10/10/2017

سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گھرج - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن
سنجيده رويي جي گھرج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ دشمن دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
وري جڏهن پاڻ کي ’سنڌ دوست‘ سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي راڄڌاني قائم ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا اهي ڪنهن حقيقي بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ آهي؟
مٿي ڏنل ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.
دهشتگرد پاسو
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ شهدادپور ۾ رهندڙ ”مهاجر بزرگن“ کي دعوت ڏئي ڄاڻايل شهرن جي مقرر هنڌن تي گڏ ڪيو ويو. هڪ خاص قسم جي وردي پهريل ماڻهن انهن جلسي گاهن ٻاهران بيهي پهرو پئي ڏنو. دهشتگردن جي پاڻهُرتو سردار لنڊن ۾ ويٺي، ٽيليفون تي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڄاڻايل شهرن ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ”مهاجر“ بزرگن کي جيڪي ”نوجوان“ وٺي آيا هئا، انهن کي هڪ مخصوص قسم جي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هئي. تقرير ڪندي دهشتگردن جي  سردار پنهنجي تقرير کي هڪ خاص ماتمي موڙ ڏئي اوچتو پڇيو: ”اب سنڌ ۾ ڪيسي هوگا گذارا؟“ موٽ ۾ اڳواٽ پڙهايل نوجوانن چيو: ”آڌا تمهارا، آڌا همارا!“ انهن ”نوجوانن“ کي اڳواٽ پڙهائي تيار ڪيو ويو هو، تڏهن ئي ته اهي ”مهاجر“ بزرگن کي طَي ٿيل جاءِ ۽ شهر ۾ وٺي آيا هئا ۽ مخصوص جملي جو مخصوص جواب ڏنائون.

3/30/2017

نامور شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو - شاهجھان ٻرڙو (Shahjahan Buriro)

شاهجھان ٻرڙو

سنڌي عوام جو هڏ ڏوکي، مدلل، باڪردار ۽
نامور شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


آءٌ سال 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنبر ۾ اٺين درجي جو شاگرد هيس. ان وقت قنبر کان، اسان جي ڳوٺ ڀڏا کان ٿيندي مختلف ڳوٺن جي روٽَ، جھڙوڪ ٻير شريف، هني، ٺوڙهي سهراب، ٺوڙهي بجار تائين ڊاٽسنون ۽ ”عدنان“ نالي ٻه بسون هلنديون هيون. روز قنبر اچڻ وڃڻ بسن ۽ ڊاٽسنن وارا اسان شاگردن کي گاڏيءَ جي ڇت تي ويهاريندا هئا. اسان ايندي ويندي، پپل چوڪ وٽ ڊاڪٽر هولا رام جي گھر کان ڪجھه اڳڀرو لطيف ڪلينڪ تي محترم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي ڏسندا هئاسين. ڪلينڪ جي بورڊ تي ”ڊاڪٽر ڪيپٽن (ر) محبت ٻرڙو“ لکيل هوندو هو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پاڪ فوج ۾ ٽريننگ ڪيل ڪيپٽن ڊاڪٽر رهي چڪو هو. ڪلينڪ تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر شهر ۽ مختلف ڳوٺن جھڙوڪ ڀڏن، ٻير، ڏيرن، ٽپال، باگو جوڻيجي، گھٽهڙ ۽ ٻين ڳوٺن کان آيل غريب مسڪينن کان سواءِ عام ماڻهن کي سٺي نموني چڪاسي علاج لکي ڏيندو هو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو - رضوان گل (Rizwan Gul)

رضوان گل

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
[محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات]


ڪنھن به انسان تي نالي جو مٿس ڪيترو اثر رهي ٿو، انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن مختلف، اديبن، شاعرن، عالمن، مفڪرن، فلسفين ۽ دانشورن جي نالن کي سامهون رکي ٿورو غور ڪبو، ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست نظر ايندي، ته نالي جو انسان جي شخصيت مٿان اڪثر گھرو اثر رهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي جڏهن مون سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، صحافي، سماج سڌارڪ، ٻوليءَ جي ماهر، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت جو جائزو ورتو، ته هو مون کي بلڪل پنھنجي نالي جيان ماڻهن سان محبت ڪندڙ ڪردار نظر آيو، جنھن پنھنجي مختصر ڄمار ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ۽ تاريخي نوعيت جو ڪم ڪيو.

3/23/2017

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ جاکوڙي ڪردار - خادم رند (Khadim Rind)

خادم رند
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ جاکوڙي ڪردار

اها حقيقت آهي ته ڪو به ماڻهو دنيا ۾ هميشه لاءِ نه ٿو رهي ۽ هڪ ڏينھن سندس مھمانيءَ وارو اهو عرصو ضرور پڄاڻيءَ تي پھچي ٿو. فرق ايترو ٿئي ٿو ته ڪي ماڻهو ڪجهه وڌيڪ يا گهٽ ڏينھن هن ڌرتيءَ تي پساهه کڻن ٿا.
دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي گهڻائي پنهنجي ڄمار عام رواجي ڪمن ڪارين ۾ ئي گذاري ڇڏي ٿي، پر تمام ٿورا ماڻهو انھيءَ رسمي وهنوار کان بنھه مختلف زندگي گذارڻ پسند ڪندا آهن، جيڪا ڏاڍي ڏکي ۽ اڻانگي هوندي آهي. اهڙي زندگي گذاريندڙن کي غير رواجي انسان به چوندا آهيون.
قنبر شھر ۾ 1952ع ۾ اک کوليندڙ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هڪ غير رواجي ماڻهو هو. هن وڏي غور و فڪر کان پوءِ پنھنجي زندگيءَ جو هڪ مقصد يا ڪارج متعين ڪيو ته وڌ کان وڌ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪري ان کي پنھنجي قوم ۽ سموري انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ سک لاءِ ڪتب آڻجي.

3/21/2017

محنتي، اڻ ورڇ ۽ جفاڪش انسان - ڊاڪٽر ايوب جروار (Dr Ayoub Jarwar)

ڊاڪٽر ايوب جروار
محنتي، اڻ ورڇ ۽ جفاڪش انسان


اوچي کڙائين قد، سنھڙي چيلهه، ويڪري ڇاتي ۽ وڏن گهنگهرو وارن وارو ڪو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ به خوبصورت هجي ۽ ڄامشوري جي رستن تي نوجوان شاگرد ڇوڪرن جي ٽولين سان گڏ ڪڏهن پاڻ کلندو ۽ ڪڏهن دوستن کي کلائيندو، ڊگها ڊگها ليڪچر ڏيندو نظر اچي، اهو محبت کان سواءِ ڪو ٻيو ڪيئن ٿي سگهيو ٿي!
اها 1979ع کان 1985ع جي دَور جي ساروڻي آهي.

پِڙَ تان پاهڻ نه چُري - ولي عباسي (Wali Abbasi)

ولي عباسي
پِڙَ تان پاهڻ نه چُري


قداور، ڳورو کٽو، ڪَسرتي بدن، نڪ نقشن سراپا حُسن، مردانه وجاهت جو مثالي نمونو، نھٺو نماڻو، مُرڪندڙ ٻھڪندڙ چھرو، هٿ جو سخي، علم ۽ ڪتابن جو عاشق، اڻ ٿَڪ ۽ اڻموٽ. اهو مڻيادار ماڻهو هو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو. توڻي جو سندس فاتحه لاءِ ڊاڪٽر ايوب جروار ۽ ڊاڪٽر جاويد مريءَ سان گڏ سندس تڏي تي قنبر پھتاسون، پر دل اڃا به نه ٿي مڃي، ته ڪو محبت هن دنيا کان موڪلائي ويو آهي. سندس عُمر به موڪلائڻ جي ڪا نه هئي. سندس وڇوڙي جا وَڍَ اڃا به تازا آهن.