9/26/2012

ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪجھ ڏينهن اڳ اخبارن ۾ خبر آئي ته حڪومت، سنڌ توڙي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ کان لاچار ظاهر ڪيو آهي ـــــ واسطيدار ڏيهه پنهنجي ڏيهه واسين کي پاڻ وٽ گھرائڻ جو خرچ نه ٿا ڀري سگھن ۽ اسان جي حڪومت انهن کي ڪڍي نه ٿي سگھي! عجيب قسم جي بيوسيءَ جو اظهار آهي. حڪومت، جيڪا پنهنجي ڏيهه واسين کي تحفظ نه ٿي ڏئي سگھي، انهن جي روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن کي بند نه ٿي ڪرائي سگھي، پنهنجي ڏيهه ۾ سمگل ٿي، چوريءَ آيل ۽ غيرقانوني رهاڪن کي ڪڍي نه ٿي سگھي، ان کي عوام جي حڪومت سڏائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟

پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به اخبار کڻو، ان ۾ ڪي نه ڪي، ڪن نه ڪن ڏوهن جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملي وينديون. هتي جمع جو صيغو ڪم آندو ويو آهي، يعني ڪن نه ڪن ڏوهن جون ڪي نه ڪي خبرون!
اڄ رمضان المبارڪ جي عيد جو ڏينهن آهي ۽ اخبار به رڳو هڪڙي يعني روزاني ”برسات“ ڪراچي جون هيٺ ڏنل خبرون پنهنجن نظرن مان ڪڍو:
·        ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 3- ڄڻا قتل، 7 زخمي.
·        خيرپور ۾ مذهبي وڳوڙ، تحريڪ جعفريه پاران 28 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل.
·        ڪراچي اندر چئن ڪارن ۽ ستن موٽر سائيڪلن جي ڦر.
·        سپر هاءِ وي تي هٿياربند عورتن پاران ڦر، ٻه ڄڻيون عوامي ڪوچ مان 90- هزار رپيا ڦري رستي ۾ ئي لهي ويون.
·        زيارت جي ڊِي سِي جي ”راڪيٽي“ هٿان اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.
·        ڄام ڪنڊي ڳوٺ ۾ گھر تي حملو، 8- ڀاتي زخمي.
·        بفر زون ڪراچي جي مدرسي ۾ زوردار ڌماڪو.
·        موري شهر لڳ مقابلو، 2- بدنام ڌاڙيل ۽ 2 فوجي مارجي ويا.

ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جو هر شهر ۽ هر ڳوٺ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي وَر چاڙهيو ويو آهي. ڪٿي به سُڪون، امن ۽ انصاف ڪونهي. هر حقيقي ۽ شريف رهواسي بي چينيءَ ۽ اوجاڳي جي ننڊ سمهي ٿو ۽ ڳڻتيءَ ڀريو ڏينهن گھاري ٿو.

سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت هڪ ڇرڪائيندڙ، وجود ڌوڏيندڙ، دل ڏکائيندڙ ۽ رت روئاريندڙ واقعو هو. هن سان گڏ سندس ست ٻيا ڪونڌر ساٿي به شهيد ٿي ويا. ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ڪو مير مرتضيٰ ڀٽو (۽ سندس ساٿي) ائين راهه ويندي قتل عام جو شڪار ٿي ويندو ۽ اهو به پوليس، خاص ڪري سنڌ پوليس جي هٿان ۽ اهو به تڏهن جڏهن سندس سڳي ڀيڻ بينظير ڀٽو هن ملڪ جي چونڊيل ۽ عملي طرح موجود وزيراعظم هوندي ۽ مرڪز توڙي سنڌ ۾ ان جي ئي حڪومت هوندي.

سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

اسڪيم جي شروعات
”عوامي آواز“ (14-جنوري 1997ع) خبر ڏني آهي ته ”برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ (آجو بندرگاهه) بنائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر پاران پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اعتماد جوڳن ذريعن موجب برطانيا پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هُو ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهي ڇڏي ته پاڪستان جا سمورا اقتصادي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ۽ پاڪستان تي جيڪو به پرڏيهي قرض آهي اهو به لهي ويندو. ذريعن موجب برطانيا چاهي ٿو ته ڪراچيءَ کي نئون هانگ ڪانگ بنايو وڃي ۽ موجوده هانگ ڪانگ ۾ جيڪي ملٽي-نيشنل (گھڻ- قومي) ڪمپنيون آهن سي پنهنجو سمورو ڪاروبار ڪراچي منتقل ڪري وٺن... ذريعن موجب هانگ ڪانگ جي ملٽي- نيشنل ڪمپنين پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنايو وڃي ته اهي پنهنجي سڄي ڪاروبار کي ڪراچي کڻي اينديون ۽ پاڪستان تي آءِ ايم ايف (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) ۽ عالمي بئنڪ جو ۽ ٻيو پرڏيهي قرض لاهي ڇڏينديون. ملٽي-نيشنل ڪمپنيون ۽ دنيا جا چند وڏا سيڙپڪار سينٽرل ايشيا جو مارڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.

9/23/2012

ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟

چون ٿا ته ٿورائيءَ جو غلام ٿي وڃڻ خراب آهي، پر اهو تهائين خراب آهي جو گھڻائيءَ جو غلام ٿي وڃجي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين سنڌي ماڻهو هڪ قوم جي حيثيت ۾ سياسي ۽ معاشي طور غلام ٿي ويا آهيون، ۽ ڪڙو سچ اهو آهي ته ذهني طرح به غلام ٿي پيا آهيون، نه رڳو ٿورائيءَ جا، پر گھڻائيءَ جا به. ٿورائي سنڌ ۾ رهي ٿي ۽ دهشتگرديءَ وسيلي اسان کي غلام ٺاهي ويٺي آهي ۽ گھڻائي پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ فوجي قوت وسيلي اسان کي غلام بنائي رکيو اٿس. دهشتگردن کي فوجي قوت سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي ظاهري توڙي ڳجھن هٿن جي مدد مليل آهي. اهي هٿ غدار سنڌي وڏيرا شاهيءَ، مُلا شاهيءَ ۽ ڪامورا شاهيءَ جا به آهن، ته ڪجھ سياسي اڳواڻن سان گڏ ٻين انهن قوتن جا به، جن کي اسان جي نوجوان نسلن ڏٺو ئي ناهي. اهي قوتون سنڌ توڙي پاڪستان جي سرحد اندر ڄڻڪ موجود ئي ناهن (۽ موجود نه هوندي به موجود آهن). اهي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ آهن ۽ انهن سڀني جي سربراهي آمريڪي سامراج ڪري رهيو آهي، ۽ اسان کي غلام بنائيندڙ قوتون ان جون غلام آهن.

راڄ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
راڄ

تون منهنجو پٽ،
آءٌ تنهنجو بابا،
هوءَ تنهنجي امڙ ۽
هيءَ تنهنجي ڀيڻ آهي.
اسين سڀ هڪ ئي گھر جا ڀاتي آهيون.
اسان سڀني کي سڏبو ـــــــــــ آڪهه.
آءٌ وري پنهنجي بابا جو آڪهه جو ڀاتي به آهيان. تنهنجي امڙ وري تنهنجي نانا جي آڪهه جي ڀاتڻ به آهي. چاچا ۽ ماما جن جون به پنهنجون پنهنجون آڪهيون آهن. اهي سڀ آڪهيون گڏجي سڏبو ڪَهول.

9/22/2012

حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟

حياتي ته وڃي پئي گذرندي، پر ڪهڙن ڪمن ۾؟
ڪنهن نه ڪنهن جانور جھڙي پئي گذري يا ماڻهوءَ جھڙي هجڻ گھرجي، ان جھڙي ماڻهپي ڀري؟
ڄاڻ، کوجنا، پرک، هنر، فن، ادب، واپار، انتظام، جنگ، نوڪري، وڪالت، مطلب ته ڪهڙو به ڌنڌو هجي، زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو هجي، ايتري قدر جو ڌاڙي، دهشتگرديءَ، ٺڳيءَ، بدمعاشيءَ، سازش ۽ غداريءَ لاءِ به ماڻهوءَ کي نور نچوئي به ڪم ڪرڻو پوي ٿو. پر ڇا اسان ڪڏهن سچ پچ سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي ته اسان مان هر هڪ جو هر منٽ، هر ڪلاڪ ۽ هر ڏينهن ـــــــــ مجموعي طور سڄي حياتي ـــــــــ ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ ڇا اسان مان هر هڪَ بلڪل ايمانداريءَ سان پنهنجو جائزو ورتو آهي ته هُو ڪهڙا چڱا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو، ڪهڙا ڪِنا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيترو وقت ڪري ٿو ۽ ڪهڙا اهي ڪم ڪري ٿو، جن کي چڱي يا ڪِني بدران اجايا ۽ بيڪار سڏڻ بهتر ٿيندو ۽ انهن تي ڪيترو وقت وڃائي ٿو؟ ڇا اسان ڪڏهن اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته چڱو، ڪِنو ۽ اجايو ڪم ڇا کي چئجي ۽ ڇو چئجي؟ ۽ جيڪڏهن اسان اهو ڄاڻي ورتو آهي ته هيءُ يا هُو چڱو، ڪِنو يا اجايو ڪم آهي، ته پوءِ اسان پاڻ شعوري طرح ڇا اهو جتن ڪيو آهي ته چڱو ڪم ڪجي، ڪِني ڪم کي ڌڪارجي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائجي؟ يا اسان ايئن پئي ڪيو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ جي آڙ وٺي يا ان جي بهاني، چڱي ڪم کان پئي لنوايو آهي، ڪِنو ڪم پئي ڪيو آهي ۽ اجائي ڪم مان جند ڇڏائڻ جو ڪو به جتن نه ڪيو آهي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي پرک لاءِ ڪَسوٽي ڪهڙي هجڻ گھرجي؟ ڪنهن به چڱي، ڪِني يا اجائي ڪم جي سطح ڇا هجي؟

9/21/2012

رياست جي بڻ بابت نظريا - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
رياست جي بُڻ بابت نظريا

رياست ڇا آهي، ڪڏهن ٺهي، ڪيئن ٺهي، ڇو ٺهي ۽ ڪيئن وڌي ـــ ؟ انهن سوالن تي سوچ ويچار جي ابتدا انتهائي آڳاٽي زماني ۾ شروع ٿي چڪي هئي. ۽ اڄ به ان بابت سوچيو وڃي ٿو.  انهن سوالن جا جواب (جن به عالمن ڏنا آهن) هڪ جهڙا ناهن، انهن سڀني جوابن کي ٿلهي ليکي ٻن درجن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
الف ـــــ تياسي نظريا                        (speculative theories)
1 ــــــ رباني نظريو                           (Theory of Divine origin)
2 ـــــ زوراور نظريو                         (Force Theory)
 3 ــــ سماجي ٺاهه وارو نظريو             (Theory of social contracd)
ب ـــ تاريخي نظريا                        Historical Theories )
1 ــــ  ابوي يا پيءُ ــــ آدرشي نظريو       Patriarchal Theory) )
2 ـــــ اموي يا ماءُ ــــ آدرشي نظريو         (Matriarchal Theory )
3 ـــــ تاريخي يا ارتقائي نظريو            (Historical or Evalutionary Theory)

هيٺ مختصر طرح هر هڪ نظريي بابت ڪجھ خيال پيش ڪجن ٿا:

Riazat Buriro ڊاڪٽر محبت ٻرڙو - رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
زندگيءَ جو ننڍايل خاڪو

رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ ئي وقت سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.