3/08/2013

سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق - ڊاڪٽر هدايت پريم (Hidayat Prem)


 ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:
سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ نوجوان محقق
ڊاڪٽر هدايت پريم

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار هو، هن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃرايو هو. هن جي مقالن ۾ تحقيقي انداز تمام گھڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود هو. هن جي تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿيندو هو. هن اڃا صرف ٻن ڪتابن ۽ هڪ انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو هو ته هو ڦوهه جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ 1997ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو. هن جي اوچتي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن کي تمام گھرو صدمو رسيو آهي. هن جوان سال محقق سان اسان تمام گھڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون. هن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو. هن کي ان جو داد به خوب مليو.

حليم بروهيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي موجوده رسم الخط جي باري ۾ عجيب و غريب اعتراضات اٿاريا ويا هئا، جن جي جواب ۾ محبت ٻرڙي هڪ سهڻو ۽ سيبتو ۽ علمي بنيادن تي استوار ٿيل هڪ جواب ماهوار ”پرهه“ ۾ ڏنو هو. محبت ٻرڙو لکي ٿو:
”اها ڳالهه واضح ٿيڻ گھرجي ته ڇا اهو ڪنهن مخصوص رسم الخط جو ڏوهه آهي ته اهو اختيار ڪرڻ جي ڪري سماج جا ناڪاره فرد پيدا ٿيندا رهن؟ ڇا دنيا جي ملڪن ۾ رومن/انگريزي/کاٻي کان ساڄي لکجندڙ رسم الخط مروج آهي، اتي افسانه نگار، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر اديب، دانشور وغيره (جن کي حليم بروهي بيڪار ۽ ناڪاره سڏي ٿو) پيدا نه ٿيا هئا؟ نه ٿيا آهن؟ ۽ نه وري پيدا ٿيندا؟ ....
”ڇا اهو رسم الخط جو ڪارنامو آهي ته ڪٿي سائنسدان، عالم اڪابر ۽ محقق پيدا ڪري، ته ڪٿي جاهل، نڪما ۽ واتوڙي؟ مغربي دنيا ۾ جيڪڏهن هر چڱائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ اتان جو رسم الخط آهي ته اتي هر برائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ڪير آهي؟
”ٻوليءَ جي رچيل هجڻ جو سڌو تعلق قوم ۽ سماج جي خوشحاليءَ ۽ گھڻ طرفائي سان آهي. هن مهل جيڪي ٻوليون گھڻي ڀاڱي وسيع علمي ذخيرو رکن ٿيون، اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪ اهڙي سماج سان لاڳاپيل آهن جيڪو تاريخ ۾ حاڪم، خودمختيار ۽ ڪاهيندڙ رهيو آهي، جنهن جي لساني گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف ٻولين مان هزارين لفظ اڌارا وٺي، ان کي ڀڃ گھڙ ۽ ٺاهه ٺوهه هيٺ آڻي پنهنجو ڪيو ويو.
”سنڌ به جيڪڏهن هڪ آزاد ۽ خودمختيار ڏيهه هجي، سنڌي قوم پنهنجن سمورن وسيلن جي مڪمل طرح مالڪ هجي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي سمورين ٻولين مان هزارين لفظ وٺي، گھڙي ٺاهي، سنڌي مزاج موجب بنائي، ته ڪو سبب ناهي جو سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي دنيا مان مڪمل سواد نه وٺي سگھي. انگريزي، فرينچ، جرمني، روسي ۽ چيني ٻولين ۾ ڳالهايل هر لفظ جيڪڏهن في البديهه عربيءَ ۾ ترجمو ٿي سگھي ٿو، ته سنڌيءَ ۾ ڇو نه ٿي سگھي ٿو؟ عربن وٽ مال آهي، پنهنجي ملڪ تي مالڪي آهي ۽ هنن تحقيق تي وڏي سيڙپ ڪئي آهي. اسين به جيڪڏهن ائين هجون ۽ ڪري سگھون، ته سنڌي ٻولي نه رڳو ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي سگھي ٿي پر ٻيو به گھڻو ڪجھه ٺهي سگھي ٿو. ساڄي کان کاٻي لکجندڙ سموريون ٻوليون مدي خارج ناهن. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ته سمورو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل علم هوري هوري پوريءَ طرح شامل ٿيندو پيو وڃي. هن وقت اهو لازمي قرار ڏنل آهي ته جيڪو به نِک عرب دنيا منجھه وڪرو ٿيڻو آهي ان بابت سمورو مواد عربيءَ ۾ ڇاپيو وڃي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهو به عربن جيان پنهنجي ڏيهي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا واڳ ڌڻي هجن، ته سنڌ ۾ ڪهڙي ڪمپني هوندي، اليڪٽرانڪ کان ويندي ميڊيڪل تائين، جيڪي پنهنجو مواد سنڌيءَ ۾ وڪرو ٿيندڙ هر نک لاءِ اهو شرط رکي سگھن ٿا ۽ پوءِ دنيا جي ڪهڙي سرمائيدار ڪمپني هوندي جيڪا پنهنجو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري نه ڏيندي.“ (1)
هن تحرير مان پتو پوي ٿو ته محبت ٻرڙو هڪ نهايت ئي پختو محقق آهي ۽ هن وٽ وزندار دليل موجود آهن. هن جي تحرير حب الوطنيءَ جي جذبن سان ٽمٽار آهي. پنهنجي قوم جي بيوسيءَ ۽ بيڪسيءَ جو اظهار هن جنهن جرئت ۽ همت سان ڪيو آهي، ان تي هو بلاشڪ داد لهڻي.
ماهوار ”ڪينجھر“ ۾ ڇپيل هڪ مضمون ”جامع سنڌي لغات جو جائزو“ محبت ٻرڙي پهريان ته ڪجھه تعريفي جملا لکيا آهن. هو لکي ٿو: ”’جامع سنڌي لغات‘ انهن ڪتابن مان هڪ آهي جيڪو هر سنڌي سڄاڻڪ ۽ ڄاڻ ڪوڏيو پاڻ وٽ سانڍڻ ضرور پسند ڪندو. سنڌيءَ مان سنڌيءَ ۾، سنڌيءَ جي ادبي توڙي عاماڻن يا لوڪ لفظن جي هيءَ پهرين لغت (ڊڪشنري، ٻولَسُڌ) آهي جنهن تي اهڙن سنڌي عالمن ”لاڳيتو“ پنجاهه ورهيه ڪم ڪيو آهي جيڪي سنڌ توڙي پَر سنڌ ۾ مانَ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، جنهن ۾ اڳ ڇپيل سمورين سنڌي لغتن جي ڀيٽ ۾ گھڻا لفظ ۽ اصطلاح ڏنل آهن... سڄيءَ سنڌ ۾ جتي ڪٿي پکڙيل هڪ لک کان وڌيڪ موتين جھڙا جرڪندڙ لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪري ’جامع سنڌي لغات‘ جي لڙهيءَ ۾ پوئي سنڌيءَ جي پڙهندڙن کي مٽيءَ مُٺ آڇيا آهن. اهي سمورا لفظ جاکوڙي ۽ اکر ڪوڏيا جس لهڻن ٿا.“ (2)
اڳتي هلي محبت هن لغات تي تنقيدي نگاهه وجھندي لکي ٿو: ”اهڙي، سوا لک لفظن ۽ اصطلاحن واري لغت اسان جا عالم سڳورا پنجاهه سالن يعني اڌ صديءَ ۾ مس تيار ڪري سگھيا آهن! ۽ جيڪو ڪجھه تيار ٿيو آهي، ان ۾ به سوين غلطيون، هزارين کوٽون ۽ سائنسي لفظن جي اڻ هوند! ۽ اهو به ايڪويهين صديءَ جي چائنٺ تي پهتل سائنسي ترقيءَ جي ان ڪمپيوٽرائيزڊ دَور ۾، جڏهن علم ۽ عرفان اُڀ پيو ڇاڇولي ۽ علمي بنيادن تي تيار ٿيل، مختلف ٻولين ۾ هزارين لغتون موجود آهن.“ (3)
محبت ٻرڙي ’جامع سنڌي لغات‘ تي جيڪي اعتراضات ڪيا آهن، انهن ۾ هڪ اعتراض هت مثال طور پيش ڪجي ٿو. محبت ٻرڙو لکي ٿو: ”جلد پهرين جي مهاڳ ۾ صفحي (ز) تي ڄاڻايل آهي ته ”مصدر جي حالت ۾ معنى جي خاتمي بعد، ڏنگين ۾ ان فعل جي ’فاعل‘، ’ماضي‘ توڙي ’اسم حاليه‘ کي نروار ڪيو ويو آهي.
”اها ڳالهه سراسر غلط آهي. مثال طور... ’پهرين جلد‘ کي مختلف هنڌن تان کولي ڪجھه ’مصدر‘ جاچي ڏسون:
آبڻ (آبيو - آبيندو - آبيل) ص - 8
آڇلائڻ (آڇلايو - آڇلائيندو - آڇلايل)، ص- 26  ...
بيهڻ (بيهندو! - بيٺو! - بيٺل)، ص- 443  ...
”هنن مثالن مان پڌرو آهي ته مصدر جو ’ماضي‘ ۽ ’مستقبل‘ (۽ اهي ٻئي شڪليون به رڳو واحد ۽ مذڪر واريون، جمع ۽ مؤنث واريون نه) ۽ ’اسم حاليه‘ ڏنل آهي (۽ اهو به ڪيترن ئي هنڌن تي کٽل، بي ترتيب ۽ غلط) نه ڪي ڄاڻايل علمي ۽ تحقيقي دعويٰ موجب ’فاعل‘، ’ماضي‘ ۽ ’اسم حاليه‘! (باقي چئني جلدن ۾ ته اها ترتيب به رڳو ڪن هنڌن تي ڀل چڪ وچان درست اچي وئي آهي.)
”سنڌيءَ ۾ فاعل ائين به ٺهندو آهي ته مصدر جو ’-ڻ‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-ايندڙ‘ يا ’-اندڙ‘ پڇاڙي ملائي ڇڏجي (جيئن ’آهوڙيندڙ‘، ’ڄاڻندڙ‘، ’برغلائيندڙ‘، ’گھمندڙ‘ وغيره). مصدرن مان اهڙن ٺهيل سمورين فاعلن سان جيڪا تعدي ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڪئي وئي آهي اها شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن به ”سڌريل“ يا ”اڻسڌريل“ ٻوليءَ واري لغت ۾ ڪئي وئي هجي.“ (4)
جامع لغات تي ڪيل هن اعتراض تي اڳتي هلي وضاحت ڪئي اٿس:
”’لکڻ‘ مصدر مان لکجڻ، لکائڻ، لکائجڻ، لکرائڻ، لکرائجڻ، لکارائڻ ۽ لکارائجڻ مصدر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي ترتيب موجب لکڻ کان اڳ ۾ ايندا ۽ اچڻ گھرجن. جيڪڏهن انهن سان سندن فاعلي صورتون ۽ ضميري پڇاڙيون گڏ هجن ته سندن ترتيب اڃا به ڦري ويندي. ڇا اسين سنڌيءَ ۾ ان خاصيت کي لغت جھڙي ڪتاب ۾ ڪم نه آڻيون ۽ بي ڌيانيءَ سان ڦٽو ڪري ڇڏيون؟“ (5)
محبت ٻرڙي جو هڪ نهايت طويل ۽ بيحد اهم مضمون ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو جنهن جو عنوان هو ”ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح سنڌي ٻولي“. هن مضمون وسيلي محبت جامع بحث ڪيو آهي. هن مضمون محبت ٻرڙي کي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين صف جي محققن ۾ آڻي بيهاريو. هن جو نقطئه نظر بلڪل ئي واضح ٿيل آهي ته جنهن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽو ضميري پڇاڙين جو نظام موجود آهي، تنهنڪري جملن جي اڳيان فاعل جو اچڻ يا هجڻ، جملي ۾ ورجاءُ ٿئي ٿو تنهنڪري اهي جملا گرامر موجب غلط هئڻ گھرجن. هن پنهنجي استدلال ۾ تمام گھڻي جاکوڙ سان هڪ نهايت ئي مفصل معلومات مهيا ڪئي آهي. هن مضمون جي جواب ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب به پنهنجو موقف مهراڻ ۾ ئي بيان ڪيو، جنهن ۾ هن محبت ٻرڙي سان گھڻو ئي اختلاف ڪيو. محبت ٻرڙي هن سلسلي ۾ هڪ ڪتاب ”اڀياس جو اڀياس“ به لکي تيار ڪيو، جيڪو غالباً هن وقت (1997ع) ڇپائي هيٺ آهي. ڪتاب جي پڌري ٿيڻ بعد ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي.
محبت ٻرڙو هڪ اهڙو نوجوان محقق هو جيڪو محبت ۽ لگن سان سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو. هن جي قلم اڃا ٿورا ڪي جوهر مس ڏيکاريا هئا ته ظالم موت هن کي اسان کان کسي ورتو. محبت ۽ پريم (محبت ٻرڙو ۽ هدايت پريم) جيڪي قرب جي ڪڙن ۾ قابو هئا، ڇڄي ڌار ٿي ويا، جنهن جو افسوس ۽ ارمان عمر ڀر رهندو.

حوالا:
(1)                   محبت ٻرڙو (مضمون) ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ ماهوار ”پرهه“ فيبروري-مارچ 1995، ص- 9 ۽ 10.
(2)                   محبت ٻرڙو (مضمون) ”جامع سنڌي لغات جو جائزو“ ماهوار ”ڪينجھر“ ڊسمبر 1994، ص- 81.
(3)                   محبت ٻرڙو، حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- 83.
(4)                   محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- 84-85.
(5)                   محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، ص- 91.

No comments:

Post a Comment