4/17/2024

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ - منير احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: منير احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

پِي اين اي-تحريڪ جي ابتدا ۽ انتُ

 

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جو مُدو 10 آگسٽ 1977ع تي ختم ٿيڻو هو. پ پ پ جي ڪجهه اڳوڻن ڀُٽي (صاحب) کي صلاح ڏني ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ڇو ته آگسٽ مھينو چونڊن لاءِ موزون ناهي. ڀُٽي (صاحب) وٽ رٿ رکي وئي، ته چونڊون آڪٽوبر يا نومبر 1977ع ۾ ڪرايون وڃن. تڏهن به، مرحوم ڀُٽي ان سان اتفاق نه ڪيو ۽ پاڻ قومي اسيمبليءَ جون چونڊون 7 مارچ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون 10 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

4/16/2024

سنڌ معاملن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟ - اقبال جعفر/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: اقبال جعفر

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

سنڌ معاملن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟

 اسان مان گهڻن لاءِ سنڌ جي تاريخ هِن علائقي ۾ عرب ڪاهه سان شروع ٿئي ٿي. هِن وقت مقصد اهو ناهي ته ان تاثر کي ٺيڪ ڪيو وڃي، پر هاڻوڪي مقصد لاءِ اها لاڳاپيل ڳالهه آهي، ته تاريخ جي ان گَهڙيءَ کان هڪ بيڊولي حالت کي اُکيلڻ (سَلڻ) شروع ڪيو وڃي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين هڪ پرولي ٿي پئي آهي. اوڀر ۾ بنگلاديش ۽ اولھه ۾ پاڪستان اندر مسلمان گهڻائي ڇو آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ايندڙ هڪ وسيع عوامي ميدان واري ايراضيءَ ۾ ڪجهه به نه، جيڪو لڳ ڀڳ 700 ورهه مسلم حڪمرانيءَ هيٺ رهيو؟ سنڌي مسلم ثقافت جي پاڙ ڳولڻ لاءِ اسان کي ان سوال جو جواب ڏيڻو آهي.

4/11/2024

ڪئناڊا ايڪيل رهڻ جي اميد رکي ٿو (محمد اظغر علي خان/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)

 ليکڪ: محمد اظھر علي خان

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

                              

ڪئناڊا ايڪيل (equal) رهڻ جي اميد رکي ٿو

         

ڪئناڊا سڄيءَ دنيا جي انهن ماڻهن کي ڏاڍو وڻندو آهي جيڪي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻارن جو سٺو آئيندو اَڏڻ جي سَڌ رکندي هِن ڌرتيءَ تي اچڻ گهرن ٿا.

پر پاڻ ڪئناڊا منجهه، اُن تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن اچي ويا آهن. عالمي طور تي پيدا ٿي ويل پَستيءَ ڪئناڊا کي خاص طور ڏکيو ڪيو آهي. اهو 1930ع کان وٺي هن وقت تائين پيدا ٿيل حالتن مان سڀ کان وڌيڪ ڏُکي حالت منجهان گذري رهيو آهي. ڌَنڀياسي (معاشي) ماهر چوَن ٿا ته هاڻي وري به کوٽ کي ڀَري سگهڻ ويجهو اچي پھتا آهيون، پر ڏيوالا ۽ بي روزگاري وڌي ويا آهن ۽ هتي اها سَڀار (عام) ساڃاهه (ادراڪ) آهي ته پاڻ ڀرڻ جو عمل ڍرو هوندو. سياسي محاذ تي صورتحال ڪجهه سُڌري آهي. هاڻي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اها اميد ڪجهه وڌي آهي ته ڏيھه هڪُ ئي رهندو، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پڪ سان چئي سگهن ٿا ته ڏيھُه ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ ڪو نه ٽُٽندو.

5/28/2020

آڏو ٽَڪرَ ٽَرُ (ڪھاڻي) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
آڏو ٽَڪرَ ٽَرُ
ڪھاڻي
پڄاڻي:
باک ڦٽيءَ مھل هڪ صوبيدار صاحب جا ڪي سپاهي کمون هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ بنا اطلاع جي گهڙي ويا ۽ ننڊاکڙي کمون ۽ ان سان گڏ هڪ نوجوان کي کنڀي ٻاهر ڪڍي آيا. کمون ۽ نوجوان ايئن ٿي لڳا ڄڻڪ پنجوڙ ۾ شينھن ڦاٿا هجن. هڪ سپاهيءَ جي هٿن ۾ ڪيترا ئي ڪتاب هئا، گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو هو.
کمونءَ تي 109، 110 [قلم] ۽ هڪڙي بدمعاش کي پنھنجي گهر ۾ لڪائڻ جو الزام هو ۽ نوجوان تي...

8/30/2019

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽq
(ڪجهه اعتراض ۽ ڪجهه انومان)

حليم بروهي صاحب جن 16 آڪٽوبر 1994ع جي حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ جي عنوان سان ”مضمون بازي“ ڪئي آهي. هتي مون ”مضمون بازي“ اصطلاح لکڻ نه پئي گهريو، پر مجبوري آهي، ڇو ته ان لکڻيءَ کي مضمون ڪنھن به اصولي حوالي سان سڏي نه ٿو سگهجي ۽ جيئن ته ان کان هڪ ڏينھن پوءِ، ساڳي اخبار ۾ پاڻ بذات خود شعربازي ڪري چڪا آهن، ان ڪري ”مضمون بازي“ کان وڌيڪ ٻيو ڪو مناسب لفظ به نه ٿو سُجهي.
انهيءَ ”مضمون بازيءَ“ ۾ چار ”نُڪتي بازيون“ آهن:
1.     اڄوڪي سائنسي دور ۾ فقط اهي رسم الخط اڳتي وڌي رهيا آهن جيڪي کاٻي کان ساڄي طرف لکبا آهن. ڪمپيوٽر به کاٻي کان ساڄي ڪم ڪندو آهي.
2.     اسان جي رسم الخط ۾ جيئن ته زبر، زير ۽ پيش واريون نشانيون ۽ اکرن جا نقطا بلڪل الڳ صورت ۾ ڏنا ويندا آهن، ان ڪري اهو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن ۾ بلڪل مُدي خارج طريقو آهي. ان ڪري ئي سنڌي ٽائيپ رائيٽر بيڪار ثابت ٿيو آهي.
3.     انهيءَ رسم الخط جي ڪري ڪمپيوٽر نه ته اکرن جون چڪون درست ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڊڪشنري يا ٿيسارس جي معاملن ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ”موجوده رسم الخط اوهان کي افسانانگار، ڪھاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور ٺاهي اوهان کي جديد ترقي يافته دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو.“
4.     ”پر جيڪڏهن اوهان ۾ اڃا به ڪجهه هوش آهي ۽ اوهان جي ذهنن تان اوهان جي ٺڳ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو هلڪو ٿيو آهي ته هڪدم انهيءَ فرسوده رسم الخط تان هٿ کڻي رومن (انگريزي) اکر ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ کي انگريزي جيان کاٻي کان ساڄي لکڻ سکو ۽ ڪمپيوٽر جون سڀئي جديد سھولتون استعمال ڪريو.“
منھنجي اندر ۾ حليم بروهي صاحب جن لاءِ ڪجهه علمي سببن جي ڪري احترام جو جذبو موجود آهي. انهن سببن مان هڪ اهو به آهي جيڪو مٿي ڏنل چئن نُقطن ۾ جت ڪٿ نظر اچي ٿو يعني سنڌي ٻوليءَ، علم، ادب ۽ ماڻهوءَ کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ جي پُرخلوص ۽ زوردار نيت، جيڪا بدقسمتيءَ سان ۽ حليم صاحب جن جي مخصوص تحريري اسٽائيل سبب تھمت، چٿر ۽ ڪِيني جي زهريلي ڪَليءَ ۾ ويڙهيل آهي. مون کي پڪ آهي ته اها ساڳي نيت، بنا ڪنھن تھمت، چٿر ۽ ڪيني جي، خلوص ۽ وڌيڪ بھتر دليلن سان به پيش ڪري سگهجي پئي، پر جيئن ته حليم صاحب جن جي الزام موجب موجوده رسم الخط اسان کي افسانانگار، شاعر وغيره ٺاهي جديد دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو ان ڪري وٽن پاڻ کي بيڪار ۽ ناڪاره ثابت ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ بھتر طريقو ٿي ئي نه پئي سگهيو، ڇو ته پاڻ اُهو ئي ڪجهه آهن جنھن کي پاڻ ئي بيڪار سڏيو اٿائون.

3/20/2018

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پرزا ۽ اوزار) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا·
مواد سھيڙيو مھم
(وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پرزا ۽ اوزار)

ـــــــــ وڻ، ٻُوٽا، ڀاڄيون ۽ گاهه ـــــــــ
الف“ سان شروع ٿيندڙ مختلف وڻن، ٻوٽن، ڀاڄين ۽ گاهن وغيره جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. اوڀڙڀياس (باٽني) جي ڄاڻن کي خاص گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اوڀڙڀياسي نالو (باٽنيڪل نيم) ۽ ان جي بدران ڪم ايندڙ عام انگريزي لفظ جي ڄاڻ ڏين.
1.       حسب نسب
2.       سڃاڻپ
3.       آبھوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ ويجهڻ وغيره جو هنڌ)
4.       واڌ ويجهه جو طريقو
5.       فوٽو گراف يا اسڪيچ
6.       واسطيدار هر قسم جي ڄاڻ
الف“ سان شروع ٿيندڙ نالو جيڪڏهن رهجي يا غلط لکجي ويو هجي ته مھرباني ڪري ٺيڪ ڪندا.
آبنوس، وڻ
آبنوس، پسارڪو وکر
آبُو، گل (ڏسو ڪُوڻي)
آٽورو، وڻ ۽ ڦل
آٽورو، پسارڪو وکر (ڪاري گيدوڙي)
آپوسي (انب جو قسم )، وڻ
آچڙو، ٻوٽو
آچُو، وڻ
آڇي (بانس جو قسم)
آڏ انگري، ول
آڏيري، ٻوٽي 
آڏيو (جوئر جو قسم) ٻوٽو
آذر، گاهه (اگر، خستوري)
آراڙ، گاهه
آراڙَي (جوئر جو قسم)، ٻوٽو يا گاهه      
آريٺو، وڻ ۽ ٻج
آڙڪ، گاهه
آڙو، ميوو
آزاد، زهريلو وڻ
آزاد (سرو جو قسم) وڻ
آسار، پسارڪو وکر
آساريو، پسارڪو وکر
آساندو (آسانڊو، آسانڌو، آسانڊو، آسانگو)، وڻ
آسرنهَه، وڻ
آسڪند، ٻوٽي
آسَنَ، وڻ  
آسنڍ (بھمڻ اڇو) پسارڪو وکر
آسوٽو، ول
آسودڙو، ٻوٽو
آسودڙو (لسي ڪَنڊيِ جو قسم) وڻ
آفوس (انب جو قسم) وڻ
آڪَرُ ڪرهو، پسارڪو وکر
آڪونڊو، ٻوٽو
آڪونڊو (جابلو ڊڀ جو قسم) گاهه (؟)
آگر، گاهه (آذر)
آگهاڙو، ٻوٽو
آلرو (کيرولي جو قسم) گاهه
آلُو بالو، ميوو
آلو بخارو، ميوو         
آمڻ (توتيو، هيراڪس) پسارڪو وکر
آنورو، وڻ ۽ ڦل
آڻُ، گاهه
آهُر، ٻج
آهُو ٻير، پسارڪو وکر
اُبت ڪنڊي (گدڙ ول) ٻوٽو
اُٻَـھري (جوئر جو قسم)ٻوٽو
اُڀرٽ (ڏٿ جو قسم) گاهه
اٽڪ سرخ، پسارڪو وکر
اُٽنگڻ، پسارڪو وکر
اُٺَ ڪوڍِيرُ، ول
اُٺڪَچورَ، پسارڪو وکر
اڇا ڀوپائي (سارين جو قسم) ٻوٽو
اڇاتُوت (توت جو قسم) ميوو
اڇا چڻا (چڻن جو قسم) ٻوٽو
اڇڙا (چانورن جو قسم) ميوو
اڇڙو (جوئر جو قسم) ٻوٽو
اڇو بازيگر (جوئر جو قسم) ٻوٽو
اڇو ٻڙانگ (سارين جو قسم) ٻوٽو
اڇو جيرو (جيري جو قسم) ٻج
اڇو ڪَارتُھو (جوئر جوقسم) ٻوٽو
اڇو گرگلو (جوئر جو قسم)ٻوٽو
اڇو گلاب (چانورن جو قسم) ٻوٽو
اڇو گلاب (گلاب جو قسم) ٻوٽو
اڇي تُري (جوئر جو قسم) ٻوٽو
اڇي ڪَوڏي،کڏڙي (جوئر جو قسم) ٻوٽو
اُدُمبَرُ (انجير جو قسم)وڻ
ارني، گل
ارني (ٽانڪارو)  ٻوٽو
ارڻي، گاهه
ارُوسو، ٻوٽو
ارهر (دال جو قسم) ٻوٽو، ميوو، ٻج
اَڙڪَ گوار، گاهه
اُشترپائي، ول يا ٻوٽو
اشرفي، گل
افسنتين (گوماندر) پسارڪو وکر
اڪ، گاهه
اَڪَڙُ، ٻوٽو
اَڪڙي، ٻوٽو
اڪليل الجبل (Rosemary) ٻوٽو
اَڪليل الملڪ (Nelibop) ٻوٽو
اکرو، ٻوٽو
اکروٽ، ميوو ۽ ول
اگر (عود؟) وڻ (؟)
اُگڻسي، گاهه
اڱارَي، ٻوٽو
الله جي ماني، ول
السي، ٻوٽو ۽ ٻج
اليٽي، ٻوٽو
املدَاس (ڇمڪڻي) پسارڪو وکر
اناپو (نيلو فر يا ڪُم جو ٻج)
انب، ميوو ۽ وڻ
انبڙي (ڪچو انب)
اندر جَو، ٻوٽو (زنگي)
اَنڌَڙي، گاهه
انکرو، ٻوٽو
اَنولاسار، پسارڪو وکر
اَڻندَ، وڻ
اُونُ، ٻوٽو
اوئن، ٻوٽو ۽ گاهه
اَهُرَ (آهر، رائي) ٻج
اهريو، ٻوٽو ۽ ٻج
ائڻي، گاهه
ايٺي، ٻوٽو
ايري (چانور جو قسم)
ايريال
ايريو، پسارڪو وکر
ايڪڙ (اڪڙ) ٻوٽو
ايلاچي (ننڍو ڦوٽو) ڦل
ايڻِي گاهه
ـــــــــ پرزا ۽ اوزار ـــــــــ
هيٺ مختلف شين ۽ انهن جي پرزن ۽ اوزارن جي وچور ڏني پئي وڃي. انهن جي شڪل (فوٽو يا اسڪيچ) سان گڏوگڏ ان بابت اهم ڄاڻ جي گهرج آهي. جيڪو پرزو ڪنھن وڏيءَ شيءِ جو انگ (عضوو، لڱ) آهي ان جو ڌار اسڪيچ هئڻ سان گڏ وڏيءَ شيءِ ۾ جنھن هنڌ موجود هجي اها جاءِ به ڏيکارڻي آهي. مثال طور ”انچي رندو“ هڪ سڄو اوزار آهي، ”انچي رندي“ جو خاڪو ڏئي انهن سڀني پرزن جي نشاندهي ڪرڻي آهي ۽ آڏاڻي ۾ ڪم ايندڙ هڪ پٿر يا ٺڪر جي ٽڪر جو نالو ”اڌ لک“ آهي جنھن ۾ ڏور ٻڌي تاڃيءَ جي پڇڙيءَ ۾ لڙڪائيندا آهن ته جيئن ان کي ڇڪي بيھي، اهڙي حالت ۾ ”آڏاڻي“ جو خاڪو ۽ ان ۾ ”اڌ لک“ جي بيھڪ ٻئي ڏيکارڻا آهن.
مھرباني ٿيندي جيڪڏهن غلطيءَ کي ٺيڪ ڪيو ۽ رهجي ويل لفظ جي نشاندهي ڪئي وڃي.
آبدوز آٿر (سنجٽ)
آٽيرڻ
آڌي رنبو آڏ (ٻيري جو منھن وارو پاسو)
آڏ (هندن ۾ در تي ”و“ جو نشان)
آڏ (سڙهه جي ڪاٺي)
آڏاڻو آڏ (ڍڳي گاڏي جي ڪاٺي)
آڏَڻِ (گهوڙي يا مُني)
آر
آريکڻ
اڌ لک
آڌو ڀرو
آڏي
ارَهڻ (ارڻي) (اهرڻ)
اسطرلاب
اڪولاهي
اڪيلاريو
اکري
اگردان
اُميٿـڻي
انب ڪُنيرو
انبور (انبوري)
انبي (هنڀي، انبيو، انڀي، ڏوئي)
انجيس
انچي رندو
اُنڪُش
انگري (زرهه، پاکر)
انگڙ  (انگڙو)
انگورو
اوبڻو
اوبڻَي
اود (اوڌ)
اوزار
اونگٽ
ائٽ  (اَيٽ)
اَيٽڙي
ايڪوائي
***

·  روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 28-نومبر 1991ع ۾ ڇپيل

3/19/2018

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (ذاتيون ۽ ديھون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا©
”مواد سھيڙيو مھم“
(ذاتيون ۽ ديھون)

سمورن علم دوست ۽ سنڌي سڄڻ ماڻهن کي گذارش ٿا ڪريون ته  انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ جي سلسلي ۾ اسان جي هر اها مدد ڪن جيتري سندن وس ۾ هجي. هزارين ماڻهن جي مدد گهرجي ۽ اهي ئي ماڻهو هن ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جا مالڪ، خالق، سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ هوندا. جنھن به موضوع تي جنھن به سڄڻ مواد موڪليو، اهو مواد ان جي نالي سان ڇپيو ويندو. ٻن لکن کان به وڌيڪ موضوعن واري هن ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو ليکڪ هڪ ماڻهو هجي يا ڪجهه ماڻهو هجن اهو ممڪن ڪونهي. توهين پنھنجي من ۾ محبت رکي رنڊا روڙي موڪليو، توهان جون محبتون ۽ قرب گهرجن ۽ انهن کي ئي اسين مانُ ٿا ڏيون. اسان کي صرافيءَ جي هام ڪانهي پر ويڄن جي پاڙي ۾ ويٺا آهيون.
هيٺ ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ديھن ۽ ذاتين جا نالا ڏجن ٿا، اسان کي انهن موضوعن تي هر ممڪن مواد گهرجي. ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ڪنھن به ديھه يا ذات جو نالو ڄاڻائڻ جيڪڏهن اسان کان رهجي ويو هجي ته مهرباني ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا.

3/18/2018

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (پسون، راڳ ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا©
”مواد سھيڙيو مھم“
(پسون، راڳ ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو)

ـــــــــ پِسون ـــــــــ
الف“ سان شروع ٿيندڙ مختلف جانورن، جيتن، پکين ۽ ٻين ساهوارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. پسونڀياس (زوالاجي) جي ڄاڻن کي خاص گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پسون ڀياسي نالو (زولاجيڪل نيم) ۽ ان جي بدران ڪم ايندڙ عام انگريزي لفظ جي ڄاڻ ڏين.
1.       حسب نسب
2.       سڃاڻپ
3.       آبھوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ، ويجهڻ وغيره جو هَنڌ)
4.       واڌ ويجهه جو طريقو
5.       فوٽوگراف يا اسڪيچ
6.       واسطيدار هر قسم جي ڄاڻ

3/15/2018

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا¨
ٿوري ڄاڻ سڃاڻ

انساني سمجهه:
ماڻهوءَ جو اوائلي استاد پورهيو آهي ۽ قدرت ماڻهوءَ سميت هر ساهواري جي ماءُ. اڻٿڪ پورهيي نه رڳو ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي سولو ڪيو پر سمجهه به ڏني. انساني سمجهه ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ - جھڙي - ساهواري کي جانورن - جھڙي - زندگيءَ مان ڪڍي انساني سماج ۾ وٺي آئي. سمجهه جو اهڃاڻ اڄ کان 10-لک ورهيه اڳ تائين پڪ سان ۽ ڪاٿي موجب 30-لک ورهيه اڳ تائين ملن ٿا. اڄ کان 5 - هزار ورهيه اڳ تائين وارا ماڻهوءَ - سمجهه جا اهڃاڻ ماڻهن جي جوڙيل ۽ خلقيل پٿر جي اوزارن، ٿانوَن ۽ گهرن جي صورت ۾ ملن ٿا. سندن ڏاڪي به ڏاڪي وڌندڙ، سڌرندڙ، سلجندڙ ۽ نت نيون جوڙون جوڙيندڙ سمجهه هر ڏينھن نسبتاً سوَلي، ستابي، سُکي ۽ سونھن ڀري ٿيندڙ حياتيءَ مان چٽيءَ طرح بَکي ٿي جنھن جو قصو ڏهاڙي سڌرندڙ ۽ سڻائو ٿيندڙ شڪاري اوزارن، گهريلو واهپي جي شين، ٻني ٻاري ۽ پوکي راهيءَ جي زباني اڄ به ”ٻڌي“، ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. هيءُ قصو ڏکن سورن، اهنجن ايذائن، بردباين ۽ دليرين، سُکن ۽ ستابائين، ارڏاين ۽ اوچاين، سورهيائيُن ۽ سرويچائيُن جو رنگارنگ تپرس ۾ وجهندڙ ڪيڏارو  يا جنگ  نامو آهي.

ٻول گھاڙيتو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٻول گھاڙيتوÑ

آءٌ نه عالم آهيان نه اديب ۽ نه ئي وري محقق يا مدبر، پر اهو فخر سو حاصل اٿم ته انهن جي تخليقن جي پاڙي ۾ هڪ شاگرد، سيکڙاٽ جي جذبي سان جيئان ۽ سندن ڄاڻ جي مٺي مھا ساگر مان  هڪ اڌ سرڪي ڀري مينھن جي بوند جهپندڙ سپيءَ جيان گدگد ٿيان پيو.
ريڊيو ۽ ٽي وي سنڌي پروگرامن ۽ سنڌي اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن، مڃجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سونھن ۽ سينگار جي سٺي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪن پيا، پر مون کي ڏاڍي افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته، ڪڏهن ڪڏهن نه، پر اڄ ڪلهه اڪثر ڪري ”شان“، ”فصل“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن کي به جنس مؤنث جي شڪل ۾ ڳالهايو/ لکيو وڃي ٿو ــــ ”منھنجي شان گهٽجي نه ويندي“، ”فصل ڪاٽي وئي،“ ”ٽيبل تي ڪتاب رکي آهي“ وغيره جھڙا جملا پنھنجي ڪنن سان ٻُڌا اٿم. اهڙيءَ طرح ”لاش“، ”علم“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن جو جمع ”لاشون“، ”علمون“، ”ڪتابون“، وغيره به ڇپائيءَ جي دنيا ۾ عام ڇپجي پيو. ”هوٽلون“، ”مارڪيٽون“ وغيره جھڙا انگريزي ڌاتو رکندڙ لفظ هتي ڄاڻائڻ بدران مٿي ڄاڻايل لفظ خاص ڪري ان لاءِ ذڪر هيٺ آندا اٿم جو اهي لفظ سنڌيءَ جي پھرين ۽ ٻي درجي ۾ ئي پڙهايا وڃن ٿا ۽ اسان جي ڪيترن ئي ”ليکڪ“، ”ڄاڻڪ“ ۽ ”پڙهاڪ“ ماڻهن کي به جيڪڏهن انهن جي جنس ۽ جمع جي سُڌ ناهي ته پوءِ پِٽِڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه ئي نه ٿي بچي! خاص ڪري اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ سينگارڻ سان گڏوگڏ بگاڙڻ ۽ سورهن سينگار ڪرائي مٿس ڦينگون ڇَٽَڻِ ۾، جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪن پيون ان تي اسان جي سڄاڻڪ ماڻهن پئي لکيو آهي جنھن جو اندازو حسام الدين راشديءَ جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ (1967) کان وٺي محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي مضمون ”ارد - سنڌي“ (1992) تائين ڪَٿي سگهجي ٿو.