ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ
مختصر تعارف
روزاني ’سنڌ‘ ]حيدرآباد[ جي 4 اپريل ]1996ع[ واري
اشاعت ۾، رسول بخش پليجي جي پوئلڳ ۽ مخصوص ذهنيت جي حاصل نمائنده دانشور صديق
ڀرڳڙيءَ جو مضمون بعنوان ”اسان تي الزام آندا
جڳ جيئڻ جا“ شايع ٿيو آهي. ان مضمون ۾ هن پنهنجي مڪمل عقل آهر محبت
ٻرڙي جي هڪ مضمون ”شهيد فاضل کي دوستيءَ جي آڙ
۾ بدنام ڪرڻ بند ڪريو“ (’سنڌ‘، 26 مارچ 1996ع) جو تنقيدي تجزيو
ڪيو آهي. انهيءَ تنقيدي تجزيي ۾، پليجي گروپ بابت، محبت ٻرڙي پاران اٿاريل ڪن
نظرياتي، سياسي، تنظيمي، اخلاقي ۽ عملي سوالن مان ڪنهن رڳو هڪ سوال جو به جواب نه
ڏنو ۽ حسب عادت يخي ۽ لٻاڙ تي گذارو ڪندي، ڏاڍو وڏو قسم ڏئي، بيحد گھٽيا سوال پڇيو
ويو آهي، جنهن جو جواب نه ڏيڻ علمي ۽ اخلاقي ڏوهه ٿيندو.