8/30/2019

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽq
(ڪجهه اعتراض ۽ ڪجهه انومان)

حليم بروهي صاحب جن 16 آڪٽوبر 1994ع جي حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ جي عنوان سان ”مضمون بازي“ ڪئي آهي. هتي مون ”مضمون بازي“ اصطلاح لکڻ نه پئي گهريو، پر مجبوري آهي، ڇو ته ان لکڻيءَ کي مضمون ڪنھن به اصولي حوالي سان سڏي نه ٿو سگهجي ۽ جيئن ته ان کان هڪ ڏينھن پوءِ، ساڳي اخبار ۾ پاڻ بذات خود شعربازي ڪري چڪا آهن، ان ڪري ”مضمون بازي“ کان وڌيڪ ٻيو ڪو مناسب لفظ به نه ٿو سُجهي.
انهيءَ ”مضمون بازيءَ“ ۾ چار ”نُڪتي بازيون“ آهن:
1.     اڄوڪي سائنسي دور ۾ فقط اهي رسم الخط اڳتي وڌي رهيا آهن جيڪي کاٻي کان ساڄي طرف لکبا آهن. ڪمپيوٽر به کاٻي کان ساڄي ڪم ڪندو آهي.
2.     اسان جي رسم الخط ۾ جيئن ته زبر، زير ۽ پيش واريون نشانيون ۽ اکرن جا نقطا بلڪل الڳ صورت ۾ ڏنا ويندا آهن، ان ڪري اهو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن ۾ بلڪل مُدي خارج طريقو آهي. ان ڪري ئي سنڌي ٽائيپ رائيٽر بيڪار ثابت ٿيو آهي.
3.     انهيءَ رسم الخط جي ڪري ڪمپيوٽر نه ته اکرن جون چڪون درست ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڊڪشنري يا ٿيسارس جي معاملن ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ”موجوده رسم الخط اوهان کي افسانانگار، ڪھاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور ٺاهي اوهان کي جديد ترقي يافته دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو.“
4.     ”پر جيڪڏهن اوهان ۾ اڃا به ڪجهه هوش آهي ۽ اوهان جي ذهنن تان اوهان جي ٺڳ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو هلڪو ٿيو آهي ته هڪدم انهيءَ فرسوده رسم الخط تان هٿ کڻي رومن (انگريزي) اکر ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ کي انگريزي جيان کاٻي کان ساڄي لکڻ سکو ۽ ڪمپيوٽر جون سڀئي جديد سھولتون استعمال ڪريو.“
منھنجي اندر ۾ حليم بروهي صاحب جن لاءِ ڪجهه علمي سببن جي ڪري احترام جو جذبو موجود آهي. انهن سببن مان هڪ اهو به آهي جيڪو مٿي ڏنل چئن نُقطن ۾ جت ڪٿ نظر اچي ٿو يعني سنڌي ٻوليءَ، علم، ادب ۽ ماڻهوءَ کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ جي پُرخلوص ۽ زوردار نيت، جيڪا بدقسمتيءَ سان ۽ حليم صاحب جن جي مخصوص تحريري اسٽائيل سبب تھمت، چٿر ۽ ڪِيني جي زهريلي ڪَليءَ ۾ ويڙهيل آهي. مون کي پڪ آهي ته اها ساڳي نيت، بنا ڪنھن تھمت، چٿر ۽ ڪيني جي، خلوص ۽ وڌيڪ بھتر دليلن سان به پيش ڪري سگهجي پئي، پر جيئن ته حليم صاحب جن جي الزام موجب موجوده رسم الخط اسان کي افسانانگار، شاعر وغيره ٺاهي جديد دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو ان ڪري وٽن پاڻ کي بيڪار ۽ ناڪاره ثابت ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ بھتر طريقو ٿي ئي نه پئي سگهيو، ڇو ته پاڻ اُهو ئي ڪجهه آهن جنھن کي پاڻ ئي بيڪار سڏيو اٿائون.