8/30/2019

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽq
(ڪجهه اعتراض ۽ ڪجهه انومان)

حليم بروهي صاحب جن 16 آڪٽوبر 1994ع جي حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ جي عنوان سان ”مضمون بازي“ ڪئي آهي. هتي مون ”مضمون بازي“ اصطلاح لکڻ نه پئي گهريو، پر مجبوري آهي، ڇو ته ان لکڻيءَ کي مضمون ڪنھن به اصولي حوالي سان سڏي نه ٿو سگهجي ۽ جيئن ته ان کان هڪ ڏينھن پوءِ، ساڳي اخبار ۾ پاڻ بذات خود شعربازي ڪري چڪا آهن، ان ڪري ”مضمون بازي“ کان وڌيڪ ٻيو ڪو مناسب لفظ به نه ٿو سُجهي.
انهيءَ ”مضمون بازيءَ“ ۾ چار ”نُڪتي بازيون“ آهن:
1.     اڄوڪي سائنسي دور ۾ فقط اهي رسم الخط اڳتي وڌي رهيا آهن جيڪي کاٻي کان ساڄي طرف لکبا آهن. ڪمپيوٽر به کاٻي کان ساڄي ڪم ڪندو آهي.
2.     اسان جي رسم الخط ۾ جيئن ته زبر، زير ۽ پيش واريون نشانيون ۽ اکرن جا نقطا بلڪل الڳ صورت ۾ ڏنا ويندا آهن، ان ڪري اهو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن ۾ بلڪل مُدي خارج طريقو آهي. ان ڪري ئي سنڌي ٽائيپ رائيٽر بيڪار ثابت ٿيو آهي.
3.     انهيءَ رسم الخط جي ڪري ڪمپيوٽر نه ته اکرن جون چڪون درست ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڊڪشنري يا ٿيسارس جي معاملن ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. ”موجوده رسم الخط اوهان کي افسانانگار، ڪھاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور ٺاهي اوهان کي جديد ترقي يافته دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو.“
4.     ”پر جيڪڏهن اوهان ۾ اڃا به ڪجهه هوش آهي ۽ اوهان جي ذهنن تان اوهان جي ٺڳ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو هلڪو ٿيو آهي ته هڪدم انهيءَ فرسوده رسم الخط تان هٿ کڻي رومن (انگريزي) اکر ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ کي انگريزي جيان کاٻي کان ساڄي لکڻ سکو ۽ ڪمپيوٽر جون سڀئي جديد سھولتون استعمال ڪريو.“
منھنجي اندر ۾ حليم بروهي صاحب جن لاءِ ڪجهه علمي سببن جي ڪري احترام جو جذبو موجود آهي. انهن سببن مان هڪ اهو به آهي جيڪو مٿي ڏنل چئن نُقطن ۾ جت ڪٿ نظر اچي ٿو يعني سنڌي ٻوليءَ، علم، ادب ۽ ماڻهوءَ کي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ جي پُرخلوص ۽ زوردار نيت، جيڪا بدقسمتيءَ سان ۽ حليم صاحب جن جي مخصوص تحريري اسٽائيل سبب تھمت، چٿر ۽ ڪِيني جي زهريلي ڪَليءَ ۾ ويڙهيل آهي. مون کي پڪ آهي ته اها ساڳي نيت، بنا ڪنھن تھمت، چٿر ۽ ڪيني جي، خلوص ۽ وڌيڪ بھتر دليلن سان به پيش ڪري سگهجي پئي، پر جيئن ته حليم صاحب جن جي الزام موجب موجوده رسم الخط اسان کي افسانانگار، شاعر وغيره ٺاهي جديد دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو ان ڪري وٽن پاڻ کي بيڪار ۽ ناڪاره ثابت ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ بھتر طريقو ٿي ئي نه پئي سگهيو، ڇو ته پاڻ اُهو ئي ڪجهه آهن جنھن کي پاڻ ئي بيڪار سڏيو اٿائون.

حليم صاحب جن تھمت هنئي آهي ته جيڪو به ماڻهو مروج سنڌي رسم الخط تان هٿ کڻي مروج رومن يا انگريزي رسم الخط اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان تي ٺَڳ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو مضبوطيءَ سان کُتل آهي. مون کي خبر ناهي ته سندن نظر ۾ ٺڳ، کائو ۽ ناٽڪي دانشور ڪھڙا آهن، جيڪڏهن وٽن اخلاقي جرئت هجي ها ته انهن جا نالا کڻي ۽ سندن ڪيل ڪم کي آڏو رکي، دليل سان ٺڳ، کائو ۽ ناٽڪي ثابت ڪري ها. البته ايترو سو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ پنھنجي سڄي ڄمار انهن ئي دانشورن جي اثر هيٺ رهي انهيءَ ئي رسم الخط ۾ پنھنجي سموري ”تخليق“ لکندا رهيا آهن. ڪنھن جي دليل کي تھمت وسيلي رد ڪرڻ جو عمل هڪ اهڙي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪا عزت لائق لفظ سان ياد نه ٿي ڪري سگهجي.
حليم بروهي صاحب جن ٻِي وڏي تھمت اها آندي آهي ته ”موجوده رسم الخط اوهان کي افسانانگار... ٺاهي اوهان کي جديد ترقي يافته دور ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد ٺاهي سگهي ٿو.“ هتي اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته ڇا اهو ڪنھن مخصوص رسم الخط جو ڏوھه آهي ته اهو اختيار ڪرڻ جي ڪري سماج جا ناڪاره فرد پيدا ٿيندا رهن؟ ڇا دنيا جي جن ملڪن ۾ رومن/انگريزي/کاٻي کان ساڄي لکجندڙ رسم الخط مروج آهي، اتي افسانانگار، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعر، اديب، دانشور وغيره (جن کي حليم بروهي بيڪار ۽ ناڪاره سڏي ٿو) پيدا نه ٿيا هئا، نه ٿيا آهن ۽ نه ئي وري ٿيندا؟ اڃا به اهو سوال هن طرح پڇڻ گهرجي، ته جن معاشرن ۾ کاٻي کان ساڄي لکجندڙ رسم الخط مروج آهي، اتي اهي حليم بروهي جي نظر ۾ بيڪار ۽ ناڪاره فرد وڌيڪ تعداد ۾ پيدا ٿيا آهن يا انهن معاشرن ۾ جتي ساڄي کان کاٻي لکجندڙ رسم الخط مروج آهي؟
ڏاڙهونءَ ۾ جيڪڏهن ڪي داڻا خراب، مئل ۽ ناڪاره آهن ته سڄو ڏاڙهون ڦٽي ڪرڻ يا ان کي خراب چوڻ پيٽ ڀرائي جو اهڃاڻ آهي يا وري بيوقوفيءَ جو؟ اسان ۾ هڪ غلط رويو موجود آهي، ته کاري ۾ جيڪڏهن هڪ مڇي به خراب آهي ته سڄو کارو خراب سمجهيو ويندو. سنڌين ۾ جيڪڏهن ڪي فرد ڌاڙيل آهن ته انهيءَ جو مطلب سڄيءَ قوم جو ڌاڙيل هجڻ ناهي. انسان ذات ۾ جيڪڏهن ڪي ماڻهو دهشتگرد ۽ قاتل آهن ته انهن جي ڪري سڄيءَ انسان ذات کي دهشتگرد ۽ قاتل چوڻ هڪ ڄٽاڻي حرڪت ٿيندي. جيڪڏهن ڪي افسانانگار، ڪھاڻيڪار، شاعر وغيره ٺڳ، کائُو، ناٽڪي، بيڪار ۽ ناڪاره فرد آهن به کڻي، ته انهن جي ڪري هر ليکڪ کي بيڪار سڏڻ ذهني گندگيءَ جو اهڃاڻ آهي.
ڇا اهو رسم الخط جو ڪارنامو آهي ته ڪٿي سائنسدان، عالم، اڪابر ۽ محقق پيدا ڪري، ته ڪٿي جاهل، نِڪما ۽ واتوڙي؟ مغربي دنيا ۾ جيڪڏهن هر چڱائيءَ پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ اتان جو رسم الخط آهي، ته اتي هر برائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ڪير آهي؟ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاڻوڪيون انسان ذات کي سُک پھچائيندڙ ايجادون اڄوڪي مغرب ۾ پيدا ٿيون آهن پر انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي ته هاڻوڪيون انسان ذات کي ڏک پھچائيندڙ ئي نه پر تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندڙ ايجادون پڻ اڄوڪي مغرب ۾ ئي پيدا ٿيون آهن. ان ڪري انساني ۽ سماجي سٺائي يا برائي جو پَٽڪو ڪنھن مخصوص رسم الخط جي مٿي تي نه ٿو ٻڌي سگهجي.
حليم بروهي صاحب جن جو ڪو به ڪتاب هڪ هزار کان وڌيڪ ڳڻپ ۾ نه ٿو ڇپجي سو ڇو؟ سنڌي ٽائيپ رائيٽر جو وڏي پئماني تي وڪرو نه ٿو ٿئي، انهيءَ سوال جو جواب پھرئين سوال جي جواب ۾ لڪل آهي. سنڌي ٽائيپ رائيٽر ۾ نقص آهن، پروف ريڊنگ ڪندڙ سنڌي ڪمپيوٽر ڪونهي وغيره جھڙن اعتراضن جو جواب علمي، هنري ۽ تحقيقي دنيا ۾ سنڌين جو پوئتي هجڻ آهي ۽ انهيءَ جو وڏو ڪارڻ، معاف ڪجو، حليم بروهي صاحب جھڙا فرد آهن جيڪي اهڙين شين جي اهميت سمجهڻ جي باوجود اهو ڪم نه ٿا ڪن پر پنھنجي سڄي ڄمار افسانانگاري، شاعري بازي وغيره جھڙن ”بيڪار“ ۽ ”ناڪاره“ ڪمن ۾ ضايع ڪريو ڇڏن.
هندي ٻولي کاٻي کان ساڄي لکي وڃي ٿي پر يُو اين او ۾ هلندڙ ڪاروائي جو ڪمپيوٽر ترجمو ان ۾ نه ٿو ٿئي، جڏهن ته عربي ٻولي ساڄي کان کاٻي لکي وڃي ٿي پر ان جو ڪمپيوٽر ترجمو به ٿئي ٿو. ان ڪري اهو اعتراض ته سنڌي ٻولي جيستائين کاٻي کان ساڄي يعني رومن اسڪرپٽ ۾ تبديل نه ڪئي ويندي تيستائين ڪمپيوٽر جون سھولتون حاصل نه ٿي ڪري سگهي، هڪ بي بنياد فتوى آهي هڪ ”ناڪاره“ ۽ ”بيڪار“ فرد جي.
ٻوليءَ جي رچيل هجڻ جو سڌو تعلق قوم ۽ سماج جي خوشحاليءَ ۽ گهڻ- طرفائيءَ سان آهي. هن مھل جيڪي ٻوليون گهڻي ڀاڱي وسيع علمي ذخيرو رکن ٿيون اهي ڪنھن نه ڪنھن طرح هڪ اهڙي سماج سان لاڳاپيل آهن جيڪو تاريخ ۾ حاڪم، خودمختيار ۽ ڪاهيندڙ رهيو آهي، جنھن جي لساني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف ٻولين مان هزارين لفظ اڌارا وٺي، انهن کي ڀڃ گهڙ ۽ ٺاھ ٺوھ هيٺ آڻي پنھنجو ڪيو ويو.
سنڌ به جيڪڏهن هڪ آزاد ۽ خود مختيار ڏيھه هجي، سنڌي قوم پنھنجن سمورن وسيلن جي مڪمل طرح مالڪ هجي ۽ پنھنجيءَ ٻوليءَ کي دنيا جي سمورين ٻولين مان هزارين لفظ وٺي گهڙي ٺاهي سنڌي مزاج موجب بنائي، ته ڪو سبب ناهي جو سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي دنيا مان مڪمل سواد نه وٺي سگهي. انگريزيءَ، فرينچ، جرمن، روسي ۽ چيني ٻولين ۾ ڳالهايل هر لفظ جيڪڏهن في البديھه عربيءَ ۾ ترجمو ٿي سگهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ عربن وٽ مال آهي، پنھنجي ملڪ تي مالڪي آهي ۽ هنن تحقيق تي وڏي سيڙپ ڪئي آهي. اسين به جيڪڏهن ايئن هجون ۽ ڪري سگهون ته سنڌي ٻولي نه رڳو ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي سگهي ٿي پر ٻيو به گهڻو ڪجهه ٺھي سگهي ٿو. ساڄي کان کاٻي لکجندڙ سموريون ٻوليون مدي خارج ناهن. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ته سمورو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي علم هوري هوري پوريءَ طرح شامل ٿيندو پيو وڃي. هن وقت اهو لازمي قرار ڏنل آهي ته جيڪو به نگ عرب دنيا منجهه وڪرو ٿيڻو آهي، ان بابت سمورو مواد عربيءَ ۾ ڇاپيو وڃي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهو به عربن جيان پنھنجي ڏيھه، ٻوليءَ ۽ ثقافت جا واڳ ڌڻي هجن ته سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ هر نگ لاءِ اهو شرط رکي سگهن ٿا، ۽ پوءِ دنيا جي ڪھڙي سرمائيدار ڪمپني هوندي، اليڪٽرانڪ کان ويندي ميڊيڪل تائين، جيڪا پنھنجو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري نه ڏيندي؟ سائين منھنجا! اوهان جيڪي به تھمتون آنديون آهن انهن توڻي اسان سڀني جي علمي پَستيءَ جو هڪ وڏو سبب اسان جو غلام هجڻ آهي، نه ڪي رسم الخط.
حليم بروهي صاحب جن جي مضمون بازيءَ ۾ ٻئي نمبر نُڪتي جو سڌو واسطو ٻوليڄاڻ (لسانيات، Linguistics) سان آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي رسم الخط ۾ زبر، زير ۽ پيش واريون نشانيون ۽ اکرن جا نقطا الڳ ۽ هيٺان يا مٿان آهن. ”انهن نشانين يا نُقطن جي ڪري عربي، فارسي ۽ موجوده رسم الخط گذريل ورهن جي ڪيئي ڏهاڪن کان سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي معاملن ۾ به ۽ ڇپائي جي معاملن ۾ به مدي خارج ٿيل آهن.“
مون کي حيرت آهي ته حليم بروهيءَ پنھنجي سڄي ڄمار هڪ مدي خارج ٻوليءَ ۾ لکندي ڇو وڃائي!
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄوڪي مروج انگريزي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار، قابل فخر ۽ لائق علمي، سائنسي، ٽيڪنيڪي، هنري ۽ فني ذخيرو موجود آهي، اها دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي پر ڇا ڪو به سالم عقل وارو ماڻهو ائين چئي سگهندو ته ان سموريءَ علمي برتريءَ جو اڪيلو سبب انگريزي ٻوليءَ جو کاٻي کان ساڄي يعني رومن لکيت آهي؟
12-صدي عيسوي تائين انگريزي ٻولي ٺِڪر ۽ ٻَڪر قسم جي وحشي ۽ ڌاڙيل ڄٽن جي ٻولي سمجهي ويندي هئي، توڻي جو اها کاٻي کان ساڄي يعني رومن الفابيٽ ۾ لکي ويندي هئي. خود انگريز ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پسند نه ڪندا هئا، ڳالهائڻ پسند نه ڪندا هئا، ڇو ته انگريزي غلامن ۽ نالائق ماڻهن جي ٻولي هئي. شابس ملڻ گهرجي جوناٿن سوِفٽ ۽ چاسر جھڙن ماڻهن کي جن پنھنجون تحريرون، وڏي جرئت ڌاري، انگريزيءَ ۾ لکيون ۽ ميدان تي آنديون. جيئن اسان وٽ ڪنھن زماني ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ فخر جوڳو ڪم هو تيئن برطانيه ۾ فخر جوڳو ڪم فرينچ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ هو، جڏهن ته سمورو مذهبي ڪم لاطيني ۾ ٿيندو هو.
چوڏهين کان سورهين صدي عيسوي تائين دولت، سونَ، هيرن جواهرن جي ڳولا لاءِ ۽ سورهين صديءَ کان پوءِ مال وڪڻڻ ۽ مَڏيون هٿ ڪرڻ جي ڳولا لاءِ يورپ جي ٻين ڪيترين ئي قومن جيان انگريز به سندرو ٻڌي نڪري پيو. ڪو آسٽريليا وڃي نڪتو، ته ڪنھن اميريڪي کنڊن جي ووڙ ڪئي. واپار ڪيائون، وڙهيا جهيڙيا ۽ حاڪم ٿيا. اسپيني، فرينچ ۽ انگريزي جھڙوڪر سڄيءَ ڌرتيءَ جون حاڪم ٻوليون بنجي ويون ۽ حاڪمن جي ٻولين ۾ ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سمورن غلامانه ذهنيت جي محڪوم ماڻهن جو شيوو رهيو آهي. دنيا جي ماڻهن، ماڳن، قومن، تھذيبن، وڻن، واهن، جانورن، جبلن، علائقن، مندن، خشڪ توڻي پاڻيائي راهن، وڙن وکرن، مطلب ته هر قسم جي مامرن بابت سفرناما، يادگيريون، تحقيقون ۽ تدبيرون لکجڻ ۽ ڳالهائجڻ لڳيون ۽ ڪجهه ٻين خاص ڪري يورپي ٻولين سان گڏ انگريزيءَ جو علمي ذخيرو به وڌڻ، ڇال ڏيڻ لڳو.
ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا. انهن مان پھريون ۽ وڏو سبب هي آهي ته ڌرتيءَ جي لائق پٽن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪيترن املهه علمي ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ خيالن جو واڌارو ڪيو آهي ۽ ڪيترن ۽ ڪھڙن ڪھڙن علمي شعبن ۾ تحقيق ۽ تدريس جون روشنيون پکيڙيون آهن. خاص ڪري چوڏهين صديءَ کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ جيڪو ڇال ڏئي ترقيءَ جا ڏاڪا طَي ڪيا آهن انهن جو بنيادي سبب سندن حاڪميت، پنھنجي ڏيھه تي مالڪي، دنيا جي ناياب ڪتابن جو ترجمو، دنيا جي ڪيترن ئي ڏيھن تي سندن اقتدار ۽ سائنس توڻي فن ۽ هنر جي هر شعبي ۾ تحقيق ۽ تدريس آهي. اهو چوڻ ته انگريزي ٻوليءَ جي شاندار ترقيءَ جو راز مخصوص رومن لکيت آهي، هڪ بي عقليءَ واري ڳالهه آهي.
ڇا حليم بروهي صاحب پاران ماڻهو انهيءَ لائق آهن جو پنھنجي سيني تي فخر سان هٿ کڻي ڪا هِن قسم جي دعوى ڪري سگهن ٿا ته پاڻ (1) فلاڻو ڪِي فلاڻو ناياب، علمي، فني، هنري، ٽيڪنيڪي، سائنسي يا ڪو به ٻيو شاندار ڪتاب پنھنجي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ وڌائي چڪا آهن، يا (2) فلاڻي يا فلاڻي ڪا هنري، فني يا علمي تحقيق ڪري قلمبند ڪئي اٿن، يا (3) پنھنجيءَ قوم جي ڇوٽڪاري، آزاديءَ ۽ پنھنجي ڏيھه تي پنھنجي قوم جي مالڪي موٽائڻ لاءِ فلاڻي يا فلاڻي علمي جدوجھد ڪئي اٿن؟ اهي ڪم ته خير ڌرتيءَ جا ڪي سھڻا پٽ، ڇٽيھه لکڻا پٽ ئي ڪري سگهندا، حليم بروهي صاحب جن ڇا رڳو اهڙن هزار يا سَو به نه، ڏهن ٻارهن سائنسي، فني يا هنري اصطلاحن ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ پسند ڪندا جيڪي پاڻ پنھنجي سر نور نچوئي سنڌي ٻوليءَ جي علمي ذخيري ۾ وڌايا آهن؟ جنھن ماڻهوءَ پنھنجي سڄي شعوري زندگيءَ ۾، اڪابر ۽ واقف هجڻ باوجود پنھنجي ٻوليءَ کي نه ته ڪو علمي، فني يا هنري ڪتاب، مقالو، مضمون وغيره ڏنو آهي، تحقيق نه ڏني آهي، قومي ڇوٽڪاري جي واٽ ۽ وقت نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري چند علمي اصطلاحن جو واڌارو ڪيو آهي، اهو ڪھڙي بنياد تي سينو ٺوڪي انهن ماڻهن تي ٺڳ، کائُو ۽ ناٽڪي هجڻ جي فتوى جاري ڪري جن سندس ڀيٽ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي يا ساڄي کان کاٻي لکجندڙ سمورين ٻولين لاءِ مدي خارج هجڻ جو ٺپو هڻي؟
اڻڄاڻ ۽ ڄٽ ماڻهوءَ تي (شايد) ڪا مَيار ناهي جيڪڏهن هو ناڪاره ۽ بيڪار ڪمن ۾ پنھنجي سڄي زندگي وڃائي ڇڏي، پر جيڪو ماڻهو علم، ادب، فن، هنر، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ وغيره جو ادراڪ ۽ عرفان رکندو هجي ۽ پنھنجيءَ زبان سان اهڙي هام به هڻي ۽ اهو به جيڪڏهن پنھنجي اڪيلي ۽ ناياب زندگي بيڪار ۽ ناڪاره ڪمن ۾ وڃائي، ته اهو نه رڳو مياري پر ڏوهاري به آهي. حليم بروهي صاحب جن ته الائي ڪيترن ئي ماڻهن جا الائي ڪيترا لک ڪلاڪ پنھنجون ناڪاره ۽ بيڪار تحريرون پڙهائي برباد ڪيا آهن؟!
حليم بروهي صاحب جن تھمت آندي آهي ته سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي ۽ هر اها ٻولي جيڪا ساڄي کان کاٻي لکي وڃي ٿي، سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ ڇپائيءَ جي معاملن ۾ مدي خارج آهي.
پنھنجو تيسو پورو ڪرڻ، ٻين سان وير پاڙڻ، پرايون عورتون تاڙي عيب جوئي ڪرڻ ۽ ناڪاره ۽ بيڪار ڪمن ۾ پنھنجي حياتي ڳاري ڇڏڻ بدران جيڪڏهن ٻوليءَ جي رڳو ان هڪ پھلو تي ئي تحقيق ڪئي وڃي ها، ته شايد وڌيڪ عزت لائق ماڳ ماڻي سگهجي ها!
حليم بروهي صاحب جن ”مضمون بازي“ ۽ ”شعر بازي“ ۾ پنھنجو ۽ ٻين جو وقت وڃائڻ بدران جيڪڏهن اڄ به ڪو علمي ڪم هٿ ۾ کڻن، ته شايد سنڌي ٻوليءَ کي ڪي لاجواب ڪتاب تحفي ۾ ڏئي سگهن، پر هتي سوال آهي ته ساڄي کان کاٻي ويندڙ ٻوليون ڇپائيءَ جي معاملن ۾ مدي خارج ڪيئن آهن؟
سنڌي، اردو، فارسي، عربي وغيره ٻولين ۾ ڪمپيوٽر تي سوين ڏهاڙي اخبارون، هزارين ماهوار رسالا ۽ ساليانو لکين ڪتاب ڇپجي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينھن سندن سونھن سرس ٿيندي پئي وڃي. منجهن الائي ڪيترو سائنسي، فني، هنري، ٽيڪنيڪي ۽ ٻيو علمي مواد وڌندو ئي رهي ٿو، اهي ٻوليون ڇپائي جي معاملي ۾ مدي خارج وري ڪيئن چئبيون؟ ڇا انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره کي ڪي عجيب قسم جا خوشبودار گل پاتل هوندا آهن، جيڪي هنن ٻولين وٽ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ميسر ناهن؟
حليم بروهي صاحب جن جي ٻي تھمت آهي ته ساڄي کان کاٻي لکجندڙ ٻولين ۾ الڳ نقطا ۽ هيٺان مٿان زير، زبر، پيش وغيره جون نشانيون ڏنل هونديون آهن جنھنڪري اهي مدي خارج ٿي پيون آهن. اهو هڪڙو عجيب قسم جو بي بنياد منطق آهي. سنسڪرت ۽ لاطيني ٻوليون (اڄوڪي حوالي سان) مدي خارج ئي نه ”مُئل ٻوليون“ (Dead Languages) به آهن. اها ڳالهه علمي دنيا ۾ مڃيل آهي. ٻئي کاٻي کان ساڄي لکيون وينديون هيون ۽ لاطيني ته آهي ئي رومن رسم الخط جي ماءُ! يوناني ٻولي کاٻي کان ساڄي لکجڻ ۽ ”سمورن علمن جي ماءُ“ هجڻ باوجود اڄ جھڙوڪر مدي خارج ٻولي آهي، جڏهن ته عربي ٻوليءَ کي فنا ٿي وڃڻ کان بچائڻ ۽ سولو ڪرڻ لاءِ ئي نقطن ۽ زيرن، زبرن، پيش وغيره جو رواج وڌو ويو. هندي ٻولي کاٻي کان ساڄي لکي وڃي ٿي پر رومن رسم الخط ۾ ناهي ۽ عربي ۽ فارسي ٻوليون نه رڳو ساڄي کان کاٻي لکيون وڃن ٿيون پر اکرن جا الڳ نقطا ۽ زيرون، زبرون ۽ پيش به رکن ٿيون ۽ هن وقت اسان جي ڌرتيءَ تي شايد اهي ٽيئي ٻوليون سڀ کان وڌيڪ قديم زماني کان لکبيون ايندڙ ٻوليون آهن. چوٿين ٻولي چيني آهي جيڪا پڻ رومن رسم الخط ۾ نه ٿي لکي وڃي. سنڌي ٻولي باقاعدي تحريري صورت ۾ جھڙوڪر ڪالهه آئي آهي ۽ زبردست رنڊڪن باوجود لاڳيتي ترقي ڪندي رهي ٿي، تنھنڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته زيرون، زبرون ۽ پيش ۽ اکرن جا الڳ نقطا ۽ کاٻي کان ساڄي يا ساڄي کان کاٻي لکجڻ ڪنھن به ٻوليءَ جي ترقيءَ يا تباهيءَ لاءِ ذميوار يا ان جي مدي خارج هجڻ لاءِ ڪنھن به قسم جو دليل ناهن. ڀانئجي ٿو ته حليم بروهي صاحب جن انگريزيءَ جي اڄوڪي چمڪ تي ڀنڀلجي ۽ موهت ٿي پيا آهن.
کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي يا رومن ۽ غير رومن الفابيٽ ۾ لکجڻ واري چڪربازيءَ کان الڳ رهي، اچو ته هاڻي ”ٻوليڄاڻ“ (Linguistics، لسانيات) جي ڪجهه اصولن جي روشنيءَ ۾ انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحريري گڻن تي هڪ نظر وجهون.
ڪي ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون:
1- ٻولي ڳالهائڻ جي ڄمار لکين ورهه آهي ۽ ٻولي لکڻ جي ڄمار رڳو ڪجهه هزار سال.
2- دنيا جي ڪا به ٻولي ناهي جيڪا ڳالهائڻ توڻي لکڻ ۾ سَو سيڪڙو هم آهنگ هجي. لکيت ۾ ڪي نه ڪي خاميون ۽ کوٽون موجود رهن ٿيون. ان هوندي به ڌرتيءَ تي شايد اڪيلي عربي ٻولي ئي آهي جيڪا نسبتاً وڌيڪ جامع تحريري انداز رکي ٿي.
3- ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻِي“. هر ٻولي پنھنجي علائقي ۾ ڪجهه وٿيءَ کان پوءِ ٿورو ڪي گهڻو لھجو/محاورو رکي ٿي ۽ هر ڏهن پندرهن ورهين کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه بدلجي ٿي، جڏهن ته لکيت عام طرح سڄي علائقي لاءِ ساڳي رهي ٿي ۽ ان جي بدلجڻ جي رفتار ڏاڍي ڍري هوندي آهي.
4- دنيا جي ڪا به ٻولي اهڙي ناهي جيڪا پنھنجيءَ نج ڪلاسيڪل شڪل ۾ مروج ۽ موجود هجي.
5- دنيا ۾ ڪا به اهڙي ٻولي موجود  جيڪا ٻين ٻولين جي سمورن آوازن کي صحيح نموني ادا ڪري سگهي.
6- لکيت ۾ ايندڙ هر ٻولي پنھنجن آوازن کي ڪن مخصوص تحريري نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي محتاج آهي. انهن تحريري نشانن کي اکر سڏجي ٿو. دنيا جي ڪنھن به ٻوليءَ ۾ هر ممڪن آواز لاءِ هڪ ڌار ۽ مخصوص اکر موجود ناهي.
سنڌي ٻولي پنھنجا مخصوص آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص اکر ڪم آڻي ٿي ۽ انگريزي به اکرن وسيلي ئي لکجي ظاهر ٿئي ٿي. سنڌي اکر کاٻي کان ساڄي لکيا وڃن ٿا ۽ انگريزي اکر کاٻي کان ساڄي. سنڌي ٻولي ڪن آوازن جي لاهه چاڙهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪجهه اکرن ۽ زيرن، زبرن، پيش وغيره جي نشانن کان مدد وٺي ٿي، پر انگريزي ٻولي اهم ڪم رڳو پنھنجي اکرن کان وٺي ٿي. سنڌي ٻولي جيڪا هڪ آواز جي نمائندگي ڪندڙ اکر تي هيٺان يا مٿان ڪي نقطا وڌائي ٻئي آواز جو نمائندو اکر مقرر ڪري ٿي، جيئن ’س‘ اکر تي ٽي نقطا وڌائي ’ش‘ ڪري ٿي، پر انگريزي ٻوليءَ ۾ اهو ڪم به اکرن کان ئي ورتو وڃي ٿو، جيئن ايس (S) اکر سان ايڇ (H) ملائي ’س‘ جي آواز مان ’ش‘ جو آواز بنائي ٿي. مقرر تحريري نشانن ۽ آوازي نشانين جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا آواز وڌيڪ پائدار صورت وٺي بيھن ٿا جڏهن ته نقطن ۽ آوازي نشانين بدران تحريري نشان ڳنڍڻ جي ڪري انگريزي ٻوليءَ جا آواز ڪنھن هڪ پائدار صورت کان محروم ٿيو پون ۽ منجهن ڪيترائي نقص رهجيو وڃن. مثال طور ’ش‘ کي زبر ڏئي /شَ/ ڪرڻ کان پوءِ اهو آواز ڪنھن به لفظ ۾ ۽ ڪٿي به (يعني لفظ جي اڳ ۾، وچ ۾ يا آخر ۾) اچڻ کان پوءِ هر حالت ۾ پنھنجي اها ئي صورت ۽ آواز برقرار رکندو ۽ /شَ/ ئي پڙهڻ ۾ ايندو، جيئن شَڪتي، شَڪي، شَريف، روشَن، فرشَن، جوشَ، هوشَ لفظن ۾ /شَ/ جي صورت ۾ ڪو به ڦيرو يا تبديلي نه ٿي اچي.
انگريزي ۾ به /ش/ آواز موجود آهي پر اهو ڪنھن هڪ مقرر تحريري صورت وسيلي ظاهر نه ٿو ٿئي. مثال طور ’ش‘ اکر جو آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ انگريزي مروج طريقن مان هڪ طريقو S (ايس) جي نشان کان پوءِ ­H (ايڇ) ڳنڍڻ آهي يعني ايس تي نقطا ڏيڻ بدران اهو ڪم ايڇ ڳنڍي ورتو وڃي ٿو. هاڻي جيڪڏهن /شَ/ آواز ظاهر ڪرڻو آهي، ته زبر ڏيڻ بدران انگريزي ۾ مروج طريقن مان هڪ طريقو اهو آهي ته A (اي) ڳنڍيو وڃي يعني /شَ/ جو متبادل ۽ برابر آواز آهي /SHA/، پر اکرن جي انهي ترتيب جو آواز هر حالت م /شَ/ نه ٿيندو:
     Shall   (شل) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شَ/ آهي.
    Sham   (شئم) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شئه/ آهي.
Shame      (شيم) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شي/ آهي.
   Share    (شيئر) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شيئه/ آهي.
    Shaft   (شافٽ) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شا/ آهي.
ان جو صاف مطلب ٿيو ته A (اي) هر حالت م ساڳيو مقرر آواز پيدا نه ٿو ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ پنجن سُرن (vowels) پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، تنھنڪري ڪنھن مخصوص لفظ ۾ ان جو آواز ڪھڙو آهي اهو رٽڻو پوندو. زبر جھڙو آواز Shun (شَن) لفظ ۾ u (يُو) اکر پيدا ڪري ٿو پر اهو ’يُو‘ پڻ هر هنڌ رُڳو زبر جو آواز نه ٿو ڏئي جيئن tube (ٽُوب/ٽيوب)، tumid (ٽيومڊ)، truth (ٽرٿ) وغيره لفظن ۾ آهي. ساڳيءَ طرح shirt (شَرٽ) لفظ ۾ i (آءِ) اکر زبر جو آواز پيدا ڪري ٿو پر ’آءِ‘ پڻ هر هنڌ رڳو زبر جهھڙو آواز نه ٿو ڏئي جيئن shire (شائِر/شاير)، ship (شِپ)، shine (شائين) وغيره جھڙن لفظن ۾ آهي. اهڙي نموني shed (شيڊ) ۽ shell (شيل) ۽ sherd (شرڊ) لفظن ۾ e (اِي) اکر زبر جھڙو آواز پيدا ڪري ٿو پر ”اِي“ پڻ هر هنڌ زبر جھڙو آواز نه ٿو ظاهر ڪري، جيئن she (شِي)، recount (رِيڪائونٽ) جھڙن لفظن ۾ آهي. son (سَن) ۽ ڊَن done جھڙن لفظن ۾ o (او) پڻ زبر جھڙو ڪم ڪري ٿو پر tone (ٽون) ۽ record (ريڪارڊ/ريڪورڊ) جھڙن لفظن ۾ نه. ان ڪري بلڪل پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته آواز جي ساڳي حرڪت ظاهر ڪرڻ لاءِ انگريزي ۾ ڏاڍي وڏي ڪمزوري موجود آهي، ڪنھن به مددگار اکر جي مدد سان ڪنھن لفظ يا آواز تي جيڪا مخصوص حرڪت پيدا ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي مددگار اکر ڪنھن ٻئي هنڌ وري ڪنھن ٻئي قسم جي حرڪت يا سُر پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ڪنھن به لفظ ۾ ڪنھن به اهڙي مددگار اکر وسيلي جيڪا حرڪت يا جيڪو سُر پيدا ڪيو ويو آهي اهو هر لفظ جي لاءِ ڌار ڌار رٽڻو پوي ٿو.
ٻئي پاسي رڳو `SH` واري ترتيب ناهي جيڪا ’ش‘ اکر ٺاهي ٿي. CH پڻ ڪٿي ’چ‘ جو آواز ڏئي ٿو (چارم، Charm) ته ڪٿي ’ڪ‘ جو (ڪئريڪٽر، Character) ۽ ڪٿي وري ’ش‘ جو (شاونزم، Chauvinsim)، (شِوَلرِي، Chavalry)، (شِڪينري، Chicanery)، وغيره. جنھن لفظ کي اڪيلي صورت ۾ سائنس (Science) چارجي ٿو اهو ئي لفظ ’شَنس‘ ٿي وڃي ٿو. مثال ڪانشنس (Consience) پر ’سائنس‘ لفظ ۾ جيڪا تحريري صورت ’ساءِ‘ (Sci) آواز پيدا ڪري ۽ ٻئي هنڌ /شَ/ آواز پيدا ڪري ٿي، اها صورت ٽئين هنڌ /شِ/ آواز پيدا ڪري ٿي جيئن شِياٽيڪا (Sciatica) ۾ آهي. ڪٿي ڪٿي ته اڪيلو S (ايس) اکر ٻئي اکر u سان ڳنڍجي ’ش‘ جو آواز پيدا ڪري ٿو: شوئر (Sure).
اهي ته هئا اهڙا مثال جن ۾ /ش/ آواز لفظ جي اڳيان اچي ٿو پر اهو ساڳيو آواز /شَ/ جيڪڏهن ڪنھن لفظ جي وچ ۾ اچي ٿو تڏهن SH سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 12-صورتون ٻيون به رٽڻيون پون ٿيون:
(1) - sio  -     مئنشَن (Mansion)
(2) - ssio -     پئشن (Passion) ، امپريشن (Impression)
(3) - scie -     ڪانشنس (Conscience)
(4) - sia  -      يوريشن (Eurasian)
(5) - cia  -     گِريشن (Grecian) ، اسپيشل (Special)
(6) - cie  -     اينشنٽ (Ancient) ، سَفِيشنسي (Sufficiency)
(7) - cea  -     اوشن (Ocean) ،
(8) - ciou -     ايفِيڪيشَس (Efficacious) ، گِرئشس (Gracious)
(9) - tiou  -  فَسِيشَس (Facitious) ، فئڪٽيشَس (Factitious)
(10) - tio   -   اسٽيشن (Station)
(11) - tia   -   جينشن (Gentian) ، اِسينشَل (Essential)
(12) ­ - tie   -   پيشنٽ (Patient)
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنھن اکر جا ڌار نقطا ۽ تحرڪي نشان ڏيڻ ۾ ٿوري گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي، جيئن سنڌي جي ’س‘ مٿان ٽي نقطا ڏئي ’ش‘ ٺاهجي ٿو ۽ ان مٿان سنهي ليڪ ڏئي /شَ/ ڪجي ٿو، پر سنڌي ٻولي کي ان ڏاڪي کان پوءِ اها برتري ملي پوي ٿي ته جتي به /شَ/ اچارڻو آهي اتي اها هڪ ئي تحريري صورت برقرار رهندي، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ کي اهو ساڳيو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 18 (ارڙهن) تحريري صورتون رٽڻيون پون ٿيون ۽ سمجهان ٿو ته اها ڪنھن به ٻوليءَ جي تحريري نشانن جي هڪ ڏاڍي وڏي ڪمزوري/ڪچائي آهي. ڪنھن آواز جي تحريري نشان جي هڪ مقرر صورت ياد ڪرڻ ۽ لکڻ وڌيڪ سولو آهي يا ساڳي ئي آواز جون 18 تحريرون صورتون ياد ڪرڻ ۽ لکڻ؟ ٽي نقطا ڏيڻ ۾ وڌيڪ تڪليف آهي يا ٽي تحريري نشان جيڪي به مختلف لفظن ۾ مختلف هجن؟ ۽ هڪ زبر ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا اهڙو تحريري نشان جنھن جو هڪ لفظ ۾ آواز هڪ آهي، ته ٻئي لفظ ۾ ٻيو؟
هتي اهو به ياد رکيو وڃي ته سنڌي ۾ لکجندڙ هر اکر هر لفظ تي تحرڪي نشانيون ڏيڻ هر حالت ۾ ضروري ناهي، اهي رڳو ابتدائي تعليم مھل سيکارجن ٿيون ۽ عام توڻي خاص تحرير ۾ تڏهن آڻجن ٿيون جڏهن لفظ نئون يا ڪجهه منجهائيندڙ هجي. سنڌيءَ جون سموريون اخبارون ۽ سمورا رسالا ۽ ڪتاب انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن، جڏهن ته انگريزيءَ ۾ هر حالت ۾ هر لفظ کي زير، زبر، پيش وغيره جو ڪارج ادا ڪندڙ تحريري نشان وسيلي ئي لکڻو پوي ٿو ۽ انهن تحريري نشانن جي ترتيب به رٽڻي پوي ٿي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ 19 قسمن جا سُر (Vowel) آواز ۽ لڳ ڀڳ 30 قسمن جا وينجڻ (Consonant) آواز موجود آهن جن وسيلي ٿلهي ليکي هڪ سَو قسمن جا صَوتيا (Phonemes) ٺھن ٿا. سُر آواز ملائڻ کان پوءِ اهو صوتياتي ذخيرو 360 تائين پھچي ويندو. انهن سڀني صوتين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وٽس رڳو 26 اکر آهن، ان ڪري سڀني صوتين جو گلو گُهٽي ۽ اکرن جو ترتيبون بدلائي زوريءَ کين هڪ مخصوص آواز قرار ڏنو وڃي ٿو، ان ڪري ئي ڪيتريون هڪ جھڙيون تحريري صورتون مختلف قسمن جا صوتيا اچارڻ لاءِ مجبور ڪيون ويون آهن. ]Th جو آواز ’د‘ (دِس this) به ته ’ٿ‘ (ٿِن. thin) به.[ انگريزي ٻوليءَ جي وارثن کي جيڪڏهن اها صلاح ڏجي ته اهي / شَ/ لاءِ رڳو هڪ تحريري صورت/ترتيب مقرر ڪن ۽ مٿي ڏنل قسم جي لفظن جون اسپيلنگون (Spellings) هن طرح لکن: manshun, pashun, conshunce, urashun, greshun, anshunt, oshun, efficashun, facishus, genshun, pashunt وغيره ته ڇا اها وڌيڪ اصولي ۽ عملي ڳالهه نه ٿيندي؟ ساڳيءَ طرح کين اهو به چئي سگهجي ٿو ته ’C (سِي) اکر جو آواز ڪٿي ’ڪ‘ (ڪيئر، Care)، ڪٿي ’ک‘ (کَف، Cough) ۽ ڪٿي ’س‘ (سٽي، City) يا ’G (جِي) جو آواز ڪٿي ’گ‘ (گراس، Grass) ۽ ڪٿي ’ج‘ (جيالاجي، Geology) يا ’T (ٽِي) جو آواز ڪٿي ’ت‘ ۽ ’ٽ‘ ته ڪٿي ’چ‘ (مئچوئر، mature)، (فرنيچر، Furniture) وغيره وغيره نه ٿا ٺھن، اصولي ناهن، تنھنڪري ٻيلي ڏاها ٿيو، سڌرو ۽ پنھنجي ٻوليءَ جا اکر ۽ آواز ٺيڪ ڪيو ته ان ۾ ڪھڙي خطا ٿي پوندي؟
ڇا حليم بروهي صاحب جن کين اهڙي اصولي صلاح ڏيڻ پسند ڪندا ۽ کين چوندا ته سندن دماغن تان جيڪڏهن سندن ڄَٽ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو ڪجهه ڍرو ٿيو آهي ته هڪدم آوازن لاءِ مقرر اکر ٺاهن ۽ پنھنجي اسپيلنگ درست ڪن؟!
سنڌي سُر آواز 10 ڏهه چيا وڃن ٿا جيڪڏهن انهن سان ”ن“ گُهڻي وارا ڏهه سر به ملائجن (۽ ملائڻ گهرجن) ته اهي ٿيندا 20 (ويھه). سنڌي ۾ وينجڻ آواز لڳ ڀڳ 40 (چاليھه) آهن (هتي مون اهي وينجڻ آواز شامل نه ڪيا آهن جيڪي عربيءَ مان آيل آهن ۽ سنڌي لوڪ جن کي صحيح اچاري نه ٿو سگهي جيئن ث، ح، خ، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ ۽ ق). انهن تي تحرڪي نشانيون آڻڻ وسيلي سندن 120 قسمن جا صوتيا پنھنجين اصولي ۽ مقرر صورتن ۾ ٺاهي سگهجن ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ مروج آهن. انهن سان سُر آواز ملائبا ته صوتياتي ذخيري جو انگ 570 تائين وڌي ويندو ۽ ان جي صورت به مقرر هوندي. انهن سان وري جي مرڪب آواز پنھنجي صوتياتي صورت ۾ ملائجن ته اهو ذخيرو اڃا وڌيڪ ٿي ويندو. رومن الفابيٽ ۾ انهن سڀني آوازن جي صورت ڪيئن بيھندي، ان جو هڪ ننڍڙو مثال هيٺ ڏنل آهي. ان هوندي به جيڪڏهن ڪو ”اڪابر“ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيڻ جي بھاني اها صلاح ڏئي ته هروڀرو رومن الفابيٽ اختيار ڪيو نه ته ڄَٽ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جي چنبي کان آزاد ٿيل ناهيو، ته سندس دماغي صحت تي شڪ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ اها اڻٽر مجبوري ناهي ته رومن الفابيٽ اختيار ڪئي وڃي. ان لاءِ پنھنجي تحقيق کي وڌائڻو ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کي سمجهڻو پوندو ۽ ٻيو نه ته به هڪ مخلص ۽ ڪجهه خرچ ڪري سگهندڙ ادارو گهربو. اسان جا ڪيترائي نوجوان ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي دماغ رکن ٿا، وٽن هنر به آهي ته فن به، کين مناسب سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن، ته ڪو شڪ ناهي جو ايندڙ ويھه پنجويھه ورهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪري سگهجي!
حليم بروهي صاحب جن پنھنجي انهيءَ نيت سان ڏاڍا مخلص آهن (۽ مون کي سندن اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي)، ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي رومن الفابيٽ ۾ لکيو وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ پنھنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري هڪ چَوپڙي به ڇپرائي هئائون. ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي حوالي سان اها ڪيئن آهي، اهو هڪ ڌار بحث ٿيندو، پر ان ۾ سنڌي لفظن جا ڪي ٽپِيڪل مثال ڏئي هڪ اسپيلنگ مقرر ڪئي هئائون. ڇا پاڻ ان چوپڙيءَ جي بنياد تي امتحان ڏيڻ پسند ڪندا؟
منھنجي اکين آڏو مسٽر جِي. اي. گِريئرسن (G.A Grierson) پاران جوڙيل هڪ ڪتاب لِئنگُئسٽڪ سروي آف پاڪستان (Linguistic Survey of Pakistan) جو چوٿون جُلد موجود آهي جيڪو ”اڪيُوريٽ پرنٽرس“ لاهور وارن ڇپايو آهي. اهو ڪتاب لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي اٺين جلد جو پھريون ڀاڱو آهي. هن ڪتاب ۾ مسٽر گريئرسن سنڌي ۽ لھندا ٻولين جو جائزو ورتو آهي ۽ منجهس ڪيترن ئي سنڌي آوازن لاءِ رومن الفابيٽ ۾ مقرر ڪيل اسپيلنگون موجود آهن. مسٽر گريئرسن وڏي پائي جا عالم هئا ۽ پنھنجيءَ وسيع ڄاڻ آهر سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي آڏو رکيو هئائون تنھنڪري سندن مقرر ڪيل اسپيلنگون معياري سڏي سگهجن ٿيون. هتي انهيءَ ڪتاب مان حيدرآباد واري معياري لھجي/محاوري جو هڪ ٽڪرو مثال لاءِ پيش ڪجي ٿو:


مٿي ڏنل هر هڪ لفظ کي پوري ڌيان سان پڙهو ۽ پوءِ پنھنجي راءِ ڏيو، ته ڇا ان قسم جي الفابيٽ ۾ لکڻ لاءِ انگريزيءَ جو 26 اکرن وارو سرشتو قابل قبول ۽ لائق ثابت ٿيندو؟ ڇا زيرن، زبرن، پيشن ۽ نقطن جو هڪ نئون سلسلو رومن الفابيٽ ۾ نه وڌائڻو پوندو؟ ڇا ان قسم جي الفابيٽ ڪم آڻڻ لاءِ ٽائيپ رائٽر اوترو ئي ڪارگر ٿي سگهندو جيترو هن وقت انگريزي ٽائيپ رائٽر ڪارگر آهي؟ ڇا ان قسم جي ٽائيپ رائٽر تي ٽائيپ ڪرڻ مھل رڳو ايتري رفتار به برقرار رهي سگهندي جيتري هن مھل سنڌي ڪمپيوٽر ٽائيپ رائٽر تي آهي؟ ان قسم جي الفابيٽ کي هٿ سان لکڻ مھل صورتحال ۽ رفتار ڪيئن رهندي؟ ٻارن کي سيکارڻ، اِنڊا ڀرائڻ ۽ انهن جو امتحان وٺڻ مھل جيڪي ڏکيائون آڏو اينديون، ڇا اهي سڀ اڄوڪين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سھنجيون هونديون؟ ڇا ان طريقي سان لکيل پنھنجا هٿ اکر سڀ ماڻهو رڳو پاڻ پڙهي سگهندا؟
1850ع ڌاري سنڌيءَ جي الفابيٽ ترتيب ڏيڻ مھل اهو هڪ وڏو بحث هو ته سنڌيءَ لاءِ ڪھڙي الفابيٽ مقرر ڪئي وڃي گرمکي/هندي يا عربي/پارسي. ڪيترن ئي عالمن پنھنجا رايا ظاهر ڪيا هئا. ساڳيءَ طرح ڪجهه عالم انهيءَ جا قائل به آهن ته سنڌيءَ لاءِ رومن الفابيٽ اختيار ڪئي وڃي، جنھن لاءِ هتي سراج الحق ميمڻ صاحب جن جو نالو کڻي سگهجي ٿو. هاڻي ٻُڌجي پيو ته ڪن علمي سببن جي ڪري انهيءَ راءِ جا حامي نه رهيا آهن. ڪي دوست ته اهو چوندي به ٻُڌا ويا آهن ته سنڌيءَ لاءِ الفابيٽ رومن هجي، هاڻوڪي سنڌي، اهو به ڪو موضوع آهي جنھن تي بحث ڪجي! ان هوندي به سمجهان ٿو ته ڀلي بحث ڪري هڪ ڳالهه کي چٽو ڪيو وڃي. جيڪڏهن مقصد رڳو ڪجهه ماڻهن تي ٽوڪبازي ڪري پنھنجو تيسو مارڻ/ٺارڻ ناهي، ته پوءِ خود حليم بروهي صاحب پاران انهيءَ موضوع تي دليلن جي آجيان ڪئي ويندي.
آخر ۾، منھنجو پنھنجو خيال هي آهي ته رومن الفابيٽ اختيار ڪرڻ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي مخصوص آواز جي گم ٿي وڃڻ يا بگڙي وڃڻ جو خطرو هر گهڙيءَ موجود رهندو، جن ۾ مکيه آواز هي هوندا: ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٺ، ڄ، جهه، ڃ، ڇ، د، ڌ، ڍ، ڙ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ ۽ ڻ.
•••



q  ماهوار ’پرهه‘ جي ٻن شمارن ]جلد: 3، شمارو: 2 ۽ 3] ۾، ٻن قسطن ۾، ڇپيل.
نوٽ: هيءَ مقالو، محترم حليم بروهيءَ جي ”مضمون“ ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ (ڇپيل روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد، 16-آڪٽوبر 1994ع) جي جواب ۾ لکيل آهي. (رياضت)

No comments:

Post a Comment