6/23/2016

سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو
(ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ جو پيش لفظ)
جامي چانڊيو

ڪمزور، پس مانده ۽ سياسي طور غلام معاشرن جو هڪ امليو اهو به هوندو آهي ته اهي پنهنجن املهه ماڻڪ موتين جي وٿ ۽ ورثي کي هڪ دَور تائين گهربل سطح تي نه رڳو سمجھي نه سگهندا آهن پر نتيجي ۾ سندن گھربل قدر به نه ٿي سگهندو آهي. اهو الميو رڳو اسان جو نه آهي پر دنيا جي سمورين قومن سان اهڙين حالتن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي سدا ملوڪ سياسي، ادبي ۽ فڪري استاد ۽ ڏاهو ماڻهو هو، جنهن کي بنهه ٿورڙا ماڻهو سندس اصل حيثيت ۽ اهميت جي حوالي سان سڃاڻن ٿا. هن جي سڄي ڄمار پڙهندي، لکندي، عوام ۽ سياسي ڪارڪنن توڙي اديبن ۽ شاعرن کي ليڪچر ڏيندي، سنڌ ۽ سڄي سنسار لاءِ سوچيندي، لوچيندي ۽ علمي ۽ فڪري پورهيو ڪندي گذري.
جوڳيئڙا جَهان ۾، نوري ۽ نارِي،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري. (لطيف)

ڊاڪٽر محبت سان منهنجو سالن تائين بنهه ويجهو دوستيءَ جو ساٿ رهيو ۽ اسان هن ڏاهي ماڻهوءَ کان هر گهڙيءَ سکيو. مون هن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به غير سنجيده نه ڏٺو. علم سان هن کي جنون جي حد تائين انسيت ئي نه، پر عشق هو. هن جي هر ڪچهري هڪ سنجيده علمي ۽ فڪري رهاڻ کان گھٽ نه هوندي هئي. هو صحيح معنى ۾ هڪ ڏاهو ۽ ڪميٽيڊ استاد هو، جيڪو علم ڏئي، ورهائي، ورڇي روحاني سڪون محسوس ڪندو هو. ڊاڪٽر محبت جي علميت جو دائرو ڪيترن ئي شعبن تائين ڦهليل هو. فلسفو، سياست، ادب، ٻولي ۽ سائنس، سڀ سندس علم سان محبت جا ميدان هئا. مون هن جي سطح جا فلسفيانه ۽ سائنسي تخليقي ذهن جا ماڻهو سنڌ ۾ بنهه گھٽ ڏٺا آهن. خاص طور فلسفي ۽ سائنس جي امتزاج سبب هن ۾ عقليت پسنديءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جا رويا ئي نه پر سائنسي تجربن ڪرڻ جي بي پناهه تخليقي صلاحيت هئي. ڊاڪٽر محبت رڳو انساني جسم جو ئي نه پر سماج، شعور، سياست ۽ ٻوليءَ جو به ڊاڪٽر هو.
ڊاڪٽر محبت زندگيءَ ۾ جيترو ليڪچرن ذريعي ڳالهايو ۽ سمجھايو، ايترو پورهيو هن لکڻ جي ميدان تي به ڪيو. فلسفي، سياست ۽ ٻوليءَ تي اڪيچار ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ سان گڏوگڏ وقت بوقت سنڌ جي بنيادي سياسي موضوعن تي رسالن ۽ اخبارن ۾ سوين مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيا. مون کي بيحد خوشي آهي ته هن جا سنڌ جي سياست ۽ سنڌ کي درپيش خطرن مان هڪ نهايت اهم پاسي تي لکيل ڪجھ مضمون سهيڙي هن ڪتابي صورت ]سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام[ ۾ پڌرا ٿي رهيا آهن. محبت رڳو لکندو نه هو پر انقلابي استادن وانگر دشمن تي ”سنڌائتا“ وار ڪندو هو. ڊاڪٽر محبت جا ويجھي ماضيءَ ۾ ڪجھ ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ رهيل سمورا ڪتاب شايع ٿيڻ گھرجن پر ساڳئي وقت بيحد ضرورت آهي ته سندس اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل ۽ اشاعت کان رهجي ويل سياسي ۽ فڪري مضمون ۽ ڪالم پڻ موضوع وار ترتيب ڏئي شايع ڪيا وڃن. سنڌ جي موجوده حالتن ۾ ان جي اهميت تهائين وڌيڪ آهي. هن جي تجزياتي سياسي بصيرت جي هڪ جھلڪ هڪ خاص موضوع تي هن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون به آهن، جن کي بار بار ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻ گھرجي.
زندگيءَ هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو، پر هو صحيح معنى ۾ هڪ سياسي ۽ سماجي سائنسدان هو ۽ هن جا لکيل مضمون ۽ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سياسي ۽ فڪري ادب جو املهه ورثو آهن. هن ڪتاب جي اشاعت ان جي هڪ ننڍڙي حصي کي محفوظ ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ اسان سڀني جو علمي، فڪري ۽ قومي فرض آهي.

(2006ع)

No comments:

Post a Comment