جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد
(1500ع ــــــــــ 1843ع)
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ، گھڻي ڀاڱي هر ماڻهو عام طرح اهو بيان
ٻڌي پيو ته جيئن ته انگريزن مسلمانن کان انڊيا کَسي ۽ وري-کسجڻ جي ڀوَ ۾ ورتل هئا
ان ڪري هندن سان هٿ هٿ ۾ ملائي مسلمانن کي پوئتي رکيو ويو، هندو جيڪي هڪ هار ورهن
کان مسلمانن جي تابعداري/پناري ۾ رهيا هئا ۽ ان ڪري مسلمانن جا مخالف هئا. هي بيان
درست ناهي، سواءِ 1857ع کان 1885ع يا 1905ع جي وچ واري عرصي جي. انگريزن مسلمانن
کان انڊيا جو ٽين پتيءَ کان به ننڍو ٽڪرو کسيو باقي سڀ هندن ۽ سِکن کان کسيائون.
انگريزن بنگال، بِهار، اتر پرديش (يُو.پِي)، سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا مسلمان
حڪمرانن کان کسيا. ميسور به مسلمانن کان کسيو ويو جنهن تي انهن جي حڪمراني رڳو 25
ورهن کان هئي. سڄي ڏاکڻي انڊيا هندن کان کسي وئي. توڻي جو 1761ع ۾ احمد شاهه
ابدالي هٿان مرهٽن هار کاڌي هئي ته به وٽن ايترو ڪجھ اقتدار هو جو پنهنجو پَرواڌي
(توسيعي، Expansionist) لاڙو جاري رکي
سگھن تان جو انگريزن اچي انهن کي هاٺاهون ڪيو. انگريزن جيڪڏهن اتر پرديش ۽ بهار
صوبا مغلن کان نه کسيا هجن ها ته پڪ ئي اهو ڪم مرهٽا ڪري وٺن ها، اهي ايترا سگھارا
هئا جو مغل شهنشاهه کي پڪڙي لاهي سگھن ۽ وري ان کي تخت تي ويهاري سگھن. سِکن وٽ
سنڌ خلاف سِٽائون هيون پر اها برطانوي مداخلت هئي جو رنجيت سنگھ ڏکڻ پاسي (سنڌ
ڏانهن) نه وڌيو.
ان ڪري اهو چئي نه ٿو سگھجي ته انڊيا ۾ پنهنجي حڪمراني هلندي
برطانوي ماڻهو مسلمانن ڏانهن ساڙيلا هئا. مسلم اقتدا ان حد تائين هِيڻو ٿي چڪو هو
جو برطانوين جيڪڏهن انڊيا تي قبضو نه ڪيو هجي ها ته مرهٽا مغلن کي لاهي ڇڏن ها ۽
پوءِ انڊيا تي حڪمراني انهن جي هجي ها.
پوءِ سوال ٿو اٿي ته سنڌي مسلمان ڪيئن پٺتي پيل رهيا؟ ان صورتحال
کي جاچڻ لاءِ اچو ته 1843ع تائين سُري هلون. سنڌ تي سوڀ کان اڳ ۽ ترت پوءِ انگريزن
جون ڇپيل ڪيتريون ئي لکڻيون ٻڌائن ٿيون ته 1843ع ۾ پڻ سنڌ جا مسلمان هندن جي ڀيٽ ۾
پٺتي پيل هئا. انهن لکڻين ۾ ٻين سان گڏ وڌيڪ اهم لکڻيون اهي آهن جيڪي اليگزينڊر
برنيس (Alexander
Burnes)، جيمس برنيس، پاٽنگر ۽ برٽن لکيون ۽ بمبئي حڪومت جي ريڪارڊ مان
وِليَم نئپيئر جون چونڊون، جلد 17. انهن کي ذهن ۾ رکندي برطانوين تي تهمت آڻيندڙ
مٿين دعوى رد ٿي وڃي ٿي. پوءِ ڇا اسين انگريزن جي اڳيتن/آڳيلن (Predecessors) يعني مسلمانن
تي تهمت آڻي سگھون ٿا ته انهن سنڌين کي پٺتي پيل رکيو؟ 1783ع ۾، جڏهن ٽالپرن ڪلهوڙن کان واڳون ورتيون
يا خود 1701ع ۾ جڏهن ڪلهوڙن اتر-اولهه سنڌ کان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، اسان کي مسلمانَ
پوئتي پيل نظر اچن ٿا. ان جي جاءِ تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کي رڳو ٿوري ميار ڏئي سگھون
ٿا ته انهن پنهنجيءَ حڪمرانيءَ دوران مسلمانن کي پٺتي رهڻ ڏنو.
ان جي حقيقي ڪارڻن کي ڳولڻ لاءِ اچو ته ٻه صديون اڃا به
پوئتي يعني 1500ع ۾ هلون. ڇا ان مهل به سنڌي مسلمان پٺتي پيل هئا؟ پُورو پَڪو جواب
’نه‘ آهي. 1500ع ۾ سنڌي مسلمانن کي تعليمي ادارن جي سرواڻ، ليکڪَ، شاعر، بزرگ/وَلي
(Saint)، جوڌي/سورمي،
سرڪار جي انتظامي شعبن جي مهندار ۽ ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ واپار ڪندڙ وڻجاري جي حيثيت
۾ ڏسون ٿا. گڏيل نموني چئجي ته انهن کي معاشي طرح آسودو/سکيو ستابو ڏسون ٿا. لشڪري
طرح، اهي ايترا ته سگھارا هئا جو بولان لَڪ اُڪري ايندڙ شاهه بيگ جي منگول سپاهين
کي تڙي ڪڍن. تن ڏينهن کان وٺي انهن پنهنجي لشڪري سگھ لڳ ڀڳ 150 ورهن تائين برقرار
رکي. 1351ع ۾ دهلي جي شهنشاهه محمد تغلق کي فوجن وسيلي هارائي نه پيو سگھجي ته به
انهن جو پيڇو ڪري کين پنهنجي راڄداريءَ مان ڀڄائي ڪڍيو ويو. 14-ورهه پوءِ 1365ع ۾
هڪ ٻئي شهنشاهه فيروز شاهه تغلق ٺٽي ويجھو انهن هٿان هار کاڌي ۽ ان کان ڏيڍ سال
پوءِ سنڌي سپاهين جي سگھ کي منهن ڏيندڙ فيروز شاهه مجبور ٿي پيو ته سمجھوتو ڪرڻ
لاءِ اُچ جي مخدوم جَهانيان کي وٺي اچي. انهن ڏينهن کان وٺي سنڌي سپاهين ڪنهن به
جنگي محاذ تي ڪا به هار نه ڏٺي.
تاريخ ۾، ڪجھ کان سواءِ، اسين هڪ بادشاهه جي پوئيتن (Successors) کي ڏسون ٿا جن
هڪ ڊگھي عرصي تائين حڪمراني ڪئي، ايتري ئي برجستائي/لياقت سان جيتري سان سندن
اڳيتن ڪئي هئي. اهو هو ڄام نندو، سنڌ جو حڪمران جنهن مرڻ گھڙيءَ تائين 48-ورهه سنڌ
تي حڪمراني ڪئي. ڄام نندي کان پوءِ ڇا ٿيو؟ هن جا وارث مُورَک ۽ نالائق هئا. اهي
پاڻ ۾ وڙهي پيا، ڏيهه کي ڏٻرو ڪري ڇڏيائون جنهن منگول ڪاهه جا ڪارڻ پيدا ڪيا ۽ ان
جي ڪري نيٺ سما راڄوڪي (Sama Dynasty) ناسُ ٿي وئي. ٺٽو محرم جي پنڌرهين تاريخ شاهه بيگ جي ور چڙهي ويو
۽ وِيهين تاريخ تائين ڪوس هلندو رهيو ۽ ان سان گڏ اتي جي رهاڪن کي انتهائي
بيرحميءَ سان ايذايو ۽ ڪيترن کي ئي قيديو ويو. اهڙيءَ طرح اها چوڻي ته ”بادشاهه
جڏهن ڪنهن شهر ۾ فاتح جي حيثيت سان گھڙندا آهن ته ان کي تباهه ڪندا آهن“، ٺٽي جي
مثال سان پوريءَ طرح ثابت ٿئي ٿي.[1] معصومي
وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته شهر کي ڦُريو ويو، ماڻهن جي بي عزتي ڪئي وئي ۽ ٻارن کي باندي
بنايو ويو.[2] ڄام
فيروز ۽ شاهه حسن جي وچ ۾ آخري ويڙهه مهل 20 هزار ماڻهو جنگي ميدان/پِڙ ۾ ماريا
ويا. شاهه حسن جنگ جي ميدان ۾ 3 ڏينهن ترسي گھوڙا ۽ ڦُر جو مال ورهائيندو رهيو.[3] سنڌي
مسلمانن جي پسماندگيءَ جا تاريخي سبب اهڙيءَ طرح هن سال يعني 926 هجري (1520ع) ۾
شروع ٿيا. پنهنجن حڪمرانن جي هار سنڌي ماڻهن پاران نه مڃي وئي ۽ اهي ڪاهيندڙن خلاف
هٿيار سنڀالي اُٿي بيٺا.
تاريخ جو هڪ عجيب واقعو، جنهن جو ڪِٿي به ڪو مثال نه ٿو
ملي، اهو هيءَ ته ويندي سرواڻ بزرگ/ولي، صوفي ۽ لڳ ڀڳ سڀ سنڌ جا قبيلا ڪاهيندڙن
خلاف سندرو ٻڌي بيٺا. انهن کي بي رحميءَ سان چيڀاٽيو/چِٿيو ويو ۽ کين وحشي سزائون
ڏنيون ويون. شاهه بيگ خلاف رنڊڪ مهم هلائيندڙ هڪ صوفي بزرگ مخدوم بلاول ۽ هن جا
خليفا هئا. شاهه بيگ سيوهڻ کان ٺٽي پهچڻ تي دريا خان جي پٽ محمود جي اڳواڻي هيٺ
سوڍن ۽ سهتن کي پنهنجي خلاف ويڙهه لاءِ تيار ڏٺو. انهن کي مخدوم بلاول جي ٽيڪ هئي.
اهي دليريءَ سان وڙهيا ۽ پنهنجون حياتيون گھوري ڇڏيون. انهن ۾ رمل سوڍي جي اڳواڻي
هيٺ وڙهندڙ سوڍا هئا. مخدوم بلاول کي نيٺ قيديو ۽ پوءِ کيس گھاڻي ۾ پيڙايو ويو. هن
جي مريدن، باغبان جي هارين پڻ شاهه بيگ ارغون جي مخالفت ڪئي، انهن جو گڏيل ڪوس ڪيو
ويو، سندن ملڪيت ضبط ڪئي وئي ۽ انهن جا گھر ۽ قلعا ملياميٽ ڪيا ويا.[4] سنڌي صوفي،
بزرگ ۽ عالم پهريان جي شڪار ڪيا ٿيا. انهن گڏجي لَــڏڻ شروع ڪيو ۽ انڊيا جي مختلف
هنڌن يا مورڳو اپکنڊ کان به ٻاهر محفوظ هنڌن ڏانهن لَــڏي ويا. مقامي سردارن جي
اڳواڻي هيٺ سنڌي قبيلن رنڊڪ جاري رکي پر هڪ هڪ ڪري چٿيا يا گڏيل طرح بي رحميءَ سان
ڪُٺا ويا. اهي قبيلا جيڪي شاهه بيگ ارغون ۽ هن جي پٽ شاهه حسن خلاف اٿيا ۽ وڙهيا
انهن جو ذڪر مظهر شاهجهاني ۽ تاريخ معصومي ۾ موجود آهي. اهي هي هئا:
1. لاڙڪاڻي
وارا ڌاريجا شاهه بيگ ارغون هٿان چيڀاٽيا ويا.[5]
2. جتوئي
پرڳڻي (هاڻوڪو جيڪب آباد ضلعو ۽ سکر سب-ڊويزن) ۾ رهندڙ جتوئي، بليدي ۽ ڪورائي
ٻروچن کي شاهه بيگ ارغون 927هه ۾ 42 ڀروسي جوڳا ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيو. اهي 42
ماڻهو مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ترسيا ۽ اڳواٽ رٿيل وقت تي دولاب سان سمورن لائق ٻروچ
اڳواڻن کي انهن ماري ڇڏيو.[6]
3. اهو
سڀ ڪجھ ڀوڳڻ باوجود اپر سنڌ (سِري) جي ٻروچ قبيلن شاهه حسن جي سڄيءَ راڄپ دوران
ويڙهه جاري رکي. نتيجي ۾ مير شاهه محمد ارغون انهن جي انقلاب ۽ آزاديءَ جي ڊپ ۾
ڀرجي 1552ع ۾ ٻروچن ۽ بڙدين کي دٻائڻ (Pressuring) شروع ڪيو.[7]
4. لاڙڪاڻي
جا ڌاريجا، جيڪي شاهه بيگ ارغون هٿان چيڀاٽيا ويا هئا، ترت ئي وري اُٿيا، سلطان محمود جي مُک گھر (Headquarter) جو گھيرو
ڪيائون ۽ ڇهن مهينن جي ويڙهه کان پوءِ بي هٿيار ڪيا ويا ۽ کين بکر قلعي جي مناري
تان اڇلائي ماريو ويو. ان مناري کي هن واقعي کان پوءِ ”برجِ خون“[8] جو
نالو ڏنو ويو. معصومي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ڌاريجن جي اڳواڻن شاهه حسن جي آڻ مڃي پر
انهن 47 ئي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.[9]
5. مڱيجا،
هڪ ٻيو قبيلو، پڻ شاهه حسن ارغون خلاف سندرو ٻڌي بيٺو، گنبٽ ۽ ڀُوچَر قلعن جو
گھيرو ڪيائون ۽ اتي موجود شاهه حسن ارغون جي نائب مير عادل جي سڀني سپاهين کي ماري
ڇڏيائون.[10]
6. ٻيا
قبيلا جن ويڙهه جاري رکي اهي بکر سرڪار ۾ ٽَڪر پرڳڻي يعني شهدادڪوٽ ۽ ڳڙهي خيري جي
جبلن ۾ رهندڙ سميجا، ٻگھيا ۽ لاکيار هئا.[11]
نصرپور سرڪار جا سميجا دَل،[12] هالا
جي الهندن جابلو علائقن يعني ڪوٽڙي تعلقي جي ٽڪرين ۾ رهندڙ شورا دَل ۽ ٻروچ[13] ۽
چانڊڪا پرڳڻي يعني قنبر سب-ڊويزن ۾ رهندڙ ٻگھيا، سانگي ۽ ابڙا ۽ سمورا سميجا پڻ ان
جنگ ۾ شامل هئا.[14]
7. شاهه
بيگ ارغون بکر قلعي ۾ رهندڙ سمورن سميجن ۽ ترڪن جا گھر ڀَڃائي ساڙائي ڇڏيا ته جيئن
انهن گھرن جي سڙيل سِرن مان نئون قلعو جوڙائي سگھجي.[15]
8. ڊسمبر
1523ع ۾ ساهه بيگ ارغون بکر کان سِوِستان (سيوهڻ) روانو ٿيو. راهه ويندي سنڌونديءَ
جي ٻنهي ڪنارن جي رهاڪن کي سزائون ڏيندو ويو. هُو 15 ڏينهن سيوهڻ ۾ ترسيو ۽ هن
علائقي جي قبيلن کان پاڻ کي ”مطمئن“ سمجھندي ٺٽي ڏانهن وڌيو.[16]
9. نومبر
1524ع يا 929هه ۾ اُٻاوڙي ۽ ڀُٽا واهڻ (رحيم يار خان جي اتر ۾ 10 ميل) جا ڏهر ۽
ماڇي ۽ ٻروچ به ارغونن جي خلاف اٿي پيا ۽ ماٿيلي پرڳڻي جي ڳوٺاڻن کي هيسائڻ شروع
ڪيو. انهن کي چيڀاٽيو ۽ انهن مان گھڻن کي تلوار حوالي ڪيو ويو.[17]
10. 927هه ۾ شاهه بيگ باغبان جي ماڇين جو گڏيل ڪوس ڪيو ڇو ته انهن آڻ
مڃڻو ڏَنُ نه پئي ڏنو.[18]
حقيقي سبب اهو هو ته اهي مخدوم بلاول جا پوئلڳ هئا جيڪو جيئن اڳ بيان ڪيل آهي ته
اهو پهريون ماڻهو هو جنهن شاهه بيگ ارغون خلاف رنڊڪ ويڙهه کي منظم ڪيو.
11.
929هه ۾ سِرائي ٻروچ ۽ مَهر اُٿي کَڙا ٿيا ۽
ڀَــٽي واهڻ ويجھو بابا احمد خلاف وڙهيا ۽ نيٺ ان کي ماريائون.
12.
921هه ۾ شاهه بيگ ارغون هڪ هزار گھوڙسوار
سپاهي موڪليا جن باغبان ۽ گھاها (Ghaha/Kahan) کي ساري ناس ڪيو. ڦرلٽ ۾ هارين جا هڪ هزار اُٺ هٿ ڪيا ويا جيڪي
نارن وسيلي پاڻي ڇڪيندا هئا.
شاهه حسن ارغون پاران ايندڙ ٻن ڏهاڪن لاءِ جٺ جاري رهي، تان
جو 17-مئي 1540ع تي شير شاهه هٿان هار کائي سنڌ ۾ اچي لِڪو. همايون (Humayun) متان سنڌ کي
سائو ستابو ڏسِي، اها قبضي ۾ ڪري، انهيءَ ڀَــوَ کان شاهه حسن ارغون فصلن کي
ساڙيندي، ڳوٺن ۽ شهرن کي تباهيندي ۽ اچ وڃ (ڳنڍپ، ڪميونيڪيشن) جي سمورن ممڪن رستن
کي خراب ڪندي سڄي ڏيهه کي ويران ڪري ڇڏيو، جيئن همايون هتي پير ڄمائڻ جو جتن ئي نه
ڪري. شاهه حسن ارغون سنڌ کي ناس ڪرڻ جو سرشتو جوڙيو، جيڪو هن طرح هو:
1. رڳو
اهو ٻڌيته همايون هار کاڌي آهي (17-مئي 1540ع) ۽ ان ڊپ ۾ وٺجِي ته متان هُو سنڌ
ڏانهن اچي، اُچ کان بکر تائين سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪَپرن تي سڄي ڏيهه کي سُڃو ڪيو
ويو ۽ هن جي هار جي پڪي خبر پوڻ کان پوءِ بکر کان سيوهڻ تائين سُڃ ڪئي وئي،[19] جنهن
جو مطلب اهو ٿيو ته ربيع جو فصل تباهه ڪيو ويو ۽ خريف پوکڻ جي موڪل نه ڏني وئي.
2.
947هه (1541ع) ۾ همايوني سپاهين جي سنڌ مان
گذرڻ مهل آسماني آفتون، جيئن مختلف بيماريون، اچي سنڌ تي ڪڙڪيون. ساڳي سال (يعني
نومبر 1541ع کان فيبروري 1542ع) واري سياري ۾ لابن ۽ فصلن کي ڳري نقصان سبب، جيئن
اڳ ٻڌايو ويو آهي، اُچ کان سيوهڻ تائين، انتهائي خطرناڪ ڏڪار اچي منهن ڪڍيو.[20] ڏڪار
ايڏو ته بدترين هو جو ان جهڙو اڳ شايد ئي ٿيو هجي، ايتري قدر جو ماڻهو ماڻهوءَ جو
ماس کائڻ لڳو. ايئن به ٿيو جو ڪچو چَم/کل ۽ پراڻو ڇَوڙو اُٻاري کاڌو ويو.[21]
3.
28-رمضان 947هه (27-جنوري 1541ع) تي شهنشاهه
(همايون) جا تنبو/خيما روهڙي موڪليا ويا ۽ شهنشاهه ٻٻرلوءِ ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. بکر جي
حاڪم/گورنر سلطان محمودَ شاهه حسن جي آکي/ٽيڪي تي بيٺل ربيع جي فصل کي ساڙائي بکر
چوڌاري زمين کي ويران ڪري ڇڏيو.[22]
4.
17-رجب 948هه (6-نمبر 1541ع) تي همايون سيوهڻ
قلعي ٻاهران ڊاٻو ڪيوپر سندس پهچڻ کان اڳ شاهه حسن جي ڪمانڊرن ان قلعي جي چَوڦير
باغن ۽ جاين کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. اهو گھيرو ست مهينا رهيو جنهن سڀني ڌرين جي
بدقسمتيءَ/نڀاڳ ۾ واڌارو ئي ڪيو.[23]
5.
همايون جا سپاهي، ڳڻپ ۾ 2-لک،
لنگھڻ/بک ڪاٽڻ لڳا جنهنڪري شاهي لشڪر سڄي سنڌ ۾ ٽِڙِي پکڙي ويو.[24] ظاهر
آهي ته ان جي نيت ڦرلٽ ۽ قتل مار هئي. عجيب ڳالهه اها ٿي ته ماٿيلي ۾ رهندڙ ڌاريجا
۽ سهتا قبيلا، جيڪي ارغونن آڏو پيش نه پيا هئا، تن رضا خوشيءَ سان همايون آڏو پيش
پوڻ قبوليو، جڏهن هُو بکر ايراضيءَ منجھ هو.[25]
ان مامري پورا 2-ورهه ورتا، تان جو همايون فيصلو ڪيو ته پاڻ
وڃي فارس (پرشيا) ۾ پناهه وٺي. شاهه حسن کي ايندڙ 12-ورهه ٻيا به آرام نه هو، جو
کيس سنڌين پاران منظم جھيڙي جو اونو رهندو پئي آيو. 1554ع ۾ سندس مرڻي کان پوءِ به
سلطان محمود ۽ مرزا عيسى ترخان جي وچ ۾ ڇِتي جھيڙي سبب تنتي جنگ (war of nerves) جاري رهي.
مرزا عيسى ترخان سلطان محمود خلاف پورچوگيزن کي سڏ ڏنو. پورچوگيزن 1555ع ۾ ٺٽي ۾
پهچندي ۽ ٻنهي مخالفن جي ٺٽي ۾ موجود لشڪرن وچ ۾ سمجھوتي جو ٻڌندي شهر ۾ ڦرلٽ
مچائي ڏني، ان کي باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو ۽ ان کي سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سونَ جي
ڦر جو مثال بنائي ڇڏيو. ڦُريل سونَ جي قيمت 2-ڪروڙ رپيا ڪَٿي وئي. ٺٽي جي تباهي جو
ٻڌي مرزا عيسى ترخان، جيڪو ان مهل بکر ۾ هو، ڪوشش ڪئي ته سلطان محمود سان دشمني
ماٺي ٿئي ۽ تڪڙو ئي ٺٽي روانو ٿي ويو. سلطان محمود سيوهڻ تائين هن جو پيڇو ڪيو ۽
سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪَپرن تي بيٺل ربيع جي فصل جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو. تاريخ
طاهري ٺٽي جي ڦرمار جا تفصيل ڏي ٿي پر ان بيان جو انڪار ٿي ڪري ته پورچوگيز مرزا
عيسى پاران دعوت ملڻ جي ڪري آيا هئا.[26]
بيگلارنامه جي چوڻ موجب، پورچوگيزن 8-هزار شهر واسي قتل ڪيا ۽ ٺٽي کان سمنڊ تائين
سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦر ڪئي ۽ ان کي تباهه ڪيو.
35-ورهن کان به گھٽ عرصي ۾ هي ٻيو ڀيرو هو جو ٺٽي جا سنڌي
مسلمان ڦُريا ۽ ڪُٺا ويا. پهرين ڀيري ارغونن هٿان، جڏهن 4-ڏينهن ڪوس هلندو رهيو.
ٺٽي جي ڦرمار کان ترت پوءِ اپر سنڌ کي هڪ ڀيرو وري ويران ڪيو ويو. 966هه
(1558-1559ع) ۾، بيرم خان شهنشاهه اڪبر وٽان رٽاير ٿيڻ کان پوءِ مَڪي وڃڻ لاءِ اسهيو.
بکر جي سلطان محمود هن جي اها نيت ٻڌي ته هو به همايون جيان سنڌ ۾ ترسندو، حڪم ڏنو
ته ٻٻرلوءِ واري چَهر باغ کي ڀينگ ڪيو وڃي.[27]
ماڻهن کي شڪار بنائڻ وارو سڀ کان ڪِنو عرصو مرزا باقي جي
راڄوڻي هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي سُک سمهندو ٻُڌي، پوءِ اهو سندس مِٽُ هجي يا ڌاريو؛
سرڪاري ملازم هجي يا عوامي ڀاتي؛ هُو ان جو سمورو مال متاع ڦري/کسي وٺندو هو. هن
پنهنجيءَ حڪمرانيءَ دوران غريب ڳوٺاڻن جو سمورو فصل کسي ورتو پئي. گھڻن سنڌي عالمن
جي ڪڇ، گجرات، برهانپور ۽ حجاز (عرب) ڏسنهن لڏپلاڻ ۽ اڳواڻ وڻجارڪ برادري يعني
ميمڻن جي سنڌ مان ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ڏانهن لڏپلاڻ ٻڌائي ٿي ته اها ماراماري
صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهي. انهن لَڏي ويلن جا پويان/پويَر (Descendents) لڳ ڀڳ چئن
صدين کان پوءِ سنڌ ڏانهن موٽيا.
سنڌ جا ڪجھ قبيلا جيئن جاڙيجا (Jadejas)، جورا سما، کتري، سنگھار، لهاڻا ۽ ميمڻ وڃي
ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ رهيا. جاڙيجا پرمار ڪڇ ۾ رهندڙ سنڌ جي سما راجپوت حڪمرانن
جا پويَر آهن. کتري، ڪوري/ڪپڙو تڃيندڙ هئا جيڪي 16 ۽ 17 صدي ۾ سنڌ کان سُورت لڏي
ويا. سورت انهن لاءِ مناسب/جوڳو ثابت ٿيو، ڇو ته اتي يورپ لاءِ ڪپڙي جي گُهر گھڻي
هئي. ڪپڙي جي اها ئي گھر هئي جو 1635ع ۾ انگريزن ٺٽي ۾ ڪوٺي (Factory) قائم ڪئي.
هندو توڙي مسلمان سنگھار سنڌ جا آهن جن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪڇ جي نار ۾ وڃي آباد ٿيا.
لُهاڻا پڻ هندو اهن ته مسلمان به، مسلمانن کي ميمڻ به سڏيو وڃي ٿو.[28]
ميمڻن مان گھڻن ۽ ٻين قبيلن 1947ع کان پوءِ سنڌ ڏانهن موٽ کاڌي. عجيب ڳالهه آهي ته
اهي اڃا تائين ڪڇي يا ميمڻڪي ڳالهائن ٿا جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو ئي هڪ محاورو (Dialect) آهي.
ترخان سردارن جي وچ ۾ دشمني سبب ايندڙ 35-ورهن دوران سنڌ ۾
امن نه ٿي سگھيو ۽ لوڙيندڙ اوس سنڌي/مَــقامي ماڻهو هئا.
سڄي ترخان دَور ۾ قبيلن ويڙهه جاري رکي. اڌ رات جو سميجا
انڙن مرزا باقي ترخان جي ٻيڙيءَ ۽ سپاهين تي راتاهو هنيو. مرزا هڪ ڊونڊيءَ ۾ ڀڄي
جان بچائي، پر ڀل وچان هن جي زال، ناهيد بيگم جي ڌي رائجه بيگم کي مرزا باقي سمجھي
ماريو ويو.[29]
معصومي لکي ٿو ته اهي هيٺين سنڌ (لاڙ) تي حڪمراني جي دعويدار جان بابا ترخان، جنهن
جُلهه/هلان جو بِلو ڪيو، پاران گڏ ڪيل سميجا ۽ عمر/امر ڪوٽ جا سوڍا قبيلا هئا.
ارغونن ۽ ترخانن خلاف سنڌي قبيلن جي جدوجهد بيگلارنامي ۾
بيان ڪيل آهي. خانِ زمان کي، جنهن مرزا شاهه حسن ارغون ۽ ترخان مرزاعن ـــــــــ
عيسى، جان بابا، باقي، جاني بيگ ۽ غازي بيگ ــــــــــ جي نوڪري ڪئي، پنهنجيءَ
جوانيءَ توڙي پوڙهائپ دوران سنڌ جي ويڙهاڪ قبيلن سان منهن ڏيڻو هو. مثال طور:
1. شاهه
حسن جي مرڻي کان پوءِ ارغونن ۽ مرزا عيسى جي وچ ۾ هلندڙ جھيڙي ۾ جاڙيجن ۽ راهمن ] Rahumas (Rahujas)[ جي هڪ حيثيت آهي.[30]
2. سنڌ
جي ڪجھ قبيلن جيئن سميجن، هڱورن، جوڻيجن ۽ انڙن مرزا باقي خلاف گهرو-ويڙهه ۾ مرزا
جان بابا جي مدد ڪئي.[31]
3. جڏهن
بکر جي سلطان محمود مرزا جان بابا جو پيڇو ڪيو تڏهن ريل (rail) وارن انڙن سلطان محمود سان ڏاڍيون جوٽون
کاڌيون.[32]
4. جان
بابا جي مرڻي کان پوءِ خانِ اعظم کي راهوپوٽن، هڱورن، ڏيپارجن ۽ سهتن سان وڙهڻو
پيو.[33]
6.
989هه (1581ع) ۾ مرزا باقي پاران خانِ زمان
کي مقرر ڪيو ويو، ته انڙن کي منهن ڏي.[35]
7. سميجا
انڙ ۽ جوڻيجا 1000هه (1591ع) گذرڻ کان پوءِ به اڃا ويڙهه جاري رکيو پئي آيا. انهن
پنهنجون ٻنيون ڇڏي ڏنيون، جو آيو تنهن کي رُنبي رکندا ۽ مسافرن کان ڦر ڪندا هئا.[36]
8.
970هه (1562ع) ۾ مريد بلوچ[37] هٿان
مرزا صالح مارجي ويو. مريد جي مائٽن کي مرزا صالح مارايو هو.[38]
9.
مرزا عيسى ۽ سندس پٽ جان بابا،
مرزا صالح ۽ جان بابا، ۽ مرزا باقي ۽ جان بابا جي وچ ۾ دشمنيون موجود هيون. انهن
اهڙو بکيڙو (Turmoil) پيدا ڪيو جنهن ۾ سنڌي قبيلن انتهائي ڦڙتي/چستي سان ڪم ڪيو ۽ هڪ
خلاف ٻي جي مدد ڪندا رهيا.[39]
شاهه حسن ارغون کي ڏاڍو علم دوست ماڻهو بيانيو وڃي ٿو جيڪو
شاعرن، عالمن، بزرگن/اڪابرن (Saints) کي پنهنجي ويجھو ۽ درٻار ۾ رکڻ پسند ڪندو هو. تاريخي سچائي اها
آهي ته سنڌي منتظم، عالم، اڪابر، شاعر يا وڻجارڪ شاهه حسن پاران مچايل ڦرمار جي
ڪري پيدا ٿيل حالتن سبب سنڌ کان لَڏڻ تي مجبور ڪياويا ۽ انهن جي جاءِ والارڻ لاءِ
ٻيا وچ ايشيا کان آيا جيڪي فاتح لاءِ مناسب هئا. سڄي ارغون ۽ ترخان حڪمراني دوران
مقامي عالمن جِي انڊيا جي ٻين هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ۽ ايران ۽ وچ ايشيا کان انهن جي
عيوض ۾ ايندڙن جو سلسلو 1591ع تائين جاري رهيو.
سيد محمد متيع اللھ برهانپوري جي ڪتاب ”برهانپور جا سنڌي
اولياءَ“ ۾ سنڌ جي ڪجھ بزرگن/اڪابرن/وليُن جي لڏپلاڻ جو ذڪر موجود آهي، جنهن مان
ڪجھ هيٺ ڏجي ٿو:
1. قاضي
عبداللھ بِن/پُٽ قاضي ابراهيم 937هه (1530-1531ع) ۾ گجرات ڏانهن لَڏي ويو.
(اخبارالاخيار ص 280 جي بنياد تي مقرر ڪيل)
2. شاهه
جهانگير هاشمي حجاز (عرب) ڏانهن روانو ٿيو پر دڳ ۾ ئي ڦورن هٿان مارجي ويو.
3. توڙي
جو قاضي قاضن شاهه حسن جي چاڪريءَ ۾ آيو پر حالتن کي ڏسندي مديني لاءِ اسهيو.
4. مولانا
شيخ عبداللھ پٽ مولانا سعاد سنڌي درٻيلي وارو 947هه (1540ع) ۾ گجرات ڏانهن روانو
ٿيو ۽ اتان پوءِ مديني ڏانهن اسهيو. هي اهو سال آهي جڏهن همايون جي اچڻ جي ڊپ ۾ شاهه
حسن اُچ کان سيوهڻ تائين سنڌو جي ٻنهي ڪنارن جي ايراضيءَ ۾ ڀينگ ڪرائي ڇڏي. (پڻ
ڏسو f.n. نمبر 3.) ان
ڳالهه جي تائيد فارحي جي ”ڪشف الحقائق“ ۾ به ملي ٿي.
5.
950هه (1543-1544ع) ۾ شيخ قاسم ۽ شيخ طاهر،
مسيح الاولياءَ جو پيءُ ۽ چاچو پاٽ کان گجرات، ان کان پوءِ بِرار ۽ نيٺ برهانپور
لڏي ويا. ايئن سنڌ ۾ همايون جي اچڻ ۽ هلڻ جي ڪري پيدا ٿيل ڏڪار ۽ مرضن جي ڪري ٿيو.
6.
962هه (1555ع) ۾ مرزا عيسى ترخان پاران سيوهڻ
جي گھيري مهل سيوهڻ جا ڪيترائي عالم ماڻهو بيمار ٿي پوڻ جي گجرات ۽ پوءِ ڏکڻ
هندستان لڏي ويا، جتي وڃي منعم خان جا ملازم ٿيا.
7.
ڪي ٻيا بزرگ مختلف ايراضين ڏانهن
لڏي ويا: شيخ طيب (مرڻو 991هه يا 1583ع)، شيخ ابراهيم ڪلهوڙو (مرڻو 956هه يا
1549ع)، شيخ ابراهيم پٽ عمر (987هه يا 1580ع ۾ لَڏيائين)، شيخ مبارڪ سنڌي (مرڻو
988هه يا 1580ع)، شيخ حڪيم عثمان بوبڪاني (982-983هه يا 1575ع لڏيائين)، شيخ موسى
بوبڪاني (947هه يا 1540ع لڏيائين)، شيخ ابراهيم قوي شَتاري سنڌي (991هه يا 1583ع)،
شيخ ابراهيم بکري (مرڻو 998هه يا 1590ع)، شيخ لاڏ جِيو سنڌي (مرڻو 1007هه يا
1598-1599ع)، شيخ اسحاق قلندر (947هه يا 1540-1541ع ۾ گجرات ڏانهن لڏيائين، پوءِ
بِرار ۽ نيٺ 958هه يا 1551ع ۾ برهانپور) ۽ شيخ صالح سنڌي (مرڻو 1008هه يا
1599-1600ع).
انهن جي لڏپلاڻ جا سال انهن بدترين واقعن وارن ورهن سان
ٺهڪي اچن ٿا جيڪي ارغون ۽ ترخان دَورن ۾ سنڌ اندر ٿيا.
1591ع ۾ اڪبر جو شاهي لشڪر بکر کان ٺٽي ڏانهن وڌيو ته جيئن
لاڙ کي فتح ڪري سگھي. حالتون پوءِ به نه سڌريون توڙي جو 1575-1591ع تائين بکر کي
پاڻ سان ڳنڍيو ويو. جڏهن سڄي هيٺين سنڌ (لاڙ) جيتي وئي، بيان ڪيل اهي ته، هيٺيان
واقعا ٿيا:
1. 1575ع
۾، اڪبر شهنشاهه پاران بکر جي حاڪمي (Governorship) مير عادل جي حوالي ڪئي وئي. هن ٻنين جي ڍل
جي شرح تمام گھڻي مقرر ڪئي جنهنڪري ڪَڪڙ (ضلعي دادو) جا مڱيچا اٿي پيا ۽ ڪيترن ئي
ڍل اڳاڙيندڙ آفيسرن ۽ ٻين ملازمن کي قتل ڪري ڇڏيائون. ان ڪري مڱيچا قبيلي کي ان ايراضيءَ
مان ڪڍي ڇڏيو ويو.[40]
2. 1580ع
۾، ڌاريجا قبيلي پاڻ کي الور ۾ مورچيبند ڪيو ۽ مَڌوداس (Madhvdas)، توڏر مل جي هڪ مائٽ ۽ بکر جي نگران حاڪم (Governor)، خلاف ٻه ٽي
لڙايون وڙهيا جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي ڳرو جاني نقصان رسيو.[41]
3. نومبر-ڊسمبر
1587ع ۾، اڪبر پاران بکر ۾ مقرر ڪيل حاڪم، نواب صادق خان سيوهڻ تي ڪاهيو پر ان تي
قبضي ۾ ناڪاميءَ سبب (”اڪبرنامه“، جلد 3، ص 715) نصرپور ڏانهن وڌيو، ڦرلٽ ڪري بکر
موٽي آيو.[42]
4.
1585ع ۾، اڪبر شِرُويا سلطان کي بکر جو حاڪم
مقرر ڪيو. هن جي راڄوڻي ۾ تشدد ۽ ظلم حدون اورانگھي ويو.[43]
اهو اڃا سوڌو هڪ راز ٿيو پيو آهي ته ڇو اڪبر اها ڪوشش ٿي
ڪئي ته لاڙ ۾ ننڍڙي ارغون بادشاهت کي ختم ڪري، توڙي جو ارغون به هن جيان منگول هئا
۽ هن سان امن ڀريا سهڪاري ناتا جوڙڻ لاءِ تيار هئا. ايراني دستاويز پڌرو ٿا ڪن ته
شاهه عباس صفوي جي انڊيا ڏانهن پرواڌ (expansion) بابت اڪبر ڏاڍو شڪ ڀريو هو ۽ هن چاهيو پئي ته ويجھي ۾ ويجھي
ٻهرچَوڪي (out
post) يعني ٺٽو پنهنجي مڪمل قبضي هيٺ آڻي رکي. شهنشاهه جي لشڪر کي منهن
ڏيندڙ هن ننڍڙي بادشاهي جي ويڙهه لاڳيتو هڪ ورهه هلندي رهي ۽ پنهنجي اڳتي وڌڻ کي
لاڳيتو ملول/مايوس/موڳو ڪندي رهي. اڪبر جي سپاهين کي هيٺين سنڌ جي حدن کي گھٽائڻ
لاءِ هڪ ورهه کان وڌيڪ وقت لڳي ويو جو لڪي وارا ٽڪر هيٺين سنڌ ڏانهن وڌڻ جي ڪُنجي
هئا. لڪي جي اولهائن جبلن ۾ بلوچ، نومڙيا (نهمردي)، جوکيا ۽ جت قبيلا ويندي ڪيچ
مڪران تائين موجود هئا ۽ اوڀر ۾ ندي هئي جنهن جي پريان سميجا ۽ نوا (Nawa) قبيلا رهندا
هئا جيڪي ويندي امر ڪوٽ جي وارياسن ٽڪرن/ڀِٽن تائين پکڙيل هئا. انهن ٻن قبيلن ڪڏهن
به ڪنهن حاڪم کي نه مڃيو هو. انهن ٻن طرفن کان ڪنهن لشڪر جو وڌڻ عمل جوڳو نه هو.[44]
معصومي لکي ٿو ته جاني بيگ پاران لڪي ٽڪرن کي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ خانِ خانان کي سوڀ
جي پڪ ٿي وئي پر هو اهو سبب نه ٿو ٻڌائي ته ڇو شاهي لشڪر متبادل دڳَ نه وٺي سگھيو.
اهو ئي وقت هو جنهن ۾ هيٺين سنڌ هڪ ڀيرو وري پوريءَ طرح ڀينگ ڪئي وئي. ان صديءَ جي
مٽجڻ مهل سنڌ جو سڄو مٿاڇرو ڪيترائي ڀيرا مَٽجي چڪو هو.
1592ع ۾ ٺٽي جي فتح کان پوءِ سڄي سنڌ اڪبر جي قبضي هيٺ اچي
وئي ۽ هن جي مرڻي تائين (1605ع) هيٺيان واقعا ريڪارڊ ڪيل آهن:
1. 1591ع
کان 1599ع تائين (1001 - 1007هه)، جڏهن بختيار بيگ ترڪمان سيوهڻ جو صوبيدار هو،
ٽاڪرو قبيلن ــــــــــ نومڙين ۽ نوحاڻي ٻروچن ـــــــــ اڪبر آباد (سَمتاڻي) جي
ماڇين تي ۽ سميجا انڙن تي لشڪر چاڙهي ويو ۽ انهن مان ڪيترن کي ئي ڪُهڻ کان پوءِ
انهن جي اڳواڻن مان ڇهن ڄڻن ـــــــــ پَريو، بودلو، محمود، فريد، جيوندي (Jiwandi) ۽ جوڌو
ــــــــــ کي گرفتار ڪري مٿن ڏنڊ مڙهيو.[45]
2. 1591ع
کان 1599ع تائين بکـــرُ خانِ اعظم جي جاگير طور رهيو. هن جي ايلچي مرزا عزيز ڪوڪا
۽ ان جو پٽ مرزا انور ان کليل ويڙهه ۾ هارجي ويا جيڪا چانڊين قبيلن ڪئي. نيٺ سيوهڻ
جي صوبيدار بختيار بيگ کي وڏو لشڪر وڌائڻو پيو ته جيئن چانڊين کي شڪست ڏئي سگھي.[46]
3.
1598ع ۾، جڏهن بختيار بيگ موتمار بيماريءَ ۾
ورتل هو، بکر ۽ سيوهڻ سرڪار جا سمورا قبيلا حڪمرانن خلاف سنبري اٿيا ۽ انهن امن
پسند ۽ حڪومت ڏانهن لڙيل ماڻهن تي (جن حڪومت آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا) ڪاهه ڪئي ۽ انهن
جا ڳوٺ ۽ فصل ساڙي ڇڏيا. جيئن ته حڪومت انهن جي آزاديءَ/بچاءَ لاءِ ڪجھ نه ڪيو،
آزاريل/ستايل پنهورن ۽ ڪوريجن 5-هزار گھوڙسوار ۽ پيادا گڏ ڪيا ته جيئن سميجا انڙن
جي 5-6 هزار سپاهين سان ڳچيرا (تعلقو مورو) ۾ خونخوار ويڙهه وڙهي سگھن. سميجن کي
هار ملي ۽ سندن اڳواڻ پَريو ڪُسجي ويو.[47]
4. جڏهن
خواجه نورالدين کان ڪاروي سيوهڻ جو صوبيدار مقرر ٿيو ته هن هڪ لشڪر پنهنجي ڀاءُ
تيمور بيگ جي اڳواڻيءَ هيٺ سميجن کي چيڀاٽڻ لاءِ موڪليو. سميجن هن کي شڪست ڏني ۽
هن جڏهن وِرجا قلعي وڃي پناهه ورتي ته هنن ان جو گھيرو ڪيو ۽ ڀرپاسي ايراضيءَ جي
سڄي خريف فصل تي قبضو ڪيو. پوءِ جڏهن گھاها (ڪاهان) کان مدد پهتي تڏهن سميجن گھيرو
ختم ڪيو ۽ ٿر ڏانهن ڀڄي ويا.[48]
5. خواجه
نورالدين کان پوءِ سيوهڻ شيخ موسى گيلاني جي جاگير ۾ آيو. هن پنهنجي پٽ جان محمد
کي سيوهڻ سرڪار تي حاڪمي لاءِ موڪليو. حڪومت-مخالف قبيلا ايڏا ته سگهارا ٿي چڪا
هئا جو هُو ته مورڳو شڪار لاءِ به سيوهڻ قلعي کان ٻاهر نه نڪري سگھندو هو ڇو ته
اهڙا امڪان موجود هئا ته هيڏانهن هي نڪتو ۽ هوڏانهن هُو اچي ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ لاءِ پهتا.[49]
6. شيخ
موسى گيلاني جي بدليءَ کان پوءِ سيوهڻ قرهه بيگ جي جاگير ۾ آيو جنهن پنهنجي
نمائندي کي حاڪم ڪري موڪليو. هن جي مُدي دوران سيوهڻ قلعي ۾ ويڙهه ٿي. هڪ سنڌي جان
محمد، جاگيردار جي شقدار آقا محمد کي قتل ڪرڻ کان پوءِ قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄي ويو.[50] اهو
واقعو لڳ ڀڳ 1008هه ۾ ٿيو ڇو ته قرهه بيگ کان پوءِ مير نمڪين کي 1008هه يا 1009هه
(1601ع) ۾ مقرر ڪيو ويو.
7. قرهه
بيگ جي بدليءَ کان پوءِ سيوهڻ پير غلام جي جاگير هيٺ ڏنو ويو. هن جي ايامڪاريءَ ۾
سميجا انڙن جي هڪ بغاوت چيڀاٽي وئي.[51] ٻي
هڪ موقعي تي باغبان پرڳڻي جو سميجا قبيلو ڪاڇي (جوهي ۽ ڪَڪڙ) جي چانڊين سان ٻانهن
ٻيلي ٿيو پر دٻايو ويو. نومڙين کي پڻ دٻايو ويو.[52]
مٿي ڏنل ڳالهين مان پڌرو آهي ته 16-صدي دوران هر هر لڳ ڀڳ
سمورا ڳوٺ ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا ــــــــــ مذهبي، تعليمي يا سماجي
ـــــــــ تباهيا پئي ويا ۽ سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي پئي وئي. ڪو به
مقامي ڪتاب بچي نه سگھيو، ڪو به عالم نه رهيو، نتيجي ۾ سنڌين کي اڻپڙهيل ماڻهن جي
ميڙ ۾ بدلايو ويو. شهرن کي پرڏيهي والاريو ويٺا هئا. تعليمي ادارن تي انهن جي
حاڪمي هئي. تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون، حڪومتي نوڪريون ۽ ملازمت جا موقعا
شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هئا جيڪي سنڌي ماڻهن جا دشمن هئا. ان ڪري، سنڌي ٻوليءَ جو
معمولي ريڪارڊ ملي ٿو جيڪا ڄام نندي جي مرڻي مهل تائين ڏاڍي سٺي ترقي ڪري چڪي هئي.
ان زماني جا ڪجھ سلوڪ ۽ بيت محفوظ رهجي ويا آهن ۽ اهي ان جي اوسر جي اوچيءَ سطح جي
نشاندهي ڪن ٿا. نوَن آيل ماڻهن کي، جيڪي بکر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جھڙن شهرن ۾ اچي
آباد يا هئا، گھڻا ئي موقعا ميسر هئا پر انهن وٽ مقامي ڌرتيءَ ۽ مقامي ماڻهن سان
لاڳاپي جي کوٽ هئي. انهن جي ذهني رويي جي دکدائڪ حالت سندن ان سُڃي شاعريءَ مان
پڌري آهي جيڪا ماڻهن کان ڪَٽجي رهڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي. اهي گل ۽ بلبل جي شاعري
ڳائيندا رهيا جيڪي سنڌ م اڻلڀ هيون ۽ جن ايران ۽ وچ ايشيا ۾ وجود رکيو ٿي.
ڪو به اهو سوچي سگھي ٿو ته اڪبر پاران سنڌ تي فتح سنڌ جي
ماڻهن لاءِ ساهتا/آرام (relief) کڻي آئي هوندي پر اهو سچ نه ٿو ٿي سگھي. سنڌ جي حالتن جا مڪمل
پارپتا تاريخ مظهر شاهجهاني (1635ع ۾ لکيل) ۾ موجود آهن ۽ ان کان پوءِ 1635-1662ع
وارا احوال انڊيا جي فئڪٽري/ڪمپني ريڪارڊ ۾ موجود آهن. مغلن پاران سنڌ تي فتح سنڌ
۾ جاگيرداري جو نئون سرشتو سڃاڻايو. حاڪمن/گورنرن، صوبيدارن ۽ ٻين ملازمن کي
پگھارون نه ملنديون هيون، پر ان جي بدران سنڌ جون ايراضيون جاگير ڪري ڏنيون
وينديون هيون. آفيسرن جي هر هر بدلي ۽ جاگيرن جي هر هر هڪ کان ٻي ڏانهن مٽاسٽا جي
نتيجي ۾ زمين جي سڌاري لاءِ دلچسپي ختم ڪري ڇڏي ۽ جاگيردار رڳو ان ڪوشش ۾ هوندو هو
ته پنهنجي ايامڪاري دوران ان مان گھڻي ۾ گھڻو نفعو ڪمائي سگھي. اها به عجيب ڳالهه
آهي ته جَهانگير ۽ شاهجهان جي حڪمراني دوران سنڌ جا ڪيترا ئي مغل حاڪم انتظام ۽ ان
سان گڏ جاگيرن جي سنڀال جي سلسلي ۾ جڏا/نالائق هئا ۽ انهن اهو وڌيڪ پسند پئي ڪيو
ته پنهنجون جاگيرون پَــٽي تي اڃا به ڪنهن ٽين ڌر جي حوالي ڪن جيڪا وري ڳرا
محصول/ڍلون وصول ڪندي هئي. انهن صوبي تي حاڪمي پڻ بدتر نموني هلائي. جَهانگير جي
راڄوڻي دوران پڻ سنڌي قبيلا مغل والار خلاف گڏجي سڏجي وڙهيا، جيئن انهن 1519ع کان
وٺي ڪيو پئي. 17 صدي ۾ جهانگير جي راڄوڻي دوران مغل حاڪمن ۽ مقامي قبيلن جي وچ
جھيڙي جو احوال هن طرح آهي:
1. 1607-1608ع
(1016هه) ۾ سردار خان (مرزا غازي بيگ جي صوبيدار) جي لشڪر کي سميجا گھوڙسوار
سپاهين سان ٽڪرائڻو پيو ۽ ان جا 500 سپاهي مارجي ويا.
2. سردار
خان جي بدليءَ کان پوءِ سيوهڻ پير غلام جي جاگير ۾ ڏنو ويو. هن جي ايامڪاريءَ ۾
لاکا ۾ سميجا انڙن ۽ ڳچيرو ۾ سميجا ٻگھين جون بغاوتون ٿيون. انهن کي دٻايو ويو پر
نصرپور ويجھو سعيد ڳڙهه قلعي وٽ سڀ کان وڏي ويڙهه ٿي جنهن ۾ 2-هزار سميجا مارجي
ويا.[53] هڪ
ٻي موقعي تي 500 سميجا انڙ قتل ٿي ويا.[54]
سميجن ادلي جي بدلي ۾ جهانگير آباد قلعي تي هڪ هزار گھوڙسوارن ۽ 2-هزار پيادن سان
چڙهائي ڪئي ۽ 200 ماڻهو ذيان ڪيا.[55]
3. جڏهن
ٺٽي جو صوبيدار تاج خان مُئو، تڏهن سيوهڻ جي صوبيدار شمشير خان کي ٺٽي جو صوبيدار
مقرر ڪيو ويو ۽ سيوهڻ مير عبدالبقا جي جاگير هيٺ آيو. هن کي مختلف قبيلن سان
ڪيتريون ئي ويڙهيون وڙهڻيون پيون. مثال طور:
الف- چانڊيا ۽ سميجا ٿيٻا[56]
ب- نومڙيا.[57]
ٻ- سميجا انڙن لاکا ۾ 10-15 سپاهي قتل ڪيا ۽ ٻي هڪ موقعي تي
اوڀرائين رڻ (ٿر) ۾ 40-50 سپاهي ماريائون، پر آخري جھيڙي ۾ 200 سميجا انڙ قتل ڪيا
ويا ۽ ادلي جي بدلي ۾ سميجن جا 2-3 هزار چوپايا پڻ ڪُٺا ويا.[58]
ڀ- ڪاسائي ڳوٺ ويجھو شُورن جي بغاوت.[59]
ت- سميجن جي 200 ڳوٺن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.[60]
4. خان شمشير خان کي ٻيو ڀيرو ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو.
هن سميجا ڏيهه (هاڻوڪي نواب شاهه ضلعي ۽ هالا سب-ڊويزن) جي مختلف قلعن ۾ ڊاٻو ڪيو
ٿي ۽ سپاهين کي موڪليندو هو جيڪي ڏهاڙي 50-60 سميجن کي ڪُهي انهن جون مُنڍيون کڻي
ايندا هئا.[61]
هڪ موقعي تي، شمشير خان چانڊين تي چڙهائي ڪئي جو هنن باغبان،
گھاها ۽ اڪبر آباد کي تاڙي ورتو هو ۽ اتي پنهنجين تلوارن سان جوار جي فصل جي واڍي
شروع ڪري ڏنائون. انهن پوءِ پنهنجي ئي فصل جي ڀيل/تباهي ٿيندي ڏسي هٿيار ڦٽا ڪيا.[62]
ساڳيءَ ئي صوبيداريءَ دوران ڪائِي ۽ نئنگ جي نوحاڻي ٻروچن سميجا انڙن جي واهر ٿي
ڪئي. ان ڪري شمشير خان مٿائن ڪاهه ڪئي جنهن ۾ سردار نتالا، هن جي پٽ ۽ ڀائرن سميت
سندن پنجاهه سٺ ماڻهو ماري ڇڏيا.[63]
شمشير خان جي حڪمراني هلندي ست اٺ سَو نومڙين پيادل سپاهين
سيوهڻ کان ڪي 10 ميل پري ڪچِي ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪجھ ماڻهن کي ماري سندن ڍور ڍڳا
ڪاهي ويا. جيئن ته انهن شمشير خان جي سپاهين جي ڳڻپ ۾ کوٽ پيدا ٿي ڪئي ان ڪري
شمشير خان ساڻن ان ڳالهه تي سمجھوتو ڪيو ته اهي سيوهڻ ۽ سَن مان نڪري جبلن ڏي هليا وڃن.
5.
شمشير خان ازبڪ کي جڏهن 1025هه
(1616ع) ۾ ٺٽي کان سيوهڻ بدلي ڪيو ويو تڏهن هن ساموَتِي ۾ پالي ڳوٺ تي سميجا دلَن
(Dals، دَلَ) مٿان
ڪاهه ڪئي، ڪيترن کي قتل ڪيو ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيو.[64]
6.
هالا ڪَنڊِي پرڳڻي جي انڙن ڍل ڏيڻ
کان نهڪر ڪئي ۽ هالا جي ڏکڻ ۾ اٺ ميل پري کيبر ويجھو مير حسام الدين مرتضى خان-2
جي سپاهين سان ويڙهه ڪئي ۽ توڙي جو هارائيندا پئي ويا پر ويڙهه بند نه ڪيائون.[65]
7.
ٺٽي جي حاڪم، خصلو بيگ کي شورن
ماري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ انهن شمشير خان جي سپاهين کي قتل ڪيو ۽ نيرون ڪوٽ تي
سندن گھيرو ڪيو تان جو شمشير خان شمشير خان اچي ڪوٽ کي آزاد ڪرايو.[66]
ٿورڙو نقصان جيڪو ٺٽي جي صوبيدار شمشير ازبڪ هٿان شورن کي پهتو، اهو هي ته جبلن ۾
هڪ ويڙهه دوران سندن ڪجھ ماڻهو مارجي ويا.[67]
8.
1225هه (1616ع) ۾ مظفر معموري جي حڪمراني
دوران هن جي سپاهين تي شورا دَل ڇانئجي ويا ۽ شول ڳوٺ ويجھو هن جي ڪجھ ماڻهن کي
ماري ڇڏيو.
9.
ان کان پوءِ معموريءَ پنهنجي
ڀائٽي کي وڏو لشڪر ڏئي اسماعيل شوري کي چيڀاٽڻ لاءِ موڪليو، جيڪو پوءِ هڪ ويڙهه ۾
شاهي فوجن سان وڙهندي مارجي ويو.[68] پر
شورن هٿيار ڦٽا نه ڪيا. ساڳي ئي سال سيوهڻ جي حاڪمي لاءِ تيار ڪيل خُشام بيگ جي هڪ
مائٽ شاهه خواجه ان جي جاءِ تي ڪم ڪندي ڪيترن ئي سپاهين ۽ ساز سامان سان ٻيڙا ڀري
سيوهڻ کان روانو ٿيو ۽ بِهاڻ پتڻ وٽ لهي خاصائي شورا ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي ۽ دائود شوري
جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪُهي ڪيترن کي ئي گرفتار ڪيو جن ۾ دائود شوري جي زال به هئي. دائود ان کان پوءِ ئي سمجھوتي لاءِ سيوهڻ آيو.[69]
10. شورا
اڃا به وس هيٺ نه آيا ڇو ته 1028هه (1619ع) ۾ ٺٽي جي صوبيدار سيد بايزيد بخاري کي
لشڪر ساڻ ڪري اسماعيل شوري جي پٽ جھونجھار (Junjar) جي ڳوٺ جو گھيرو ڪرڻو پيو، ڪيترن ئي مردن
کي قيد ڪيائين ۽ سندن ڍور ڍڳا ۽ ملڪيت کسي ورتائين.[70]
11.
سيد بايزيد بخاري، ٺٽي جي گورنر،
پنهنجي ماروٽ شاهه محمد جي اڳواڻي هيٺ ساڪرا پرڳڻي (ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن جي ٽاڪرو
ايراضي ۽ ساڪري تعلقي تي ٻڌل) جي ڪَلمتين ۽ جوکين کي چيڀاٽڻ لاءِ لشڪر ڏئي روانو
ڪيو پر هُو هڪ ويڙهه ۾ پنهنجن پنجاهه کن سپاهين سميت بجار جوکيي جي پٽ جاجِي (Jaji) هٿان مارجي
ويو.[71]
12. درٻيلي
جي سهتا، ڀان ۽ راڄپال (راڄپر) قبيلن مغل راڄ جي ابتدا (يعني 1575ع) کان ئي ڍل ڏيڻ
کان نابري واري هئي. بايزيد بخاري جي (1620ع ڌاري) وقت کان پوءِ ئي انهن کي پنهنجي
وس هيٺ آندو ويو.[72]
13. مير
عبدالبقا کي سَميجا دَلن سان جھيڙڻو پيو ۽ 360 دَل قتل ڪيا ويا.
14. لاکاٽ
جي انڙ ۽ سَيار (Sayara) قبيلن، پنهنجيءَ هڪ هزار گھوڙسوار ۽ 4-هزار پيادل فوج واريءَ سگھ
سبب، ٺٽي جي حاڪم شير خواجه جي ڏينهن کان وٺي ڪڏهن به ڍل نه ڏني هئي.[73]
15. 1032هه (1622-1623ع) ۾ شير خواجه (باقي خان خوجه) سيوهڻ جو
جاگيردار مقرر ٿيو ۽ پنهنجو نمائندو موڪليائين. ان نمائندي نئين فصل جو سمورو لاب
قبضي ۾ ڪيو، گھٽ اگھ ڏنو ۽ ماپ تور ۾ ٺڳي ڪيائين. هن واپارين جي ٻيڙين تي واڌو
رائر (ڍل، ٽئڪس) مڙهيو ۽ انهن جي وکرن جي قيمت گھٽائي ڏني. جيڪڏهن ڪنهن شڪايت ٿي
ڪئي ته ان تي ڏنڊ وڌو ٿي ويو ۽ کيس سزا ڏني پئي وئي.[74]
ان هوندي به رجب 1037هه (1627-1628ع) ۾ شير خواجه جو عهدو
وڌائي کيس ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، پر هُو ان سال ئي مري ويو.[75]
16. 1034هه
(1624-1625ع) ۾ بايزيد بخاري جي مرڻي کان پوءِ ٺٽي جو انتظام سلطان شهر يار جي
حوالي ڪيو ويو جنهن شريف الملڪ کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ۽ ان وري ٺٽي جي حڪمران
(Ruler) طور شمس الدين
جي چونڊ ڪئي.
شمس الدين جي دفتريءَ (Officer) خواجه عارف ڪجھ سميجا ٿيٻن کي گرفتار ڪيو
جيڪي اڪبر آباد واهيءَ جي پنهورن جا مهمان هئا. پنهور ان ڳالهه تان چِڙي پيا ۽
خواجه عارف تي ڪاهه ڪري سندس 200 گھوڙسوار ۽ پيادن سپاهين کي ماري ڇڏيو.[76]
17. جڏهن
حڪيم موسى عليہ چنڊوڪا (Chanduka) جي نِدو (Nido) جي پٽ صديق ۽ نياڻٖي شاهه بيگ کي گرفتار ڪري بکر وٺي ويو ته ابڙا
وير وٺڻ تي سنبريا ۽ ديال داس (بکر جي مانسِنگھ ديوان جي مائٽ) ۽ تاراج (بکر جي
گوپال ڪَــنَــنگُو جي پٽ) کي ماري سِوِي جو قافلو ڦريائون. انهن ٽَڪر پرڳڻي جي
شَقدار طاهر محمد کي پڻ شڪست ڏني ۽ هن جا سمورا 80 سوار سپاهي قتل ڪري ڇڏيا.[77]
18. جُون
1626ع ۾ شاهجهان پنهنجي پيءُ خلاف سرڪشي/بغاوت ڪئي ۽ سنڌ هليو آيو. نواب شريف
الملڪ 9-هزار گھوڙسوار، 12-هزار پيادا ۽ يورپي (پورچوگيز) بندوقبازن سان ان جي
سامهون ٿيو. ٽِن ويڙهن ۾ شاهجهان جِي هار ٿي.[78]
ڌاريجن، جَتن (Jats) ۽ نومڙين شاهجهان کي سهارو ڏنو جيئن انهن همايون جي سلسلي ۾ ڪيو
هو.[79]
انهن مُنجھائيندڙ وڳوڙي (Chaotic) حالتن جي
تصديق يورپي سياح نڪولس وِٿِنگٽن پڻ ڪري ٿو جيڪو 1613-1614ع ۾ سنڌ ايو ۽ سپاهين ۽
تمام هِيڻي مغل ڪنٽرول جو ذڪر ڪيو اٿائين. هن سان ٺڳي ڪري کيس ڦريو ويو پر هن جا سمورا ساٿي هڪ
مقامي سردار هٿان ڦرجي ۽ قتل ٿي ويا.[80]
مظهر شاهجهاني ۽ فئڪٽري ريڪارڊ مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته
ڪيترا ئي قبيلا لاڳيتو انتظاميا خلاف اٿندا ۽ وڙهندا رهيا. شاهجهان جي ڏينهنِ ۾
مقامي قبيلن پاران رنڊڪ ويڙهه اڃا به تيز ٿي وئي. مثال طور:
1. شريف
الملڪ 1035-1037هه (1625-1627ع) کان پوءِ سيف الملڪ ڪَشغري کي سيوهڻ جو صوبيدار
ڪيو ويو جنهن پٺيان احمد بيگ آيو جيڪو سيوهڻ ۽ چنڊوڪا جو جاگيردار مقرر ٿيو. احمد
بيگ سدائين پنهنجي حرم/زنان خاني ۾ رهندو هو ۽ هن جو ڀاءُ يوسف بيگ ئي اصلي حڪمران
هو جيڪو ڏاڍو ظالم هو. بودڪ (Budak) شهر کي تباهه ڪرڻ لاءِ سميجا انڙن ڪاهه ڪئي، حويلي ۽ سن کي نومڙين
ناس ڪيو ۽ چانڊين پاٽَ، اڪبر آباد ۽ باغبان کي برباد ڪيو.[81] يوسف
بيگ چاها جي پنهورن کي چيڀاٽيو، جيڪو هڪ امن پسند قبيلو هو ۽ ڪڏهن به تشدد نه ڪيو
هئائون. ادلي جي بدلي ۾ احمد بيگ ڪيترائي ڀيرا پنهورن هٿان هار کاڌي، پر ڪجھ به
ڪري نه سگھيو.[82]
يوسف بيگَ معصوم ۽ مانَوارن ماڻهن کي گھرايو ۽ ڪوڙيون
تهمتون مڙهي انهن کي ايذاءَ ڏنا، واپارين ۽ هارين ۽ پرڏيهي وڻجارن جي ٻيڙن تي
غيرقانوني رائــرَ (Taxes) مڙهيائين، وڻجارن کي دٻاءَ ۾ آڻي پنهنجا وکر هُن کي گھٽ قيمت تي
وڪڻي ڏيڻ لاءِ زور ڀريائين، ڦرلٽ ۽ ڌاڙن لاءِ منظم جٿا ٺاهيائين، بدمعاش ماڻهن کي
پاٿاري ٺاهي گڏ ڪيائين ۽ قاضين جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪندو هو.[83]
بدانتظاميءَ، ڪلڇڻائپ (Corruption)، نالائقيءَ ۽ امن پسند عوام تي ظلم ۽ تشدد ڪرڻ باوجود احمد بيگ
خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو پر اڃا به هن کي وڌائي ملتان جي حاڪمي (Governorship) ڏني وئي، ڇو
ته هُو يَمن الدوله آصف خان جو مائٽ هو.[84]
2. احمد
خان پوءِ جڏهن ديندار خان سيوهڻ جو صوبيدار ٿيو، حالتون اڃا وڌيڪ ان حد تائين خراب
ٿي ويون جو سميجا انڙ سيوهڻ قلعي اندر اچي سپاهين کان گھوڙا ڦري ويندا هئا ۽ قلعي
منجھ ئي نعمت اللھ خان ۽ مانسِنگهه کي ڪُهي ڇڏيائون جيڪي واريسِر سيوهڻ ۽ بکر جا
رپورٽر هئا. ڪنهن ۾ اها همت نه هئي جو سج لٿي کان پوءِ شهر مان ٻاهر وڃي سگھي.
ساڳي عرصي ۾ نومڙيا سن قلعي جا ڦاٽڪ ڀڃي رهاڪن کي ڦري ويا.
احمد خان جي ڏينهن ۾ سميجن ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن کي قتل ڪري ڇڏيو.[85]
3. 1658ع
(1069هه) ۾ سنڌ ۾ ڏاڍو ڏڪار ٿيو ۽ ڪالرا (Cholera، اَڇن دستن جي بيماري) پکڙي. ساڳي ئي سال دارا شڪوه پنهنجن سپاهين
سميت اچي پهتو جنهن سڄي صوبي (سنڌ) ۾ حالتن کي وڌيڪ بدتر ڪري ڇڏيو.[86]
4. مظهر
شاهجهاني (1044هه يعني 1634-1635ع ۾ لکيل) جي ليکڪ يوسف مِيرڪ جي چوڻ موجب
حاڪمن/گورنرن ۽ صوبيدارن جي مقرريءَ ۾ بدانتظاميءَ جا نتيجا هي نڪتا:
الف- ٺٽي صوبي ۾ زمين جي ڍل اڌ کان به
گھٽجي وئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته حقيقي ڪاٿي جي ٽين يا چوٿين پتي مس اڳڙي سگھندي هئي. اهو
جاگيردارن جي غلط بندوبست جي ڪري ٿيو پئي.[87]
ب- حاڪم ۽ انهن جا نمائندا ظلم،
ڪلڇڻائي، اڍنگائپ، طاقت جو بيجا استعمال وغيره کُلي عام ڪندا هئا.[88]
ٻ- ڪيترائي واقعه-نويس مقرر ڪيل هئا
پر اهي مقامي حاڪمن ۽ منتظمن آڏو بيوس هئا جنهن جي نتيجي ۾ شهنشاهه تائين سچيون
حقيقتون نه پهچائي سگھبيون هيون.
5. مقامي
قبيلا ايترا ته سگھارا ٿي ويا هئا جو:
الف- ڳوٺاڻي ايراضين تي حقيقي قبضو
انهن جو هو.
ب- سميجا انڙ هالا ڪَنڊي کان سيوهڻ
تائين سنڌونديءَ مان سلامتيءَ سان ٻيڙيون اڪارڻ لاءِ رائر وٺندا هئا.[89]
ٻ- لاکا (سن ويجھو رهندڙ) سميجا
انڙن خلاف حڪومت جي مدد ڪندا هئا. سميجا انهن کي ڦريندا، سندن مال هڻي ويندا، سندن
فصل ساڙي ڇڏيندا ۽ انهن جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري رکندا هئا.[90]
ڀ- جاگيردارَ سميجن تي قابو رکي
سگھڻ ۾ بلڪل ناڪام رهيا.[91]
6. سنڌ
۾ برطانوي ڪوٺي (فئڪٽري، ڪمپني) (1635-1662ع) نفعي جي اڻهوند سبب بند ڪئي وئي ڇو
ته سنڌ ۾ بيچيني ۽ فساد هئا جڏهن ته ايسٽ انڊيا ڪمپني پاڻ هڪ خصوصي شان/برڪت واري
دَور ۾ داخل ٿي رهي هئي.[92]
1639ع ۾، هينٽري برونفورڊ آگري کان ٺٽي تائين سفر ڪيو. هن ٻڌايو ته سيوهن ۽ پراڻي
هالا وچ ۾ سميجا واپارين لاءِ جوکي/خطري جو ڪارڻ هئا ۽ ان ڏيهه (سنڌ) ۾ چرپر
سگھارن نگهبانن کان سواءِ ممڪن نه هئي. سميجا مغل حاڪمن خلاف (1640ع) انقلاب جي
تيارين ۾ هئا ۽ مرڪزي سنڌ ۾ امن کي تباهه پئي ڪيائون.[93]
7.
1641ع کان پوءِ، سنڌ جي ڪپڙي جو معيار
ڊانواڊول حالتن جي ڪري تباهه ٿي ويو.[94]
8.
1641ع ۾، سِبسطين مئنرِڪ[95] آگري
کان سنڌ ڏانهن سفر ڪيو ۽ بکر اڪري اچي جڏهن سيوهڻ جي حدن ۾ داخل ٿيو، هن ڏٺو ته
سنڌوءَ جي ٻنهي ڪَپرن واري زمين غيرآباد ۽ ماڻهن جي وَسندي کان خالي هئي. اها
سميجا قبيلن واري ايراضي هئي جن سڄي ڏيهه کي ڀينگ ڪري ڇڏيو هو. هِتي ئي سميجا
دريائي-ڌاڙيلن مَئنرڪ جي ٻيڙي تي ڪاهه ڪئي پر مئنرڪ وٽ موجود بمن جي مدد سان کين
موٽڻ تي مجبور ڪيو ويو.
9.
1644ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جاهن اِسپلر (John Spiller)، جنهن ساوڻ
وارا مهينا سيوهڻ ۽ ان جي ڀرپاسي واري ايراضيءَ ۾ گذاريا، ٻڌايو ته توڻي جو مٽي
زرخيز هئي ۽ نير جو وڏو مقدار اپائي سگھي پئي پر ماڻهو حد درجي دٻايل/ڦريل هئا،
ڏاڍا ڏکيا ۽ غريب هئا ۽ وٽن زمين کيڙڻ يا آباد ڪرڻ جا وسيلا ئي نه هئا.[96] هتي
اهو ٻڌائي سگھجي ٿو ته اسپلر اهو به لکيو آهي ته سنڌونديءَ ۽ اولهائين ناري جي وچ
۾ موجود سنڌ جي زمين ڏاڍي زرخيز آهي.
10. اورنگزيب
جي ملتان تي حاڪميءَ دوران ڪوهستان جي جوکيا ۽ نومڙين قبيلن بغاوت ڪئي. اورنگزيب
پاڻ پنهنجي خط ۾ شاهجهان کي لکيو ته اهي قبيلا ٺٽي جي صوبيدار جي آڻ نه مڃن ٿا،
رستن تي بيهي ڦرلٽ ڪن ٿا ۽ ترخانن جي ڏينهنِ کان وٺي اڃا تائين زير نه ٿيا آهن.
باغين جا سردار هئا هارون، کَتَل (Khattal)، ڪامڀو (Kambho)، مريد جوکيو ۽ سمورا نومڙيا. انهن پنهنجون سرگرميون ڪيچ مڪران
تائين وڌائي ڇڏيون آهن. انهن کي سهارو ڏيندڙ جعفر نومڙيو، حاجي رانجھو، ڄام جمعو،
ٻڍو نومڙيو ۽ ڪڪرالي جا ڄام ـــــــــ هالو ۽ گاهِي هالو ــــــــــ آهن ۽ جيڪي
پاڻ به دست اندازي ڪندا رهن ٿا. اورنگزيبَ ملڪ حسين کي مقرر ڪيو ته انهن قبيلن کي
زير ڪري ۽ هڪ سال تائين جوٽون ڏيڻ کان پوءِ هن جي لشڪر 41 ماڻهو گرفتار ڪيا جن ۾
عورتون به هيون.[97]
11.
1647ع ۾، مراد بخش، سائين خان ۽ خان آزاد خان جي
وچ ۾ اختيارن جي جھيڙو نبرڻ ڪري، انهن مان هر هڪ کي ڪسٽم کاتو ڏنو ويو ۽ مقامي
عملداري ٻي جي حوالي ڪئي وئي، اپر سنڌ (سِري) ۾ چڱو ماٺار اچي ويو. پنهنجي پٽ
اورنگزيب کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪري شاهجهان بلخ روانو ٿيو. اورنگزيب وري ڪيترائي
صوبيدار مقرر ڪيا جنهنڪري اهو ڄاڻڻ ڏکيو ٿي پيو ته انهن مان هر هڪ جو اختيار نيٺ
ڇا آهي. جيستائين هر هڪ صوبيدار جي اختياري بحال ٿئي، درٻيلي ۽ ڪنڊياري وچ ۾
ايراضيءَ جا مکيه ماڻهو، ابڙا ۽ ٻيا زميندار جند ڇڏائي ڀڄي ويا.[98]
12. سترهين
صديءَ جي وچ تائين هندو اڃا به چڱي هلنديءَ وارا هئا.[99] اهو ٻڌائڻ
به ضروري آهي ته سنڌي هندو (لوهاڻا ۽ عامل) سترهين صدي جي وچ ڌاري پنجاب کان سنڌ
لَـــڏي آيا، جيئن ڀيرومل ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۽ ”عاملن جو احوال“ ۾ پڪ ڏني
آهي. گھڻو ممڪن آهي ته انهن اچي اهو خال ڀريو جيڪو سنڌ جي واپاري برادري ـــــــ ميمڻن ــــــــ جي لڏپلاڻ سبب پيدا ٿيو هو.
14. 1656ع ۾، مغل حاڪم پاران ڪرمتي ٻروچن جي سردار جي بي عزتي ڪئي وئي.
هن ويڙهاڪ گڏ ڪيا، گھوڙا ٻاري جي ٻروچن کان مدد ورتائين ۽ اهڙيءَ طرح ٺهيل وڏي
لشڪر لاري بندر (Laribandar) ۽ ٺٽي جي وچ واري ايراضي کسي ورتي، مال ۽ ماڻهو کڻي ويا پر انهن
خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو.[101]
15. ٺٽي
جو نئون حاڪم 1656ع جي مَئي مهيني ۾ پهتو. شهر ۾ جيڪو غريباڻو حال هو ان جي ڀيٽ ۾
سندس ٺاهه ٺوهه تمام مٿاهين هئي. هن جا ماڻهو بدنظم ۽ ڇڙواڳ ۽ ماڻهن کي ستائيندڙ
هئا. هن جي زال جھل پل کان ٻاهر هئي. هوءَ واپارين جو سامان زوريءَ کڻي ويندي هئي
۽ کين اڌ جيتري قيمت به نه ڏيندي هئي.[102]
16. سميجن
مرڪزي سنڌ ۾ سنڌوءَ تي پنهنجو معمول جاري رکيو، جيئن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي رپورٽن ۾
(1656ع) ٻڌايل آهي. اهي ٻيڙين کي ڦُري وٺندا هئا ۽ جن ٻيڙين تي سگھارا نگهبان
هوندا هئا رڳو اهي ئي پنهنجي ماڳ پهچي سگھنديون هيون.[103]
17. مَنُوچي
(Manucci) (1659ع)
اورنگزيب جي ٻن لشڪري جٿن پاران، جيڪي شيخ مصر ۽ صف شِڪن جي اڳواڻيءَ هيٺ هئا،
دارا شڪوه جي پيڇي جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو پهريائين بکر جي کاٻي پاسي ۽ پوءِ ساڄي پاسي
وڌيو. انهن جٿن سيوهڻ ويجھو سنڌو جي پاڻيءَ مٿان دارا سان ويڙهه وڙهي ۽ کيس گجرات
ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو. دارا جي بجري قوت ۾ 507 ٻيڙيون، سامان ۽ اهڙيون توبون هيون جيڪي
مڻ کان ڏيڍ مڻ ڳرا گولا اڇلائي سگھنديون هيون. اورنگزيب جي ماڻهن کي رنڊائڻ/پوئتي
رکڻ لاءِ دارا جيتريون ٻيڙيون گڏ ڪري سگھيو، اوتريون گڏ ڪيائين.
انتظاميا بنيادي طرح بي قياس ۽
غير همدرد هئي. هيءُ جھيڙو حقيقت ۾ هڪ گھرو ويڙهه هئي جيڪا سڄي سترهين صديءَ دوران جاري رهي.
قبيلا، جيڪي ارغونن، ترخانن ۽
مغلن خلاف اٿيا ۽ وڙهيا، جيئن مظهر شاهجهاني (1635ع ۾ لکيل) ۾ ٻڌايل آهي، هي هئا:
1. سن،
لاکاٽ (سيوهڻ جي سامهون هاڻي سنڌو جي ساڄي ڪناري تي پر انهن ڏينهنِ ۾ کاٻي ڪناري
تي)، کاٽ (اتر-اوڀر سيوهڻ تعلقو)، جوڻيجا (دادو رعلقي جي اتر ۽ ڪڪڙ تعلقي جي اوڀر
۾) ۽ لاڙڪاڻو پرڳڻن، جيڪي سڀ سنڌونديءَ جي ساڄي ڪناري تي آهن ۽ ماٿيلو، الور،
درٻيلو ۽ نصرپور پرڳڻي جو وڏو حصو، جيڪي سنڌونديءَ جي کاٻي ڪناري تي آهن، ۾ سميجا
انڙ ڏاڍا سرگرم هئا. ان جو مطلب هي ٿيو ته سميجا هاڻوڪي سکر، لاڙڪاڻي، اترادي
دادو، نواب شاهه، اترادي حيدرآباد، اولهائين سانگھڙ ۽ اتر-اولهه ٿرپارڪر ضلعن ۾
سرگرم هئا.[104]
سميجا ايڏا ته سگھارا هئا جو شاهجهان جي حڪمراني دوران انهن
کي سنڌونديءَ مٿان پورو پورو ڪنٽرول هو ۽ هالا ڪَنڊي (هالا) کان سيوهڻ تائين
سلامتيءَ سان اڪري وڃڻ لاءِ رائر وٺندا هئا.[105] انڙ
۽ سَنۡيار (Sanyara) قبيلن ته رڳو لاکاٽ ۾ ئي هڪ هزار گھوڙسوار ۽ 4-هزار پيادا سپاهي
1044هه (1635ع) ڌاري تيار ڪري ورتا هئا. پيادا سپاهي اڪثر ڪري گھوڙسوارن کان تيز
هوندا هئا ۽ گھوڙسوار عام طرح گھوڙن تان لهي پيادن جيان وڙهندا هئا.[106]
سميجا ايترا ته سگھارا هئا جو تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي ليکڪ يوسف ميرڪَ شاهجهان
کي صلاح ڏني ته سميجن کي چيڀاٽڻ جو اڪيلو دڳ اهو آهي ته انهن تي بکر، ٺٽي، سيوهڻ ۽
جيسلمير کان (پهرين ٽن قلعن مان شاهي لشڪر وسيلي ۽ اوڀر کان جيسلمير جي راجا جي
سپاهين وسيلي) ڪاهه ڪئي وڃي.[107]
2. چانڊيا
هڪ ٻيو قبيلو هو جيڪو باغبان جي اتر-اولهه (جوهي تعلقي جي اتر ۽ ڪَڪڙ تعلقي جي
اولهه) ۾ رهندو هو. اهي اڪثر ڪري سميجن سان ٻانهن ٻيلي ٿي آسوده حال جوڻيجا (دادو
جي اتر ۽ ڪَڪڙ جي اوڀر) ۽ کاٽَ (Khatah) پرڳڻن کي ڦريندا هئا.[108] اهي
زمين ۾ کيڙِي پوکي ڪندا ۽ ڍور ڍڳا پاليندا هئا. انهن جي نک (”قبيلي“، clan) جا ٻه ٽولا
هئا: ”اڇا“ ۽ ”ڪارا“، جيڪي سندن کل جي رنگ پٽاندر نالا هئا. انهن وٽ 700 پيادا ۽
300 سوار سپاهي هئا. اهي سيوهڻ تعلقي ۾ سامتاڻي ويجھو باغبان، گھاها، پَـٽار (پاٽ)
۽ اڪبر آباد جي آسوده حال قبيلن تي ڪاهيندا هئا.[109]
3. نومڙيا
سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان تعلقن جي ٽاڪرو پَٽي ۾ اُٿَــل ساوا، عزيزاڻي، پَهڻِي
ڪوٽ، ٿانِي (Thani)، جھانگارا، ڪاجِي (Kaji) ۽ نار (Nar) ۾ رهندا هئا جيڪي سيوهڻ کان واريسر 38، 30، 20، 14، 10 ۽ 14 ميل پري
هئا. اهي عام طرح ڪَچي يعني سيوهڻ ۽ جوهي تعلقن جي اولهه وارن ميدانن کي تباهه
ڪندا هئا. نومڙين جو واسطو سميجا قبيلي جي اپ-نک (Sub-clan، ذات جي پاڙي) سان هو (هاڻي اهي پاڻ کي
بلوچي سڏين ٿا). 1055هه (1635ع) ۾ انهن وٽ 6-هزار سپاهي هئا جن مان هڪ هزار
گھوڙسوار ۽ باقي پيادا هئا. اهي پوکي راهي نه ڪندا هئا پر اُٺ، گھوڙا، رڍون، ٻڪريون،
۽ ڍور ڍڳا پاليندا هئا. انهن جو مکيه ڌنڌو نديءَ پاسي حڪومت جي ورسايل ايراضيءَ تي
ڪاهه ڪرڻ هو. نومڙين ۽ سميجن پڻ ٽيرِي، ڪاهِي ۽ معاجُبي ڳوٺن کي تباهه ڪيو جيڪي
سيوهڻ کان لَڪِي واري واٽ تي شايد ڀڳي ٺوڙي ويجھو هئا.[110]
نومڙين ۽ سميجن سن پرڳڻي، لڪي، آمري ۽ تاهٽي (هاڻي کاٻي ڪناري تي) کي پڻ تباهه
ڪيو.[111]
انهن ڳوٺن ۾ سيد رهندڙ هئا. نومڙين ۽ سميجن انهن ڳوٺن کي
ناس ڪيو ۽ گھڻن سيدن کي ڪُٺو (ڇو ته اهي حڪومت جا طرفدار هئا)، ان ڪري باقي بچي
ويل سيد انهن ايراضين مان لڏي ويا.[112]
نومڙين ۽ چانڊين ڪَچي يعني سيوهڻ، دادو ۽ جوهي جي اولهائين پاسي کي ويران ڪري
ڇڏيو.[113]
4. نئنگ
جي نوحاڻي ٻروچن ٻن سَرن/چشمن مان ڦٽندڙ نَئِن تي زمين کي آباد ڪيو. اهي ڪا به ڍل
نه ڏيندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن رڍ ڏئي ڇڏيندا هئا.[114]
5. چانڊوڪا
پرڳڻو ٻگھين، سانگين ۽ ابڙن سان، جيڪي سڀ سميجا نک مان آهن، والاريل هو. پرڳڻو
ٻيلن سان (اوڀر ۾) جِنجھيل هو، ان جي اولهه ۾ رڻن جھڙا ميدان ۽ اڃا به اولهه ۾
جابلو قطارون (کيرٿر سلسلو) هو. سميجن جِي ٻروچ پِنٿن (Sects) ـــــــــ مگسي، لاشاري، رند ديناري،
ڊومبڪي، ڪَلوهر (ڪلوَڙ) ۽ بليدي ــــــــــ سان، جيڪي سبِي (يعني جيڪب آباد ۽
ڪَڇِي ضلعن) ۾ رهندا هئا، ۽ سيوهڻ، جوهي جي اتر ۽ ڪَڪڙ جي اولهه ۾ رهندڙ چانڊين
سان سنگت هئي. حڪومت پاران چڙهت جي حالت ۾ چانڊوڪا جي انهن نکن جا سميجا پنهنجين
آڪهين کي سبي ۽ سيوهڻ موڪلي ڇڏيندا هئا جتي کين ٽَڪرين ۽ ٻيلن ۾ لڪايو ويندو هو.[115]
6. هالا
جي اولهائن ٽڪرن (ڪوٽڙي تعلقو) ۾ رهندڙ شيرا دَل ۽ ٻَٻر ٻروچ قبلا ڪنٽرول هيٺ اچڻ
جھڙا نه هئا.[116]
7. ڪَلمتي
۽ جوکيا قبيلا جيڪي ساڪري پرڳڻي (هاڻوڪو ساڪرو تعلقو) ۽ ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن جي ٽاڪرو
پَـٽي ۾ رهندا هئا، پنهنجو لشڪر ٺاهي ويٺا هئا جيڪو 1044هه (1635ع) ۾ 3-هزار
گھوڙسوار ۽ پيادل سپاهين تي ٻڌل هو.[117]
8.
سنڌونديءَ جي ساڄي ڪناري تي
ڪاسائي شورا ڳوٺ جا دائود شورا هُوسڙن (Hoosras)، ملاحن ۽ چورَن جو لشڪر ٺاهي ويٺا هئا جيڪي خشڪي توڙي پاڻي (ندي)
تي حملوي ڪري سگھندا هئا.[118]
نيٺ، اورنگزيب جي ڏينهنِ ۾، اهي قبيلا ايترا ته سگھارا ٿي
ويا جو دهلي (حڪومت) تي داٻ وجھي سگھن ته سنڌ جي مختلف حدن ۾ سندن حاڪمانه
صوبيداري مڃي وڃي. اورنگزيب جي راجھوڪي سنڌ ۾ ڏُڪرن ۽ مرضن سان شروع ٿي ۽ هن جي
آخري ڏينهنِ ۾ وَڏراهن (Highways) تي ڦرلٽ/ڌاڙ عام ٿي چڪي هئي.
1. 1659ع
۾، سنڌ ڏڪار ۽ پليگ (Plague، مهامري) جا ڏک ڏٺا ۽ سَٽڪا سَٺا جن جي نتيجي ۾ آباديي (ماڻهن
توڙي فصلن جي) گھٽجي وئي. ان واپار تي ڏاڍو ڪِنو اثر وڌو.[119]
2. 1660ع
جي اپريل ڌاري ايترا ته ماڻهو مري چڪا هئا جو جيئرا بچي ويل ماڻهو لاشن کي
پُوري/دفنائي سگھڻ لائق به نه هئا.[120]
3.
1699ع ۾، هَئمِلٽن اليگزينڊر ٻڌايو ته ڄامَ،
ٻروچ ۽ مڪراني لاري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ ٻيڙيون هلائيندا ۽ ٻيڙيون ۽ قافلا ڦريندا
هئا، ڄامَ سنڌونديءَ جي کاٻي ڪناري تي ۽ باقي ٻئي قبيلا ساڄي ڪناري تي. هر هڪ قافلو
100-200 نگهبان ساڻ کڻي هلندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن ته چار چار پنج پنج هزار ڦورو هڪ ئي
مهل پهچي ويندا ۽ ڦري ويندا. ڪڏهن ڪڏهن ته نگھبان به ڌاڙيلن سان ملي ويندا هئا.
سنڌ جي قبيلن جي جدوجهد جاگيردارن کي ڏنل زمين هٿ ڪرڻ لاءِ
۽ جاگيردارن ۽ حڪومت پاران مڙهيل ڳرن محصولن (رائرن، ڍَلن، ٽيڪسن) خلاف هئي. آدم
شاهه ڪلهوڙي جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪلهوڙا تحريڪ ان سلسلي ۾ سنڌ جي قبيلن جي انتهائي
جدوجهد هئي. اورنگزيب جي حڪمراني دوران مقامي قبيلن پاران رنڊڪ ايڏي ته سگھاري ٿي
چڪي هئي جو انهن اقتدار لاءِ زور ڀريو. جڏهن اورنگزيب جي پوٽي، شاهه عالم جي پٽ
مُعزالدين کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو تڏهن هن جي حڪم تي آدم شاهه ڪلهوڙي کي
قتل ڪيو ويو، تنهن کان پوءِ دين محمد ڪلهوڙي کي حاڪم جي درٻار ۾ گھرايو ۽ قتل ڪيو
ويو. دين محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ يار محمد ڪلهوڙي حڪومت خلاف هٿيار سنڀاريا ۽ سيوهڻ
جي اتر ۾ ناري ۽ سنڌونديءَ جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي سنڌ جون سموريون
ايراضيون جيتي ورتيون. معزلادين مجھبور ٿي پيو ته سنڌ ۾ اچي پر يار محمد ڪلهوڙي کي
ڏاڍو سگھارو ڏسي کيس ”خدا يار خان“ ڪو لقب ڏنو ۽ کيس اختيار ڏنو ته پنهنجي اثر هيٺ
ايراضيءَ تي حڪومت هلائي. ان سان گڏ هن کي اها به موڪل ڏنائين ته سبي پرڳڻن تي حڪومت ڪري.
1701ع ۾، ڪلهوڙا، هڪ مقامي قبيلي، ٻين مقامي قبيلن کي
هيٺاهون ڪري چُڪڻ کان پوءِ ملتان ۾ مغل گورنر (شهنشاهه اورنگزيب جي هڪ پوٽي) کي
داٻ هيٺ آڻي انهن پاران زوريءَ قبضي هيٺ آندل ايراضين مٿان سندن حاڪمي مڃڻ تي
لاچار ڪيو. دهلي انتظاميا هن قبيلي جي قوت آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تنهن کان پوءِ هن
قبيلي کي ساديءَ طرح رڳو نالي ۾ مغل حاڪم طور مقرر ڪيو. هي قبيلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ
حدون والاريندو ويو ۽ انهن تي مغل شهنشاهن کان وڌيڪ رعايتون ۽ منظوريون وٺندو ويو.
1736ع ۾، انهن (ڪلهوڙن) هاڻوڪي سڄي سنڌ صوبي ۽ ان کان ٻاهر بلوچستان ۾ ڪيترين ئي
ايراضين تي والار ڪري ورتي. سورلي جي چوڻ موجب ڪلهوڙن جي پاليسي (مصلحت) اها هئي
ته جيڪو ڪجھ هٿ ڪري پئي سگھيا اهو قبضي ۾ ڪن ۽ جيڪو ڪجھ قبضي ۾ ڪري سگھيا ان تي
اقتدار قائم ڪن ڇو ته کين اها پڪ هئي ته دهلي سندن معاملن ۾ مداخلت ڪري سگھڻ کان
گھڻو پري هئي.[121]
مغل حڪمراني جي هڪ صديءَ دوران گھڻن مغل حاڪمن/گورنرن ۽
صوبيدارن پاران مقامي مسلمانن تي ظلم ۽ بدانتظامي جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
1. زوريءَ
پورهيو ڪرائڻ.
2. زوريءَ
ڍلون/رائر اڳاڙڻ.
3. غيرقانوني
محصول وٺڻ.
4. حڪومتي
ڪارندن (آفيسرن) پاران منظم ڪيل چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرلٽ.
5. ماڻهن
جي ملڪيت/مال جي غيرقانوني ضبطي.
6. ڳانڍپو
(ڪميونيڪيشن) سرشتي جي تباهي.
7. حاڪمن جي غيرهمدرد/ظالم رويي سبب زراعت/پوکي راهي جا حال هيڻا ٿيڻ.
8. واهن
مان لَٽ جي صفائيءَ جي اڻهوند.
9. وڌيل
زميني ڍل جي مڙهپ.
10. ننڍن
جانورن جي زوريءَ ضبطي.
11.
قبيلن جو گڏيل ڪوس.
ان جو نتيجو هي هو ته قبيلن وڙهڻ ۽ پناهه جي ڳولا ۾ هڪ کان
ٻي هنڌ ڀڄڻ شروع ڪيو.
1843ع ۾، هر هڪ کي سنڌ ۾ ٿورڙا ڪي وڏا-شهر نظر ايندا، جن
مان هر هڪ ۾ آباديءَ جي گھڻائي هِندن تي ٻڌل هئي. اهو هڪ راز/اسرار آهي ته منگول
(ارغون، ترخان ۽ مغل) والار جي 200 ورهياتي ڪشٽ ۾ هندو ڪيئن وجود بچائي سگھيا.
ڀيرومل هڪ ڏَس ڏنو آهي ته سنڌ ۾ هندن جي گھڻائي 1600ع کان پوءِ پنجاب مان لڏي آئي
۽ لڳي ٿو ته اها لڏپلاڻ سڄي صدي ٿيندي رهي.[122]
1600ع جو سال سنڌ مان ميمڻ واپاري برادريءَ جي لڏي وڃڻ سان ٺهڪي اچي ٿو ۽ هاڻي اهو
سمجھڻ جوڳو ٿي پيو آهي ته ڌنڌي ۽ واپار جي دائرن ۾ پيدا ٿيل خال هندن جي لڏپلاڻ
وسيلي ئي ڀرجي ويو. ڪلهوڙن، جن 1783ع تائين حڪمراني ڪئي، ماڻهن جي ترقيءَ لاءِ
ڏاڍي محنت ڪئي. انهن جي شاندار حاصلات پيڄارڪ (آبپاشي، Irrigation) سرشتي ۾ سڌارو هو جيڪو سمن جي ڏينهن کان
خراب ٿي چڪو هو. نور محمد ڪلهوڙي جي پويَن ڏينهنِ ۾ 1754ع ڌاري، ڪاٿو آهي ته
پوکيءَ هيٺ ڪل ايراضي پنهنجي سڀ کان مٿين حد 30-لک ايڪڙن تائين وڃي پهتي.
زمين/ٻنيءَ لاءِ سنڌين جي سِڪ کي هن نموني پورو ڪيو ويو جو نئين (اڳ غير آباد)
زمين پوکيءَ هيٺ آندي وئي. ڪلهوڙن به، بهرحال، مغلن وارو جاگيرداري سرشتو برقرار
رکيو. جاگيرداري عام طرح وراثت ۾ ملي سگھندڙ هئي نه ته به گھٽ ۾ گھٽ جاگيردار جي
ڄمار دوران ان جي حوالي رهندي هئي. اها جاگيردار لاءِ هڪ سٺي ترغيب هئي جنهنڪري هن
زمين جي سڌاري تي ڌيان ڏنو پئي. ان ڪري سنڌي مسلمانن جي حالت ۾ اڳوڻين ٻن صدين جي
ڀيٽ ۾ بهرحال چڱو سڌارو آيو پر ڪلهوڙا جنهن شَيءِ کي مڃي يا سمجھي نه سگھيا، اها
هيءَ ته رڳو زراعت/پوکي راهيءَ ۾ سڌارو ئي سنڌي مسلمانن کي مٿي آڻي نه ٿي سگھيو.
انهن سنڌي مسلمانن کي شهرن ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. انهن ڏينهنِ ۾ موجود
معاشي ڍانچي ۾، مال/خوشحالي ۽ اقتدار شهرن ۾ نه، پر جاگيرن ۾ مرڪوز هو. ان سرشتي
جاگيردار کي مجبور ٿي ڪيو ته تعليم ۽ ثقافت/سماجي سرگرمي کان پري پنهنجي زمينن تي
رهي. ان جي ڪري هو پاڻ ۽ سندس اولاد اڻڄاڻ ۽ تعليم کان تڙيل رهجي ويو. هامن
باوجود، تعليمي شعبي ۾ سنڌين جي ترقي ڪلهوڙن جي ڏينهنِ ۾ اهميت واري نه ٿي چئي
سگھجي، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته اهي ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا ۽ سندن وس ۾ اهڙا ڪي به
وسيلا نه هئا. انهن لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو هو ته تعليم ماڻڻ لاءِ ڏهاڙي شهرن ڏي اچن ۽
موٽن. اها صورتحال پاڻ ٽالپرن جي راڄوڪيءَ ۾ به نه سڌري. اهڙيءَ طرح، 1843ع ۾ اسان
کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شهر گھڻي قدر هندن سان ۽ ڳوٺ اڻٽر نموني مسلمانن سان ڀريل هئا.
ڪجھ هندو واپاري ڳوٺن ۾ ڌنڌو ڪري رهيا هئا پر انهن جا اڪثر ڪري ويجھن شهرن ۾ رهندڙ
هئا. 18-صدي ۾ سنڌين لاءِ ٻه وڏيون رنڊڪون هي هيون:
1. 1739ع
۾ محمد شاهه سنڌو جي اولهه واريون سموريون ايراضيون نادر شاهه حوالي ڪيون. يار
محمد ڪلهوڙي ان صلح نامي کي مڃتا ڏني ۽ ان ڪري 1740ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي
۽ سنڌ جو سڄو خزانو ۽ حڪمران نور محمد ڪلهوڙي جا ڪتاب (لائبريري) کڻي ويو. ان سان
گڏ مٿس (يار محمد ڪلهوڙي تي) 20-لک رپيا سالياني ڍل مڙهي ويو. ڪلهوڙن ڏن ڀرڻ کان نٽايو
پئي، 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي هڪ وڏو لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو ته جيئن ڍل
اڳاڙي سگھي. احمد شاهه کان پوءِ ڪلهوڙن خاص طرح ڏن ڏيڻ ۾ گوسڙائپ ڪئي.
2.
1783ع ۾، آخري ڪلهوڙي حڪمران
ٽالپرن خلاف افغاني واهر لاءِ واجھايو. مدد خان پٺاڻ آيو، ڦريائين، ساڙيائين ۽ سنڌ
جي وڏي ايراضيءَ کي ڀينگ ڪري ويو. اهو سنڌين لاءِ سڀ کان وڌيڪ خراب ڌڪ هو، ڇو ته
هن بدين جھڙي پراهين ڳوٺ کي به نه بخشيو.
چارلس نَيپيئر کي، سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ڏوهه ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن
به تاريخ-ڄاڻو سنڌ تي فتح جي اصلي سبب کي ڳولڻ جو جتن نه ڪيو آهي. پڙهندڙ جي عام دلچسپيءَ
لاءِ هي ٽڪرو پڙهائڻ/پيش ڪرڻ ضروري لڳي ٿو. 1830ع ۾، لارڊ ايلِنبورو جي سهڻي زال
جين ايلنبورو جو آسٽريائي (Austrian) ڊپلومئٽ (سياسي نمائندي، ايلچي) سان پيار/عشق واري مامري جي
نتيجي ۾ لارڊ پنهنجيءَ پارليامينٽ کي عرض ڪيو ته کيس پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيڻ جي
موڪل ڏني وڃي. مَنَڄاڻڪَ (”نفسياتدان“، Psychiatrists) ڄاڻن ٿا ته ان پائي جو ماڻهو هڪ عورت هٿان هار
کائڻ کان پوءِ (اڪثر ڪري) ڪنهن ٻي شعبي ۾ سوڀ ماڻڻ جو جتن ڪندو آهي. ان ڪري لارڊ
ايلنبورو برطانيا حڪومت ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٺيڪ ان ئي سال سنڌ کي فتح ڪرڻ جي رٿ
ڏني. اهو عمل هڪ مَنڄاڻڪ جي مطالعي سان ٺهڪي اچي ٿو ته هن پنهنجيءَ زال پاران
پنهنجِي هار کي هڪ نئين زمين جي فتح وسيلي سوڀ ۾ بدلائڻ جو جتن ڪيو. ليڊي ايلنبورو
بابت ٻڌايو ٿو وڃي ته هن 12 وڏا عشق ڪيا جن مان ٽي ته بادشاهن سان هئا ۽ هڪُ شام جي هڪ بدو سان هو. ايلنبورو کان سواءِ، ٻين عشقي معاملن مان هن کي
6-هزار پائونڊ هر سال عيوضي/بدلي (Compensation) طور ملندا هئا، جڏهن ته لنڊن جي اخبارن ۾ هن جا عشق پيا ڇپبا هئا. لارڊ لاءِ پنهنجيءَ هار کي
سوڀ ۾ بدلائڻ جو وقت تنگ ٿي چڪو هو ۽ نيپيئر هن لاءِ (ان ٿوري وقت ۾) اهو ڪري ورتو،
پر ڏوهاري ضمير سان، جنهنڪري هن لارڊ ڏانهن لکيو ته ”ڏوهه ڪيو اٿم“ (”have sinned“ i.e ”Pacavi“).
نيپيئر سٺو منتظم هو. هن شايد جاگيرداري سرشتي کي جاري نه
رکيو هجي ها پر سنڌ ۾ جاگيرداري جاري رکڻ جي حامين/همدردن ـــــــــــ اوٽرام،
اِيسٽوِڪ، جان جيڪب ۽ بُئِسٽ ــــــــــ وٺي پرچار ڪئي ته سنڌي نه ته انگريز راڄ
خلاف اٿي پوندا. ان ڪري نيپيئر مجبور ٿي پيو ته اڳوڻن-جاگيردارن تي سوڀ ماڻي ۽ هن
ترت ئي سندن جاگيرون انهن لاءِ بحال ڪيون. 1843ع ۾ پوکيءَ هيٺ ڪل ايراضي گھٽجي وڃي
10-لک ايڪڙن تي بيٺي هئي. پيڄارڪ سرشتي کي جديد بنائڻ وسيلي 1930ع ۾ برطانيا پيڄاريل
(Irrigated، آبپاشي هيٺ)
زمين کي 30-لک ايڪڙن تائين پهچايو ۽ باقي واڌ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ ٿي.
جاگيرداري سرشتي هارين کي شايد ئي ڪنهن ڪم لائق ڇڏيو هجي. هُو ”آڻيون ۽ چاڙهيون“
(ڏهاڙي پورهيي) تي جِيو پئي ۽ برطانوي حڪمراني دوران جڏهن نئين زمين خريدڻ جو
موقعو پيدا ٿيو، اهي، اڪثر ڪري جاگيردار ئي هئا جن وٽ وڌيڪ زمين وٺڻ ۽ کيڙڻ لاءِ
پيسو وسيلا موجود هئا. نتيجي ۾ زمينداري ۽ جاگيرداري سرشتو وڌيڪ سگھارو ٿيو ۽ غريب
هارين جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿي جيڪي ڪل آباديءَ جي 70 سيڪڙو کان مٿي ۽ صوبي جي
ڪل مسلمان آباديءَ جو 93 سيڪڙو هئا.
مسلمانن کي پوئتي/پسمانده رکڻ جو الزام انگريزن تي آڻي نه
ٿو سگھجي. 1853ع ۾، ان وقت سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي الف-ب/صورتخطي
سڃاڻائي. بمبئي حڪومت پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لکيت (Script) جي حمايت
باوجود ان لاءِ عربي لپي/لکيت واهپي هيٺ آڻڻ جو اعزاز به هن کي ئي سُونهي ٿو. هن
دليل ڏنو ته آباديءَ جو 80 سيڪڙو مسلمان هئا. ميسر سنڌي ساهت عربي لکيت ۾ هئي، تعليمي
ادارن جا هلائيندڙ مسلمان ئي هئا جتي انهن سنڌي، عربي ۽ فارسي سڀ ساڳي ئي لکيت ۾
سيکاريون پئي ۽ اها سنڌي مسلمانن سان ناانصافي ٿيندي جو عربيءَ بدران ڪا ٻي لپي
اختيار ڪئي وڃي. هُن، حڪومت پاران چونڊيل ڪميٽيءَ کي ڪم هلائڻ نه ڏنو ۽ بس پنهنجا
خيال بيان ڪري/مڙهي ڇڏيا. سنڌين جي مدد لاءِ هن تمام گھڻي ڪِرپا/همت سان سنڌ جي
سڀني تعلقن ۾ چٽاڀيٽي وارن امتحانن جو طريقو رائج ڪيو. اهي هر ڇهين مهيني ٿيڻا هئا
۽ هر تعلقي مان پهريَن ٽن مٿير اميدوارن کي انعام ڏيڻو هو؛ پهريون نمبر ايندڙن کي
سڌو چونڊيو ويندو هو، ٻيو نمبر ايندڙن کي پنجن سالن لاءِ ڪراچيءَ ۾ پڙهائي دوران
اسڪالرشپ (وظيفو) ۽ ٽيون نمبر ايندڙن کي ستن سالن لاءِ بمبئي ۾ اسڪالرشپ ڏني ويندي
هئي. انهن شاگردن/اميدوارن کي پاس ٿيندي ئي حڪومتي نوڪريءَ ۾ کنيو ويندو هو. ان جو
مطلب هي ٿيو ته 270 نوڪريون هر سال انهن لاءِ جن سنڌي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي.
سر بارٽل فريئر جي ان اٻوجھ عمل سنڌي مسلمانن کي وڌيڪ پوئتي ڌڪي ڇڏيو. جيڪا ڳالهه
نه سمجھي وئي، اها هيءَ ته تعلقي مُک گھرن (هيڊڪوارٽرس) ۾ وڏي گھڻائي هندن جي هئي.
اهي پهريان هئا جي سنڌي ٻولي کڻندا هئا، ڀيٽ وارن امتحانن ۾ ويهندا هئا ۽ گھربل
وقت ۾ اهي حڪومت جي 90 سيڪڙو نوڪرين تي اچي ٿي ويا، جنهنڪري انهن لاءِ وڌيڪ موقعا
هئا ته پنهنجي اولاد کي تعليم، واپار ۽ فني ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ آڻي سگھن. ايندڙ 90
ورهن دوران سنڌي هندن ۽ سنڌي مسلمانن ۾ اها وٿي اڃا به وڌي. عام سنڌي مسلمان کي،
جنهن هارپ پئي ڪئي، شهرن ڏانهن لڏڻ جو ڪو به وسيلو نه هو. زميندار ۽ جاگيردار ته
(شهر ڏانهن) لڏيندو ڪو نه، ڇو ته هُو زمين سان ٻَڌل هو.
سنڌ جي برطانوي والار دوران اقتصادي ترقيءَ جا نوان دڳ کلي
پيا. مثال طور، سنڌ ريلوي ڪمپني جي شروعات ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ٻن ريلراهن جي
واڌ، هڪ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري ته ٻي کاٻي ڪناري تي. برطانوي حڪمراني جي 35 ورهن ۾
سنڌ جا سمورا مکيه شهر هڪ ٻي سان ڳنڍجي چڪا هئا. ان جي ڪري واپار جا نوان موقعا
پيدا ٿيا ۽ هر ريلوي اسٽيشن وٽ نوان شهر ٻڌجڻ ممڪن ٿي پيو. ڌنڌو ڪندڙ، گھڻي قدر
هندو، نيُن ريلوي اسٽيشنن ڏانهن وڌڻ لڳا جيڪي مهل سِر نيُن مقامي مَڏيُن ۾ بدلجي ۽
سڄي واپار تي ڇانئجي ويون.
برطانوي سوڀ مهل رڳو 10-لک ايڪڙ پيڄاري سگھبا هئا. اهو انگ
1940ع ۾ 30-لک تائين وڌي آيو ۽ سکر بئراج جي کلڻ سان وري اهو انگ ٽيڻ ٿي ويو.
مختلف شعبن، جيئن روزگار ۽ ٺيڪي جا شعبا، ۾ نوان موقعا گھڻو ڪري شهري رهاڪن جي
حوالي ٿي ويندا هئا. نيون زمينون هر ان ماڻهوءَ حوالي ڪيون وينديون هيون جنهن وٽ
سيڙپ لاءِ پيسو موجود هو. تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو هندن زمينون خريد ڪرڻ
شروع ڪيون ۽ مسلمانن سان چٽاڀيٽي ۾ اچي ويا جن کي هن وقت تائين زرعي پيداوار تي هڪ
هٽي هئي. برطانوي حڪومت ڪي ٻيا به ترقياتي ڪم شروع ڪيا جيئن تعليم، صحت، صنعتون، زراعت،
روڊَ، عمارتون، ماهيگيري وغيره. نوڪريون وڏن شهرن جي رهاڪن کي مليون ٿي جن کي
تعليم لاءِ سهولتون در تي ئي موجود هيون. حڪومت عوامي ڀلائي جا ڪم به ڪيا جيئن
روڊ، ٽيليفون، ٽيليگراف، بجلي، پاڻي پهچ (واٽر سپلاءِ)، اسپتالون وغيره. حقيقت اها
آهي ته ان عمل جو (خودبخود) مطلب شهرن ۾ رهندڙن يعني هندن جي ترقي ٿيو.
اهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ معاشي ۽ ذهني وٿي اڃا به
وڌي وئي. اهو ڏسي سگھجي ٿو ته سنڌي مسلمانن جي پسماندگي جو ڪارڻ ڳوٺن ۾ سندن رهڻ
هو جتي معاشي ۽ ذهني واڌاري لاءِ سهولتن جي کوٽ هئي.
ڳوٺن ۾ سماجي زندگي ڏاڍي وچڙيل/منجھيل/ڳتيل آهي. برطانوين
پاران شروع ڪيل جاگيرداري سرشتي جاگيردارن ۽ زميندارن جي ئي تخليق ڪئي جيڪي اصل ۾
پنهنجيءَ اقتداري سگھ جي زور تي ماڻهن مٿان حڪمراني ڪندا هئا. اهو سرشتو اهڙي
نموني مجموعي طرح ساڍيون چار صديون جاري رهيو ۽ اڃا تازو ئي ڀُرڻ شروع ٿيو آهي.
انگريزن کان اڳ ۽ سندن حڪمراني جي
صديءَ دوران سنڌ اناج برآمد ڪندي (ڏيساور موڪليندي) هئي. (اهڙيءَ طرح) اناج جا اگھ
پاڻهُرتو ڏيهان ڏيهي سطح جي اگھن جي برابر اچي ويندا هئا. زرعي ٽيڪنالاجي ۾ نئون
واڌارو، جيڪو 1800ع ڌاري شروع ٿيو، سنڌ سميت هند-پاڪ اپکنڊ ۾ داخل نه ٿيو. 1800ع
۾، گ.ا.ر (يُو.ايس.اَي، گڏيل اميريڪي رياستن) جي 80 سيڪڙو آبادي ٻني تي ڪم ڪندي
هئي جيڪا 1947ع تائين گھٽجي وڃي 7 سيڪڙو ٿي پر سنڌ ۾ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ آبادي انهن
160 ورهن دوران ساڳي ئي 80 سيڪڙو رهي. ٽيڪنيڪي (Technological) ترقيءَ جو مطلب
آهي ته گ.ا.ر جو هاري سنڌ جي هاريءَ جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ وڌيڪ اپت ڪري ٿو تنهنڪري سندس
معيار به ڏهوڻ وڌيڪ (مزيدار) آهي. ٽيڪنيڪي ڄاڻ اسان جي اپکنڊ ۾ 1928ع تائين، زراعت
بابت رايل ڪميشن جي رپورٽ کان پوءِ به نه پهتي هئي. هاريءَ کي پنهنجو اناج 1942ع
تائين ڏيهان ڏيهي اگھن تي، قيمتن مٿان هٿرادو ڪنٽرول وسيلي، وڪڻڻو هو پر ان کي
ڏيهان ڏيهي اگھ کان گھٽ پئي مليو.
ٿوري ۾ چئجي ته سنڌي مسلمانن جي پسماندگيءَ جو سبب کين
1520ع کان وٺي شهرن کان ٻاهر ڌڪي ڪڍڻ هو ۽ اهڙيءَ طرح اهي لاچار ڪيا ويا ته ڳوٺن ۾
وڃي رهن جتي مٿائن منصبدار ۽ جاگيردار مڙهيل هئا جيڪي کين دَٻائي رکندا هئا.
بهرحال، سنڌين پاڻ مٿان ظلم ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجھ سندن وس ۾ هو، اهو سڀ ڪجھ
سيڙائي جدوجهد جاري رکي.
***
نوٽ: هيءُ ليکُ پنهور صاحب جي انگريزي مقالي ”هِيروئِڪ
اِسٽرگل آف سنڌ اگينسٽ فيُوڊلزم“ (Heroic Struggle of Sindh Against
Feudalism: 1500 A.D. to 1843 A.D.) جو ترجمو آهي. - رياضت ٻرڙو
زبردست
ReplyDelete