ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
۽ انهن جا ڪردار
(هڪ جائزو)
رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي
انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
پهرين
ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“: هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار
هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو
بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
(1) مُرڪڻ،
(2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
(3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
(4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
(5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
(6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.