ، پٽ، ڀاءُ، ماءُ، ڌيءُ يا ڀيڻ
ڪُهي چئجي، ته غلطي ٿي وئي، بس! (خونُ باسيندڙ کي ته بنا ڪيس هلڻ جي جوڳي سزا
ملندي آهي!)
(2) سيدن کي ٽڪيٽ نه ملڻ کان پوءِ
جناح کان ڌار ٿي ويو، پر پاڪستان لاءِ ”جدوجهد“ کان نه مڙيو. قمر ڀٽي لکي ٿو ته:
”خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي ڳالهه نڪتي، ته
چيائين (جِي ايم سيد صاحب چيو) محمد ايوب کهڙي بلاشڪ ون-يونٽ ٺهرائي غلط ڪم ڪيو
هو... هونئن به سنڌ جي تاريخ ۾ کهڙي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ تمام وڏا ڪارناما سرانجام
ڏنا، پر اوهان اڃا کيس معاف نٿا ڪريو. اسان ته کهڙي واري ڪُڌي ڪم کان به
وڏو گناهه ڪيوسين يعني پاڪستان ٺهرايوسين، جيڪو اڃا تائين نه ٽُٽو آهي.“ (قمر ڀٽي،
”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“ ص-35-36)
(جن ماڻهن کهڙي کي معاف نه ڪيو آهي انهن کان به وڌيڪ ڪُڌو
ڪم ۽ وڏو گناهه ڪندڙ کي ڪيئن معاف ڪيو هوندو! پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ هتي آيلن
هتان جي هندو آباديءَ جو جيڪو ڪوس ڪيو، کين بي گهر ۽ بيروزگار بنائي، لّڏائي، ڌرتي
ڇڏرائي، در در پنرائي ڇڏيو، جِي ايم سيد صاحب ڪيئن ٿو سمجهي ته انهن کيس معاف ڪيو
آهي! انهن مهربانن سنڌي عوام سان اڄ تائين جيڪي ڪيس ڪيا آهن ان جي شڪار ٿيل مظلوم
سنڌين جِي ايم سيد صاحب کي ڪو نه بخشيو آهي. اڄ ڏينهن تائين جيڪي ماڻهو جِي ايم
سيد صاحب جو ڪڌو ڪم ۽ وڏو گناهه لوڙن پيا، کيس ڪيئن وساريندا؟)
(3) پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلم ليگ جِي ايم سيد صاحب
کي پڇيو به ڪو نه، پر جِي ايم سيد صاحب حڪومت ۾ حصيدار ٿيڻ جي آسري ۾ اوسيئڙو ڪندو
رهيو. جناح مري ويو ۽ لياقت اقتدار ۾ آيو. ڊگهي اوسيئڙي کان پوءِ نيٺ جِي ايم سيد
صاحب پاڻ ئي لياقت علي کي پنهنجون غير مشروط خدمتون آڇيندي لکيو:
”پاڪستان جي ڀلي ۾، حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ،
سواءِ ڪنهن عهدي وٺڻ جي تيار آهيون.“ (”سنڌ جو سيد،
سندن سوانح حيات ۽ پيغام“، ص-53)
ان آڇ جي باوجود جڏهن لياقت کنگهيو به ڪو نه، تڏهن جناح ۽
لياقت جا پول پڌرا ڪرڻ شروع ڪيائين.
(4) وَن يونٽ دوران جِي ايم سيد جيترو عرصو عملي
سياست ڪندي اسيمبلي ۾ رهيو، اوترو عرصو وس پڳي حڪومت سان هم آواز رهيو يا ماٺ
رهيو.
”س: ون يونٽ خلاف آواز اٿارڻ وارن ۾ اوهان
سان گڏ ڪير هو؟
”ج: غلام محمد اسان کي
اڳواٽ ئي بند ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ڪهڙي راءِ ڏيون ها.“
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير
احمد ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-71)
(جِي ايم سيد صاحب ٿو چوي ته غلام محمد اسان کي ”بند“ ڪيو
هو ۽ آريسر ٻي ڳالهه ٿو ڪري، ٿورو اڳتي پڙهندا.)
(5) ’4-مارچ واري جدوجهد‘، ’ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ‘، ’ووٽر
لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهيو تحريڪ‘ ۽ ’سنڌ جي زمينن جا نيلام بند ڪريو تحريڪ‘ دوران جِي
ايم سيد صاحب سنڌي شاگردن، مزدورن، هارين، ادبين ۽ دانشورن پاران هلايل عملي
جدوجهدن ۾ حصو وٺڻ بدران، غدار وڏيرن جو ڪاغذي ’ون يونٽ ٽوڙيو محاذ‘ ٺاهي گهڻي کان
گهڻو وس پڳي سنڌي شاگردن جي جدوجهد (4-مارچ) جي مخالفن، ون يونٽ جي ڪٽر حمايتن،
ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ جي ويرين ۽ ’نيلام بند ڪريو تحريڪ‘ جي دشمن نواب مظفر،
محمود الحق عثماني، ڪينيڊي، ڀوپالي ۽ ٻين وٽ وڃي ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ ڊوڙي وڃي
گورنر جنرل ۽ جنرل يحى جي حاضري ڀري آيو. آريسر لکي ٿو:
”سائين خود هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته وَن يونٽ
ٽوڙائڻ لاءِ جدوجهد دوران هڪ دفعو آءٌ (جِي ايم سيد صاحب) ان وقت جي گورنر جنرل
(غلام محمد؟) سان مليس ۽ کيس چيم ته ون يونٽ ٽوڙيو. هن چيو ته ون يونٽ پاڪستان جي
اتحاد لاءِ ضروري آهي، انهي ڪري ٽوڙڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. مون چيو ته
جيڪڏهن توهان ون يونٽ نه ٽوڙيندَؤ ته اسان پاڪستان
ٽوڙينداسين.“ (عبدالواحد آريسر، ”صدين جو صدائون“،
ص-32)
ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ جي سورميءَ اختر
بلوچ جي مانَ ۾ سچل ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل جلسي جو ذڪر ڪندي. قمر ڀَٽي
لکي ٿو:
”عام طرح اتي تقريرون سائين (جِي ايم سيد) جي پنڊيءَ واري
دوري جي خلاف ٿيون هيون. اصلي مسئلو هو سنڌيءَ ۾ (ووٽر) لسٽون ڇپائڻ جو، جنهن تي
هڪڙي طرف کان بک هڙتالن جو سلسلو شروع ٿيو هو ۽ ٻي طرف سائين جِي ايم سيد جنرل يحى
خان سان ڳالهين ذريعي اهو مسئلو حل ڪرائڻ ٿي چاهيو. جلسي ۾ تقرير ڪندڙن ”پنڊيءَ
جا پانڌيئـڙا“ اصطلاح استعمال ڪئي.“ (قمر ڀٽي، ”جِي
ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“ ص-27)
مٿي ڏنل ٻه ٽڪرا جِي ايم سيد جي عقيدتمندن لکيا آهن. ڪهڙي خبر ته جِي ايم
سيد واقعي گورنر جنرل سان وَن يونٽ خلاف ۽ جنرل يحى سان ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ
وارن مسئلن بابت مليو هو؟ پر جيڪڏهن واقعي ان ڪم لاءِ مليو هو، ته به اسان جي ان
ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته جِي ايم سيد صاحب سنڌي مزدورن، هارين، اديبن، دانشورن ۽
شاگردن جي جدوجهد ۾ گڏجڻ ۽ عمل ڪرڻ بدران جنرلن جا در ڀيٽيندو رهيو آهي.
(1983ع جي جدوجهد دوران ڪيترائي ”رهنما“ ٿاڻن تي وڃي حاضري
ڀري، ٻڌائي ايندا هئا ته اهي حڪومت خلاف وڳوڙ ۾ شامل ناهن!)
(6) باقي جيڪڏهن جِي ايم سيد پاڪستان ان ڪري پئي ”ٽوڙيو“،
جو ون يونٽ نه پئي ٽٽو، ته اهو به ڪوڙ آهي، ڇو ته، پوءِ، اهڙيءَ حالت ۾ اهو نعرو ٻيو
نه ته به، ون يونٽ جي آخري ڏينهنِ ۾ لڳڻ گهرجي ها. ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي ”سنڌوديش
ٺاهڻ ۽ پاڪستان ڊاهڻ واري نعري“ جي وچ ۾ سورهن سالن جو مُدو آهي. ڇا سورهن سالن ۾
اهو نعرو لڳي نه پئي سگهيو؟
”سنڌو ديش ٺاهڻ ۽ پاڪستان ڊاهڻ“ وارو نعرو ڪڏهن هنيو ويو؟
ڀُٽي صاحب جي ڏينهنِ ۾ ۽ اهو به 1974ع ۾. 1974ع کان اڳ
جيستائين ڀٽو صاحب محترم جِي ايم سيد صاحب کي مکڻ مکيندو پئي رهيو، تيستائين هُو
به پاڪستان اڏڻ، آئين ٺهرائڻ ۽ بلوچ ۽ پٺاڻ اڳواڻن کان منظور ڪرائڻ ۽ ويندي قيدي
فوجي ڇڏائڻ لاءِ به ڀُٽي صاحب سان سهڪار ڪندو رهيو. پر جڏهن ڀُٽي صاحب ٿڌائي
ڏيکاري تڏهن شاهه صاحب وٺي ”سنڌو ديش سنڌو ديش“ ڪرڻ ۽ ”پاڪستان ڊاهڻ“ لڳو. ۽ ذاتي
وير ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو جو سامراجي رجعت پرست قومي اتحاد جي غير مشروط
حمايت ڪري فوج جي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ لڳو.
(7) جنرل ضياءَ جي فوجي آمريت جي زبردست حمايت
ڪيائين ۽ اڃا تائين ڪري رهيو آهي.
جِي ايم سيد صاحب فوج جي اقتدار ۾ ايندي، پنهنجي عقيدتمند
قمر ڀَٽي جي نالي سان هڪ ڪتاب ”ڀُٽي ۽ سندس پارٽي جي مخالفت ڇو؟“ لکيو ۽ جنرل ضياءَ
(”نيڪ ۽ شريف النفس انسان“) ۽ (”دانشمند“) ملٽري عملدران کي صلاحون ڏيڻ شروع
ڪيائين ته اهي ڪيئن ڀُٽي ۽ سندس پارٽيءَ کي ختم ڪري پنهنجو اقتدار ڊگهي عرصي تائين
قائم رکي سگهن ٿا. فوجي ٽولي گهڻي قدر اهي سڀ ڪم پورا ڪيا آهن.
”(ڀُٽي صاحب) آخر ۾ فيصلو ڪيائين ته ڪن عملدارن کي ڊِسمس
ڪري يا جيلن ۾ موڪلي نوان آفيسر مقرر ڪري وزارتون قائم رکيو اچي. ان کي ڪن دانشمند
ملٽري عملدارن ۽ ڪن ٻاهرين قوتن (آمريڪي سامراج) خطرناڪ سمجهيو ۽ نتيجي
طور ڀُٽي کي قيد ڪري مجبور ڪري نئين اليڪشن لاءِ پروگرام رٿيو ويو.“ (قمر ڀَٽي، ”ڀُٽي ۽ سندس پارٽي جي مخالفت ڇو؟“ ص-58)
ملٽري عملدارن ۽ ٻاهرين طاقتن کي ڏس ڏئي ساڻن همدردي هيئن
ظاهر ڪئي وئي:
”ڀُٽي ۽ سندس ڇاڙتن (ممتاز ڀٽو، حفيظ پيرزادو، نصرت ڀٽو
وغيره، وِيهن ماڻهن جا نالا ڄاڻايل آهن) کي اهو انتظار آهي ته ڪهڙيءَ به طرح ٻيهر
حڪومت جي واڳ وٺن. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان خارج نه ڪيو ويو آهي
ته هو سنڌ اندر ڪامياب ٿي ويندا.“ (حوالو ساڳيو، ص-59)
ٻين ملڪن ۾ ته ”اهڙي قسم جي ظالم، استحصالي ۽ خوفناڪ
قسم جي ماڻهن کي قتل ڪرائي، ماحول صاف ڪري پوءِ اليڪشنون ڪرايون ويون آهن.“
(جي.ايم. سيد، ص-59)
”انهيءَ ڪري ملٽري وارن جو فرض آهي ته هن ناجائز پيسن ۽
طاقت هٿ ڪندڙن کي جيلن ۾ وجهي، سياست کان خارج ڪري
چونڊون ڪرائن. پر جيڪڏهن هنن ٿوري به ڪمزوري يا شرافت ڏيکاري،
ته وري حالتن خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن بيگم نسيم
ولي خان کي نظر بند رکڻ کان ملٽري وارا نه هٻڪيا هئا، ته پوءِ بيگم نصرت
ڀٽو جا بڪواس ڪندي ۽ ملڪي ماڻهن کي بغاوت لاءِ آماده ڪندي
وتي ـــــ تي رحم ڪرڻ يا کيس ٻاهر ڇڏڻ ڪيتري قدر درست ٿيندو. اسان جنرل ضياءَ الحق
۽ ان جي مددگارن کي عرض ڪنداسون ته يڪدم مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن (ممتاز
ڀٽو، حفيظ پيرزادو ۽ ٻيا، ڪل ويهه) کي بيگم ڀٽو سميت جيلن ۾ موڪلي،
سندن ملڪيتون ضبط ڪري کين سياست ۾ حصي وٺڻ کان روڪيو
وڃي، نه ته سنڌ ۾ خاص طرح هو بغاوتون ڪرائي حالتون ناسازگار بنائيندا
۽ ماڻهن کي برغلائي موجودهه ايماندار ملٽري ۽ سول عملدارن (ڪامورن)
کي ڪڍي، وري دهشتگرديءَ جو راڄ قائم ڪرائڻ يا مخالف پارٽين کي
پنهنجي بچاءَ لاءِ مجبور ڪن جنهن جو نتيجو ملڪ ۾ سِول وار (شهري جنگ) جي صورت ۾
نڪرندو.“ (حوالو ساڳيو، ص-59-60)
”ڀٽو ۽ ان جا مکيه حواري (ممتاز ڀٽو، حفيظ پيرزادو وغيره)
خوني، ظالم، آمر ۽ عوام دشمن هئڻ ڪري واجب القتل يا جيل ۾ نظربندين جا لائق ثابت
ٿي چڪا آهن. انهن تي رحم ڪرڻ يا کين بچائڻ نانگ تي رحم ڪرڻ جي برابر
آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ملڪ ۾ شريف ماڻهن کي آئيندي نقصان پهچڻ جو
انديشو آهي. ڀُٽي ۽ ان جي پارٽيءَ جا اڪثر ڪارڪن اسلام، پاڪستان، سنڌ ۽ جمهوريت جا
دشمن آهن، انهن سان سختيءَ سان پيش اچڻ ثواب جو ڪم آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-59-60)
(لفظي طرح ته جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس مريدن جو ٽولو به
پاڪستان ۽ جمهوريت جو دشمن آهي، پر اهي ڳالهيون ڪرڻ سبب ڀُٽي مٿان چغل خوري ڇو؟)
(ڇا ضياءَ ٽولو سنڌ ۽ جمهوريت جو دشمن ناهي؟ ان خلاف جدوجهد
ڇو نه؟)
حقيقت ۾ ”شريف، نيڪ، ايماندار ۽ دانشمند ملٽري“ وارن
سامراجي ڇاڙتن وٽ اهي ۽ اهڙيون چغليون، گلائون ۽ غيبتون هيون، جنرلن سان پنهنجائپ،
پيار ۽ قرب هو جنهنڪري ضياءَ پنهنجن عملدارن سميت ”طبيعت“ پڇڻ لاءِ اسپتال آيو ۽
ان ڪري وري جِي ايم سيد صاحب ان تي ايڏو عاشق ٿي پيو جو جنرل ضياءَ جي دَور ۾ فوجي
جنتا پاران سنڌي ماڻهن تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ، انڌيرنگري ۽ بيداد جو قصو ئي پري رهڻ
ڏنو، سندس عاشق شاگرد جيڪي ’ڪنهن ضروري قومي ڪم سان‘ (جنهن جي سنڌ جي ماڻهن، خاص
ڪري لاڙڪاڻي جي شاگردن ۽ اڃا به خاص ڪري لاڙڪاڻي جي سپاف جي ان ڏينهن لاڙڪاڻي ۾
رکيل جلسي جو انتظام ڪندڙن کي چڱيءَ طرح خبر آهي) لاڙڪاڻي پئي آيا، ته انهن تي
ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ گوليون وسائڻ ۽ شهيدن جي ڇاڻي ٿيل لاشن جي حرمت به وساري ويٺو ۽ اڄ
ڏينهن تائين جنرل ضياءَ کي نيڪ ۽ شريف النفس ماڻهو سڏيندو پيو اچي ۽ انهن تي جنهن ’بچاءَ
جي وزير‘ علي احمد ٽالپر گوليون هلرايون ان جي جنازي ۾ ’نظربنديءَ‘ جي باوجود شريڪ
ٿيڻ هليو ويو ۽ جنرل ضياءَ سان ڳالهيون ڪيائين. (جِي ايم سيد صاحب ۽ جنرل ضياءَ جو
علي احمد ٽالپر جي مرڻي وقت فوٽو، ڏسو ظهير احمد جي ڪتاب ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص 79 تي)
جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ان ايماندار ۽ فوجي
حڪومت سنڌي ماڻهن سان جيڪي ويل وهايا ۽ ڪيس ڪيا آهن، اهي ڪنهن کان به ڳجها ناهن.
ماڻهن جي گهمڻ ڦرڻ، چوڻ آکڻ، آزاديءَ، سوچ، علم ۽ فڪر تي پهرا ويهاريا ويا آهن.
پنجاب جا ڪٽڪ لڏپلاڻ ڪندي سنڌ ۾ داخل ٿيندا ۽ قبضو ڪندا رهيا آهن. ڌاڙيلن کي ناس
ڪرڻ جي بهاني سوين سنڌي ڳوٺ ساڙيا، پٽيا ۽ لَـڏايا ويا آهن. سوين ڪونڌر ڪسجي ويا،
هزارين ماڻهو بي گهر ۽ بيروزگار ٿيا، هزارين مائرون، پيئر، ڀائر، ڀينرون، ڌيئرون ۽
پٽ نپٽا، بي واهه، نڌڻڪا ۽ ڇورا ٿي ويا، تعليمي ادارا جيل خانن ۾ بدلجي ويا، سنڌي
نياڻين جي لڄ سان هٿ چراند ٿي، ظلم خلاف احتجاج ڪندڙ قيد ٿي ويا، پڙهيل سنڌي،
ويڳاڻا ۽ بيروزگار رهجي ويا ۽ نيٺ سنڌ اندر ”شريف“ فوجي حڪومت خلاف وڏي پئماني تي
بيچيني پکڙجڻ لڳي، جنهن ايم آر ڊي وسيلي 1983ع واري عوامي جدوجهد جو روپ ورتو، پر جِي
ايم سيد صاحب هڪ پاسي پنهنجن پوئلڳن کي افلاطوني قول ٻڌائي صبر ڪرڻ ۽ گهرن ۾ ويهي
رهڻ جا درس ورجائڻ لڳو ته ٻي طرف ضياءَ ۽ فوج ۽ ڪامورا شاهيءَ کي ساراهڻ جو پراڻو
ڌنڌو شروع ڪري ڏنائين.
”افلاطون جو چوڻ آهي ته
جڏهن ملڪ تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي وڃن ته عالم ماڻهوءَ لاءِ بهترين ڳالهه اها آهي ته هو
پاڻ کي چَـﺆديواري ۾ بند ڪري ۽ ڪتاب لکي... جڏهن مارشل لا نافذ ٿي ويو
هجي ته عملي جدوجهد ڪيئن ٿي سگهندي (جن کي عملي جدوجهد ڪرڻي هئي انهن ڪري
ڏيکاري! ليکڪ) جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا هجي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، اهڙيءَ (حالت) ۾
گهر ويهي ڪتاب لکڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به طريقهء ڪار ڪونهي.“
(جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”اخبارِ جهان“، 4-10 مئي 87ع، ص-9، ڪالم-1)
(8) ايم آر ڊِي پاران اعلان ڪيو ويو ته جنرل ضياءَ ۽
فوجي حڪومت جي ڊڪٽيٽريءَ خلاف 14 آگسٽ 1983ع کان احتجاجي مهم هلائي ويندي. سنڌي
عوام پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايڏو وسيع، ايڏو منظم، ايڏو بااصول، ايڏو روشن
خيال، ايڏو وڏو احتجاج ڪيو جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ته مار! سنڌي ماڻهو
به اهڙي جدوجهد هلائي سگهن ٿا! سنڌي عوام جي ايڏي وڏي احتجاجي اٿل جا سنڌ اندر
مخالف ۽ فوج جا يار هئا ــــ رجعت پرست سامراجي ڇاڙتا، پناهگير-پنجابي ڦورو ٽولا ۽
جناب جِي ايم سيد پنهنجي لَـڏ سميت.
محترم جِي ايم سيد ۽ سندس مريدن جو ٽولو هر سنڌي عوامي
جدوجهد جي روايتي مخالفت وارو فرض نڀائيندي هن ڀيري به نه رڳو ’پنجابي‘ فوجي جنرلن
جي حمايت بلڪ چاڪري ڪندو رهيو، پر قبلي جِي ايم سيد ته سموريون حدون ٽپي ايڏي
شاندار عوامي جدوجهد کي ڪفن چورن جي تحريڪ سڏي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ان فوج سان
ياري نڀائڻ ۽ سنڌي عوام سان دشمني ڪرڻ تي ’نئون نياپو‘ رسالي پنهنجي
ايڊيٽوريل (اپريل-مئي 1984ع) ۾ لکيو:
جِي ايم سيد صاحب! عوام جي ڦٽن تي لوڻ ته نه ٻرڪيو
”ڪراچيءَ جي (20-26) اپريل 1984ع واري رسالي ”تڪبير“ کي انٽرويو ڏيندي، محترم جِي ايم سيد صاحب
چيو آهي ته ايم آر ڊي جي تحريڪ قبرن جي مجاوريءَ لاءِ ڪفن چورن جو احتجاج هئي. هن
اهو به چيو ته جن ماڻهن ڀٽو دور ۾ هر طرح جي حرامزدگي ڪئي، اهي سياسي فڪر کان عاري
۽ اقتدار جا بکيا هئا ۽ انهن جي تحريڪ هڪ ناڪام تحريڪ هئي.
ڪيترن ئي ماڻهن جي اها دلي تمنا هئي ته سيد صاحب به ايم آر ڊي
جي تحريڪ ۾ جيڪڏهن عملي طور تي نه، ته گهٽ ۾ گهٽ زباني ساٿ ڏي ها. ان ڏس ۾ ڪجهه عملي
ڪوششون به ڪيون ويون، پر سيد صاحب جو موقف اهو هو ته اها تحريڪ پاڪستان جي
بچاءَ ۽ 1973ع جي آئين جي بحاليءَ جي تحريڪ هئي ۽ جيئن ته هو پاڪستانَ توڙي 1973ع
واري آئين جي خلاف آهي، تنهنڪري هن تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نه صرف
ايترو پر هن ڏانهن رجوع ڪندڙ جيئي سنڌ جي نوجوانن کي به هن تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کان روڪي
ڇڏيو.
انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سيد
صاحب سدائين عوامي تحريڪن جو انقلابي رستو ڇڏي، پنهنجو پاڻ کي سياسي ڀڃ
ڊاهه، محلاتي سازشن، اسيمبلين جي بحثن ۽ جلسن جي قراردادن جي چَـﺆديواريءَ اندر ڇو قيد ڪري
ڇڏيو آهي! (سامراجي دلالن کي راضي رکڻو آهي!) مسجد منزل گاهه واري تحريڪ کي ڇڏي
(جيڪا هڪ فرقيوارانه تحريڪ هئي ۽ جنهن ۾ سيد صاحب، مسلم ليگ جي مقبوليت کي خطري ۾
ڏسي، جميعت العلماءِ جي مقبوليت کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ شريڪ ٿيو هو ۽ جنهن تحريڪ سبب
سنڌ اندر پيدا ٿيل مذهبي ڪٽرپڻي جا اگرا نتيجا جِي ايم سيد سميت سڄو ملڪ اڃا تائين
پيو ڀوڳي)، سيد صاحب سدائين عوامي تحريڪن جي مخالفت ڪئي آهي، پوءِ کڻي اها
ووٽرن جي لسٽ واري تحريڪ هجي، سنڌ متحده محاذ جي عوامي رابطي واري مهم¨ هجي، ورڪرن کي آزاد ڪرائڻ واريون تحريڪون
هجن، هارين ۽ مزدورن جون تحريڪون هجن، يا ايم آر ڊي جي تحريڪ.
اصل ۾ سيد صاحب پنهنجي علم، تدبر ۽ تجربي جي باوجود يا ته
اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته رڳو ڪو مقصد يا ڪو نظريو بيان ڪرڻ سان پاڻ ذهني خلفشار
وڌندو آهي، جيستائين ان نظريي کي عملي روپ ڏيارڻ لاءِ ڪا تحريڪ نه هلائجي، اهو هڪ
مڃيل بين الاقوامي اصول آهي ته نظريو عمل کان سواءِ ۽ عمل نظريي کان سواءِ فضول
شيون آهن، ڪا به قوم يا طبقو پنهنجا مقصد اوستائين حاصل ڪري نه ٿو سگهي جيستائين
سندس مطالبو، مقصد يا نظريو، عوامي تحريڪ جو روپ نه ٿو ڌاري (وٺي)، يا، وري ائين
سمجهڻ گهرجي ته سيد صاحب فقط ان سبب ڪري عوامي تحريڪن کان وئون ٿو وڃي جو اڪثر ڪري
انهن تحريڪن جون واڳون سندن هٿن ۾ نه، پر سندس ناپسنديده شخصيتن جي هٿن ۾ رهيون
آهن، جيئن سندس مٿين بيان جي ٻئي حصي مان ظاهر ٿئي ٿو. اهو ضروري نه آهي ته هر
ڪنهن فرد کي ايم آر ڊي جي تحريڪ جي چار نڪاتي پروگرام، ان جي حڪمت عملي، تدبيرن ۽
جوڙجڪ سان اتفاق هجي.
پر جيڪا ڳالهه سيد صاحب کي سمجهه ۾ نه آئي آهي (يا هو ائين
ظاهر ڪري ٿو) اها آهي عوام جي خواهش، جذبو، امنگ ۽ مُوڊ. هڪڙي سياڻي چيو آهي ته ’منهنجو
عوام اهو پيو وڃي، مون کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته اهي ڪيڏانهن ٿا وڃن ته جيئن آئون
سندن قيادت ڪري سگهان.‘ سيد صاحب جو فلسفو وري شايد هيءُ آهي ته ’آئون ڪيڏانهن ٿو
وڃان، عوام کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو منهنجي قيادت ڪري سگهن.‘ سيد صاحب ۽
عوام جي وچ ۾، ان نظرياتي تضاد سبب سيد صاحب اڄ به ڪئين قربانيون ڏيڻ کان پوءِ ان
ساڳئي هنڌ بيٺو آهي جنهن جاءِ تي هو ٽيهه يا چاليهه سال اڳ بيٺو هو. جيتوڻيڪ ان عرصي
۾ لاطيني ۽ وسطي (وچين) آمريڪا، آفريقا ۽ دنيا جي ٻين خطن جون ڪيتريون ئي پوئتي
پيل قومون عوامي تحريڪن جي آڌار تي ڪڏهوڪو پنهنجي منزل ماڻڻ کان پوءِ ڪٿان کان ڪٿي
نڪري ويون آهن.
سيد صاحب کي اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به
ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ڪو اهم موڙ کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو ۽ سندس لاڙا، رُخ، سوچ
جو انداز ۽ طبيعت بدلجي وڃي ٿي ۽ هن ۾ وڏيون جذباتي تبديليون پيدا ٿي پون ٿيون،
ساڳيءَ طرح ڪا به عوامي تحريڪ لکين بلڪه ڪروڙين انسانن ۾ مختصر عرصي اندر وڏيون
انقلابي تبديليون پيدا ڪيو ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ وري تاريخي، جاگرافيائي، سماجي ۽
اقتصادي تبديليون اچن ٿيون، جن سان قومن جي زندگي بدلجيو وڃي.
ساڳي ڳالهه ايم آر ڊي جي تحريڪ لاءِ به چئي سگهجي ٿي.
جيتوڻيڪ ايم آر ڊِي جي تحريڪ پنهنجي منطقي انجام کي نه پهچي سگهي، جنهن جا ڪجهه
سبب مٿي بيان ڪري آيا آهيون، پر ان تحريڪ مختصر عرصي ۾، ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪو تغير
پيدا ڪيو آهي ۽ سندن ڪيتريون غلط فهميون يا خوش فهميون دور ڪري ڇڏيون آهن ان جا
وڏا دور رس نتيجا نڪرندا، جنهن کي صرف ڪي سياڻا ئي سمجهي سگهن ٿا.
ان ڳالهه کي به ڇڏيو. سيد صاحب، ايم آر ڊِي جي تحريڪ کي
قبرن جي مجاوريءَ لاءِ ڪفن چورن جو اجتماع چئي انهن سوين جان نثارن جي لهوءَ جي
توهين ڪئي آهي، جن پنهنجي ڳاڙهي خون سان هن ملڪ جي بنجر ۽ خشڪ زمين جي آبياري ڪري
ان تي انقلاب جا ڳاڙها گل ٽيڙيا آهن ۽ سوچن جون نيون ڪَليون (مکڙيون) پيدا ڪيون
آهن جن جي خوشبوءِ سان سڄو جهان پيو مهڪي. سيد صاحب انهن رنـڙ زالن، يتيم نياڻين ۽
لاوارث نينگرن جي هتڪ (بي عزتي) ڪئي آهي، جن جي مٿن تي شخصيت جو هٿ ڦيرڻ وارو هاڻي
ڪير ڪونهي. سيد صاحب انهن جانبازن جو تمسخر اُڏايو آهي جيڪي تازو جيل جون سختيون
ڀوڳي نڪتا آهن يا اڃا ڀوڳي رهيا آهن. جيڪڏهن سيد صاحب جو اشارو ايم آر ڊي جي تحريڪ
جي ڪن اڳواڻن ڏانهن هو، ته به هن کي اهڙي بيجا ٻولي استعمال نه ڪرڻ کپندي هئي جيڪا
هن ڪئي آهي. اسين وري به کيس بزرگ سياستدان سمجهندي، اها ئي التجا ڪنداسين ته
جيڪڏهن هو عوام جي ڦٽن تي مرهم نه ٿو رکي سگهي، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن تي لوڻ ته نه ٻرڪي.“
(”نئون نياپو“، اپريل-مئي 1984ع)
محترم جِي ايم سيد صاحب عوام جي پاسي هجي ها ته اهڙيون
صلاحون ضرور ٻڌي ها! هو ته عوام دشمنن جو، حاڪمن جو پاسو وٺڻ وارو آهي ۽ ان ڪري
انهن کان به گوءِ کٽي ويندو آهي ــــــ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن. هنن سنڌ
جي جدوجهد ڪندڙ دلير ۽ سورهيه عوام کي سڏيو ”ملڪ دشمن“ ته قبلي محترم کين سڏيو ”ڪفن
چور“!
ڇا جنرل ضياء ۽ سندس فوجي ٽولو سنڌ دشمن ناهي، ڇا انهيءَ
سنڌ مٿان ڪو به ظلم نه ڪيو آهي، ڇا اهو اسلام ۽ پاڪستان جي مضبوطيءَ جي آڙ وٺي،
مظلوم قومن جي غلاميءَ ۾ واڌارو نه ٿو ڪري؟
جيڪڏهن سنڌ دشمنن خلاف جدوجهد ڪرڻي هجي ها ته ڪجي به ها،
هتي ته ٺوٺيون هڻي، ٻيگهي مچائي، آزاديءَ جا ٺيڪا کڻي، وارثي ڄمائي، عوام کي ماٺ
ڪرائڻ ۽ دشمن کي زور وٺائڻ جو ڌنڌو ڪرڻو آهي ــــــ اقتدار ۾ نه سهي، اقتدار ۾
ويٺلن جي ڪرم نوازي گهرجي ٿي. حقيقي ڳالهه ٻاهرين طاقتن ۽ ”ايماندار“ فوجي ٽولي کي
خوش ڪرڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انهن خلاف هر جدوجهد کي رنڊائڻ، دٻائڻ، گهٽائڻ ۽ هيسائڻ جي
آهي.
باب چوٿون
سنڌ دشمنن جو ڇاڙتو ڪير؟
ايم آر ڊِي جي 1983ع واري تحريڪ ڪفن چورن جي تحريڪ هئي يا
سنڌي عوام جي فوجي ظلم خلاف اٿاه اٿل؟
اڪيلي جِي ايم سيد کان سواءِ باقي هر ڪو، ٿوري سياسي ڄاڻ
رکندڙ ماڻهو به اها ڳالهه مڃي ٿو ته اها فوجي انڌير خلاف سنڌي ماڻهن جي موٽ،
اگهاڙي ظلم جو ردعمل ۽ سنڌي عوام جي اٿاه، اجهل اٿل هئي. ويندي جِي ايم سيد صاحب
جي انهن مريدن کي به اها ڳالهه مڃڻي پئجي وئي، جن هر هر ان کي ”پاڪستان بچايو
تحريڪ“ پئي سڏيو آهي. قمر ڀٽي ٿو لکي:
”ٽيون ته اوچتو فوج طرفان سنڌ تي جيڪا يلغار ڪئي وئي ان ۾
ڪيترائي ڌاڙيلن جي نالي ۾ سنڌي ماڻهو فوج هٿان مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماريا ويا ۽
سنڌ جي نوجوان طبقي کي ڪچلڻ لاءِ جيڪي خوني ۽ خوفناڪ ڪاروائيون ڪيون ويون، تنهن
سڄيءَ سنڌ جي نوجوانن ۽ عوام کي فوج خلاف جوابي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ذهني طور بغاوت
تي مجبور ڪيو.“ (قمر ڀَٽي، ”جِي ايم سيد جي سياسي ۽
ذاتي زندگي“، ص-152)
”اصل ۾ مارشل لا جي ڏهن سالن ۾ سنڌي ماڻهن سان جيڪي
زيادتيون ٿيون اها تحريڪ انهن جو رد عمل هئي.“ (عبدالواحد آريسر جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 15-جولاءِ 1987ع، شمارو 200، ص-42)
جڏهن 1983ع واي تحريڪ سنڌي عوام جي فوجي ظلم، ناحق، قتل ۽
زيادتين خلاف جوابي ڪاروائي (يا بغاوت) هئي، ته پوءِ سنڌي عوام جي ان جدوجهد جو جِي
ايم سيد ٽولو شريڪ، ساٿي، ساٿاري، (جانبدار) يا حمايتي ڇو نه ٿيو؟
جن ماڻهن سنڌي عوام تي ظلم، ناواجبي ۽ قهر ڪيو، جِي ايم سيد
صاحب جو ٽولو انهن جو ڍنڍورچي، ڀٽ ۽ مڱهڻار ڇو ٿي بيٺو؟
جيڪو ٽولو سڄو ڏينهن ”پنجابي فوج“ ۽ ”پنجاب“ جي ظلمن خلاف
ويڙهه جا وڏي واڪ ڪوڪرا پيو ڪري، اهو انهن جو ئي پاسو ڇو وٺي بيٺو ۽ ان جي مخالف
سان ڇو نه گڏيو؟
قومي اتحاد جي غير مشروط حمايت ٿي ٿئي، جابر فوجي ٽولي جا
ڳيچ ڳائجن، انهن کي اقتدار پڪو ڪرڻ لاءِ صلاحون ٿيون ڏنيون وڃن ۽ فوجي ظلم خلاف
ويڙهه ڪندڙن کي ڪفن چور ٿو سڏجي. اهو چئي ۽ ائين ڪري جِي ايم سيد ٽولي ڪهڙو مقصد
ماڻڻ پئي گهريو؟ ڇا هنن سنڌي عوام کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي يا عالمي سامراج جي
ڇاڙتن جو پاسو پئي ورتو؟
حق تي ڪير، ”ڪارڪن“
يا اڳواڻ؟
ڪيترن ئي صحافين به ان قسم جا سوال پڇيا آهن. انهن سوالن جي
جواب ۾ جِي ايم سيد صاحب ۽ آريسر پارن ان کي ”اقتدار جي جنگ“، ”اقتدار جي بکين جي
ويڙهه“، ”ڪفن چورن جي تحريڪ“ ۽ ”پاڪستان بچائڻ جي تحريڪ“ سڏي نِندڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي آهي. انهيءَ مسئلي تي هن ٽولي جا ماڻهو اهڙو ته خوار خراب ٿيا آهن جو اکين کڻڻ
جهڙا ئي نه رهيا آهن، پر ”يا بي حيائي تيرا آسرا“ ڪيو گهمندا پيا رهن. جڏهن ”برسات“
وارن آريسر آڏو قومي اتحاد جي حمايت ڪرڻ ۽ 1981ع واري جدوجهد جي مخالفت ڪرڻ جو
سوال هڪ ئي وقت رکيو ته آريسر کي نـڙيءَ ۾ ڪنڊو پئجي ويو، ڳيتون ڏيندي نيٺ اهو چئي
جند ڇڏايائين ته قومي اتحاد لاءِ اسان جي ڪنهن به ڪارڪن گرفتاري نه ڏني، جڏهن ته ”ايم
آر ڊِي جي تحريڪن ۾ اسان جا ماڻهو گرفتار ٿيا، پهرين ۾ 150 (!) ۽ ٻي ۾ 60.“ (!!) (عبدالواحد
آريسر جو انٽرويو، ”برسات“، 27 مارچ -
3 اپريل 1987ع، ص-60)
پهرين ڳالهه ته آريسر ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته
هنن سامراجي ڇاڙتي قومي اتحاد جي غير مشروط حمايت ڪئي ۽ ايم آر ڊِي 83ع ۽ 86ع
وارين تحريڪن کي گاريون ڏئي مخالفت ڪئي.
ٻي ڳالهه اها ته آريسر ڪوڙ ٿو ڳالهائي جيڪو ڪارڪنن جي
گرفتاريءَ بابت آهي، سندن ڪنهن به ڪارڪن گرفتاري نه ڏني هئي. (آريسر جي چواڻي ”پاڪستان
بچايو تحريڪ“ ۽ ”ڪفن چورن جي تحريڪ“ وغيره لاءِ سندن ڪارڪنن گرفتاريون ڇو
ڏنيون؟) (ڪنهن به تنظيم جا اهي ماڻهو جيڪي تنظيمي نڪتهء نظر موجب نه هلن، انهن کي ڪارڪن
ڪيئن ٿو سڏي سگهجي؟) (اهڙي ڦلهڙي تنطيم اڳتي هلي ڪهڙي سياسي جدوجهد هلائي
سگهندي جنهن جا ”ڪارڪن“ اڳواڻن جي چوڻ ۾ نه هجن؟) (ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو
اڳواڻ هڪ پاسي پيا وڃن ۽ ”ڪارڪن“ ٻي پاسي!) (ڪير صحيح چئبا، اڳواڻ يا ”ڪارڪن“؟)
جِي ايم سيد صاحب اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ظالم حڪمرانن کان
به ويهه وکون اڳتي وڌي عوامي جدوجهدن ڏانهن عوام دشمن رويو رکندو آيو آهي ۽ رڳو
ايترو ئي نه، پر هو ته هميشه سنڌي عوام جي دشمنن جو پاسو وٺندو رهيو آهي. قومي
اتحاد جي غير مشروط حمايت ۽ عوامي تحريڪن جي شديد مخالفت ڪري پنهنجو اهو ئي روايتي
فرض نڀايو اٿائين. اچو ته هاڻي ڏسون ته سندس رويو پناهگيرن، بِهارين ۽ پنجابين
ڏانهن ڪهڙو آهي، سنڌي عوام بابت سندس ڪهڙا خيال آهن، ”سنڌو ديش“ ڪيئن ٿو ٺهي ۽
پاڪستان ڪيئن ٿو ڊهي ۽ ڪيترو ٿو ڊهي!
سنڌ دشمن ڪٽر گروهه
پرست پناهگير ڪنهن جا پرين؟
سنڌ ۾ لياقت کان پوءِ نواب مظفر، ڀوپالي، ڪينيڊي، عثماني
وغيره ڀارتي پناهگير ٽولي جا اڳواڻ ٿي رهيا آهن، جن ’4-مارچ جي جوڌن ۽ تحريڪ‘، ’نيلام
بند ڪرڻ واري تحريڪ‘، ’ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ‘ ۽ ’سنڌي ٻولي قومي
ٻولي‘ ٿيڻ خلاف وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي سنڌين کي قتل ڪرايو. اهي سڀ جِي ايم
سيد جا گهاٽا يار هئا. ايتري قدر جو نواب مظفر جي مرڻي تي ’نظربنديءَ‘ دوران جِي
ايم سيد پاڻ اتي پهچي نه سگهيو، ته ان جي پوين ڏانهن تعزيتي پيغام موڪليائين. اڄ
نواب مظفر صاحب ۽ ٻين جي رستي تي هلندڙ الطاف حسين صاحب سان ٺهيو بلڪه حقيقت ۾
سندس ماڻهو ٿيو ويٺو آهي.
جِي ايم سيد صاحب چوي ٿو:
”نواب مظفر هونئن ته مون سان ڪيترائي ڀيرا مليو. پر هو ٻه
ڀيرا هتي (سن) آيو هو. سنڌين ۽ مهاجرن جي اتحاد لاءِ هڪ رٿا (فارمولا) تي ڳالهه
ٻول ٿي هئي. مون هن کي چيو هو ته جيڪڏهن مهاجر چئن ڳالهين کي مڃن ته اسان جو انهن
سان اتحاد ٿي سگهي ٿو. پهريون هي ته سنڌين کي ڌار قوم مڃيو وڃي، ٻيو هي ته ”سنڌو ديش“
ٺاهيندا، ٽيون هي ته اسلامي نظام کي ڇڏڻو پوندو، سيڪيولر (بنا ڪنهن مذهب جي
بالادستي واري) رياست ٺاهڻي پوندي ۽ چوٿون هي ته نظريهء پاڪستان کي موڪلاڻي چوڻو
پوندو. نواب مظفر اها رٿا کڻي ويو هو. هن کي پنهنجن ساٿين سان صلاح ڪرڻي هئي، پر
پوءِ هن سچائيءَ سان ٻڌايو ته مهاجر اهي ڳالهيون نه ٿا مڃي سگهن.“ (جِي ايم سيد جو
انٽرويو، ”1984ع جا اهم انٽرويو ۽ خاڪا“، ظهير
احمد، اردو ۾، ص-27)
”مهاجر-سنڌي اتحاد جي ڪم جي ابتدا سڀ کان اڳ نواب مظفر ڪئي
هئي. هو مون وٽ آيو هو. مون هن کي چار نڪتا ڏنا هئا: پهريون هي ته.... هو صلاح ڪري
موٽي آيو ته چيائين، ”اهو طئي آهي ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي پر اسان پنهنجن
ماڻهن ۾ اسلام ۽ پاڪستان جو جيڪو زهر ڀريو آهي ان ڪري ماڻهو اڃا اسان جي ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ تيار ناهن، مان هن وقت ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهان، بيوس آهيان. ان کان پوءِ
نواب مظفر علاج لاءِ ٻاهر هليو ويو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ فوت ٿي ويو. پر نواب مظفر
حسين جي پوکيل فصل کي اڄ الطاف حسين لڻي رهيو آهي. هي خوش قسمت به
آهي ۽ حالتون به هن لاءِ سازگار آهن. اڃا تائين ٺيڪ رستي تي هلي
رهيو آهي.“
مهاجرن جي سوچ ۾ جيڪو انقلاب برپا ٿيو آهي، ان جو سبب هي
آهي ته:
دِيا
جب رنج بُتون ني، تو خدا ياد آيا.
هاڻي اهي (پناهگير) چون ٿا ته اسين
سنڌي آهيون، اسان کي سنڌ ۾ رهڻو آهي، اسان کي رلي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي.
اهو وقت تڏهن آيو جڏهن مهاجرن کي تڪليفون مليون.“(!) (جِي ايم سيد
جو انٽرويو، ظهير احمد، ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“،
اردو، ص-54-55)
الطاف حسين جنهن ٺيڪ رستي تي هلي رهيو آهي اهو آهي
سامراج جي دلالي ۽ سنڌ دشمني. ان ٺيڪ رستي تي بحث پوءِ ڪبو.
پر ڇا جِي ايم سيد جي لفظن ۾ ”ٺيڪ رستي“ تي هلندڙ نمائندي ”سنڌو
ديش“ کي مڃيو آهي، ”اسلامي نظام“ کي ڇڏيو آهي، سيڪيولر رياست جي گُهر ڪئي آهي؟ ڇا
هنن ڪڏهن چيو آهي ته اهي سنڌي ٿي ويا آهن؟
هنن ڪڏهن به نه ”سنڌو ديش“ کي مڃيو آهي ۽ نه ئي وري پنهنجو
پاڻ کي سنڌي هجڻ. ها البته، هنن اهو ضرور چيو آهي ته کين سنڌ ۾ رهڻو آهي ۽ پاڻ کي ”مهاجر
قوم“ مڃائي ۽ ”مهاجر حق“ وٺي رهڻو آهي ۽ جيڪي نه مڃيندا، انهن کي اها ڪوڙي ٽڪي پيئڻي پوندي.
جِي ايم سيد ائين ڇو ٿو ظاهر ڪري ته ڄڻڪ کيس ”مهاجر قوم“، ”مهاجر
حق“ ۽ ”مهاجر پاور سپر پاور“ جي هلندڙ ڪارستانن جي ڪا خبر ئي ڪانهي؟ جِي ايم سيد
صاحب ايڏو ڀورڙو ته ڪونهي!
س: ڇا مهاجرن ۽ سنڌين جو
اتحاد ٿي سگهي ٿو؟
ج: ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟
س: ڇا توهان هنن کي پنجين
قوميت مڃيو ٿا؟
ج: اهي پاڻ کي پنجين قوميت نه ٿا چون.
س: اهي کُلي عام پاڻ کي
پنجين قوميت سڏن ٿا ۽ انهن (جي تنظيم) جو نالو ئي قومي موومينٽ آهي؟
ج: رڳو نالي جي حد تائين آهي، نه ته انهن جو اهڙو ڪو
به مطالبو ناهي. هاڻي تائين
سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين کي قوم نه مڃيو ويو آهي، مهاجرن جي ته پوءِ
جي ڳالهه آهي.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”اخبار جهان“،
4-10 مئي 87ع، ص-9، ڪالم-5)
(سنڌي قوم ڪير مڃي ته پوءِ قوم ٿي پوندي؟ ڇا جنرل ضياء؟ ڇا
حڪمران ٽولو؟ ڇا آمريڪي سامراج؟ اسين قوم آهيون، اسان کي ڪنهن جي مڃتا جي ضرورت
ناهي.)
پهرين ڳالهه ته جِي ايم سيد پناهگير رجعت پرست، عوام دشمن،
سنڌ دشمن ليڊرشپ جي صفائي ڇو ٿو ڪري؟
ٻي ڳالهه ته جِي ايم سيد صاحب جيڪڏهن هام ٿو هڻي ته سنڌي جي
نمائندگي ۽ وارثي جو حق رڳو کيس (۽ سندس ٽولي کي) وديعت ٿيل آهي ۽ ان ڪري هو ڪنهن
به سنڌي سياسي تنظيم سان اتحاد نه ٿو ڪرڻ گهري، ته پوءِ رجعت پرست عوام دشمن ڀارتي
پناهگير ليڊرشپ سان اتحاد ڪرڻ لاءِ ڇو ٿو تيار ٿئي، جڏهن ته انهن نواب مظفر کي
ڄاڻايل سندس شرط به پورا نه ڪيا آهن پر اٽلو پاڻ کي ”مهاجر قوم“ چوائڻ ۽ سنڌ تي
پنهنجا ”مهاجر حق“ (سنڌي نه!) ڄمائڻ شروع ڪري ڏنا آهن.
ٽين ڳالهه ته ڇا واقعي ڀارتي پناهگير ليڊرشپ (خاص طرح جِي
ايم سيد جو ٺيڪ رستي تي هلندڙ صاحب) پاڻ کي پنجين قوميت نه ٿا چون ۽
هنن پاڻ کي سنڌي سڏائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جيئن جِي ايم سيد صاحب ظاهر ڪري ٿو؟
جواب ”ٺيڪ رستي“ تي هلندڙ جو:
(1) ”مهاجر ڪنهن به طرح پاڪستان جي
چئن مڃيل قوميتن، (سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي) سان قوميت جي نظريي جي بنياد تي
هڪجهڙائي ڪو نه ٿا رکن. ان ڪري مهاجرن جي يقيناً هڪ ڌار ۽ منفرد حيثيت آهي ۽ اها
ڌار ۽ منفرد حيثيت ئي مهاجر قوميت جو هڪ مضبوط دليل ۽ سبب آهي.“ (الطاف
حسين، ”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، اردو ۾،
ص-138)
(2) ”مهاجر قومي موومينٽ سڄي مهاجر
قوم جي مائرن ۽ ڀينرن جي پاڪ پوتيءَ جي سنڀال لاءِ جدوجهد هلائي رهي
آهي.“ (الطاف حسين، ”امن“، 2-ڊسمبر 1987ع)
- ڇا الطاف صاحب ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟
- جِي ايم سيد صاحب ان جو ڍَڪ ڇو ٿو
رکي؟
- پناهگير سرمائيدار رجعت پرست ۽
سامراجي ليڊرشپ، جِي ايم سيد کي ايڏي پياري ڇو آهي؟
ڇا رڳو لئه جو بکيو
يا ڪجهه ٻيو به؟
”مون سان الطاف رڳو ٽي ڀيرا اسپتال ۾ پڇڻ خاطر آيو هو، مون
سان هن جي ڪا به ڳالهه ٻول نه ٿي آهي.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 1-جولاءِ 87ع، شمارو 185، ص-32)
”اسان جون جِي ايم سيد سان ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون آهن جن ۾
هڪٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.“ (الطاف حسين، ”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، اردو ۾، ص-27)
- ڪوڙو ڪير آهي؟
مهاجر موومينٽ سان، جِي ايم سيد ٽولي جي سياسي ناتي ۽ هڪٻئي
جي حمايت ڪرڻ جي حوالي سان جڏهن جِي ايم سيد کان سوال پڇيو ويو، تڏهن پاڻ جواب
ڏنائين:
”هنن سدائين اسان کي گاريون ڏنيون، ڪافر چيائون، هينئر
مس مس چون ٿا ته جِي ايم سيد چڱو ماڻهو آهي. هاڻي اسان چئونِ ته اسان کي
چڱو نه چئو. جيڪي ٿيو سو ٿيو. هينئر اسان کي محبت جي نگاهه سان ڏسن
ٿا. هو اسان کي گهرن ٿا ته اسين انهن کي ڇو نه گهرون؟“ (جِي ايم سيد
جو انٽرويو، ”برسات“، 15-21 جُون 1987ع، ص6)
ٽي نُڪتا:
(1) ”مس مس چون ٿا ته جِي ايم سيد چڱو
ماڻهو آهي!“
(2) ”هو اسان (جِي
ايم سيد ٽولي) کي گُهرن ٿا ته اسين انهن کي ڇو نه گهرون!!“
(3) ”جيڪي ٿيو سو
ٿيو!!“
ماڻهو جڏهن چون ٿا ته جِي ايم سيد صاحب رڳو پنهنجي پَـڏ ۽
ساراهه جو بکيو آهي ۽ غلط سياست سبب هن ۾ لاڳيتي مايوسي پيدا ٿيندي رهي آهي
تنهنڪري بس جِي ايم سيد صاحب کي رڳو مکڻ لائڻ جي دير آهي، هو سڀ ڪجهه کير کنڊ ڪري
ڇڏيندو، هر ڏوهه گناهه معاف ڪري ڇڏيندو، پوءِ بيشڪ اهو قومي گناهه ئي ڇو نه هجي،
پر شرط آهي ته اهو ڪم ڪندڙ سامراجي ڇاڙتا، حڪومت جا ماڻهو، سنڌ دشمن يا جاگيردارن
۽ سرمائيدارن جا نمائندا هجن، باقي جيڪڏهن عوام جا نمائندا ۽ خاص طرح سنڌي عوام جا
نمائندا وٽس ويندا ته کين رڳو گاريون ملنديون، انڪار ملندو ۽ ضد ملندو. تڏهن اهي
غلط نه ٿا چوَن. سنڌي-دشمن مافيا ظاهري طرح ڪيو ڇا، رڳو کيس چڱو ماڻهو چيائون، ٻه
ٽي مڻ ڏيڍ جا ڪيڪ ڏنائون، ته هن انهن جو سنڌي قوم خلاف ڪيل هر ڏوهه معاف ڪري ڇڏيو،
”جيڪي ٿيو سو ٿيو“ چئي ڇڏيو، بس ڪل خير ٿي ويو!
ڇا جِي ايم سيد کي
اهو حق آهي ته هو سنڌي قوم مٿان ٿيل ظلم معاف ڪري؟
سنڌ ۾ رهندڙ رجعت پرست سنڌ دشمن پناهگير ليڊرشپ رڳو جِي ايم
سيد جي شخصيت جو ڏوهه نه ڪيو آهي جو هو پاڻ کي چڱو چوائي قومي ڏوهه معاف ڪري ڇڏي.
هنن ڏهاڪين سالن کان سڄي سنڌي قوم جو ڏوهه ۽ قتل پئي ڪيو آهي ۽ ان جي مٿان ويل پئي
وهايا آهن. سنڌي قوم مٿان ڪيل ڏوهن جو داستان اسين رڳو جِي ايم سيد جي زباني ۽ اهي
به رڳو هڪ ڪتاب مان ڏئي رهيا آهيون جيڪو شايد 1984ع ۾ شايع ٿيل آهي (ڪتاب تي ڇاپي
جو سن ڏنل نه آهي، پر مهاڳ ۾ لکيل آهي ته پاڪستان کي ٺهي 37 سال ٿيا آهن). ڪتاب جو
نالو آهي ’پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي‘.
- ”مون پنهنجن ڪتابن ذريعي اڳ ئي
ظاهر پئي ڪيو آهي ته اهي پنج ئي نظريا غلط هئا جي اهل پنجاب ۽ مهاجر
طبقي پنهنجي طبقاتي ۽ سياسي مفاد لاءِ ايجاد ڪري ننڍين قومن جهڙوڪ سنڌين،
بلوچن ۽ پختونن تي پنهنجي تسلط ۽ استحصال لاءِ ايجاد ڪيا.“ (ص-13-14)
- ”لياقت علي خان ان (مسلمان ملڪ)
لاءِ آئين ٺاهڻ وقت جيڪي بنيادي متا آئين ۾ داخل ڪيا ان ۾ خدا جي حڪومت ۽ اسلامي
نالا وغيره داخل ڪيا پر هن جي رهڻي ڪهڻي به جداگانه هئي. هو فرعون صفت هو. اردو
زبان، مهاجرن جي سرپرستي ۽ يُو-پي تهذيب جي راڳ ڳائڻ ڪري هڪ طرف، ٻي طرف اهلِ
بنگال، اهلِ پنجاب ۽ سنڌين سان اهڙي روش ورتي جو اتي جي رهاڪن ۾ ان لاءِ نفرت پيدا
ٿي پئي.“ (ص-22)
- ”لياقت علي مهاجرن کي آباد ڪرايو،
سنڌ ۾ هندن جون ملڪيتون انهن جي حوالي ڪيائين، سنڌي هندن کي فساد ڪرائي
سنڌ مان نڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.“ (ص-26)
- ”(لياقت) سنڌين لاءِ هميشه
حقارت آميز لفظ ڪتب آڻيندو هو. کائيندو به سنڌين جو هو ۽ گهٽ وڌ به انهن کي
ڳالهائيندو هو.“ (ص-26)
- ”(انگريزن) سر سيد احمد خان، مسلم
ليگ، اقبال (۽) جناح جهڙا ايجنٽ پيدا ڪري هندستان کي ورهائڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو.“
(ص-30)
- ”نوڪريون پنجابين ۽
مهاجرن خاطر سنڌين لاءِ بند ٿي ويون آهن.“ (ص-36)
- ”جيڪو پاڻي سنڌ ۽ پنجاب ۾ عهدنامي
موجب ملڻو هو ان کي ون-يونٽ بنائي ختم ڪيو ويو.“ (ص-41)
- ”مفت تعليم، اسپتالون، ڪاليج ۽
يونيورسٽيون وغيره سنڌ ۾ کولڻ وارين اسڪيمن تي ون-يونٽ بنائي پاڻي ڦيريو ويو.“ (ص-43-44)
- ”ٻاهرين واپار لاءِ پرمٽون ۽ پيسا
ڇاڪاڻ ته اهو کاتو مرڪزي سرڪار جي هٿ ۾ هو ۽ مرڪزي سرڪار مهاجر ۽ پنجابي
آفيسرن سان ڀري پئي هئي، انهن پنهنجن کي ورسائڻ شروع ڪيو.“ (ص-44)
- ”شهري ماڻهن کي تعليم، تندرستي،
پاڻي، حفاظت (۽) معاشي زندگي جون سهوليتون ميسر هيون، ٻاهران آيل ماڻهن جي اڪثريت شهرن
۾ رهي ٿي، اصل سنڌي ڳوٺن ۾ رهن ٿا.“ (ص-43-44)
- ”پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هندن
جا سندن خانگي خرچ تي تيار ڪيل تعليمي ادارا ۽ انهن جون عمارتون مهاجرن کي سندن
ايجنٽن جناح ۽ لياقت علي قبضي ۾ ڏياريا، ڪراچي سنڌ کان کسڻ بعد اتي جا تعيلمي ادارا
مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ هليا ويا.“ (ص-44)
- ”ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول مرڪزي شهر ۾
هئڻ ڪري، ڪراچي ۾ گهڻا هئا، سي ٺهيا ٺڪيا مرڪزي حڪومت جي معرفت مهاجرن
جي قبضي هيٺ آيا. سنڌ جي زبان سرڪاري طرح سنڌي هئي، ويندي هاءِ ڪورٽ تائين، تنهن
کي بدلائي اردو کي ڪراچيءَ ۾ ذريعهء تعليم بنايو ويو. سنڌي کي خارج
ڪيو ويو. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سنڌيءَ جي عيوض اردو کي رائج ڪيو ويو. سنڌ ۾ زوريءَ
تعليم اردو ۾ ڪرڻ، ڪراچي مرڪز کي ڏيڻ، هزارها ايڪڙ زمين مهاجرن کي
ڏئي، انهن کي سرڪاري مدد سان ڪالونيون بنائي ڏيارڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادبي بورڊ،
شاهه لطيف ڪلچرل، ادارن وغيره کي پنهنجن دلالن جي هٿ هيٺ رکي سنڌي زبان،
تعليم ۽ ڪلچر کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو.“ (ص-45-46)
- ”خدا جي مار پوي پنجابي
۽ مهاجرن تي، جن اچي سڀ شيءِ تي قبضو ڪيو، مرڪزي حڪومت جون
نوڪريون ته جناح، لياقت علي ۽ پنجابي ڪامورن جي معرفت پنجابي ۽ مهاجرن
جي حوالي ٿيون. ٽيڪس سنڌ ڏنا ٿي، فائدو ٻين ورتو ٿي، واهه کوٽيا پر زمين
ملٽري وارن ۽ پنجابين کي ملي، ٻه هزار کن ڪارخانا
سنڌ ۾ کليا پر اهي گهڻو ڪري غير سنڌين جي حوالي ٿيا... سٺ لک ايڪڙ
زمين غير سنڌين کي ملي. مڇي مارڻ لاءِ ٽريلرن واسطي قرض اڪثر غير
سنڌين کي ڏنا ويا. ٻڌو واپار، مال جي آمدني ۽ روانگي جو ڪم به غير
سنڌين جي حوالي ٿيو، جن نوڪر به غير سنڌي رکيا. کاڻين جا ٺيڪا اڪثر
غير سنڌين جي حوالي ٿيا پر ان ۾ مزدور به ٻاهران گهرائي رکيا ويا، رستن جي
ٽرانسپورٽ جو اڪثر ڪاروبار غير سنڌين جي حوالي ٿيو.... لشڪر ۾ ته هزار تي
هڪ ماڻهو سنڌي نه آهي. مرڪزي نوڪريون ـــــ ريلوي، هوائي جهازن،
واپڊا ۽ پي.آءِ.ڊي.سي، پي.آءِ.سي.آءِ ۾ نوڪريون غير سنڌين جي حوالي ٿيون، خارجه
معاملات جي کاتي ۾ به سنڌي اٽي ۾لوڻ برابر به نه آهن... سنڌ ۾ بيروزگاري
روز افروز وڌندي وڃي ٿي... رڳو سن جي ڳوٺ ۾ 70 سيڪڙو مئٽرڪ پاس ڪيو مٽيءَ جي
مزدوري پيا ڪن. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون گهڻو وقت بند رهڻ ٿيون، انهن ۾ عملدار به
سنڌين جا دشمن رکيا وڃن ٿا.“ (ص-48-49)
- ”جڏهن مهاجرن ۽
اهل پنجاب کي پتو پيو ته سرڪاري نوڪري سڀ شيءِ مٿان حاوي ٿئي (ٿي) ته انهن مرڪزي
حڪومت ۾ گهڻن کاتن کي تبديل ڪري سنڌ کان گهڻا کاتا کسي ڇڏيا.“ (ص-52)
- ”اهل پنجاب
۽ مهاجرن کي، جن پاڪستان کي پنهنجو سامراج ڪري هلايو ٿي، اهو ڍنگ اچي
ويو سنڌي تعليم يافته کي خريد ڪري پنهنجي پاليسي موجب هلايو وڃي.“ (ص-53)
- ”ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ته اڳي
(ئي) مهاجرن جو ڳڙهه ڪري هلائڻ شروع ڪيو ويو... زرعي يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ
يونيورسٽيءَ تي اهڙا ماڻهو مقرر ڪيا ويا جي مهاجر-پنجابي سامراج جا
ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.“ (ص-54)
(ڇا ضياء ٽولو، پنجاب جا خاص طبقا ۽ پناهگير اڄڪلهه سامراج
ناهن رهيا، جو جِي ايم سيد ۽ سندس ٽولو انهن سان اتحاد پيو ڪري؟ انهن سان ياريءَ
جو مطلب ڇا آهي؟ -ليکڪ)
- ”سر سيد احمد خان (پناهگير رجعت
پرست سنڌ-دشمن ليڊرشپ جو هيرو) انگريزن جو ايجنٽ بنجي عليڳڙه ذريعي هندن ۽ مسلمانن
جي وچ ۾ نفرت پکيڙي. ان علامه اقبال کي نهوڙي نيو. يُو پِي ۽ پنجاب جا مسلمان ان
کي پنهنجي مستقل مفاد جو حامي سمجهي مسلمانن جي جداگانه قوم جي
بنياد تي هندستان کي ورهائڻ جو ڪارڻ بنيا.“ (ص-55)
- ”هندو ويچارن کي ڦري ماري ڀڄايو
ويو. انهن جي جاين تي فرقه پرست مهاجر، ظالم ۽ استحصال پنجابي آڻي وسايا آهن.“ (ص-55)
- ”سنڌ وارن جي تجويز هئي ته سنڌ ۾
گهڻا هنري ڪارخانا کولائي زمين تان آبادگار جو بوجو هٽائي گذرمعاش لاءِ موزون زمين
ڇڏي وڃي. ان لاءِ ڪراچي بندر سنڌ ۾ هئڻ ڪري سازگار حالتون هيون. آهستي ڪري ڪارخانا
کلندا ويا پر سنڌ مهاجر-پنجابي سامراج جي ماتحت ٿيڻ ڪري ڪارخانن کولڻ جو پرمٽون
مهاجرن ۽ پنجابين کي مليون.“ (ص-60)
- ”هاڻ تيل سنڌ مان نڪتو آهي. ان جي
ڪمائي، نفعو ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر غير سنڌي آهن. اهي جايون ڪالونين
وانگر ڪم اچي رهيون آهن. سيمنٽ، لوهه، کنڊ ۽ ڪاٺ جا ڪيئي ڪارخانا کلي سگهن ٿا پر
اهو کاتو مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ آهي جنهن تي ڪنٽرول پنجابي-مهاجر سامراجين
جو آهي، تنهنڪري ان مان سنڌ کي فائدي پهچڻ جو امڪان نه آهي.“ (ص-60-61)
- ”هڪ وقت سنڌ ۾ روزگار جا ذريعا
زراعت، مال چارڻ، مڇي مارڻ ۽ مڪاني مزدوري هئي. امڪان هو ته ملڪ کي انگريز سلطنت
جي غلاميءَ کان آزادي ملڻ بعد ٻيا ڪيترا روزگار جا ذريعا کلي پوندا، پر بدقسمتيءَ
سان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سنڌي، مهاجر-پنجابي سامراج جي غلاميءَ هيٺ
اچي ويا ۽ پنهنجي ملڪ جي اقتصاديات تي سندن قبضو نه رهيو. ان تي حڪمران مهاجر
دانشمند طبقو ۽ پنجابي سامراج بنجي ويو.“ (ص-61)
(ٿوري دير کان پوءِ جِي ايم سيد ان ”مهاجر دانشمند طبقي“ کان سنڌين
جي قومي ڇوٽڪاري لاءِ اڳواڻي ڪرائيندو. -ليکڪ)
- ”سمورن ڪارخانن، مقاطعن،
ٽرانسپورٽ، سرڪاري نوڪرين، بئنڪن ۽ خانگي نوڪرين تي قبضو غير سنڌين جو رهي ٿو...
واڍن، رازن، درزين ۽ ٻين ڪيترن هنرن لاءِ اسڪولن کولڻ جي ضرورت آهي، پر اهي ڪم ڪير
ڪري؟ وزير اڪثر خوشامدي يا اقتدار جا طالبو رکيا وڃن ٿا. حڪومت تي قبضو
پنجابي-مهاجرن جي گڏيل سامراج ڪاموري جو آهي. نوان بهاري اچن ٿا ته نوڪريءَ ۾ اول
ترجيح انهن کي ڏني وڃي ٿي.“ (ص-62)
- ”خيال هو ته انگريز سامراج ختم
ٿيندو ته زمينون ۽ نوڪريون سنڌين کي ملنديون، بيراج نڪرندا، ڪارخانن ۾ سنڌين کي
کنيو ويندو. ان ڪري پاڪستان جي قيام مان ڪيترائي خواب خيال جاڳايا ويا پر پاڪستان
قائم ٿيڻ بعد زمينون مهاجرن کي ڏنيون ويون... نوڪريون اڳي رڳو پنجابين کي مليون،
هاڻ ته مهاجرن ۽ پنجابين پنهنجو ورثو ڪري ورهائڻ شروع ڪيون.“ (ص-65)
- ”هزارها ايڪڙ (زمين) ڪراچيءَ ۾
مهاجرن کي الاٽ ڪري، قرض ڏياري، گهر ٺهرائي ڏنا. زوريءَ اردو زبان ننڍن ٻارن
کي سيکارڻ جو حڪم ڪڍيو.“ (ص-66)
- ”لياقت علي ته باقائدي سنڌين ۽
پنجابين مان هڪ ابن الوقت گروهه پيدا ڪري مهاجر سامراج قائم ڪرڻ جو
دستور وجهڻ چاهيو ٿي ليڪن اهل پنجاب، جي جنگي ذهنيت جا هئا، تن هن کي قتل ڪري واصل
به جهنم ڪري ڇڏيو.“ (ص-66) (لياقت عوام دشمن رجعت پرست سنڌي دشمن مافيا جو سورهيه
آهي. -ليکڪ)
***
”اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته پاڪستان جي پهرين وفاقي
وزارت ۾ اڪثريت ٻاهرين (ڀارتي پناهگيرن) جي هئي يعني ان ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندگي
بنهه گهٽ هئي... جنهن طبقي حڪومت ڪئي آهي اهو آهي اردودان طبقو، اخبارن تي، ننڍين
وڏين نوڪرين تي سندن قبضو آهي.“ (حميده کهڙو جو انٽرويو، ”عبرت مئگزين“، 1-14
آڪٽوبر 1987ع، ص-5)
”هي ماڻهو (ڀارتي پناهگير) نه رڳو وڏي تعداد ۾ آيا پر يڪدم
اچي اسان تي حڪومت ڪئي اٿن ۽ اسان جي ثقافت کي بنهه نيست و نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، اسان جي ڪلچر کي هنن ڪلچر سمجهيو ئي ناهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-33)
”تاريخ جو ورق وري ٿو. ڪراچي ايئرپورٽ تي يونين-جيڪ بدران بازنطيني شهنشاهيت
جي غلاميءَ وارو جهنڊو جهولڻ لڳي ٿو. ديسي ديس ڇڏي پرديس ڀيڙا ٿين ٿا. سنڌ جي شهرن
۾ ليار جي رس جهڙي مٺڙي زبان سنڌيءِ جي بجاءِ ٽوهه جي ول جي پاڙ جهڙي ٻوليءَ جو
واهپو شروع ٿئي ٿو. دليءَ جا ٺڳ ۽ واجد علي جا وارث ڪراچيءَ کي ڪُرٽڻ لاءِ واڳون
وارا وات ڦاڙيو اڳتي وڌن ٿا.“ (عبدالواحد
آريسر، ”صدين جون صدائون“، ص-31)
هي آهن سنڌي دشمن مافيا جون رڳو جِي ايم سيد، آريسر ۽ حميده
کهڙو جي زباني سنڌين سان ڪيل ”ڀلايون“، ۽ هاڻي رڳو ٻن سالن ۾ ڇا ٿي ويو آهي! اهو
ڪهڙو آسمان ٽُٽو آهي، نئون سج نڪتو آهي جو جِي ايم سيد صاحب ٿو چوي ته ”حقيقت ۾
انهن جو ۽ اسان جو مفاد هڪ آهي.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-64) ۽ آريسر ٿو
چوي ته ”اسان هنن جي حمايت به ڪئي ۽ هنن کي پنهنجن جلسن ۾ به گهرايوسون، پر ان
حيثيت ۾ ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌي قوم جو حصو جيڪو اردو ڳالهائي
ٿو. (عبدالواحد آريسر، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“،
ص-73) ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي (ارباب کهاوڙ ٽراٽسڪائي ٽولي) وارا چون ٿا ته ”سنڌي
قوم جو اتحاد ڪيو وڃي جنهن جو مهاجر هڪ حصو آهن.“ (واپ نڪتهء نظر، ص-46) ۽ ارباب
کهاوڙ ٽراٽسڪائي ٽولي جا جوڙيوال ٽراٽسڪائي، سنڌ دوست مزدور تنظيم وارا چون ٿا ته
جيئن ته پناهگيرن کي پنجابين اقتصادي ٽَڪرائن کان پوءِ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اهي پاڻ کي
اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهن تنهنڪري سنڌين کي انهن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي. (ڏسو سدمت
جو رسالو ”انقلابي راهه“، مارچ-اپريل 1975ع، ص-8)
1- گروهه پرست تعصبي سنڌي دشمن
تنظيمن جي ارادن ۽ مقصدن کي ڏسندي ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي دشمن مافيا ۽ سنڌين
جو مفاد هڪ آهي؟
2- ڇا واقعي پناهگير سنڌي قوم جو ”اردو
ڳالهائيندڙ حصو“ آهي؟
3- ڇا جيئن ته انهن (پناهگيرن) کي
پنجابين رد ڪري ڇڏيو آهي تنهنڪري سنڌين کي انهن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اتحاد
لاءِ اهو ماپو ٿيندو آهي؟
انهن سوالن تي اسين پوءِ ڳالهائينداسون، پر مٿي مختصر ذڪر
ڪيل سنڌي قوم سان وهايل رجعت پرست سنڌي دشمن مافيا جي ٺڳين، ظلمن ۽ زبردستن کي رڳو
ان ڪري معاف ڪري سگهجي ٿو جو هنن مس مس چيو آهي ته جِي ايم سيد صاحب چڱو ماڻهو آهي
۽ هو جِي ايم سيد صاحب کي ”گهُرڻ“ لڳا آهن تنهنڪري ”جيڪي ٿيو سو ٿيو“!؟
هر شهيد جي هر رت
ڦڙي جو بدلو ڪاڏي ويو؟
جڏهن کان وٺي هنن سنڌي ”وارثن“ رجعت پرست سنڌي دشمن مافيا
جي گيت ڳائڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي هنن انهن جي هر ظلم کي سنڌ جي تاريخ مان
بيدخل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. (سابق عوامي تحريڪ کان سواءِ لڳ ڀڳ هر سنڌي تنظيم اهو
ڌنڌو ڪري ٿي.) اهو ساڳيو قصو 1972ع جي ٻوليءَ وارن جهيڙن بابت به آهي جن جو ذڪر
جيڪڏهن ڪرڻو به پوي ٿو ته ڏاڍو لڪائي، نماڻائيءَ ۽ ٿڌڪار سان ڪيو وڃي ٿو.
قمر ڀٽي لکي ٿو:
”سائين جِي ايم سيد سنڌ جي دوري دوران سنڌين کي پنهنجن اصل
دشمنن کان واقف ڪندو رهيو. جڏهن 3 آگسٽ تي مسلم ڪاليج ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو
ته مٿس وڏي سازش تحت هڪ خطرناڪ بم اڇلايو ويو، جنهن ۾ پاڻ خوشقسمتيءَ سان بچي ويو
باقي دوست محمد پراچه شهيد ٿيو ۽ عمر شورو هڪ ٽنگ کان محروم ٿي زخمي ٿي پيو... 7-
آگسٽ تي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي هڪ قومپرست استاد عبدالرزاق سومري کي
بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بمن ۽ هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي. ڪيترائي
سنڌي شهيد ڪيا ويا پر ڪا به عدالتي تحقيقات ڪا نه ٿي.“ (قمر ڀٽي، ”جِي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ص-120)
1- اهي اصل دشمن ڪير هئا جن کان واقف
ڪرڻ لاءِ جِي ايم سيد نڪتو هو؟
2- اهي قاتل ڪير هئا جن شهيد
عبدالرزاق سومري ۽ ٻين سنڌي ماڻهن کي قتل ڪيو؟
3- بمن ۽ هٿيارن جي نمائش ڪنهن ڪئي؟
انهن ٽنهي سوالن جو هڪڙو ئي جواب آهي، نمڪ حرام سنڌي دشمن
مافيا. (تازو سڄيءَ سنڌ ۾ ان ٽولي جديد هٿيارن جي نمائش ڪئي پر هن ڀيري اهي اڪيلا
نه هئا، سندن ڪڍ، اڳيان پٺيان، جِي ايم سيد صاحب جي ڪوڙي قومپرست ٽولي جا ماڻهو به
گڏ هئا.)
انهن ڏينهن ۾ ڏاڍايون جوشيليون تقريرون ڪيون وينديون هيون،
ته هر هڪ شهيد جي هر خون ڦڙي جو ڳڻي ڳوتي حساب ورتو ويندو، ايتري قدر جو تقرير
ڪندي پگهر ۾ شل ٿي اڀ-ساهين ۾ پئجي ويندا هئا، هاڻي ڪاڏي ويون اُڀ-ڦاڙيندڙ تقريرون،
اهي جوشيلا نعرا، اهي شهيدن سان انصاف ڪرڻ جا قول ۽ قرار، وچن ۽ اقرار؟
ڏيڍ مڻ (قمر ڀٽي جي چوڻ موجب ”جهازي سائيز“) جا ٽي ڪيڪ، جِي
ايم سيد صاحب کي چڱو ماڻهو چوڻ ۽ ظاهري وير وساري، ڀائپي ڪرڻ جو سامراجي اشارو
ــــــ هر شهيد جي هر رت ڦڙي جو بدلو گولِي ٿي ويو!
ٻولي وارن جهيڙن جو هي تمام ننڍڙو ذڪر آهي. سڄيءَ سنڌ جي
رهاڪن کي خبر آهي ته ان ٽولي ٻوليءَ وارن جهيڙن دوران ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو هو.
4-مارچ 1967ع جي جدوجهد جي جنم ڏيندڙ واقعن ۾، جِي ايم سيد
جي پيارن رهنمائن، نواب مظفر ۽ ٻين جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان جو ڪجهه حصو ”4-مارچ ۽ سنڌي جوڌا“ ڪتاب ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
نوابن، جاگيردارن، بادشاهن، شهنشاهن ۽ پرمارن جي خوشامد ڪرڻ
ان ٽولي جو پراڻو پيشو آهي. هي ته هزارين سال روايتي درٻاري چاپلوس ٿي رهيا آهن.
انهن جيڪڏهن جِي ايم سيد کي ٽي ڪيڪ ۽ آريسر کي ٻه گُل ڏئي، سندن مٿي تي هٿ گهمائي،
لُنڊي چاپلوسي ڪئي ته ڇا ٿي پيو، پر موٽ ۾ هن ٽولي چاليهن سالن جي ظلم کي ليڪ ڏئي
ڇڏي آهي! اها سُتي ارباب کهاوڙ کي وري معراج ٽولي پياري آهي.
جِي ايم سيد صاحب پنهنجي مٿان ٿيل حملي کي ته ڪيڪ وٺي ”جيڪو
ٿيو سو ٿيو“ چئي معاف ڪري سگهي ٿو، پر سنڌي شهيدن جي خون ۽ سنڌي قوم سان ٿيل ظلمن
کي معاف ڪري ڇڏڻ جو کيس ڪو به حق ناهي.
پريان سندي پار جِي
ڪُتي به پياري!
ڪٽر تعصبي سنڌي-دشمن مافيا جا ماڻهو ته جِي ايم سيد ۽ سندس
ٽولي کي پرين پيارا ٿي ئي پيا آهن پر انهن پيارن جي صدقي پيارن جي ڪُتي به پياري
ٿي پيئي آهي، حالانڪ اها ڪُتي به ڇتي آهي.
”منهنجا ڪارڪن مون کان بِهارين بابت پڇڻ آيا هئا. هنن پڇيو
ته منهنجو بهارين بابت ڪهڙو خيال آهي، اسين ڇا ٿا چئون، اچن يا نه اچن. مون چيو ته
ادا ڳالهه هيءَ آهي ته اسين سئچوريشن پئائنٽ (ناقابل برداشت ڏاڪي تي پهچي ويا
آهيون، ٻاهريون ڪو به ماڻهو هتي نه اچي، اسين ڪنهن به پنجابي کي موڪل نه ڏينداسون
۽ نه اسين ڪنهن ڀاڄوڪڙ پٺاڻ يا ان پٺاڻ کي جنهن وٽ پنهنجو صوبو آهي، سنڌ ۾ اچڻ
ڏينداسون، اهي پنهنجن صوبن ۾ رهن، پر بلوچ ڏڪاريل آهن ۽ ڳڻپ ۾ به ٿورا آهن، اهي
ايندا ته ڪا ڳالهه ڪانهي. ان کان پوءِ اسين بهارين کي (سنڌ ۾ اچي رهڻ لاءِ، ليکڪ)
اوليت ڏينداسون بشرطيڪ مهاجر اسان سان گڏ رهيا.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير
احمد، ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-68)
”... اسان سنڌ جي لاءِ بهارين کي ته ڇا، پر
يهودين کي به خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهيون.“ (حوالو ساڳيو، ص-87)
هڪ زهريلي بلا اڳ ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، مٿان وري ٻِي (بهاري)
۽ ٽين (يهودي به مثال طور) وجهڻ لاءِ تيار. ٻه نُڪتا:
(1) ان شرط تي ته ”مهاجر اسان سان گڏ رهيا“ اسين
بهارين کي اوليت ڏينداسون.“
(2) ”سنڌ جي لاءِ بهارين کي ته
ڇا، يهودين کي به خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهيون.“
پهريون
نُڪتو: ڪٽر تعصبي سنڌي-دشمن مافيا ڪڏهن
چيو آهي ته اهي سنڌ ڇڏيو پيا وڃن، يا، هتي نه رهندا؟ هنن ته سنڌ مٿان سنڌين کان
مٿاهان سُپر پاوري ”مهاجر حق“ ڄمائڻ شروع ڪيا آهن. انهن کي رهڻو هو تڏهن ته پنهنجو
وطن ڇڏي هيڏي، سنڌ تي ڪاهي آيا، نه ته پنهنجي ملڪ ۾ نه ويٺا هجن ها! هاڻي ته انهن
سڄيءَ دنيا جي ”پاڪستانين“ کي دعوتون ڏئي
سنڌ ۾ گهرائڻ شروع ڪيو آهي، کوکرا پار سرحد کولرائي نون ”مظلوم“ مسلمانن کي ٽولن ۾
گهرائڻ جو رستو صاف پيا ڪن ۽ بهارين کي آڻڻ لاءِ ڪوڪرا پيا ڪن. سنڌي اقليت ۾ تبديل
پيا ٿين، توهين ڪهڙي دنيا ۾ پيا رهو؟
ٻيو
نُڪتو: جِي ايم سيد صاحب پنهنجو هر ڌنڌو هميشه ”سنڌ لاءِ“ جي بهاني جي پوش هيٺ
ڪندو آهي. هن ”سنڌ لاءِ“ هونئن ته هزارين ڪم ڪيا آهن جن مان هڪ اڌ کي ڇڏي باقي لڳ
ڀڳ سڀ سنڌ لاءِ هاڃيڪار ۽ غلط ثابت ٿيا آهن. ”سنڌ لاءِ“ اهڙو ”ڀلائيءَ“ جوڪم اڳي
به هڪ ڀيرو ڪري چڪو آهي جنهن وسيلي ڌارين کي سنڌ ۾ اچي سنڌ کي سينگارڻ جو سڏ ڏنو
ويو هو. انهن جيڪا سنڌ سينگاري ۽ سنڌين کي
سيکت ڏني، اها اسين جِي ايم سيد صاحب جي ئي ڪتاب وسيلي بيان ڪري آيا آهيون. انهن
مهربانن جيڪي ”ڀال“ ڪيا، اهي ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“
۾ سائين سڳورو وڌيڪ تفصيل سان لکي چڪو آهي ۽ هاڻي وري انهن مٿان بهارين ۽ يهودين
کي به خوش آمديد پيو چوي ــــــ ”سنڌ لاءِ !“ ڇا اسان جي سائين سڳوري سنڌي ماڻهن
کي اهڙو ڀُوڪ بصر جو سمجهيو آهي جو سنڌ کي واڳوئن جي وات ڏيڻ جي ان غداريءَ واري
سنئين سڌي سازش کي به سمجهي نٿا سگهن؟
اهي سنڌ
دشمن سوچون ۽ ڪم آهن. اهي غداريءَ جا ڌنڌا آهن. اهي چنيسر، ڄام فيروز، مير علي
مراد جون مجرمانه وطن فروش سودبيازيون آهن.
اها
سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي ۽ جيڪو به ان سازش ۾ حصو وٺي ٿو، اهو سنڌ
۽ سنڌين جو غدار آهي، چنيسر آهي، ڄام فيروز آهي، مير علي مراد آهي، کهڙو ۽ راشدي
آهي، بلڪ انهن کان به بدتر آهي.
پنجابي به پِرين ٿي پوندا؟
مٿين
بيان ۾ جِي ايم سيد چيو آهي ته هو
پنجابين، پٺاڻن ۽ افغان ڀاڄوڪڙن کي سنڌ ۾ اچڻ نه ڏيندو. اها ڏاڍي سٺي ڳالهه هئي،
پر اوچتو ئي اوچتو جِي ايم سيد تڪڙيون گوهيون ڏئي، هڪدم گهمري کائي چيو آهي:
”سنڌ ۾ رهندڙ پنجابي، جن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ انهن پاڻ کي
سنڌ جي زمين سان ڳنڍي رکيو آهي، اسين انهن کي سنڌي تسليم ڪيون ٿا. جناب جِي ايم
سيد اها ڳالهه اڄ سنڌي-پنجابي اتحاد جي ويهه رڪني وفد سان ڳالهه ٻول ڪندي چئي. وفد
ڊاڪٽر مسعود طارق جي اڳواڻيءَ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي اٺن ڪلاڪن
تائين خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جناب جِي ايم سيد چيو ته اسين عام پنجابيءَ جي خلاف
ناهيون پر سامراجي ذهنيت رکندڙ پنجابي جي خلاف آهيون. سنڌ جي عوام کي عام مظلوم
پنجابي عوام ۽ مفاد پرست سامراجي ذهنيت رکندڙ پنجابين جي وچ ۾ فرق رکڻو پوندو.“ (”امن“ اخبار، 17-جون 1987ع)
(ٿوري
دير کان پوءِ جِي ايم سيد وري سامراجي ذهنيت واري پنجابي سان اتحاد ڪرڻ لڳندو ۽
پنجاب جي شاهوڪار ۽ ملٽري وارن کي خاص ويجهو سڏيندو!)
بس، جِي
ايم سيد جي حاضري ڀرڻ ۽ مٿي تي مکڻ لائڻ
جي دير آهي ــــــ سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ تيار. جِي ايم سيد جيڪڏهن ”سنڌي“ ٺاهڻ جو
اهو معيار رکيو ته سڄيءَ دنيا جو هر ڦورو، بدمعاش، لچ، لوفر ۽ لوٺيو سنڌي ٿيڻ لاءِ
تيار ٿي ويندو. سنڌ جي زمين سان ته ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن
کي به ”پيار“ هو، هنن پاڻ کي سنڌ جي زمين سان ته اهڙو ڳنڍي پئي رکيو، جو جند ئي نه
پئي ڇڏيائون. هي جو هاڻوڪا پچر نه ٿا ڇڏن ۽ هر هر هام پيا هڻن ته انهن پنهنجن
مفادن کي سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، ته ڇو؟ ڪهڙو ڀارتي پناهگير، پنجابي،
پٺاڻ يا افغان ڀاڄوڪڙ آهي، جيڪو پاڻ کي سنڌ جي سرزمين سان ڳنڍي رکڻ نه ٿو چاهي؟
زمين سان پيار؟ زمين ۽ ان جي وارثن سان ڇو
نه؟
”ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن اهي (مهاجر ۽ ٻاهران آيل) ماڻهو پاڻ کي سنڌي قوم جو
جزو سمجهي، سنڌ کي وطن تسليم ڪري، سنڌي زبان ۽ ڪلچر کي پنهنجو ڪري ويندا، پوءِ
اوهان وٽ مقابلي لاءِ ڪا به شيءِ نه رهندي.“ (جِي ايم سيد جي تقرير، 4-مارچ 1973ع،
”سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني“، ص-75)
سيد
صاحب! ڪجهه پنهنجن لفظن جو ئي مانُ رکو. ڪالهه توهان جيڪا ڳالهه ڪري سنڌي ماڻهن کي
هوشيار پئي ڪيو، اڄ انهيءَ ئي ڳالهه جي مِٽي اوهين پاڻ پيا پليد ڪريو. توهان ٿا
سنڌي هجڻ جون سَندون ورهائيندا وتو:
”هاڻي اهي (پناهگير) چون ٿا ته اسين سنڌي آهيون، (انهن جي چوڻ سان ٿي پيو ڇا؟ -ليکڪ) اسان کي سنڌ ۾ رهڻو آهي...“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو،
”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-55)
الطاف
حسين صاحب ٿو چوي:
”اسين مهاجرن کي (پاڻ کي مهاجر ٿو چوي. -ليکڪ) سنڌ جي ڌرتيءَ جو ٺيڪ ساڳيءَ طرح رهاڪو سمجهون ٿا جيئن
ٻين سنڌين کي.“ (الطاف حسين، ”الطاف حسين جا عزم ۽
ارادا“، اردو ۾، ص 22)
جِي ايم
سيد صاحب کين سنڌي ٿو چوي، ارباب کهاوڙ، ڄام ساقي ٽولو، آريسر وغيره کين ”سنڌي قوم
جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ مڃي چڪا آهن، هاڻي مٿان وري جِي ايم سيد صاحب پنجابين کي
به سنڌي هجڻ جي سهولت ڏئي چڪو آهي. ”سنڌ جي لاءِ“
بهارين (۽ ويندي يهودين) کي به خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهي. سڀاڻي پناهگير
۽ پنجابين جيان افغان ڀاڄوڪڙ به جِي ايم سيد جي حاضري ڀري، ڪيڪ ڏئي، اها ساڳي
ڳالهه ورجائيندا ته اهي به پاڻ کي سنڌ جي ڌرتيءَ سان ڳنڍي رکڻ ٿا گهرن ۽ انهن به
سنڌ کي سينگاريو آهي ۽ ان ڪري انهن کي به سنڌي هجڻ جي سَند ملي ويندي، ”سنڌي قوم
جو نئون، اردو ڳالهائيندڙ حصو“ بهارين کي گهرائڻ جو مطالبو پنهنجن بنيادي مقصدن ۾ شامل رکي ويٺو آهي، معراج ٽولو بهارين
جي اڳواڻ ڪٽر بهاري پرست آفاق شاهد کي بهاري گهرائڻ لاءِ بک هڙتال ڪرڻ سبب هار
پارائي ۽ ”حق پرست“ (مقم جي آڪٽوبر 1987ع چونڊن ۾ کٽندڙ نمائندن) کي مبارڪون ڏئي
چڪو آهي ۽ پاڻ کي سازش ڪيو ”شهري سنڌي“ پيو سڏائيندو وتي، هيڏانهن وري ڊسڪو ڪامريڊ
کهاوڙ سنڌ دشمن ابن الوقت لٻاڙي معراج ٽولي کان سواءِ سنڌي قوم اڻپوري ٿو سمجهي، مٿان
وري جِي ايم سيد صاحب جي ڏنل هن نئين سهوليت سبب گهٽ ۾ گهٽ سمورا بهاري، گهڻا جهيڙاڪر
ڀارتي مسلمان، گهٽ ۾ گهٽ اڌ پنجابي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ”پاڪستاني“ ته ضرور بالضرور
پاڻ کي سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيندا. ان حالت ۾ حقيقي سنڌين جو جيڪو حشر ٿيندو سو سولائيءَ
سان سمجهي سگهجي ٿو.
- ڇا اها حرڪت سنڌين کي
اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش جي اهم ترين مجرمانه ڪڙي نه ٿي سڏي سگهجي؟
- ڇا اها سنڌ دشمني ۽ سنڌ سان غداري ناهي؟
اصل ڳالهه ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثن، ٻنهي سان ڳنڍي رکڻ جي
هوندي آهي ۽ اهو به تڏهن، جڏهن حقيقي وارث پاڻ پنهنجي مفاد ۾ سمجهي (سڄي دنيا جي
لوڌ کي نه) ڪجهه ڪم جهڙن ماڻهن کي پاڻ رهائن ۽ جيترو عرصو پاڻ پسند ڪن، ايترو عرصو
رهائن. پرائي ڌرتيءَ سان ته هر ڪو ڌاريو قابض پاڻ کي ”ڳنڍي رکڻ“ يعني ان تي ناجائز
قبضو ڄمائي رکڻ لاءِ تيار آهي، پر ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن يعني پورهيت عوام سان ۽
انهن جي دائمي مفادن سان پاڻ کي ڳنڍي ڏيکاري، ته خبر پوي. ڌرتيءَ جي وارثن سان
پيار نه هجي، انهن جي مفادن سان پاڻ کي ڳنڍي نه رکجي، انهن کي ته ڦرجي، مارجي،
ڪُهجي، لڏائجي، ٽنگائجي ۽ سندن کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ حرام ڪري ڇڏجي، پر ڌرتيءَ سان پيار
۽ ڳانڍاپي جو راڳ پيو ڳائجي. ڌرتيءَ سان اهڙو پيار، سامراجي ”پيار“ آهي. جيستائين
ڌرتيءَ جي اصلي رهاڪن سان پيار ناهي تيستائين ڌرتيءَ سان پيار ۽ ڳانڍاپي جي ڳالهه
دوکو ۽ منافقي آهي. ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن، ٻنهي سان پيار، انهن جي مفادن
سان اڻٽُٽ ڳانڍاپو، انهيءَ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ ئي حقيقي معيار آهي.
آمريڪي ڊلس ڀائر چوندا هئا ته کين ويٽنامي نه، پر ويٽنام جي
ڌرتي گهرجي ٿي. ٽِڪا خان فوج پاران اها ساڳي ڳالهه بنگال جي ڌرتيءَ بابت چئي هئي،
۽ اڄ پنجابي ۽ پناهگير ڦورو ٽولا اها ساڳي ڳالهه سنڌ ڌرتيءَ بابت پيا ورجائن.
باب پنجون
جِي ايم سيد
صاحب ۽ سندس ٽولو
پنهنجي پاس ڪيل ٺهراءَ جي عزت رکي
اسين هتي جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس ٽولي جي خدمت ۾ هڪ ٺهراءُ
پيش ڪريون ٿا. اهو ٺهراءُ سندن ئي پاس ڪيل آهي، پر هاڻي جيئن ته پاڻ ان تان ڦري
ويا آهن تنهنڪري اسين اهو ٺهراءُ ان نيت سان پيش ڪريون ٿا ته مهرباني ڪري پنهنجي
ٺهراءَ تي پاڻ عمل به ڪن. هيءُ ٺهراءُ حيدرآباد ۾، 4- مارچ 1972ع تي جساف جي تقريب
۾ پاس ڪيل آهي.
ٺهراءُ نمبر
(1)
سنڌي شاگردن، دانشورن، عوامي نمائندن ۽ عام ماڻهن جو هيءُ
مجموعو سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان جي صدر کان (۽ ليکڪُ هاڻ وري جِي ايم سيد صاحب ۽ سندس
پوئلڳن کان به) پُرزور مطالبو ٿو ڪري ته:
جنهن صورت ۾ ملڪ جي روهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي قيام بعد
سنڌ مان لڏي ويل تيرهن لک هِندن جي جاءِ تي اڳي ئي ٽيهه لک مهاجرن اچي سنڌ ۾ سڪونت
اختيار ڪئي آهي، ۽
جنهن صورت ۾ گذريل 25-سالن اندر مرڪزي سرڪار ۾ مهاجرن جي
اثر ۽ رسوخ هئڻ ڪري سنڌ جي لڏي ويل هندن جي زمين، واپار، ڪارخانن تي هنن قبضو ڪري
سنڌ جي اصل رهاڪن کي سندن جائز حقن کان محروم ڪيو آهي، ۽
جنهن صورت ۾ هنن زبردست پريس ۽ پروپيگنڊا ذريعي اڪثر
نوڪرين، واپار، ڪارخانن، بينڪن ۽ ٻين ادارن تي هڪ هٽي قائم ڪري اصل سنڌين کي سندن
حقن جي حصول ۾ رنڊڪون پئي وڌيون آهن ۽ جنهن صورت ۾ هنن منظم سازش ڪري اڳي ئي سنڌ
جي زبان ۽ ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ باوجود ان جي هنن منظم
سازش ڪري سنڌين تي سياسي تسلط ۽ اقتصادي استحصال ڪرڻ خاطر بنگلاديش جي بِهارين کي
هتي لڏائي آڻي ويهارڻ لاءِ پرروز پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي.
ان مان اسان کي خطرو محسوس ٿو ٿئي ته سنڌ جي اصلوڪن باشندن
کي اڪثريت مان بدلائي اقليت بنائڻ ۽ سنڌ تي سياسي تسلط ۽ اقتصادي استحصال قائم ڪرڻ
جو ارادو آهي، ۽
جنهن صورت ۾ سنڌ جي ايڪانامي (معيشت) سنڌو نديءَ جي پاڻي
گهٽجڻ، سرزمين سنڌ جي آبادي وڌڻ ۽ سمورين سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين تي اڳ ۾ ٻاهران
آيلن جو تسلط ٿي ويل آهي، ۽
جنهن صورت ۾ مغربي پاڪستان جا ٻيا صوبا پنجاب، بلوچستان ۽
سرحد ]خيبر پختونخواه[ وڌيڪ مهاجرن کي وٺڻ لاءِ تيار ٿيڻ جي خلاف اڳ ۾
احتجاج ڪري چڪا آهن. تنهن صورت ۾ اسان کي خطرو آهي ته بنگلاديش کان وڌيڪ مهاجرن جي
هتي اچڻ جو سمورو ٻوجهه سنڌ تي پوڻو آهي.
ان ڪري اسان پرزور مطالبو
ٿا ڪريون ته بهارين ۽ ٻين مهاجرن کي بنگلاديش مان هتي آڻڻ تي بندش وجهي ۽ آئنده
سنڌ کان ٻاهر جي رهاڪن کي سنڌ اندر زمين خريد ڪرڻ، ڪارخانا جاري ڪرڻ، خانگي يا
سرڪاري نوڪري ڏيڻ ۽ تجارت ڪرڻ تي بندش وڌي وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ جا رهاڪو سندن سياسي
موت، اقتصادي استحصال ۽ ڪلچرل (ثقافتي) خاتمي جي خطرن کان بچڻ لاءِ هر طرح سان حق
بجانب ٿيندا ته اهڙي آمد خلاف سڌو قدم کڻڻ لاءِ مجبور ٿي ان کي روڪن.
(”سنڌ
جي ڪهاڻي سيد جي زباني“، ص-36-37)
باقي جيستائين مظلوم پنجابي عوام ۽ مفاد پرست ذهن رکندڙ ۾
فرق ڪرڻ جو تعلق آهي ته اهو ضرور ڪرڻ گهرجي. اهو ساڳيو ئي فرق مظلوم پناهگير عوام
۽ مفاد پرست سامراجي ذهن رکندڙ پناهگير ۾ به ڪرڻ گهرجي. پر مظلوم عوام مظلوم قومن
جو حقيقي سڄڻ ۽ ساٿي فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي قوم يا ٽولي جي حاڪم طبقن
خلاف نه رڳو حق پرست آواز اُٿاري پر مظلوم قومن جي نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ انهن جو
ٻانهن ٻيلي ۽ ساڻي ٿي ساڻن گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪري.
1-
”جيڪو ماڻهو قومي ظلم ۽ نابرابريءَ خلاف جدوجهد ۽ لڙائي نه
ٿو ڪري، سو مارڪس جي انقلابي تعليم جو پوئلڳ ته ٺهيو پر سکڻو جمهوريت پسند به
ڪونهي.“
(لينن، ”قومن جو خوداراديءَ جو حق“،
ص-23)
2-
”ظالم قومن جي مزدورن کي بين الاقوامي اتحاد جي تعليم ڏيڻ
مهل انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيڻ کپي ته انهن پورهيتن جو فرض آهي ته هو مظلوم قومن جي
الڳ ٿي وڃڻ جي حق جي وڪالت ڪن ۽ ان لاءِ وڙهن. ان ڳالهه کان سواءِ قومن جي وچ ۾
اتحاد قائم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اسان جو اهو حق ۽ فرض آهي ته ظالم قوم
جو جيڪو سوشلسٽ جمهوريت پسند انهيءَ قسم جي تبليغ ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو تنهن کي
سامراجي ۽ بدمعاش ڪري ليکيون.“
(لينن، ”قومي پاليسيءَ جو سوال ۽ پورهيت بين الاقواميت“
ص-171)
پنجابين جو قوم جي حيثيت ۾ ظالم قوم وارو ڪردار رهيو آهي ۽
ان ڪري مظلوم قومن مٿان ظلم ۽ انهن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سڄي پنجابي قوم ذميوار آهي ۽ ان
ڪري ان جو جاگيردار، سرمائيدار، هيٺيون وچون طبقو، هاري ۽ مزدور، سڀ جو سڀ ان ڏوهه
۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، جيتوڻيڪ ان ڦرلٽ ۾ هر طبقي جو به اهو ساڳيو ئي ڪردار رهيو آهي
جيڪو ظلم پنجابي قوم جو ۽ ان ڪري ان جي سڀني طبقن جي حيثيت به اها ساڳي آهي جيڪا
پنجابي قوم جي.
”جيئن قزاق سوين سال روسي سامراج پاران يورپ ۽ ايشيا جي
مظلوم قومن لاءِ جلاد بنيا رهيا تيئن پنجاب جي مسواڙي فوج ايشيا ۽ آفريڪا جي مظلوم
قومن لاءِ انگريز سامراج جي پگهاردار جلاد بني رهي. پنجابي جاگيردارن
انگريز-سرپرستيءَ ۾ ”فنا في انگريز“ جو مرتبو وڃي حاصل ڪيو. 1857ع واري هند-پاڪ
آزاديءَ جي جنگ ۾ پنجابي جاگيردارن ۽ پنجاب مان ڀرتي ڪيل مسواڙي فوج بدترين
عوام-دشمن ۽ وطن-دشمن ڪردار ادا ڪيو... پنجاب جي نفري تعداد ۽ انگريز سامراج
سان سازباز ڪري حاصل ڪيل ترقيءَ سبب پنجابي قوم پاڻ کي پاڪستان جو ’اصلي تي وڊو‘ مالڪ
سمجهي ٿي.“ (رسول بخش پليجو، ”صبح ٿيندو“،
ص-99-100)
”تاريخ ۾ ظالم ٿورايون نه ٿينديون آهن ڇا؟ هندستان ۽ چين تي
جن قومن حملا ڪيا آهن سي هندستان ۽ چين جي سوين پتيءَ جيترا به ڪو نه هئا! يوناني،
پٺاڻ، مغل ۽ انگريز سڀ ٿورائيءَ ۾ هئا. الجزائر ۾ فرينچ ڊاڪو ٿورائيءَ ۾ هئا. عربستان
۾ يهودي ٿورائيءَ ۾ آهن. آفريڪا ۾ فاشي گورا ٿورائيءَ ۾ آهن. اهي سموريون ظالم
ٿورايون ۽ اقليتون آهن، جي اڪثريت کي پنهنجي گهر ۾ چور ڪري ويٺيون آهن... هٽلر جي
دل ڏاريندڙ وحشيانه ظلمن جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ، مظلوم يهودين عربن سان جيڪي ويل
وهايا آهن ۽ گهر ڌڻين کي لوڌي، مهمان مان مالڪ بنجي، ڏنڊو کڻيو، عربن کي ڊوڙائيندا
وتن، تنهن جو مثال اکين اڳيان موجود آهي. تاريخ اهڙن معصوم ٽولن جي داستان سان ڀري
پيئي آهي جن پنهنجي ملڪ مان تڙجي نڪرڻ کان پوءِ، وڃي ٻين کي پنهنجي گهرن مان تڙيو.
ارغون به ته وچ ايشيا مان لوڌجي نڪتا هئا ۽ مظلوم ٿي سنڌ ۾ آيا هئا.“ (حوالو
ساڳيو، ص-78-79)
”ظالم قوم (۽ ٽولي) جو ٻچو ٻچو پاڻ کي مظلوم قوم کان اوچو ۽
اعلى سمجهڻ لڳي ٿو. پنهنجي قوم (۽ ٽولي) جي فائدن کي مظلوم قوم جي فائدن کان برتر
سمجهي ٿو. سواءِ ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جي، ٻيا سڀ شعوري يا لاشعوري طور،
سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح مظلوم قوم کي پيڙڻ ۽ ستائڻ ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ان جو عيوضو ڪنهن
نه ڪنهن صورت ۾ حاصل ڪن ٿا. مثال طور، سنڌي قوم جي زمين ڦٻائڻ ۾ رڳو وڏن
پنجابي-مهاجر سرمائيدارن، زميندارن ۽ ڪامورن حصو ڪو نه ورتو آهي پر هر ننڍو وڏو،
غربب ۽ شاهوڪار اردوباز پنهنجي توفيق آهر ڪُوڙا ڪليم ٺهرائي يا کڻتون کڻيو پرايو
مال ڦٻائي چڪو آهي ۽ اڃا ڦٻائي پيو. غريب توڙي شاهوڪار پنجابي ۽ اردوباز پهچ آهر
سنڌ جي نوڪرين تي ڌاڙو هڻي ٿو. سندن ٻچي ٻچي ون-يونٽ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا ٿي. سڀ ڪو
پاڻ کي اسلامي خلافت جو وارث ۽ سنڌين کي جاهل ۽ گهٽ درجي جي قوم سمجهي ٿو. اخبارون
پڙهي ڏسو، رسالا پڙهي ڏسو، تقريرون ٻڌي ڏسو، بازار ۽ هوٽل تي ڳالهائي ڏسو، ته هر
پنجابي ۽ اردوباز اردوءَ کي خدا جي خاص خلقيل ۽ آب ڪوثر ۾ وهنجاريل ملائڪن جي زبان
۽ سنڌيءَ کي ٻهراڙيءَ جي جاهل ۽ جهنگلي ٻولي سمجهي ٿو. (اهو ساڳيو رويو ٺيٺ گروهه
پرست پناهگير تنطيمون اڄ به رکن ٿيون. ليکڪ) غريب کان غريب، حقير کان حقير، مظلوم
کان مظلوم پنجابي ۽ مهاجر پاڻ کي پاڪستان جو خالق ۽ وارث سمجهي ٿو ۽ سنڌ تي قبضو
قدرت جي عين مرضيءَ موجب، جائز ۽ لازمي سمجهي ٿو.“ (حوالو ساڳيو، ص-74-75)
بالادست پنجابي قوم ۽ پناهگير ٽولي جي بالادست طبقن ڏانهن
اسان جو رويو اجهو اهو آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ته جڏهن لينن سوشلسٽ روسين بابت (قومي
سوال تي) بحث ڪندي نفرت سان لکيو ته جيڪڏهن توهين انهن جي کل کرڙي لاهي ڏسندؤ تڏهن توهان کي هڪ ڪٽر
قومپرست مها روسي نظر ايندو، تڏهن توهان کي هڪ ڪٽر قوم پرست مها روسي نظر ايندو
تڏهن هن جن سورهن آنا سچ چيو هو. جيستائين ڪنهن به ظالم قوم يا ٽولي جي پورهيتن
پاڻ کي پنهنجن حاڪم طبقن کان ڇني ڌار ڪري پاڻ کي مظلوم قومن جي حق پرست جدوجهد سان
نه ڳنڍيو آهي تيستائين سندن مجموعي رويو به اهو ئي سمجهيو ويندو جيڪو سندن ڦورو
حاڪم طبقن جو آهي.
[2] هن انتساب بابت ڊاڪٽر محبت جو چوڻ
هو ته ان ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي. ڏسو سندس مضمون ”عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ“، روزاني ’سنڌ‘ حيدرآباد، جُون 1996ع.
¨ عوامي مهم جي سلسلي ۾ 1969ع ۾ 4-مارچ جي حوالي
سان لڳ ڀڳ ٻه لک سنڌي ماڻهو ڪَٺا ڪيا ويا ۽ جِي ايم سيد کي بزرگ سمجهي ان ۾ اچڻ جي
دعوت ڏني وئي، پر اتي اچڻ بدارن پاڻ نواب زاهد علي ۽ ٻين پناهگير نوابن سان ڪراچي
ملڻ هليو ويو.
No comments:
Post a Comment