(حصو ٽيون)
باب يارهون
ڊسڪو ڪامريڊ ارباب کهاوڙ
ارباب
کهاوڙ ۽ سندس ٽولي مس مس، پهريون ڀيرو اها همت ڪئي آهي ته پنهنجي نالي سان ڪو ڪتاب
ڇپرائي پڌرو ڪن. ”عوامي جمهوري انقلاب“ (ليکڪ
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ) ۽ ”سنڌي اتحاد، ٿر ڪانفرنس، مٺيءَ
وارو واقعو ۽ وطن دوست انقلابي پارٽيءَ جو نڪتهء نظر“ (اسان سهولت خاطر ”واپ نڪتهء نظر“ لکنداسون) نالي ٻه چوپڙيون ميدان تي
آيون آهن. اڳي ا-س ناصر جي نالي سان ارباب کهاوڙ
ٻه ٽي مضمون لکيا آهن ۽ ’سرواڻ‘ رسالو
واپ جو ترجمان ٿي نڪرندو رهيو آهي.
”واپ
نڪتهء نظر“ جي ابتدا کان انتها هميشه جيان، عادت موجب پليجي صاحب کي گارين ڏيڻ ۽
ان تي الزام تراشي سان ڪئي وئي آهي.
اسان جو
خيال هي آهي ته الزام تراشي اهي ماڻهو ڪندا آهن جن وٽ عملي فضيلت جي اڻهوند، ذهنيت
گندي، عمل جي کوٽ ۽ پنهنجو سياسي هَٽ چمڪائڻ لاءِ ٻين کي گاريون ڏيڻ کان سواءِ
ڪجهه به نه هوندو آهي. خسيس ’قومي عوامي جمهوري انقلاب‘ جو نڪتهء نظر ڏاڍو خسيس ۽
بي عملي وارو آهي ته پوءِ ”واپ جي ’مهاڄائو‘ صدين تي نگاهه رکندڙ ۽ انقلابي“ اڳواڻ
جو نڪتهء نظر يعني ”عوامي جمهوري انقلاب“ ته
ويتر نيچ، خسيس ۽ ڄٽاڻو ٿي پوي ٿو. ارباب کهاوڙ پنهنجي ”عوامي
جمهوري انقلاب“ واري سڄي پٽاڻ باقي ڇو ڪئي آهي؟ ان ڪتاب ۾ ارباب کهاوڙَ
ص-47 تي، ٿلهن اکرن ۾ لکرايو آهي:
اسان
جو انقلاب
عوامي جمهوري انقلاب
فرق رڳو ’قومي‘
جو آهي ۽ قومي انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ سبب پليجي صاحب لاءِ اهو الزام گهڙيو ويو آهي
ته سندس ”تاريخي ماديت جي ڄاڻ اها آهي جو...“ ۽ ”دراصل پليجو صاحب پنهنجن ڪارڪنن
کي اڌ جاهل رکڻ گهري ٿو.“ (”واپ نڪتهء نظر“،
ص-12)
پليجي
صاحب پنهنجن ڪارڪنن، سنڌي عوام ۽ ٻين سياسي ٽولن کي ڪيترو علم ڏنو آهي، ان تي لکڻ
جي گهرج ئي ناهي ( اسان جي تنظيم پاران ڇپايل ڪتاب ان جو ثبوت آهن، ٻي ڪنهن به
تنظيم ايترو ڪم ناهي ڪيو)، پر ارباب ٽولو جنهن کي وڏي جهالت ٿو سمجهي ۽ سڏي، اهو آهي
عوامي جمهوري انقلاب آڏو لفظ ’قومي‘ جو وجود.
’قومي
عوامي جمهوري انقلاب‘ ۾ لفظ قومي ڇا جي نشاندهي ڪري ٿو؟
1-
ڪنهن
ظالم، ڦورو، استحصالي، حاڪم، بالادست ۽ ڌاڙيل قوم (يا ٽولي) جي نشاندهي ڪري ٿو
جيڪا ڪنهن (يا ڪن) قوم (يا قومن) مٿان ظلم روا رکي ٿي، ان (انهن) جي ڦرلٽ ۽
استحصال ڪري ٿي، انهن کي پنهنجو محڪوم ۽ ماتحت رکي ٿي ۽ انهن مٿان پنهنجو جبر ۽
ڏاڍ مڙهي ويٺي آهي. هڪ اهڙي ظالم قوم (يا ٽولي) کي نندڻ جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن
مظلوم قومن جي خود اراديت جو حق ڦٻائي، انهن کي پنهنجو غلام بنائي، انهن جي
پيداواري وسيلن ـــــــ زمين، ڪارخانن، کاڻين، ڍنڍن، معدني ذخيرن، ٻيلن، باغن،
چراگاهن، سمنڊ وغيره ـــــــ ۽ ٻوليءَ ۽ ثقافت تي قبضو ڪري رکيو آهي.
2-
اهڙيءَ
مظلوم قوم (يا اهڙين مظلوم قومن) جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪا ڪنهن ظالم، جابر ۽ ڦورو قوم
يا ٽولي جي جبر، ظلم ۽ ڦر جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي، جيڪا پرمارن جي قبضي هيٺ اچي
پنهنجا سمورا پيداواري وسيلا وڃائي ويٺي آهي ۽ انهن کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ
پتوڙي رهي آهي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ، آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ سان جيئڻ ۽ وڌڻ چاهي
ٿي، جيڪا پنهنجو خوداراديءَ جو حق موٽائي هٿ ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن جيڪڏهن هوءَ
سياسي طرح ڌار ٿي پنهنجي رياست به الڳ رکڻ چاهي، ته رکي سگهي يا جيڪڏهن ڪنهن به ٻيءَ رياست سان سياسي طرح اتحاد يا الحاق ڪرڻ چاهي ته ڪري
سگهي، جيڪا هر قسم جي اقتصادي، سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ ذهني غلاميءَ مان نجات حاصل
ڪرڻ گهري ٿي.
قومي
انقلاب ظالم قوم (يا ٽولي) ۽ سامراج لاءِ تباهه ڪن بم ۽ مظلوم قوم (يا قومن) لاءِ
ڇوٽڪاري جو هٿيار آهي.
قومي انقلاب
ظالم قوم (يا ٽولي، سامراج) جي جبر ۽ ڏاڍ جي خاتمي ۽ مظلوم قوم (يا قومن) جي ظلم ۽
ڦر مان نجات جو نالو آهي.
-
پاڪستان
۾ قومي ظلم آهي يا نه؟
-
پاڪستان
۾ ڪا ظالم قوم ۽ ڪو ظالم ٽولو موجود آهي يا نه؟
-
پاڪستان
۾ عالمي سامراج ۽ ٻين سامراجي قوتن جي دخل اندازي آهي يا نه؟
-
پاڪستان
۾ ڪي مظلوم قومون آهن يا نه؟
جيڪڏهن
ارباب ٽولو اکين کان انڌو ۽ ڌُوجاهل يا سامراج جو ڇاڙتو آهي ته پوءِ بيشڪ قومي
انقلاب جي ضرورت کان انڪار ڪري.
قومي
انقلاب کان انڪار ڪرڻ قومي ظلم، سامراج ۽ مظلوم قومن جي وجود کان انڪار ڪرڻ آهي،
سامراج ۽ سامراجي قوتن جو پاسو وٺڻ ۽ انهن جو ٻولڙيو ٿي بيهڻ جو نالو آهي، ڦورو،
جابر ۽ ڌاڙيل طبقن جو دلال ٿيڻ ۽ انهن جون جُتيون چَٽڻ جو نالو آهي.
”جيڪي (ننڍين قومن جا سوشلسٽ) پنهنجي انقلابي تبليغ ۽ انقلابي
تحريڪ کي وڌائي قومي ظلم خلاف تحريڪ نه ٿا بنائن، جيڪي سوشلسٽ پولينڊ، فنلينڊ،
۽ يُوڪرين وغيره جي روس کان ڌار ٿيڻ جي آزاديءَ جي حق جي گُهر نه ٿا ڪن، اهڙا سوشلسٽ
ناجائز قوم پرست ۽ سامراجي چمچا آهن، ۽ مٿن سامراجين جو وهايل رت ۽ ڪِنُ ٿـڦيو
پيو آهي.“
(لينن، ”قومي پاليسي جو سوال ۽
پورهيت بين الاقواميت“، ص-249)
”قومن جي ڌار ٿيڻ جي حق کي نه مڃڻ جي معنى آهي بدترين موقعي پرستيءَ جو شڪار
ٿيڻ ۽ پورهيت طبقي کي سندن قوم جي رجعت پرست خيالن جي زهريلن جيوڙن جو شڪار بنائڻ.“
(لينن، ”قومي پاليسي جو سوال ۽ پورهيت بين الاقواميت“،
ص-114)
”جيڪي ساٿي اهو محسوس
نه ٿا ڪن ته قومن جي ڌار ٿيڻ جي حق کي نه مڃڻ ۽ ننڍين قومن جي قومي تحريڪ
کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ ڪري هو ڪهڙي ته گند ۾ ڪِري پيا آهن، تن جو اکيون تڏهن
کلنديون جڏهن خبر پوندي ته ’اتفاق‘ سان انهيءَ مسئلي تي سندن خيال به ساڳيا آهن
جيڪي سندن قوم جي سامراجي سرمائيدارن جا آهن.“
(لينن، ”قومي مسئلي جو تنقيدي
جائزو، قومن جو حق خود اراديت“، ص-180)
”اهو روسي سوشل جمهوريت پسند جيڪو قومن جي خود اراديت کي ان
نموني ”مڃي“ ٿو جيئن پليخانوف، پوتريسوف اينڊ ڪمپني مڃين ٿا يعني زارشاهي جي ظلم ۽
ستم جو شڪار قومن جي آزاد، ڌار ٿيڻ جي حق لاءِ وڙهڻ کان سواءِ خود اراديت کي ”مڃي“
ٿو، اهو حقيقت ۾ سامراجي ۽ زارشاهيءَ جو دَلو آهي.“
”اندرين طرح ٽراٽسڪي ۽ مارتوف جي نيت کڻي ڪيتري به ”نيڪ“ هجي، ٻاهرين طرح اهي
پنهنجي (حقيقت کان) ڀڄڻ ۽ لنوائڻ جي رويي وسيلي روسي سوشل سامراجيت جي پوئلڳي ڪن
ٿا.“ (حوالو ساڳيو، ص-186-187)
ظالم قوم
(يا ٽولي يا سامراج) بابت ۽ قومي ظلم مان مظلوم قومن جي ڇوٽڪاري بابت مارڪس،
اينجلس ۽ لينن جا ڏهاڪين حوالا ”صبح ٿيندو“
ڪتاب جي خاص طرح ٻن مضمونن ”ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ
ڪوٺاءِ“ ۽ ”قومي جدوجهد جو پناهگير-پنجابي
نقلي ترقي پسند نظريو“ ۾ ڏنل آهن. انهن ٻنهي مضمونن ۾ نقلي ترقي پسندن جون
لپريون لٿل آهن، پڙهي ڏسو ته اهي ڪوڙا ڪميونسٽ ڪيڏيون نه وڏيون نظرياتي ڪوڙڪيون،
بدمعاشيون ۽ سرڪڻ ڦاهيون پکيڙي ويٺا آهن. ارباب کهاوڙ به ڳالهين ۾ پناهگير-پنجابي
نقلي ترقي پسندن جو ٻوليندڙ طوطو آهي.
اسان جي
اڳوان ساٿي رسول بخش پليجي ڏهاڪين دليلن سان اهي ڳالهيون ثابت ڪيون آهن ته پاڪستان
۾ پنجابي قوم ۽ پناهگيرن ٽولي جو مجموعي ڪردار ظالماڻو، ڦورو ۽ ڌاڙيل آهي، اهي ٻئي
هڪٻئي جي ساٿ سان مظلوم قومن جو رت چوسيندا رهيا آهن.
ارباب
کهاوڙ ”قومي انقلاب“ کان انڪار ڪري، ان کي پنهنجي بنيادي نڪتهء نظر ۾ نٿو رکي،
لينن جي لفظن ۾، سامراجي چمچي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ سندس منهن تي سامراجين جو
وهايل رت ۽ ڪِنَ ٿـڦيو پيو آهي. جنهن ”اڳواڻ“ جي نظرياتي حالت اهڙي غليظ آهي، اهو مارڪس،
اينجلس، لينن ۽ ٻين انقلابين جي تعليم کي سنڌ توڙي پاڪستان ۾ حقيقي سماجي حالتن
سان ٺهڪائي پيش ڪندڙ سائين رسول بخش پليجي جي علمي ۽ سياسي حيثيت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ
جاهلن جيان الزام تراشي ڪري سامراجين جي دلال هجڻ جو ڪردار نڀائي رهيو آهي.
اسين قومي عوامي جمهوري انقلاب برپا ڪري ۽ عوامي جمهوري آمريت قائم ڪري،
سوشلسٽ سماج ڏانهن وڌڻ چاهيون ٿا.
سنڌ ۽ پاڪستان ۾
ٻئي ڏاڪي جي سرمائيداري؟
ارباب کهاوڙ ٻي جيڪا نئين کوجنا ڪري ورتي آهي اها پاڪستان ۾ سرمائيداري سماج
(ٻئي ڏاڪي تائين) ڇانئجي وڃڻ بابت آهي.
عوامي
جمهوري انقلاب جي مختلف شڪلين تي بحث ڪندي لکي ٿو:
”عوامي جمهوري انقلاب جي پهرين شڪل اها هئي جو اهي
انقلاب انهن ملڪن ۾ آيا جتي پيداواري تعلقات سرمائيداري کان اڳ وارا هئا،
جاگيرداريت، قبائليت يا وري قديم برادرين وارو دور هو، اڪثر ماڻهو خانه بدوش ۽
مالوند هئا.“
(ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ”عوامي
جمهوري انقلاب“، ص-43)
”... ٻي شڪل اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ جتي سرمائيداري جا پيداواري
تعلقات حاوي هئا.“ (حوالو ساڳيو، ص-43)
”... ٽين شڪل اسان کي انهن ملڪن ۾ ملي ٿي، جتي نوآبادياتي (بيٺڪي) يا
جتي نيم نوآبادياتي (غلاميءَ) خلاف قومي آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ مزدورن جي نمائنده
انقلابي ڪميونسٽ پارٽي آزاديءَ جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪري ٿي توڙي جو انهن ملڪن جي
سماجي ترقي سرمائيداري جي ترقيءَ جي ان ڏاڪي تي آهي جتي سرمائيداري هڪ پيداواري
طريقي طور حاوي ڪا نه هوندي آهي. (ان کي اسرندڙ، پهرين ڏاڪي جي سرمائيداري
چئبو آهي. -ليکڪ) انهن جا مثال اسان کي چين، ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ ملن ٿا.“ (حوالو
ساڳيو، ص-44)
”... چوٿين شڪل اها آهي ته قومي جمهوري انقلاب جڏهن
ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري ٿو، شهرن ۾ رياست معرفت صنعتڪاري وڌي ٿي، پرولتاريه
پيدا ٿئي ٿي، ٻهراڙين ۾ هارين جون پئنچايتون پختيون ٿين ٿيون، انقلابي جمهوري
پارٽيون پاڻ کي مزدور طبقي جي پارٽين ۾ تبديل ڪن ٿيون، تڏهن قومي جمهوري انقلاب
ترقي ڪري عوامي جمهوري انقلاب جي شڪل اختيار ڪري ٿو. (مثال: موزمبيق، انگولا،
لانوس ۽ ڪيوبا).“
(حوالو ساڳيو، ص-44-45)
ارباب کهاوڙ پاڪستان جي سماج کي عوامي جمهوري انقلاب جي ٻي شڪل (يعني جتي
سرمائيداري پيداواري تعلقات حاوي آهن) واري سطح تي سمجهي ۽ ڄاڻائي ٿو. لکي ٿو:
”جڏهن اسان پنهنجي سماجي ترقي جي سطح تي نظر ڪريون ٿا ته
صاف نظر اچي ٿو ته اسان وٽ سرمائيداري ترقي جي ٻئي ڏاڪي تي آهي. توڙي جو
اها آزاد ۽ خودمختيار ڪا نه آهي. مالي وسيلن، فني مهارت ۽ مارڪيٽ لاءِ اها
عالمي سامراج وٽ محتاج آهي.“
(حوالو ساڳيو، ص-48)
”اهڙا (محتاج) ڪل اٽڪل ٻارهن هزار ننڍا وڏا ڪارخانا آهن جن مان اٽڪل ڇهه هزار
رجسٽرڊ آهن.“ (حوالو ساڳيو، ص-48)
”اسان وٽ سرمائيدار بنيادي طرح سان سامراج جا ايجنٽ ۽ دلال آهن. انهن جي
پنهنجي ڪا آزاد حيثيت نه آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-48)
”ٻيو ته جيڪي سرمائيدار ڪراچي ۾ آهن سي هتي انهن علائقن کان لڏي آيا
آهن، جيڪي هن وقت ڀارت ۾ آهن تنهنڪري انهن جو هتي تاريخي ۽ ثقافتي بنياد ڪونهي
جيڪا سندن اندورني ڪمزوري بڻجي ٿو... انهن پاڻ کي آمريت جي ڇانوَ ۾ محفوظ پئي
سمجهيو آهي. هميشه انهن مارشل لائن ۽ فوجي آمريتن سان ٺاهه پئي ڪيو آهي ۽ انهن جي فرمانبرداري
کي قبول پئي ڪيو آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-48)
(”واپ نڪتهء نظر“ جي ص-47 ۽ 49 تي وري انهن ئي
پناهگيرن مهربانن کي ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ ۽ سنڌي قوم ۾ ”جذب پذيري“
جي دور مان لنگهندڙ ڄاڻائي ٿو. ”واپ نڪتهء نظر“
۽ ”عوامي جهموري انقلاب“ لکجڻ ۾ رڳو پنجن
مهينن جو فرق آهي!)
”ڪامورا شاهي جي محتاج شهري بورجوازي... (کي) به رياستي تحفظ جي هر وقت
ضرورت رهي ٿي.“ (حوالو ساڳيو، ص-48-49)
”اهي سرمائيدار وڌيڪ خوفزده به آهن.“ (حوالو ساڳيو، ص-49)
”زراعت ۾ سرمائيداري آئي آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-50)
”پنجاب مان ڪامورڪي سرمائيداري جي واڌ ٿئي ٿي، جيڪا پنهنجي ڪردار ۾ وڌيڪ
سامراج نواز ۽ رجعت پرست هوندي آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-31)
هي آهن
پاڪستان ۾ ڇانيل سرمائيداري بابت ڳالهيون جيڪي ”صدين تي نگاهون رکندڙ عالم ۽ محقق“
مها اڄاڻ ارباب کهاوڙ بيان ڪيون آهن ۽ سندس ديد پنهنجي ئي (1981ع، جڏهن کان ارباب
کهاوڙ کي سرمائيداري ڇانيل ۽ ٻي ڏاڪي تي نظر اچي ٿي) ٽي سال اڳ لکيل مضمونن تي به
ڪو نه ٿو پوي جن ۾ ا-س-ناصر جي نالي سان لکي چڪو آهي:
- پهرين ۽ مکيه ڳالهه هيءَ آهي
ته 1947ع کان هن وقت تائين (مارچ 1978ع) اسان جي سماج ۾ اهڙي ڪا (به) بنيادي
تبديلي ڪا نه آئي آهي جيڪا پوري سماج کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين متاثر ڪري.
- ٻيو ته ان وقت کان وٺي هن وقت
تائين جاگيردار طبقو اسان جي سماج تي حاوي رهيو آهي، اسان جي سماج جا سڀئي قدر
جاگيردارانه آهن، ويندي هر شخص جي انفرادي زندگي به، اهو ڪراچيءَ جهڙي زندگيءَ ۾
رهندڙ کان وٺي ٻهراڙيءَ جي رهندڙ تائين ايئن آهي، خاص ڪري سنڌين لاءِ ته هي مثال سـﺆ سيڪڙو صحيح آهي.
(ان وقت
ارباب کهاوڙ کي پناهگير ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ نظر نه ٿا اچن!)
- ٽيون ته بهرحال جيڪا به ٿوري
گهڻي تبديلي يا ترقي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، روڊ، بجلي، صنعت، اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ، ڪن
پيداواري يونٽن کي قوميائڻ، زرعي ۽ اهڙا ٻيا سڌارا آڻڻ وغيره سڀئي سماج کي جيئن
جو تيئن رکڻ لاءِ آهن ــــــ سڀ ڪجهه جاگيردار جي طبقاتي بقا ۽ سندس آسائش
لاءِ آهي.
- چوٿون گذريل چاليهن سالن ۾ جيڪي به شديد طبقاتي لڙايون
ٿيون آهن تن ۾ هن طبقي (جاگيردار) وڌي چڙهي حصو ورتو آهي ۽ هر واري فتح حاصل ڪئي
آهي. هن جدوجهد ۾ جاگيردار طبقي پنهنجي سياسي شعور ۾ ڪافي واڌارو ڪيو آهي، انهيءَ
ڪري مختلف وقتن تي مختلف طريقا اختيار ڪري، ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته پنهنجي شڪست
کي فتح ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.“
(”وطن دوست“ پبليڪيشن
جو ٽيون ڪتاب، مارچ 1978ع، ص-17)
مارچ
1978ع تائين ارباب کهاوڙ کي جاگيرداري سماج اهڙي ته ٺوس ۽ ٺيٺ شڪل ۾ نظر پئي آيو
جو لکيائين ته سماج جا سڀئي قدر جاگيردارانه آهن، ويندي هر شخص جي انفرادي زندگي
به، ته پوءِ نيٺ جنرل ضياء جي قهري مارشل لا جي پهرين ٽن سالن ۾ (1978ع کان 1981ع
تائين) اهي ڪهڙا انقلابي قدم کنيا ويا، ڪهڙيون بنيادي صنعتون وڌيون ويون.،ڪيترا
سرمائيدار ۽ پورهيت پيدا ڪيا ويا، سماج ۾ اهو ڪهڙو ترقي پسند ڦيرو آيو، اها ڪهڙي
نَنهن کان چوٽيءَ تائين انقلابي تبديلي آئي جو ٺيٺ جاگيرداري سماج ڦري، بدلجي،
سماجي ترقي جي مٿاهين ۽ وڌيڪ انقلابي ۽ ترقي پسند ڏاڪي ـــــــ سرمائيداري سماج ــــــ
۾ پهچي ويو؟ (ياد رهي ته جاگيرداري سماج جي ڀيٽ ۾ سرمائيداري سماج وڌيڪ ترقي پسند
۽ وڌيڪ انقلابي هوندو آهي.)
انهيءَ
عرصي ۾ فوجي ٽولي جي ڏاڍ ۽ ڏنڊي، قيدن ۽ جيلن، ڦٽڪن ۽ ڏنڊن، سزائن ۽ اذيتن، بيدري
۽ بيرحمي، ڪوس ۽ ڪيس ۽ ڪوڙ بدوڙ ۾ ته واڌارو ٿيو هو، پر پاڪستان توڙي سنڌ جي سماج
۾ ڪا به چڱي، ترقي پسند ۽ انقلابي تبديلي ڪا نه آئي هئي. پاڪستان ۾ اڄ به موجود لڳ
ڀڳ سمورين صنعتن، ڪارخانن، ورڪشاپن ۽ مِلن جو وجود ته 1978ع کان اڳ پئجي چڪو هو ۽
بقول ارباب جي ته اها سڀ ڪجهه جاگيردار طبقي پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيو هو.
پوءِ نيٺ اهي ڪهڙيون نراليون ۽ وڏيون صنعتون اوچتو ئي اوچتو کپ کوڙي ويٺيون جن
وسيع پيماني تي ايڏا وڏا سرمائيدار ۽ پورهيت پيدا ڪري ورتا جو مارشل لا جي ان بدتر
وحشي دور ۾ جاگيردار سماج کي بولاٽي ڏياري کڻي پٽ تي هنيو ۽ سرمائيداري سماج ڳاٽ
اوچو ڪري آسمان تي چاڙهي ويون؟
مارچ 1987ع ۾ ارباب کهاوڙ چوي ٿو:
”سنڌ ۾ جاگيرداري گهڻي قدر پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي. بلوچستان ۾ قبائليت
آهي جيڪا جاگيرداري سماج جي ابتدائي شڪل آهي. سرحد ۾ قبائليت ۽ جاگيرداري جو
امتزاج آهي. پنجاب ۾ وڏي جاگيرداري ڪا نه آهي، پنجاب ۾ نيم-جاگيرداريت (چوڌارهٽ)
سان گڏ پنجاب جي نوڪر شاهي آهي.“ (”وطن دوست“
پبليڪيشن جو ٽيون ڪتاب، ص-18)
ته پوءِ
ڇا ٽن سالن ۾ 78ع کان 81ع تائين
-
سنڌ مان
جاگيرداري ختم ٿي وئي؟
-
بلوچستان
مان قبائليت گم ٿي وئي، ان جي جاءِ جاگيرداري ورتي ۽ پوءِ اها به سرمائيداري کان
مات کائي وئي؟
-
سرحد مان
قبائليت ۽ جاگيرداري جي ميلاپ مٿان ٺوس جاگيرداري سماج سوڀ به حاصل ڪري ورتي ۽ ان
پنهنجو دور پورو ڪري سرمائيداري کي جاءِ به ڏئي ڇڏي؟
-
پنجاب
مان نيم-جاگيرداريت (چوڌراهٽ) ۽ ڪاموراشي جي بالادستي ختم ٿي وئي؟
جيڪڏهن
اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو ته ڪيئن؟
هاڻي اچو
ته ارباب کهاوڙ جو بيان ڪيل پاڪستان ۾ سرمائيداري سماج ڏسون.
1.
پاڪستان
جي سماجي سطح جي اوڀر يورپ جي ملڪن سان ڀيٽ ڪيل آهي. اوڀر يورپ جا اهم ملڪ آهن:
پولينڊ، آسٽريليا. هنگري، رومانيا، بلغاريه، البانيه، يوگوسلاويا، چيڪوسلواڪيا،
اٽلي، يونان وغيره.
ڇا
پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي حيثيت، ثقافتي ۽ ذهني سطح، تعليمي ۽ سائنسي معيار انهن
ملڪن جي معاشي، سماجي، ثقافتي، ذهني، تعليمي ۽ سائنسي سطح سان ڪلهي گس ڪري ٿو؟
ڪيئن؟
(دليل
سان جواب جي گهرج آهي، فرمان جاري ڪرڻ جي نه. چوڻ ڪاڻ ته ڪن ماڻهن ڀُٽي دور کي
سوشلسٽ دور به سڏيو هو ۽ انهن صنعتن ۽ ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ زرعي سڌارن
جا حوالا ڏنا پئي، پر دليلن جو سائنسي بنياد نه هجڻ ڪري انهن جي ڳالهين جي ڪا به حيثيت
ڪا نه هئي.)
جيڪڏهن
حوصلو، اخلاق ۽ علم آهي ته جواب ڏيڻ وقت ياد رکڻ گهرجي ته 78ع کان 81ع تائين ضياءَ
دور ۾ ڪنهن به وڏي صنعت جو بنياد ڪو نه وڌو ويو، سموريون صنعتون اڳ موجود هيون ۽
ارباب ٽولو 78ع تائين ٺيٺ جاگيرداري سماج جو وجود مڃي ۽ ثابت ڪري چڪو آهي ۽ 81ع
کان پوءِ ٻي ڏاڪي جي سرمائيداري سماج جو ڏس ڏي ٿو.
2.
1987ع جي
پڄاڻيءَ وقت پاڪستان ۾ جنهن سرمائيداري سماج جي سوڀ جا ڳڻ ڳايا پيا وڃن ان جي پاڻ
اها حيثيت بيان ڪئي اٿائين ته اها مالي وسيلن، فني مهارت ۽ مڏيءَ لاءِ عالمي
سامراج وٽ محتاج آهي. سرمائيدار پاڻ بنيادي طرح سامراج جو ايجنٽ ۽ دلال آهي، ان جي
طبقي جي حيثيت ۾ ڪا به آزاد ۽ خود مختيار حيثيت ناهي، مارشل لائن ۾ فوجي آمريتن
سان ٺاهه ڪري انهن جي ڇانوَ ۾ پلجي ٿو ۽ ان جو فرمانبردار آهي، هر وقت رياستي تحفظ
جي ضرورت محسوس ڪري ٿو ۽ ڊنل آهي. ”ڪامورڪي“ سرمائيداري اڃا به وڌيڪ سامراج نواز ۽
رجعت پرست آهي ـــــــ هي آهي پاڪستان جي سرمائيدار طبقي ۽ سرمائيداري سماج جي
بڇڙي حالت.
ارباب
کهاوڙ لکي ٿو 1981ع ۾ پاڪستان اندر سرمائيداري نطام ڇانئجي ويو. اڄ کان ڇهه سال اڳ
اهڙي بدافعال، محتاج، ڳيجهو، جاهل ۽ آڱر پڪڙي هلندڙ طبقي جي جيڪا اڃا به وڌيڪ
بدتر، ڪمتر ۽ غليظ حالت هوندي، ان بابت هر هڪ ماڻهو سوچي سگهي ٿو ۽ ان طبقي، جيڪو
اڄ به طبقي جي حيثيت ۾ منظم ناهي، اهڙي حالت ۾ پاڪستان جي مضبوط، ڇانيل، ٺيٺ
جاگيرداري سماج جو تختو اونڌو ڪري، ان کي ڊاهي تباهه ڪري سرمائيداري سماج اڏي
ورتو!؟
هي آهي
پاڻ کي مهاڄاڻو سڏائيندڙ ارباب کهاوڙ جي مهااڄاڻائي ۽ جهالت جو شاهڪار!
انسانذات
هن ڌرتيءَ تي اڄ ڏينهن تائين پنج سماج ڏٺا آهن: (1) ابتدائي رعيتي راڄ (غير
طبقاتي)، (2) غلامداري سماج (طبقاتي، آقا ۽ غلام ٻه اهم طبقا ۽ انهن جا پيداواري
رشتا حاوي)، (3) جاگيرداري سماج (طبقاتي، جاگيردار ۽ هاري ٻه اهم طبقا ۽ انهن جا
پيداواري رشتا حاوي)، (4) سرمائيداري سماج (طبقاتي، سرمائيدار ۽ پورهيت ٻه اهم
طبقا ۽ انهن جا پيداواري رشتا حاوي)، ۽ (5) سوشلسٽ سماج (غير طبقاتي ـــــــ
ڪميونسٽ سماج ـــــــ جو ابتدائي ڏاڪو جنهن ۾ پورهيت پنهنجي آمريت قائم ڪري ڊاٿل
سرمائيداري سماج جي رشتن ۽ سرمائيدارڪي ڦورو ذهنيت جو خاتمو آڻي ٿو.)
هر حاوي،
ڇانيل سماج ۾ اڳوڻي سماج جا ٽٽندڙ ۽ فنا ٿيندڙ پيداواري رشتا ۽ ايندڙ سماج جا
اسرندڙ ۽ ترقي ڪندڙ پيداواري رشتا موجود ٿين ٿا. مثال طور، جيڪڏهن جاگيرداري سماج
ڇانيل آهي ته ان ۾ ٽٽندڙ غلامداري سماج (قبائليت) جا آثار به ڏسڻ ۾ ايندا، ته
اسرندڙ سرمائيداري سماج جا پيداواري رشتا به.
اسين
سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ جاگيرداري سماج ڇانيل آهي ۽ ان ۾ ٽٽندڙ غلامداري سماج جا
پيداواري رشتا (قبائليت) به موجود آهن، ته اسرندڙ سرمائيداري سماج جا پيداواري
رشتا به. اسين سماجي اوسر جي ان منزل تي آهيون جتي انقلاب کان اڳ چين ۽ ويٽنام هئا
يعني ارباب کهاوڙ پاران بيان ڪيل عوامي جمهوري انقلاب جي ٽين شڪل ۾.
جاگيرداري
سماج جي ڇانوَ هيٺ اسرندڙ سرمائيداريءَ سبب ئي هن ملڪ ۾ ڪي ردي ۽ ٻئي درجي جا
ڪارخانا موجود ٿي پيا آهن، مٽاسٽا لاءِ مڏي وجود ۾ اچڻ ۽ وڌڻ لڳي آهي ۽ زراعت ۾
ڪجهه قدر سرمائيدارڪا طريقا نظر اچن ٿا. ان ڪري ئي سرمائيدار طبقو نه ته پاڻ کي
طبقي جي حيثيت ۾ منظم ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي وري آزاد ۽ خودمختيار ٿي سگهيو آهي،
ان ڪري ئي ڊنل ۽ هيسيل به آهي ته فوجي آمريت ۽ مارشل لائن جي حمايت به ڪري ٿو، ان
ڪري ئي رياست ۽ سامراج جي ڇانو ۾ پلجڻ ٿو چاهي. مالي وسيلن، فني لياقت ۽ مڏيءَ
لاءِ سامراج ۽ سامراجي ڇاڙتن جو دلال ۽ محتاج به آهي.
۽ اها ئي
ڳالهه آهي جيڪا ”صدين تي نگاهه رکندڙ“ انڌي ۽ مهاڄاڻو ارباب کهاوڙ کي سمجهه ۾ نه
ٿي اچي يا ان کي بگاڙي پيش ڪري ٿو.
اسان جي
نظر ۾ مارڪس، اينجلس ۽ لينن کان وڌيڪ سائنسي سياسي معاشيات جو ٻيو ڪو وڏو عالم نه
ٿي گذريو آهي ۽ ان ڪري اسين انهن تي ئي ڀاڙيون ٿا. لينن ”قومي
مسئلي جو تنقيدي جائزو ۽ قومن جو خوداراديت جو حق“ (اردو ترجمو) ۾ لکي ٿو:
(1)
”سڀ کان
اڳ ۾ ته سرمائيداري جي ٻن دورن جي وچ ۾ صاف صاف فرق ڪرڻ گهرجي. قومي تحريڪن جي
حوالي سان ٻئي دور هڪٻئي کان بنيادي طرح مختلف آهن. هڪ پاسي ته جاگيرداري ۽
ڊڪٽيٽري جي ڊهڻ ۽ مٽجڻ جو دور آهي، بورزوا جمهوري سماج ۽ رياست جي اُڀرڻ ۽ ٺهڻ ۽ وڌڻ
جو دور آهي، جڏهن قومي تحريڪون پهريون ڀيرو عام تحريڪن جو روپ وٺنديون آهن ۽ ڪنهن
نه ڪنهن شڪل ۾، اخبارن وسيلي، نمائنده ادارن ۾ شرڪت وغيره وسيلي، آبادي جي سڀني
طبقن کي سياست جي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون آهن. ٻئي پاسي، اسان جي آڏو پوري طرح ترقي
ڪيل سرمائيدار رياستن جو دور آهي، جتي ڏاڍو پراڻو پير ڄمائي بيٺل حڪومت جو آئيني
نظام آهي، جتي پورهيت ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ جهيڙو پنهنجي اوج تي آهي ـــــــ هڪ اهڙو
دور جنهن کي سرمائيداري جي زوال جي ابتدا چئي سگهجي ٿو.
”پهرين دور جو سڀ کان پڌرو گڻ آهي قومي تحريڪن جو اُڀرڻ ۽ وڌڻ ۽ ان
۾ هارين جو ڇڪجي اچڻ، جيڪي آباديءَ جو سڀ کان وڏو حصو آهن ۽ عام طور تي سياسي
آزادي ۽ خاص طور تي قومي حقن جي جدوجهد جي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ’ڍلا ۽ ٺس‘. (لينن ”ڍلا
۽ ٺس“ چوڻ وارن تي ٽوڪ ڪري ٿو. -ليکڪ)
ٻئي دور جو نمايان گڻ هي آهي ته عام سرمائيدار تحريڪون اڻلڀ آهن ۽ اها حقيقت
ته ترقي يافته سرمائيداري هڪ طرف ته انهن قومن کي ويجهو آڻي ٿي جن ۾ واپاري لاڳاپا
۽ ميل ميلاپ قائم ٿي ويو آهي، ۽ انهن کي وڌيڪ ميل جول جو موقعو مهيا ڪري ٿي، ۽ ٻي
طرف، بين الاقوامي طور گڏيل سرمائي ۽ مزدور طبقي جي بين الاقوامي تحريڪ جي وچ ۾
ٽڪر ۽ دشمني گهڻي کان گهڻي چٽي ڪري رهي آهي.“ (ص-52)
(2)
”اڀرندڙ
۽ وڌندڙ سرمائيداري ۾ قومي مسئلي جي معاملي ۾ ٻه تاريخي لاڙا ملن ٿا ــــــ
پهريون: قومي زندگي ۽ قومي تحريڪن جو اڀار، سموري ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد، قومي
رياستن جو جنم. ٻيو: قومن جي وچ ۾ هر قسم جي ميل ميلاپ ۾ ترقي ۽ تيزي، قومي ديوارن
جو ٽٽڻ، سرمائي جو بين الاقوامي اتحاد، عام طور تي اقتصادي زندگيءَ جو، سياست جو،
سائنس وغيره جو اتحاد.
”ٻئي لاڙا سرمائيداري جو عالمي قانون آهن. ترقيءَ جي ابتدا ۾
پهريون لاڙو غالب رهندو. ٻيو لاڙو پڪي ۽ ڀرپور سرمائيداري جي خصوصيت آهي جيڪا
سوشلسٽ سماج ۾ بدلجي وڃڻ جي منزل ڏانهن وکون وجهندي پئي وڃي.“
(لينن، ”قومي
مسئلي جو تنقيدي جائزو، قومن جو خوداراديت جو حق“،
(اردو ۾، ص-15)
لينن
اسرندڙ ۽ غالب سرمائيداري سماج جون نشانيون واضع ۽ فرق واريون ڪري ٻڌائي ٿو.
ارباب
کهاوڙ پاڪستان ۾ سرمائيداري کي ٻئي ڏاڪي تي بيان ڪري ٿو ۽ جو لينن جي لفظن ۾ جائزي
موجب، ان جو مطلب آهي ته قومي زندگيءَ ۾ قومي تحريڪن جي اڀار هر قسم جي قومي ۽
جاگيردارانه ظلم کي مٽائي، ان جي جاءِ تي قومي رياستون ٺاهي ورتيون آهن ۽ هاڻي
قومن جي وچ ۾ ميل ميلاپ وڌي ويو آهي، قومي ديوارون (سرحدي، ثقافتي، معاشي، سياسي
وغيره) ٽٽنديون پيون وڃن.
ارباب
کهاوڙ جيڪڏهن لينن جي فلسفي تي ٿورو به ڌيان ڏنو هجي ها ته هڪدم تاڙي وٺي ها ته
پاڻ ڪيڏي نه وڏيءَ جهالت جي ڳالهه ڪئي اٿائين.
ان حد
تائين ته هر هڪ سياسي سمجهه رکندڙ ماڻهو ارباب کهاوڙ جي جهالت ۽ ڪوڙ پڪڙي سگهي ٿو،
پر جيڪڏهن لينن جي لفظن تي ٿورو وڌيڪ ڌيان ڏجي ته ارباب کهاوڙ جنهن بنياد تي
پنهنجي ”عوامي جمهوري انقلاب“ جي جاءِ جوڙي آهي. اهو بنهه بنياد ئي ناهي، رڳو
واريءَ جو ڍير آهي. ارباب کهاوڙ ٿو چوي ته ”اسان وٽ سرمائيداري، ترقيءَ جي ٻئي
ڏاڪي تي آهي.“ (۽ ”اها آزاد ۽ خودمختيار ناهي.“) ۽ جيڪو انقلاب برپا ڪرڻ ٿو چاهي
اهو وري ”عوامي جمهوري انقلاب“ آهي!
لينن ٿو
چوي ته ٻئي ڏاڪي تي بين الاقوامي اتحاد (ماتحتي، دلالي، محتاجي نه) هوندو آهي،
قومي ديوارون ٽٽنديون آهن ۽ سوشلسٽ انقلاب جي تياري هوندي آهي ته جيئن سوشلسٽ سماج
ڏانهن وکون وڌندي نظر اچڻ لڳن.
لينن
صحيح، سنئون ۽ مٿي ٿو وڃي ۽ ارباب کهاوڙ غلط، ابتو ۽ هيٺ. ارباب اهو سمورو ڪم
مارڪس، اينجلس ۽ لينن جي نالي ۾ ڪري ٿو. اڄوڪي دور ۾، هر ملڪ اندر انقلابي استادن
مارڪس، اينجلس ۽ لينن جي نالي ۾ ٺڳي، مڪاري ۽ جهالت پکيڙيندڙ ٻه اهم ڌڙا آهن
ــــــ 1- ٽراٽسڪائي ۽ 2- نقوي نازشي. ارباب کهاوڙ اهي ٻئي ٺڳيون مڪاريون ۽
جهالتون پکيڙي رهيو آهي ۽ ان کي سڏي ٿو ”مها ڄاڻ“، ”صدين تي نگاهه“، ۽ ”انقلابي
فڪر“ ــــــــ ان ڳالهه تي ارباب کهاوڙ کي ”جس“ ڏيون يا ٻڏي مرڻ جو ڏس؟
ارباب
کهاوڙ جيان پاڪستان جي ٻين ٽراٽسڪائي ۽ ڪوڙن ڪميونسٽن کي به پاڪستان ۾ سرمائيداري
نظر ايندي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته اهي به جهالت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. نقوي، نازشي
ٽولي ۽ سندن طوطي ڄام ساقيءَ کي پاڪستان ۾ سرمائيداري نظر اچي ٿي، پر جنهن انقلاب
جي ظاهري ڳالهه ڪن ٿا، اهو آهي ”قومي جمهوري انقلاب“ حالانڪ قومي مسئلي تي انهن جو
مـﺆقف به جاهلانه، غلط ۽ دشمني وارو آهي. ڄام
ساقي چوي ٿو:
”...
منهنجي ذاتي راءِ مطابق حاوي سرشتو سرمائيداري ٿي چڪو آهي...“
س: ته
پوءِ معروضي حالتن موجب توهان ڪهڙي انقلاب جي ڳالهه ڪريو ٿا؟
ج: قومي
جمهوري انقلاب جي.“ (ڄام ساقي جو انٽرويو، ”برسات“،
21 ڊسمبر 1986ع، ص-15)
ڪي ٽولا
وري هاڻوڪي سماج ۾ سنئون سڌو سوشلسٽ انقلاب جي ڳالهه ڪن ٿا.
ارباب
کهاوڙ کي ڏهه ڪروڙ آبادي واري ملڪ ۾ سرمائيداري ڇانئجي وڃڻ جو وڏي ۾ وڏو دليل اٽڪل
ٻارهن هزار ننڍن وڏن ڪارخانن موجود هئڻ جو نظر اچي ٿو، جن مان اٽڪل ڇهه هزار داخل
(رجسٽرڊ) آهن ۽ اٽڪل ڇهه هزار اڻ داخل. اڻ داخل ڪارخانن جو مطلب آهي ته اهي ٽيڪس
ڏيئي سگهڻ جي حالت ۾نه آهن يعني ڪنهن عام سترهين گريڊ جي پگهار کان به گهٽ (ارباب
کهاوڙ ڊاڪٽر هئڻ سبب پاڻ به سترهين گريڊ جي حد ۾ اچي ٿو يعني انهن مان هر ڪارخاني
جي ڪل ڪمائي ارباب کهاوڙ جي نوڪريءَ وار حالت ۾ بنا رشوت ڪمائي کان به گهٽ)، باقي
رهيا اٽڪل ڇهه هزار ڪارخانا، جن مان وڏي گهڻائي ته ڇا پر ذري گهٽ سڀ غير پيداواري
يونٽ آهن ۽ انهن ۾ عام طرح وڌ ۾ وڌ سـﺆ مزدور
ڪم ڪن ٿا. جيئن خوشبوءِ، پائوڊر، ڪريم، لِپ اسٽڪ، چوڙيُن، صابڻ، بسڪوٽ، کٽمڙي، ڌوپ
جي پائوڊر، دوائن، گيهه، ورڪشاپ، گئريج، پين، پينسل، ڪارين، ڪاغذ، بوتلن، پئڪنگ
(کوکا، دٻليون ۽ شيشيون ٺاهيندڙ)، گارمينٽس (لٽاسبن)، سگريٽن، ماچيس ۽ ڇاپي گهرن
وغيره جهڙا ”ڪارخانا“. ارباب کهاوڙ کي اها ته خبر هوندي ته ڪنهن به ملڪ ۾
سرمائيداري ڇائنجڻ لاءِ بنيادي صنعتن جو هجڻ لازمي هوندو آهي.
اَن
ڇڙيندڙ ۽ پيهندڙ (هيلر، سيلر ۽ اٽي پيهڻ، ڏارو ڪرڻ، توتڙ ڪڍڻ وغيره جون چڪيون) به
بنيادي صنعت ناهن، پر بنيادي صنعت اها آهي جيڪا اهڙا ڪارخانا ٺاهي ٿي. بنيادي
اهميت ٽيڪسٽائل ملن جي ناهي، ٽيڪسٽائل ملون ٺاهيندڙ صنعت جي آهي، مرمت ۽ فٽ ڪرڻ جي
ڪارخانن جي ناهي پر اهڙا ڪارخانا ٺاهيندڙ صنعت جي آهي.
پاڪستان
۾ ذڪر لائق بنيادي صنعت رڳو هڪ آهي يعني اسٽيل مل، جيڪا سوويت يونين جي اٽي لپ
خيرات برابر آهي. ٻيو ڪجهه قدر اهميت هيوي ريلڊ فيڪٽري ٽيڪسيلا ۽ مشين ٽول فيڪٽري
ڪراچي جي آهي.
ٻئي نمبر
جا سمورا ڪارخانا پرڏيهي پرمار قوتن پاران لڳايل آهن. انهن جا مالڪ پرڏيهي هڪ هٽي
سرمائيدار آهن.
اسان وٽ
موجود سرمائيدار طبقو پنهنجي ڪا آزاد، خود مختيار حيثيت ڪو نه ٿو رکي. هو سامراج
جو ايجنٽ ۽ دلال آهي ۽ هميشه جاگيردار يا فوجي ڊڪٽيٽري جي ڇانو ۾ ويهڻ پسند ڪندو
آهي. جيڪڏهن طبقي جي حيثيت ۾ کيس ڪا سگهه هجي ها ته آزاد ۽ خودمختيار به هجي ها،
سامراج جو پينو نه هجي ها ۽ فوجي ڊڪٽيٽري جا ڇانوَ ۾ نه ويهي ها پر فوجي ۽ جاگيردار ڊڪٽيٽري کي
ٿوڪاري ڦٽو ڪري، قومي رياستون ۽ سرمائيدار جمهوري حڪومت قائم ڪري ها ۽ پاڻ ان جو
حاڪم هجي ها، ان جي هيٺيان ۽ ان جو ماتحت نه. ڏهه ڪروڙ آباديءَ جي نسبت سان
ڪارخانن ۽ سرمائيدارن جي حيثيت اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
سارمائيداري
ڇانئجڻ سبب ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ جيڪي اهم سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديليون اينديون آهن،
اهي پاڪستان ۾ ضرور ڏسڻ ۾ اچن ها، جيئن:
1-
قومي
رياست جو وجود،
2-
سرمائيدارڪي جمهوريت موجود هئڻ،
3-
حڪومت
مان فوج جي دخل اندازي ختم ٿيڻ،
4-
رياست
مٿان مذهبي بالادستي ختم ٿيڻ ۽ سيڪيولر رياست جو قائم ٿيڻ،
5-
هر نقطهء
نظر رکندڙ ماڻهو کي آزاديءَ سان پنهنجي ڳالهه ڪري سگهڻ جي موڪل هئڻ،
6-
سياسي
پارٽين، تنظيمن، ٽولن وغيره مٿان ڪنهن به قسم جي ناجائز پابندي نه هئڻ،
7-
فلم،
ريڊيو، ٽي وي، پريس ۽ ٻين اهڙن ادارن مٿان رياستي قبضي جو خاتمو،
8-
زندگيءَ
جي عام بنيادي سهوليتن، گڏيل تعليم پاڻي، بجلي، گئس، روڊ، ريلوي، هوائي، ٽرانسپورٽ
وغيره جو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئڻ،
9-
قبيلن،
گهراڻن ۽ ڪهولن جو ٽٽي وڃڻ ۽ ننڍين آڪهن جو ٺهڻ،
10-
وڏي
گهڻائيءَ جو شهرن ۾ رهڻ (ارباب کهاوڙ ڏهه ڪروڙ آباديءَ ۾ مزدورن جي نسبت به نه ٿو
ٻڌائي)،
11-
عورتن ۽
مردن کي هڪ جيترا حق هئڻ،
12-
ٽريڊ
يونين، فارمر يونين، اسٽوڊنٽس يونين (مزدور، هاري ۽ شاگرد سنگت) جي مڪمل آزادي ۽
انهن کي قانوني تحفظ هئڻ.
۽ ٻيو گهڻو
ڪجهه.
اصل ۾
پاڪستان جي سڀني ڪوڙن ڪميونسٽن جيان ارباب کهاوڙ جو به ساڳيو (ڪميونسٽ دشمن ۽
ڪميونزم دشمن) رويو رهيو آهي جو کين دنيا ۾ جتي ڪٿي قومي ظلم، سرمائيداري، سامراج
وغيره عام طرح ساڳي اصولي حالت ۾ نظر ايندا پر جڏهن پاڪستان جي اندرين معاملن جي
ڳالهه ايندي ته نظرياتي گهيرٽ کائڻ ۽ وڦلڻ لڳندا. پاڪستان جا سمورا ڪوڙا ڪميونسٽ،
نقلي ترقي پسند ۽ ٽراٽسڪائي سوين تاندورن وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن.
ارباب
کهاوڙ لکيو:
1.
”جتي جو
جاگيردار طبقو گهڻو مضبوط هوندو آهي ۽ سماج جا سڀئي قدر جاگيردارانه هوندا آهن،
بورزوا سرمائيدار طبقو تمام ٿورو ۽ قوت جي لحاظ کان ڪمزور هوندو آهي ته اتي نه
صرف بين الاقوامي سامراج جي حاشيه برداري ڪندو آهي، نه صرف فوج ۽ پوليس کان
مدد وٺندو آهي پر خود جاگيردار طبقي کان مدد وٺندو آهي پر خود جاگيردار طبقي
جي ماتحتي به قبول ڪندو آهي جيئن هتي اسان وٽ آهي...“
(ا-س-ناصر، ”ڀڳت سنگهه ۽ سندس
ساٿي“، مهاڳ جو ص-30)
(”عوامي جمهوري انقلاب“ ۾ خود ارباب کهاوڙ اڄوڪي سرمائيدار طبقي جي جيڪا
صورتحال ٻڌائي آهي، اها مٿي ذڪر ڪيل حالتن کان ڪيئن مختلف آهي؟)
2.
هنن
(سرمائيدار) ملڪن ۾ پارليامينٽ، اسيمبلي، سينيٽ يا ڪانگريس مقدس ادارو تصور ڪيو
ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي هر اجلاس ۾ بورزا طبقي جو استحصال وڌيڪ مضبوط ٿيندو آهي
۽ استحصال جي شڪار طبقي (مزدور، پرولتاري) جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو هڪ وڌيڪ ڳٽ وڌو
ويندو آهي (ڇا اسان وٽ ائين نه آهي؟ -ليکڪ) پر
جتان جو استحصالي (بورزوا) طبقو طاقتور نه هوندو آهي ۽ عوام کي ٺڳي نه سگهندو آهي
اتي عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه هوندو آهي، پارليامينٽ يا اسيمبلي خودمختيار نه
هوندي آهي اتي بين الاقوامي طرح بورزوا طبقو بين الاقوامي سامراج جو دلال هوندو
آهي ۽ اندورن ملڪ عوام جي طاقت کان ڊڄي فوج ۽ پوليس جي مدد سان حڪومت ڪندو آهي.“
(حوالو ساڳيو، ص-2)
(ڇا اسان وٽ ائين ناهي؟ ارباب کهاوڙ کي سندس ئي لکت جو آئينو ڏيکاريون ٿا. اهي
ڳالهيون، ”عوامي جمهوري انقلاب“ ۾ سرمائيداري ثابت ڪرڻ لاءِ ٻڌائي ٿو. اڄ ڪوڙ ٿو
ڳالهائي يا ڪالهه ڪوڙ پئي ڳالهائيائين؟)
3.
”فرينچ
انقلاب ( فرانس ۾ سرمائيداري انقلاب) يورپ ۾ قرون وسطى (وچين زماني) جي
جاگيرداري نظام کي تباهه ڪري جديد سرمائيداري جو بنياد وڌو. فرانس کان پوءِ سڄي يورپ
مان جاگيرداري ختم ٿي وئي. سائنس جي ترقي جا امڪان روشن ٿي پيا. ماڻهوءَ بجاءِ
مشينون ڪم ڪرڻ لڳيون. سرمائيداريت وڌي سامراجي حيثيت اختيار ڪئي. ڪليسا ۽
رياست، ڪليسا ۽ اسڪول جدا ٿي ويا. مذهبي ڪٽرپڻي کي (ختم ڪري) آزادي،
ڀائپي ۽ برادريءَ (برابريءَ) جو دور شروع
ڪيو ويو. جابر جاگيرداري بادشاهتون ختم ڪري ان جي جاءِ تي (سرمائيداري) جمهوريتون
۽ عوامي راڄ قائم ڪيا ويا. (حوالو ساڳيو، ص-4)
(ڇا پاڪستان ۾
ائين ٿي چڪو آهي؟)
(اڄ هي
ماڻهو پنهنجي قلم کي ڪوڙ، جهالت ۽ مڪاري پکيڙڻ لاءِ ڇو ٿو استعمال ڪري؟)
رڳو پنهنجين ئي لکڻين جي بنياد تي اهي سوشلسٽ نظريي ۽ واٽ کي بدنام ڪندڙ ڪوڙا
ڪميونسٽ ۽ ٽراٽسڪائي جيڪڏهن ٿورڙي ايمانداري سان پنهنجو جائزو وٺن، پنهنجي تپاس ڪن
ته گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر هئڻ سبب ارباب کهاوڙ پاڻ ئي پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻين ”نظرياتي“
ڀائرن کي انتهائي جاهل بدحواس، ۽ وائڙو، گندو لڳندو.
هنن پالتو ”ڪيڙو
ڪيڙو“ ڪندڙ تترن ڪهڙو نظرياتي ڪم ڪيو آهي؟
حقيقت ۾
سنڌ اندر عوامي تحريڪ پاران اسان جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ڪيل سماجي آپريشن،
سائنسي سياسي ڇنڊڇاڻ، وڌندڙ ۽ قبول پوندڙ سياسي نڪتهء نظر، عمل ۽ جدوجهد جي سوڀ هڪ
طرف ۽ ٻي طرف ڄام ساقي (نقوي، نازشي ٽولي) جي ڪرندڙ سياسي حيثيت ڪوڙن ڪميونسٽن جي
هڪ هٽي جا تختا ڪڍي ڇڏيا ۽ هنن جي اها اشد ضرورت ٿي پئي آهي ته خاص ڪري سنڌ ۾ ڪي
اهڙا ٽولا ٺاهيا وڃن جيڪي پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ جي سياسي راهه جو نقل، چوري ۽
لليچائي ڪندي پنهنجي ڪجهه سياسي ساک ٺاهي سگهن. انهي ڪم لاءِ هنن جِي ايم سيد جي
ڪيمپ ۾ گهسايل ماڻهن مان هڪ کي ٻچڪار ڏني ۽ ارباب کهاوڙ پڇ لوڏيندي پنهنجي ٽولي
سميت نڪري نروار ٿيو. ارباب کهاوڙ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو:
”1974ع ۾
اسان جيئي سنڌ ۾ رهي به هڪ گروپ ٺاهيو هو، 1977ع ۾ جِي ايم سيد طرفان مارشل لا جي
حمايت ڪرڻ سبب اسان مخالفت ڪئي، اسان پي.اين.اي جي غير مشروط حمايت جي به مخالفت
ڪئي.“ (”عبرت مئگزين“، 1-آگسٽ 87ع، ص-33)
”اسان جي پارٽي ترقي ۽ واڌ جا خاص مرحلا طي ڪري آئي آهي. (اها سٽ ڪوڙ آهي جيڪو
هيٺين لفظن ۾ ظاهر ٿي پوندو. -ليکڪ)
پهريون مرحلو آهي 1974ع کان 1983ع تائين، جڏهن اسان (سواپ) هڪ گروپ جي شڪل ۾ هوندا
هئاسين. حالانڪ ان وچ ۾ پارٽي به ٺهي هئي تڏهن به ان جي شڪل، عمل ۽ تنظيم گروهي
شڪل جي هئي... ٻيو مرحلو 1983ع کان 1987ع تائين... (ان وچ ۾ تبديل ٿيل حالتون)... اسان
کان تقاضا پيون ڪن ته اسين پنهنجي ڪم جي طريقي ۽ تنظيمي بيهڪ ۾ تبديلي آڻيون ته
جيئن نين حالتن سان منهن ڏئي سگهون. (پر) اسان جي سوچ 1983ع واري حالتن تائين جي
عڪاسي ڪري ٿي (جڏهن رڳو هڪ ٽولو. -ليکڪ) اسان جو عمل ۽ اصول ۽ ڪم جو طريقو
بدليل حالتن جي عڪاسي نه ٿو ڪري، هن وقت اسان کي ڄڻ ائين نظر ايندو ته هر طرف جمود
آهي.“ (واپ جو ترجمان رسالو ”سرواڻ“،
آڪٽوبر 1987ع، ص-14)
”سنڌ وطن
دوست انقلابي پارٽي“ (سواپ) جي 84ع واري ڪانگريس ۾ ساڳيو نعرو برقرار رکيو ويو پر
پوءِ اوچتو ئي اوچتو ارباب کهاوڙ پنهنجي سر ان نعري تان ڦري ويو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ
(نقوي، نازشي، ڄام ساقي ٽولي) ۾ ضم ٿيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. سندس ’ڪارڪنن‘ جا
مونجهارا ويتر وڌي ويا ۽ ترت ئي سندس ٽولڙيءَ ٽٽڻ شروع ڪيو. هاڻي ٿي سگهي ٿو ته
بچتو مال کي ڪنهن نه ڪنهن نقلي ترقي پسند ٽولي ۾ ضم ڪيو وڃي.
اهو
افعال ڏسي ڪوڙن ڪميونسٽن کي وري به جِي ايم سيد تي بڇيل ٻي لوڌ کي ٻڄڪار ڏيڻي پئجي
وئي ۽ ادريس چانڊيو ۽ دلشاد ڀٽو جي ”سنڌ دوست مزدور تنظيم“ جي نالي ۾ وري ساڳيو ئي
”آزاد سوشلسٽ سنڌ“ وارو سکڻو نعرو هڻي، عوامي تحريڪ جو چرٻو، چوري ۽ لليچائي ۾
ڪمايل موڙي کڻي ان سان گڏ چلڪندڙ لفظن ۾ ڍڪيل گند ڪچرو رکي پنهنجو هٽ کولي ويٺي
آهي جيڪا پڻ عادت موجب ٿوري عرصي اندر ڦري ويندي ۽ وڃي پنهنجي وٿاڻ تي ويهندي.
هنن ٻنهي
ٽولن (لڳ ڀڳ هر نقلي ترقي پسند ٽولي) وٽ پليجي صاحب کي گاريون ڏئي، مٿس بهتان هڻي،
ڳالهيون گهڙي ۽ انهن مٿان ڪُوڙن جي ويهه ماڙ هٿ ٺوڪيون ٺاهي گوڙ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو به ڪم رکيل نه آهي. هنن وٽ ڪو به نظرياتي بنياد ڪونهي.
هاڻي هنن
پنهنجن پوئلڳن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جيڪي جديد ايجادون ڪري ورتيون آهن، انهن مان هڪ
هيءَ آهي ته پليجو صاحب پنهنجي قومي مـﺆقف تي
واضع نه آهي ۽ عوامي تحريڪ جو نظرياتي طرح قومي سوال ڏانهن رويو مبهم، منجهل ۽ غير
واضع آهي. (سدمت جو رسالو ”انقلابي راهه“،
فيبروري 87ع، شمارو 1، ص-38 ۽ ”واپ نڪتهء نظر“،
ص-36) ۽ ٻيو هي ته عوامي تحريڪ مائوازم کي پنهنجي سياست جو بنياد بنائي ٿي. (”انقلابي راهه“، فيبروري 87ع، ص 35 ۽ ”واپ نڪته نظر“، ص-10)
واهيات
بهتان بازيءَ کان سواءِ هنن ٻيو ڪو به نظرياتي ڪم نه ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪيو اٿائون
ته اهو ڪٿي آهي؟ هي ائين ٿا ظاهر ڪن ڄڻڪ هنن اسان جو بنيادي نظرياتي ڪتاب ”صبح ٿيندو“ پڙهيو ئي ناهي. جيڪڏهن ائين آهي ته شرم
واري کي ٻڏي مرڻ گهرجي جو ڪنهن تنظيم جو بنيادي نظرياتي ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ ئي ”تنقيد“
ڪرڻ لڳا آهن پر جيڪڏهن هنن پڙهيو آهي ته پوءِ کين اهڙي اکٻوٽ تي وڌيڪ گندي ڌٻڻ ۾
ٻڏي مرڻ گهرجي جو جيڪي ڳالهيون صاف سٿريون لکيون پيون آهن انهن کي مبهم ۽ غير واضع
ڄاڻائي، اخلاقي، ادبي ۽ سياسي بدديانتي جو ثبوت ڏين ٿا.
محترم رسول بخش پليجو سنڌ توڙي پاڪستان ۾ اهو
پهريون ماڻهو آهي جنهن ”انڌا اونڌا ويڄ“ لکي
ان وقت جي ترقي پسنديءَ خلاف رجعت پرستن جي مچايل ٻيگهيءَ کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ادبي
ميدان ۾ سندن لاهه ڪڍي ڇڏيا، پهريون ماڻهو آهي جنهن پاڪستان جي مختلف قومن، طبقن ۽
ٽولن ۽ سماج جي جديد سائنسي، سياسي انقلابي نڪتهء نظر موجب ڇنڊڇاڻ ڪري ”صبح ٿيندو“ لکي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد گڏ هلائي،
حقيقي ڇوٽڪارو مائڻ جي راهه ڏئي، ڪوڙن قوم پرستن ۽ ڪوڙن ڪميونسٽن جون پاڙون پٽي
کين اگهاڙو ڪيو، پهريون ماڻهو آهي جنهن مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي وسيع تر اتحاد
لاءِ ممڪن حالتن ۽ شرطن جي وضاحت ڪئي، پهريون ماڻهو آهي جنهن جديد ترقي پسندي جي آڙ
۾ پيش ٿيندڙ غير ترقي پسند، وللائي واويلائي ادب جو نقاب پٽي لاٿو ۽ پهريون ماڻهو
آهي جنهن سنڌي قوم جي وجود، بقا، بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ، سنڌي قوم جي اقليت ۾ بدلجڻ
۽ ريڊ انڊين جيان لوڌجي وڃڻ جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي عوام جي وسيع تر اتحاد
لاءِ هڪ وسيع، همه گير ۽ طاقتور جدوجهد هلائي رکي آهي.
اها
عوامي تحريڪ ئي هئي جنهن عوام کي جاهل ۽ مريد رکڻ بدران سنڌي عوام جي بنيادي سياسي
تعليمي سجاڳيءَ جي هڪ باقاعدي مهم هلائي ۽ ان سلسلي ۾ ”ڪميونسٽ
پڌرنامو“، ”ويٽنامي انقلاب“، ”هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي“، ”انقلابي
ويٽنامي ڪهاڻيون“، ”ڳاڙهو لالٽين“، ”هارين جي بغاوت“، ”انگولا
جي آزادي“ وغيره ترجمو ڪري ڇپرايا ۽ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي اهم
مسئلن ۽ قومي ۽ عوامي انقلابن تي مضمون لکي، شايع ڪري، ماڻهن ۾ اخلاقي سياسي ادب ۽
علم پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو.
جيڪڏهن سڄي پاڪستان ۾ اهڙي ٻي ڪا به تنظيم آهي
جنهن عوامي تحريڪ جيترو علم عام ڪيو هجي ته ان جي نشاندهي ڪري ڏيکاريو. پنهنجي
تنظيم پاران اها اسان جي دعوا آهي ته پاڪستان جي ٻي ڪنهن به انقلابي جمهوري وطن
دوست تنظيم ان کان وڌيڪ علمي، سياسي ۽ عملي ڪم نه ڪيو آهي، جيڪڏهن آهي ته ظاهر ڪيو
وڃي.
مائوزي تنگ جي چوري
ارباب کهاوڙ جو ڪتاب ”عوامي جمهوري انقلاب“
سڀني
ڪوڙن ڪميونسٽن جيان ارباب کهاوڙ جو به اهو سياسي ايمان آهي ته ماڻهن کان پراڻو
پڙهيو وسري ويندو آهي ۽ اهي چٽاڀيٽي نه ڪري سگهندا آهن تنهنڪري ڪنهن به انقلابي
اڳواڻ کي ڏهه گاريون ڏئي جيڪڏهن ان جو نظرياتي مال چوري ڪري هي پنهنجي هٽ تي وڪڻڻ
شروع ڪندو ته ماڻهو پڪڙي نه سگهندا، پر هاڻي سندس اها لليچائي هلي نه سگهندي. عوام
نه رڳو سجاڳ آهي پر سمجهي به سڀ ڪجهه ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙن جا ڪوڙ پڪڙي سگهي ٿو.
ارباب کهاوڙ پنهنجي ڪتاب ”عوامي جمهوري انقلاب“
۾ جيتوڻيڪ مائوزي-تنگ جو نالو به نه ورتو آهي ۽ اليانوفسڪي ۽ بورس پونومارف جي
حوالن سان ڳالهين ڪري ٿو پر جيڪڏهن ٻه سياسي اکر پڙهيل آهي ته کين خبر هوندي ته
اهي سموريون ڳالهيون بنيادي طرح مائوزي-تنگ تان چوري ڪيل آهن. اچو ته ٿورو
مائوزي-تنگ جي سوچ بابت سوچيون، جنهن کي هي مائو ازم سڏي بيان ڪن ٿا.
جيڪڏهن
اسان سڄي دنيا جي هر پورهيت پرچارڪ، مارڪسي-لينني نظرييدان ۽ نظرياتي ساز جي ڳالهين، عملن، جدوجهدن ۽
انقلابن مان سکي سگهون ٿا ته پوءِ مائوزي- تنگ جي ڳالهين ۽ عملن مان نه ٿو سکي
سگهجي؟
مارڪس،
اينجلس، لينن، هوچي منهه، ڪم آل سنگ، فيدرل ڪاسترو، دميتري، جولس فوچڪ، ڊيوڊ گيسٽ،
اگستينو نيتو وغيره (ڪيترا نالا ڳڻائجن) جي انقلابي تعليمن ۽ تحريڪن کان سکي سگهون
ٿا ته مائوزي-تنگ کان ڇو نه؟ ان جي علم تي هي ”جديد انقلابي“ بندش، قيد ۽ پابندي
ڇو ٿا وجهن؟
جيئن
سمورن انقلابي استادن جي تعليمن جو اهو حصو ٿڌو رکي سگهجي ٿو جيڪو اسان جي اڄوڪين
سماجي حالتن سان ٺڪهندڙ يا انهن لاءِ مناسب ناهي، تيئن مائوزي-تنگ جي تعليمن جو به
رکجي (اسين سڀني انقلابي استادن کان بنيادي اصولن جي تعليم وٺون ٿا، انهن جو مَکي
ٽُ مکي ڪاپي نقل نه ٿا ڪريون) ٻين انقلابي استادن جيان مائوزي-تنگ جي سوچن جو به
اهو ۽ صرف اهو حصو ڪم آڻجي جيڪو هاڻوڪين حالتن سان ٺهڪي هلي ٿو.
جيڪڏهن
اسين آرڪمڊيز، ارسٽارچس، ارسطاطاليس، سقراط، افلاطون، ارسطو، ايپيڪورس، ابن رشيد،
ابن خلدون، ابن سينا، رازي، البيروني، گليلو، برونو، نيوٽن، ڊاروِن، آئنسٽائن، آدم
سمٿ، ڊيوڊ رڪارڊو وغيره جهڙن فلاسافرن حڪيمن، تاريخدانن ۽ سائنسدانن کان تنقيدي ۽
تخليقي نموني ڪيتريون ئي ڪارائتيون ڳالهيون سکي سگهون ٿا (پوءِ ڇو نه اسان کي انهن
جي ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سان اختلاف به هجي) ته پوءِ اسين استاد اسٽالن ۽ مائوزي-تنگ
کان به تنقيدي ۽ تخليقي نموني ڇو نه ٿا سکي سگهون؟
اسان جو
نڪتهء نظر اهو آهي ته پنهنجي قوم ۽ عوام جي ڀلائيءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ اسين دنيا جي
هر اڳوڻي توڙي هاڻوڪي انقلابي اڳواڻ ۽ سائنسدان جي تعليمن مان فائدو وٺندا
رهنداسون. آريسر، پليجي صاحب جي ڪتابن تان چوريون پئي ڪيون آهن ۽ اهو ڪم ارباب
کهاوڙ به ڪري ٿو پر ظاهر آهي ته اقرار نه ڪندو.
پڇي ڏسو
ارباب کهاوڙ کان ته لينن کان پوءِ اهو مائوزي-تنگ ناهي جنهن ”عوامي جمهوري انقلاب“
جو نظريو ڏنو؟ (جيڪڏهن ارباب کهاوڙ انڪار ٿو ڪري ته وڏو ڪو جاهل چئبو، پر جي اقرار
ٿو ڪري ته وڏو ڪو ڪوڙو چئبو، جو خيال ان جا چورائي پنهنجا سڏي بيان ڪيا اٿس!)
ارباب
کهاوڙ لکي ٿو:
”پروفيسر اوليانوفسڪي چوي ٿو: ’سوشلسٽ رخ واري رياست جيڪا مقامي سامراج نواز
بورزوا خاص ڪري دلال سرمائيدارن ۽ قبائلي سردارن کان کسي ويندي آهي جنهن کان پوءِ
اها عوام جي اڪثريت جي رياست هوندي آهي. (ارباب کي ڪو ٻڌائي ها ته سنڌي ٻولي جي به
هڪڙي گرامر ٿيندي آهي. -ليکڪ) هي
اهڙو اقتدار آهي جنهن کي ڪن سوشلسٽ رخ وارن ملڪن ۽ عوام جي انقلابي جمهوري رياست
سان تعبير (ارباب جا ترجما هوندا ئي ان قسم جا آهن، ڇا ڪجي! -ليکڪ) ڪري سگهجي ٿو. اهو اقتدار هارين ۽ مزدورن جي انقلابي جمهوري آمريت نه
آهي. حالانڪ سازگار حالتن ۾ اهو آمريت جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو.“ (ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ”عوامي
جمهوري انقلاب“، ص-23)
مٿيون
ٽُڪرو پروفيسر اوليانوفسڪي جي ڪتاب ”قومي ڇڪتاڻ“
جي ص-161 تان کنيل (۽ چچريل سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيل) آهي ۽ هڪ جملي هيٺان ليڪ رڳو ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ جو
ڌيان ان سٽ ۾ اٽڪي پئي ته ”اهو اقتدار هارين ۽ مزدورن جي انقلابي جمهوري آمريت
نه آهي.“ (ٽراٽسڪي ۽ ترميم پسند ٽولا عوامي جمهوري آمريت کان انڪار ڪري عوامي
مفادن کان انڪار ڪرڻ وارو سامراجي سرمائيدارڪو ڪردار ادا ڪن ٿا) اهو جملو به
پنهنجي جاءِ تي، ان کان مٿان ايندڙ جملو وڌيڪ اهم آهي جنهن کي اسين ٻه ليڪون ڏئي
ظاهر ڪيون ٿا ته سازگار حالتن ۾ اهو (اقتدار)
آمريت جي شڪل اختيار ڪري سگھي ٿو ـــــــ ۽ اها ڳالهه اڄ کان 47 سال اڳ مائو
زي-تنگ پنهنجن خاص طرح ٻن مضمونن (1) ”عوامي جمهوري آمريت“ ۽ (2) ”نئين جمهوريت“ ۾
بيان ڪري چڪو آهي، پر جيئن ته اها ڳالهه ظاهر ڪرڻ سبب مائو زي-تنگ جي نظرياتي
برتري ثابت ٿي سگهندي تنهنڪري ارباب کهاوڙ پنهنجو ڪم اوليانوفسڪي ۽ ٻين حوالن سان
ٽپايو آهي. حقيقت ۾ ارباب کهاوڙ ”عوامي جمهوري انقلاب“ ۾ جيڪي به بنيادي ۽
ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون آهن انهن مان گھڻيون مائو زي-تنگ ۽ پليجي صاحب جي ڳالهين
جو تت، نقل ۽ چرٻو آهن. پليجو صاحب چوي ٿو ’قومي عوامي جمهوري انقلاب‘، ارباب
کهاوڙ ’قومي‘ گم ڪري لکي ٿو ’عوامي جمهوري انقلاب‘، مائو زي تنگ لکي ٿو ’عوامي
جمهوري آمريت‘، ارباب کهاوڙ چتائي ٿو ته اهو اقتدار ”عوامي جمهوري آمريت نه آهي“
ـــــ نقل، چرٻو ۽ اهو به غلط.
”(چين جي) انقلاب جو پهريون قدم يا ڏاڪو پڪ سان چيني بورزوا طبقي جي آمريت
هيٺ هڪ سرمائيداري سماج قائم ڪرڻ نه آهي ۽ نه ئي اهو ممڪن آهي، پر پهرين ڏاڪي
جو مقصد چيني پورهيت جي اڳواڻي ۾ چين جي سڀني انقلابي طبقن جي گڏيل آمريت
هيٺ هڪ نئون-جمهوري سماج قائم ڪرڻ آهي. ان کان پوءِ انقلاب کي ٻي ڏاڪي ڏانهن
وڌايو ويندو جنهن دوران چين ۾ هڪ سوشلسٽ
سماج قائم ٿيندو.“ (مائو زي-تنگ جا چونڊ مضمون، اردو ۾، جلد ٻيو، ”نئين جمهوريت بابت“ (1040ع ۾ لکيو ويو) ص- 593-594)
”اڄ جيڪو به جپاني سامراج کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ عوام جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو ۽
جمهوري حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو اهو عوام کي نجات ڏياريندڙ هوندو. تاريخ ثابت ڪري
چڪي آهي ته بورزوا طبقو اها ذميداري نڀائي نه ٿو سگهي ان ڪري ذميداري بنا ڪنهن ڇڏ
ڇوٽ جي پورهيتن جي ڪلهن تي اچي ٿي.
”ان ڪري چيني پورهيت، هاري، پڙهيل ۽ هيٺين وچين طبقي جا ٻيا حصا بيشڪ
چين جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ وارين بنيادي قوتن جي اڏاوت (جوڙجڪ) ڪن ٿا، هي
طبقا، جن مان ڪجهه سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه سجاڳيءَ جي پنڌ ۾ آهن، لازمي طرح چيني
جمهوري ريپبلڪ (جمهوريه) جي رياستي ڍانچي جو بنيادي جزو ٿي ويندا، جنهن ۾ پورهيت
کي اڳواڻ قوت جي حيثيت حاصل هوندي. چيني جمهوري ريپبلڪ، جيڪا اسين هن وقت قائم
ڪرڻ چاهيون ٿا، لازمي طرح سموري سامراج دشمن، جاگيرداري دشمن عوام جي گڏيل
آمريت هيٺ هڪ اهڙي جمهوري ريپبلڪ هئڻ گهرجي جنهن جي اڳواڻي پورهيت ڪري رهيو
هجي، يعني هڪ نئين-جمهوري ريپبلڪ.
”هيءَ نئين-جمهوري ريپبلڪ پراڻي، يورپي-آمريڪي نموني جي بورزوا آمريت جي سرمائيدارڪي
ريپبلڪ کان مختلف هوندي، جيڪا پراڻي جمهوري ريپبلڪ آهي ۽ ردي ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي
اها سوويت نموني جي پورهيت آمريت واري ان سوشلسٽ ريپبلڪ کان (به) مختلف هوندي جيڪا
سوويت يونين ۾ پلجي رهي آهي ۽ جيڪا سڀني سرمائيدار ملڪن ۾ قائم ٿيندي ۽ بيشڪ صنعتي
لحاظ کان سمورن ترقي ڪيل ملڪن ۾ رياستي ڍانچي ۽ سياسي اقتدار جي ڍانچي جي غالب شڪل
اختيار ڪري وٺندي. بهرحال، هڪ خاص تاريخي دور ۾ هيءَ (سوشلسٽ) شڪل بيٺڪي ۽ اڌڙ
بيٺڪي ملڪن جي انقلابن لاءِ مناسب نه هوندي آهي. ان ڪري هڪ خاص تاريخي دور ۾ سمورن
بيٺڪي ۽ اڌڙ بيٺڪي ملڪن جي انقلابن ۾ رياست جي هڪ ٽين شڪل، يعني نئين-جمهوري
ريپبلڪ، اختيار ڪرڻ گھرجي. هيءَ شڪل هڪ خاص تاريخي دور لاءِ مناسب هوندي آهي، ان
ڪري اها عبوري شڪل آهي. تڏهن به، هيءَ هڪ اهڙي شڪل آهي جيڪا ضروري آهي ۽
جنهن کي ٽاري نه ٿو سگهجي.
”تنهنڪري، دنيا ۾ جيڪي مختلف نمونن جا رياستي نظام موجود آهن، اهي سياسي
اقتدار جي طبقاتي نوعيت مطابق ٽن قسمن جا آهن: (1) بورزوا آمريت هيٺ (هلندڙ)
ريپبلڪ، (2) پورهيت آمريت (هلندڙ) ريپبلڪ ۽ (3) ڪيترن ئي انقلابي طبقن جي گڏيل
آمريت هيٺ (هلندڙ) ريپبلڪ.“ (حوالو ساڳيو، ص- 597-599)
”سڀ بئنڪون ۽ وڏا صنعتي ۽ واپاري (ڏيهي ۽ پرڏيهي) ان ريپبلڪ جي ملڪيت هوندا.“
(حوالو ساڳيو، ص-603)
”(ان دور جي) نئين-جمهوري ثقافت قومي رنگ ۾ رڱيل آهي. اها سامراجي ظلم ۽ تشدد
جي مخالفت ڪري ٿي، چيني قوم جي عزت ۽ خودمختياري جي حق ۾ آهي. ان جو واسطو اسان جي
پنهنجي قوم سان آهي ۽ هيءَ اسان جا پنهنجا قومي گڻ رکندڙ آهي. هيءَ ٻين سڀني قومن
جي سوشلسٽ ۽ نئين-جمهوري ثقافت سان ڳانڍاپو رکي ٿي (جيڪي) هڪٻئي مان ڪجهه نه ڪجهه
پرائن ٿيون ۽ هڪٻئي جي واڌاري ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ اهڙيءَ ريت گڏيل طور هڪ نئين عالمي
ثقافت جي اڏاوت ڪن ٿيون.“ (حوالو ساڳيو، ص- 650-651)
”سرمايه دار جمهوريت عوامي جمهوريت لاءِ ۽ بورزوا ريپبلڪ عوامي ريپبلڪ لاءِ
پورهيت جي اڳواڻي هيٺ جاءِ خالي ڪري ڇڏي آهي. اهڙيءَ طرح اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته
عوامي جمهوريه وسيلي سوشلزم ۽ ڪميونزم حاصل ڪيو وڃي، طبقن جو خاتمو به ڪيو وڃي ۽
ڪشادي هڪجهڙائيءَ جي دنيا ۾ داخل ٿجي.“ (مائو زي تنگ جا چونڊ مضمون، (اردو ۾، جلد
چوٿون) ”عوامي جمهوري آمريت بابت“، ص-663)
”انقلابي
آمريت ۽ انقلاب دشمن آمريت فطري طرح هڪٻئي جو ضد (ابتڙ) آهن، پر انقلابي آمريت جو
سبق انقلاب دشمن آمريت مان مليو هو. اهو سبق ڏاڍو اهم آهي. جيڪڏهن انقلابي عوام،
انقلاب دشمن طبقن تي حڪومت ڪرڻ جي ان طريقي ۾ مهارت حاصل نه ڪندا ته اهي پنهنجي
رياستي اقتدار کي برقرار رکي نه سگهندا، اندرين ۽ ٻاهرين رجعت پسندي انهن جي
اقتدار جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي ۽ چين ۾ حڪمراني بحال ڪري وٺندي ۽ ان نموني
انقلابي عوام تي مصيبت نازل ٿي ويندي.
”عوامي جمهوري آمريت مزدور طبقي، هاري طبقي ۽ غير فوجي (شهري) هيٺين وچين
طبقي جي اتحاد جي بنياد تي قائم آهي، خاص طرح ان جو بنياد مزدورن ۽ هارين جي اتحاد
تي آهي، ڇو ته اهي ٻئي طبقا چين جي آبادي جو 80 کان 90 سيڪڙو آبادي آهن. اهي
ٻئي طبقا سامراج ۽ ڪومنتانگ (قوم پرست پارٽي، چين ۾ قوم پرست وڏيرڪي پارٽي) رجعت
پرستن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ اصل قوت جي حيثيت رکن ٿا. نئين جمهوريت
کان سوشلزم ۾ تبديلي به خاص طرح انهن جي ئي اتحاد تي دارومدار رکي ٿي.
”عوامي جمهوري آمريت لاءِ مزدور طبقي جي اڳواڻي جي ضرورت آهي. ڇو ته
رڳو مزدور طبقو ئي سڀ کان وڌيڪ ڊگھي نظر رکندڙ، سڀ کان وڌيڪ پرخلوص ۽ سڀ
کان وڌيڪ انقلابي ڳر رکندڙ هوندو آهي. انقلاب جي سڄي تاريخ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته
مزدور طبقي جي اڳواڻي نه هجي ته انقلاب ناڪام ٿئي ٿو، ۽ جيڪڏهن مزدور طبقي جي
اڳواڻي موجود آهي ته انقلاب سوڀارو ٿئي ٿو.“ (حوالو ساڳيو، ص-675)
مائو زي
تنگ جي ذهانت، ڀروسي ۽ عظمت آڏو هنن ڄامڙن ۽ پڇ لٽڪائو گلرن جي کوٽي پيسي جيتري به
حيثيت ناهي. پروفيسر اوليانوفسڪي جي پڇ هيٺان ويهي ٽراٽسڪائي ٽولو هڪ طرف اسٽالن،
مائو زي تنگ ۽ پليجي صاحب مٿان گارين جي ريهه لائي، ’سوشلسٽ رخ‘ ۽ عوامي جمهوري
انقلاب جي بهاني انهن جي نظرين جي ئي جاهلانه نقالي، ۽ چوري ۽ انهن جو چرٻو پيش
ڪندي اهو ٿو جھاڙائي ته مار! هن ته ڪي وڏيون انقلابي کوجنائون ۽ تحقيقون ڪري
ورتيون آهن ۽ ٻئي پاسي ’عوامي جمهوري آمريت‘ کان انڪار ڪري جاگيردارن، سرمائيدارن
۽ سامراجي ڇاڙتن جو به پاليل گلر ٿي سندن ڪُور ڪُور تي ڀڳو اچي ٿو.
- رياست
ڇا هوندي آهي؟
حاڪم
طبقي (يا طبقن) جي مفادن جي بچاءَ لاءِ هڪ هٿيار هوندي آهي. سرمايه دار رياست
وسيلي سرمائيدار، سامراجي پنهنجي آمريت ڄمائي، پنهنجن مفادن جو بچاءُ ڪندا آهن،
سوشلسٽ رياست وسيلي انقلابي پورهيت پنهنجي آمريت هلائي پنهنجي مفادن جو بچاءُ ڪندا
آهن، ته پوءِ، ’عوامي جمهوري انقلاب‘ وسيلي قائم ٿيندڙ، عوامي جمهوري انقلاب‘
وسيلي قائم ٿيندڙ، عوامي جمهوري رياست ۾ عوامي جمهوري انقلاب برپا ڪندڙ طبقن جي
مفادن جو بچاءُ بنا ڪنهن آمريت جي ڪيئن ٿي سگهندو؟
- ڇا جن
جاگيردارن، سرمائيدارن، سامراجين ۽ سندن ڇاڙتن کان اقتدار کسيو ويو آهي، اهي ڪَن
ٻوساٽي ڇپ هڻي ويهي رهندا، رات وچ ۾ ڦري عوام-دوست ٿي پوندا، ڪا به بدمعاشي ۽
بغاوت نه ڪندا ۽ ڇا انهن جو بِلو ڪرڻ ضروري نه هوندو؟
جيڪي به
ماڻهو ۽ ٽولا عوامي جمهوري آمريت کان انڪار ڪن ٿا اهي سنئون سڌو جاگيردارن،
سرمائيدارن ۽ سامراجين جا دلال ۽ پڇ لٽڪائو آهن.
ارباب
ٽولي عوامي جمهوري آمريت کان انڪار ڪري پاڻ کي ڇا ثابت ڪيو آهي؟
ارباب
کهاوڙ لکي ٿو:
”بورس پونو مارف جيڪو سويت يونين جي مرڪزي ڪاميٽي جو سيڪريٽري ۽ پولٽ بيورو جو
متبادل ميمبر آهي، مارڪسزم جو مهاڄاڻو ۽ پوئتي پيل ملڪن جي معاملن جو ماهر آهي،
سندس ئي رٿ تي آزاد ٿيل ملڪن لاءِ ترقيءَ جو غير سرمائيدارانه رستو تجويز ڪيو
ويو.“ (”عوامي جمهوري انقلاب“، ص-24)
مٿي ڏنل
مائو زي-تنگ جي حوالي مان ئي اها ڳالهه ظاهر آهي ته ارباب کهاوڙ لاءِ مارڪسزم جي
مهاڄاڻو کان چاليهارو سال اڳ مائو زي-تنگ ترقيءَ جي غير سرمائيدارانه رستي تي اڳتي
وڌي سوشلزم تائين پهچڻ ثابت ڪري چڪو آهي. مائو زي-تنگ جي ان ڏس ۾ تعليم لينن جي ان
تعليم تي ٻڌل آهي ته ايشيا جا انقلاب روس جي انقلاب جو نقل نٿا ٿي سگهن ۽ اهي
حالتن آهر مختلف شڪليون اختيار ڪندا.
جن ماڻهن
۽ پارٽين جون حقيقي نظرياتي تخليقون هجن انهن تي سامراجي ڇاڙتن سان گڏجي بيهي گند
بڪڻ ۽ ٻي پاسي انهن جي ئي نظرياتي لکتن جي چوري ڪري، چرٻو ٺاهي پنهنجي نظرياتي
تخليق ڪري ٻڌائڻ ڇا ٿو ثابت ڪري؟
جيڪي
ارباب کهاوڙ پارا هٿ ٺوڪيا اڳواڻ پاڻ ئي جاهل، چور، ٺڳ، لليچيا هجن اهي پنهنجن
پوئلڳن کي جهالت، چوريءَ، ٺڳيءَ ۽ لليچائي کان سواءِ ٻيو ڇا سيکاري سگهندا؟
- ڇانيل
سرمائيداري سماج ۾ ڪهڙو انقلاب آڻبو آهي؟
(عوامي
جمهوري انقلاب يا سوشلسٽ انقلاب؟)
- ڇانيل
سرمائيداري سماج ڊاهي ترقيءَ جي ڪهڙي واٽ وٺي سگهبي؟
غير
سرمائيدارڪي يا سوشلسٽ؟
- ڇانيل
سرمائيداري سماج ڊاهڻ کان پوءِ غير سرمائيدارڪي واٽ جي ڪهڙي ضرورت رهندي؟ ڇا
سوشلسٽ سماج جي اڏاوت جا ڪم نه ڪبا؟
- غير
سرمائيدارڪي واٽ وٺڻ جي ڪهڙي سماج ۾ ضرورت آهي؟
(ڇانيل
جاگيرداري ۽ اسرندڙ سرمائيداري سماج ۾ يا ڇانيل سرمائيداري سماج ۾؟)
- ڇا
قومي طرح آزاد ملڪ ۾ قومي انقلاب جي ڪا ضرورت هوندي آهي؟
- ڇا
غلام قومن لاءِ قومي انقلاب جي ضرورت ناهي؟
انهن ۽
اهڙن سڀني سوالن ۽ انهن جي جوابن ۾ ارباب ٽولو هر طرح گوهي بازي ]۽[ گھوٻين کان ڪم
وٺي ٿو.
ظالم قوم
۽ ظالم ٽولي جي هر طبقي جا ڪي نه ڪي فرد شعوري يا لاشعوري طور، سڌي يا اڻ سڌي طرح
ڪجھ نه ڪجھ مظلوم قوم جي ڦرلٽ ۾ شامل آهن.
”نه“ کي
نو ڪوٽ هوندا آهن ۽ مٿان وري اهي جي دهليءَ جا ٺڳ ۽ ٽراٽسڪائي ٽولا ــــــ اهو
”نه“ جو ورد ڏاڍي بي شرمي سان ڪندا رهندا آهن. اهي سدائين پنهنجي انقلاب دشمن
بيهودي سوچ کي ”انقلابي فڪر“ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪندا آهن. پر جڏهن حقيقي انقلابي
فڪر وسيلي سندن ڪوڙي پورهيت پسندي ۽ نقلي وطن دوستي جو نقاب لاهي کين نظرياتي طرح
اگھاڙو عوام دشمن ثابت ڪيو ويندو آهي تڏهن به سندن ڪنڌ جي اها ئي ساڳي ڌوڻ ”نه“
پئي پوندي آهي ڄڻڪ کين ڏڪ ڏڪ جي بيماري هجي.
اهو
ساڳيو حال ارباب کهاوڙ جو به آهي. 1984ع ۾ هن پنهنجي رسالي ”سرواڻ“ جي
جون-جولاءِ-آگسٽ واري پرچي ۾ هڪ مضمون ”ڇا پنجابي مزدور سنڌي مزدور جو استحصال ڪري
ٿو؟“ جي عنوان سان ڇاپيو هو جنهن ۾ هن پنهنجي ان ”فڪر انگيز انڪشاف“ کي صحيح ثابت
ڪرڻ لاءِ پنهنجي پراڻي عادت موجب مارڪسزم جو نقاب چاڙهي هڪ ڊگھي پٽاڻ وسيلي اهو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته بالادست قوم جو ڪو به مزدور مظلوم قوم جي ڦرلٽ ۾
پنهنجن حاڪم طبقن سان ٻٽ ناهي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اصلي سنڌ دشمن،
عوام دشمن، پورهيت دشمن ۽ سرمائيدار پرست روپ ۽ فڪري ڏيوالي جي حالت ۾ ظاهر ڪري
رکيو هو. اسان جي ساٿين ”انقلابي فڪر“ جي آڙ ۾ پيش ڪيل ان بدمعاشيءَ کي نظرياتي
طرح اگھاڙو ڪيو هو. اسان جي ساٿين جو جوابي مضمون ”پروڙ“ ۾ شايع ڪيو ويو. ان کان
پوءِ هي ٽولو ان موضوع تي ٻه سال ماٺ رهيو. اڄ تائين ان جو نظرياتي جواب ڏئي نه
سگهيا آهن. وري هاڻي پنهنجو اهو ساڳيو رينگٽ ”واپ نڪتهء نظر“ ۾ ص-57 تي ورجايو اٿن
ته ”اسان لکيو هو ته پنجابي مزدور سنڌي مزدور جو استحصال نه ٿو ڪري“ ۽ ان کي وري
پنهنجي ساڳي الزام تراشي واري ٽيڪ ڏني اٿائون ته رسول بخش پليجو پنجاب جي
سرمائيدارن کي ڦورو نه ٿو سمجھي!
جيڪو
ماڻهو، جيڪا تنظيم مظلوم قومن جي ڦرلٽ ۾ ويندي ظالم قوم ۽ ٽولي جي مزدورن کي به
شامل سمجھي ٿي اها ڦورو سرمائيدارن کي ان ڦرلٽ جو مها رهبر سمجھندي آهي، اها ڳالهه
سڀ ڪو سمجھي ٿو ۽ ان ڪري هر پڙهندڙ کين ٿُو ٿُو ڪئي ۽ ان جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي
ته سندن تنظيم ٽٽڻ لڳي ۽ پاڻ ارباب کهاوڙ جي اڳواڻي هيٺ هلندڙ ٽولو ان چوپڙيءَ کي
پنهنجي نڪتهء نظر سڏڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو آهي. خود واپ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ارباب
کهاوڙ جي ذهني حالت تي شڪ ٿيڻ لڳو آهي. ”سرواڻ“ جي 1986ع واري پرچي ۾ هن ٽولي جنهن
شبير سولنگي کي لاڙڪاڻي ضلعي جو اڳواڻ ڄاڻايو هو ان (۽ ان جي ٽولي) ارباب کهاوڙ
اينڊ ڪو بابت لکيو ته:
”وچولي طبقي جا (اهي) انقلابي هاڻي زور شور سان اها مهم هلائي رهيا آهن ته
اسان کي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي تنظيمن سان انضمام ڪرڻ گھرجي. بغير ڪنهن ڳالهه جي
انضمام ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کان رايا نه وٺڻ ۽ اهو (تنظيمي) ادارن جي معرفت نه ٻڌائڻ ۽
هاري تنظيم کي ضم ڪري ڇڏڻ، شاگرد تنظيم وطن دوست فيڊريشن پڻ ڊي.ايس.ايف ۾ ضم ٿيڻ
لاءِ واجھائي رهي آهي. وطن دوست مزدور فيڊريشن تي پڻ زور وڌو ويو آهي ته بغير ڪنهن
ڳالهين ٻولين جي رضاڪارانه طور فيڊريشن ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪري. خبر نه ٿي پوي ته
ڊاڪٽر صاحب آخر ڪرڻ ڇا ٿو گھري جڏهن ته سمورو وقت ڪميونسٽ پارٽي (نقوي نازشي ٽولي)
خلاف ڳالهائيندو رهيو ۽ کيس سي-پي (ڪميونسٽ پارٽي) ڪري مڃڻ لاءِ تيار نه هو.“ (”واپ جو تنقيدي جائزو“، ص- 11-12)
قومي ظلم
۾ شعوري يا لاشعوري طرح سڌي يا اڻ سڌي نموني تمام معمولي حد تائين يا تمام گھڻي حد
تائين ظالم قوم يا ٽولي جو هر اهو فرد شامل هوندو آهي جيڪو سڀ ڪجھ ڏسندي وائسندي ۽
سمجھندي ٻجھندي ۽ پهچ هوندي به مظلوم قوم (يا قومن) مٿان ٿيندڙ قومي ظلم خلاف عملي
جدوجهد نه ٿو ڪري ۽ ان (انهن) جي حق پرست جدوجهد جي حمايت لاءِ بااصول ۽ حق پرست مـﺆقف نه ٿو وٺي.
ان وقت جي
سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي (سواپ) پنهنجو مـﺆقف (ته پنجابي مزدور سنڌي مزدور جو استحصال نه ٿو ڪري) هيئن بيان ڪيو:
”مارڪس مطابق پورهيت جي پورهيي جي سگهه جو اهو حصو جنهن جو کيس معاوضو نه ٿو
ملي (جنهن سان سرمائيدار جو سرمايو وڌي ٿو) سو استحصال آهي... مزدور وٽ جيئن ته
پيداوار جا ڪي وسيلا ڪونهن تنهنڪري هو نه ته ڪو ٻي پورهيت کان پورهيي جي سگهه جو
هڪ حصو به خريد ڪري سگهي ٿو جنهن سبب ان پوزيشن (حالت) ۾ هو وڃي ئي ڪو نه ٿو سگهي
ته پورهيت ڀاءُ جي پورهيي جو ٻيو حصو بنا معاوضي هڙپ ڪري وڃي تنهنڪري چئبو ته هڪ
پورهيت ٻي پورهيت جو استحصال نه ٿو ڪري. مارڪس جي ان تعليم مطابق پنجابي مزدور جو
استحصال نه ٿو ڪري.“ (”سرواڻ“، سواپ جو
ترجمان، جون-جولاءِ-آگسٽ 87ع، ص-7)
مارڪس جي
زماني ۾ هڪ ڪتاب لکيو ويو هو ’مفلسيءَ جو فلسفو‘،
جنهن جو جواب مارڪس لکيو هو ۽ ڪتاب جو نالو رکيو هئائين ”فلسفي
جي مفلسي“. هي به ساڳيو ئي چڪر آهي. مارڪس جو استحصال بابت فلسفو سڏي بيان
ڪندڙ ٽولي کي اها به خبر نه ٿي پوي ته اهو خود مارڪسزم جي ”استحصال“ ڪري رهيا آهن.
- چئبو
ته استحصال جي رڳو اها هڪ شڪل آهي (ته ڪنهن مزدور جي پورهيي جو حصو هڙپ ڪيو وڃي،)
ٻي ڪنهن به عمل وسيلي استحصال نه ٿو ٿي سگهي؟
- چئبو
ته مارڪس وارن رڳو سرمائيداري سماج ۾ ئي استحصال جي موجودگيءَ جو ڏس ڏنو هو ۽ اهو
به رڳو هڪ شڪل جو ۽ چئبو ته سرمائيداري سماج ۾ استحصال جي ٻي ڪا به شڪل نه هوندي
آهي؟
- چئبو ته
جاگيرداري سماج ۾ ڪو به استحصال موجود نه هوندو آهي؟
- چئبو ته
غلامداري سماج ۾ استحصال موجود نه هوندو آهي؟
- چئبو ته هر
طبقاتي سماج ۾ ڪامورا شاهي (فوج، پوليس، آفيسر وغيره) ڪنهن به قسم جي استحصال ۾
شامل نه هوندي آهي؟
- چئبو ته هر
طبقاتي دور جي هيٺين وچين طبقي جو استحصال ۾ ڪو به هٿ نه هوندو آهي؟
- چئبو ته دنيا
جو هر نمرود، فرعون، يزيد، بادشاهه، شهنشاهه، زار، حاڪم، ظالم، ڦورو، ڌاڙيل، پير،
مرشد، مُلو، ٻائو، پادري، لاما، جيڪو به سرمائيداري سماج کان اڳ پليت ڦورو ٿي
گذريو آهي ان جو ڪنهن به قسم جي استحصال ۾ ڪو به هٿ نه آهي؟
- چئبو ته هٽلر،
مسوليني، ريگن، ضياءُ ۽ اهڙا ٻيا ڪروڙين حڪمران ۽ جنرل جيڪي پاڻ سرمائيدار نه هئا
انهن جو استحصال ۾ ڪو به حصو نه آهي؟
- چئبو ته دينا
۾ ڪا به قوم ظالم، ڦورو ۽ استحصالي ناهي؟
- چئبو ته تاريخ
۾ جن هزارن لشڪرن هڪڙن ملڪن کان نڪري ٻين ملڪن جي ڀينگ ڪري ڇڏي انهن جو استحصال ۾
حصو نه هو؟
- چئبو ته ظالم،
ڦورو ۽ استحصالي قومن جي سرمائيدارن کان سواءِ باقي هر ماڻهو مظلوم ۽ ڦريل قومن جي
استحصال ۾ شامل ناهي؟
جهالت جا
ايترن ٿورن لفظن ۾ ايڏا اعلى ”شاهڪار“ به ڪن ٿورن تخليق ڪيا هوندا! ۽ اها سموري
جهالت مارڪس جو نالو استعمال ڪندي پکيڙي پئي وڃي!!
مارڪس ۽
اينجلس گڏجي لکيو:
1-
”انسان
ذات جي سموري (طبقاتي) تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ پئي رهي آهي، اها ويڙهه ڦريل
(استحصالي ٿيل) ۽ ڦريندڙ (استحصال ڪندڙ)، حاڪم ۽ محڪوم طبقن جي وچ ۾ هميشه هلندي
رهي آهي. طبقاتي جنگين جو اهو تاريخي سلسلو هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي فقط هاڻي ئي
اهڙي ڏاڪي تي اچي پهتو آهي جڏهن ڦريل ۽ استحصال جو شڪار طبقي يعني پورهيت طبقو
ڦورو حاڪم طبقي يعني سرمائيدار طبقي کان تيستائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهندو
جيستائين اهو طبقو ساڳئي وقت ۽ هميشه لاءِ سڄي سماج کي هر نموني جي استحصال، ڦرلٽ،
طبقاتي نابرابري ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ کان آجو نه ٿو ڪرائي.“ (”ڪميونسٽ پڌرنامو“،
انگريزي ۾، ص-21-22)
2-
”هر زماني ۾
سماج جي هڪڙي حصي ٻي حصي کي ڦريو، لٽيو ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي.“ (حوالو ساڳيو، ص-73)
3-
”جنهن وقت جاگيردار
۽ زميندار ماڻهن کي اهو ٻڌائن ٿا ته اسان جو ڦرلٽ جو طريقو سرمائيدار طبقي جي ڦرلٽ
جي طريقي جهڙو ناهي تڏهن کانئن اهو وسريو وڃي ٿو ته اهو بلڪل الڳ مدي خارج حالتن ۽
ماحول ۾ ماڻهن کي ڦريندا ۽ سندن استحصال ڪندا هئا.“ (حوالو ساڳيو، ص-78)
4-
”جيئن جيئن هڪ
فرد مٿان ٻئي فرد جي ڦرلٽ ختم ٿي ويندي تيئن تئين هڪڙي قوم مٿان ٻي قوم جي ڦرلٽ ۽
استحصال به ختم ٿيندا ويندا.“ (حوالو ساڳيو، ص-72)
اينجلس
لکي ٿو:
5-
”تو مون
کان پڇيو آهي ته غلام ملڪن (بيٺڪن) بابت انگلينڊ جي پاليسي بابت انگريز مزدور ڇا
ٿو سوچي؟ ته هو ان طرح سان ئي سوچي ٿو جيئن اهي سياست بابت عام طرح سوچيندا آهن.
سندن سوچ اها ئي ساڳي آهي جيڪا سندن سرمائيدار طبقي جي آهي: (انگريز) مزدور ڏاڍي
مزي سان اهي طعام کائي رهيا آهن جي انگلينڊ دنيا جي مڏي (مارڪيٽ) ۽ بيٺڪن مٿان هڪ
هٽي ڄمائي تيار ڪيا آهن“. (”بيٺڪن بابت“ مارڪس ۽ اينجلس جا چونڊ خط ۽ مضمون،
انگريزي ۾، ص-31)
6-
”انگريز مزدور
عملي طرح ڏينهون ڏينهن سرمائيدار ٿيندو ٿو وڃي ۽ ائين ٿو لڳي ته دنيا جي سڀ کان
وڏي سرمائيدار قوم ان فڪر ۾ آهي ته آخرڪار سرمائيدار طبقي کان سواءِ ان سان ڪلهي ۾
ڪلهو ملائي هلندڙ هڪ مزدور اشرافيه (جينٽري) ۽ هڪ سرمائيدار مزدور طبقو به موجود
هجي.“
7-
(بدترين برطانوي
ٽريڊ يونين) ”سرمائيدار طبقي جي هٿن ۾ وڪاڻل آهن يا گهٽ ۾ گهٽ سرمائيدارن جي ڇاڙتن
کي اڳواڻي ڪرڻ ڏين ٿيون.“
8-
”برطانيه جي
بيٺڪن ۽ عالمي مڏي جي هڪ هٽيءَ مان انگريز مزدور به مزي سان فائدو حاصل ڪري رهيو
آهي.“
(6 ،7 ۽ 8 حوالو
لينن جي ڪتاب ”سامراج، سرمائيدار جو اوج“، جي
ص-128-129 تان کنيل آهن). (وڌيڪ تفصيلن لاءِ ڪتاب ”پروڙ“
پڙهڻ گهرجي.)
بالادست
قوم جي بالادست سياست جي جهوليءَ ۾ ويهي سنڌي-دشمن مافيا جي سڄي ظالم ڪردار کان
انڪار ڪندڙ، مارڪس، اينجلس، لينن ۽ انقلابي فڪر جي آڙ ۾ انقلابي فڪر سان دشمني
ڪندڙ ارباب کهاوڙ اينڊ ڪو کي سرمائيدارن ۽ سامراجين جو ڇاڙتو، ڪيڙو ڪيڙو ڪندڙ، هٿ-پالتو
تتر ڇو نه چئجي؟
ڇا اها
سنڌ دوستي آهي، ڇا اها مزدور دوستي آهي، ڇا اها انقلاب دوستي آهي، ڇا اها وطن
دوستي آهي؟ يا، سنڌ دشمني، مزدور دشمني، انقلاب دشمني، غداري ۽ بدمعاشي آهي؟
باب ٻارهون
دنيا جي هڪڙي نرالي قوم
سنڌي
توڙي غير سنڌي ڪوڙن قوم پرستن، گروهه پرستن، نقلي ترقي پسندن، ٽراٽسڪاين ۽ سامراجي
ڇاڙتن جي لوڌ روايتي عادت موجب نئين ”نظرياتي کوجنا“، نرالي قسم جي فتني بازي ۽ هڪ
نئين سازش تيار ڪري ورتي آهي، جنهن موجب هنن، هن ڌرتيءَ تي شايد پهريون ڀيرو هڪ
جفادري قسم جي دئيت قوم ٺاهي ورتي آهي جنهن جي ڪا به گڏيل ٻولي ڪانهي ۽ جن مان ”قوم
جو هڪ حصو“ صاف صاف ۽ علي الاعلان چوي ٿو ته اسان جو ان قوم سان ڪو به واسطو
ڪونهي، اسين الڳ قوم آهيون!
ان غليظ
سازش ۽ جهالت جون پاڙون مٿي، سندن ڏوريون لوڏيندڙ ــــــ سامراجي ڇاڙتن،
ٽراٽسڪاين، نقلي ترقي پسند ۽ ڪوڙي قوم پرستي جو درس ڏيندڙ اڳواڻن جي هٿن ۾ آهي.
اهي ٻول
ٻوليندڙ ٽن طوطن جو ذڪر مختصر طرح هيٺ ڏجي ٿو:
1-
عبدالواحد
آريسر لکي ٿو:
”اسان هنن (سنڌي-دشمن مافيا وارن) جي حمايت به
ڪئي ۽ هنن کي پنهنجن جلسن ۾ به گهرايوسون پر ان حيثيت ۾ ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌي قوم
جو حصو جيڪو اردو ڳالهائي ٿو.“ (”چانڊڪيون ۽ چيٽ“، ص-73)
2-
ارباب کهاوڙ
لکي ٿو:
(اسان چيو پئي ته) ”سنڌي قوم جو اتحاد ڪيو وڃي، جنهن جو مهاجر هڪ
حصو آهن.“ (”واپ نڪتهء نظر“، ص-46)
”1983 ۽ 1986ع واري (وارين) جدوجهد (جدوجهدن) جي ڪري سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ
سنڌين ۾ ٻڌيءَ لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ لڳو.“ (حوالو ساڳيو، ص-17)
3-
ڄام ساقي
ٽولي جي هڪ ڪارڪن خادم ٿهيم لکيو:
”ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن ۽ هاڻي انهن
جون پاڙون نه صرف سنڌ ۾ لڳي چڪيون آهن پر گهريون پڻ ٿي ويون آهن ۽ انهن جا معاشي ۽
اقتصادي مفاد پڻ سنڌ ڌرتي سان وابسته ٿي چڪا آهن ان ڪري انهن کي سنڌ جو حصو ۽ سنڌي
سمجهڻ گهرجي.“ (”سنڌ سجاڳ“، شمارو 9، سال10،
ص-21)
نيٺ
پناهگير گروهه پرست تنظيم پنهنجو پاڻ کي ”مهاجر قوم“ سڏائيندي، هر هر اهو پئي ٿي
ورجائي ته هن جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد هاڻي سنڌ ڌرتيءَ سان ڳنڍجي ويا آهن ۽ اهي
پنهنجا ”مهاجر حق“ حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.
ٻئي پاسي
جِي ايم سيد، آريسر، ڄام ساقي، ارباب کهاوڙ، ڇنگورا ۽ ٽنگورا سڀ جا سڀ اهو راڳ ويٺا آلاپين ته پناهگير سنڌي
دشمن ليڊرشپ جا سنڌ ڌرتيءَ سان مفاد ڳنڍجي ويا آهن ۽ اهي سنڌي قوم جو اردو
ڳالهائيندڙ حصو آهن.
اهي ٻئي،
پناهگير ڌريون ۽ سنڌي ڌريون هڪ ڳالهه تي متفق آهن ته پناهگير ٽولي جا مفاد سنڌ
ڌرتيءَ سان ڳنڍجي ويا آهن، پر هڪ ڳالهه تي متفق ناهن، هر گروهه پرست پناهگير پاڻ
کي ”مهاجر قوم“ سڏائي ٿو، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل ڌريون انهن کي سنڌي قوم جو اردو
ڳالهائيندڙ حصو چون ٿيون.”مهاجر قوم“ ۽ ”مهاجر حق“ بابت اسان جو بحث اڳتي ايندو پر
هاڻي اسين انهن سنڌي تنظيمن پاران پناهگيرن کي پنهنجي ليکي ۽ زبردستيءَ سنڌي هجڻ
جو سرٽيفڪيٽ ملڻ بابت ڪجهه لفظ لکنداسون.
اسان جي
خيال موجب ذڪر هيٺ سنڌي ٽولن کي ڪو به حق نه آهي ته اهي ڪنهن به قسم جي ڌارئي کي
اوچتو ئي اوچتو سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏين، ڪنهن به ماڻهو کي سنڌي سمجهڻ يا نه
سمجهڻ جو حق رڳو سنڌي عوام کي آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلائي لاءِ
پاڻ پتوڙي ٿو، انهن جي مفادن جي سنڀال ۽ بچاءَ لاءِ وڙهي ٿو، پنهنجن مفادن کي (رڳو
ڌرتيءَ سان نه پر) ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن سان هر طرح ڳنڍي رکي ٿو ان کي
پنهنجي مٿان ڪنهن به قسم جي، ”نئين سنڌي“، ”شهري سنڌي“، ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي“ جي
ٺپي هڻائڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. سنڌي عوام منجهس پنهنجي پسند جا گڻ، پنهنجائپ ۽
پيار ڏٺو ته پاڻ ئي کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خنجر هٿ ۾ ڪري، هر
گهڙيءَ سنڌي عوام جي نڙيءَ ۾ پيو ٽنبيندو ۽ ان سان گڏ ”نئين سنڌي“، ”شهري“ يا ”اردو
ڳالهائيندڙ سنڌي“ هجڻ جو راڳ ويٺو آلاپيندو ته لک ڀيرا ورجائي پر اهو دشمن ئي
رهندو، ٻيو ڪجهه به نه ۽ جيڪڏهن اهڙي ماڻهو کي ڪو به سياسي ڌڙو هم قوم هجڻ جو
سرٽيفڪيٽ ورهائي ڏيندو ته سنڌي عوام جو ان ڌڙي ڏانهن به اهو ئي رويو هوندو جيڪو
دشمن جي ڇاڙتي ڏانهن ٿي سگهي ٿو.
هڪ پاسي
ڪٽر گروهه پرست ۽ تعصبي پناهگير ڌريون سنڌ کي ورهائڻ، سنڌ کي ٻن ٻولين جو صوبو (يا
صوبا) بنائڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ويٺيون ڪن ۽ ٻئي پاسي هي
وڪاڻل سنڌي ڇاڙتا ويٺا سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏين! ڪنهن به قوم جي فرد کي پنهنجي
قوم جو فرد سڏائڻ لاءِ ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. هر ماڻهو جنهن قوم جو فرد
آهي اهو پاڻ ئي پنهنجي ڳالهه ٻولهه چرپر ۽ عمل وسيلي ثابت ڪري ڇڏيندو ته هو ڪهڙيءَ
قوم جو فرد آهي. ارغونن ۽ ترخانن جو وڏو قبرستان ته سنڌ (مڪليءَ، ٺٽي) ۾ آهي پر ڇا
اهي سنڌي سڏي سگهيا؟
ڪٽر
گروهه پرست تعصبي پناهگيرن کي زبردستيءَ سنڌي مڃڻ ڪري هيٺيون ڳالهيون به مڃڻيون
پونديون:
1-
حيدرآباد،
سنڌ اسٽيشن (۽ اهڙيءَ طرح هر اسٽيشن) تان سنڌ ڊاهڻ جي پابندي وجهندڙ ۽ سنڌ جي
رستن، روڊن ۽ شهرن تان سنڌي نالا نشان مٽائي لکنوي دهلوي بنائيندڙ ”سنڌي“ آهن.
2-
سنڌيءَ
ٻوليءَ کي برباد ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ، سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي جي اسڪولن، ڪاليجن، ۽
يونيورسٽين مان سنڌي ٻولي تڙي ڇڏيندڙ ”سنڌي“ هئا ۽ آهن.
3-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن سنڌي ثقافت کي ”گڏهن ۽ اُٺن وارن جي ثقافت“ سڏيو، اهي ”سنڌي“ هئا ۽
آهن جن 4-مارچ جدوجهد جي مخالفت ڪئي، ڇرا هڻي سنڌي شاگرد ماريا.
4-
اهي ”سنڌي“ هئا ۽ آهن جيڪي سنڌي ٻولي قومي ٻولي
ٿيڻ جي مخالفت ڪن ٿا.
5-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي.
6-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن ٻوليءَ جي جهيڙن وقت اخبارن کي ماتمي لباس پارايا.
7-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن چيو پئي ته ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“.
8-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن جِي ايم سيد تي بم ڦٽو ڪيو.
9-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن شهيد عبدالرزاق سومري جو قتل ڪيو.
10-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن سوين بيگناهه سنڌين کي لاشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
11-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن سڄي ڪراچيءَ مان هر لکيل سنڌي لفظ مٽايو.
12-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن ڪتن، گڏهن ۽ ٻلن کي اجرڪ پارائي سنڌي سنڌي سڏي لٺيون هنيون.
13-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن چيو ته اردو جي حفاظت دين جي حفاظت آهي.
14-
اهي ”سنڌي“
هئا ۽ آهن جن ضيائي مارشل لا لڳڻ ۽ ڀُٽي جي ڦاهيءَ چڙهڻ وقت مٺايون ورهايون ۽
هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون.
15-
چئبو ته هوشو جي قبر تي گند ڪندڙ ۽ اها قبر
مٽائيندڙ به سنڌي هئا ۽ آهن.
16-
چئبو ته حيدرآباد ۾ ميوزم کي باهه ڏيندڙ سنڌي
هئا ۽ آهن.
17- چئبو ته نواب لياقت علي خان،
نواب مظفر حسين، عثمان ڪينيڊي ۽ ڀوپالي وغيره سنڌي هئا ۽ آهن.
18- چئبو ته رئيس امروهوي،
محمودالحق عثماني، نقوي نازشي، معراج، الطاف، آفاق شاهد وغيره ۽ انهن جي ڪڍ لڳل سڀ
سنڌي هئا ۽ آهن.
19- چئبو ته ”مهاجر قوم“ لاءِ
جدوجهد هلائيندڙ سنڌي هئا ۽ آهن.
20- چئبو ته ”مهاجر حق“ لاءِ
وڙهندڙ سنڌي هئا ۽ آهن.
21- چئبو ته بهاري گهرائيندڙ،
هندستاني مسلمانن جي ڏک ۾ واڳوءَ وارا ڳوڙها وهائي سنڌ ۾ سنڌين جي ملڪيتن کي
باهيون سنڌي هئا ۽ آهن.
22- چئبو ته سڄي دنيا مان سنڌ ۾ ”پاڪستاني“ آڻيندڙ سنڌي هئا
۽ آهن.
23- چئبو ته ڪوٽا سسٽم ختم ڪريو
جو نعرو سنڌين جو آهي.
24- چئبو ته مهاجر قومي مومينٽ،
مهاجر اتحاد تحريڪ ۽ پريشر گروپ وغيره سڀ سنڌي پارٽيون آهن.
25- چئبو ته جڏهن جِي ايم سيد چيو
ته ”خدا جي مار پوي پنجابين ۽ مهاجرن تي جن اچي سڀ شيءِ تي قبضو ڪيو.“ (”پاڪستان
هاڻ ٽٽڻ گهرجي“، ص-48) تڏهن اها خدا جي مار پنجابين ۽ سنڌين تي پئي وڌائين؟
26- چئبو ته ”مهاجر سامراج“ ۽ ”مهاجر
مستقل مفاد“ حقيقت ۾ ”سنڌي سامراج“ ۽ ”سنڌي مستقل مفاد“ هو؟
27- چئبو ته سوين سنڌي ڪتابن،
رسالن ۽ اخبارن ۾ پناهگيرن پاران سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪي ظلم جا داستان لکيا ويا آهن
اهي ظلم حقيقت ۾ ”سنڌين“ ڪيا هئا؟ (چالهين سالن جي تاريخ ورائي لکڻي پوندي.)
28- بنگال ۾ بنگالين جي ڪوس ۾ حصو
وٺندڙ، بنگالين جي ڦرلٽ ۾ شامل، البدر ۽ الشمس وارا جيڪي هاڻ هتي پيا اچن سي به ”سنڌي“
سڳورا آهن.
29- اها ڳالهه به مڃڻي پوندي ته
اردو ٻولي حقيقت ۾ اردو ناهي پر ”سنڌي“ آهي.
30- اها
ڳالهه به مڃڻي پوندي ته ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جا سورهيه يعني سر سيد احمد خان،
مولانا مودودي، لياقت علي، نواب مظفر سنڌين جا سورهيه ۽ سرواڻ ۽ سنڌي قوم جا محسن
۽ هيرا آهن.
۽ اهڙو
ٻيو گهڻو ڪجهه، جيڪڏهن موقعو مليو ته وري لکبو.
سنڌي
ٽراٽسڪائي ارباب کهاوڙ روايتي عادت موجب ”نظرياتي“ کوجنا ڪندي انقلابي فڪر جي آڙ ۾
چوي ٿو:
”اسان جي خيال ۾ تاريخ جي فلسفي جي لحاظ کان انقلابي فڪر به اسان کي اهو ٿو
ٻڌائي ته خود اڄ جي حالت جي تقاضا آهي ته سنڌي قوم جا ٻئي حصا، نوان ۽ پراڻا سنڌي،
اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي جمهوري حقن
لاءِ جدوجهد ڪن.“ (”واپ نڪتهء نظر“، ص-49)
شهرن ۽
ٻهراڙين ۾ مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقي جي جمهوري حقن لاءِ (رڳو جمهوري حقن لاءِ نه،
قومي حقن لاءِ به) جدوجهد ضرور ٿيڻ گهرجي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهڙي ڪنهن
ڪجهه چڱي جملي جي آڙ ۾ هڪ غلط ڳالهه ٿاڦي وڃي يعني سنڌي قوم جي ٻن حصن، نون ۽
پراڻين سنڌين، اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين واري ڳالهه.
معراج
ٽولو اها ساڳي ڳالهه ”شهري سنڌي“ ۽ ”ڳوٺاڻي سنڌي“ جي نالي ۾ رکي ٿو. معراج جو ”شهري
سنڌي“ (اردو ڳالهائيندڙ) شهرن ۾ ۽ ”ڳوٺاڻو سنڌي“ (سنڌي ڳالهائيندڙ حقيقي سنڌي)
ڳوٺن ۾ جدوجهد ڪندو ۽ انهيءِ طرح ڪٽر گروهه پرست ۽ سنڌ جي شهرن تي پناهگيرن جي
قبضي واري ڳالهه هو به ”انقلابي فڪر“ جي روشني ۾ رکي ٿو.
مطلب ته
سنڌي قوم جا ٻه حصا ضرور ڪرڻا آهن پوءِ نوان ۽ پراڻا حصا هجن، شهري ۽ ڳوٺاڻا حصا
هجن يا اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ حصا هجن، واپ وارا اهو سڀڪجهه عادت موجب، ابتو
هلندي، ”تاريخ جي فلسفي جي لحاظ کان انقلابي فڪر“ جي روشني ۾ پيش ڪن ٿا (رڳو هٿراڌو بي جوڙ فقرا ٺاهڻا اٿئون،
سمجهيو ته پيسو به ڪو نه اٿن). اسان جي خيال ۾ اهو سڀڪجهه مائي ۾ زهر آڇڻ برابر
آهي ۽ سنڌي قوم خلاف هڪ سازش. هي ٽولو پنهنجي روايت موجب جهالت پکيڙڻ، ذهنن کي
منجهائڻ ۽ ماڻهن ۾ بددلي پيدا ڪرڻ جي سازش تي عمل ڪري رهيو آهي. هي ٽولو هميشه
ڳالهيون منجهائي ۽ وچڙائي رکندو آهي. ان ئي ڪتاب ۾ پناهگيرن کي مهاجر به سڏن ٿا ته
سنڌي قوم جو حصو به، مرڪز مان بدمعاشين ۾ گڏ ڀاڱي ڀائيوار به سڏين ٿا ته مظلوم به.
هنن وٽ ڪهڙو دليل آهي، ڪهڙي انقلابيءَ جو دليل آهي، ڪهڙي سياسي معاشيات جي ماهر
ڪهڙي زماني ۾ ڪڏهن اها ڳالهه ڪئي ته تاريخ جي مجبوريءَ سبب پڻ ان بهاني ٻئي ملڪ ۾
اچي مخالف قبضو ڪندڙ يا اقتصادي، سياسي، ثقافتي ۽ سماجي بالادستي ڄمائيندڙ گروهن
کي پنهنجي ستايل ۽ ماريل قوم جا ”تاريخ جي فلسفي جي لحاظ کان انقلابي فڪر“ (فقرو
آهي يا گهوٻاٽو! اهڙو بي بنيادو بي جوڙ بي معنى فقرو ڪنهن ٻي چيو، لکيو؟)
زبردستيءَ پنهنجو حصو ڳڻائي، پنهنجي قوم جي حالت کي لڪائين ۽ ظالمن تي ڪک وجهن.
اوچتو ئي اوچتو ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ قوم ٺاهڻ جي ضرورت ڇو پئجي وئي؟ اها سنڌي اکر
مان بيزار سنڌ مخالف ماڻهن تي سنڌين جو ڪوڙو ٺپو هڻي هڪڙي هٿرادي ”قوم“ ڪهڙي مقصد
لاءِ ٺاهي پئي وڃي؟ جي سنڌي قوم کي ويتر وڌيڪ منجهائڻ ۽ کين دشمنن جو آسان لقمو
بنائڻ ۽ سنڌي عوام جي اتحاد ۾ فتنو ۽ ڦوٽ وجهڻ لاءِ نه، ته پوءِ ڇا جي لاءِ؟ اسان
جي نظر ۾ مارڪس، اينجلس، لينن ۽ اسٽالن کان وڏو ۽ وڌيڪ ذهين انقلاب ۽ انقلابي
سائنس، سياسي معاشيات، سماجي علمن جو ٻيو ڪو ماهر نه گذريو آهي.
اسٽالن
لکي ٿو:
”قومي گروهن ۽ سياسي گروهن جي فرق کي سمجهڻ اوکو ڪم نه آهي. ٻنهي وچ ۾ ڪيتريون
ڳالهيون فرق ڪندڙ آهن ــــــ جن مان سڀ کان اهم ڳالهه آهي هڪ گڏيل ٻوليءَ جو هجڻ.
سياسي گروهه لاءِ هڪ ٻوليءَ جو شرط ضروري نه آهي. چيڪو سلواڪيا (چيڪ) قوم گڏيل
ٻوليءَ جي ڪري وجود ۾ آئي. اهڙيءَ طرح پولش قوم به گڏيل زبان کان سواءِ وجود ۾ اچي
نه سگهي ها... هڪ قوم جي سمورن فردن لاءِ هڪ (گڏيل ليکڪ) ٻوليءَ جو ڳالهائڻ ضروري
آهي... (جوزف اسٽالن، ”قوم ۽ قوميت“، سنڌي ۾
ترجمو، ص-11-12)
لينن لکي
ٿو:
”سڄي دنيا ۾، جاگيرداريءَ مٿان سرمائيداري جي قطعي سوڀ جو دور قومي جدوجهدن
سان ڳنڍيل رهيو آهي. مٽاسٽا لاءِ ڪيل پيداوار جي پوري سوڀ لاءِ سرمائيدارن کي
گهريلو مڏيءَ تي قبضو ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ اتي لازماً سياسي طرح گڏيل سرحدون (وطن)
هئڻ گهرجن ۽ اتي جي آبادي هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ هجي. (هيٺان ليڪ منهنجي ڏنل
آهي. -ليکڪ) ۽ ان ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي راهه ۾ رنڊڪون ۽ (ان جو) اڻوڻندڙ (ردي)
ادب ختم ڪري اها ٻولي سگهاري ڪيل هجي. قومي جدوجهدن جو اهو ئي معاشي سبب آهي. ٻولي
انساني لڳ لاڳاپن جو سڀ کان وڌيڪ اهم وسيلو آهي. جديد سرمائيداري موجب قطعي آزاد ۽
وسيع وڻج واپار لاءِ، سندس سڀني مختلف طبقن ۾ آباديءَ جي آزاد ۽ وسيع گروهه-بنديءَ
لاءِ، ۽ نيٺ مَڏيءَ ۽ هر هڪ وڏي ۽ ننڍي مالڪ، ۽ خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ جي وچ ۾ ٻوليءَ
جي وحدت ۽ بنا رنڊڪ ترقي انتهائي لازمي شرط آهن. ان ڪري هر قومي جدوجهد جو لاڙو قومي
رياستون ٺاهڻ ڏانهن رهيو آهي جنهن هيٺ جديد سرمائيداري جون گهرجون چڱيءَ طرح
پوريون ڪري سگهن ٿيون.“ (مارڪس، اينجلس ۽ لينن، ”سائنسي ڪميونزم بابت“، انگريزي ۾،
ص-371)
(لينن، ”قومي
مسئلي جو تنقيدي جائزو ۽ قومن جو خوداراديت جو حق“،
اردو ۾، ص- 46-47)
انقلابي
فڪر هڪ قوم لاءِ هڪ ٻوليءَ جو شرط ٿو رکي.
ٿي سگهي
ٿو ته تاريخ جي فلسفي جي لحاظ کان واپ وارن (۽ ٻين) کي غير انقلابي، انقلاب دشمن
ٽراٽسڪائي فڪر اها تعليم ڏيندو هجي ته هڪ قوم لاءِ هڪڙي گڏيل ٻولي ضروري ناهي.
باقي انقلابي فڪر ڇا ٿو چئي، هڪ قوم لاءِ ڪيترين ٻولين جو شرط ٿو وجهي، اهو مٿي
ڏنل حوالن مان صاف ظاهر آهي.
ظالم ٽولو ڦري ٿيو ”مظلوم“
۽ ”سنڌي قوم جو حصو“ ڇو؟
ارغونون
۽ ترخانن کي مغلن قنڌار مان ڀڄائي ڪڍيو. هنن اچي بلوچستان ۽ سنڌ کي غلام بنايو. ان
ڪري ارغون ۽ ترخان مظلوم ٿي پيا ڇا؟ انگريزن جي بيٺڪن ۾ هٽلر ڪاهي آيو ته انگريز
مظلوم ٿي پيو ڇا؟ ويٽنام ۾ آمريڪي سامراج قبضو ڄمائي ويٺو ته اتي موجود فرانسي
سامراج ڦري مظلوم ٿي پيو ڇا؟ مظلوم قومن جي استحصال مان پناهگير ٽولي کان پنجابي
قوم وڌيڪ حصو ڇڪي وئي ته اهو ٽولو ظالم مان ڦري مظلوم ٿي پيو ڇا؟ سنڌين جي ڪهڙي
سياسي تنظيم آهي جنهن 1984ع تائين مظلوم قـومـن جـي ڦرلٽ ۾ پنجابين ۽ پناهگيرن کي
ٻِٽ، ٻانهه ٻيلي ۽ هڪ ٻئي جو ساٿي نه سمجهيو هجي؟ جِي ايم سيد ته ڏهه کن ڪتاب لکي
رکيا هئا! ڪاڏي ويو اهو مهاجر سامراج يا مهاجر مستقل مفاد؟ ڇا ٽي ڪيڪ ۽ ٻه گل ڏئي
مظلوم ٿي پيو؟ ڪهڙا سبب آهن جو رات وچ ۾ گوهي ڏئي، 180 ڊگري جو ابتو ڦيرو کائي
هڪدم اوچتو سنڌي قوم جي گڏيل مخالفن جي هڪ حصي ــــــ مهاجر سامراج ــــــ کي
ڦيرائي کڻي مظلوم مهاجر، مهاجر قوم، سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو، نئون سنڌي
يا شهري سنڌي ٺاهيو اٿائون؟ ڇا ان ڪري جو رجعت پرست پناهگير ليڊرشپ ”مهاجر قوم“ جي
مهم هلائي آهي، يا ان ڪري جو ”مهاجر حق“ ڄمائڻ شروع ڪيا اٿائون، يا ان ڪري جو پاڻ
کي ”مظلوم“ سڏڻ شروع ڪيو اٿائون يا ان ڪري جو الطاف ٽولو جِي ايم سيد کي چڱو ماڻهو
ٿو سڏي ۽ آريسر کي ٻه گل ٿو ڏي يا ان ڪري جو معراج ٽولو ارباب کهاوڙ کي پالي وڏو
ڪري ڪيڙو ڪيڙو سيکاري، يا ان ڪري جو نقوي نازشي ٽولي طرفان کيس اهم رهنما سڏي پٻي
ڏني وئي؟
دنيا جو
ڪو به سائنسي اصول، نظريو قاعدو ”مهاجر قوم“ جي حمايت ۾ ناهي، ڪنهن به ”مهاجر حق“
کي نٿو مڃي، سندن حيثيت ”مظلوم“ نه ٿو سمجهي ۽ کين زبردستي سنڌي ڪرڻ ليکڻ جو ڏس نه
ٿو ڏي. ڏاڍائي، زوراوري، بدمعاشي، ظلم، زبردستي ئي اهو طريقو آهي جنهن وسيلي ”يهودي
قوم“ ٺهي ويٺي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو به اها ئي روش وٺڻ چاهي ٿو ته پرواهه ناهي، مڙس
ٿي منهن ڏبو.
ڪڏهن
ڪڏهن ”مظلوميت“ جا ٻول ڍاول پيٽ جي اوڳراين جهڙا هوندا آهن. ڇا سنڌي ماڻهن کي
پنهنجي ڏيهه ۾ ايترو مليل آهي جيترو هن جهان گرد ۽ قبضاگير ٽولي کي؟ هنن کي ڇا
مليل ناهي؟ شهرن تي قبضو، زندگيءَ جون عام سهولتون، زمين ۽ ڪارخانن جي مالڪي، ملڪ
مٿان ڇانيل ٻولي، مرڪز تي قبضي ۾ اڌو اڌ، ان جي ڀيٽ ۾ سنڌين وٽ ڇا آهي؟ سندن
ٻوليءَ جو ڇا ٿيو آهي؟ سندن پيداواري وسيلن جو ڇا ٿيو؟ سندن مالڪي جو ڇا ٿيو؟
سنڌ جو
سڀ ڪجهه وڌيڪ اهم ته هنن جي قبضي ۾ آهي! ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ هتي سنڌين جي حالت
بنائي اٿن سا ڪنهن ڏٺي آهي؟ پوءِ به هي مظلوم!؟ واڻئي وانگر مٿان چڙهيا به ويٺا
آهن ۽ رڙيون به پيا ڪن ”ابا ڇو؟“ ”چي اٿندو ته مون کي ماريندو!“
-
ڪٽر گروهه
پرست، ٺيٺ رجعت پرست پناهگير ٽولن ۽ جِي ايم سيد آريسر ٽولي جي وچ ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي
آهي؟
-
ڪٽر گروهه
پرست، ٺيٺ رجعت پرست پناهگيرن ٽولن ۽ ارباب کهاوڙ (۽ معراج) ٽولي جي وچ ۾ ڪهڙي
هڪجهڙائي آهي؟
-
ڪٽر گروهه
پرست، ٺيٺ رجعت پرست پناهگيرن ٽولن ۽ ڄام ساقي (نقوي نازشي) ٽولي جي وچ ۾ ڪهڙي
هڪجهڙائي آهي؟
-
”مظلوم مهاجر“ ۽
”مهاجر حق“ جي حمايت ڇو ٿي ڪئي وڃي؟
-
سنڌي قوم
جي وجود لاءِ خطرو، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تباهه ڪندڙ ۽ سنڌ جي سوين وسيلن تي قبضو
ڄمائيندڙ سنڌ دشمن اردو باز ليڊرشپ اوچتو ئي اوچتو ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ
حصو“ ڇو ٿي پيا؟
-
سنڌ جي
ڦٻايل وسيلن ۽ حقن جو ڇا ٿيندو؟
-
آخر هنن
سڀني ٽولن جون ڏوريون ڪنهن جي هٿ ۾ آهن جيڪو کين هڪجهڙو ٿو ناچ نچائي؟
-
اهو
عالمي سامراج ته ناهي؟
1983ع واري ايم
آر ڊِي جي هلچل کان پوءِ سنڌي عوام جي سياسي سجاڳي، سُرت ۽ سمجهه هڪ پاسي سنڌي قوم
جي سڄڻ سياسي تنظيمن کي ٻڌيءَ، اتحاد ۽ ويجهڙائيءَ جو سبق ڏنو، ته ٻئي پاسي سنڌي
قوم جي دشمن قوتن کي به اگهاڙو ڪري ڇڏيو ۽ اهي پنهنجا سمورا رنگ روپ ۽ ٻهروپ لاهي
پاڻ ۾ ٻِٽ ٿي ويون.
(1)
پاڪستان
جي حڪومت عالمي سامراج جي ڇاڙتي آهي ۽ اها چاهي ٿي ته سنڌي عوام، مظلوم قومن ۽
مظلومن طبقن جو پاڻ ۾ اتحاد نه ٿئي،
(2)
عالمي
سامراج جون ڇاڙتيون پنجابي-پناهگير، جاگيردار-سرمائيدار ۽ رجعت پرست پارٽيون چاهن
ٿيون ته سنڌي عوام، مظلوم قومون ۽ مظلوم طبقا پاڻ ۾ اتحاد نه ڪن،
(3)
سنڌ
دشمن، ڪوڙا قوم پرست ۽ ڪوڙا ڪميونسٽ ٽولا عملي طور عالمي سامراج جا دلال آهن،
پناهگير-پنجابي ڦورو طبقن جا دلال آهن ۽ سنڌ جي ڦورو طبقن جا دلال آهن ۽ چاهن ٿا
ته سنڌي عوام، مظلوم قومون ۽ طبقا پاڻ ۾ اتحاد نه ڪن،
(4)
پنجابي-پناهگير،
جاگيردارن-سرمائيدارن جا دلال، نقلي ترقي پسند ۽ ٽراٽسڪائي ٽولا مارڪسزم، ليننزم
جي آڙ ۾ فتني بازي ڪندڙ بدمعاش آهن ۽ چاهن
ٿا ته سنڌي عوام، مظلوم قومون ۽ مظلوم طبقا پاڻ ۾ اتحاد نه ڪن.
- انهن مان هر
سنڌي(؟) ٽولو (رجعت پرست توڙي ”ترقي پسند“) ڪنهن نه ڪنهن پناهگير ٽولي کي ڪنهن نه
ڪنهن (”نئين سنڌي“، ”شهري سنڌي“ يا ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي“) ليبل هيٺ سنڌي قوم جي
اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جو شرط وجهي ٿو، ڇو؟
جِي ايم
سيد - آريسر ٽولو پاڻ ضياءَ، ملٽري، پنجابي شاهوڪارن، مسلم ليگ، مقم سان ته اتحاد
ڪرڻ پسند ڪري ٿو، مقم وارن پاران صفايون پيش ڪري ٿو ۽ انهن جي جلسن ۽ جلوسن جي
پهريداري ڪري ٿو، پر سنڌي عوام جي قومي اتحاد ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو؟
-
ارباب ٽولو
معراج وارن (۽ ٻين نقلي ترقي پسند ٽولن) جي شموليت کان سواءِ سڌي قوم جو اتحاد
اڻپورو سمجهي ٿو ۽ انهن کان سواءِ سنڌي عوام جي قومي اتحاد ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي،
ڇو؟
-
سنڌ هاري
ڪميٽيءَ جي پيلٽ فارم تان پاڻ هڙتو نمائندو ڄام ساقي نقوي-نازشي ٽولي (۽ ٻين نقلي
ترقي پسند ۽ ٽراٽسڪائي ٽولن) جي شموليت کان سواءِ سنڌي قوم جو اتحاد اڻپورو سمجهي
ٿو ۽ سنڌي عوام جي قومي اتحاد ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو؟
ڄام ساقي
۽ ارباب کهاوڙ، پريس ڪانفرنس ڪري سنڌي تنظيمن جي اتحاد مان ڀڄي وڃڻ جو اعلان ڪري
چڪا آهن. بيوقوفي جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو نقوي-نازشي ٽولو هن اتحاد ۾ شامل ئي ڪو
نه هو، اتحاد مان ان جي نڪري وڃڻ جو اعلان ڪيائون!)
سنڌي قوم جي ڦرلٽ ۾
پناهگير ٽولي جي شموليت کان انڪار ڇو؟
اسين ۽
اسان جي تنظيم سنڌي قوم، مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي ڇوٽڪاري لاءِ نه رڳو انهن جي
اتحاد تي زور ڏئي ٿي پر لازمي سمجهي ٿي. اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان جي سڀني مظلوم
قومن جي ڦرلٽ ۾ پنجابي قوم ۽ پناهگير ٽولي جي ليڊرشپن ۽ انهن جي حامين ۽ حوارين جو
مجموعي ڪردار ظالماڻو آهي ۽ پاڪستان جي سڀني مظلوم قومن ۽ سموري مظلوم عوام جو
مکيه دشمن پنجابي-پناهگير جاگيردار-سرمائيدار طبقا آهن. هر مظلوم قوم جي غدار
وڏيرا شاهي ۽ رجعت پرست پنهنجي پنهنجي قوم جي غلاميءَ ۽ دشمن جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ
بنيل آهي.
مظلوم
قومن جي هر عوام دوست، وطن دوست ۽ سامراج دشمن تنظيم جو انقلابي فرض آهي ته هوءَ
نه رڳو پنهنجي قوم جي ٻين اهڙين تنظيمن سان اتحاد ڪري پر ٻين مظلوم قومن جي اهڙين
تنظيمن سان به اتحاد ڪري ۽ ان لاءِ وڌي چڙهي حصو وٺي. ٻئي پاسي ظالم قوم ۽ ظالم
ٽولي جي هر حق پرست، بااصول، عوام دوست، جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ سامراج دشمن
تنظيم جو فرض آهي ته اهي مظلوم قومن مٿان ٿيندڙ ظلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ کان کليءَ
طرح انڪار ڪن ۽ مظلوم جي ڇوٽڪاري ۽ خود اراديت جي حق لاءِ پنهنجي ئي حاڪم طبقن
خلاف عملي ويڙهه ڪن. اهو نه رڳو سندن انقلابي فرض آهي پر خود سندن ڇوٽڪاري لاءِ به
لازمي آهي.
جيڪڏهن
ظالم قوم ۽ ٽولي يا مظلوم قومن جي ڪا به تنظيم ان حق پرست انقلابي ڳالهه کان انڪار
ڪري ٿي ته اها عملي طرح سامراج ۽ ڦورو طبقن جي ڇاڙتي ۽ دلال ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن
جي غدار ۽ دشمن آهي.
لڳ ڀڳ
سموريون سياسي ڌريون ڪنهن نه ڪنهن طرح اهو ظاهر ڪنديون پئي آيون ته اهي مظلوم قومن
جي ڦرلٽ ۾ پنجابي-پناهگير ڦورو ۽ ظالم طبقن کي ٻِٽ ۾ شامل سمجهن ٿيون. اڄ جيتوڻيڪ
اهي سنڌي-دشمن مافيا جي ڦورو ۽ ظالماڻي ڪردار کان انڪار ڪري، ان کي هڪ سٽ ۾ ابتو
ڪري، ان کي يا ته ”مظلوم“ بنايو آهي يا وري سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو (۽
اهڙي طرح نه رڳو ان سموري ظلم ۾ سنڌي قوم کي ڀاڱي ڀائيوار ڪري وڌو آهي. جيڪو مضبوط
مرڪز وسيلي ان ٽولي مظلوم قومن تي پئي ڪيو آهي پر خود سنڌي قوم کي بنگالين جي ڪوس
۽ انهن مٿان ٿيل ڪيس ۾ به شامل ڪري وڌو آهي ته اهڙن ٻين هزارين ڏوهن ۾ به) پر پوءِ
به انهن تنظيمن جي نمائندن کان ڪنهن نه ڪنهن نموني وهي ٿو وڃي ته هي ٽولو پنجابي
قوم سان گڏجي ظلم ۾ ٻٽ رهيو آهي ۽ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي ان سان گڏ آهي.
جِي ايم سيد چيو: ”مهاجرن جي سوچ ۾ جيڪو انقلاب برپا ٿيو آهي ان جو سبب هيءَ
آهي ته:
”دي جب رنج پتون ني تو خدا ياد
آيا
”هاڻي اهي (پناهگير ) چون ٿا ته اسين سنڌي آهيون (ڪهڙن چيو آهي ۽ ڇو چيو آهي-
ليکڪ) ۽ اسان کي سنڌ ۾ رهڻو آهي“، اسان کي رِلي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. اهو وقت تڏهن آيو
جڏهن مهاجرن کي تڪليفون مليون.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، ظهير احمد، ”جِي
ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-55)
ارباب
کهاوڙ ٽولي جو نڪتهء نظر آهي ته:
”مهاجرن جو وچولو طبقو ٻين قومن جي وچولي طبقي کان وڌيڪ مراعات يافته آهي.
مهاجرن جي وچولي طبقي جي ويڙهه ان لاءِ ناهي ته کين ڪجهه مليل ناهي پر انهن جي
ويڙهه ان لاءِ آهي ته جيترو کين حصي کان وڌيڪ ملي رهيو هو ان ۾ هاڻي ڪجهه
گهٽتائي ٿي آهي.“ (”واپ نڪتهء نظر“، ص-32)
سدمت
ٽولي لکيو ته:
”مهاجرن ۾ پنجابي حڪمرانن کان نفرت جو ٻيو ڪارڻ ضياءَ دور ۾ پنجابي حڪمرانن
طرفان کين سياسي اقتدار ۾ حصو نه ڏيڻ آهي. جيتوڻيڪ مهاجر پاڪستان ٺهڻ کان
وٺي سياسي اقتدار ۾ مظلوم قومن جي عوام جي استحصال ۾ پنجاب سان شريڪ ۽ ڀاڱي
ڀائيوار رهيو آهي.“ (”انقلابي راهه“، مارچ-اپريل
87ع، ص-8)
جڏهن
اقتدار، ڦرلٽ ۽ رهزني جي ڳالهه ٿئي ٿي تڏهن ”مهاجر“ لکيو وڃي ٿو ۽ جڏهن سنڌي عوام
جي قومي اتحاد جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هڪدم ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ ٺاهي
بدمعاشي ۽ اتحاد دشمني جو گورک ڌنڌو پکيڙيو وڃي ٿو!
جهالت ۽ ڀلاوڻيءَ
جو ڀنڊارو
ارباب
کهاوڙ ٽولو لکي ٿو:
”تاريخي عمل اهو آهي ته مهاجرن جو هڪڙو تمام وڏو حصو(!) سنڌي قوم جي جذب پذيري
جي دور مان گذري رهيو آهي(!) ٻهراڙين(!) ۾ مهاجر صاف سنڌي ڳالهائن ٿا(!) ۽ انهن
سنڌين جون عادتون اختيار ڪري ورتيون آهن(!) ۽ شهرن ۾ اردو ڳالهائيندي به انهن جو
لهجو لکنوي، دهلوي ۽ حيدرآبادي لهجو نه رهيو آهي پر شهرن ۾ به سنڌين جي ثقافت کي
قبول ڪندا ٿا وڃن. انهن جي سلوار قميص سنڌين واري ٿي وئي آهي. سنڌي اجرڪ جو
استعمال تمام گهڻو ٿا ڪن. ٽي-وي جي اردو ڊارمن تي به سنڌي اداڪار حاوي آهن.“(!) (”واپ نڪتهء نظر“، ص-47)
-
ضياءَ جي
شيرواني لاهي ڏسو ته هيٺان ڇا پاتل اٿس، سلوار قميص يا گوڏ گنجي؟ پوءِ چئبو ته
ضياءَ اينڊ ڪو سنڌي قوم ۾ جذب پذير ٿي رهيا آهن؟
-
پناهگيرن
جو وڏو حصو شهرن ۾ رهي ٿو يا ٻهراڙين(!) ۾؟
-
ڪهڙي
ٻهراڙيءَ ۾ ڪيترا پناهگير رهن ٿا؟
-
اردو جو
لهجو جيڪڏهن دهلوي، لکنوي ۽ حيدرآبادي نه رهيو آهي ته سنڌي ٿي ويو آهي يا فارسي،
عربي، انگريزي؟
-
جيڪي
پناهگير وڏي تعداد ۾ جذب پذير ٿي رهيا آهن اهي ڪٿي رهندا آهن؟
-
جيڪڏهن ٽي-وي
جي اردو ڊرامن تي سنڌي فنڪار ”حاوي“ آهن ته اهو سنڌي ثقافت کي قبول ڪرڻ جو مثال
ڪيئن ٿيو؟ (جيڪي ٻه چار ڊراما آرٽسٽ آهن انهن کي به ڪڍرائڻ جو ارادو اٿن ڇا؟)
-
اجرڪ جو
استعمال سونهن طور سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو. (جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته الطاف شيخ
جا سفرناما پڙهي ڏسي.)
-
ڇا سنڌي
ثقافت رڳو ايتري آهي ته سلوار قميص ۽ اجرڪ جو استعمال ٿئي ٿو يا نه؟ (هي آهن ”مهاڄاڻ“
۽ ”دانشوري“ جا ڪجهه مثال.)
جن ماڻهن
رات جو اٺين وڳي وارو ٽي-وي پروگرام ڏٺو هوندو ته انهن ”برزخ“ کان ويندي ”رات“
ڊرامي تائين سڀ سلسلا به ڏٺا هوندا ۽ پڪ سان چئي سگهندا جيڪا سنڌي ثقافت تي ٺٺول ۽
سڄي دنيا جي اردو ڳالهائيندڙن کي ڌرتي سان ”پيار“ ڏيکاريو وڃي ٿو ان تي گهٽ ۾ گهٽ
سنڌي وطن دوستي جي هام هڻندڙن کي ٻڏي مرڻ گهرجي. روبي ڊسٽ، گولڊ ڊسٽ ۽ سپر ڊسٽ جي
نالي ۾ واهيات چانهين جي اشتهاري بازي سنڌي ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌين جو
ردي مزاج ڏيکاري ٺٺول ڪئي وڃي ٿي.
اڄ ڪهڙي
ٺيٺ پناهگير گروهه پرست يا ”ترقي پسند“ تنظيم آهي جنهن سنڌ ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
سرڪاري، دفتري ۽ تعليمي ٻولي هجڻ جو مظالبو ڪيو هجي؟ يا، ائين ٿيڻ جي مخالفت نه
ڪئي هجي؟ يا سنڌ مٿان سنڌي قوم جو حق مڃيو هجي؟ يا سنڌي قوم کي ان جا کسيل وسيلا
موٽائي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هجي؟ يا، پناهگير ٽولي، اردو ٻولي ۽ سامراجي دلال رويي جي
بالادستيءَ جي مخالفت ڪئي هجي؟ وغيره. ٻوليءَ جي بالادستيءَ خلاف ويڙهه ته هر
انقلابي ماڻهو جو فرض آهي.
”مهاجرن کي سنڌ ۾ آئي هاڻي چاليهه سال ٿي ويا آهن، هتي انهن جو ٻيو
نسل پيدا ٿيو آهي... اسان سمجهون ٿا ته مهاجر سنڌ ۾ هاڻي ايئن آهي جيئن ڪنوار(!)
ساهري(!!) گهر ويندي آهي، راضي يا رنج پر هاڻي اهو ئي سندس گهر آهي(!) ان گهر جي
عزت ۽ عظمت سندس عزت ۽ عظمت آهي(؟) گهر جي ڀاتين جو فرض(!) آهي ته نئين ڀاتي کي
قبول ڪن ۽ نئين ڀاتي(!) جو فرض آهي پاڻ کي گهر جي حوالي ڪري ڇڏي.“ (”واپ نڪتهء نظر“، ص-35،36)
”اردو ڳالهائيندڙن جو سنڌ ۾ اچڻ تاريخ جو اهڙو جبر آهي جيڪو سامراج جي
نوآبادياتي نظام جي سازش جي نتيجي ۾ اسان کي ورثي(!) ۾ مليو آهي جيڪو هينئر تاريخي
حقيقت بنجي ويو آهي ۽ تاريخ جي واڳ کي ڪير به پوتئي(!) موڙي نه ٿو سگهي.“ (”واپ نڪتهء نظر“، ص-31)
هي آهي
جهالت جي پالوٽ ۽ ڀلاوڻيءَ جو ڀال، سڄو گهر سينگاري تريءَ تي رکي سامراج جي بيٺڪي
نظام جي آڙ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿان هڪ ڊائلاگ ٿو ٺوڪيو وڃي ته تاريخ جي واڳ ڪو به
ورائي نه ٿو سگهي.
-
ڇا
پناهگير رڳو سامراجي سازش جي نتيجي ۾ آيا ۽ ان ۾ هنن جو ڪو به هٿ ڪونهي ۽ اهي پاڪن
پاڪ آهن؟
-
سامراجي
سازش کي اسان ڇو قبول ڪريون؟ (اها سازش قبول ڪندڙ ته سامراج جا دلا سڏجڻ گهرجن.) سازش
کي ٽوڙي ڇو نه ڇڏيون؟ سامراج دشمن ماڻهو جو ڪهڙو فرض آهي، سامراجي سازش کي ٽوڙي يا
قبول ڪري؟
-
جيڪڏهن
اسان کي ڪو به تاريخ جو جبر ورثي(!) ۾ ملي ته اسين ان کي ڇو قبول ڪيون؟ طبقاتي ظلم
به ته تاريخ جو جبر ۽ ورثي ۾ مليل نظام آهي ان کي ٽوڙجي يا قبول ڪجي؟ جيڪي ان کي
قبول ڪندا، اهي حاڪم طبقن جا دلال هوندا؟ ارباب ٽولو اهو تاريخ جو جبر قبول ڪري ٿو
يا نه؟
واهه جي
جدلي ۽ تاريخي ماديت سکي سيکاري آهي هن ”جديد“،
”مهاڄاڻو“، ”انقلابي“، ”صدين تي نظر رکندڙ“، ”ڪامريڊ“ ارباب کهاوڙ!! واهه واهه ”فلسفو“
ته هن کان سکڻ گهرجي! ۽ ان تاريخ جي ڄاڻو پناهگير کي سڏيو آهي ”ڪنوار“.
”ورثي“ ۾
ملندڙ اهو تاريخي جبر ۽ سامراجي سازش جو نتيجو ساهري گهر آيل ”ڪنوار“ ته بنگلاديش
۾ به وئي هئي، جنهن کي بهاري سڏبو آهي.
سازشي،
قاتل ۽ ظالم بهاري ”ڪنوار“ کي ارباب کهاوڙ ڇا ٿو سمجهي؟ ڇا بنگلالين سامراجي سازش،
”تاريخي جبر“ ۽ ”ورثي“ ۾ مليل ”ڪنوار“ کي پنهنجي ڏيهه مان لوڌي ڪڍي ”تاريخ جي
فلسفي جي لحاظ کان انقلابي فڪر“ جي خلاف ڪم ڪيو، تاريخ کي پوئتي موٽايو؟
سامراجي
سازش ۽ ”تاريخي“ جبر جي نتيجي ۾ نڪتل ۽ 40-سال عرصو ۽ ٻه نسل پيدا ڪرڻ وارو
فلسطينين کي ”ورثي“ ۾ مليل هڪ ”مظلوم“ ”ڪنوار“ يهودي به آهن ۽ ان ”مظلوم“، ”ڪنوار“
ڌرتي جي حقيقي وارثن سان جيڪو ويل وهايو آهي اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي. فلسطيني ”ورثي“،
”تاريخي“ جبر، سامراجي سازش ۽ يهودي ”ڪنوار“ خلاف ويڙهه هلائي رهيا آهن. ڇا انهن
جو اهو عمل تاريخ جي واڳ کي پوئتي ورائڻ آهي؟ حق تي ڪير آهي، يهودي ”ڪنوار“ يا
سامراجي سازش کي قبول نه ڪندڙ فلسطيني ”ساهرا“؟
ارباب
ٽولي جي ”فلسفيانه“ درس موجب ته ڏوهاري بنگالي ۽ فلسطيني ٿين ٿا. اها ڳالهه ته
رجعت پرست سان ٿي ملي!
- ڇا پناهگير واقعي ائين آهي جيئن ”ڪنوار“ پنهنجي ساهري گهر
ويندي آهي، ڇا گهر جي ڀاتين پنهنجو ”فرض“ نڀائيندي ان ”ڪنوار“ کي قبول نه ڪيو، ڇا ”ڪنوار“
پنهنجو فرض نڀايو؟
- ڇا سنڌي ماڻهن پناهگيرن کي قبول نه ڪيو؟ انهن ته کين مسلمان
ڀاءُ، مظلوم ۽ ماريل سمجهي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون؟
پر ارباب
کهاوڙ جي ”ڪنوار“ ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ۽ ڪري ويٺي؟
اها ته ارباب
وارن کي خبر هوندي ته جڏهن ”ڪنوار“ سڄي گهر تي قبضو ڄمائڻ شروع ڪري، سڀ سيڌو سامان
سوري کڻي پنهنجي پير هيٺ ڪري، پنهنجي مڙس سان سمهي ئي ڪو نه، پنهنجون لن ترانيون
گهر ڀاتين مٿان مڙهي ۽ گهر ڀاتين کي پادر هڻي هيٺان ڪري ۽ پنهنجو حڪم هلائڻ شروع
ڪري ته سنڌي ماڻهو، مرد، مڙس جو ڪهڙو رويو هوندو آهي؟
اسان
سنڌي ماڻهو ٻه ڪم ڪندا آهيون.
(1)
اهڙي ”ڪنوار“
کي ”ٺيڪ“ ڪري سڄي گهر جي مفادن سان هم آهنگ ڪري هلائيندا آهيون، يا (2) ٽي طلاقون
ڏئي کيس پيڪي موڪلي ڇڏيندا آهيون.
جڏهن
بهاري ”ڪنوار“ بنگالين مٿان مالڪي ڄمائڻ شروع ڪئي ته انهن کيس ٽي طلاقون ڏئي
ڇڏيون. سنڌي ماڻهن کي اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو رويو رکڻ گهرجي.
ارباب
کهاوڙ جي اها ”ڪنوار“ اڄ نئين ميڪ اپ، نئين رنگ روپ، نئين جوڙجڪ، نئين حڪمت عملي،
نئين چالبازي، نئين ترڪتال ۽ نون هٿيارن سان ظاهر ٿي آهي، اڄ اها پنجابين کي ڏند
ڏيکاري پنجابين کان مظلوم قومن جي ڦرلٽ مان وڌيڪ حصو وٺڻ ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ويڪو
وڏيرن جي واهر سان مالڪي ڄمائڻ چاهي ٿي.
اچو ته
هاڻي ٿورو انهن ڪٽر گروهه پرست، رجعت پرست ۽ تعصبي ٽولن جو ننڍڙو جائزو وٺون جن
مان هڪ کي معراج مبارڪون ٿو ڏي، ته ٻي کي هار ٿو پارائي، جنهن جا گل آريسر پنهنجي
قبر ۾ ٿو پورائي، جنهن کي جِي ايم سيد ٺيڪ رستي تي هلندڙ ٿو سڏي، ۽ جنهن کي ڪوڙا
ڪميونسٽ سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو ڄاڻائي سندن دلالي ٿا ڪن.
واڻين وٽ
هزارين ايڪڙ سنڌي مسلمانن جون زمينون گروي رکيل هونديون هيون، انهن جو به وڏو حصو
ڪليمن ۽ کڻتن جي ور چڙهي ڪنهن نه ڪنهن مجن يا ڦجن جي حوالي ٿي ويو.
اهو
ساڳيو حشر گهرن، دڪانن ۽ ڪارخانن سان به ٿيو. مڙئي هر ماڻهو ٻن ٽن شهرن ۾ ٻه ٽي
گهر ۽ هٽ ضرور هٿ ڪري ورتا.
اهڙي طرح
شهرن، ٻنين، ڪارخانن، نوڪرين، وڻج، اچ وڃ جي وسيلن، تعليمي ادارن، خابرو ذريعن،
ٻولي، ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن تي ڀارتي ”مظلومن“ جي بالادستي ۽ حاڪميت قائم ٿي وئي.
سنڌ جا اصلي رهاڪو ٻي درجي جا شهري ۽ غلام ٿي ويا.
”غازي“ ۽ “مجاهد“ ۽
”شهيدن جا وارث“
1965ع جي هند پاڪ جنگ سنڌ مٿان وري ٻي بلا نازل ڪئي. ”غازين“ ۽ ”مجاهدن“
۽ ”شهيدن جي وارثن“ کي سنڌين جون ٻنيون، ملڪيتون ۽ مِلون مفت ۾ سوکڙيون ڪري ڏنيون
ويون. پاڪستان کان اڳ سنڌ جون ڪجهه زمينون انگريز پرمار پنهنجي خدمتگار پنجابي
فوجين کي ڏنيون هيون، پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ انهن ننڍي پيماني تي ٻنين ۽ ڪارخانن جي خريداري ۽ مرڪز وسيلي نوڪرين
تي قبضو ڄمائڻ شروع ڪيو هو، پر هاڻي اچي لانڍ لڳي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊفينس
ايراضين ۾ ته گهڻي قدر هي هئا پر هاڻي خاص طرح ٺٽي، بدين، حيدرآباد، نوابشاهه ۽
ميرپورخاص جي علائقن ۾ پنجابين جو مارو مچي ويو. چون ٿا ته جمڙائو واهه ۾ پاڻيءَ
بدران پنجابي وهي آيا هئا.
ٿلهي ليکي سنڌين جي زندگي جي هر شعبي جي ٽن پتين مان پهرين وڏي پتي پناهگيرن ۽
وچولي پتي پنجابين جي وڙ چڙهي وئي ته باقي ٽين ننڍي پتي سنڌين وٽ وڃي بچي، جنهن
مان اسي سيڪڙو جاگيردار وٽ هئي. مضبوط مرڪز وسيلي ڪيترائي شعبا سـﺆ سيڪڙو پناهگيرن ۽ پنجابين جي هٿ ۾ رهيا جن مان خاص ذڪر لائق هوائي، سامونڊي ۽
خشڪي (ريلوي ۽ روڊ) وسيلن ۽ پرڏيهي وڻج واپار تي قبضو هو. ٻولي ۽ ثقافت تي سڄي
پاڪستان ۾ نج ڀارتي پناهگيرن جو قبضو ٿي ويو.
باب تيرهون
سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟
سنڌي پنهنجي ساڻيهه ۾ بي وس، هيڻا ۽ لاچار ڄڻڪ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ بيدخل ڪيا
ويا.
4-مارچ 67ع واري واقعي کي جنم ڏيندڙ هلچل هجي يا ون-يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام
بند ڪريو تحريڪ هجي يا ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺاهيو تحريڪ، ڪٽر گروهه پرست پناهگير
سياستدان (نواب مظفر، ڪينيڊي، ڀوپالي وغيره) ۽ پناهگير پريس انهن جا وڏي ۾ وڏا
دشمن هئا. ”4-مارچ ۽ سنڌي جوڌا“ ڪتاب پڙهي
ڏسو، 1967ع کان وٺي 1973ع تائين جون اردو اخبارون پڙهي ڏسو، سولائي سان ڄاڻي وٺندا
ته مٿين سڀني تحريڪن جو دشمن نمبر پهريون ڪٽر گروهه پرست پناهگير ٽولو هو ۽ ٻيو
نمبر پنجابي. ان ڪم ۾ هر رجعت پرست توڙي ”ترقي
پسند“ ڪٽر گروهه پرست پناهگير هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ ٻٽ هو.
ٻوليءَ وارا ته جهيڙا ته ڪنهن کان به نه وسريا هوندا. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي
ئي ڏيهه ۾ قومي ٻولي ــــــ سرڪاري، دفتري، عدالتي ۽ تعليمي ٻولي ـــــ ٿيڻ کان
رنڊائڻ وارا وڏا ويري ڪير هئا؟
جواب جي سڀني سنڌين کي خبر آهي، آريسر، ڄام ۽ ارباب کي به آهي ۽ جِي ايم سيد
کي ته خاص طرح آهي. اهي هئا اسان جا مهربان پناهگير يا اردو ڳالهائيندڙ يعني ”نوان
سنڌي“ ۽ ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ جن پنهنجو ”پهريون پيار“ سنڌي ٻولي جي
حد درجي مخالفت ڪري ظاهر ڪيو.
هر اردو اخبار کي ماتمي لباس پارائي، چوڌاري ڪاريون ڪناريون ڏئي، آسماني
ملائڪن جي آب ڪوثر ۾ وهنجاريل اردو ٻولي ۽ ڳوٺاڻي ڄٽ سنڌي جاهلن جي سنڌي ٻوليءَ جو
جهيڙو لکيو ويندو هو. (اڄ معراج اها ذهنيت ڪجهه بدليل روپ يعني ”شهري“ ۽ ”ڳوٺاڻي“
سنڌي جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو). لکيو ويندو هو ”اردو کا جنازه هي ذار ڌوم سي نکلي“
يا ”لساني هنگامون ۾ تين شهيد هوئي اور پانچ مري.“ (شهيدن جي ٻولي اردو هوندي هئي
۽ مئلن جي سنڌي.)
آريسر شهيد عبدالرزاق سومري جي قاتل جي ڪڇ ۾!
آريسر، ارباب، ڄام ۽ انيڊ ڪو جنهن ٽولي کي اڄ سنڌي قوم جو ”اردو ڳالهائيندڙ
حصو“ چوڻ لڳا آهن، انهن جو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن سنڌ ۾ اهڙو رويو رهيو آهي جو بيان
ڪندي اکيون اٿلڻ لڳن ٿيون ۽ موٽ ۾ ٻين سان گڏ شهيد سومري جو رتوڇاڻ لاش اندر ۾
باهه مچائي ٿو ڇڏي.
هڪ رپئي جي نوٽ تي چارئي ”مقامي“ ٻوليون (سنڌي، بلوچي، پشتو، ۽ پنجابي) ڇاپيون
ويون ته هڪدم ”پاڪستان ٽٽڻ“ جو خطرو پيدا ٿي پيو ۽ پناهگير پريس ايڏي ته هاءِ
گهوڙا مچائي جو ان نوٽ جو ٻيو ڇاپو ته پري جي ڳالهه، پهرين ڇاپي جا نوٽ به ضايع
ڪيا ويا. ڪجهه هزار نوٽ ورهائجي ويا، نه ته اهي به بند ڪيا وڃن ها.
ان وقت کان وٺي هڪ نئين سازش تي عمل شروع ڪيو ويو ۽ اها سازش هئي ”مهاجر صوبي“،
”اردو صوبي“ يا ”ڪراچي صوبي“ واري مهم. انڊر گرائونڊ ڪم شروع ڪيو ويو. هر اردو
اخبار سوچي سمجهي ڪراچي ۽ سنڌ لکڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي وات ۾ اهو وجهي ڇڏيائون ته ”يي
ڪراچي ڪا هي اور يي سنڌ سي آيا هي“ وغيره.
رجعت پرست پناهگير ٽولي جا اڳواڻ نواب مظفر، ڪينيڊي، ڀوپالي، رئيس امروهوي ۽
محمود الحق عثماني وغيره جهڙا مهربان هئا. اڄ آريسرُ؛ امروهوي جي ڪڇ ۾ ويهي ٿو
فوٽو ڪڍرائي ۽ جِي ايم سيد جي زباني نواب مظفر جو فصل لڻندڙ الطاف ٺيڪ رستي تي هلي
رهيو آهي.
”مظلوم“ جو ڊسڪو، ڍاول جو ريح
”1977ع جي تحريڪ هلي ته انهن (پناهگيرن) سڀ کان اڳتي وڌي مهڙ واري جٿي طور ان
۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو... 1977ع جي تحريڪ جو آغاز مهاجرن ڪيو، اهي وڙهندا ۽ مرندا
رهيا.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، اردو ۾، ص-56)
ڀٽو حڪومت جي خاتمي ۽ ضيائي مارشل لا کان پوءِ سنڌ ڏانهن پنجابي لڏ پلاڻ ۽ سنڌ
۾ آبادڪاري وڌي وئي آهي. مارشل لا جي قهري قبضي هيٺ کين هر طرح جي سهولت مهيا ڪري
ڏني وئي آهي. سنڌين جو هر مال هڙپ ڪرڻ لاءِ سندن واجهوڙي نظرون واجهه وجهنديون
پيون رهن. سنڌين ۽ ٻين مظلوم قومن جي ڦرلٽ مان ڪجهه وڌيڪ حصو کڻڻ لڳا آهن ۽ پاڪستان
ٺهڻ کان وٺي ڀارتي پناهگيرن کي ڦرلٽ مان جيڪو بنا حساب حصو ملندو پئي آيو. اڄ
پنجابين ان ۾ ذرو کوٽ ڪري رکي آهي ته هنن هڪدم نئين سِر نئين سُر ۾ ”مظلوم مهاجر“
جو نعرو هئڻ شروع ڪري ڏنو آهي، نه ته ڀلا وٽن ڪهڙي کوٽ آهي؟
سنڌ جي وڏن شهرن، اڌ کان وڌيڪ ڪارخانن، ٽين پتي ٻنين، عمدن گهرن، وڏن دڪانن،
اهم واپار، ٻوليءَ ۽ ثقافت تي قبضو ته هنن جو آهي. مظلوم سنڌي آهن يا هي؟ مظلوم
بلوچ آهن يا هي؟
هاڻي انهن پنجابين کي هاٿيءَ وارا ڏيکاءَ جا ڏند ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن، وڏيون
گجگوڙون ڪرڻ لڳا آهن، پر ان سڄي گوڙ جي ڍَڪ ۾ چپ چاپ پنهنجن کائڻ وارن ڏندن جو رخ
۽ پنهنجون نظرون سنڌ تي کپائي ڇڏيون آهن. هاڻي هنن ”مهاجر صوبي“ وارن اردان
کي ويڪرو ڪري پنهنجي منصوبي کي سڄي سنڌ تي
قبضي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
سنڌي عوام جي سجاڳيءَ کان ’ڊڄ جي بيماري‘
سنڌي عوام جي 1983ع واري جدوجهد سنڌي ماڻهن جي سياسي سجاڳي، تنظيمي ٻڌي،
اتحادي قوت، همت، دليري، اورچائي، سرويچي ۽ سورهيائيءَ جو ثبوت بنجي ويئي. سڄي
دنيا جي سياسي پارکن سنڌي عوام جي سگهه کي مڃي ورتو. فيدرل ڪاسترو هڪ ڀيري ڪجهه هن
قسم جا لفظ چيا هئا ته عوامي جدوجهد هلندي ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي جو انقلابي
عوام پٿرن سان جهاز کي ڪيرائيندو آهن ۽ خالي هٿن سان ٽينڪون اونڌيون ڪندا آهن
ــــــ سنڌي ماڻهن جي هيءَ جدوجهد ڪجهه اهڙو ئي مثال بنجي پيئي. جيڪي انهيءَ وهم ۾
ورتل هئا ته سنڌي ڪڏهن به سجاڳ نه ٿيندا ۽ سدائين جهالت جي گهور ننڊ ۾ غرق پيا هوندا
انهن جا به تارا ڦاٽي ويا. فوج ۽ پوليس وٽ ڇا نه هو؟ انهن وٽ جنگي هيليڪاپٽر هئا،
ٽئنڪون هيون، توبون هيون، باهه ٻاريندڙ بم هئا، بڪتر بند گاڏيون هيون، رائيفلون،
بم ۽ گوليون هيون، ڏنڊو هو، قانون هو، حڪومت هئي. ٻئي پاسي سنڌي عوام وٽ ڇا هو؟
انهن وٽ خالي هٿ، بکيا پيٽ، ڪچيون جايون، ڪکايون جهوپڙيون ۽ مٿان کليل آسمان. تڏهن
به ڪلي ڪوڏيا ڪونڌر ڪٽ مست سنڌي سورهيه ميدان تان نه هٽيا.
سنڌي عوام جي ان جدوجهد هڪ ڀيرو وري به عوام جي ساٿين ۽ ويرين کي پڌرو ڪري
ڇڏيو. جيڪي سياسي تنظيمون سندن ساٿاري هيون اهي دوست ۽ جيڪي تنظيمون فوج سان ياري
نڀائي رهيون هيون اهي عوام جون دشمن سمجهيون ويون. دشمن اهو پئي سمجهيو ته سنڌي
عوام ڳوٺاڻو، بي واهو، نڌڻڪو، ڄٽ، بکيو ۽ اڻهوندو آهي، اهو ڇا ڪري سگهندو، پر بي
هٿيار سنڌي عوام جي موٽ سندن ڏند کٽا ۽ وايون بتال ڪري ڇڏيون. دشمن جي گهر ۾ ڦڙڦوٽ
پئجي وئي ۽ سنڌين مٿان پنهنجي جبر ۽ ڏاڍ کي اڃا وڌيڪ زور سان مڙهڻ لاءِ سندس
مجبوري ٿي پئي ته پاڻ کي مضبوط ڪري. سنڌي عوام جي هر دشمن کي پنهنجو آئيندو
اونداهو نظر اچڻ لڳو ۽ سنڌين خلاف پنهجي چالبازين جا سوين مورچا کولي ڇڏيا.
ڇانوڻين وڇائڻ، تعليمي ادارن کي قيد خانن ۾ بدلائڻ، پوليس چوڪيون وڌائڻ، قانوني
ضابطو مضبوط ڪرڻ وغيره جهڙا ڪم هڪ طرف، ته ٻئي طرف سنڌي عوام دشمن تنظيمن کي مضبوط
ڪرڻ، کُلي بدمعاشي ڪرڻ، سنڌ-دشمن قوتن کي وڌائڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ خاص
طرح مقم ۽ پنجابي-پختون اتحاد تنظيمون ذڪر لائق آهن.
اڳ جيڪي تنظيمون پناهگير-پنجابي سامراج جا ڪوڪرا پيون ڪنديون هيون، اهي پنهنجي
قومي، جمهوري ۽ ترقي پسند جو چوغو لاهي وڃي ان جي ڪڇ ۾ ويٺيون. هڪڙا ضياءَ وٽ، ٻيا
مقم وٽ، ٽيان معراج وٽ، چوٿان نقوي نازش وٽ، پنجان رجعت پرستن ۾. هڪڙن چيو ته
پناهگير اردو ڳالهائيندڙ ”سنڌي“ آهن، ٻين چيو ”شهري“ سنڌي آهن، ٽين چيو ”نوان“
سنڌي آهن، چوٿن چيو ”مهاجر قوم“ آهن، پنجن چيو قومي ظلم ۽ ظالم قوم ۽ ٽولي جو
مزدور شامل نه هوندو آهي. ڪن چيو ته سنڌي عوام بيوقوف آهي، ڪن چيو ته پنجاب جو ايجنٽ،
ڪن چيو نڪمو آهي، ڪن چيو ته انقلاب جي اڳواڻي نه ٿو ڪري سگهي، ڪن چيو پناهگير وڏا
هوشيار آهن، ڪن چيو ته انقلاب جو مرڪز شهر هوندا آهن، ڪن چيو ته ڳوٺن مان انقلاب
اٿندو ته ناڪام ٿيندو، ڪن چيو ته سنڌي عوام کي بيوقوف بنايو پيو وڃي ــــــ مطلب
هڪ، مقصد هڪ، راڳ هڪ، رينگٽ هڪ. گهڻي قدر رجعت پرست توڙي ”ترقي پسند“ تنظيم پـنـهـنـجي
بندوق جِي ايم سيد جي ڪلهن تي رکي هلائڻ شروع ڪئي. اڳي ارباب کهاوڙ ٽولي چيو ته جِي
ايم سيد رجعت پرست ۽ وڏيرڪي سوچ رکندڙ آهي، جيئي سنڌ تحريڪ ڄاڙي باز ۽ واتوڙي آهي،
پاڻ ان کان ڌار ٿي ويو ۽ هاڻي وري کيس جِي ايم سيد سنڌ ۾ مضبوط قوت رکندڙ نظر اچڻ
لڳو (ڏسو ”واپ نڪتهء نظر“. سدمت وارن چيو جِي ايم سيد قومي اتحاد ۽ فوج جو ڇاڙتو،
مارشل لا جو حمايتي ۽ هاڻي ڦري اهو ٿيو قومي انقلاب جو سڄڻ. (ڏسو ”سنڌين جو اتحاد:
تاريخ جي ضرورت“) (۽ جڏهن چون به ٿا ته سنڌين جو اتحاد تاريخ جي ضرورت آهي ته ان ۾
شامل ڇو نه ٿا ٿين!) وڏي ڳالهه اها ته جِي ايم سيد انهن سان به اتحاد نه ٿو ڪري،
نه ئي وري هي ان وٽ اتحاد لاءِ وڃن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙا سڀ ٽولا جيڪي اڳي
پنهنجي منهن تي سنڌي عوام جي سڄڻائپ جو نقاب چاڙهي ويٺا هئا هاڻي انهن لاءِ آزمائش
جو گهڙي اچي پهتي آهي ۽ جيئن ته پيدائشي ڪوڙا آهن تنهنڪري ڪو نه ڪو راڳ پٿاري سنڌي
عوام جي اتحاد، سجاڳي، ٻڌي ۽ تنظيم کي ڌڪ رسائڻ ٿا گهرن.
اهي سنڌي قوم جي اتحاد ۽ ان جو سنجيدو سڏ ڏيڻ وارن کان ڊڄ جي بيماري ۾ ايترو
ته وٺجي ويا آهن جو کين خوابن ۾ به پليجو ٿو نظر اچي. اڳي هنن کي جيڪي
پناهگير-پنجابي ڪوڙا ڪميونسٽ ۽ نقلي ترقي پسند نظر ايندا هئا، اڄ اهي سنڌي قوم ۽
عوام جا گهڻگهرا نظر اچڻ لڳا آهن.
پليجي صاحب جي سنڌي عوام جي اتحاد لاءِ هلايل هلچل کان هي ايترو ته ڊڄي ويا
آهن جو عام طرح جيڪي هڪٻئي تي ويٺا ٽيڪاٽپڻي ڪندا هئا اها سڀ وساري هڪ سُر ۾ گڏجي
ڳائڻ لڳا آهن، جڏهن کان وٺي پليجي صاحب سنڌي عوام جي اتحاد جو سڏ ڏنو آهي تڏهن کان
وٺي هر پنجابي-پناهگير ”ترقي پسند“ توڙي رجعت پرست، ٽراٽسڪائي توڙي ڪوڙو ڪميونسٽ ۽
انهن جا سنڌي ڇاڙتا هڪدم پاڻ ۾ گڏجي پليجي صاحب خلاف ڪتابن مٿان ڪتاب لکڻ، ڇپرائڻ
۽ مفت ۾ ورهائڻ لڳا آهن.
اسان کي افسوس ته اهو ٿو ٿئي ته اهڙا ڪوڙا قوم پرست ۽ ڪوڙا ڪميونسٽ وڃي سنڌي
عوام جي دشمن جي ڪڇ ۾ ويٺا آهن. جيڪڏهن اهي وري به سنڌي عوام جو مفاد ۽ مسئلا کڻن
ها، سنڌي قوم جي نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ ڪجهه ڪن ها، ته به جيڪر سڀني کي خوشي ٿئي ها،
پر هنن جيڪو ڌنڌو شروع ڪيو آهي ان جو مول مقصد ۽ مطلب اهو آهي ته سنڌي عوام جو
اتحاد نه ٿئي، سنڌي عوام سجاڳ نه ٿئي، ٻڌي نه ڪري، حق نه وٺي، سنڌي عوام ائين غلاميءَ
جي چڪي ۾ پيو پسجي ۽ نيٺ ريڊ انڊين جيان لوڍجي ختم ٿي وڃي. ان مقصد لاءِ هي سڀ
پنهنجا ظاهري اختلاف وساري وڃي پناهگير-پنجابي سامراج جي گود ۾ ويٺا آهن.
باب چوڏهون
”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“
سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين مرڪز تي
پنجابي-پناهگير جو قبضو رهيو آهي. سنڌي عوام جي سياسي سجاڳي، سگهه، سرويچي ۽
سورهيائي خاص طرح تعصبي ۽ رجعت پرست پناهگيرن ليڊرشپ کي بنگال ۾ قاتل بهارين جو
حشر ياد ڏياري ڇڏيو آهي ۽ ان ڪري اهي ”هوا جو رخ“ پيا ڏيکاريندا وتن ۽ گروهه پرست
پناهگيرن کي ميڙيندا پيا رهن ته جيئن سنڌ مٿان پنهنجي قبضي کي پڪو ڪري سگهن.
جيئن ته بنگال ۾ بنگالين جو ڪوس ڪرڻ دوران ”پنجابي“ فوج قاتل بهارين کي محفوظ
ڇانوَ ميسر ڪري نه سگهي هئي تنهنڪري رجعت پرست، پناهگير ليڊرشپ جو فوج تان ڀروسو
گهٽجڻ لڳو هو. سنڌين سان هن ٽولي پاڻ جيڪي جُٺيون پئي ڪيون آهن، اهي کانئن به
وسريون ناهن. سنڌين جي اڌ کان وڌيڪ ڪارخانن، ٽين پتي آباد زمين، وڏن شهرن ٻولي ۽
ثقافت تي نج سندن قبضو هو ۽ مرڪز سان ڀاڱي ڀائيواري سبب سندن مرڪزي ۽ صوبائي اهم
کاتن، سامونڊي بندر، هوائي اڏن، ڳنڍپ جي ٻن وسيلن، نوڪرين، تعليمي ادارن، پريس،
ٽي-وي، ريڊيو، وڻج واپار وغيره تي به سندن قبضو هو. جماعت اسلامي اڳ ئي البدر ۽
الشمس طرز تي فوجي سکيا ڏئي چڪي آهي، بنگال مان ڀڄي آيل سکيا بهاري اڳواڻ ۽ سکيا
ورتل قاتل بهاري (جن جو اڳواڻ آفاق شاهد آهي ۽ جنهن کي بهاري گهرائڻ لاءِ بک هڙتال
ڪرڻ تي معراج هار پارايا) به سندن مدد لاءِ پهچي ويا هئا ۽ بهارين جي سنڌ ۾
آبادڪاري لاءِ سندن ڪوششون جاري هيون، افغان ڀاڄوڪڙن کان وڏي ڳڻپ ۽ وڏي مقدار ۾
جديد هٿيار خريد ڪري رکيا هئائون ـــــ پر پوءِ به وٽن پنهنجي ڌرتي، پنهنجي اباڻي
تاريخي ورثي ۾ مليل ڌرتي ڪو نه هئي، ڪو نه آهي.
جيستائين وٽن پنهنجي ڌرتي ڪونهي تيستائين اهي پنهنجا پير مضبوظي سان ڄمائي نه
ٿا سگهن. پنهنجي تاريخي ڌرتي ڀارت ڇڏي آيا هئا، سنڌ ڌرتي جي حقيقي وارثن پاران
همدرد ڀليڪار باوجود شروع کان وٺي حاڪميت ۽ نفرت وارو رويو رکيو ويٺا هئا، ڪراچي
ڇني مرڪز جي کاتي ڪري ان تي قبضو ڪيائون، ون-يونٽ جا حامي، ون-يونٽ ٽوڙڻ جا مخالف،
ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺاهڻ جا دشمن نمبر پهريان، نيلام لاءِ پنجاب جا ڀرجهلو، سنڌي
ٻولي کي پنهنجي صوبي ۾ جائز حيثيت ڏيڻ جا ڪٽر ويري، رجعت پرست سامراجي دلال قومي
اتحاد جي بنيادي قوت، مارشل لا جا حمايتي ۽ مارشل لا دوران مٿن ٿيل ظلم جا تماشائي
۽ فوجي ظلم خلاف سنڌين جي ردعمل جا مخالف رهيا آهن.
ڀٽو دور تائين سازشن وسيلي اندرون سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف علائقن ۾
رهندڙ ڀارتي ”پاڪستانين“ کي سڏي، گهرائي، لڏائي ڪراچيءَ ۾ آڻي آباد پئي ڪيو اٿائون
ته جيئن پنهنجي اڪثريت ٺاهي سگهن، ”ڪراچي صوبي“ يا ”مهاجر صوبي“ لاءِ ڪوششون پئي
ڪيون اٿائون. 83ع جي سنڌي سرويچ جدوجهد کان پوءِ، جڏهين خالي هٿين سنڌي ’ڄٽ‘؛
هٿيار بند فوج ۽ پوليس سان اٽڪي پيا، تڏهن کين سنڌين جي سجاڳيءَ کان ڀوءَ ٿيڻ لڳو
آهي... هن وقت اهي سنڌي عوام جي اتحاد ۾ هر طرح ــــــ ڪوڙن ڪميونسٽ محاذن تان
پنهنجن پالتو طوطڙن، تترن ۽ ڏيڏرن وسلي ويڇا وجهڻ لڳا آهن، ته وري رجعت پرست محاذ
تان جِي ايم سيد آريسر ٽولي وسيلي. اڃا تائين رجعت پرست توڙي ترقي پسند ڪٽر گروهه
پرست پناهگير ٽولا هر محاذ تي اهائي ساڳي پراڻي، روايتي سنڌ دشمن، سنڌ تي قبضي
ڪرڻ، سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ سنڌين مٿان حاڪميت ۽ بالادستي ڄمائڻ واري روش
برقرار رکيو پيا اچن.
ٻولي وارن جهيڙن کان پوءِ پناهگير ٽولي جي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ”نئين
سنڌي“ جو رينگٽ شروع ڪيو هو ۽ ڀٽو دور ۾ اهو هوري هوري هلندي پئي رهيو. مارشل لا
جي شروع ۾ ماٺ ٿي ويو ۽ 83ع واري جدوجهد کان پوءِ ٻن ٽن روين ۾ ظاهر ٿيو آهي.
معراج ”شهري سنڌي“ ۽ ”ڳوٺاڻي سنڌي“ جو فتنو پکيڙڻ ۽ اهڙي طرح ”شهري سنڌي“ جي
آڙ ۾ پناهگير ٽولي کي سنڌ جي شهرن جو وارث ٺاهڻ جي سازش ۾ جنبي ويو، نقوي سازشي
ٽولو وري ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي“ جو راڳ پکيڙڻ لڳو، مقم ۽ ٻيون رجعت پرست ڪٽر گروهه
پرست تنظيمون ”مهاجر قوم“ جي ڌنڌي تي چڙهي ويون ۽ انهن جا هر مورچي تي ڇڏيل سنڌي
ڇاڙتا ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي“، ”شهري سنڌي“ ۽ ”نئين سنڌي“ جي آلاپ وسيلي سندن
پورائتو ڪرڻ لڳا. مطلب اهو ته هڪ پاسي سنڌ جي شهرن تي قبضو جائز ۽ حق حلال ڪري ڏنو
وڃي، ٻي پاسي انهن جيڪي هن وقت تائين سنڌين جي حقن تي ڌاڙا پئي هنيا آهن ۽ جيترو
ڪجهه ڦرلٽ ڪري پئي کاڌو آهي، ان جو حق حساب سنڌين جي کاتي ۾ وجهي مرڪز وسيلن ٿيل
ظلم ۾ ڏوهاري سنڌي قوم کي قرار ڏنو وڃي ۽ ٽئين پاسي واري رجعت پرست ڪٽر گروهه پرست
پناهگير ٽولا ”مهاجر قوم“ جي گوڙ گهمسان ۾ ”مهاجر حق“ ڄمائي سگهن. جيئن الطاف چيو
ته ــــ اسين پنجابي پٺاڻ کي ڪڍڻ نه ٿا چاهيون... سنڌ جا حقيقي حقدار (سنڌي نه)
سنڌي ۽ مهاجر آهن... مهاجرن کي سنڌ ۾ سنڌين جيترا حق ملڻ گهرجن... اسين رڳو
پنهنجا حق ٿا گهرون... جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته انتها پسند اڳواڻي اڀرندي... هوا جو
رخ ڏسو... وغيره.
هنن جو اڄ به حقيقي مقصد سنڌ ڌرتيءَ تي قبضو ڄمائڻ آهي ته جيئن جيترو ممڪن هجي
اوترو وڏو علائقو هٿ ڪري اردو ٻولي، ”مهاجر ثقافت“، ”مهاجر خصوصي مفاد“ ۽ ”مهاجر
پاور“ لاءِ ڌرتي هٿ ڪري سگهجي.
1-
”مهاجرن
کي اڃا به انهن جي حقن کان محروم رکيو ويو ته اهي پنهنجا حق ڇني وٺندا.“ (”الطاف
حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-167)
2-
”سنڌ
اسان جو وطن آهي ۽ اسان کي هن زمين سان محبت آهي... اسان کي نظر انداز
ڪيو ويو ته اسان کان پوءِ انتها پسند ماڻهو ايندا ۽ اها ڳالهه ملڪ جي سلامتي
جي خلاف هوندي.“ (حوالو ساڳيو، ص-170)
3-
”مهاجرن
کي انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي اعلى تهذيب ۽ ثقافتي ورثي جي
واڌاري لاءِ هڪ صوبو فراهم ڪيو وڃي.“ (ص-166)
4-
خدا نه
ڪري جيڪڏهن ملڪ کي خطرو آڏو آيو ۽ سنڌ جون حالتون مشرقي پاڪستان جهڙيون
ٿي پيون ته اسان مهاجرن جو ڇا ٿيندو... انهن حالتن مان سلامتي
سان گذرڻ لاءِ ڪهڙي راهه وٺڻي پوندي، ڇا اسين ماٺ ڪري ”ويهنداسون“؟ (ص-168)
5-
هوا جو
رخ ڏسو ۽ مهاجر قوميت کي پاڻ به مڃو ۽ ٻين کان به مڃرايو. (ص-142)
6-
ننڍي کنڊ
جي اردو ثقافت بي زمين هوندي به پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي
پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي به زمين مهيا ڪري ڏني وڃي.“ (ص-163)
-
يونانين،
ايرانين، عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ انگريزن جيان هن ٽولي کي به سنڌ ڌرتي سان
محبت آهي، ڌرتي جي ماڻهن سان نه (ها باقي ڪجهه ماڻهن کي گُهرڻ لڳا آهن ۽ اهي به
هنن کي گهرن ٿا).
-
”مشرقي پاڪستان“
جي حالتن، بهارين جي حشر ۽ سنڌين جي سجاڳ، سگهاري ۽ منظم ويڙهه سبب هي ڊپ ۾ پئجي
ويا آهن ۽ کين امڪان ٿو نظر اچي ته متان سنڌ ۾ ساڳيون حالتون پيدا ٿي پون ۽ سندن
حشر به بهارين جهڙو ٿئي تنهنڪري ”هوا جو رخ“ ڏسي ”مهاجر قوميت“ مڃرائي، اعلى اردو
تهذيب لاءِ زمين هٿ ڪرڻ جي ڌنڌي کي لڳي ويا آهن ۽ ان جي لاءِ هنن سنڌ تي سنڌين سان
گڏ ”مهاجرن“ جي هڪ جيترن ”حقن“ جي ڳالهه پکيڙي آهي.
-
حيدرآباد
واري جلسي ۾ الطاف چيو ته کيس ڪنهن مخصوص ٽولي چيو ته اچ ته گڏجي سنڌين کي ريڊ
انڊين جيان ڪري ڇڏيون پر هن صاحب مهرباني فرمائي انڪار ڪندي چيو ته پاڻ ان سازش ۾
شريڪ نه ٿيندو. (هي ته پاڻ لڳو پيو آهي ان ڌنڌي کي.)
”31-آڪٽوبر 1986ع تي الطاف حسين پنهنجي تقرير
۾ چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي، اسان کي ان سان محبت آهي، اسين سنڌين کي ريڊ انڊين
ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ شريڪ نه ٿينداسون، سنڌي اسان جا ڀائر آهن ۽ اسين انهن کي ڀاڪر پائڻ
لاءِ تيار آهيون، ان موقعي تي (تقرير)
ٻڌندڙن سنڌي - مهاجر ڀائي ڀائي جا نعرا هنيا ۽ جلسي ۾ شريڪ سنڌين مهاجرن کي
ڀاڪر پاتا.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“،
ص-173)
-
سنڌين ڀاڪر پاتا، پناهگيرن نه،
-
اهي سنڌي ڪير هئا؟
جِي ايم سيد - آريسر ٽولي جا ماڻهو.
پراوا مال ڦٻائڻ وارو ته هميشه مال ڦٻائي ڀاڳين کي ڀاڪر پائڻ لاءِ تيار هوندو
آهي، ان ۾ ڀلا کيس اعتراض به ڇو هجي پر قومي طرح اهڙا باغيرت ڀاڳيا به ٿي سگهن ٿا،
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي!
جِي ايم سيد چوي ٿو:
س: جڏهن کان اندرون سنڌ ۾ مقم جا جلسا ٿي رهيا آهن انهن جلسن ۾ جساف جا نوجوان
شريڪ ٿيندا آهن ۽ تقرير ڪندڙن کي هار پارائيندا آهن. (جڏهن ته) ٻن سنڌي تنظيمن
سپاف ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ سان انهن جا جهيڙا هلندا آهن، ان جو سبب ڇا آهي؟
ج: مون ٻڌايو نه ته سنڌي شاگرد تحريڪ رسول بخش پليجي جي
جماعت آهي ۽ سپاف ڀُٽي جي. اسين ڀٽي جي جماعت کي پنجاب جي ايجنٽ پارٽي چئون ٿا.
پيپلز پارٽي پنجاب جي ايجنٽ پارٽي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. سنڌي شاگرد تحريڪ وارا
بهادر ڪميونسٽ آهن، اهي پنجاب جي ايجنٽ طور ڪم ڪندا آهن.“ (جِي ايم سيد جو
انٽرويو، ”اخبار جهان“، 4-10 مارچ 87ع، ص-4،
ڪالم 3، 4)
-
جِي ايم سيد صاحب ان سوال جو جواب
ڇو نه ٿو ڏي ته سندس ڪارندا مقم وارن کي هار ڇو پارائيندا آهن ؟
-
جِي ايم سيد صاحب ته سڄي سنڌي
عوام کي ”پنجاب جو ايجنٽ“ چئي گار ڏيندو رهندو آهي پر جيئن ته جِي ايم سيد صاحب
پنجاب جي ”خاص طبقي“ جو ويجهو اتحادي آهي ۽ عوام جو دشمن، تنهنڪري سندس ڪل ويڙهه
وري پنجاب جي عوام خلاف به نه پر ان جي ”ايجنٽ“ (يعني سنڌي عوام) خلاف آهي.
-
پنجاب جي
حقيقي بدمعاشن سان ٺاهه ڪرڻو اٿس، پناهگيرن سان به ”اتحاد ڇو نه ٿو ڪري سگهي“
فرمائي چڪو آهي ۽ ان اتحاد جو عملي ثبوت انهن کي جلسن ۾ هار پارائڻ ۽ هٿياربند ساٿ
ڏيڻ وسيلي ظاهر ڪري چڪو آهي.
· سنڌ جا دشمن، سنڌي قوم جا دشمن
پنجاب جا خاص ۽ پناهگير ٽولي جا خاص آهن يا سنڌي عوام؟
·
جناب جِي ايم سيد اينڊ ڪو ٺاهه ڪنهن سان ٿو ڪري؟
·
ڇو؟
-
پناهگيرن وٽ ڌرتيءَ جي کوٽ آهي،
ڇو ته اهي پنهنجي ڌرتي ڀارت ۾ ڇڏي آيا. هنن کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته ڌرتي کان
سواءِ انساني وجود، قوم ۽ ثقافت بي بنياد هوندي آهي، تنهنڪري هنن هڪ ڌرتي هٿ ڪرڻ
لاءِ سوين روپن ۽ مطالبن جي صورت ۾ پنهنجي سازش پکيڙي ڇڏي آهي، ان ڪري ئي هنن کي
سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ٿي پئي آهي. ان کي عملي ويس ڏيڻ لاءِ سنڌي-مهاجر ڀائي
ڀائي جو نعرو هڻي سنڌ ۾ ”مهاجر حقن جي تحفظ، اعلى ثقافت ۽ پنهنجن خصوصي مفادن جي
واڌاري لاءِ هڪ صوبي، هڪ زمين هٿ ڪرڻ جي مهم هلائي رکي آهي.
-
”مشرقي پاڪستان“ (اڃا اهو نالو نه
ڇڏيو اٿائون!) جا مهاجر (بهاري، جن 35 لک بنگالين جي قتل ۾ حصو ورتو ۽ ٻيا ڏوهه
ڌار) ”نه ڪيل“ ڏوهن جي سزا ڀوڳي رهيا آهن، تنهنڪري هي به ان ”معصوم ۽ پاڪ“ راهه تي
هلڻ گهرن ٿا. حالانڪه کين بهارين جي ڪارستانين مان سکڻ گهرجي ها ۽ اهي ڏوهه نه ڪرڻ
گهرجن ها، پر رهندو انهن کي بيڏوهي سڏي ساڳي روش هلڻ گهرن ٿا.
حقيقت هيءَ آهي ته هي ٽولو اهو ساڳيو ڪم ڪرڻ پيو چاهي جيڪو نقلي آمريڪين حقيقي
آمريڪي رهاڪن (ريڊ انڊين) سان ڪيو ۽ ڪٽر يهودين فلسطين جي رهاڪن سان ڪيو آهي. ان
ڪري ئي کين بهاري بي ڏوهه نظر اچن ٿا. حالانڪه هنن ڪٽر گروهه پرست ٽولن جو هر هڪ
مقصد ۽ مطالبو صفا ظاهر آهي پر پوءِ به ڪي سنڌي ٽولا ۽ ماڻهو ان ڪم ۾ دشمن جا
ٻانهه ٻيلي، ڀرجهلو ۽ نگهبان ٿي بيٺا آهن. جيڪي ماڻهو يا ٽولا ڄاڻي ٻجهي، پنهنجن
ئي ڪتابن ۾ سنڌ دشمن ۽ سامراج ڪري ڄاڻايل ٽولن جي پوئواري ڪن ٿا انهن بابت اسين
سمجهون ٿا ته اهو ڄاڻي ٻجهي سنڌي عوام سان غداري ڪري رهيا آهن يا اهو سمجهون ته
اهي مُوڙهيل آهن؟
ناجائز قبضو ڀلي مظلوميت جي صورت ۾ هجي پر آهي ناجائز قبضو
ناجائز
قبضو ڪهڙي به روپ ۾ هجي ــــــ مظلوميت، ڀائپي، مذهبي هڪجهڙائي، چالاڪيءَ يا
ڏاڍائيءَ جي روپ ۾ هجي پر آهي ناجائز قبضو. ۽ ناجائز قبضو ڪنهن به حق کي
جنم نه ٿو ڏئي سگهي ــــــ فلسطين تي صيهونين (ڪٽر يهودين) جو قبضو ناجائز آهي.
ڀلي، جِي
ايم سيد صاحب-آريسر ٽولو، ڄام ساقي ٽولو، ارباب کهاوڙ ٽولو، سدمت ٽولو، پناهگير
رجعت پرست توڙي ’ترقي پسند‘ هزارين ڀيرا رلي ملي، گڏيل ڪورس ۾ قوالي ڳائڻ شروع ڪن
ته جيئن ته ”مهاجر“ سنڌ ۾ رهن ٿا، تنهنڪري انهن جو سنڌ ۾ ”حق“ پيدا ٿي پيو آهي،
انهن کي ڌرتيءَ سان ”پيار“ پيدا ٿي پيو آهي ۽ اهي ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ
حصو“ آهن پر حق جي ڳالهه اها آهي ته مظلوميت مذهبي، هڪجهڙائي، ڀائيچاري، چالاڪيءَ
۽ ڏاڍائيءَ وسيلي زوريءَ قبضو ناجائز آهي ۽ ان ڪري ڪنهن جو ڪو به حق پيدا
ڪو نه ٿو ٿئي. پرائي ڌرتيءَ ۾ ته هر ڦورو جي به اک هوندي آهي. ڇا سرمائيدارن کي
ڌرتيءَ سان محبت ناهي، جاگيردارن کي ناهي، سامراجي پرمارن کي ناهي؟ ڌرتيءَ سان ”محبت“
هر ڦورو بدمعاش کي به آهي ته وطن جي عوام کي به. ڳالهه هوندي آهي مقصد جي، مطلب
جي، خواهش جي سوچ جي، ذهينت جي، ارادن جي، عزمن جي. ڌرتيءَ سان محبت ڇو آهي؟
هڪڙيون قومون ۽ ٽولا هٿيار ان ڪري کڻندا آهن ته جيئن ٻين قومن کي محڪوم ڪري ڦُري
لُٽي سگهجي ۽ انهن خلاف ويڙهه ڪندڙ وري هٿيار ان ڪري کڻندا آهن ته جيئن ڦورو ظالمن
مان جند ڇڏائي سگهجي، ڌاڙيل ڌاڙي هڻڻ لاءِ هٿيار کڻندو آهي ته ڀاڳيو پنهنجي بچاءَ
لاءِ. اهميت هٿيار کان وڌيڪ هٿيار ڏانهن رويي جي هوندي آهي.
ڪٽر گروهه
پرست پناهگيرن کي جيڪڏهن پنهنجي ڌرتيءِ سان محبت هجي ها ته مرندي مري وڃن ها،
ڪسندي ڪسجي وڃن ها، پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏين ها. هنن کي محبت پنهنجي گروهي بالادست
مفادن سان آهي جنهن لاءِ اهي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار جو راڳ ڳائڻ لڳا آهن، نه ته سندن
سڀني راڳڻين ۽ لڇيدار ڳالهين جو ”اصل مقصد مهاجرن جي حقن جو آئيني تحفط (يعني
سنڌ تي ڪيل ناجائز قبضي جي دائمي تسليمي. -ليکڪ) حاصل ڪرڻ آهي.“ (”الطاف حسين
جا عزم ۽ ارادا“، ص-22)
-
بس ”پنجابين“
خلاف ڪيل ”جدوجهد“ جو مول متو ۽ مقصد اهو آهي ته ”آئيني تحفظ“ حاصل ڪيو وڃي.
-
مرڪز تي
قبضو پنجابي ۽ پناهگيرن جو آهي، انهن مان ڪٽر گروهه پرست پناهگير ٽولو کين ”آئيني
تحفظ“ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، تنهنڪري هن سڄي سٽاءَ جو مٿيون ڏيکاءُ پنجابين جي ”خلاف“
آهي.
-
جيڪڏهن
مرڪز ۾ ويٺل پنجابي ٽولو (جنهن کي جِي ايم سيد صاحب پنهنجي ”خاص ويجهو“ ٿو سمجهي)،
کين ”آئيني تحفظ“ ڏئي ته پنجابين ”خلاف“ هن سڄي ”طوفاني جدوجهد“ جو زور پاڻ ئي ختم
ٿي ويندو.
۽ ان کان پوءِ
باقي جيڪا ڪل ”جدوجهد“ آهي اها هر طرح سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خلاف آهي.
ڌرتيءَ
سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي وارثن سان ڌرتيءَ تي انهن جو ئي حق مڃيندي محبت هجڻ لازمي
آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ڌارئي کي ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن، اصلوڪن رهاڪن سان محبت ناهي
۽ رڳو ڌرتيءَ سان محبت آهي ته اها محبت ناهي، اها بدمعاشي آهي، ٺڳي آهي، قبضو آهي.
رجعت
پرست ڪٽر گروهه پرست پناهگيرن جي سنڌ-دشمني ۽ سنڌي قوم دشمني هر هر ڳالهه مان پڌري
ٿي چڪي آهي ۽ پڌري ٿيندي پئي وڃي. اچو ته ان ڳالهه کي اڃا به جاچيون.
سمورو ”مهاجر حق“
رڳو سنڌ دشمني ۽ سنڌين خلاف سازش آهي
ٺيٺ
گروهه پرست بنيادن تي هن وقت سنڌ جي پناهگيرن ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، جن
مان ڪجهه هي آهن:
(1) محمود
الحق عثماني جو ’يونٽي بورڊ‘ تنظيم، ”نئون سنڌي“ پر ڪوٽا سسٽم جو مخالف ۽ کوکرا
پار سرحد کولڻ ۽ بهاري گهرائڻ جو مطالبو ڪندڙ.
(2) الطاف حسين
جي ’مهاجر قومي موومينٽ‘ (مقم)، هن تنظيم جا مطالبا، مقصد ۽ ڪرتوت کُلي آيا آهن
تنهنڪري گهڻو بحث انهن جي بنياد تي ڪيل آهي.
(3) ڊاڪٽر سليم
حيدر، مهاجر نوجوانن جي هڪ تنظيم ’مهاجر اتحاد تحريڪ‘ جو اڳواڻ آهي، سنڌ ۾ ڪوٽا
سسٽم جو خاتمو، بنگلاديش جي ڪئمپن (”لوڙهن“) ۾ گهيريل اڍائي لک (ڪي چار لک ٿا چون.
ڏسو تجلي نقوي جو مضمون ”امن“ اخبار، 2-جون-87ع. ليکڪ) پاڪستانين جي پاڪستان واپسي
۽ مهاجرن لاءِ هڪجيترا سياسي ۽ اقتصادي حق ان جي تحريڪ جي بنيادي مطالبن ۾ شامل
آهن.“ (انٽرويو، ”جنگ“، اخبار، 27-فيبروري 1987)
هن ٽولي
جا اهي به مطالبا آهن ته ”سنڌ کي ٻن ٻولين ۽ ٻن قومن جو صوبو مقرر ڪيو وڃي.“ (”جنگ“، اخبار، 10-جولاءِ 1987). هي ٽولو مقم کان ڌار
ٿيل آهي. ”آءٌ مڃان ٿو ته مقم وڌيڪ مقبول آهي ۽ خدا ڪري ته ان کي پنهنجي جدوجهدن ۽
ڪوششن ۾ سوڀ ٿئي.“ (سليم جو انٽرويو، ”جنگ“،
اخبار، 27-فيبروري 1987)
(4) شبير
هاشمي جو مقم، پريشر گروپ (دٻاءُ وجهندڙ ٽولو) هي به مقم کان ڌار ٿيل آهي ۽ مقم سان
رڳو اهو اختلاف اٿس ته الطاف اٺ لک رپيا کائي ويو، سٺ هزار رپيا پگهار کڻي ٿو، ٻئي
درجي جي ڪارڪنن کي ڇٽيهه هزار رپيا پگهار ٿو ڏي ۽ ڊڪٽيٽري هلائي ٿو. (انٽرويو، ”جنگ“، اخبار، 20-جون، 1987) باقي نه ته مطالبا ساڳيا
اٿس.
(5) آفاق شاهد
جو ڪٽر گروهه پرست ٺيٺ بهاري ٽولو. هن جا به مطالبا ساڳيا آهن.
(6) پاڪستان
مهاجر فرنٽ، مطالبا ساڳيا.
هنن سڀني ٽولن جو مقصد ۽ پروگرام ساڳيو آهي، فرق رڳو ليڊرشپ ۽ لئي بازي جو آهي.
مجموعي طور پروگرام هي اٿن:
1-
مهاجرن
کي قوميت مڃيو وڃي،
2-
سنڌ کي
ٻه قومي صوبو مڃيو وڃي،
3-
سنڌ کي
ٻن ٻولين جو صوبو مڃيو وڃي،
4-
سنڌ جي
وسيلن تي مهاجرن جو حق مڃيو وڃي،
5-
کوکراپار
سرحد کولي وڃي،
6-
بهارين
کي گهرايو وڃي،
7-
ڪوٽا
سسٽم ختم ڪيو وڃي،
8-
جتي جو
ڊوميسائل هجي اتي نوڪري ڏني وڃي.
ٻيا
مطالبا به مقصد ساڳيو رکن ٿا جيئن:
9-
”ڪراچي
لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه قومي اسيمبلي جون سيٽون ۽ ستر صوبائي اسيمبلي جون سيٽون
ڏنيون وڃن.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-38)
10-
گورنر
سنڌي هجي ته وزير اعلى مهاجر، هوم منسٽر سنڌي هجي ته انسپيڪٽر جنرل پوليس مهاجر.
(ص-20)
11-
غير جانبدار
آدمشماري ڪرائي وڃي. (ص-20)
12-
مهاجرن
کي اقتدار ۾ برابر حصو ڏنو وڃي (ص-20) وغيره.
جيتوڻيڪ
سڀني مطالبن مان سنڌ-دشمني ظاهر آهي پر پوءِ به اسين انهن جي هر هڪ مطالبي (جيڪو
اسان جي نظر ۾ هڪ ڪوڙڪي جيان آهي) تي مٿاڇري نظر وجهندا هلون ته جيئن اڳتي
مونجهارو نه ٿئي. هتي هڪ ڳالهه بيان ڪرڻ به ڏاڍي ضروري آهي ته ڪٽر گروهه پرست
پناهگيرن جو هيءُ ”ٺيڪ رستي تي“ هلندڙ اڳواڻ ڏاڍي مزي سان نسورا ”سچ“ ڳالهائي سگهي
ٿو جنهن جو ننڍڙو مثال هي آهي:
”اڄ دشمن
جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف آهي ۽ اسان جا هٿ خالي آهن.“ (”الطاف
حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-38)
ان ساڳي
ئي ڪتاب ۾ الطاف جي جلسن جون رپورٽون به ڇپيل آهن جن جو ذڪر هيئن ڪيل آهي:
(1)
(ڪراچي
واري جلسي ۾، 8-آگسٽ 86ع) ”اسٽيج ويجهو گهڻا ڪارڪن ڇُرن، پستولن، بندوقن ۽ رائيفلن
سان هٿيار بند هئا.“(ص-14) “ڪلاشنڪوف سان هٿياربند ماڻهو اسٽيج تي مقرر هئا، جڏهن
ته اسٽيج ويجهو گيٽ تي هٿياربند نوجوانن جو جٿو پهرو ڏئي رهيو هو... هر هر فائرنگ
ٿيڻ لڳي ته الطاف حسين چيو ”توهين هر هر فائرنگ نه ڪيو، وقت اچڻ تي گڏجي فائرنگ
ڪنداسون.“(ص-10)
(2)
(حيدرآباد واري
جلسي ۾، 31 آڪٽوبر86) ”عام جلسي ۽ جلوس ۾ گڏ هلندڙ وڏي ڳڻپ ۾ ڪلاشنڪوف، بندوقون،
رائيفلون، پستول، خنجر ۽ تلوارون کنيو پئي هليا. مقم جو قائد جڏهن تقرير لاءِ اٿي
بيٺو ته لڳ ڀڳ ٽن منٽن تائين هوائي فائرنگ ڪئي وئي.“(ص-173)
هي ”هٿين
خالي“ “سچار” ڌماڪن ڪرڻ جون ڌمڪيون ابتدا کان ئي ڏيندو رهيو آهي. 1987 سال جون
سموريون ”امن“ اخبارون پڙهي ڏسو، لڳ ڀڳ هر ڏينهن هڪ ڌمڪي اوهان کي اوس ملندي. مطلب
ته منهن تي سٻاجهائي ۽ سلڇڻائي جو پردو، زبان تي امن، شانتي ۽ عدم تشدد جون
ڳالهيون ۽ اندر ۾ ٻيو ڪجهه !
پهرين ڪوڙڪي ــــــ
مهاجرن کي قوميت مڃيو وڃي
”هٿين
خالي“ ”سچار“ هڪ ”پُر مغز“ فلسفو قوم بابت گهڙي ورتو آهي ۽ اهو به لينن، اسٽالن ۽
گنڪووسڪي جي نالن ۾ ڇانوَ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن جي سوچ مان نه رڳو هڪ
لفظ به شامل ڪونهيس پر انهن جي سوچ جي قطعي ابتڙ ۽ اهو به بدنما ابتڙ آهي.
فرمائي
ٿو:
-
ننڍي کنڊ
جا رهاڪو هڪ قوم هئا ۽ اهڙيءَ طرح آفريڪا جا رهاڪو به هڪ قوم هئا.
-
هڪ قوم
مان قوميتون پيدا ٿينديون آهن ۽ پوءِ هر هڪ قوميت پنهنجي ڌرتي هٿ ڪري قوم ٺهي
پوندي آهي (۽ ائين پناهگير ٽولي کي قوميت مڃرائڻ کان پوءِ قوم مڃرايو ويندو،
پناهگير ٽولي لاءِ لفظي طرح قوم ته هاڻي ئي ڪم آڻڻ شروع ڪيو اٿائين).
-
ننڍي کنڊ
۾ پهريائين ٻن قوميتن هندو ۽ مسلم جو نعرو اسريو.
-
پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ اهي ٻه قوميتون ڦري ٻه قومن ٿيون ــــــ هڪڙي مسلمان قوم، ٻي هندو قوم.
-
پاڪستاني
قوم (هاڻي ”مسلمان قوم“ جا لفظ ڪتب نه ٿو آڻي) ۾ بنگالي قوميت ظاهر ٿي.
-
1970ع ۾
بنگلاديش ٺهڻ سبب بنگالي قوميت ڦري بنگالي قوم ٺهي پئي ۽ اهڙي طرح پاڪستاني قوم
مان ٻه قومون ٺهيون ۽ اڳوڻي ننڍي کنڊ واري هڪ قوم مان ٽي قومون ــــــ هندو، پاڪستاني ۽ بنگالي.
-
هاڻوڪي
پاڪستان ۾ چار قوميتون ــــــ سنڌي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي ظاهر ٿي چڪيون آهن پر ورهاست وقت هندستان مان لڏي
اچي سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٽڪي پوندڙ ماڻهن اڃا تائين پاڻ کي قوميت نه سڏاريو آهي!
-
جڏهن ته
انهن جي برتر ٻولي، اعلى ثقافت، گڏيل مخصوص مفاد ۽ سورهيه به مقامي ماڻهن کان ڌار
قسم جا آهن ــــــ تنهنڪري انهن کي به گهرجي ته اهي پاڻ
کي قوميت سڏائن.
-
سنڌ جي
ڏکڻ (ڪراچي) ۾ رهندڙ ماڻهن کي بهارين مان سبق پرائڻ گهرجي، جيڪي اڄ ماني ڳڀي لاءِ
لاچار ۽ برپٽن ۾ پيا آهن ــــــ اڃا به
انهن جيڪڏهن هوا جو رخ نه ڏٺو ۽ پاڻ کي قوميت نه مڃرايو ۽ مڃيو ته پوءِ سندن حشر
به ساڳيو بهارين وارو ٿيندو.
-
(سڀاڻي جڏهن
قوميت ٺهي پئي ته قوم (يعني ڌرتي جو مالڪ ٽولو) پاڻ ئي ٺهي پوندي.)
هي
مهربان هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ قوم ٿو ٺاهڻ گهري جڏهن ته ان سان گڏ ويهي، آريسر ۽
ان جو ٻين ڀائرن سان گڏ ويهي، ارباب، ڄام ساقي وغيره ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ هڪ سنڌي
قوم ٺاهڻ چاهن ٿا. جيڪڏهن الطاف قوم جهڙي بنيادي نڪُتي تي غلط آهي ته آريسر ان سان
گڏ ڇو ويٺو آهي، ارباب، ڄام ساقي وغيره ڇو چپ آهن؟ ڇا چمچاگيري ۾ ايتري حد تائين
ڪرِي پيا آهن جو سندن نڪتهء نظر سان قوم جهڙي اهم ۽ بنيادي نُڪتن تي غلط هئڻ
باوجود هي طوطا، تتر ۽ ڏيڏر ڪجهه ڪڇي نٿا سگهن؟
”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“ ڪتاب ۾ الطاف صاحب جا ٻه
ٽي انٽرويو به ڇپيل آهن جن ۾ جڏهن کانئس اهو سوال پڇيو ويو ته پناهگير ٽولي وٽ
پنهنجي ڌرتي ڪانهي تنهنڪري اهي قوميت ٿي نه ٿا سگهن، تڏهن جواب ۾ اهو ساڳيو ”فلسفو“
بيان ڪري ٻڌايائين، پر جڏهن سوال پڇندڙ ساڳي سوال تي زور ڀريو ته جواب ڏنائين ته
جڏهن مسلم ليگ مسلمان قوميت لاءِ جدوجهد پئي ڪئي تڏهن مسلمان قوميت وٽ پنهنجي ڌرتي
ڪو نه هئي پوءِ جڏهن مسلمان قوم ٺهي ته وٽن پنهنجي ڌرتي (پاڪستان) به ٿي پئي. سوال
تي اڃا زور ڀرڻ کان پوءِ چڙي چيائين ته مهاجر هوا ۾ ڪو نه ٿا رهن، اهي زمين تي رهن
ٿا. سوال ڪندڙ ڄاڻايو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به چئني قوميتن ــــــ سنڌي، بلوچ،
پختون ۽ پنجابي وٽ پنهنجي تاريخي ڌرتي هئي جڏهن ته پناهگير ٽولي وٽ ڪونهي. تڏهن
وري اهو ”فلسفو“ بيان ڪيائين ته هاڻوڪا سنڌي به سنڌ جا اصلي وارث ڪونهن، سنڌ جا
اصلي مالڪ ته دراوڙ هئا جيڪي اڄ اقليت ۾ بدلجي ويا آهن. (ارباب اها ساڳي ڳالهه نسل
جي حوالي سان بيان ڪري ٿو. واپ نڪتهء نظر.) (مطلب ته سنڌين جيڪڏهن پناهگير ٽولي کي
قوميت ۽ پوءِ قوم نه مڃيو ته هي صاحب سنڌين کي به غاصب، ڌاڙيل ۽ قبضو ڪندڙ چوندو
جن سنڌ جي اصلي رهاڪن، درواڙن کي اقليت ۾ تبديل ڪري، گم ڪري ڇڏيو.)
(1)
”سموريون
قوميتون پنهنجي سڃاڻپ کي اڀارن ٿيون ۽ مهاجرن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي
پنهنجو پاڻ کي پنجين قوميت جي حيثيت سان مٿي آڻن ڇو ته معروضي حالتون اهي چئي
رهيون آهن. مهاجرن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند آهن(!؟)، مهاجر قومي موومينٽ
جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ماڻهن کي هڪ راهه جو شعور ڏنو آهي، انهن کي هڪ ليڊرشپ (اڳواڻي)
مهيا ڪئي آهي. اهو سڀڪجهه مهاجرن جا حق حاصل ڪرڻ جو سوال آهي.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-50)
(2)
”جڏهن
پنجابي، بلوچي، پختون ۽ سنڌي قوميت جي ڳالهه ٿيڻ لڳي ته مهاجرن لاءِ پنهنجي سڃاڻپ
ڪرائڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ جو اڪيلو رستو اهو رهجي ويو ته اهي به پنهنجي قوميت جي ڳالهه
ڪن.“ (حوالو ساڳيو، ص-58)
(3)
”س: قوميت لاءِ
زمين ٽڪري جو هجڻ لازمي آهي جڏهن ته مهاجرن وٽ ڪو به زميني علائقو ڪونهي. اهڙيءَ
حالت ۾ ڇا مهاجر قوميت جو نعرو صحيح آهي؟
”ج: جڏهن مسلم ليگ مسلم قوميت جو نعرو هنيو هو ته زمين ڪٿي هئي؟...
منهنجو سوال هي آهي ته ڇا ڪنهن قوم کي ڌرتيءَ جو مالڪ ٿيڻ لاءِ الاٽمينٽ آرڊر وٺڻو
پوندو آهي(!). پوءِ پاڪستان جون ٻيون قوميتون به پنهنجي پنهنجي ڌرتين جو الاٽمينٽ
آرڊر ته ڏيکارن. حقيقت هيءَ آهي ته دنيا جي ڪا به قوم پنهنجي هاڻوڪي زميني ٽڪري جي
ازل کان وارث ناهي. خود اسان جي صوبي ۾ قومون ٻاهران اچي آباد ٿينديون رهيون آهن
جنهنڪري هتان جو قديم نسل دراوڙ اڄ اقليت بنجي ويو آهي. اڄ سنڌ جو والي وارث
اهي سڏرائن ٿا جيڪي ڪنهن ٻئي هنڌان آيا هئا.“ (حوالو ساڳيو، ص-61)
(جِي ايم
سيد، آريسر، ارباب، ڄام ساقي اينڊ ڪو سڀ پنهنجي قوم جي زمين جو الاٽمينٽ آرڊر
ڏيکارين، اهي سڀ ٻاهران آيل آهن. اٿن قومي غيرت ته جواب ڏين.)
حقيقت ۾
هن پناهگير مهربان کي به اها خبر آهي ته پناهگير ٽولي جي ڪا به قوميت يا قوم ٺهي
نه ٿي سگهي تنهنڪري مٿي سڀني بيانن ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته هي ٽولو پان کي مجبوراً
قوم سڏرائڻ لڳو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هنن وٽ پنهنجي تاريخي ڌرتي جي دعويداريءَ
جو ڪو سبب ئي ڪونهي. مهاجر قوميت جو نعرو خاص طرح سنڌ جي قومي جدوجهد کي ڌڪ هڻڻ ۽
عام طرح سڀني قومن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي دٻاءَ هيٺ آڻڻ آهي. اسان جي هن ڳالهه جي
تصديق الطاف حسين جي هنن بيانن مان به ٿئي ٿي:
(1)
جيڪڏهن ٻيون قوميتون پاڪستاني ٿي پون ته مهاجر قوميت جو نعرو به ختم ٿي ويندو.“ (الطاف
حسين، ”امن“ اخبار، 28-فيبروري 87ع)
(2)
جيڪڏهن پاڪستان ۾ پختون پاڻ کي پختون، پنجابي پاڻ کي پنجابي، بلوچ ۽ سنڌي پاڻ کي
بلوچ ۽ سنڌي چوڻ ڇڏي ڏين ته اسان به مهاجر قومي موومينٽ کي ختم ڪري
ڇڏينداسين.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-63)
(ڪاڏي
ويو جِي ايم سيد جو نواب مظفر کي ٻڌايل فارمولو؟ ڇا الطاف واقعي ٺيڪ رستي
تي هلي رهيو آهي؟ ڇا الطاف ٻين قومن جي رڳو قومي وجود جو دشمن ناهي؟ ڇا ”اردو
ڳالهائيندڙ سنڌي“ ان ڌنڌي تي ويهاريل آهن؟)
انهن
ڳالهين جو مطلب آهي ته:
-
جيئن
بظاهر چون ٿا ته اهي ”پاڪستان ۽ اسلام جي نعرن تان به هٿ کڻي ويا آهن،“ اهو ڪوڙ
آهي.
-
ٻين قومن
کي ”پاڪستاني قوم“ ٺاهڻ ۽ سڏائڻ لاءِ مهاجر قوميت جو نعرو هنيو ويو آهي، جيڪڏهن
ٻيون قوميتون پاڪستاني نه ٿيون ٿين ته مهاجر قوميت جو نعرو برقرار رهندو.
-
مهاجر
قوميت جو نعرو ٻين حقيقي قومن جي سڃاڻپ مٽائڻ لاءِ هنيو ويو آهي.
-
مهاجر
قوميت جو نعرو رڳو هڪ شرط آهي، جنهن وسيلي ٻين قومن کي پاڪستاني ٺاهيو وڃي.
-
مهاجر
قوميت جو نعرو قومن جي مشروط بليڪ ميلنگ لاءِ هڪ هٿيار آهي.
ٻي ڪوڙڪي ــــــ سنڌ کي ٻه قومي صوبو مڃيو وڃي
”س: پر ڇا هڪ سرزمين (اشارو سنڌ لاءِ آهي. -ليکڪ) تي ٻه قوميتون هڪٻئي سان گڏ
رهي سگهن ٿيون؟ ڇا سنڌي قوميت ۽ مهاجر قوميت گڏجي رهي سگهن ٿيون؟
”ج: هڪ سرزمين تي ٻه قوميتون ڇو نه ٿيون رهي سگهن، اهو ته هڪ ماڻهو جي حقن کان
انڪار ڪرڻ آهي، هو پنهنجي سڃاڻپ کان سواءِ ڪيئن رهي سگهي ٿو. گڏيل هندستان (ننڍي
کنڊ) ۾ مسلمان ۽ هندو سوين سالن تائين پنهنجي سڃاڻپ کي ختم ڪئي بنا گڏ رهندا رهيا.“
(”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-79)
-
”ڇا
واقعي هندو ۽ مسلم قوميتون هيون؟
(ڇا مذهب جي بنياد تي قوم ٺهي سگهي ٿي؟)
-
پناهگير
ٽولي جي سڃاڻپ تاريخي طرح ڪهڙي ڌرتي جي حوالي سان ٿي سگهي ٿي؟
-
هي
مطالبو ڪنهن جي خلاف آهي ـــــ سنڌين جي
خلاف آهي يا پنجابين جي خلاف آهي؟
اسان جي نظر ۾ هي مطالبو سنڌين جي خلاف آهي ۽ جيڪي اهو ڄاڻن ٿا ته هي مطالبو پنجابين جي
خلاف آهي اهي پناهگير ٽولي جو ڍڪ رکن ٿا (ڇو ٿا رکن؟ ان ڪري جو وڪاڻل آهن).
نقشي تي نظر وجهي ڏسو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تي پناهگيرن
جي قبضي ٿيڻ سبب سنڌين وٽ باقي ڇا وڃي بچندو؟ اوڀر کان ٿر ۽ اولهه طرف جبل، سنڌ جي گهڻي سرزمين ميداني
علائقو ٿي ويندو پناهگيرن جي حوالي ۽ سنڌين لاءِ هوندا واري ۽ پٿر. سنڌين کان سندن
رياست، سندن زمين، سندن ڌرتي کسڻ جي غليظ سازش آهي سنڌ کي ٻه قومي صوبو ٺهرائڻ.
سنڌ دشمن مافيا ته پنهنجي سازش کي عملي ويس پارائڻ لاءِ ڪم
کي لڳي پئي آهي، پر اسان کي افسوس آهي انهن وڪاڻل غدار سنڌي وڏيرا شاهي جي ڇاڙتن ۽
نقلي ترقي پسندن، ٽراٽسڪاين ۽ پناهگير ڪوڙن ڪميونسٽن جي ڀاڙيتو سنڌي ”ترقي پسند“
طوطن، تترن ۽ ڏيڏرن تي، جن سنڌ دشمن ۽ سامراج دوست ڳالهين ۽ عملن تي جيڪي سڄو
ڏينهن پنهنجي پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ”ٽين، ٽين“، ”ڪيڙو، ڪيڙو“ ۽ ”ٽان ٽان“
ويٺا ڪن.
سموريون قومون هڪ ئي ڌرتيءَ تي رهن ٿيون. هڪٻئي جي ڀرپاسي
پنهنجي پنهنجي ڌرتيءَ ٽڪري (علائقي) ۾ رهن ٿيون، پر ان ڳالهه ۾ ۽ پناهگير صاحب جي
ڳالهه ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هو چالاڪي ڪري هندو ۽ مسلمان قومن جو تصور ڏئي
پنهنجي غلط ڳالهه ٿاڦڻ چاهي ٿو. برصغير ڪڏهن به هڪ قوم نه هو، ايشيا جو عوام ڪڏهن
به هڪ قوم نه هو ۽ نه ئي آفريڪا جو عوام ڪو هڪ قوم هو. ڪڏهن به هڪ قوم مان ٻه ٽي
چار قوميتون نه ٺهنديون آهن.
انساني نسل ڪو ڄائي ڄم کان هڪ ئي مخصوص علائقي ۾ رهندو ڪو
نه ٿو اچي، جيستائين انسان پنهنجي لاءِ انُ پاڻ اُپائڻ نه سکيو هو تيستائين هو
پنهنجي کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ ڌرتيءَ جي هڪ ٽڪري کان ٻي ٽڪري ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو
رهندو هو. جڏهن هو ايتري اُپت ڪري سگهيو جو پنهنجو پيٽ ڀري سگهي تڏهن ڌرتيءَ جي
ڪنهن نه ڪنهن مخصوص ٽڪري ۾ ٽڪي پيو. اهو ئي ڌرتيءَ ٽڪرو اڳتي هلي ان جي رهاڪن لاءِ
مخصوص ٿي ويو، وقت سر ٿوريون گهڻيون ڦيريون ڦارون ۽ گهٽ وڌايون ٿينديون رهيون پر ائين
ٿيڻ سماجي اوسر جو اڻٽر قاعدو هو. نيٺ سرمائيداري جي اوسر قومي رياستن کي جنم ڏنو،
ڌرتيءَ ٽڪرا اتي جي تاريخي رهاڪن لاءِ مخصوص ٿي سيڙجي ويا ۽ اڄ اسين جنهن کي سنڌ
چئون ٿا اها سنڌين لاءِ، پنجاب پنجابين لاءِ، پختونستان پختونن لاءِ، بلوچستان
بلوچن لاءِ، برطانيه انگريزن لاءِ، جرمني جرمنن لاءِ، يوڪرين يوڪرينين لاءِ وغيره
مخصوص ٿي ويا.
اڄ به ڪنهن ڀارتي پناهگير کان پڇي ڏسو ته سندس اباڻي ڌرتي
ڪهڙي آهي ته هو پاڻ ئي جواب ڏيندو ڀارت، (انڊيا، هندستان). اردو ٻولي ڪٿي پيدا ٿي؟
جنهن کي هي ”اعلى تهذيب ۽ ثقافت“ چون ٿا اها ڪٿي پيدا ٿي؟
ڪنهن به ڌارئي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت کي جاهلن جي ٻولي ۽
اُٺن ۽ گڏهن واري ثقافت سڏي، نِندي، خوار خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان جو وجود ئي گم
ڪرڻ جي سازش نه ڪئي. ڪنهن به ڌارئي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ بدلائڻ، وارياسن ۽ ڪاڇن
۾ اڇلائڻ، شهرن تي پنهنجا قومي حق ڄمائڻ ۽ سنڌ کي پنهنجي بابي جي ملڪيت سمجهي
پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ ۽ سنڌين کي بيدخل ڪرڻ جي سازش يا ڪوشش نه ڪئي. اهي ڌاريا هئا،
ڦورو هئا، غاصب هئا، حاڪميت هلايائون ۽ جيستائين ڦري ماري ۽ پيڙي سگهيا تيستائين
رهيا پر انهن ڌارئي جي ئي حيثيت ۾ حڪومت ڪئي ۽ سنڌي انهن خلاف ويڙهه ڪندا رهيا تان
جو هر ڌارئي قابض جي وڏي گهڻائي ٽپڙ ويڙهي ڀڄي وئي. هر غاصب ڌاريو قابض جيستائين
حاڪم ۽ بالادست جي حيثيت ۾ رهيو، سنڌين نه رڳو ان جي خلاف ويڙهه ڪئي پر نيٺ ان کي
ڀڄائي، تڙي، لوڌي پنهنجي اباڻي ملڪ موڪلي ڇڏيو. يوناني، ايراني، عرب، ارغون،
ترخان، مغل، انگريز ــــــ جيستائين ڦورو حاڪم ظالم ٿي رهيو نيٺ لوڌجي ويو. باقي
ڌارين جا جيڪي ماڻهو رهجي ويا ته اهي سنڌي ٿي رهيا، سنڌ جي ماحول موجب رهيا، سنڌين
سان سهڪاري ٿي رهيا، پنهنجا ٿي رهيا ڌاريا نه. جيستائين ڪو به ڌاريو ڌارئي جي
حيثيت ۾ رهي ٿو ڌاريو آهي. سنڌيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به آهي ته سنڌي ناهي، ڌاريو
آهي. ڪنهن کي به طاقت ناهي جو ڪنهن به ڌرتيءَ جي حقيقي وارث کان الاٽمينٽ آرڊر
پڇندو وتي.
ٽين ڪوڙڪي ـــــــ سنڌ کي ٻن ٻولين جو صوبو مڃيو وڃي
هي مطالبو ڪنهن جي خلاف آهي ــــــ سنڌ ۽
سنڌين جي خلاف يا پنجابين جي؟
اسين هن
مطالبي کي به اڳين ٻن مطالبن جيان سنڌ دشمن سمجهون ٿا ۽ هن مطالبي جو مقصد به اهو
ساڳيو آهي جيڪو پهرين ٻن جو. هن مطالبي جو مقصد سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي مليل خسيس
حيثيت به گم ڪرڻ آهي.
اردو ته
سڄي پاڪستان جي ”قومي“ ٻولي سڏي مڙهي وڃي ٿي پوءِ هنن کي ڪهڙي بک پئي آهي سنڌ کي
ٻن ٻولين جو صوبو مڃرائن؟
”قومي“
ٻولي جي حوالي سان سنڌ توڙي سڄي ملڪ جا ماڻهو اها ٻولي ڳالهائن ۽ پڙهن ٿا. تنهنڪري
هن مطالبي موجب اها ٿيندو ته سنڌ اندر، سنڌي ٻولي جيڪا رسمي طرح پناهگير ٽولي جي
ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي اها به ختم ڪئي وڃي. ظاهر آهي ته قومي ٻولي هجڻ سبب سڄي
پاڪستان اندر سڀ ماڻهو اردو پڙهندا پر سنڌ ۾ ٻه ٻوليون هجڻ سبب سنڌي آبادي ته بيشڪ
سنڌي به پڙهي پر ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ اها سکڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ لازمي نه هوندي.
هي ٽولو
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي سڀني قومن مٿان پنهنجي ٻولي مڙهي رکندو آيو آهي ۽
هنن جي ڪوشش آهي ته سنڌي سنڌي نه رهن، بلوچ بلوچ نه رهن، پختون پختون نه رهن ۽ پنجابي
پنجابي نه رهن پر اهي سڀ ”پاڪستاني“ ٿي پون ۽ ”پاڪستاني“ يعني اردو ٻولي ۽ ثقافت
اختيار ڪن.
- ”پاڪستاني
ٻولي“ ۽ ”پاڪستاني ثقافت“ ڪنهن جي آهي؟
حقيقت ۾
ته اها ڀارت جي مختلف علائقن جي آهي، هتان جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان ان ڪو به واسطو
ناهي ۽ هتان جي رهاڪن تي زوريءَ ٿاڦيل آهي.
- پاڪستان
جي سڀني قومن مٿان اها ڀارتي ٻولي ۽ ڀارتي نوابن جي ثقافت ڪنهن جي ڪري مڙهيل آهي؟
صاف ظاهر
آهي ته ڀارتي پناهگير ٽولي ۽ مرڪز جي مفادن سبب سڀني قومن مٿان ٿاڦيل آهي.
هي ٽولو
لاڳيتو ان سازش ۾ مصروف رهيو آهي ته ٻين سڀني قومن جي ٻولي ۽ ثقافت کي گم ڪري
هندستاني ٻولي ۽ ثقافت ٿاڦي وڃي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي ٿيڻ جي مخالفت به
ان ڪري ئي ڪئي وئي ۽ اڄوڪي هيءَ سازش ــــــ سنڌ کي ٻن ٻولين جو صوبو مڃرائڻ ــــــ به ان لاءِ
آهي.
هي ٽولو
اردو ٻولي کي خدا جي خاص خلقيل، آب ڪوثر ۾ وهنجاريل ۽ آسماني فرشتن جي ٻولي ته
سمجهندو ئي آيو آهي پر هنن ان کي اسلام جي اهم ٿنڀي واري حيثيت ڏئي ڇڏي آهي ۽ چون
ٿا ته جيڪو ان جي حفاظت نه ڪندو ان کان آخرت ۾ پڇاڻو ٿيندو:
ماهنامه ”اخبار
اردو“ ڪراچي، فيبروري 83ع جو ٽائيٽل
هن وقت اردو ٻولي جي حفاظت دين جي حفاظت آهي، ان ڪري وس آهر اها حفاظت واجب ۽
فرمانبرداري آهي ۽ سرندي هوندي ان ۾ غفلت ڪرڻ ڏوهه ۽ آخرت ۾ پڇاڻي لائق هوندو.
فتويٰ ڏيندڙ- مولانا اشرف علي ٿانوي
تفصيل لاءِ مضمون، ”اردو ٻولي جي عظمت“
اندر پڙهندا.
(هي بزرگ
انگريزن جو حامي هو، جنهن بابت مولانا شاهه محمد امروٽي چيو: ”مولانا (اشرف علي)
ٿانوي چيو پئي ته انگريزن خلاف ڪا به ڳالهه نه ڪئي وڃي پر انهن کان فائدو ورتو وڃي،
جڏهن ته مولانا امروٽي جو چوڻ هو ته انگريز ڪو به فائدو نه ڏيندا.“ انٽرويو، ”اخبار جهان“، 19-25 آڪٽوبر 87ع، ص-9، ڪالم-4)
قرآن
جنهن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ان ٻولي جي حفاظت لاءِ به اهڙي ڳالهه نه ڪئي وئي آهي ۽ نه
ئي ان بابت آخرت ۾ پڇاڻي جو ڊڄ ڏنو ويو آهي پر اردو ٻولي جي حفاظت ۾ غفلت ڪرڻ ڏوهه
۽ آخرت ۾ پڇاڻي لائق!
سنڌي
ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي سان ايڏو وير ڇو؟
شايد ان
ڪري ته متان سنڌي ٻولي ڪجهه وڌيڪ ترقي ڪري وڃي، متان ڪي ماڻهو سنڌين سان ميل ميلاپ
سبب انهن ۾ جذب ٿي وڃن تنهنڪري غير سنڌي ماڻهن کي سنڌين کان ڪاٽي رکڻ لاءِ اهو سڄو
بلو پيو ڪيو وڃي، حالانڪ ٿيڻ ائين گهرجي ته جذب پذيري تي زور ڏنو وڃي ۽ ان لاءِ
وڌي چڙهي حصو وٺجي، سنڌين ڀارتي پناهگيرن جي آجيان ڪري پنهنجي پاسي جو فرض پورو
ڪيو پر هي ٽولو جذب ٿيڻ خلاف سندرو ٻڌي پاڻ کي اعلى، مٿاهون، بالادست ڪرڻ جي ڪم ۾
جنبي ويو. پهرين نفرت هن ٽولي پيدا ڪئي.
جڏهن هنن
کان سوال پڇيو وڃي ٿو اهي سنڌين سان ملي هڪ ڇو نه ٿيا؟ تڏهن هن ٽولي جي ماڻهن جو
مجموعي طرح (ٿورن لفظن ۾) اهو ساڳيو ئي لياقت وارو رهي ٿو ته سنڌين جي پوئتي پيل،
جاهلن ۽ ڳوٺاڻي (گڏهن ۽ اُٺن چارڻ وارن جي) ثقافت آهي ۽ اسين پاڻ اعلى ثقافت جا
مالڪ آهيون تنهنڪري اسين سنڌين ۾ ضم ڇو ٿيون، اسين ته ترقي يافته آهيون ۽ قاعدو
آهي ته ترقي ڪندڙ ترقي ڪيل ۾ ضم ٿيندا آهن (يعني سنڌين کي پناهگيرن ۾ ضم ٿيڻ
گهرجي):
(1)
”پاڪستان
۾ 1947ع کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ مهاجرن جا قافلا، جيڪي پاڻ سان گڏ جسم ئي نه پر
تهذيبي انقلاب ۽ ذهني پيداوار کي به گڏ کڻي آيا. لڏپلاڻ جي ان عمل ۾ مهاجر ننڍي
کنڊ جي بي مثال تهذيب، وڏي قدر واريون روايتون، يگاني تاريخ ۽ گڏيل اردو ثقافت جا
املهه خزانا کڻي آيا.“ (”الطاف حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-162)
(ڇا
واقعي ننڍي کنڊ جي بيمثال تهذيب، وڏي قدر واريون روايتون، يگاني تاريخ، گڏيل
اردو ثقافت ۽ تهذيبي انقلاب گڏ کڻي آيو هو هي ٽولو؟)
(2)
”جن
ماڻهن کي مهاجر چيو پيو وڃي(!) انهن تي زور وڌو پيو وڃي ته اهي سنڌ جي ثقافت ۾
ضم ٿي وڃن ۽ سنڌي سکن... جڏهن ته سنڌ جو سماج هڪ ڳوٺاڻو سماج آهي جنهن
جي وڏي آبادي ردي (فرسوده) زرعي طريقن تي ڀاڙي ٿي. سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ اردو
ٻولي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. سنڌين جي وڏي
آبادي اڄ سوڌو نيم جاگيردارانه ۽ نيم قبيلائي دور مان لنگهي رهي آهي، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن جي وڏي
گهڻائي جديد دور جي سڀني علمن ۽ هنرن سان سينگاريل آهي (شايد ان ڪري ارباب کهاوڙ ۽
ڄام ساقي کي ملڪ ۾ سرمائيداري نظر اچي ٿي. -ليکڪ)
انهن جي تهذيب پاڪستان جي ٻين سڀني تهذيبن کان گهڻو وڌيڪ ترقي ڪيل آهي ۽
اهو ڪنهن به نموني ممڪن ڪونهي ته هڪ ترقي ڪيل تهذيب قبيلائي ۽ جاگيردارانه تهذيب ۾
ضم ٿي وڃي.“ (حوالو ساڳيو، ص-159)
(آريسر،
ارباب ۽ ڄام ساقي اينڊ ڪو ڪهڙي تهذيب کي ڪهڙي ۾ ضم ڪندا؟)
(3)
”ننڍي
کنڊ جي اردو ثقافت(!) بي زمين به پنهنجي ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي(!؟) پر
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي به زمين مهيا ڪري ڏني وڃي.“(ص-163)
هي اهي
سوچون آهن جيڪي سنڌين کي ڀاءُ ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن سڏڻ کان پوءِ ڇپرائي پڌرو ڪيون
ويون، جڏهن ته انهن جي اندر ۾ ڇا هوندو ان جو ڪاٿو هر هڪ سولائي سان ڪري سگهي ٿو.
اسين پڙهندڙن تي ٿا ڇڏيون ته اهي پاڻ پناهگير ٽولي ۽ انهن جي ڀاڙيتو ڀلاوڻن بابت
فيصلو ڪن ته جيڪي اهڙا ارادا رکن ٿا:
1-
ڇا اهي
سنڌ جا وفادار آهن؟
2-
ڇا اهي
سنڌين جا وفادار ۽ ڀائر آهن؟
3-
ڇا انهن
وٽ سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي جو ڪو به پروگرام آهي؟
4-
ڇا انهن
کي ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سڏي سگهجي ٿو؟
5-
ڇا قوم
جي سٺن فردن جو پنهنجي قوم ڏانهن اهڙو رويو هوندو آهي؟
هر سنڌي
ماڻهو جي نظر ۾ اهو سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن رويو آهي ۽ جيڪي سنڌي سياستدان ۽ انهن جا
پوئلڳ اهڙن ڪٽر گروهه پرست مفاد پرست ٽولن جي حمايت ڪن ٿا:
1-
ڇا اهي
سنڌ ۽ سنڌين جا وفادار ٿي سگهن ٿا؟
2-
ڇا اهي
سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي جو ڪم ڪري سگهن ٿا؟
3-
”سنڌي قوم جو
اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سڏي انهن جي ڪيل هر ڏوهه تي پردو وجهندڙ سنڌ ۽ سنڌي قوم جا
گهڻگهرا چئجن يا سنڌي قوم جا غدار؟
سنڌي عوام جي نظر ۾ اهڙا ٽولا قوم جا غدار، وطن وڪڻا ۽ قومي طرح بي غيرت آهن.
جيستائين
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي گهڻ پاسائين رنگارنگي، گهرائيءَ، موڪر، مٿيرائيءَ، مانَ ۽
مرتبي جو تعلق آهي ته اها هتي بيان ڪرڻ جي محتاج ناهي.
جيڪڏهن
رڳو ست سـﺆ سال (تاريخ جي حساب سان اک ڇنڀ وقت) پوئتي
وڃبو ته سڄي اردو ٻولي جو وجود ئي گم ٿي ويندو. اڄ به جيڪڏهن ان مان ڌارين ٻولين
جو هر لفظ ڪڍي ڇڏجي ته پاڻ ”اردو“ بچندي ئي ڪو نه.
اها ته
پاڪستان سرڪار جي مرڪز ۾ ويٺل پنجابي-پناهگير حاڪمن جي چال، چوڻ ۽ واهر آهي جنهنڪري
سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اردو جي زوريءَ واڌاري لاءِ وڏو ميدان ٺاهي
تيار ڪري ڏنو، جيڪڏهن پاڪستان ۾ اردو کي زوريءَ نه مڙهيو ويو هجي ها ته ان جي جيڪا
حيثيت رهي ها اهو سڀ ماڻهو سمجهي سگهن ٿا. اسان جي دعوى آهي ته جيترو پيسو ۽ ٻي
مدد اردو کي ڏني وئي جيڪڏهن اها سنڌي يا ڪنهن به ٻي ”علائقائي“ ٻولي کي ڏني وڃي ها
ته اها اڄ اردو کان گهڻو اڳتي هجي ها.
ٻي ڳالهه
آهي اعلى اردو ثقافت ۽ تهذيب جي.
-
ڇا واقعي
ڪا اردو تهذيب ۽ ثقافت موجود آهي يا ٿي سگهي ٿي؟
اڄ هن
ٽولي جا نمائنده چون ٿا ته اهي صنعتي دور جي اعلى تهذيب جا مالڪ ۽ ترقي ڪيل آهن ۽
اهي ڪيئن سنڌ جي ڳوٺاڻي، قبيلائي، جاگيرداري ثقافت ۾ ضم ٿي سگهندا!
اڄ برابر
هي ٽولو سنڌ جي صنعتي علائقن ۾ رهي ٿو. هن اهو ڪم پنهنجي سازش، چالاڪي، ڏاڍ، ظلم ۽
زوري قبضي وسيلي ڪيو آهي. سنڌ جي شهرن تي قبضو ڄمائي ــــــ شهر هميشه چوسيل
ڳوٺاڻي رت ۽ نپوڙيل هڏ ۽ چم مان ٺهندا آهن ــــــ اهي سمجهن ۽ ڄاڻائن ٿا ته پاڻ
ڏاڍا ترقي ڪيل آهن ۽ پوئتي پيل ڳوٺاڻن سنڌين ۾ ضم ٿي نه ٿا سگهن.
مذهبي
بنيادن تي جهيڙا ڪندڙ جاهل دور ۾ رهندڙ هوندا آهن، سڌريل دور جونڪو به ماڻهو مذهبي
بنيادن تي جهيڙو نه ڪندو آهي. هي ٽولو اڄ جيڪو ”سنڌ سان محبت“ ۾ اڙجي ويو آهي ان
کي جيڪڏهن واقعي وطن سان حب هجي ها ته پنهنجو وطن مرندي به نه ڇڏي ها. جن ماڻهن کي
سامراجي سازشن ۽ ڏاڍائيءَ سان وطن ڇڏايو ويندو آهي اهي مرڻ گهڙيءَ تائين ان کي
حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ جوٽي بيهندا آهن، جيئن فلسطيني ڪن پيا.
جن وطن
دوست ۽ انسان دوست ماڻهن پنهنجو وطن ڇڏيو به آهي ته اهو ڪجهه عرصي لاءِ ۽ ان لاءِ
ته جيئن پنهنجو وطن ويرين کان آزاد ڪرائي سگهن.
جيستائين
هاڻوڪي سنڌي ثقافت جو واسطو آهي ته اها برابر جاگيرداڪي آهي جنهن ۾ تباهه ٿيندڙ
قبائلي اثر ۽ اسرندڙ سرمائيداري اثر ڏسڻ ۾ ايندا. اسين ان جي فطرت کي بدلائڻ، حاڪم
طبقن جي ثقافت قائم ڪرڻ لاءِ پتوڙيون پيا ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهو جي ڦرلٽ کان پاڪ
سماج ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪريون پيا. اسين حقيقي اعلى، سڌريل، سائنسي پورهيت سماج
قائم ڪرڻ لاءِ جتن ڪندڙ سپاهي آهيون ۽ اسان کي پڪي پڪ آهي ته سوڀ نيٺ پورهيت عوام
جي ٿيندي. جيتري قدر اسان جي ڀائرن جي زياده مهذب هجڻ جو سوال آهي، ته اهو سندن
ذهنن تي ڇانيل تعصبي، رجعت پرست ۽ سامراجي نظرين ۽ سندن ڪراچيءَ ۾ اختيار ڪيل
جهيڙاڪار، برادر ڪش، مارا ماريءَ مان ئي ظاهر آهي.
چوٿين ڪوڙڪي ـــــ
سنڌ جي وسيلن تي مهاجرن جو حق مڃيو وڃي
سنڌ جي
وسيلن جا حقيقي وارث سنڌي آهن. سنڌين کان سواءِ سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به ٻي جو ڪو حق
ڪونهي. (جِي ايم سيد، آريسر، ساقي، ارباب کهاوڙ ۽ ٻيا اهڙا ٽولا ڇا ٿا چون؟)
هي
مطالبو ڪنهن جي خلاف آهي ــــــ سنڌين جي خلاف يا پنجابين جي؟
هي
مطالبو به سنڌين جي خلاف آهي.
قبضو ته
اڳ ۾ ئي ڪيو ويٺا آهن، هاڻي ان کي قبضي مان ڦيرائي حق ۽ ناجائز مان ڦيرائي جائز
ڪرڻ گهرن ٿا.
ناجائز
قبضو ڪنهن به حق کي جنم نه ٿو ڏئي سگهي. قبضو قبضو آهي ۽ حق حق آهي. قبضو هنن وٽ
آهي ۽ حق اسان سنڌين وٽ. هي پنهنجي قبضي جي طاقت تي ٽڏن ٿا ۽ اسين پنهنجي حق سبب دعوى
ڪيون ٿا. هنن وٽ حق جي کوٽ آهي ۽ اسان وٽ قبضي جي. جيڪڏهن اهي پنهنجي قبضي سان گڏ
پنهنجو ”حق“ به مڃائي ويا ته سنڌين وٽ باقي ڇا وڃي بچندو جنهن جي بنياد تي پنهنجي
حق لاءِ جدوجهد ڪري سگهندا ــــــ حق ڇٽو، مالڪي وئي، قبضو هنن وٽ ــــــ سنڌ سنڌ
نه رهندي ”اردستان“ بنجي ويندي.
اسين
ڪنهن به ٻي قوم جو ڪو گاهه تيلو ۽ زمين جو هڪڙو انچ به هٿ ڪرڻ نه ٿا چاهيون ۽
ساڳئي طرح ڪنهن به ٻئي کي اهو حق ۽ موڪل نه ڏينداسون ته اهو سنڌ جي ڪنهن
گاهه تيلي يا زمين جي هڪ انچ کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري يا ان تي پنهنجو ناجائز حق
ڄمائي.
پناهگير
ٽولي سنڌ جي وسيلن تي پنهنجي قبضي لاءِ وڏيون پٽائون ۽ سوين ڪوڙڪيون پکيڙي ڇڏيون
آهن.
1-
هر ڪٽر
گروهه پرست پناهگير اردو باز ٽولو رجعت پرست، ”جمهوريت پسند“، ”ترقي پسند“،
ٽراٽسڪائي وغيرهه ـــــ ان ڌنڌي کي لڳي ويو آهي ته سنڌ تي هن ٽولي جا حق ڄمائي.
2-
ڪجهه
رجعت پرست وڏيرڪا (مختلف نالن ۾)، ”ترقي پسند“ ۽ ٽراٽسڪائي سنڌي وطن فروش ۽ غدار
ٽولا ٺاهي ورتا اٿائون ــــــ ڪن کي ڪيڪ ڏئي، ڪن کي ڇوڪرين هٿان گل ڏئي، ڪن کي
پٻيون ڏئي، ته ڪن کي مٿي تي هٿ گهمائي ــــــ جيڪي ناچ نچي ۽ ”نظرياتي تخليقون“
ڪري کين ”سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“، ”نئون سنڌي“، يا ”شهري سنڌي“ سڏي سنڌي
قوم جي ئي نالن ۾ هن ڪٽر گروهه پرست ٽولي کي سنڌ جي وسيلن تي حق ڏيڻ گهرن ٿا ۽
سندن قبضي کي حلال ۽ جائز قرار ڏين ٿا.
3-
رجعت
پرست ڪٽر گروهه پرست اردوباز ٽولن ڪڏهن به پاڻ کي سنڌي نه سڏيو آهي، اهي ڪلاشنڪوف،
رائيفلون، بم ۽ هٿيار ڏيکاري، ڌماڪن ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي، ”مظلوم مهاجر“ يا ”پاڪستاني“
جي نالي ۾ حق ڄمائڻ گهرن ٿا. اهي سنڌي ۽ مهاجر کي هر طرح ڌار ڪري پاڻ کي ”مهاجر
قوم“ يا ”پاڪستاني“ چوائڻ چاهين ٿا.
4-
اهي ٽولا
ڀارت جا جيهڙاڪر، مسلمان، بنگال مان بنگالي عوام جا قاتل بهاري ۽ دنيا مان بي گهر ”پاڪستاني“
گهرائڻ گهرن ٿا ته جيئن اهي کين مدد ڏئِي ۽ سندن ڳڻپ ۾ واڌارو ڪري سندن قوت کي
وڌائي سگهن.
پنجين ۽ ڇهين ڪوڙڪي
ــــــ کوکرا پار سرحد کولي وڃي ۽ بهاري گهرايا وڃن
-
ته جيئن
ڀارت جا جهيڙاڪر مسلمان پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ سنڌ ۾ اچي ۽ گهمري کائي ٽڪي
پون.
-
ته جيئن
بنگالي عوام جي قاتل بهارين کي سنڌ ۾ گهرائي سنڌين تي مڙهي کين هيڻو ۽ اقليت ۾
تبديل ڪري سگهجي.
باقي سڄي
دنيا مان ”پاڪستاني“ نه هونئن ئي ڪاهيندا پيا اچن، انهن لاءِ پڇاڻو ئي ڪونهي ۽
انهن سان هنن جي واسطيداري اڳ ئي ڏاڍي پڪي آهي.
جيڪڏهن
هي ڪٽر گروهه پرست ٽولا سنڌ جا واقعي سچا پچا خيرخواه هجن ها، پنهنجا مفاد حقيقي
طرح سنڌ سان ڳنڍي چڪا هجن ها ۽ سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سازش نه ڪندڙ هجن ها ته
پنهنجا روحاني رشتا ۽ حقيقي مائٽيون انهن پرڏيهي قوتن سان ڳنڍي رکن ها يا سنڌين
سان؟
ڳالهه
صاف ظاهر آهي ته هنن ڪٽر گروهه پرست پناهگير ٽولن کي سنڌ جي ڌرتيءَ سان اها ئي
محبت آهي جيڪا فرينچن ۽ آمريڪين کي ويٽنام سان، پاڪستاني ڦورن ۽ فوجين کي بنگال
سان ۽ انگريزن ۽ ارغونن کي سنڌ سان هئي.
(1)
”سنڌ جي
وسيلن تي مهاجرن جو به ايتروئي حق آهي جيترو سنڌين جو، اسين پنهنجا حق ٿا گهرون“. (”الطاف
حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-16)
(2)
”حقيقت ۾
انهن (پناهگيرن) جو ۽ اسان جو مفاد هڪ آهي.“ (جِي ايم سيد جو انٽرويو، 6-اپريل
87ع، ظهير احمد، ”جِي ايم سيد جي ڪهاڻي“، اردو ۾، ص-63)
(3)
”ٻئي طرف
انهن جا مستقل مفاد سنڌ ڌرتيءَ سان مڪمل طرح وابسته ٿي چڪا آهن.“ (سدمت، انقلابي
راهه، مارچ-اپريل 87ع، ص-8-9)
(4)
”گذريل
ڏهن سالن کان سنڌين ۽ مهاجرن ۾ ويجهڙائپ وڌي آهي، 83ع واري جدوجهد ته ان عمل ۾
وڌيڪ تيزي پيدا ڪئي.“(!) (واپ نڪتهء نظر، ص-32)
(5)
”83ع ۽
86ع واري جدوجهد جي ڪري سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ ٻڌيءَ لاءِ ماحول
سازگار ٿيڻ لڳو“(!) (واپ نڪتهء نظر، ص-17)
اسين اڳ
به آريسر، ارباب ۽ ڄام ساقي جا اهي حوالا ڏئي آيا آهيون جن وسيلي هنن پناهگيرن کي ”سنڌي
قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سڏيو آهي.
ائين
ابتي، غير سائنسي، بي بنياد ۽ جاهل پٽاڻ ڪري هي سڀ ٽولا اهو ٿا ڄاڻائن ته پناهگير
ٽولي جو کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، خرچ پکو وغيره سڀ سنڌ ۾ ٿئي ٿو تنهنڪري اهو سڀ سنڌ جي
مفاد ۾ آهي.
ارغونن ۽
انگريزن مان به هزارن جو کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، مرڻ سنڌ ڌرتي تي هو، ڪراچيءَ ۾ گورا
قبرستان ۽ مڪلي (ٺٽي) ۾ ارغون-ترخان قبرستان موجود آهن. ڇا انهن جي ڪري ائين چئي
سگهبو ته انگريزن، ارغونن ۽ ترخانن جو به سنڌ جي وسيلن تي اوترو ئي حق پيدا ٿي پيو
جيترو سنڌ جو؟ يا، اهي سنڌي قوم جو
انگريزي يا فارسي ڳالهائيندڙ حصو ٿي پيا؟
هي گوڙ، ”نظرياتي
طوفان ۽ تنظيمون“ ضرور ڪو راز رکن ٿيون ــــــ ماڻهن جي مڪر ۾ ضرور ڪا مام هوندي!
پناهگير
ڪٽر پرست ٽولن کي سنڌ سان جيڪڏهن سچو پچو پيار ٿي پيو آهي ته پوءِ کين سنڌين سان
ڳنڍي رکڻ بدران ڀارتي جهيڙاڪر مسلمانن، قاتل بهارين ۽ دنيا جي ”پاڪستانين“ سان
ڳنڍي رکڻ جي ڪهڙي گهرج آهي؟
جيڪو
ماڻهو دعوتون ڏئي، زور ڪري، مطالبا ڪري قاتل، بدمعاش ۽ رهزن ڌارين کي پنهنجي وطن ۾
گهرائڻ چاهي ٿو اهو پنهنجي وطن جو سڄڻ ڪيئن چئبو؟
ظاهر آهي
ته انهن سڀني فتني باز قاتلن کي سنڌ ۾ گهرائڻ ۽ آباد ڪرائڻ جي سازش ان ڪري پئي ڪئي
وڃي ته جيئن سنڌين کي نه رڳو ٿورائي ۾ بدلائي سگهجي پر انهن کي خاص طرح شهرن مان
تڙي ڪڍجي ــــــ طبقاتي سماج ۾ شهر بادشاهه هوندا آهن ۽ ڳوٺ رعيت.
مهاجر
اتحاد تحريڪ جي اڳواڻ سليم حيدر چيو:
”اسان جي تنظيم اڃا رڳو سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر پاڪستان ۾ جتي به مهاجر آباد
آهن، اسين انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارينداسون... پنجاب ۾ اڍائي ڪروڙ مهاجر (غير
پنجابي ڀارتي ڀاڄوڪڙ. -ليکڪ) آباد آهن(!؟) ...اسين پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾
آباد مهاجرن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي ماٺ نه رهنداسون.“ (انٽرويو، ”جنگ“، 27-فيبروري 1987)
پنجاب جي
ڪل آبادي پنج ڪروڙ، جنهن مان اڍائي ڪروڙ(!) ٿيا ”مهاجر“، سنڌ ۾ انهن جي ڳڻپ هڪ
ڪروڙ ٻڌائي وڃي ٿي. جيڪڏهن انهن ۾ بهاري ۽ دنيا ۾ رهندڙ ”پاڪستاني“ شامل ڪيا وڃن
ته مطلب اهو ٿيندو ته پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي آبادي هي ٽولو آهي!
ستين ڪوڙڪي ــــــ
ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو وڃي
ڇو ؟
شهري ۽
ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سهولتن ۾ بنيادي فرقن جي ڪري ڪن هنڌن تي ضروري سمجهيو ويندو آهي
ته ڪوٽا سسٽم وسيلي ڳوٺاڻن، پوئتي پيل، زندگيءَ جي سهولتن کان محروم ماڻهن ۽ انهن
جي اولاد کي ڪجهه مخصوص ڳڻپ ۾ داخلائون ۽ نوڪريون ڏئي ڪجهه اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو
وڃي ته جيئن اهي به ملڪي ڊڪ ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهن ۽ سنڌ جي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي
ٿي. اڳ ۾ ته ڪوڙن ڊوميسائيلن ۽ سفارشن وسيلي ڳوٺاڻن سنڌين جو اهو حق ماريو وڃي ٿو،
مٿان وري جيڪي ٻه چار نوڪريون ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون سنڌين کي مليو پون، ان کي
ختم ڪرڻ جي سازش جو نالو آهي ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ.
”جيڪڏهن آباديءَ جي نسبت سان ڪوٽا گهربل هجي ها ته اسين گڏيل هندستان ۾ وڌيڪ
سٺا هئاسون. اتي آباديءَ جي نسبت سان اسان جي ڪوٽا ڏهه ٻارهن سيڪڙو ٺهي پئي پر
(جواهر لعل) نهرو اسان کي ٽيٽيهه سيڪڙو ڏئي رهيو هو. اسان ته پاڪستان جي تحريڪ
ان ڪري هلائي هئي ته هتي ميرٽ جو نظام هوندو. ڪوٽا سسٽم سبب ماڻهن (مطلب آهي
پناهگيرن. -ليکڪ) کي فائدو گهٽ مليو، نوڪريون گهٽ مليون ۽ نفرت وڌيڪ پکڙي آهي.“ (سليم حيدر جو انٽرويو، ”جنگ“،
27-فيبروري 1987)
”ڪوٽا سسٽم سڀ کان مٿاهون (مسئلو) آهي جنهن مهاجر قوميت جي ڦوڪڻي(!) ۾ اڌ هوا
ڀري.“ (حوالو ساڳيو)
الطاف
چيو:
”س: جيڪي شاگرد ڪوٽا سسٽم هيٺ گهٽ مارڪون کڻڻ جي باوجود ڊاڪٽري ۽ انجنيئري
پڙهي وٺن ٿا پر اهي تعليم پرائڻ کان پوءِ پوئتي پيل علائقن ۾ نوڪري ڪرڻ کان لهرائن
ٿا، ان سلسلي ۾ توهان جو ڪهڙو مطالبو آهي؟
”ج: اڳ ۾ اسين پنهنجي ڳالهه ڪريون، پنهنجا مسئلا حل ڪريون پوءِ سوچينداسون ته
ڇا غلط آهي ۽ ڇا صحيح. مهاجرن جي سنڌ ۾ 40-45 سيڪڙو آبادي آهي (اڳ ۾ 60 يا 50
ڄاڻائي چڪو آهي. -ليکڪ) اسان کي سرڪاري نوڪريون، سياسي اقتدار ۽ صوبائي حڪومت ۾
پنهنجو ايترو حصو ملڻ گهرجي. باقي سيٽن تي ٿرڊ ڪلاس وارا اچن يا بلڪل فيل اهو اسان
جو مسئلو ناهي. جن جو مسئلو آهي اهي پاڻ حل ڪندا.“ (”الطاف
حسين جا عزم ۽ ارادا“، ص-41)
اٺين ڪوڙڪي ـــــ
جتي جو ڊوميسائيل هجي اتي نوڪري ڏني وڃي
هي مطالبو به سنڌين جي ئي خلاف
آهي. اردو باز ٽولي کي پنهنجي آباديءَ جي نسبت سان نوڪريون، داخلائون ۽ اقتدار ۾
حصو گهرجي ٿو ۽ اهي سنڌ جي وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ رهن ٿا، هن
مطالبي جو مقصد به ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تي قبضو ڪرڻ آهي.
هن
مطالبي ۾ جيڪو سنڌ دشمن عنصر لڪل آهي اهو هي ته سنڌ جي ٻين ضلعن جا رهاڪو جيڪي
ڪراچي، يا حيدرآباد ۾ اچي نوڪري ڪن ٿا انهن کي اتان ڪڍيو وڃي. ظاهر آهي ته هن
مطالبي مڃڻ سبب ٺٽي، بدين، نوابشاهه، سانگهڙ، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، شڪارپور،
لاڙڪاڻي ۽ دادو جي رهاڪن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾نوڪري ڪرڻ جو ڪو به حق نه
رهندو. پنهنجي ئي وطن جي هڪ ضلعي جي رهاڪو کي ٻئي ضلعي ۾ نوڪري ڪرڻ به نه ڏني وڃي،
هي آهي هن ڪوڙڪيءَ جي قيد. اهڙيءَ طرح اردوباز ٽولو سنڌ ۾ ئي، سنڌ جي ٻين ضلعن کان
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اچي نوڪري ڪندڙن کي اتان ڪڍڻ چاهي ٿو.
ڇا واقعي ”مهاجر
قوميت“ جي ڪوڙي ٽڪي پيئڻي پوندي؟
-
سنڌ جو
مکيه دشمن پنجابي-پناهگير ڦورو آهن ۽ انهن ٻنهي جا عوام به في الحال پنهنجي ڦورو
حاڪم طبقن سان گڏ آهن. ٻئي دشمن اگهاڙا آهن پر پوءِ به جِي ايم سيد ٻنهي اُگهاڙن
دشمنن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ــــــ ڇو؟
-
ڪي سنڌي
تنظيمون پناهگير ٽولي جي بدمعاشين تي ڍڪ وجهن ٿيون ــــــ ڇو؟
-
ڪي ”ترقي
پسند تنظيمون ظالم قوم ۽ ٽولي جي مزدورن کي مظلومن قومن جي ڦرلٽ کان آزاد سمجهن
ٿيون ــــــ ڇو؟
-
ڪي سنڌي
تنظيمون پناهگير ٽولي کي ”سنڌي قوم جو
اردو ڳالهائيندڙ حصو“ سڏي بيان ڪن ٿيون ــــــ ڇو؟
-
نيون ڪٽر
گروهه پرست پناهگير تنظيمون، جيڪي ”مهاجر قوميت“ ۽ ”مهاجر حق“ جو نعرو هڻن ٿيون،
1983ع جي جدوجهد کان پوءِ ظاهر ٿيون ۽ زور ورتائون ــــــ ڇو؟
هن سڄي
بحث مان ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته:
1-
1983ع جي
جدوجهد ۾ سنڌين جي سجاڳيءَ، ٻڌيءَ، سگهه، سرويچيءَ ۽ سورهيائيءَ سنڌ دشمن سازشين ۾
ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي آهي.
2-
سنڌ دشمن
سازشين پنهنجين ڇاڙتي قوتن کي تيزيءَ سان مختلف مورچن تي پکيڙي سرگرم ڪري ڇڏيو آهي
۽ اهي قوم پرست توڙي ترقي پسند روپن ۾ فتني بازيون ڪرڻ لڳا آهن.
3-
سنڌي قوم
جي مختلف تنظيمن جو اتحاد هاڻوڪين حالتن جي گُھر به آهي ته ان لاءِ حالتون به
سازگار آهن پر اتحاد دشمن قوتون ان کي هر قيمت تي ناڪام ڪرڻ گهرن ٿيون.
4-
اردو باز
ٽولا پاڻ کي ”مهاجر قوميت“ جي نعري هيٺ منظم ڪري، مظلوميت جو نئون راڳ پٿاري، سنڌ
تي پنهنجا حق ڄمائي، پنهنجو قبضو پڪو ۽ جائز ڪرڻ گهري ٿو ۽ ٻئي پاسي اهو نعرو هتي
جي چئني قومن ۽ خاص طرح سنڌين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ هڻن ٿا.
5-
ٺيٺ
گروهه پرست پناهگير تنظيمن جو هر ڪم، هر مطالبو، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دائمي مفادن جي
دشمني ۾ آهي.
6-
سنڌي
عوام ڪنهن به حالت ۾ خود پنهنجي ئي وجود کي گم ڪندڙ فتني کي ”سنڌي قوم جو اردو
ڳالهائيندڙ حصو“ ڪري مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
7-
ڇاوڻيون،
پوليس چوڪيون ۽ تعليمي ادارن کي ڪوٽ ڏياري سڄي سنڌ کي قيد خاني ۾ بدلايو پيو وڃي.
8-
اردو باز
ٽولو ڪنهن به ٺوس سائنسي نظرياتي اصول جي بنياد تي پاڻ کي ”قوم“ سڏائي نه ٿو سگهي،
هو وڌ ۾ وڌ هڪ لساني ٽولو آهي جنهن جون پاڙون اڃا تائين ڀارت ۾ کتل آهن.
ان حقيقت
جو احساس کين به آهي ان ڪري ته الطاف چوي ٿو ته ٻيون قومون پاڪستاني ٿي پون ته
مهاجر قوميت جو نعرو به ختم ٿي ويندو.
مهاجر
اتحاد تحريڪ جي اڳواڻ سليم حيدر هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”س: غلام
مصطفيٰ جتوئي چيو آهي ته هو مهاجر قوميت کي نه ٿو مڃي؟
”ج: هن
منهنجي سامهون مڃيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪي ماڻهو مهاجر قوميت کي نه ٿا مڃن ته نيٺ هڪ
ڏينهن کين اها ڪوڙي ٽِڪي پيئڻي پوندي، صوبي جي سڀ کان وڏي لساني اڪثريت کي
نظر انداز ڪرڻ ممڪن ڪونهي.“ (”جنگ“، 27-فيبروري 1987)
ڇا سنڌي دشمن مافيا رڳو سنڌي عوام جي دشمن ۽
ويري آهي؟ ڊگهي نظر سان ڏٺو ويندو ته اها سڀ کان پهريائين پناهگير پورهيت ۽ غريب
عوام جي ويري آهي جو انهن کي سدائين ڪوڙن ڏٽن تي ڀٽڪائيندي، سڄي دنيا سان
ويڙهائيندي، کين پنهنجي مخصوص طبقاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪندي ۽ رڻ ۾
رلائيندي رهي آهي. هينئر به اها کين هڪ ڀيرو وري به رڻ ڏانهن منهن ڏيئي رهي آهي.
9-
سنڌ
ساڻيهه کي هر پاسي کان، اندران ٻاهران، جتان ڪٿان لکين لوهڻيون چهٽي پيون آهن ۽
سنڌ ۽ سنڌين جو رت ۽ ست چوسي ان کي فنا ڪرڻ گهرن ٿيون. سنڌ مٿان ڪڏهن به ايڏي وڏي
۽ گهڻ روپي آفت نه ڪڙڪي آهي جهڙي هن ڀيري.
جيترو
ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد ساڻيهه سڄڻ قوتون مڙي گڏ ٿين، ٻڌيون ڪن، ٺاهه ڪن، جدوجهد
هلائن ۽ پنهنجو وجود بچائن. اسين سڀني حقيقي ڀائرن سان ڀاءُ ٿي رهڻ ٿا گهرون. اسين
ڪنهن به انسان، ڪنهن غريب ۽ نيڪ ماڻهوءَ ۽گروهه يا قوم جا بدخواه ناهيون. اسين
مخالف آهيون بدخواهيءَ جا، تعصب جا، بالادستيءَ جا، ڦرلٽ، ظلم، مڪر، فريب ۽
قبضاگيريءَ جا، پوءِ چاهي اهي ڪم ڪير به ڪري.
اسان جو مقصد
سنڌي
عوام کي
ٻاهرِين
خواهه اندرِين
ڦرلٽ،
غلاميءَ ۽ ظلم کان
مڪمل
ڇوٽڪارو ڏياري
کيس سندس
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
پنهنجي
قسمت، دولت ۽ پورهيي جو
مڪمل طرح
مالڪ بنائڻ ۽
سندس
هٿان
هڪ نئون شاندار سماج اُڏائڻ آهي.
(رسول بخش پليجو، ”صبح ٿيندو“،
ص-154)
(پورو
ٿيو.)
No comments:
Post a Comment