2/08/2015

وهمَ وِسار - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

وهمَ وِسار¨
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
سنڌي، انگريزي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ لڳ ڀڳ هر اخبار ۽ رسالو، ٻيو نه ته به هر هفتي، مختلف عنوانن جي سري هيٺ اهڙو مواد ڇاپيندو رهي ٿو جيڪو وهمن جي پچار ڪندڙ هوندو آهي.
وهم هڪ اهڙو ڀروسو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ، جهالت، بي حقيقيءَ ۽ انڌ تي بيٺل ٿئي ٿو. اهو ماڻهوءَ کي سَونسائي ۽ ڪٽر ٺاهي ٿو. ڪٽر جن اکين ۾، سي پرين ڪيئن پسي سگهنديون، ۽ جي اهو ڪٽرپڻو اندر ۾ هجي، ذهن ۾ هجي ته پوءِ....؟
وهمين جو اهو ڪٽرپڻو ئي آهي جيڪو کانئن اهڙيون فتوائون به جاري ڪرائي ٿو جيڪي هر ان ماڻهوءَ کي واجب القتل قرار ڏيو ڇڏن جيڪو وهمن کي نه ٿو مڃي ۽ انهن خلاف سائنسي، عقلي، علمي، منطقي ۽ اصولي دليل آڻي ٿو.
دليل پهرين نشاني آهي سائنس، حق، سچ ۽ روشن دماغيءَ جي، ۽ اهو دليل ئي آهي جنهن هزارين-روپي مخالفتن باوجود جهالت وسيلي ڌُنڌايل، دٻايل ۽ ڌڪاريل سچائيءَ کي نکاري نروار ڪيو ۽ ان کي اها مڃتا ڏياري جو اڄ سائنسي حقيقتن کان منهن موڙڻ ممڪن نه رهيو آهي.

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 
ڳجهه بابت ”ڳجهي“ رپورٽ ”سائنسي دوزخ“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ ا ر) جي هڪ جاسوس ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فتنا ۽ سازشون اُپائي، اڀاري، پالي تاتي، وڌائي ۽ پکيڙي گ ا ر جي سامراجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سرڪاري تنظيم ”سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي“ (سِي آءِ اي)، جنهن جون مصروفيتون ۽ ترجيحون سوويت يونين جي ٽُٽي پوڻ کان پوءِ ڪي قدر بدلجي ويون آهن، پنهنجيءَ هڪ تازي ”کوجنا“ ۾، ذهن کي وائڙو ڪندڙ ”خبر“ ڳولي آئي آهي. هفتيوار ”ورلڊ نيوز“ ۾ شيع ٿيل رپورٽ موجب:
1.       سي اءِ اي جِي ڳجهي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته زمين تي وقت بوقت رهاڪو نظر ايندڙ خلائي مخلوق حقيقت ۾ دوزخ جا رهاڪو جن ۽ ڀوت آهن، جيڪي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ کي فيصلي ڪُن شڪست ڏيڻ لاءِ شيطان جي مدد ڪرڻ واسطي آيا آهن.
2.      اُڏند-کٽوليون (يا اُڏامڪ ٿالهيون) انهن کي دوزخ کان زمين تي پهچائڻ جو فرض سرانجام ڏينديون آهن ته جيئن اهي بدروح زمين تي نيڪيءَ کي روڪين ۽ برائيءَ کي پکيڙين.
3.      سي آءِ اي جِي ”ڊگھي“ ۽ ”اَڻٿڪ“ تحقيق وسيلي اهو به ثابت ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 200 قتل جي حادثن ۾ پڻ انهن جو هٿ آهي. (ڏسو ”عوامي آواز“، 11 مارچ 1997ع)