2/26/2013

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو - رپورٽ: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو
رپورٽ: رياضت ٻرڙو
9 اپريل 1997ع تي، سنڌ جي سڄڻن کي پنهنجي وڇوڙي جو اڻ ميو ڏک ڏئي ويندڙ سنڌ جي ڏاهي، دانشور، عالم، محقق، اديب ۽ سنڌي عوام دوست سياست جا بنياد اڏيندڙ، سچي سپوت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو چاليهو 25 مئي 1997ع تي، آچر ڏينهن، صبح جو، گورنمينٽ پراونشلائيزڊ (بوائز) هاءِ اسڪول قنبر ۾ منعقد ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چاليهي جا ٻه حصا هئا: پهريون ادبي گڏجاڻيءَ جو ۽ ٻيو خيرات جي مانيءَ جو.
هاءِ اسڪول جي نئين اڏايل هال جي مکيه گيٽ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران آيل سڄڻن لاءِ ٿورن جو بينر هنيو ويو هو، جڏهن ته هال اندر ٺهيل اسٽيج جي پٺينءَ ڀت تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چئن فوٽن سميت، چاليهي ۽ ادبي گڏجاڻيءَ جي سُڌ ڏيندڙ بينر لڳايو ويو هو. هال ۾ اڍائي سو ماڻهن جي شرڪت جو انتظام ڪيل هو. ادبي گڏجاڻيءَ جي شروعات، سوا يارهين وڳي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي، شاهه سائينءَ جي هن شعر سان ڪئي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺِي،
وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.



اکين جي مرڪ ۽ اندر جو درد - محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


اکين جي مرڪ ۽ اندر جو درد
محبت ٻرڙو
ادا اشرف علي جن چينيءَ جي ستن پياليُن ۾ پاڻيءَ جي سطح هڪ ٻئي کان مختلف رکي، انهن جي ڪنارن کي ڏونڪي سان کڙڪائيندي، سُرُ سُرَ سان ملائي نرالي قسم جو هڪ جلترنگ جڏهن وڄائڻ شروع ڪندا هئا تڏهن ان جو لهر لهر ٿي اسرندڙ ۽ لهندڙ، اسرندي لهندڙ ۽ لهندي اسرندڙ، جادو- اثر، منڊي ڇڏيندڙ، لنوندڙ پکين جي لات کان وڌيڪ مٺڙو ۽ جھرڻن جي جھانءَ کان وڌيڪ جھوريندڙ آواز ٻڌي مون جھڙي ”گھٽ ذَوق“ ماڻهوءَ جي مَن ۾ به ميٺ جو هڪ مَوجَ ساگر ڇلندڙ لڳندو هو.

2/07/2013

سنڌي ٻولي ۽ ڊاڪٽر محبت - ملهار سنڌي


سنڌي ٻولي ۽ ڊاڪٽر محبت
ملهار سنڌي
ٻولي جيڪا نه صرف رابطي لاءِ ضروري آهي، پر قومن جي ترقي جو اهم ذريعو به ٿيندي آهي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان اندر ٻوليءَ جا مسئلا وڏي پيماني تي رهيا آهن، اهوئي سبب هو جو بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو. سنڌ صوبو به لسانياتي رٿابندي نه ٿيڻ ڪري گھڻو متاثر ٿيو آهي. سنڌي ٻولي هينئر هڪ انتهائي ڏکئي موڙ تان گذري رهي آهي.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو - آزاد انور ڪانڌڙو


”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو“
آزاد انور ڪانڌڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، محقق، مترجم ۽ نقاد هو. سندس تحقيقي، تاريخي ۽ ادبي مقالن ۽ تصنيفن کي سنڌي ادب ۾ سُهڻو مقام حاصل آهي. پاڻ لکتن جو هڪ وڏو قيمتي ذخيرو ڇڏيو اٿن. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم، مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندي اعليٰ مقام تي پهتو هو. پاڻ وطن جي محبت جي جذبي سان سرشار هو؛ جيڪو به علمي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو.