کهي جا
کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي
ڊاڪٽر بخت
جمال
ڊاڪٽر محبت، جيڪو اڄ اسان
وٽ ناهي، پنهنجي قوم جي محرومين، مايوسين، خوشين ۽ جفاڪشين جي ڪهاڻي آهي. هڪ
ماڻهو، جيڪو هيٺين طبقي، غريب شهري خاندان
۾ اک کولي ٿو، جيئن تيئن ڪري ڊاڪٽر بنجي ٿو ۽ سفيد پوشي ۾ پنهنجا ڏک، سور لڪائڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو، ڪڏهن ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، پر ڪڏهن ڏکن جو زهر سفيد ڪالر کي ٽوڙي پرزا
پرزا ڪري ڇڏي ٿو. واقعي ذهين، محنتي ۽ محبت وارو ماڻهو آخر تائين ڪوششن باوجود اقتصادي طور مونجھارن ۽ مسئلن مان پار پئجي نه
سگھيو.
مئنيجمينٽ جي ڪتابن ۾ به
ان سوال تي بحث ڪيو ويو آهي ته آخر قسمت آهي ڇا؟ ان مان هڪ مشهور جملو آهي ته:
“Luck is, where preparedness meets with an
opportunity.”
(جڏهن تياري موقعي سان
ملي ٿي، تڏهن ئي قسمت جاڳي پئي ٿي.)
چون ٿا قسمت جي ديوي
آهستگي سان سڀني جي دروازن کي ٺڪ ٺڪ ڪندي رهندي آهي، سڻي رڳو اهي سگھندا آهن، جن
جي تياري مڪمل هوندي آهي.
اڄڪلهه ميڊيڪل ۾ به ان
معاملي تي زور شور سان بحث هلي رهيو آهي، ته آخر ڪي ماڻهو هوشيار ڇو ٿا ٿين ۽ ڪي
جڏا ڇو؟ ڪي هوشيار ۽ عقلمند هوندي به مٿي چڙهي ڇو نه ٿا سگھن ۽ ڪي بلڪل جڏا، مڏا ۽
بظاهر ڪنهن نه ڪم جا هوندي به غير معمولي ڪم ڪيئن ٿا ڪن؟ مثال طور اڄ جي دنيا جو
وڏي ۾ وڏو سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ (Stephen Hawking) بلڪل معذور آهي. هو نه ڳالهائي
سگھي ٿو، نه هلي سگھي ٿو، نه پاڻ کائي سگھي ٿو ۽ نه سمجھائي سگھي ٿو، پر پوءِ به
سموري دنيا ان ڳالهه جي آهي ته آئن اسٽائن کان پوءِ هو دنيا جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان
آهي، جنهن هن وقت تائين ڪائنات بابت مڃيل بليڪ هول (Black Hole) جي نظرئي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جو هڪ ٻيو وڏو سائنسدان
ايڊيسن ڪنن کان ٻوڙو هو، پر همراهه هڻ هڻان ڪري 100 کان مٿي مشينون ٺاهي دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. ايڊيسن پڻ ان معاملي تي بحث
ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته:
“Wisdom is 1% inspiration and 99%
perspiration.”
(ڏاهپ 99 پئسا پگھر ۽ هڪ پئسو اندر }جذبي{ جي پيداوار
آهي.)
شاهه لطيف به ائين چيو
آهي:
ڏات نه آهي
ذات تي، جو وهي سو لهي.
محبت پڻ هڪ جفاڪش، محنتي،
ذهين ۽ بردبار انسان هو. اهڙا انسان اسان وٽ روز روز پيدا نه ٿا ٿين ۽ جي اهڙا
ماڻهو اڌ عمر ۾ جدا ٿي وڃن ته اهو نه فقط سندن خاندان، مٽن مائٽن لاءِ ڏک آهي پر
اسان سڀني لاءِ پڻ هڪ اڻ ميو الميو آهي، ڇو ته محبت سڀني کان گھڻو وقت اسان سان
گڏجي گذاريو هو. 9 اپريل 1997ع تي منجھند جو پوڻي ٻِي وڳي، جڏهن فون جي موتمار گھنٽي وڳي، تڏهن اعتبار ئي نه پئي آيو ته ائين به ٿي سگھي ٿو. مون
پوئتي ڏسي سوچيو ته هن سان اسان جو لاڳاپو اندازاً پاءُ صدي تي ٻڌل آهي، جڏهن 1974ع ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙو، ڊاڪٽر ظفر قادري ۽ محمد عظيم سومري وارن گلن جھڙا ٻارڙا
جو قنبر ۾ بنياد وڌو، تڏهن اسان به ان جا بنيادي ميمبر هئاسون. اهي عهديدار ڀائو
درمحمد ٻرڙو، صحبت ٻرڙو، اعجاز شيخ، نذير شيخ، ايوب شيخ، مان، اياز، اوماني، اعجاز
سومرو، مرحوم نثار شيخ، نثار ٻرڙو، مجيد منگي، مجيد ٻرڙو ۽ اُن جو ڀاءُ عزيز ٻرڙو
هئا. ان سنگت هيٺ اسان رستم جي سئلون تي ويهي دنيا جي هر موضوع تي بحث ڪيا. اها
سئلون نه، پر اسان لاءِ هڪ يونيورسٽي هئي، جنهن ۾ مارڪس، اينگلس کان وٺي امر جليل،
جمال ابڙي تائين، ناولن، افسانن، انقلابن، عشقن، قوم پرستي، گيتن، عام معلومات ۽
ٻين معاملن تي گفتگو ڪئي. ٻين سڀني سان گڏوگڏ جنهن ماڻهوءَ جو ان معلومات جي
ڦهلاءَ ۾ سڀن کان وڏو هٿ هو، تنهن ۾ محبت شامل هو پوءِ 1977ع ۾ اسان سڀ باجماعت ايس ايس ٽي (سنڌي شاگرد تحريڪ) ۾ شامل ٿياسون. اندازاً
ڏهه ٻارهن سال ته وڏي جوش خروش سان سرگرم رهياسون. تقريرون، بحث مباحثا، رايا،
تبصرا، جھيڙا ۽ جھٽا روز جو معمول هئا. اخبارون پڙهبيون ۽ تبصرا شروع. جڏهن ڪجھه
وقت گذريو ته هر ڪو ٿڙي ٿاٻڙي ويو. ڪي ڪراچي ته ڪي ڄامشوري، ڪي لاڙڪاڻي چانڊڪا ۾،
ته ڪي خيرپور ۽ لاهور ۽ ڪوئٽا. ائين عيدن تي جڏهن سمورا گڏ ٿيندا هئاسون ته وري
سڄي جهان جي خبرن سان نوان سوان ٿي ويندا هئاسون. رستم جي سئلون مان جيڪي پڙهي
نڪتا اهي ايس ايس ٽي ۽ عوامي تحريڪ جي وڏن عهدن تي پهتا. ائين ڏهه سال، هڪ آواز ٿي
اسان هڻ هڻان ڪندا رهياسون، پنهنجو ڪيرئَر تباهه ڪري، جوانيون تيل ڪري، ڪنهن اهڙي
راڻيءَ جي انتظار ۾ لڳا رهياسون، جيڪي اچڻي نه هئي. ان عرصي ۾ محبت ايس ايس ٽي جو
پهريون صدر ٿيو، پوءِ 1979ع ۾ هاري ڪانفرنس ۾ تقرير
جي ڏوهه ۾ وٺ پڪڙ ۾ رهيو. بعد ۾ فوج ۾ شامل ٿي ٻن سالن لاءِ ڊاڪٽري ڪيائين ۽
واپسيءَ تي ڪلينڪ کوليائين. ملٽري ڪورٽ کيس هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني، پر
غير حاضريءَ ۾ هي وري انهن وٽ ئي مزا ماڻيندو رهيو. ڇا به هجي، اسان ان ڏهاڪي ۾
ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ملياسون. مختلف علائقن کي ڏٺوسين ۽ متزاد خيالن کان آگاهه
ٿياسون. چون ٿا ته زندگيءَ جو مزو ئي ان ۾ آهي ته ماڻهو مختلف ماڻهن سان ملي، ملڪ
گھمي ۽ ڪتاب پڙهي. ان کان وڏي عياشي ڪا به ناهي. ۽ ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو به پوءِ ئي
اچي ٿو، نه ته هو پنهنجي ذات، خاندان، شهر ۽ ملڪ جي محدود خيالن ۾ پورجي وڃي ٿو.
انسان ذات جو آئيندو به
ان گھڻ رخي، گھڻ رنگي، گھڻ نسلي، پيڙهين ۾ سمايل آهي. شايد مستقبل جو انسان اڇو يا
ڪارو نه پر ناسي هجي، جيڪو اڳتي هلي هڪ اهڙي قوم جو وجود وجھندو، جنهن ۾ دنيا جي
هر رنگ، نسل جا ڀلاڀلا ماڻهو شامل هوندا: انگريزي، لاطيني، يهودي، مسلمان، سنڌي،
ٻروچ، هندي، اردو، عربي، مطلب ته سڀ. مستقبلُ آفيس ۾ ويٺل سفيد پوش ڪاموري يا رڳو
محنت مزدوري ڪندڙ نيري ڪالر جي ماڻهن جو ناهي، پر معلومات سان ٽمٽار اهڙي انسان جو
آهي، جيڪو پورهيو به ڪري ۽ معلومات جي روشنيءَ ۾ فيصلا به ڪري سگھي. عام طرح ان کي
ناليج ورڪر (Knowledge Worker) سڏيو وڃي ٿو،
ان کي سليٽي ڪالر (Gray Collar) وارو ماڻهو پڻ سڏين ٿا.
مئنيجمينٽ جي ابي پيٽر ڊرڪر جي اڳڪٿي آهي ته مستقبل جون سموريون تنظيمون ناليج
ورڪرن تي مشتمل هونديون. پٽيوالن، ڪامورن ۽ ڪلارڪن جو آئيندو اونداهو آهي. فقط اهي
ئي ماڻهو قائم رهي سگھندا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ٽيڪنيڪي معلومات سان ٽمٽار هوندا ۽
پاڻ ڪم به ڪري سگھندا هوندا. فقط ڄاڻ ڪافي ناهي. ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان،
ڪمپيوٽر جا ماهر، معاشيات دان ۽ ٻيا اهڙا ماهر اسان جو آئيندو آهن.
محبت هڪ ناليج ورڪر هو.
هو نه سفيد پوش هو ۽ نه بلُو ڪالرڊ. منهنجو آخر تائين ساڻس هڪ موضوع تي بحث هلندو
هو. اهو هِي ته ڪلينڪ ڇڏ ۽ لک پڙهه وارو ڪو ڌنڌو ڪر، ڇو ته سندس شوق ڊاڪٽريءَ
بجاءِ لکائيءَ پڙهائيءَ سان هو. سندس ڪلينڪ به ڪا لائبريري هئي. سڄو ڏينهن لکڻ ۾
مگن، جي اويل سويل ڪو مريض اچي ويو ته ڄڻ مزو هليو ويو. بس جيئن تيئن ڪري کيس
ڀڄائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو. سندس ڪلينڪ اڌوري هئي. ڊسپينسر به پاڻ هو. بِي پِي ماپڻ
جو اوزار وٽس هو ئي ڪونه. سندس ڪلينڪ، ڪلينڪ گھٽ سياسي آفيس وڌيڪ هئي. ان ئي ڪلينڪ
تي ويهي هن ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي“ لکيو. ان کان سواءِ هن فاضل راهوءَ، رسول
بخش پليجي ۽ ٻين تي ڪتاب، مضمونَ ۽ ٻيا انيڪ گمنام ڪتاب ۽ مضمون لکيا، جيڪي اخبارن
۽ رسالن ۾ ڇپيا. آخر ۾ هن جيڪي گمنام مضمون لکيا، اهي اسان لاءِ وڏو سرمايو آهن ۽
جن دهشت جي فضا کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هو لکڻ ۾ جفا ڪش هو. سندس ڪلهن
کي لوڏو ئي ڪو نه ايندو هو. صاف ۽ سٺن اکرن ۾ ساڳئي مضمون جون اٺ اٺ، ڏهه ڏهه
ڪاپيون ٺاهيندو هو. وٽس رقم ڪو نه هئي جو فوٽو ڪاپيون ڪرائي سگھي. ڳالهائڻ ۾ هڪ
ساهيءَ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي، ترتيب سان ڳالهه بيان ڪندو هو. البت وٽس اختصار جي کوٽ
هئي. هو گھڻن موضوعن تي ڳالهائي سگھندو هو. آخر ۾ ٻوليءَ تي تحقيق شروع ڪيائين.
اسان کي ڳالهه سمجھه ۾ گھٽ ايندي هئي، پر ٻوليءَ جي نامور ماهرن جو چوڻ هو ته هو
بنا ڊگريءَ جي کانئن وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو. اسان جو ساڻس بحث هو ته سائنسي لفظ ترجمو نه
ڪرڻ گھرجن يا اهي لفظ جيڪي مروج ٿي چڪا آهن ۽ سمورن کي ان جي مطلب جي خبر آهي، تن
جو هروڀرو سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ڪرڻ گھرجي، ڇو ته هڪ ته سائنسي لفظ انگريزي جا هرگز
ناهن، اهي لاطيني، يوناني ۽ ٻين ٻولين مان ورتل آهن. خود انگريز به ڪنهن زماني ۾
چوندا هئا جنهن کي ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيڻو آهي، اهو پهريائين يوناني ۽ لاطيني سکي، ڇو
ته علم جي اوائلي شروعات ان علائقي مان ئي ٿي. اهڙيءَ طرح انگريزي ۽ ٻين انهن
ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ هضم ڪيو ۽ اڄ خبر نه ٿي پوي ته اهي انگريزيءَ جا لفظ آهن
يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جا. ٻيو ته ائين ڪرڻ سان اسان عالمي ڌارا کان ڪٽجي وينداسون.
سائنس وغيره ۾ جيڪي وڏيون دريافتون ٿين ٿيون، سي انگريزيءَ ۾ آهن.
ڪجھه وقت اڳ عرب امارتن ۾
به اهو خيال اڀريو ته سائنسي ادب عربي ۾ ترجمو ڪرڻ گھرجي. بعد ۾ هنن تحقيق ڪئي ته
سڄيءَ دنيا ۾ رڳو هڪ مهيني ۾ جيڪي سائنسي کوجنائون رسالن ۾ ڇپجن ٿيون، تن کي
عربيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته نه فقط ان ۾ ججھو وقت لڳندو، پر پوري عرب امارتن جي سالياني
بجيٽ ان ۾ ئي ختم ٿي ويندي. نتيجو اهو ڪڍيو ويو ته ان کان بهتر ۽ ممڪن حل اهو آهي ته ٻارن کي انگريزي به پڙهائي ۽ سيکاري
وڃي. انسان ذات وانگر انسانن جي ٻولي به آخرڪار هڪ ٿيڻي آهي، پوءِ ان ڏاڪي تي پهچڻ
۾ گھڻا هزار سال ٿا لڳن، اها خبر ناهي،
البت جنهن تيزيءَ سان ماڻهو هڪٻئي جي ويجھو ايندا پيا وڃن ۽ جنهن نموني ذهني ليڪا
مٽبا ٿا وڃن، تنهن مان اهو انومان آهي ته ائين ضرور ٿيندو. آئيندو انهن قومن ۽
ٻولين جو آهي، جيڪي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ صورتحال سان منهن ڏئي سگھن.
جنهن رفتار سان ٽيڪنيڪي،
اقتصادي ۽ سماجي ترقي ٿي رهي آهي، ان مان اهي اندازا آهن ته فقط ايفِيشنٽ (efficient، لائق) قومون ۽ ماڻهو ئي جِي سگھندا. اسان وٽ ايفيشنسيءَ (efficiency، لائقيءَ) جو مطلب تيزي کي سمجھيو ويندو آهي، ان ۾ لاڳت ۽ اپت کي
نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ ايفيشنسي ٿورڙي لاڳت (Input) سان گھڻي اپت (output) آهي، پوءِ اها اپت مادي هجي يا
روحاني. گھڻي لاڳت سان ٿورڙي اپت يا تمام گھڻي لاڳت سان رواجي اپت ايفيشنسي هرگز
ناهي.
ايفِيشنسِي افيڪٽِونيس (effectiveness، اثراندازيءَ) کان سواءِ بيڪار آهي. محبت effective
}پُر اثر{ هو، پر
ايفِيشنٽ نه هو. اِفيڪٽِوِنيس وڌيڪ اهم آهي. مئنيجمينٽ جي گرو پيٽرڊرڪر ان فرق کي
هيئن واضح ڪيو آهي: اثراندازِي معنى صحيح ڪم ڪرڻ ۽ لائقي معنى صحيح نموني ڪرڻ. محبت
صحيح دڳ تي هو ۽ آخر تائين پنهنجن بنيادي خيالن سان ٻڌل هو. کيس دنيا جي باري ۾
جدلي ۽ مادي نظرين تي هميشه ڀروسو هو، جيڪو توڙ تائين قائم رهيو. پر عام طور ڏٺو
ويو آهي ته اسان جا مادي پرست علمي دنيا ۾ Idealist }تصوراتي{ وڌيڪ مادي پرست
گھٽ هوندا آهن. محبت به ان معاملي کان آزاد نه هو.
زندگيءَ جي تيز ۽ پيچيدن
معاملن کي هو گھڻو سولو سمجھندو هو ۽ ايترو سولو جيترو سولا اهي نه هئا، ان ڪري به
شايد اهي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو.
هڪ ٻئي ماهر ايڊورڊ سائنس
جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جي وچ ۾ فرق هوندو آهي. ڪي ماڻهو 99 قدمن تائين جدوجھد ڪري ناڪام ٿي موٽي ويندا آهن ۽ ڪي 99 قدمن کان پوءِ هڪ قدم کڻي منزل تي رسندا آهن ۽ ڪامياب سڏبا آهن. اهو آخري قدم
هزارين قدمن جي برابر هوندو آهي. بقول لطيف جي:
کهي جا
کنيائين وک تنهن ويجھي ڪئي.
اصل ڳالهه ڇا آهي، منزل
تي پهچڻ يا اُن لاءِ جدوجھد ڪندو رهڻ؟ سڀ عالم، فلاسافر پراڻا، نوان ان ڳالهه جا
آهن، ته اصل ڳالهه حاصل ڪرڻ نه پر جدوجھد ڪرڻ آهي. دراصل اهو ٽِرڪي سوال آهي. اهو
هيئن ته ماڻهو جڏهن جدوجھد ڪري ٿو، تڏهن بظاهر ته ڀل کڻي اُن کي ڪا منزل نه ملي،
پر اصل ۾ ان جفاڪشي ڪرڻ ڪري خود سندس اندر اهڙيون ته اهم تبديليون اچن ٿيون، جو
اُهي تبديليون پڻ ڪنهن منزل کان گھٽ ناهن. جدوجھد ڪندي ڪندي اصل ۾ اسان کي بار بار
ڪيئي منزلون ملنديون رهن ٿيون، جيڪي بظاهر نظر نه ٿيون اچن. اصل ڳالهه آهي ان ساٽَ
(process، پروسيس، عمل) مان گذرڻُ، ۽ ان
پراسيس مان گذرڻ لاءِ جيڪو جيتري محنت ڪندو، ان کي اوترو ڦل ملندو. محبت انهن مان
گذري چڪو هو.
هو ڏک، بک ۽ اڻ هوند جا
مزا ته اڳ ئي چکي چڪو هو، پر سُک، ڍوَ ۽ هوند کي به ڏسي چڪو هو. ”آهي ته عيد، ناهي
ته روزو“ ڄڻ ته محبت لاءِ ئي چيل هو. بظاهر هو ڪنهن منزل تي نه پهتو، پر انهن
مرحلن مان گذري هن ۾ اهڙيون ته اڻ لکيون تبديليون اچي چُڪيون هيون، جو قنبر ۾ پيٽ
تي پٿر ٻڌي لکندڙ محبت لاءِ ايم ايڇ پنهور جو چوڻ هو ته منهنجي ڳالهه فقط ڊاڪٽر
محبت علي سمجھي سگھي ٿو. جڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تشدد سان مقابلو ٿي رهيو هو،
تڏهن هن جي بي نام ڪيل ڪتاب ”...جيڪي سچ چوي“ لاءِ رسول بخش پليجي جو چوڻ
هو ته تيزُ تلوار کان وڌيڪ شاندار ڪم ڪيو آهي. 1995ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو تڏهن محبت جو ئي قلم هو، جنهن
اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ کان وٺي پرڏيهه تائين دهشتگردن جي پروپئگنڊا کي مُڏو ڪيو.
سنڌ ۾ مختلف موضوعن تي مضمون لکي، ليڪچر ڪري، هن علم جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو ۽ ٻيا ڪيترائي سٺا ڪم هن جي کاتي ۾ لکيا ويندا.
هن جو مطالعو گھڻو، گھرو
۽ ڳُوڙهو هو. سندس تجزياتي حس به تيز هئي. ترتيبوار هر موضوع کي سٽي ڪٽي، ان جي
جرح ڪندو هو. هو سٺو تنقيد نگار هو. هڪ ڳالهه جيڪا مون کي اڄ به حيران ڪري ٿي، اها
هيءَ آهي ته هو جذباتي نه ٿيندو هو. اسان عام طرح بحثن ۾ چڙي پوندا هئاسون، پر
محبت جي اها وڏي خوبي هئي ته هو صبر کان ڪم وٺندو هو ۽ جذباتي نه ٿيندو هو. ان ڪري
ئي اسان مان گھڻن جي کيس صلاح هئي ته هو ڊاڪٽريءَ جي ڌنڌي کي خيرباد چئي، لکپڙهه
جي ڌنڌي ۾ لڳي. ان کي هو نه مڃيندو هو، پر آخر ۾ ان لاءِ ڪجھه راضپو ظاهر ڪيائين.
ان سلسلي ۾ نظير شيخ، ايوب شيخ ۽ صحبت ٻرڙي ڪجھه ڪوششون به ورتيون، پر اهي ڪارگر
ثابت نه ٿي سگھيون. منهنجو کيس چوڻ هو ته ڌنڌا تبديل ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، اصل
۾ ڪو ڌنڌو ڪرڻ رڳو پئسن ڪمائڻ لاءِ نه پر روحاني تسڪين لاءِ به هوندو آهي. هر
انسان جي اندر ۾ ڪو نه ڪو شوق هوندو آهي، جنهن جي پورائي لاءِ هو سرگردان هوندو
آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڌنڌا تبديل ڪرڻ ڪا بري ڳالهه ناهي سمجھي ويندي. اسان وٽ ”بي
جوڙ“ شادين وانگر ”بي جوڙ“ ڌنڌا به عام آهن. شوق هوندو انجنيئري جو، ته ٿي ويندو
ڊاڪٽر، ٿيڻ چاهيندو ڊاڪٽر، ته سياستدان بنجي ويندو ۽ جنهن کي سياستدان ٿيڻ گھرجي،
سو لڪير جو فقير آفيسر ٿي ويندو. ان شعبي جي هڪ ماهر هيلينڊ (Halland) جو چوڻ آهي ته ڌنڌا بنيادي طرح ٽي آهن. هن اها ڳالهه آمريڪا،
ڪئناڊا ۽ يورپ ۾ ٻن لکن کان به مٿي مختلف ڌنڌن جي تجزيي کان پوءِ ڪئي. اهي اصل ۾
ڪنهن نه ڪنهن نموني بنيادي طرح ماڻهن، مشينن يا ڪاغذن سان لاڳاپيل آهن. جن کي
ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولائڻ، ساڻن ملڻ، گھمڻ، ڦرڻ ۽ خدمت ڪرڻ جو شوق آهي، تن کي
سياستدان، صحافي، ڊاڪٽر، نرس، ايئر هوسٽ، ليڪچرار، استاد ۽ مئنيجر وغيره ٿيڻ
گھرجي. جن کي ماڻهن سان مزو نه ٿو اچي، مشينن کي هلائڻ ۾ سرور اچي ٿو سي ڊرائيور،
انجنيئر، پائليٽ، ڪمپيوٽر جا ماهر يا سائنسدان ٿيڻ کپن ۽ جن کي ڪاغذن ۽ لکپڙهه ۾
مزو اچي ٿو سي اڪائونٽنٽ، آڊيٽر، محقق، اديب ۽ پروفيسر بنجڻ گھرجن. هيلينڊ جو چوڻ
آهي ته هزارين لکين ڌنڌا اصل ۾ بنيادي طرح انهن ٽن ڌنڌن جو ميلاپ آهن.
سنڌ ۾ ڏسبو ته هر شعبي ۾
اوهان کي ڊاڪٽر نظر ايندا ─ سياستدان، ايس ايس پي، ڊي سي، ٺيڪيدار، پبلشر، ليکڪ، صحافي، محقق. ٻيو ته
ٺهيو ڪي انشورنس ايجنٽ پڻ اوهان کي ڊاڪٽر نظر ايندا. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي cream ڪافي عرصو ڊاڪٽريءَ ۽ انجنيئريءَ جي ڪڍ لڳي. اصل ۾ ان ۾ سندن شوق
نه هو، پر مائٽن ۽ سماج جي زور ڀرڻ ڪري هو اوڏانهن هليا ويا. بعد ۾ هنن ڏٺو ته
سندن اندر جو شوق ان ۾ پورو نه ٿو ٿئي. ائين سندن شوق ڀٽڪندڙ روح جيان هڪ ڌنڌي کان
ٻئي ڌنڌي جي تلاش جي سفر ۾ سرگرم آهي. ائين آهستي آهستي هو ٻين ڌنڌن ۾ هليا ويا.
جت نه فقط هو ڪامياب آهن، پر ججھي رقم سان گڏوگڏ سندن روحاني تسڪين پڻ ٿي رهي آهي.
محبت پڻ ان بي جوڙ ڪيريئر
جو هڪ وڏو مثال هو. آخر تائين ٻڏ تر جو شڪار رهيو. محبت جي مرڻ کان اڳ منهنجو
ڀروسو هو ته هُو اسان جي ڪجھه ٻين جاکوڙي ۽ جفاڪش دوستن جيان نه هو. هُو جنهن
نموني هڻ هڻان ۾ لڳو پيو آهي، ان مان ڪو زبردست نتيجو نڪرندو، جنهن سان نه رڳو
سندس زندگي بهتر ٿيندي، پر هو وڏو نالو به ڪڍندو ۽ ائين ضرور ٿئي ها، پر محبت بي وقتو
اڌ عمر ۾ ئي مري ويو. سمورين ٻين ڳالهين جيان هن موت کي به حد کان وڌيڪ سولو ڪري
ورتو ۽ ان جي سولائيءَ جي سرنگھه مان موٽي نه سگھيو. مٽيءَ جي مڻن هيٺيان پوريل هن
ماڻهوءَ جي قبر مٿان گل وجھندي اعتبار ئي نه پئي آيو ته قنبر ۾ ڪلينڪ، اوطاقن،
گھٽين ۽ هوٽلن ۾ ڪچهريون ڪندڙ محبت ائين ايترو جلد خاموش ٿي ويندو.
ان خاموشيءَ کي ختم ته نه
ٿو ڪري سگھجي، پر گھٽ ۾ گھٽ ائين ته ڪري سگھجي ٿو، ته محبت کي خاموش ڪرائيندڙ پيڙا
مان هڪٻئي جي جان ڇڏائڻ لاءِ جاکوڙ ڪريون.
اهو بظاهر ڪو وڏو مقصد
نظر نه ٿو اچي، پر پيڙا، جيڪا اڳ ترقي يافته سماجن جي سڃاڻپ هئي، سا هاڻي اسان
جھڙن غريب معاشرن ۾ به ڪاهي پيئي آهي. بيروزگاري، مهانگائي، وڌنڌڙ آبادي، جهالت،
ڏوهه اهڙا بنيادي مسئلا آهن، جيڪي روزبروز هڪٻئي کي وڌائڻ جو باعث بڻجن ٿا. اهي
مسئلا هت ان ڪري به وڌيڪ منجھي پيا آهن، ڇو ته ڪو به اجتماعي مفادن لاءِ سوچڻ لاءِ
تيار ناهي. ضروري ناهي ته آئنده به صورتحال ائين خراب ٿيندي رهي. ڪي سٺيون، مثبت
قوتون ضرور ڪٿي لڪل هونديون، جيڪي وقت جي اهم موڙ تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن
ٿيون ۽ صورتحال پلٽو کائي سگھي ٿي. شايد اهڙو ڪو موقعو اسان لاءِ به اچي ۽ قسمت جي
راڻي اڻلکي نموني دروازن تي ٺڪ ٺڪ ڪري ۽ ڪنهن وڏي شاندار ڪارنامي جي گُھر ڪري.
جي اسان هٿ هٿ تي رکي ان
جي انتظار ۾ ويٺا هونداسين ته اسان جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ به نه ٿيندي. رڳو اهي قسمت
جي ان ديويءَ جو آواز سڻي سگھندا، جن جي تياري مڪمل هوندي. هي شاندار موقعو آهي
تياريءَ جو. اچو تياري ڪريون ۽ پنهنجن ڌنڌن ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏيون. جِي
ها! پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾.
جي هت ويٺل سڀ اهو وچن ڪن
ته هو پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾ اعليٰ ترين مهارت جا مالڪ ٿين ته ائين اسان ۽ اسان جي
قوم جي قسمت تبديل ٿي سگھي ٿي. بظاهر هيءَ معمولي ڳالهه آهي، پر ائين اسان پنهنجي
قوم جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب روشن ڪري سگھون ٿا.
(ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي چاليهي جي موقعي، 25 مئي 1997ع تي قنبر ۾ پڙهيل ۽ روزاني جاڳو
ڪراچي ۾ 12 اپريل 1998ع تي ڇپيل)
بھترين مضمون
ReplyDeleteBeautifully written.
ReplyDelete