3/12/2014

”مددگار“ جٿو ــــــ سي.آءِ.اَي - حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



حسن مجتبى ۽ او.ٽِي. صديقي/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

”مددگار“ جٿو ــــــ سي.آءِ.اَي

سي آءِ اي ــــــ ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (ڏوهه جاچ اَيجنسي ــــــ ڏ.ج) پنجاهي ڏهاڪي جي ابتدائي ورهين ۾ انهن منجهل ڪيسن کي جاچ هيٺ آڻڻ جي نيت سان ٺاهي وئي، جن کي پوليس حل نه ڪري سگهي هجي. ان جو مهندار هڪ پوليس سپريڊنٽ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سندس مدد لاءِ ٻيا اهي ماڻهو رکيا ويا جن کي پوليس نوڪري ڪندي ڏوهن جي جاچ ڪرڻ جو چڱو تجربو هو.

3/11/2014

اوپرا همبستر - مزدڪ/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



مزدڪ/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اوپرا همبستر

گذريل ڪجهه هفتن کان هر ٻيو ڏينهن اسان لاءِ خوش خبرون کنيو پيو اچي ته اڃا به هڪ ٻيو م.ق.م (مهاجر قومي موومينٽ) جو اڳواڻ مٿي (ٻاهر) نڪري آيو، بلڪل ايئن ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ هيٺ ڪنهن هيجان جي ڪري ڇيڪ ڇڏيل سينور جا چاڻا اٻڙڪا ڏئي مٿاڇري تي ايندا هجن.
۽ تازو ئي سينيٽر اشتياق اظهر پاران اسان کي سُڌ ڏني وئي آهي ته الطاف حسين م.ق.م جو ڌرمي پيءُ، هتان ترت ئي پنهنجيءَ پاڻ-مڙهي رٽائرمينٽ ڇڏي (ميدان تي) نڪري اچي ۽ جلد ئي وري پنهنجيءَ سياسي سرگرميءَ ۾ رُجهي وڃي. اهو ڄاڻندي ته م.ق.م وٽ سرگرم سياست جو مطلب ڇا آهي، جيڪي ماڻهو شهري سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻا ڏيکارجندڙ نظاري کان ٺيڪ نموني موهيل  ناهن.

سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ - پروفيسر ڊاڪٽر صاحب خان چنو/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



پروفيسر ڊاڪٽر صاحب خان چنو/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ پنجاب کي گم ڪرڻ
(بالادست سامراج جو هڪ صديءَ تي پکڙيل داستان)

هيءُ مضمون پڙهڻ کان پوءِ
سمجھ ۾ اچي ٿو ته: بنگال کي بيدرديءَ سان ڦرڻ، مارڻ ۽ اڌ ڪُٺو ۽ تباهه ٿيل حالت ۾ ڦٽي ڪرڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو ــــــ ”عظيم پنجاب“ منصوبي جي ور چڙهي ويل مفت جو مال!
سوال ٿو اٿي ته: ”عظيم پنجاب“ جي هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ۽ هٿ ونڊائيندڙ سنڌي سياستدانن کي اٻوجھ سڏجي، احمق سڏجي يا پنجاب ۽ انگريز جو باشعور ڇاڙتو؟
سوچڻ گھرجي ته: ڪشمير لاءِ ”ويڙهه“ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
۽ جيڪڏهن ڪي... هي مضمون پڙهڻ کان پوءِ به عظيم پنجاب جي خدمت گذاري ڪندا رهن، ته انهن کي ڇا سڏجي؟
-        سنڌيڪار
1843ع ۾ سنڌ کي جيتيو ۽ برطانوي انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو. سنڌونديءَ تي قبضو ڪري علائقي ۾ روسي اثر خلاف هڪ بچاءُ بند قائم ڪرڻ ۽ موٽ ڏئي سگھڻ لاءِ سامراج جو برج (Bastion) ٺاهڻ ئي برطانوي پاليسي جي عمل جو ڪارڻ هو. ترت ئي، پنجاب، جيڪو افغانستان منجھان روسي دڙڪي دهمان خلاف ڏينهون ڏينهن بهتر پرزو پئي ڏٺو، نيٺ جيتيو ويو ۽ 1849ع ۾ انڊين سلطنت سان ڳنڍيو ويو.

3/10/2014

ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro(



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڪٽرپڻو ــــــ هڪ قوم خلاف
(اقبال جعفر جي مضمون ”پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ جي ڇنڊڇاڻ)

اقبال جعفر صاحب جو هڪ مضمون پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون“ (Roots of Ethnicity in Pakistan) ترجمو ٿي  ڪالهوڪي اخبار (”جاڳو“) ۾ ڇپيو آهي. مون سنڌ سان واسطيدار جيڪي ويهارو کن مضمون هن سال ترجمو ڪيا آهن، انهن لاءِ ٻين سجاڳ ساٿين جيان منهنجي به اها ئي نيت پئي رهي آهي ته جيڪي ماڻهو انگريزيءَ ۾ نه ٿا پڙهي سگهن ۽ انگريزيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت ۾ نيڪ نيتيءَ سان جيڪو ڪجهه لکجي پيو، ان کان واقف ٿي سگهن. ڪيترن ئي مضمونن جي سڄي مواد يا ڪجهه ڳالهين سان مڪمل طرح يا ڪجهه قدر اختلاف يا اتفاق رکڻ باوجود مون پنهنجي وس آهر انهن مضمونن جو ترجمو پوري ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. اها ئي ڳالهه پاڪستان ۾ نسلائپ جون پاڙون سان به لاڳو آهي، پر هن مضمون ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيءَ ته سمجهداريءَ سان آنديون ۽ بيان ڪيون ويون آهن جو انهن کي جيستائين هر طرفي ڇنڊڇاڻ هيٺ نه ٿو آندو وڃي، تيستائين سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري هن مضمون ۾ آءٌ اهي ڳالهيون ساٿين آڏو رکان ٿو جيڪي مون کي ويچار لائق محسوس ٿيون. (اها به سڌ اٿم ته هن قسم جي مضمونن جي جواب ۾ ۽ وطن دوست عوامي موقف جي حمايت ۾ ڪي دانشور جيڪڏهن سڌو انگريزيءَ ۾ لکي سگهن ٿا، ته ضرور لکن ۽ اهو ڪم پنهنجن پهرين فرضن ۾ شامل رکن.)

سنڌ ۾ للڪار - سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ للڪار

پاڪستان اڄ ڪلهه هڪ انتهائي نازڪ دَور مان لنگھي رهيو آهي. سنڌ هڪ آڙاهه ۾ اچي وئي آهي. وڏي پيماني تي بنا روڪ لاقانونيت جي ڇهن سالن کان پوءِ حڪومت قانون ۽ حڪم (امن ۽ امان) قائم ڪرڻ لاءِ فوج کي سڏ ڪرڻ تي لاچار ٿي پئي آهي.
گذريل هڪ سال ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ڀُنگ لاءِ اغوا جا ٽن هزارن کان وڌيڪ واقعا ٿي چڪا آهن. ڪيترائي سَوَ ماڻهو قتل يا دائمي جڏا ڪيا ويا آهن. ماڻهن جي ڪوس لاءِ نجي فوجون ٺاهي انهن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. انتظاميا ارڌانگي (نستي) ٿي چڪي هئي ۽ اها گھڻي قدر رڳو طاقتور ناجائز مفادن جي هڪ اوزار طور ڪم اچي رهي هئي. قومي نُڪتي نگاهه کان اها هڪ ڏاڍي ڳنڀير صورتحال هئي ۽ ترت ڌيان لهڻي پئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اميد رکي پئي وڃي ته اهي پنهنجن تڪڙن سياسي مفادن کان مٿانهيون ٿينديون ۽ هن للڪار کي حقيقي قومي روح سان منهن ڏينديون.

3/07/2014

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي - سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سليم احمد خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اهنجي ڌرتي سُورِهَه ساري ٿي

ڪراچي ــــــ روشنين جو شهر“ ــــــ باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سدائين نرالي سياسي واٽ تي هلندو رهيو آهي. ملڪي گادي هجڻ جي مرتبي کان محروم ٿي وڃڻ جي باوجود ان پنهنجو رتبو واپاري ۽ صعنتي مرڪز جي حيثيت ۾ برقرار رکيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي ڳڻپ ۾ هتي پهچن ٿا، جيئن اهي روزگار هٿ ڪري سگهن، جن لاءِ سنڌي مناسب لياقت رکندڙ نه هئا. ڀارت ڇڏيندڙ لاڏائن جو هڪ وڏو انگ، جن کي عام طرح مهاجر ڄاتو وڃي ٿو، اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ وسي چڪا هئا. نتيجي ۾، سنڌين پنهنجو پاڻ کي خود پنهنجي ئي صوبي جي مَها شهر ۾ اقليت ۾ بدليل پاتو. جڏهن اهي پنهنجي اڪثريت حيدرآباد ۽ سکر ۾ پڻ وڃائي ويٺا، تڏهن انتهائي قومپرستَ (الٽرا نيشنلسٽ) صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ اڇالڻ لائق ٿي سگهيا.

3/05/2014

رِڍن جي ماٺ - شفقت اي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)



رِڍن جي ماٺ
شفقت اي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪراچيءَ ۾ ويڙهه جا پڙلاءَ وري پيا ٻڌجن. لشڪري آپريشن بابت کُٽڪا خوشيءَ جي هشڪارن ۽ تاڙن ۾ بدلجي ويا آهن. سياستدانن ۽، ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته، عام لوڪ به پنهنجي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پر اها اميد رکندي ته آپريشن سندن حامين بدران گلاخورن کي کائي ويندو. پِي ڊِي اي (پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس = عوامي جمهوري اتحاد)، جيڪو سول (غير فوجي شهرين جي) سرواڻيءَ ۾ ڪجهه ايمان رکڻ جو آخري ڀنڊار آهي، پڻ هن آزمائش کي هلڻ ڏنو آهي.