1/25/2013

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو - علي آڪاش



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هر آرڻ ۾ اڻ موٽ هو
علي آڪاش
ڊاڪٽر محبت تي لکڻ وقت اهو ئي خيال آهي ته ساڻس انصاف نه ڪري سگھندس. هو جنهن مرتبي جو ماڻهو آهي، ان تي ويچار ۽ رايا قائم ڪرڻ به عالمن، اڪابرن، سمجُھن ۽ پارکن جو ڪم آهي. آءٌ فقط ساڻس محبت ۾ ٻه ٻول ٻولڻ چاهيان ٿو ائين جيئن ڪُمهلي پونم رات ۾ ڪوئل ڪنهن گھاٽي وڻ ۾ ٻولي، اڏري ويندي آهي.
ڊاڪٽر محبت لاءِ لکڻ جي ڪٿان شروعات ڪجي ۽ ڪيئن لکجي، سچ پچ ته اهڙو پتو مون کي بنهه نه پئجي رهيو آهي. ان ڪري منهنجي هن مضمون کي مصور جي ڪنهن رف اسڪيچ وانگي ئي سمجھيو وڃي. ڊاڪٽر محبت پنهنجيءَ ذات ۾ ايترو ته گھڻ پاسائو ماڻهو هو جو سوچيندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. هيءَ ڳالهه عام رواجي نه سمجھي وڃي، جيئن ڪنهن کي مانُ ڏيڻ لاءِ خوامخواهه لفظن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. آءٌ انهن سڀني شين جي خلاف رهيو آهيان ته شيءِ جي قيمت هڪڙي هجي پر اشتهار طور ان جي قيمت وڌائي، سندس اهميت لکائي وڃي. هر هڪ شيءِ جي قيمت هوندي آهي ۽ اها ئي ان جي حيثيت ۽ اهميت جو تعين ڪندي آهي، پر سوچيان ٿو ته محبت جي ڪهڙي ڪٿ لڳائجي؟ ڇا ”محبت“ تي ڪنهن قيمت جو ليبل لڳائي سگهجي ٿو؟ دنيا جي بازار ۾ هر هڪ وکر جو ملهه هوندو آهي پر ”محبت“ بازاري وکر نه هو، جو اگھه مقرر ڪري ان کي خريدي سگھجي.

1/24/2013

ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، روئي نه ڄاڻان - شاهنواز راڄپر



مٺڙي دوست ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي جي حوالي سان لکيل تاثر
ڪنهن پر روئان پرينءَ کي،
روئي نه ڄاڻان
شاهنواز راڄپر
اڳوڻي چانڊڪا پرڳڻي (هن وقت لاڙڪاڻو ضلعو) جي کهري، ڪلراٺي، لوڻياٺي مٽي ۾ نزاڪتن واري شهر قنبر جي هڪ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ نينگر جيڪو ننڍي لاڪون ئي ماڻيٺو ۽ سٻاجھو هو، پر سندس چهري جو سڀاءُ ۽ اکين جي گھرائي ڏسندڙ کي ان ڏانهن ضرور متوجهه ڪندي ۽ ڪن ماڻهو شناس ذهنن اهو ضرور اندازو لڳايو هوندو ته اڳتي هلي هي ڇوڪرو ضرور پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريندو! ۽ پوءِ ٿيو به ايئن....!

1/15/2013

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا... - ساگر حنيف بڙدي



ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...
ساگر حنيف بڙدي
زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن جھڪي ته ڪو نه ٿيندي آهي، پر ان آواز جي سُريلپ تي رڻ پٽ به پيو ناز ڪندو آهي. هونئن ته اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن جون حياتيون مايا جي موهه ۽ دنيا جي ڊوهه جي دائرن ۾ ڦرنديون رهنديون آهن. اهڙن دائرن ۾ ڦرندڙن جي دلين ۾ موت جو ڊپ سمايل هوندو آهي. اهو برابر آهي، ته هر انسان جي حياتيءَ جي ميوزم ۾ موت جو ڊيڄاريندڙ ”بت“ رکيل هوندو آهي، پر ڪن حياتين جي عجائب گھرن ۾ رکيل بتَ، ڀڳوان جو روپ وٺي، پنهنجو تعارف تخليقڪار جي نالي سان ڪرائيندا آهن. سائين محبت ٻرڙو به اهڙي حياتيءَ جو نالو آهي، جنهن سموري زندگي علم، ادب، عشق تحقيق ۽ تخليق جي پرچار ڪندي گذاري

1/09/2013

کهي جا کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي - ڊاڪٽر بخت جمال



کهي جا کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي
ڊاڪٽر بخت جمال
ڊاڪٽر محبت، جيڪو اڄ اسان وٽ ناهي، پنهنجي قوم جي محرومين، مايوسين، خوشين ۽ جفاڪشين جي ڪهاڻي آهي. هڪ ماڻهو، جيڪو  هيٺين طبقي، غريب شهري خاندان ۾ اک کولي ٿو، جيئن تيئن ڪري ڊاڪٽر بنجي ٿو ۽ سفيد پوشي ۾ پنهنجا ڏک، سور لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪڏهن ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، پر ڪڏهن ڏکن جو زهر سفيد ڪالر کي ٽوڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏي ٿو. واقعي ذهين، محنتي ۽ محبت وارو ماڻهو آخر تائين ڪوششن باوجود اقتصادي طور مونجھارن ۽ مسئلن مان پار پئجي نه سگھيو.
مئنيجمينٽ جي ڪتابن ۾ به ان سوال تي بحث ڪيو ويو آهي ته آخر قسمت آهي ڇا؟ ان مان هڪ مشهور جملو آهي ته:
Luck is, where preparedness meets with an opportunity.”
(جڏهن تياري موقعي سان ملي ٿي، تڏهن ئي قسمت جاڳي پئي ٿي.)
چون ٿا قسمت جي ديوي آهستگي سان سڀني جي دروازن کي ٺڪ ٺڪ ڪندي رهندي آهي، سڻي رڳو اهي سگھندا آهن، جن جي تياري مڪمل هوندي آهي.

1/01/2013

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو ٻيو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو ٻيو)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ان ڪري زمان حال لاءِ گهڻي ۽ وڌيڪ ۽ زمان مستقبل لاءِ هڪ حد تائين وڌيڪ ڳالهه ٻول ٿيندي رهي ٿي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو ته ان ڪري انهن زمانن ۾ ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ئي نسبتاً وڌيڪ تبديليون آڻڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿي، جڏهن ته زمان ماضي ۾ جيڪا به ڳالهه ٻول ٿئي ٿي، اها نسبتاً طي ٿيل انداز جي هوندي آهي، تنهنڪري ان ۾ تبديلي نسبتاً گهٽ واقع ٿئي ٿي ۽ صورتون نسبتاً پائدار. ’فعل متعدي‘ اهو فعل آهي جنهن جو مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ فاعل سان گڏ مفعول جي ضرورت پوي. (واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد، 1986، ص-367).

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو پهريون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو پهريون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ سجاڳ‘، ماهوار، ڪراچي جي آگسٽ 1995ع واري پرچي ۾ علمي دنيا جي هڪ وڏي نالي گنگارام سمراٽ جن جو هڪ مضمون سنڌي ٻولي، 22 کان 26 صفحي تائين ۽ 66 صفحي تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) صاحب جن جي اپريل 1964ع ۾ لکيل هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. سمراٽ صاحب جن جو اهو مضمون، لڳ ڀڳ 25 ورهه اڳ لکيل، جيئن ته اڻلڀ ٿي چڪو هو تنهنڪري ”پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ لسانيات بابت اٿاريل ”نقطن“ تي بحث ڪرڻ لاءِ هيءُ مضمون“ ڇپيو ويو آهي.