استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو ٽيون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌي هڪ مستحڪم سڀيتا:
آرين جي آمد کان اڳ سنڌي سماج شڪاري ۽
ڌراڙڪو ثقافتي ڏاڪو اڪري ڪَڏهوڪو پوکي راهيءَ جي دَور ۾ اچي ڪي ئي منزلون اڳتي وڌي
چڪو هو. جڏهن به ٻه ثقافتون ويڙهه ۽ چٽاڀيٽيءَ جي عمل ۾ داخل ٿين ٿيون يا گڏ رهڻ
تي مجبور هجن تڏهن، بهرحال، آخري نتيجو اهو هوندو آهي ته برتر ثقافت پاڻ کان گهٽ
ثقافت تي ڇانئجڻ لڳندي آهي ۽ گهٽ ثقافت کي برتر ثقافت کان گهڻو ڪجهه وٺڻو پوندو
آهي، پوءِ ڇو نه اها ثقافت ڪنهن اهڙي ٽولي سان واسطو رکندي هجي جنهن ڪنهن به نموني
پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي هجي ۽ سنڌ ۾ به اهو عمل ٿيو. آريا حڪمراني دوران
سنڌي سماج به گهڻو ڪجهه ورتو پر گهڻو ڪجهه ڏنو به. شڪاري آرين کي، جيڪي پنهنجو
گهر، گهر واري ۽ گهر وارا پاڻ سان گڏ کڻي هلندا هئا، انهن کي ٽڪاءَ واري ثقافت،
پوکي راهيءَ جو رستو وٺڻو پيو.
·
کيتي ٻاڙيءَ جا لفظ ۽ اصطلاح به بيشمار آهن، جي ڪٺا ڪجن ته هڪ چڱي چوکي لغت
بڻجي پوي ۽ عجب لڳي ته انهن جي پاڙ به سنسڪرت ۾ مشڪل سان ملندي. ٿورا ئي اکر هت
ڏجن ٿا، جي آهن:
کاڏو، پڙوو (کڏ)، ڪهر (وڍيل جهنگ جو ڍير)، آئنُو (ٻني)، سانهر (ڪاٺ جو تختو)،
ڀيل (پوک جو نقصان)، منَهه، ڇنو، مهرو (اڀو گهڙيل نار)، ڪاڃڻ (ڊگهي ڪاٺي)، ڀارونڀ
(مڪڙي اٽڪائڻ واري ڪاٺي)، ارا (چڪر جا ڦرها)، ڳاڌي (تختو)، بائڙ، ٽارا، ايريون
(ڪوڙ جون ننڍيون ڪاٺيون)، پاڙڇ (ڪاٺ جو وڏو نارو)، رونبو، وهراج، ڊِڍو (ڪچڙو سنگ)،
لابارو (ٻني لڻڻ)، ڪڙٻ، پلال، پراڙ، ڳاهڻ، وائرڻ وغيره. (رچنداڻي ]1989[ 36)
·
ڪوهستان ۾ عربن جي حملي کان پوءِ سما وڃي رهيا هئا ۽ سما سنڌ جي اصلي قومن مان
هڪ قوم آهن. ان ايراضيءَ ۾ جيڪي به هالو چالو لفظ آهن، سي پراڻي سنڌيءَ جي مهڪ ڏين
ٿا ۽ انهن جو مول سنسڪرت ۾ مشڪل سان ملندو. انهن مان ڪجهه لفظ اجهي هي آهن:
سرڇو (آباد)،
لوهيون (کلون)، ڳيڙو (برسات)، مڙيانو (کير جي ڏُهائي)، پڇ (ڪپڙا)، ڇڇ (پيٽ)، گڊو
(موڙو)، ماڇاند (واڙو)، اوڙ (کيتي)، جهڪون (ڏٻريون)، مرئيون (کٿيون)، ٿاڪيون
(پٽڙيون)، جوال، گريٿا (ڏاس مان ٺهيل ڳوڻيون)، ڀتي (مزدوري)، ڳڃ (گهنج)، ڳم (نشو)،
اڪورو (ٻاڪرو)، پاهو (ريڍو)، سنڊ (برتڻ)، بڊي (چمڙي جي ڳوٿري)، ٻوڍو (ننڍي مشڪ)،
ڳاري (چقمقي پٿر)، روسي (دانهوڙ)، ٿور (ڦرڙن جو ڌڻ)، ميڙايانو (ڌارائڻ)، سرڳون ۽
ارڳون (ٻڪرين جا قسم)، ٻٽا (ڍڪ)، ڌڙڪي (رلي)، مندريا (اڙيا)، گهورا (ڳولائو)، ننڌ
(ڪنجوس)، ٽاڏ (گانيون)، ڦنڊڪ (ٺونگو)، ڀنوري (ساجهر)، ڪڪر (پٿريلي زمين)، رٽ
(سيلابي زمين)، وٽ (وڏا پٿر)، کوريون ۽ گگڙيون (وڻن جا نالا)، سنبهار (ٻوٽو)،
سيونگ (گاهه جو قسم)، کنڌي (ڀاڄين جو ڌڳ)، ارڪ (ٺونٺ)، ورانڊ (پيشن، پوياڙي)، ٿوٻي
(روٽي ڪرڻ لاءِ پٿر)، دالي، شٺ (ڪٽهڙو)، ڍڳڙ (روٽلو)، جهمٽي (مڏي ٻيڙي)، ڏل
(تلسيءَ جو پن ۽ گل)، ڊس (کيپ، نواڙو)، ٻانڀ (ٻيلا)، گهڙ (ٻيڻ نوڙيءَ جي)، ڍانڍ
(اڙاهه، باهه جو مچ)، ٻوڪو، دلُوچور (ڏول)، مونڊو يا جلويو (سگري)، ونگاڙ (للڪار)،
ڇڻاٽ (کڙڪو)، رُگهه (گُهٽ، ڪاڙهو، اهمو)، ويڳڙ (مصالحو، چٽڻي)، اٻاٻ (سِڪ، قرب)،
اجهنڊو، ڀِڀ (اوندهه)، ڍَڪي (اسر، ڀنڀرڪو)، گهينگو (ڦندڻ)، هوٻو (پڙاڏو)، هڏڪ
(ٻرٻر، پرک، آسرو)، ڇڄ (گاگڙو، سپ)، جڃ (جهنگل)، مڃر (ڌٻڻ)، ولر، سنگهي (پکين جو
ميڙ)، کير (رڍن جو ڌڻ)، لوگهو (ٻرگهل)، ڪپڄ (جوٺ، اوجهر)، چير (لٽو، ڪپڙو)، ڇهر
(ڇوڪري)، ڪت (منهون، مڇر)، اير (ٻڪرار)، کگهه، گھٽ، واڙل (ڪنٺ، مالا)، کهو، جهپاٽو
(طوفان)، وهر (گانءِ کي گرمي)، مهر (گهڙي کي گرمي)، سچ (راند لاءِ کڏ)، تس (نديءَ
۾ سوراخ). (ايضاً، ص 37-36)
·
بيمارين جا به جيڪي نالا سنڌيءَ ۾ آهن، انهن جو سنسڪرت مول ورلي ملندو. جهڙوڪ:
پيچش، اک ۾ ڪٽر، اڃ، آڱر ويڙهه، آرايون، اُٻاسي، ڳڍڙيون، ڦرڙي، ڦوڦيندو، چوڪ،
ڦيسر، ڏندڻ پوڻ، سرطاني }!{ ڳوڙهو، سيٽ، سَٽ، سِيڪيون،
ڪڇوراڙي، ڪڙنهن، ليس، لڦ، موڪا، سرٽ، موهيڙا، نڪ هير، وائي سور، چرندوار، هڏڪي،
سائي وغيره. (ايضاً، ص 32-31)
·
پسار، ڀاڄين، مصالحن، بيمارين وغيره جا نالا به ڪيترا اهڙا آهن جن جو آد
سنسڪرت ۾ ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ جن مان ڪي پوءِ جي منزل واريءَ سنسڪرت ۾ داخل ڪيا
ويا هوندا.
}هتي هڪ
ڊگهو شعر ڏنل آهي جنهن ۾ 88 مختلف وڙن جا نالا ڏنل آهن...{ چانيهو، گيسوڦل، واءُ وڻنگ، هيرڻ، ڪاشني،
ڊاک، ڪرياتو، رسوَل، جرقل، پپلا مول، دالچيني، ڪباب چيني، ڪنڊياري، ورڇ، پتو پتر،
هريتر، آورا، ٻهيڙا، گھيرو، ڌاتورو، ايريال، پپري، مروڙ ڦلي، بيلگري، ناگ قيصر،
ايريو، اتيس، ڪڙاچال، ڪيترو }ڪتيرو{، رال وغيره.
(ايضاً، ص 31-30)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن پنهنجي
ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ]1990[ ۾ البيروني (جنهن کي ڪي عالم
’سنڌي‘ سمجهندا آهن) جي ڪتاب الصيدنه (1051-1050) ۾ آيل ستر کن سنڌي نالن جي جدول
ڏني آهي، جن ۾ جواڻ (جاڻ)، جيرو/جيروا، مَرچ (مِرچ)، سِڱر (ڪنڊيءَ جا)، کُنبهو،
هلدر (هيڊ)، کٿوري، هڙتال، بُلو (ٻلهڻ)، سُورن ڪُٽي (سونَ ڪُٽ)، رُپاڪُٽي (رُپا
ڪُٽَ)، هِڱ، هملو (هرمرو)، لِمَ (نم) وغيره پڻ شامل آهن.
رچنداڻي صاحب جن، سنڌي سازن ۽ زيورن جا
ستر کن نالا ته ڄاڻايا آهن، پر واضح طرح اهو نه ٻڌايو آهي ته اهي ٻول سنسڪرت ۾ به
موجود آهن يا نه، باقي صفحي 29 ۽ 30 تي ”روزاني جيون ۾ چالو اکر به ٻنهي ٻولين ۾
نرالي روپ وارا آهن، هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:“ چوندي سنسڪرت ۽ سنڌي ٻول ڏنا آهن. ڪي
سنڌي ٻول هيٺ ڏجن ٿا:
ونجهه، ٻهاري،
مداري، ڌوٻي، پاوڙو، واڍو، شڪاري، ڪلال، کٽاڻ، ڏاڏو، لوئي، مائو، چانور، واڱڻ،
نانو، مامو، ٺڳ، ريتي، چَڪي، لڏو، ملائي، آچار، بصر، ڌاڳو، ساڙهي، مال پڙو، ڇاڇ،
تُوري، چاچو، ناٺي، ٽوڪري، جُوتو، ڪچوري، مکڻ، چٽڻي، ڀينڊي، ڌوتي، انگوڇو، آهر،
ٻاجهري، ڪدو، پڙڏاڏو، چاچِي، ڏيراڻي }ڏيرياڻي{ وغيره.
·
جهمٽمل وسناڻيءَ وئتپتي ڪوش ۾ هزار ڏيڍ کن ته واهه جو اهڙا ڌاتو ڏنا آهن، جي
سنسڪرت جا چيا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ هن اهو به صاف ڄاڻايو آهي ته ”سڀ ڪو مول شبد سنسڪرت
ڌاتو نه آهي.“ }هيٺ
ٻنهي ٻولن جا هڪجهڙا اچار رکندڙ ٻول ڌار ڌار نه ٿا ڏجن، باقي فرق رکندڙ سنسڪرت ٻول
ڏنگيءَ ۾ ڏجن ٿا{:
هاڃ (هان)،
سک، سِنڌ سَنڌ، ويلا، ورلو (ورل)، واٽ، للاٽ، رڻ، ملهه (مل)، پيٽ، پَٽ (پٽڪ)، ڪڻڪ،
هٺ سَر (شر يعني ڪانوَ)، ويدن }ويڌن؟{، وت، ول، لنب،
جاجڪ (ياجڪ)، مس، پت، نج، سارنگ، ورت، ورهه، وارڻ، لوهه، روڪ، مڃ (منج)، پل، نم
(نمب) وغيره. (رچنداڻي ]1989[ 26)
·
ڪي الفاظ نه ڪي سنسڪرت ۾ ته نه ڪي ايراني يا سامي زبانن ۾ آهن، مگر سنڌي ۽
بروهڪي، ٻنهي ۾ يڪسان موجود آهن:
سنڌي
|
بروهڪي
|
سنڌي
|
بروهڪي
|
منجهند
|
منجن
|
ڪڪڙا
|
ڪڪڙا
|
کُڙي
|
ڪُري
|
لُڪ
|
لڪ
|
کارِي (کاريندڙ)
|
کارِي
|
ڀولڙو
|
بُولو
|
اوجهري
|
اوجرنڪ
|
پِنِي (ڄنگهه جي)
|
پِني
|
جھڙ
|
جڙ (ڪوهيڙو)
|
ٿوم
|
ٿوم
|
کٻڙ
|
کبڙ
|
ڍڳي
|
ڍڳي
|
ڪوپري (مٿي جي)
|
کوپڙي
|
رنبي
|
رنبي
|
ٺونٺ
|
ٽوٽ
|
تنوار
|
توار
|
ڳوٿري
|
گوٿري
|
(بلوچ ]1990[ 12)
|
مٿي ڏنل سمورن ٻولن تي هڪ نظر وجھڻ سان
ئي احساس ٿئي ٿو ته انهن مان گھڻا اڄ به جيئن جو تيئن اچاريا، ڳالهايا ۽ ساڳي
مفهوم لاءِ ڪم آندا وڃن ٿا.
چوسڻا/داخلي ڌماڪيدار آواز:
·
سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر
جنهن لفظ ۾ ايندو آهي سو نج سنڌي لفظ ليکيو ويندو آهي، مثلاً ڄڃ، ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ.
هي چارئي اکر
نه ڪي سنسڪرت ۾، نه ڪي ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن، ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو
پيو آهي ته سرائيڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽
ميرن جي صاحبين تائين، گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪري کانئن سکيا آهيون. (ڀيرومل ]1972[ 76)... سنڌي ٻوليءَ تي داردڪ ٻولين جو اهڙو
اثر ٿيو آهي. (ايضاً، ص-87)
ڀيرومل جن جي هيءَ راءِ چڪاس لائق آهي.
گذريل سوا هزار ورهين کان سنڌي مسلمان عربيءَ ٻوليءَ سان گهاٽي ناتي ۾ آهن. عقيدي
جي ڪري عربي آوازن ۽ اچارن کي درست نموني ڳالهائڻ جي پڻ شعوري ڪوشش ٿيندي پئي رهي
آهي، پر اڄ ڏينهن تائين اهي عربي آواز سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن جھڙا ناهن،
جيئن: ]ث[، ]ذ[،
]ص[، ]ض[،
]ط[، ]ظ[،
]ع[ وغيره سنڌي سماج ۾ عوامي سطح تي
درست نموني نه ٿا اچاريا وڃن. ان جو صاف مطلب هي ٿيو ته ]ٻ[،
]ڏ[، ]ڇ[
۽ ]ڳ[، جيڪي سنڌي سماج ۾ هر سطح تي
سولائيءَ سان اچاريا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪن ٻين ٻولين مان سکيا/ورتا ويا آهن ته به کين
انهيءَ کان وڌيڪ عرصو گهربل آهي.
عربن جي سنڌ ۾ آمد کان هڪ هزار ورهه اڳ
تائين ’ترڪي داردي‘ جي سنڌ ۾ موجودگيءَ جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن ڪن
ٿا.
·
انهيءَ دَور (چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ) واري سنڌ جي هن سامي-صفت زبان جي
سنٻنڌ جو امڪان هڪ طرف دراوڙي زبان سان، ٻئي طرف ايراني زبانن سان، ته ٽئين طرف
’ملتان کان ڪشمير‘ وارين ’سنڌي-وري ٻولن‘ سان ٿي سگهي ٿو. ازانسواءِ هندستان جي
اتر-اولهه وارن پهاڙي لڪن مان به اتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان ملتان تائين
رهندڙ ماڻهن سان، اصل-آريائي قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمدورفت سببان تعلق رهيو،
جنهنڪري هن سڄي اتر-اولهه خطي تي داردي ٻولين جو پڻ اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري،
ملتاني ۽ سنڌي ٻولين جو رنگ ڍنگ ٻين هند-آريائي ٻولين کان نرالو ٿيو ۽ انهن ٽنهي
ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي. (بلوچ ]1990[ 4)
سنڌي سماج ۾ عربيءَ جي دخل ۽ اثر کي نظرن
۾ رکندي ۽ مٿئين ٽڪري کي سوچ ويچار هيٺ آڻيندي ڪو به ماڻهو ايئن نه چئي سگهندو ته
مٿي ڄاڻايل آواز جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا بنهه پنهنجا آواز نه آهن ته، اهڙي (ذڪر
ڪيل) ڇڊي تعلق جي ڪري ڪو ٻين يعني داردي ٻولين کان ورتا ويا هوندا ۽ اهي وري سڄي سماج
۾ مروج ٿي سگهيا هوندا.
انهيءَ کان 5 سؤ ورهه اڳ تائين سنڌي سماج
تي ڪنهن به اهڙيءَ ٻوليءَ جو غلبو نه رهيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آواز موجود هجن. ٻيو
ته، فطري طرح هتي هڪ سوال ٿو اڀري ته، ڇا اهو لازمي آهي ته اهي آواز سنڌي ٻوليءَ
ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ کان ئي ورتا هجن. ڇا اهو ممڪن ناهي ته اهي آواز سنڌي ٻوليءَ جا
بنهه پنهنجا ئي هجن؟
جاهن جِي بورڊي ]ٻ[، ]ڏ[،
]ڄ[ ۽ ]ڳ[
تي تفصيلي بحث ڪيو آهي:
· The recency or antiquity of development may also be indicated by such
investigation. Where one or an other feature as a marker on the road to
uniqueness of identity. Alternately, it may be used to indicate the degree of
distance between two related languages… through the use of these [ٻ، ڏ، ڄ، ڳ] implosives. Sindhi has a three-way contrast among its stop
phonemes. These are contrasts between Voice and its absense, Aspiration and its
absense, and Ipmlosion and its counter. Additionaly Sindhi makes use of five
articulatory positions: Bilabial, Dental, Alveolar, Palatal and Velar. These
features and positions produce one of the more luxariant stop systems known in
any Language for a total of twenty four stop phonemes.
What is unusual
about the implosives is the general rarity of such sounds in Language other
than those of Africa. Indo-European Languages
use implosives only frequently and then usually not as a distinctive set with
several members. When used, they seem to be onomatopoetic for most part
representing a limited number of events. Implosive do accur, however, in
several languages in Asia… these seem to be
emphatics distinctively rather than implosives and appear in some instances to
be in free variation with the corresponding explosives. Khubchandani mentions
implosives in free variation with the corressponding explosive stops in
Rajasthani and Gujrati as well as in Multani. These would seem to be the result
of Sindhi influences under certain conditions.
(بورڊي ]1975[ 271-270)
آوازن ۽ ٻولن جي تبديل:
اهو بيان شڪ جوڳو آهي ته هر اهو ٻول جنهن
۾ ]ٻ، ڏ،
ڄ ۽ ڳ[ شامل هجن اهو
لازمي طرح سنڌي ٻول هوندو. ٻوليون ٻين کان ورتل ٻولن ۾ پنهنجيءَ طبيعت ۽ اچار-سهنج
جي لحاظ کان تبديلي آڻينديون آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ به يقيناً ايئن ڪيو آهي، پر ان جو
قطعي اهو مطلب ناهي ته ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ سنڌيءَ کان ڪو هڪ ٻول به نه ورتو آهي
يا ان جي ٻول کي پنهنجيءَ طبيعت ۽ اچار-سهنج جي لحاظ کان تبديلي نه آندي آهي. جيئن
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪي عربي آواز اچاري نه ٿا سگهن، تيئن عربي ڳالهائيندڙ به
سنڌي جا ]ٻ، ڀ،
ٿ، ٽ، ٺ، ڄ، جھ، ڃ، چ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ڦ، ک، گ، ڳ، گھ، ڱ ۽ ڻ[ اچاري نه سگهندا ۽ اهڙو ڪو به ٻول
جنهن ۾ انهن مان ڪو هڪ به آواز موجود هوندو يقيناً عربي ٻولي ايئن بگاڙي ڇڏيندي
جيئن اسان ان جي ]ث ۽ ص،
ذ، ض ۽ ظ ۽ ط، ع ۽ غ[
سان ڪيو آهي.
ساڳيءَ طرح، جنهن ٻوليءَ ۾ مثال طور ]ڄ[ ۽ ]ڻ[
نه هوندا ۽ اهڙو ڪو ٻول سنڌيءَ کان وٺندي جنهن ۾ اهي آواز موجود هوندا ته انهن کي
واريسر ]ج[ ۽ ]ن[
ڪري ڇڏيندي. مثال طور، ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي /ڄَڻ/ (ڄڻڻ).
جيڪو ]ڄ[
۽ ]ڻ[ نه ٿو اچاري سگهي، اهو چوندو
/جَن/ (جَنَن، جننا). رومن الفابيٽ ۾ ان کي لکبو /gen/ (Genan)
يا /jen/ (Jenan). ]نوٽ: اها ڳالهه ياد رکي وڃي ته رومن الفابيٽ ۾ وائل (Vowel) اکر يعني حرف علت ڪل پنج آهن: a، e، i،
o ۽ u. ڪڏهن ڪڏهن w ۽ y
کان به حرف علت جو ڪم ورتو ويندو آهي، پر انگريزيءَ ۾ يَڪسُرا وائل آواز (Monopthong vowel sounds) ٻارنهن چيا
وڃن ٿا. (باربر ]1982[ 7-5)
تنهنڪري ڪو هڪ وائل اکر ٻن، ٽن، چئن يا
پنجن قسمن جي وائل آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو، جيئن شَل/Shall، بال/Ball، بيئر/Bare، بيس/Base ۽ بلئڪ (بلَيڪ)/Black ٻولن ۾ ’a‘ وسيلي ظاهر ڪيل آواز.[
’ڄڻ/جن/gen‘ پاڙ ٻول، ڌاتو، اصل يا مول رکندڙ سوين ٻول
سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، جيئن: ڄڻڻ، ڄڻيو، ڄڻيندو، ڄڻيل، ڄڻيندڙ، ڄڻائڻ، ڄڻايو،
ڄڻائيندو، ڄڻايل، ڄڻائيندڙ، اڻڄَڻ، ڏُڄڻ، سَڄڻ وغيره. /gen/ ڪيترن ئي جديد علمي اصطلاحن ۾ موجود آهي،
جيئن جيني/gene، جينيولاجي/ genelogy، جينيٽڪس/genetics، آڪسيجن/oxygen، هائڊروجن/hydrogen وغيره.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته، /ڄڻ/ نه پر سنسڪرت
/جَن/ (يا جنم) ڌاتو ۽ اصلي ٻول آهي ۽ سنڌيءَ ان کي بگاڙي /ڄڻ/ ڪيو آهي. ليکڪ اهو
سوچڻ ۾ حق بجانب آهي ته سنڌي ٻولي جڏهن /جُنِ، جناب، جناخ، جنازو، جنب، جنم، جِنب،
جنباهه، جنبش، جُنبڻ، جَنبي، جنتر، جنتري، جَنبر، جِند، جَنڊ، جنڊِ، جنرل، جِنس،
جنسار، جَنگ، جُنگهه، جنگڻ، جَنگو، جنگير، جَنهر/ وغيره جهڙا سوين ٻول ۽ انهن مان
ٺهيل اصطلاح ڳالهائي/اچاري ٿي ته ڇو /جن/ (يا جنم) کي /ڄڻ/ (يا ڄڻڻ) ڪندي؟
ليکڪ جڏهن جامع
سنڌي لغات جي سڀ کان وڌيڪ سوڌيل، سنواريل ۽ سوجهيل جلد-1 ۾ ]ٻ[ سان شروع ٿيندڙ ٻولن تي نظر وجھي ٿو تڏهن
اهو ڏسي حيران ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ 2160 (ٻه هزار هڪ سؤ سٺ) ٻولن ۽ اصطلاحن جي ڊگھيءَ
لڙهه ۾ رڳو ٻه ٻول ’ٻاوڙي‘ ۽ ’ٻيدِي‘ ئي اهڙا آهن، جن جو ڌاتو واريسر عربيءَ جو
’بِئَر‘ ۽ ’بيداءَ‘ ڄاڻايو ويو آهي، توڙي جو اهو به لکيو ويو آهي ته ٻاوڙِي/ٻائر
نالي هڪ ٻير جهڙو وڻ ۽ ’ٻائري‘ نالي تعلقي هالا ۾ هڪ ديهه به موجود آهي، ’ٻائِڙُ‘
معنى هرلي يا نار جي ڍينگي جون ڪاٺيون... ۽ ’ٻائڙ ٻوڙ‘ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن.
انهيءَ ]ٻ[
ٻول مالها ۾ سوين اهڙا ٻول ڄاڻايل آهن، جن جو ڌاتو سنسڪرت، پراڪرت، هندي، فارسي،
انگريزي، ترڪي وغيره مان چيو ويو آهي، ايتري قدر جو ’ٻنگاري‘ ٻول ۾ آئرش ڌاتو ’بن‘
= ٽامو به نه
وساريو ويو آهي. ڇا اها عجيب ڳالهه ناهي ته جنهن سنڌي ٻوليءَ بابت چيو/ڄاڻايو ويو
آهي ته ان ڪيترين ئي ٻولين جي سوين ٻولن جو پهريون آواز بگاڙي ]ٻ[ ڪري ڇڏيو آهي، ان ٻوليءَ عربيءَ جو گذريل
ٻارنهن سؤ ورهن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ٻول نه بگاڙيو آهي جيڪو ]ب[،
]و[، ]پ[
وغيره سان شروع ٿئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڦري ]ٻ[ ٿيو هجي!
انهيءَ مثال کي سامهون رکندي ليکڪ شڪ ٿو رکي ته اهي سوين ٻول جن جو پهريون آواز
چيو ٿو وڃي ته سنڌيءَ بگاڙي ]ٻ[ ڪيو آهي، متان
ايئن نه هجي.
]ڏ[ سان شروع ٿيندڙ، ٻولن جي مالها ۾
(جامع سنڌي لغات، جلد-3) لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻول ۽ اصطلاح ڏنا ويا آهن ۽ ڄاڻايو ويو آهي
ته سنسڪرت، پراڪرت، هندي، فارسي وغيره جي ڪيترن ئي مختلف ٻولن جا ابتدئي آواز
بگاڙي ]ڏ[ ڪيو ويو آهي. جن آوازن کي چيو ويو
آهي ته سنڌيءَ بگاڙيو آهي، انهن ۾ نمايان ’دُر‘، ’دَر‘ ۽ ’دِر‘ پڻ شامل آهن، پر
ليکڪ اتي به اهو ڏسي حيران ٿي ويو آهي ته نيٺ ڇو سنڌي ٻوليءَ عربيءَ جو هڪ به اهڙو
ٻول نه بگاڙيو آهي، جنهن جا ابتدائي اچار ’دُر‘، ’دَر‘ يا ’دِر‘ هجن. رڳو ٽي ٻول
ڏول (ع. دلو)، ڏيرو (ع. دائره) ۽ ڏيلو (ع. دائره) ڏنا ويا آهن، جن ۾ ظاهر ٿو ٿئي
ته ’دلو‘ کي ’ڏول‘ ۽ ’دائره‘ کي ’ڏيلو‘ ۾ بدلايو ويو آهي. انهيءَ حالت کي ڏسندي
ليکڪ هتي به شڪ ٿو ڪري ته ]ٻ[ جيان ]ڏ[ سان شروع ٿيندڙ آواز به متان سنڌي ٻوليءَ نه
بدلايا هجن.
ٻئي پاسي، هر اها ٻولي جنهن ۾ ]ٻ[ ۽ ]ڏ[
موجود ناهن ۽ ڪنهن به طرح سنڌيءَ کان جيڪڏهن اهڙا ٻول وٺي ٿي جن ۾ اهي آواز به
شامل هجن، تڏهن شڪ کان آجو ٿي، پڪ سان اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته ٻي ٻولي انهن
ٻولن جي ]ٻ[ کي ]ب[،
]پ[، ]ڀ[،
]و[ وغيره ۽ ]ڏ[
کي ]ڊ[، ]ڌ[،
’ڊر‘، ’در‘ وغيره ۾ بدلائي ڇڏيندي.
]نوٽ:
ليکڪ ]ڄ[ ۽ ]ڳ[
شامل رکندڙ ٻولن جا جائزا اڃا نه وٺي سگهيو آهي، انهن بابت ڪنهن ٻئي واري ڳالهه
ٻول ڪبي.[
مول شبد/ڌاتو ٻول/اصل لفظ:
’لکڻ‘، ’پڙهڻ‘، ’گهمڻ‘، ’ڊوڙڻ‘، ’مارڻ‘ ۽
’ڌارڻ‘ وغيره جهڙا ٻول سنڌي ٻولن جو مصدر قرار ڏنا ويندا هئا، پر نيٺ بحث مباحثي ۽
تحقيق کان پوءِ ڪي عالم انهيءَ نتيجي تي پهتا ته اهڙا ٻول سنڌي ٻولن جو ڌاتو ٿي نه
ٿا سگهن. (اهي ’اسم مصدر‘ يا ’حاصل مصدر‘ آهن ۽ عام طرح ’مصدر‘ سڏيا وڃن ٿا.) اهڙن
سنڌي ٻولن جي آخر ۾ آيل /اَڻ/ يا /اِڻ/ ڪيرائڻ کان پوءِ جيڪو ٻول ملي ٿو، اهو ئي
فعلي ٻول جو ڌاتو/مول/اصل آهي.
]نوٽ:
الانا صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ]1987[ ۾ انهيءَ موضوع تي مناسب بحث ڪيو
آهي.[
ڀيرومل ]1985[ جن سنڌي ٻول جي امري صورت کي ان ٻول جو ڌاتو
قرار ڏين ٿا. (ڏسو ص-98 ۽ اڳتي) پر پاڻ ئي مختلف ٻولن جي مثالن ۾ انهيءَ بيان تي
قائم نه ٿا رهن ۽ ڄڻڪ مونجھاري جو شڪار ٿي چون ٿا ته، ”امر واحد جي پڇاڙيءَ واري
اعراب ڪڍڻ سان فعل جو ڌاتو يا بنياد ملي ٿو.“ (ص-99)
ڄَڻ = ]ڄ[
+ ]اَ[ + ]ڻ[،
ڌاتو آهي.
ڄَڻِ = ]ڄ[
+ ]اَ[ + ]ڻ[
+ ]اِ[، امر آهي.
هَل = ]هه[
+ ]اَ[ + ]ل[،
ڌاتو آهي.
هلُ= ]هه[
+ ]اَ[ + ]ل[
+ ]اُ[، امر آهي.
/ڄَڻ/ ۾ /اِ/ ۽ /هلُ/ ۾ /اُ/ معنوي فرق
پيدا ڪندڙ جزو يعني صوتيو (Phomene)
آهي ۽ اصولي طرح هئڻ به ايئن گهرجي، ڇو ته ڌاتو ٻول ۽ ان جي امري صورت ۾ معنوي فرق
موجود ٿئي ٿو.
·
اهڙيءَ طرح ڪنهن به لازمي توڙي متعدي فعل جي ڌاتوءَ پٺيان ’اَڻ‘ يا ’اِڻ‘
پڇاڙي گڏڻ سان مصدر ٺهي ٿو. (ڀيرومل ]1985[ 99)
·
اصل سنسڪرت پڇاڙي ’اَن‘ (مثلاً پوجه - پوجن - سنڌي ’پوڄڻ‘) تنهن جو اچار
ڦيرائي اَڻ-اِن ڪريون ٿا. (ايضاً، ص-99)
·
سنسڪرت ۾ ڪٿ معنى ڪٿڻ يا بيان ڪرڻ. ’ڪٿ‘ پٺيان ڪا به اعراب ڪانهي، پر جي مؤنث
پڇاڙي ’آ‘ گڏبي ته اسم ٺهندو ’ڪٿا‘ ۽ جي ’اَن‘ پڇاڙي گڏبي ته مذڪر اسم ٿيندو ’ڪٿن‘
معنى بيان يا تخمينو... انهيءَ سنسڪرت اسم ’ڪٿن‘ بدران اسين چئون ’ڪٿڻ‘، مطلب ته
سنسڪرت وارو اسم ]مذڪر
واحد[ ڦري سنڌيءَ ۾
اسم مصدر ٿئي ٿو. (ايضاً، ص-99)
۽ اهو ئي سبب آهي جو ڀيرومل جن کي
’منطقي نتيجو‘ ڪڍڻو پيو ته ”هر ڪو مصدر جڏهن سدائين عدد واحد ۽ جنس مذڪر آهي، تڏهن
ان جي عدد ۽ جنس ڄاڻائڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ٿئي.“ (ايضاً، ص-101)
ليکڪ ڀيرومل جن جي ان راءِ سان ڪنهن به
طرح سهمت ناهي. ڪو به اسم مصدر ڪڏهن به مذڪر ۽ واحد ٿي نه ٿو سگهي، سنڌي ٻوليءَ جي
ڪنهن به اسم مصدر جي جنس ۽ عدد جو تيستائين پتو پئجي نه ٿو سگهي جيستائين اهڙو
معنوي فرق پيدا ڪندڙ صوتيو ان جي ڇيهه (Final Position) وٽ نه اچي. ’لکڻ‘، ’لکائڻ‘، ’لکرائڻ‘،
’لکجڻ‘، ’لکائجڻ‘، ’لکرائجڻ‘، ’ليکڻ‘، ’ليکائڻ‘، ’ليکرائڻ‘، ’ليکجڻ‘، ’ليکائجڻ‘ ۽
’ليکرائجڻ‘ جھڙا مثال ڏنا ويا آهن، انهن کي ڌيان سان جاچڻ کان پوءِ ڏسو ته سندن
ڇيهه وٽ ڪهڙو صوتيو ملي ڪهڙي عدد ۽ ڪهڙيءَ جنس جي معنى پڌري ڪري ٿو.
ليکڪ هن راءِ جو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو
ڪو به ڌاتو ٻول ڪنهن به طرح عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿو ڪري ۽ اهو ڌاتو ٻول جيڪو ڪنهن
فعلي صورت کي جنم ڏئي ٿو اهو ڌاتو واري حيثيت ۾ ڪنهن به زمان کي ظاهر نه ٿو ڪري،
رڳو سرگرميءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. عدد، جنس ۽ زمان کي ظاهر ڪرڻ جو ڪارج پورو ڪرڻ
لاءِ سنڌي ٻولي پنهنجي ٻول جي ڇيهه وٽ ڪو نه ڪو صوتيو آڻي ٿي.
* وَڍۡ = ]و + اَ + ڍ[، هڪ ڌاتو ٻول آهي.
وَڍِ]=و[+]اَ[+]ڍ[+]اِ[، (امر واحد،
جنهن جو جمع ’وڍيو‘=/وَڍ/+/او/
آهي.)
وَڍُ = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]اُ[، (اسم، جنهن جو جمع ’وڍَ‘ = /وَڍ/+/اَ/ آهي.)
وَڍَ = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]اَ[، (اسم، وڍڻ جي حالت، جنهن جو جمع ’وڍون‘ = /وَڍ/+/اُون/ آهي.)
وَڍو = ]و[+]اَ[+]ڍ[+]او[، (اسم، جنهن جو جمع ’وڍا‘ = /وَڍ/+/آ/ آهي.)
وڍڻ = /وڍ/+/اڻ/.
* /وڍڻ/ +
/او/ = وڍڻو
+
/اي/ = وڍڻي
+
/آ/ = وڍڻا
+
/اون/ = وڍڻيون
* وَاڍ = ]و[ + ]آ[ + ]ڍ[
+ /اِ/ = واڍِ (جمع واڍون/واڍيون)
+ /او/ = واڍو
+ /اِي/ = واڍِي
+ /اُون/ = واڍيون
* /وَاڍڪ/ +
/او/ =
واڍڪو
+ /آ/ = واڍڪا
+ /اِي/ = واڍڪِي
+ /اُون/ = واڍِڪيون
* وڍج، وڍائج،
وڍرائج، ...
ثابت ٿيو ته
سنسڪرت وارو ’ڪٿن‘، جيڪو مذڪر واحد آهي، ڦري سنڌي ٻوليءَ جو اسم مصدر ڪو نه ٿو
ٿئي.
اڄوڪي سنڌي ۽ آڳاٽي انگريزي:
ڄاتل اتهاس ۾ انگريزي ٻوليءَ جو سنڌي
ٻوليءَ سان هڪ قسم جو سماجي ناتو ارڙهين صديءَ ۽ ان کان پوءِ جي ڳالهه آهي ۽
يونانيءَ ۽ سنڌيءَ جو ٿوري مدي لاءِ ويجھو اچڻ چوٿين صدي قبل از مسيح کان اڳ ۾
ناهي. وڌ ۾ وڌ ٻه مهينا ڊِچ سپاهين به ڊاٻو ڪيو ۽ ٺٽي واري ايراضيءَ ۾ سنڌي ماڻهن
کي ڪُٺو ۽ وسندين کي باهيون ڏئي ساڙيو، ڦريو، لٽيو ۽ موٽي ويا. (اها سورهين صدي
عيسوي جي ڳالهه آهي.)
انگريزي هڪ انڊو-يورپين ٻولي آهي.
انگريزي مغلي ٻول جو ڌاتو (جيئن ’Kill‘/’ڪِل‘ يعني ڪُهه، وَڍ، مار) ٻول
’امري‘ (Imperative) صورت به آهي،
جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ، اهو ڪيو ويندو آهي جو ٻول جي ڇيهه (Final
Position) وٽ نه هوندو آهي. يڪپدو (Monosyllabic) اچار هوندو ته پد جي پهرئين جزي
تي ۽ ٻِپَدو (Bisyllabic)
هوندو ته عام طرح ٻئي پد جي پهرئين جزي تي زور وڌايو ويندو، ۽ ان زور جي ڪري ٻول
جو اهو بنيادي آواز تبديل نه ٿيندو.
سنڌيءَ ۾
/هَل/ = ]هه[+]اَ[+]ل[، ڌاتو ۽ /هَلُ/
= ]هه[+]اَ[+]ل[+]اُ[ امر آهي.
انگريزيءَ ۾ /Kill/ ئي ڌاتو ۽ اهو ئي امر آهي، ممڪن آهي ته [K] تي زور ڪجهه
وڌايو وڃي.
اصولي، علمي، منطقي ۽ وياڪرڻي طرح ڌاتوءَ
۽ امر جي وچ ۾ فرق هجڻ گهرجي. سنڌي ٻولي پوئين جز تي /اُ/ يا /اِ/ وڌائي امري صورت
ٺاهي ٿي ۽ انگريزي ٻولي پوئين کان سواءِ، ڪنهن اڳئين جز تي زور وڌائي امر ٺاهي ٿي.
ليکڪ هتي جنهن پاسي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ
گهري ٿو، اهو هي آهي ته سنڌي ٻولي، اڄ به ۽ ڪلهه به، پنهنجي ٻول جي اسم مصدر جي
صورت /اَڻ/ يا /اِڻ/ ملائي حاصل ڪري ٿي/ڪندي هئي، پر انگريزي اڄ، ٻول جي آڏو ’to‘ آڻي اهو مقصد حاصل ڪري ٿي، جڏهن
ته ڪالهه /an/ يا /en/ ڌاتو ٻول جي ڇيهه وٽ ڳنڍي اسم
مصدر صورت ٺاهيندي هئي.
انگريزي ٻوليءَ کي ٽن دورن ۾ ورهائي
اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:
1-
آڳاٽي يا پراڻي انگريزي (Old English)،
نارمن سوڀ (1066ع) تائين.
2-
وچاڙ يا وچين انگريزي (Middle English)،
لڳ ڀڳ 1600ع تائين.
3-
نئين يا جديد انگريزي (Modern English)،
لڳ ڀڳ 1600ع کان پوءِ.
پراڻي انگريزي ۾ سموريون اسم مصدر صورتون
/an/ يا /en/ پڇاڙي رکندڙ هيون ۽ اهو اثر وچاڙ
انگريزي تائين رهندو آيو. وچاڙ انگريزي ۾ /Kill/
جي صورت /Killen/ يا /Cullen/ آهي. (ڏسو چئمبرس ڊڪشنري)
سي. ايل. باربر پنهنجي ڪتاب دي اسٽوري آف لئنگئيج ]1982[ جي مختلف صفحن تي پراڻي انگريزي جي ڪجهه
فعلن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
سنڌي
معنى
|
جديد
صورت
|
پراڻي انگريزي
|
هڪ امڪاني صورت
(چڪاس جوڳي)
|
ڳائڻ، ٻولڻ
|
= to sing
|
Singan
|
سينڍڻ، سينڍ
وڄائڻ
|
ڦوڪ ڏيڻ، ڦوڪڻ
|
= to puff
|
Pyffan
|
ٻَڦڻ،
ٻَڦ ٻڦ ڪرڻ
|
ڏيڻ
|
= to give
|
Giefan
|
ڏيئڻ، ڏيڻ/ڏِئڻ
|
چُمڻ
|
= to kiss
|
Cyssan
|
کينسڻ
|
وهنجڻ
|
= to bath
|
Bapian
|
ڌاتڻ، ڌاوڻ/ڌائڻ
|
ٿڌو ڪرڻ
|
= to cool
|
Celan
|
ـــــــــــ
|
چونڊڻ
|
= to choose
|
Ceosan
|
چَسڻ
(جيڪا چَس ڏئي)
|
وڙهڻ = to
quarel, to chide
|
Cidan
|
ڪِڏڻ، ڪيڏڻ، ڪيڏارو (ع. ’ڪيد‘)
|
|
چوڻ
|
= to say
|
Seegan
|
ـــــــــــ
|
ٿورو مڃڻ
|
= to thank
|
Pancian
|
ـــــــــــ
|
ورهائڻ
|
= to divide
|
Daelan
|
ڏَلِڻ، ڏَرڻ
|
کارائڻ
|
= to feed
|
Fedan
|
ـــــــــــ
|
ڳالهائڻ = to
speak, to say
|
Sprecan
|
ـــــــــــ
|
|
سڌ رکڻ
|
= to wish
|
Wesan
|
وسهڻ،
ويساهه ڪرڻ
|
(سزا) ڏيڻ
|
= to inflict
|
Nellan
|
نيلڻ، نيل هڻڻ
|
نِئڻ
|
= to take
|
Niman
|
نيئڻ/نِئڻ
|
ڄاڻڻ
|
= to wit
|
Witan
|
ويچارڻ/وِچارن
|
هتي ليکڪ واجبي طرح اهو سوال پڇي سگھڻ جي
حيثيت ۾ آهي ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو پراڻي انگريزي جي اسم مصدر صورت سنسڪرت
سان ويجھڙائي رکڻ بدران سنڌيءَ سان وڌيڪ ويجھي مائٽي رکي ٿي؟ ڇا ڀيرومل جن هتي اهو
چوڻ پسند ڪن ها ته سنسڪرت جي مذڪر واحد اسم صورت کي سنڌيءَ جيان انگريزيءَ به
پنهنجي اسم مصدر صورت بنايو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻه ٻوليون، جن جي وچ ۾ لاڳاپي
بابت تاريخ ڪا به شاهدي نه ٿي ڏئي ۽ هڪ ٻئي کان لڳ ڀڳ ڇهه هزار ميل پرانهن ڏيهن جي
سماج ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي هڪ ئي اسمي صورت کي پاڻ وٽ هڪ جهڙي
صورت ۾ بدلائي رائج ڪن؟ ليکڪ جيڪڏهن ايئن چوي ته انهيءَ حوالي سان سنڌي ۽ پراڻي
انگريزي جي وچ ۾ هڪ وياڪرڻي مائٽيءَ جي سڌ پوي ٿي، ته ڪيئن غلط سڏبو؟
ماءُ ۽ پيءُ:
ليکڪ سمجھي ٿو ته هاڻي اهو پس منظر هڪ حد
تائن چٽو ٿي آيو آهي، جنهن کي نظرن آڏو رکندي سمراٽ صاحب جن پاران ڪيل تنقيد کي
مناسب نموني ڇنڊڇاڻ هيٺ آڻي سگهجي.
’ماءُ‘ ۽ ’ڌيءُ‘ جي حوالي سان اڳ آندل
سمراٽ صاحب جن جي مثال کي ياد ڪيو.
ڪو، جيڪڏهن ڪن بنيادن تي ايئن وسهي ٿو ته
سنڌي ٻولي يا ڪا ٻي ٻولي، جيئن پراڪرت، سنسڪرت جي ماءُ آهي ته پوءِ خود سمراٽ صاحب
جن پاران اٿاريل اعتراض/سوال جو جواب سڌيءَ طرح اهو ٿيندو ته سنسڪرت جيئن ته ڪنهن
نه ڪنهن جي ڄائي آهي، تنهنڪري ان ۾ سندس ابي امڙ جا (جيڪڏهن ابو امان اتي ڪم آڻڻ
درست هجي ته) مهانڊا اوس نظر ايندا، ۽ سنسڪرت ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي ڀيٽ
۾ سنڌيءَ جا مهانڊا وڌيڪ نمايان آهن ته پڪ ئي ان کي سنڌيءَ جي ڌيءُ مڃڻو پوندو، ۽
جي ڌيءُ جو جوڀن به هجي، نقش و نگار به چٽا هجن، سورنهن سينگار ڪرائي ويتر جو کيس
محلن جي راڻي بنائي عقيدن سان سلهاڙيل پوتر ديويءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو هجي ته هر
هڪ پنهنجيءَ سرنديءَ سارو انهيءَ تي پيو اول گھول ٿيندو.
’سمڪيل‘ ٻوليءَ کي عالمن، اڪابرن، رشين،
منين ۽ حاڪمن جي قوت ۽ پٺڀرائي مليل هئي، اڃا به ايئن چئجي ته انهن جي ثقافتي ۽
سماجي برتريءَ لاءِ ’سمڪيل‘ ٻولي ئي وڌيڪ سونهي پئي، عقيدي جي اظهار ۽ ڪرياڪرم جي
ورجاءَ ان کي پوتر درجو عطا ڪري رکيو هو، ويتر جو لکت ۾ اچي وئي ته ان جو محفوظ
رهجي وڃڻ اڻٽر هو.
’سمڪيل‘ ٻولي اڄ ’مُئل‘ ٻولي آهي، ان کي
ڪو به عوامي گروهه ۽ سماج پنهنجي مادري ٻوليءَ طور ۽ عام رواجي طرح نه ٿو ڳالهائي.
اسان جي اپکنڊ ۾ اچي ٻوليءَ تي به تحقيق ڪندڙ پهرين يورپي عالمن محفوظ رهجي ويل
سنسڪرت کي جڏهن اڀياس هيٺ آندو تڏهن اهو ڏسي حيران رهجي ويا ته يورپ جي گھڻين
ٻولين ۽ سنسڪرت ۾ هڪ قسم جو گهرو ناتو موجود آهي ۽ سنسڪرت هڪ قديم ٻولي به آهي
(عقيدي موجب آدجڳاد کان موجود هئي). هتي جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺو ويو ته ڪي ئي اهڙا
وياڪرڻي گڻ ۽ ٻولن جو ذخيرو موجود هئا، جن جو ڏس پتو سنسڪرت ۾ مليو پئي (۽ جي نه
پئي مليو ته به مختلف ’عالمانه‘ توجيهن وسيلي ملايو ويو).
مهين شهر (موهن جي دڙي) ۾ مليل مهرن جو
واسطو ڪهڙي ٻوليءَ سان آهي، اڄ به هڪ راز بنيل آهي. مختلف عالمن مختلف ڏس پتا ڏنا
آهن پر پڪي ڳالهه ڪا به ناهي ۽ سمورا عالم، ڏيهي توڙي پرڏيهي، رڳو ان هڪ نُڪتي تي
متفق آهن ته جيستائين انهن مهرن تي موجود لکت کي حل (Decipher) نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين هتي جي ڪنهن قديم
ٻوليءَ بابت ڪجهه به چوڻ عبث آهي.
هاڻوڪي سنڌي ٻولي تحرير ۾ ڄڻڪ ڪالهه آئي
آهي، توڙي جو ان جي ٻولن جي وجود جو ڏس بهرحال هڪ جھوني جڳ تائين پڪ سان ملي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي مذهبي ٺيڪيداريءَ جي حيثيت جو ڪو به ڏس پتو نه ٿو ملي، نه ان کي
حاڪمن جي پُٺ ملي، نه وري ٻاون ٻانڀڻن ۽ رشين منين پنهنجي ڌرمي ڪرياڪرم ۽
فلاسافيڪل عقيدي جي صورت ۾ رائج ڪيو، اها ڄڻڪ آدجڳاد کان محڪوم ۽ ماريل، باندي ۽
پانڌي عوام جي ٻولي رهندي آئي آهي، ۽ ان هوندي به بي مثال پختگيءَ سان موجود آهي.
فرض ڪريو ته صورتحال ابتڙ هجي يعني سنڌي
ٻوليءَ جون قديم لکيتون موجود هجن ها، ڌرمي عقيدن، ڪرياڪرمن، ڀڄنن، ناٽڪن ۽
حاڪماڻين فلسفيانه تعليمن جي اظهار جو وسيلو به هجي ها، ديوتائن/خدائن جي ٻولي به
اها ئي هجي ها ۽ ٽيهه چاليهه صدين کان نسل در نسل انسان جو اولاد ان ۾ ۽ ان جا ڳيچ
ڳائيندو آيو هجي ها ۽ ڪالهه ۽ اڄ جڏهن جديد تحقيق ۽ اڀياس هيٺ اچي ها، يورپ ۽
ايشيا جي مختلف ٻولين ۾ ان جا آثار نظر اچن ها ۽ اهو به ڏٺو وڃي ها ته خصوصاً ]ٻ، ڏ، ڄ، ڃ، ڱ، ڻ[ وغيره جهڙن آوازن کي ٻين ٻولين
/ب، بب، بر، پر، ور، پ، و، د، ڊ، ڊر، ڌر، ج، نج، نگ، گ، ن/ وغيره بدلايو آهي، تڏهن
بلڪل فطري، منطقي، علمي، اصولي ۽ وياڪرڻي طرح ثابت ڪري سگهجي ها ته اصلوڪي/بڻائتي
ٻوليءَ کي ’سمڪري‘ جيڪا ٻولي وجود ۾ آئي ان کي اڳتي هلي ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو.
ڄائي به هجي، اجاريل ۽ سنواريل به هجي ۽
منجهس سنڌيءَ جا ڪيترائي گڻ به موجود هجن، پوءِ ڇا چئبو؟
انهيءَ حالت ۾ سمراٽ صاحب جن جي اٿاريل
اعتراض جي حيثيت ڇا هجي ها!؟
هڪ ڳالهه ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته:
هڪ ٻولي لوڪ جي ٻولي آهي ۽ ٻي مخصوص مفاد
رکندڙ حاڪم ٽولي جي، لوڪ جي ٻوليءَ کي مخصوص ايراضيءَ ۾ سوين ورهين جو تاريخي پس
منظر مليل آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻوليءَ کي گھٽ ۾ گھٽ، ان ايراضيءَ ۾ اڳوڻيءَ جي
ڀيٽ ۾ اک-ڇنڀ جيترو عرصو مس گذريو آهي، لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي پنهنجي فطري سماجي
ماحول موجب ڳالهائيندو رهي ٿو، جڏهن ته گروهه جو پورو ڌيان پنهنجي ٻوليءَ جي
بچاءَ، سينگار، واڌ ۽ ويجھ ۽ سار سنڀال تي سيڙيل آهي، ڇو ته سندس سماجي، معاشي،
سياسي، نفسياتي ۽ ڌرمي مفاد ئي ان ۾ لڪل آهي ته سندس ٻولي وس آهر حاڪماڻي حيثيت ۾
رهي، لوڪ هڪ کان ويندي، ٻن ٽن تان ٿيندي سَتن سُرن تائين پنهنجي ٻولي ۽ لوڪ گيت
ڳائيندو ۽ جھومندو رهي ٿو. جڏهن ته گروهه کي اها پريشاني ته پنهنجين رچائن کي
سريلو ۽ جھومَ لائق بنائي سگھي. هڪ ٻوليءَ، لوڪ جي ٻوليءَ بابت اهڙو ڪو پڪو پختو
ثبوت موجود ناهي جو اڻٽر نموني پڪ سان چئي سگھجي ته اها ڪا قديم ٻولي ناهي، جڏهن
ته ٻيءَ ٻوليءَ بابت پڪا پختا ثبوت موجود آهن ته اها اصلوڪي/بڻائتي ٻولي ناهي ۽
’چڱي ڪيل‘، ’اجاريل‘ ۽ ’سنواريل‘ ٻولي آهي. لوڪ جي ٻولي ناموافق حالتن باوجود اڄ
به پوريءَ قوت سان جيئري ۽ وڌندڙ آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻولي ’موافق‘ حالتن باوجود
اڄ عملي طرح مري چڪي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڇو اهو ويساهه ڪجي ته لوڪ جي وسيع ٻولي،
پوءِ ڪاهي آيل گروهه جي محدود ڪيل ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي؟
قديم ٻولي:
سمراٽ صاحب جن هڪ نڪتو اهو به اٿاريو آهي
ته:
·
ٻڌائيندو ليکڪ مهاشيه }سراج صاحب{ دنيا جي ڪا به
اهڙي قديم ٻولي جنهن ۾ ان ’نهايت قديم‘ سنڌي جا 2-3 لفظ موجود هجن؟ پاڻ فقط پنجن
ٻولين جا مثال ٻڌائي سگهي ٿو، نه ته کيس پنجن نه پر پنجاهه ٻولين ۾ سنسڪرت جا 2-3
نه پر سوين لفظ ثابت ڪري ڏيکاري سگھجن ٿا. فقط اهو ئي دليل ڪافي ٿيندو جو هو صاحب
ثابت ڪري ڏيکاري ته سنڌي سچ پچ ڪا قديم ترين زبان آهي. (]1995[ 23، ڪالم-1)
سمراٽ صاحب جن ته ٻه ٽي نه پر سوين ٻول
ڏيکاري سگھن ٿا پر ان جي ڪهڙي ثابتي آهي ته اهي ’سنسڪرت‘ جا ئي ٻول آهن ۽ ان
ٻوليءَ جا ناهن جنهن کي ’سم ڪيو‘ ويو هو؟
مٿئين ٽڪري ۾ ٻه ڳالهيون ڪيل آهن، هڪ ته،
دنيا جي مختلف ٻولين ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ جا ٻول ڏيکارجن ۽ ٻي ته، سنڌي ٻولي سچ پچ
ڪا قديم زبان آهي!
اها پوئين عجوبئه ذهانت ڳالهه هاڻي ته پڪ
ئي مدي خارج ٿي وئي آهي. ان ڳالهه جو پايو شايد انهن ’نظرين‘ تي بيٺل آهي جن موجب
جديد سنڌيءَ جي ابتدا 11-صدي عيسوي ۾ ٿي، اها ڪنهن اپڀرنش مان نڪتل آهي ۽ اِها
سنڌي اُها سنڌي ناهي جيڪا ’سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي‘ جي زمري ۾ آڻي سگھجي!
ليکڪ حيران آهي ته ڇا هاڻي سمراٽ صاحب جن
جهڙي پائي جي عالمن کي به اهي ڳالهيون (سمجھاڻيون ته نه چوڻ گھرجي) ٻڌائڻيون
پونديون، اڃا به ايئن چئجي ته ورجائي ٻڌائڻيون پونديون ته سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي
آهي، گھٽ ۾ گھٽ، ويدڪ سنسڪرت کان وڌيڪ قديم. ڇو ته رگ ويد لکجڻ کان به اڳ ’سنڌ‘ ۽
’سنڌو‘ پڪ سان موجود هئا (۽ ’هند‘ ۽ ’هندو‘ ۽ ’اِنڊ‘ ۽ ’اِنڊو‘ ٻولن اڃا وجود نه
ورتو هو) ۽ ويدڪ شُرتين جي منترن کي رچائُن جي صورت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سماج ۽ لوڪ جي
گيتن کان سُرَ ۽ تال وٺي منجھن وزن پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ويندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن به انهيءَ راءِ جا
آهن ته (جديد) سنڌيءَ جو بنياد 11-صدي عيسوي ڌاري پيو. پاڻ پنهنجي هڪ تحقيقي ڪتاب سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ]1990[ ۾ ٻڌايو اٿئون ته البيروني جي ڪتاب الصيدنه لکجڻ مهل
(51/1050ع) سنڌي ٻولي ايڏي ته اسريل هئي جو
عربي، يوناني ۽ هنديءَ جا ٻول ڄاڻائڻ سان
گڏوگڏ خصوصي گھرج محسوس ڪئي وئي ته انهن شين/وکرن جا سنڌي نالا به ڏنا وڃن.
۽ اها هڪ ئي شاهدي ان راءِ کي رد ڪرڻ جو پختو دليل آهي.
سنڌيءَ، جيڪڏهن، 11-صديءَ ۾ پنهنجو
هاڻوڪو روپ ورتو ته ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ دراوڙن جا ٻول ان تائين ڪيئن پهتا؟ ڇا
اهي ٻه ٽي هزار ورهيه انتظار ڪندا رهيا ته 11-صديءَ ۾ سنڌي ٻولي ٺهندي ته ان ۾ هلي
جذب ٿيندا!؟
اهي عالم جيڪي سنڌيءَ کي سنسڪرت مان
اسريل چون ٿا، انهن مان به گھڻا اهو چون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي نه ڪي خصوصي گڻ
موجود آهن، جيڪي سنسڪرت ۾، بهرحال، موجود ناهن.
·
... ’ٿورو‘ معنى احسان يا ڀلائي، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ستوَڪ (stavaka) آهي، ۽ اصل معنى اٿس ’ساک يا
ساراهه...‘ اهو ستوَڪَ لفظ اول بگڙجي ٿيو ’ٿوڪ‘ }ٿوَڪَ؟{،
۽ پوءِ ’ڪ‘ حذف ٿيو ته باقي بچيو ’ٿو‘ }ٿَوَ{، تنهن جي پٺيان
’رو‘ پڇاڙي (suffix) گڏي چئون
’ٿورو‘. (ڀيرومل ]1972[ 173-172)
جامع سنڌي
لغات ۾ پڻ ’ٿورو‘ جو ڌاتو ’ستوَڪَ‘ ڄاڻايل نظر اچي ٿو.
هوندو!
پر صاف ظاهر آهي ته اهڙي تبديلي ٻڌائڻ
لاءِ لفظ جي اکرن کي ڏٺو ويو آهي، ٻول جي آوازن کي نه، جي آوازن جي بنياد تي
انهيءَ وضاحت کي قبول به ڪجي ته سنڌي ٻول ’ٿوَرو‘ =] ٿ + اَ + و + اَ + ر + او[ هئڻ گھرجي ها، نه ڪي ’ٿورو‘ =] ٿ + او + ر +
او[.
چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ سنسڪرت جي
’پتار سُوسري‘ کي ’پڦي‘، ’ماتر سُوسري‘ کي ’ماسي‘، ’ڀڳني پتي‘ کي ’ڀيڻويو‘، ’شيت
ڪال‘ کي ’سيارو‘ ۽ ’اَشند ڪال‘ کي ’اونهارو‘ ڪيو آهي. (ڀيرومل ]1972[ 171)
ايئن به هوندو!
هونئن ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ سخت ناواجبي
ڪئي آهي، جنهن سنڌ جي ايراضيءَ ۾ سنسڪرت ۽ پالي صاف سٿري، معياري ۽ ٺيٺ انداز ۾
ڳالهيون وينديون هيون ۽ اتي جي پڙهيل جو اُچار سَند ڪري سمجھيو ويندو هو، جنهن
سنڌيءَ پالي، پراڪرت توڙي سنسڪرت جون نسبتاً وڌيڪ خوبيون اڄ ڏينهن تائين نسبتاً
بهتر انداز ۾ سانڍي رکيون آهن، جنهن سماج ۾ اڄ به سوين ڌراوڙ ۽ سنسڪرت ٻول، يوناني
۽ ترڪي ٻول، عربي ۽ فارسي ٻول وغيره هڪ حد تائين درست نموني سانڍي رکيا ويا آهن،
اتي ’پتار سُوسري‘ کي ’پڦي‘ ۽ ’ماتر سُوسري‘ کي ’ماسي‘ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي!
’ماسي‘ جي بدران ’ماڦي‘ يا ’پڦي‘ جي بدران ’پُسي‘ ۽ اهڙي طرح ’ماسڙ‘ بدران ’ماڦڙ‘
يا پڦڙ‘ بدران ’پُسڙ‘ ڪيو ويو هجي ها ته، ڪجهه ته قاعدن جي ڳالهه محسوس ٿئي ها!
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي شڪ اڄ خارج از
بحث موضوع آهي، ليکڪ ٻيو به ڪجهه نه ٿو پڇڻ چاهي، بس رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ته:
1.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽين ضميري پڇاڙين ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو وجود ورتو؟
2.
سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل اڪر ترڪ ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو وجود ورتو؟
3.
جنهن کي ’زمان مضارع‘ چيو وڃي ٿو، اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ درحقيقت ڪيئن آهي؟
مُلڪو دليل:
سمراٽ صاحب جن بائيبل ۽ قرآن مجيد مان ٻه
آيتون آڻي ٻڌايو آهي ته اصل ۾ انسانذات هڪ ئي قوم (امت) هئي ۽ ان جي ٻولي به هڪ ئي
هئي ۽ اها ئي آهي دنيا جي قديم قوم ۽ ان جي مقدس زبان. نالو اختيار ۾ آهي چاهي
ڪجهه به رکوس. (]1995[ 23، ڪالم-1)
”نالو اختيار ۾ آهي چاهي ڪجھ به رکوس“
چئي سمراٽ صاحب جن پنهنجي آندل دليل کي پاڻ ئي رد ڏنو آهي.
اصل ۾ اهو ڪنهن به طرح ڪو عالمانه دليل
آهي ئي ڪو نه. پنهنجي ڳالهه ان نموني بيان ڪري سمراٽ صاحب جن هڪ
مُلي/ٻائي/پنڊت/پادري وارو ڪم ڪيو آهي، يعني ماڻهو جيئن ته عقيدي خلاف ڳالهائڻ
پسند نه ڪندو يا اهڙي جرئت نه ڪندو ان ڪري ’دليل‘ پنهنجو ڪم ڪري ويندو. جڏهن ته
پاڻ سمراٽ صاحب جن به پڪ ئي ڄاڻندا هوندا ته اڄوڪي تحقيق ۾ حقيقتون، شاهديون ۽
دليل ڪم ڪندا آهن، عقيدو نه.
انهن ئي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ جيڪا ٻولي
دنيا جي قديم ترين ٻولي ثابت ٿئي، ڇا سمراٽ صاحب جن ان کي قوم (امت) جي اولين،
آڳاٽي ۽ قديم ترين ٻولي مڃيندا؟
ظاهر آهي ته ’نه!‘، ڇو ته جي ايئن هجي ها
ته نالو کڻي ٻڌائين ها، ايئن نه چون ها ته ”نالو اختيار ۾ آهي، ڪجھ به رکوس.“
ٻول جي/۾ ڦيرڦار:
ٻوليون ۽ ٻول اسرن، تبديل ٿين ۽ موافق
حالتن ۾ وڌن ويجھن ۽ گھڻ-روپا ٿين ٿيون/ٿا. جنهن ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ متحرڪ سماج
جو جيئرو ماڻهو نه هوندو، اها ٻولي مري ويندي.
·
پري نه وڃو. شاهه عبداللطيفُ جا ٻولي پنهنجي زماني ۾ سمجھندو ۽ ڳائيندو هو سا
ئي منظوم ڪيائين نه؟ پوءِ گھڻا آهن جيڪي شاهه جي ٻوليءَ کي سمجھي ٿا سگھن؟ هڪ
سمجھدار ۽ پڙهيل سنڌي به شاهه جو رسالو پوريءَ معنى سان اڄ نه ٿو سمجھي سگھي.
ڇو؟... گھڻا انگريز آهن جي شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ٻولي سمجھي سگھن ٿا؟ (سمراٽ ]1995[ 23، ڪالم 2-1)
·
...
هاڻ ان طرح جي لفظ گسندا، بگڙندا، ٺهندا، وڌندا، ڄمندا، مرندا رهندا ته ٻولي ڪيئن
قائم رهي سگھندي؟... جڏهن ڪجھ صدين جي ٻولين جو اهو حشر آهي ته پوءِ يار ڪهڙي آڌار
تي ويٺا آهيو موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي اڄ جي سنڌيءَ سان ڀيٽڻ! (ايضاً، ص-23،
ڪالم-1)
·
...
ٻوليءَ تي ڪهڙو ڀروسو! ٻارهين ڪوهين ٻي. ان لاءِ هوڏ ڪري ايئن چوڻ ته صدين کان اڳي
سالم رهندي اچي ته اها فقط خوش فهمي ٿيندي. (ايضاً، ص-24، ڪالم-2)
ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻڪ ڪو صنعتڪار پيو پڇي
ته اي لسانيات جا ڄاڻوئو! هي جو اوهان ٻوليءَ ۽ ٻولين جي بڻ بنياد بابت (يا آثار
قديمه بابت) ويٺا تحقيقون ڪريو، زبدگيون ڳاريو ۽ نور نچوئيو، سو ڇو؟ ان جو ڪهڙو
فائدو؟...
سمجھو ڪري ته ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو ڪونهي
جيڪو شاهه لطيف يا شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ڳالهايل ڪنهن هڪ به لفظ جي معنى سمجھندو
هجي. ان جو مطلب اهو آهي ڇا ته شاهه لطيف جي ٻولي سنڌي نه هئي ۽ شيڪسپيئر جي ٻولي
انگريزي نه هئي؟
ماهر جڏهن مئل ٻوليون، جن جو هڪ به
ڳالهائيندڙ موجود ناهي، پڙهيو وڃن، تڏهن ڇو هڪ جيئري ٻوليءَ جا ٻول ۽ انهن جون
معنائون سمجھي نه سگھندا!؟
هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته هڪ فرد سڄو
سماج ناهي، هزارين يا لکين فردن جي ميڙ کي، جيڪو ڪن مخصوص ناتن ۾ جڙيل ٿئي ٿو،
سماج سڏجي ٿو، ان سماج جا سوين شعبا ٿين ٿا، هر هڪ شعبي ۾ ڪم ايندڙ مخصوص ٻولن جي
هڪ حد، لسانياتي حد ٿئي ٿي. ضروري ناهي ته هڪ شعبي جا مخصوص ٻول ٻئي ڪنهن مخصوص
شعبي جو ماڻهو پوريءَ طرح سمجھي سگھي پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته اهي هڪ ٻئي جا
عام وهنواري ٻول به سمجھي نه سگھندا.
ٻولي سماج جيتري ڪشادي، گھڻ طرفي ۽ رنگين
ٻول-کاڻ جو نالو آهي جيڪا پنهنجي سماج جون سموريون ذهني توڙي مادي ثقافتي گھرجون
پوريون ڪري ٿي، ۽ فرد ان سماج جو هڪ جز آهي، جيڪو پنهنجي سماج جي ڀيٽ ۾ بهرحال
محدود ٿئي ٿو. ڪو هڪ فرد پنهنجي سماج جي ڪل ٻولي سمجھي سگھي ڄڻڪ ناممڪن آهي پر
سماج پنهنجي هر فرد جي ٻولي سمجھي ٿو. ضروري ناهي ته هڪ هاريءَ جي واتئون ڳالهايل
هر ٻول ڪو صنعتي مزدور يا ان جو ڳالهايل هر ٻول ڪو هاري سمجھي سگھي پر ٻنهي جا
ڳالهايل ٻول سندن ٻوليءَ جي ٻول-کاڻ جو هڪ جز آهي.
اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيترا به ٻول ٻوليا
وڃن ٿا، انهن مان هر هڪ ٻول جي معنى هر هڪ فرد کي نه ايندي پر ان جو مطلب ڪنهن به
طرح اهو ناهي ته اها ٻولي سنڌي نه هوندي.
ٻول يقيناً تبديل ٿين ٿا پر انهن جي
تبديليءَ جي رفتار هروڀرو ايڏي تيز به ناهي جو پنجاهه يا سٺ ورهين کان پوءِ مورڳو
سمجھي نه سگھجي. هيٺ ڪي ٻول ڏجن ٿا اچو ڏسون ته اهي سمجھي سگھون ٿا يا نه.
·
’جِهمَ‘ معنى ترائي يا هيٺاهين. ’جھم پير‘ اڄ به هڪ وسنديءَ جو نالو آهي.
·
’مَتو‘ معنى جيڪو مت رکندڙ هجي يا متل هجي. ’ڪُورَ متل‘ اڄ به هڪ واهه جو نالو
آهي.
·
’وَسايو‘
معنى وسيل، وَس يا آباديءَ وارو. ’اللھ وسايو‘ اڄ به هڪ فرد جو نالو آهي.
·
’ڍول‘
اڄ به ڪنهن پياري ماڻهوءَ کي چوندا آهيون - ڍولا مارو منهنجا، پرچن شال پنهوار.
·
’پُر‘
(پور) معنى ڀريل يا ڳتيل، جتي ڪنهن شيءِ جي ججھائي هجي. شڪارپور ۽ شهدادپور اڄ به
ڪن شهرن جا نالا آهن.
·
’ڪوٽ‘
معنى ڍڪڻ، ويڙهڻ، بند ڪرڻ، جھل ڏيڻ يا جنهن وسيلي اهي ڄاڻايل ڪم ڪيا وڃن. رني ڪوٽ،
ڪوٽ ڏيجي ۽ شهدادڪوٽ کان ڪير واقف ناهي؟
·
’سونهن‘
جي هڪ معنى خوبصورتي به آهي. ’سونهن‘ ۽ ’سونهندي‘ اڄ به ڪن عورتن جا نالا آهن.
·
لاکا، لوهاڻا، سهتا، جَت، ڀَٽي ۽ هالا ۽ چچ پور ۽ نيرون ڪوٽ مان ڪجهه نالن جي
معنى ممڪن آهي ته اڄ اسان کي نه اچي پر انهن ٻولن کان نه رڳو واقف آهيون پر ايئن
جو ايئن ڳالهائيندا رهون ٿا.
ڇا ڪو ڀروسو ڪندو ته اهي نالا ايئن جو
ايئن اڄ کان ڪي 12-سؤ ورهه اڳ به ڳالهايا ويندا ۽ سنڌي سماج جو جز هئا؟ ۽ اهي نالا
هڪ اهڙيءَ الفابيٽ ۾ لکيا ويا جيڪا سمورن سنڌي آوازن کي درست نموني ظاهر نه ٿي ڪري
سگھي!؟
اهي نالا چچنامي ۾ آندل آهن.
اچو ڪن ٻين ٻولن ۽ انهن جي معنى ۽ مفهوم
کي ساريون:
ڇُري، ڪَنُ، نَڪ، ٿان (ٿانءُ)، تَتو
(ڪوسو)، ماس، رَت، ميل (مير)، چورُ، اُوچو، سَت، پَٽ (ريشم)، مڙس، مارُو (ماڙهو،
ماڻهو)، جَوَ وغيره.
اهي ٻول جِپسي ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا،
جن کي اڄ ڪلهه به عام طرح ’يورپ جا رولُو ماڻهو‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ قديم سنڌ واري وسيع
ايراضيءَ مان ڀانئجي ٿو ته 6 سؤ - 8 سؤ ورهه قبل مسيح ڌاري لڏي وڃي ڪاري (Black) سمنڊ جي ڪناري تائين پهچي ويل
’سنڌي وڻجارا‘ هوندا يعني انهن ٻولن ۽ ٻوليندڙن کي سنڌ جي ڌرتيءَ کان ڌار ٿئي لڳ
ڀڳ 3-هزار ورهه ٿي چڪا آهن! ڇهه هزار ميلن کان وڌيڪ وٿي، ٽي-هزار ورهه کن وقت جو
مدو ۽ ماحول مورڳو اوپرو، پر ڪهڙو عام سنڌي هوندو جو انهن ٻولن جو مطلب نه ٻڌائي
سگھي؟
ڪن به ٻن ٻولين ۾ ايڏي هڪ جَھِڙائي محض
اتفاقي ٿي نه ٿي سگھي.
ٻولين جا ٻول يقيناً تبديل ٿين ٿا، ۽ ترت
به ٿين ٿا پر هر حالت ۾ سڀ جو سڀ نه. ڪي بلڪل هوري تبديل ٿين ٿا ۽ ڪي جَهِڙوڪر نه.
·
... سنڌي ٻوليءَ تي جيتوڻيڪ ٻاهريون اثر به ٿيو آهي، پر ان هوندي به ان جي
ساخت ۽ سٽاءَ ۾ ڪا به ڦيرگھير نه آئي آهي...
ان ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌي ٻولي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
ساڳي آهي. وقت گذرڻ ۽ ڌارئين اثر هيٺ، اها ڪي قدر بدليل ڏسجي ٿي پر ايتري ڦيرگھير
نه آهي جيتري برصغير جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺي وئي آهي. (ممتاز پٺاڻ ]1971[)
·
سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي اکرن، لفظن ۽ جملن کي پنهنجي جسم ۾ جذب ڪرڻ جي
اصل ڏات مليل آهي جيڪا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ کي ورلي حاصل آهي. (سمون ]1977[)
سنڌي ۽ دراوڙي ۾ ڪي ئي هڪ جھڙا ٻول موجود
آهن جن جو سنسڪرت ۾ پتو به نه ٿو ملي. اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو؟ جڏهن ته ويدڪ آرين
کان پوءِ سنڌ ۾ دراوڙن جي گهري سماجي حڪمراني ۽ ميل جول جو پتو به نه ٿو ملي!
دراوڙ ڀُونچ (Mediterranean) سمنڊ کان آيا يا ڏکڻ ڀارت کان، پر ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته سنڌي ويدڪ آرين کان اڳ پهتل هئا ۽ هتي جي سماج جو حصو ٿي چڪا هئا. ويدڪ
آرين کان پوءِ سنڌ ۾ دراوڙن جي آمد/ڪاهه/راڄ جو ڪو مثال موجود ڪونهي. ٻڌائيندا
سمراٽ صاحب جن ته سنڌي ٻوليءَ ۾، جيڪڏهن اها قديم/آڳاٽي/جھوني ۽ ڪهني ٻولي ناهي
ته، دراوڙ ٻول ڪيئن پهتا؟
·
سنڌ مان سمنڊ هتي پري ٿيو ته جن لوڪن اهي وارياسا پٽ اچي وسايا تن مان قديم ۾
قديم لوڪ هاڻوڪن ڪولن، سنٿالن ۽ ڀيلن وغيره جا ابا ڏاڏا هئا... ڪول، سنٿال، ڀيل
وغيره اڳي جڏهن سنڌ سميت سڄي اتر هندستان ۾ رهندا هئا، تڏهن سنڌ ۾ جيڪا ٻولي چالو
هئي، سا هن وقت وچ-هندستان ۾، ڇوٽا ناگپور طرف ڪول ۽ سنٿال ڳالهائين ٿا. (ڀيرومل ]1972[ 10 ۽ 11)
... }ڀيرومل جن هتي ’ڪولن جي ٻوليءَ جا سنڌيءَ ۾ نشان‘ ڄاڻائيندي
اڳتي لکن ٿا{
·
...ڪولن ۽ منڊ لوڪن جي ٻولين جا ٻيا به ڪي نشان سنڌيءَ ۾ هوندا ته عجب ڪونهي.
(ايضاً، ص-15)
... هن مان
سمجھجي ٿو ته دراوڙن جي ڪاهه ٿيڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا
هئا.
ڀيرومل جن هتي اي هسٽري آف انڊيا، ص-13
تان انگريزي ۾ حوالو آندو آهي جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
·
ايئن ٿيو هوندو ته ٻه قومون/نسل (Races)
يعني ڪولرَين (Kolarians) ۽ دراوڙ (Dravidians) هڪ ٻئي جا پاڙيسري ٿي رهيا
هوندا، ۽ اهو ئي نظريو اڄ ڪلهه عمومي طرح قبول ڪيو وڃي ٿو، يا ايئن به ٿي سگھي ٿو
ته هن ڏيهه ۾ ڪولرَين اڳ ۾ اچي رهيا هجن ۽ دراوڙ پوءِ، اتر يا اولهه کان انهن
ڏينهنِ ۾ آيا هجن جڏهن آسٽريليا جي رخ ۾ پکڙيل انڊيا جو اهو زمين ٽڪرو سمنڊ هيٺ
اچي ويو هجي.
·
مٿين ڪجهه حوالن مان پڌرو آهي ته دراوڙ ۽ ڪولرَين ٻه جداريون قومون آهن ۽ موهن
جي دڙي توڙي سنڌو ماٿر جا اصل پهريان آباد ڪندڙ به صرف ڪول، سنٿال ۽ ڀيل آهن جن کي
ڪولرين قوم سڏجي ٿو. سندن سنئون سڌو واسطو يا سندن خاندان پروٽو-آسٽريلائڊ (Proto-Australiod) آهي. هن جو
زمانو پراڻو پٿر جو دور آهي. دراور قومون ته ڏکڻ هندستاني آهن ۽ ڪول، سنٿال ۽ ڀيل
ماڻهن يعني مقامي ماڻهن مٿان فاتح بنيا، جنهنڪري هنن پنهنجي هر شيءِ کي مقامي
ماڻهن مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻنهي قومن پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهڻ ڪري اڳي کان
وڌيڪ هن خطي کي ترقي وٺرائي ۽ هيءُ وري نئين پٿر وارو دور سڏجي ٿو، جنهن کي اٽڪل
5-هزار ق.م جي تهذيب سڏجي ٿو. (قريشي ]1995[ 7)
تنقيد جو ’معيار‘:
·
بلوچ }ڊاڪٽر
نبي بخش خان{ صاحب جو ته فقط
نظريو غلط هو پر سندس محنت ۽ ڏنل حوالا نهايت قيمتي ۽ وزندار هئا. برعڪس، هن ڪتاب }سنڌي ٻولي، سراج{
جو نظريو کڻي ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي پر ٻيو سڀ ڪجھ ايترو ڪمزور آهي جو ڄاڻو
ماڻهوءَ جو پڙهندي لطف گھٽجيو وڃي. (سمراٽ ]1995[ 22)
-
حوالا نهايت قيمتي ۽ وزندار ـــــــــ نظريو غلط!
-
ٻيو سڀ ڪجھ ڪمزور ۽ ٻُسو ـــــــــ نظريو هڪ حد تائين درست!
اهو منطق جنهن کي سمجھ ۾ اچي، مهرباني
ڪري، ليکڪ کي سمجھائي.
جن ماڻهن وسهيو پئي ته سج هڪ ديوتا آهي،
ڇا ٿا سمجھو، انهن پنهنجي ان ’نظريي‘ جي وضاحت ۾ جيڪي ’دليل‘ ڏنا هوندا سي ڪي گھٽ
’قيمتي‘ ۽ ’وزندار‘ هوندا؟ ڌرتيءَ تي جيوت ۽ ان جي بقا جو دارومدار سج سان لاڳاپيل
آهي، ان کان سواءِ اوندهه ۽ سيءُ ئي ڌرتيءَ جي ’نصيب‘ ۾ لکجي ويندا... ۽ جن سمجھيو
پئي ته ڌرتي گول ناهي، ڇا ٿا سمجھو، انهن وٽ پنهنجي ’نظريي‘ جي وضاحت لاءِ ڪي
’وزني‘ ۽ ’قيمتي‘ ’دليل‘ ڪو نه هئا؟
۽ جن چيو پئي ته سج ڪو ديوتا ناهي، ’باهه
جو گولو‘ آهي يا ڌرتي هڪ گولو آهي ۽ پنهنجيءَ سَرائي (axis، محوَر) ۾ سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي، انهن
جا دليل هالو چالو سمجھ موجب ڇا (ٻُسا ۽ ڪمزور ته ڇڏيو) واجب القتل نه هئا؟
·
ڀلا ههڙي نازڪ، عالماڻي ۽ بلڪل خشڪ موضوع لاءِ خسيس پنج سال به ڪو عرصو آهي؟
...دوست }سراج{ فقط پنج سال ڪجھ ڪتاب پڙهي ههڙي
عالماڻي مضمون تي جيڪي لکندو ان کي ڪهڙو وزن ٿي سگھندو؟ (سمراٽ ]1995[)
’ڀلا ههڙي، نازڪ، عالماڻي ۽ بلڪل خشڪ
موضوع‘ لاءِ گھڻا سال ۽ گھڻا ڪتاب پڙهجن جو ان ۾ ’وزن‘ پيدا ٿي سگھي؟
ضروري ناهي ته هڪ موضوع ڪنهن هڪ لاءِ
’بلڪل خشڪ‘ هجي ته ڪنهن ٻئي لاءِ به صورتحال ايئن ئي رهي، باقي جيستائين تعلق آهي
موضوع جو، ته تحقيق جي دنيا ۾ هر موضوع نازڪ ۽ عالماڻو ٿئي ٿو. ليکڪ نه ٿو ڄاڻي ته
’وزندار‘ لکڻيءَ لاءِ گھڻا سال ۽ ڪيترا ڪتاب پڙهڻ جو شرط رکيل آهي، پر اهو ڄاڻي ٿو
ته ڪي ماڻهو 28-ورهين جي عمر ۾ ئي پِي ايڇ ڊي (Ph.D) ڪري وٺن ٿا ۽ ڪي آهن جو ستر ورهين ۾ به
جھڙوڪر ٻار؛ ڪن ماڻهن پنهنجين سڄين ڄمارن ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو پر ڪي آهن
جن 25-ورهين ۾ ئي دنيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ليکڪ نه ٿو سمجھي ته ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءَ
جو تعلق ورهين ۽ پوٿين جي ڳڻپ سان آهي.
·
مان اٽڪل 25 سالن کان دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪندو پئي رهيو آهيان جو منهنجو
ذوق آهي ۽ گذريل پنجن سالن کان ’موهن جو دڙو‘ جي لپيءَ لاءِ ذخيرو گڏ ڪري رهيو
آهيان ته به گھربل ميزان ٽنگ کنيو بيٺو آهي. (سمراٽ ]1995[ 22)
خبر ناهي ته هيءَ ڳالهه چئي سمراٽ صاحب
جن ڇا ٻڌائڻ گھرن ٿا. تحقيق جي دنيا ۾ ڪنهن هڪ موضوع کي صاف ٿيڻ لاءِ صديون گھربل
هونديون آهن، توڙي جو ان موضوع تي ويچار ڪندي ڪن پنهنجون ڄمارون گذاري ڇڏيون هجن.
اڄ جنهن ڦيٿي يا باهه کي ٺاهي يا ٻاري سگھڻ جو ڪم هڪ ٻار به ڪري سگھي ٿو، اهو ڪم
عمل ۾ اچڻ لاءِ انسان ٿيندڙ ساهواري کي لڳ ڀڳ ڇهه لک ورهه لڳي ويا. وڻ جو ميوو پچڻ
کان پوءِ ڇڻندو ئي رهندو آهي پر نيوٽن کي اتان چرپر جي هڪ قانون کي کوجڻ جي ڪنجي
ملي وئي. آرڪمڊيز چيو هو ته هڪ ڊگھي لٺ ۽ بيهڻ جي جاءِ ڏيو ته ڌرتي کڻي
ڏيکاريانوَ!
ڪنهن هڪ موضوع جي صفائي ڪنهن ٻئي موضوع
جي مونجھاري کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ڪالهه ماڻهوءَ لاءِ چنڊ جي تمنا ڪرڻ هڪ
خواب هو، اڄ مريخ کان اڳتي اڏامڻ جون سوچون پيو ڪري. ياد رکڻ گھرجي ته هر موضوع
جون ڪي اڳ-گھرجون (Pre-requists)
هونديون آهن. هوائي جهاز جو ٺهڻ گذريل صديءَ ۽ ڪمپيوٽر جو ٺهڻ هن صديءَ ۾ ئي ممڪن
هو، اهو ڪم غارن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ آڳاٽو انسان نه پئي ڪري سگھيو. اڄ سڄيءَ دنيا ۾
لکين سائنسدان/سڄاڻڪ موجود آهن پر ڪهڙو راز ڪير ۽ ڪڏهن سَليندو، ڪو به نه ٿو ڄاڻي.
ڊاڪٽر آسڪوپرپولا ۽ سندس ساٿي، ڊاڪٽر نوروزوف ۽ سندس ساٿي وغيره، ليکڪ جي ڄاڻ
موجب، گذريل ٽيهه کن ورهين کان سنڌو لکيت کي پڙهڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽
مامرو حل نه ٿو ٿئي.
سنڌ صدين دَوران ڪانفرنس (1997ع) ۾ آسڪوپرپولا جن به پنهنجو هڪ عالمانه ۽ تحقيقي موضوع
”رِيسينٽ ڊيولپمينٽس اِن دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ“
پڙهيو هو جنهن ۾ ٻڌايائون ته ”... پر ايئن ٿو ڀانئجي ته سنڌو لکيت، جيستائين حقيقي
تصويري خاڪن جو تعلق آهي، گھڻي ڀاڱي خودمختار تخليق آهي.“ اها ئي ڳالهه سراج صاحب
جن 1964ع ۾ ڪئي هئي، جنهن تي تنقيد ڪندي سمراٽ صاحب جن کي اهو مضمون لکڻو پيو آهي
جنهن بابت هن وقت ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهيون.
پنجويهه ورهين جي پورهيي ۽ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪن عالمن
سنڌو مُهرن تي گھڻي کان گھڻي نظر ايندڙ نشان کي ’مڇي‘، دراوڙي ۾ ’مِن‘ (min) پڙهيو آهي ۽ ان کي هڪ وک اڳتي
قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ليکڪ حيران آهي ته ان ساڳي ئي نشان کي سراج
صاحب جن، 1964ع ۾، جڏهن ’مڇي‘ پڙهيو ۽ ’م+حرف علت‘ جو نمائندو سڏيو ته ڇو اها
ڳالهه ساراهڻ بدران کين تنقيد جو نه، ٽوڪ جو نشانو بنايو ويو؟
سمراٽ صاحب جن وٽ پنجن سالن کان پوءِ به
گھربل ميزان ٽنگ کنيو بيٺو آهي ته انهيءَ تي اسان جو وس ناهي.
·
مون محض هڪ طالبعلم جي حيثيت ۾، ٻولين ــــــــ ۽ خاص ڪري ڪُهنين ۽ قديم ٻولين
جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ ٻين مطالعن کان هيءُ اڀياس وڌيڪ دل لڀائيندڙ محسوس ڪيو
اٿم. (سراج ]1964[ 120)
هڪ عالم لاءِ
جيڪو موضوع ’بلڪل خشڪ‘ آهي، اهو ٻئي لاءِ ’دل لڀائيندڙ‘!
ليکڪ کي ڏک اهو به آهي ته جنهن لاءِ جيڪو
موضوع ’دل لڀائيندڙ‘ هو، اهو ان موضوع کي ڄڻڪ ڇڏي چڪو آهي نه ته گذريل ٽيهن ورهين
۾ ضرور ڪي چُڪيون چَکائي ها!
·
سو دوست! هي قيمتي ۽ عالماڻو ڪم فقط بزرگن ۽ عالمن لاءِ ڇڏي ڏيو. ڇوڪراڻو ڪم
ڪونهي جو نوجوان ايئن نباهي ويندو. (سمراٽ ]1995[ 26، ڪالم-3)
ڳالهائڻ جو اهو انداز ممڪن آهي ته ڪن
’عالمن‘ کي ڏاڍو وڻي، ليکڪ رڳو اهو عرض ٿو ڪري ته، وڏڙا آهيو ته وڏڙن واري نظر رکي
پنهنجين ئي راهُن جي پانڌيئڙن کي ايئن نه ڌڪاريو، توهان جو اهو عمل توهان تي سونهي
نه ٿو. توهان ته نوجوانن کي سڏ ڏيو ته تحقيق ۽ تدبر جي هن راهه تي به اچو ته جيئن
توهان کان پوءِ اهي گس گم نه ٿي وڃن.
سراج صاحب جن هن راهه تي رمڻ کان جيڪا
پهلوتهي اختيار ڪئي آهي، ڇا ان ۾ سمراٽ صاحب جن جي ان تنقيد جو به ڪو حصو آهي!؟
·
هت آئون کليل لفظن ۾ اعتراف ڪرڻ گھران ٿو ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي حل ڪرڻ
متعلق مون کي ڪا خوشفهمي نه آهي... منهنجي هن ڪتاب کي به هڪ ڪوشش سمجھڻ گھرجي. عين
ممڪن آهي ته منهنجي ڪوشش به قطعي غلط هجي. ان حالت ۾ اميد ته پڙهندڙ ۽ عالم ان کي
هڪ طالبعلم جي ڪوشش ۽ پيار جو پورهيو سمجھي معاف ڪندا. (سراج ]1964[ پيش لفظ)
ليکڪ جي سَڌ آهي ته، ۽ ان ڪري سراج صاحب
جن کي هڪ گذارش ڪجي ٿي ته جيڪڏهن پنهنجي نڪتهءِ نظر کي درست سمجھو ٿا ۽ ان مان
مطمئن آهيو، ۽ جي نه آهيو ته به، سنڌي ٻولي ڪتاب لکي ٽيهه ورهه گذري چڪا
آهن ۽ تحقيق جي دنيا اڃا گھڻو اڳتي وڌي وئي آهي، ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نڪتهءِ
نظر کي نئون، تازو ۽ توانو ڪريو، جيڪو ۽ جيترو حصو نامناسب يا غلط هجي، ان کي
عالمانه فراخدليءَ سان قبول ڪندي، ڪوري ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪو ۽ جيترو درست هجي ان کي
وڌائي ويجھائي مواڙ ڪريو ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت ٿيندڙ تحقيق اڃا ڪجھ اڳتي
وڌي سگھن ۽ اسان جھڙا انهن راهن جا پانڌيئڙا ۽ موکيءَ جي انهن مَٽن جا هيراڪ
پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح متارو ڪري سگھن.
.....
ليکَلکا
-
آغا خالد سليم: سنڌ ۾ موسيقي، (اردو)، اداره ثقافت پاڪستان اسلام آباد.
1984ع.
-
الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز
حيدرآباد. 1974ع.
-
الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، ڄامشورو. 1987ع.
-
باربر، سي. ايل.: دي اسٽوري آف لئنگئيج، (انگريزي)، پان بُڪس لميٽيڊ
ڪاواءِ پليس، لنڊن. 1982ع.
-
بلوچ، نبي بخش
خان، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو.
1990ع.
-
بورڊِي، جاهن جي.: اين اينقئائري اِنٽو دي گلاٽو-ڪرانالاجي آف سنڌي
فونولاجي (مضمون)، (سنڌ ٿِرو سينچرِيز نالي جوڙيل ڪتاب)، آڪسفورڊ پريس.
1981ع.
-
ٻوهيو، الهداد،
ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1978ع.
-
ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. 1972ع.
-
ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. 1985ع.
-
ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي: قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. 1992ع.
-
پرپولا آسڪو، ڊاڪٽر: ريسينٽ ڊولپمينٽس ان دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ
(مضمون)، (سنڌ ٿِرو سينچرِيز نالي جوڙيل ڪتاب)، آڪسفورڊ پريس. 1981ع.
-
پنهور، ايم. ايڇ.: سنڌ جون ٻوليون (مضمون)، سنڌي ترجمو: محبت ٻرڙو،
ڪينجھر ماهوار حيدرآباد. اپريل 1995ع.
-
رچنداڻي، ليلا
رام ڏيونداس: سنڌي ٻولي، احمد آباد، ڀارت. 1989ع
-
سراج: سنڌي
ٻولي، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد. 1964ع.
-
سمراٽ، گنگارام:
سنڌي ٻولي (مضمون)، سنڌ سجاڳ ماهوار ڪراچي. آگسٽ 1995ع.
-
سمون، صالح محمد
يار محمد: سنڌي ٻولي ۽ ان جا ڌار ڌار لهجا (مضمون)، نئين زندگي ماهوار
حيدرآباد. اپريل-مئي 1977ع.
-
قريشي، پروفيسر
مظهر علي: موهن جي دڙي جا آباد ڪندڙ انسان (مضمون)، نئين زندگي ماهوار
حيدرآباد. جون 1995ع.
-
پٺاڻ، ممتاز، ڊاڪٽر: سنڌي پراڻي شاعري تي هڪ نظر (مضمون)، نئين
زندگي ماهوار حيدرآباد. اپريل 1971ع.
-
جامع سنڌي لغات
(5-جلد).
-
چئمبرس ڊڪشنري.
No comments:
Post a Comment