ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
سنڌي،
انگريزي توڙي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ لڳ ڀڳ هر اخبار ۽ رسالو، ٻيو نه ته به هر هفتي،
مختلف عنوانن جي سري هيٺ اهڙو مواد ڇاپيندو رهي ٿو جيڪو وهمن جي پچار ڪندڙ هوندو
آهي.
وهم هڪ
اهڙو ڀروسو آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ، جهالت، بي حقيقيءَ ۽ انڌ تي بيٺل ٿئي ٿو. اهو
ماڻهوءَ کي سَونسائي ۽ ڪٽر ٺاهي ٿو. ڪٽر جن اکين ۾، سي پرين ڪيئن پسي سگهنديون، ۽
جي اهو ڪٽرپڻو اندر ۾ هجي، ذهن ۾ هجي ته پوءِ....؟
وهمين
جو اهو ڪٽرپڻو ئي آهي جيڪو کانئن اهڙيون فتوائون به جاري ڪرائي ٿو جيڪي هر ان
ماڻهوءَ کي واجب القتل قرار ڏيو ڇڏن جيڪو وهمن کي نه ٿو مڃي ۽ انهن خلاف سائنسي،
عقلي، علمي، منطقي ۽ اصولي دليل آڻي ٿو.
دليل
پهرين نشاني آهي سائنس، حق، سچ ۽ روشن دماغيءَ جي، ۽ اهو دليل ئي آهي جنهن هزارين-روپي
مخالفتن باوجود جهالت وسيلي ڌُنڌايل، دٻايل ۽ ڌڪاريل سچائيءَ کي نکاري نروار ڪيو ۽
ان کي اها مڃتا ڏياري جو اڄ سائنسي حقيقتن کان منهن موڙڻ ممڪن نه رهيو آهي.
جڏهن سچ
انهيءَ اوج کي رسيو تڏهن جهالت، جيڪا اڳ پاڻ تي انڌي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏيندي هئي،
ويس مٽائي ”دليل بازي“ ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجن وهمن کي ”سائنسي“ سڏي پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
هن وقت
بازار ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب مليو وڃن جيڪي ”سائنس“ ۽ ”دليل“ جي بنياد تي جاهل
عقيدن، ويساهن، وهمن، ڀرمن ۽ ڀروسن کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا.
جاهل
وهمن کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ”سائنسي دليلن“ کي جڏهن پڙهجي ٿو تڏهن هڪ عام
جڏو يا جاهل دماغ ته متاثر ٿئي ئي ٿئي ٿو پر ڪيترن ئي اکرن ۾ ته چڱو ڀلو پڙهيل
ماڻهو به اڙجيو وڃي.
جڏهن به
اهڙو موضوع مطالعي هيٺ آيو جنهن ۾ جاهل وهمن کي ”سائنسي بنيادن“ تي بيهاري ”منطقي“
انداز ۾ ”حق حقيقت“ سڏي پيش ڪيو ويو تڏهن اهڙي جاهلانا جتن تي اندر ته جيڪو ڪڙهيو
سو ڪڙهيو پر لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ به هرندي رهي آهي ته
سورهيه مرين سوڀ
کي، ته دل جا وهم وسار.
اهي
ماڻهو جيڪي سوڀ ماڻڻ لاءِ انتهائي حد تائين جتن ڪرڻ جي سڌ رکن ٿا، جيڪي غلاميءَ جي
هر روپ کان هر حالت ۾ آجپو چاهن ٿا، جيڪي سوڀ کان سواءِ جيئڻ ئي نه ٿا گھرن، تن
لاءِ لطيف سائين جي پهرين صلاح/پهريون حڪم هي آهي ته دل جا، اندر
جي اونهائين ۾ ديرو دمائي ويٺل سمورا وهم وساري ميٽي ڇڏيو.
لطيف
سائين دل جي هر مهم کي ختم ڪري ڇڏڻ جو زور ڀري ٿو ۽ وهم وساري ڇڏڻ کي سوڀ لاءِ هڪ
۽ پهريون شرط مقرر ڪري ٿو.
سڀ-روپي،
سڀ پاسائين ۽ سڀ رنگي ڳالهه ڪرڻ پڻ لطيف سائينءَ جي هڪ عالمانا، ڏاهپ ڀري خوبي
آهي. لطيف سائينءَ جي لڳ ڀڳ هر ڪوِتا ۾ سڀارپ (عموميت، جنرلٽي) ملي ٿي. سڀار
(جنرل، عام، هر هنڌ موجود ملندڙ، سڀ وارِي) خصوصيت جي ڪري ئي هر ڏيهه، هر ڌرم، هر
فرقي توڙي هر طبقي جو ماڻهو لطيف سائينءَ کي پڙهڻ ۽ پرجھڻ پسند ڪري ٿو. لطيف سائينءَ
جي اها به هڪ وڏي خوبي آهي جو هو هر لفظ کي ٺڪي ٺوڪي پنهنجيءَ پوريءَ معنى ۽ مفهوم
جي حالت ۾ ڪم آڻي ٿو ۽ ان ڪري ئي لطيف سائينءَ جي هر سوچ ۾ هر لفظ پنهنجي پوري عزت
برقرار رکندي اڀري اچي ٿو. ذڪر هيٺ بيت ۾ لفظ وهم به پنهنجي سڀار ۽ حقيقي
معنى ۾ سمجهڻ گهرجي.
اهي
ڪهڙيون ڪرتون، ڳالهيون ۽ سوچون هيون جن کي لطيف سائين پنهنجي سِر تي (همعصر،
ڪنٽيمپورري) دَور ۾ وهم پئي سمجھيو ۽ اڄ وهم ڪهڙا آهن ۽ منجھن ڪو فرق ۽ گھاٽي وڌي
آهي يا نه، منهنجو ان سان في الوقت واسطو ناهي. منهنجو واسطو ان ڳالهه سان آهي ته
وهم اڳي به هئا ۽ هاڻي به آهن ۽ انهن وهمن کي وسارڻ جي ئي تلقين ڪئي آهي منهنجي ڀٽ
ڌڻيءَ.
۽ اهي
وهم ميسارڻ لاءِ آءٌ هن موضوع تي لکڻ گھران ٿو، ڇو ته اسان جي قومي، ڏيهي، سياسي،
معاشي، اخلاقي، ثقافتي، لساني، علمي وغيره غلامين ۾ انهن جو وڏو ڪردار آهي ۽ آءٌ
هر غلاميءَ خلاف جنگ ڪري ان کان آجپو ماڻڻ پنهنجو پهريون فرض ٿو سمجھان.
پڙهاڪ
ماڻهو جيڪڏهن پاڻ وٽ ڪو به وهم موجود پائين ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ چاهين ٿا مهرباني ڪري
رسالي· ڏانهن خط لکي
ظاهر ڪن، انتهائي ڪوشش ڪئي ويندي ته انهن کي سائنسي ۽ حقيقي بنيادن تي رد ڪيو وڃي.
No comments:
Post a Comment