ذهنن
کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
ڳجهه بابت ”ڳجهي“
رپورٽ ”سائنسي دوزخ“
گڏيل
آمريڪي رياستن (گ ا ر) جي هڪ جاسوس ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فتنا ۽ سازشون
اُپائي، اڀاري، پالي تاتي، وڌائي ۽ پکيڙي گ ا ر جي سامراجي مفادن کي محفوظ رکڻ
لاءِ ڪوششون ڪندڙ سرڪاري تنظيم ”سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي“ (سِي آءِ اي)، جنهن جون
مصروفيتون ۽ ترجيحون سوويت يونين جي ٽُٽي پوڻ کان پوءِ ڪي قدر بدلجي ويون آهن،
پنهنجيءَ هڪ تازي ”کوجنا“ ۾، ذهن کي وائڙو ڪندڙ ”خبر“ ڳولي آئي آهي. هفتيوار ”ورلڊ
نيوز“ ۾ شيع ٿيل رپورٽ موجب:
1.
سي اءِ اي جِي
ڳجهي تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته زمين تي وقت بوقت رهاڪو نظر ايندڙ خلائي
مخلوق حقيقت ۾ دوزخ جا رهاڪو جن ۽ ڀوت آهن، جيڪي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ ڇڙيل جنگ
کي فيصلي ڪُن شڪست ڏيڻ لاءِ شيطان جي مدد ڪرڻ واسطي آيا آهن.
2.
اُڏند-کٽوليون
(يا اُڏامڪ ٿالهيون) انهن کي دوزخ کان زمين تي پهچائڻ جو فرض سرانجام ڏينديون آهن
ته جيئن اهي بدروح زمين تي نيڪيءَ کي روڪين ۽ برائيءَ کي پکيڙين.
3.
سي آءِ اي جِي ”ڊگھي“
۽ ”اَڻٿڪ“ تحقيق وسيلي اهو به ثابت ٿيو آهي ته لڳ ڀڳ 200 قتل جي حادثن ۾ پڻ انهن
جو هٿ آهي. (ڏسو ”عوامي آواز“، 11 مارچ 1997ع)
”کوجنا“ جو
تجزيو
1.
دوزخ، جن ۽ ڀوت
اهڙيون شيون آهن، جن بابت گ ا ر جو ڳجهو ادارو، ڳجهي نموني چڪاس ڪري ۽ ڄاڻي سگهي
ٿو!
2.
دوزخ کان ڌرتيءَ
تائين اڏامڪ ٿالهين جهڙيون انتهائي اعلى پيماني جون سڌريل سائنسي ايجادون جنن ۽
ڀوتن کي ڍوئي اچن ٿيون. جن ۽ ڀوت اڏامڪ ٿالهين ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.
3.
اهي جن ۽ ڀوت
بدروح آهن جيڪي نيڪيءَ خلاف فساد ڪرڻ لاءِ اچڻ جي ڊيوٽيءَ تي چڙهيل آهن.
4.
لڳ ڀڳ 200 قتل
جا اهڙا حادثا ٿيا آهن جن ۾ انهن بدروحن يا جنن ۽ ڀوتن جو هٿ آهي.
5.
دوزخ ڌرتيءَ کان
پري آهي. ڪيترو پري ۽ ڪٿي آهي، ان بابت ڄاڻ مهيا نه ڪئي وئي آهي ۽ اها ”ڳجهي“،
”ڊگھي“ ۽ ”اڻٿڪ“ تحقيق ڪيئن ممڪن ٿي سگهي.
6.
دوزخ ۾ يا دوزخ
ڀرسان ضرور ڪي اهڙيون هستيون رهن ٿيون جن وٽ لاجواب سائنسي دماغ ۽ بي پناهه وسيلا
۽ عاليشان ليباريٽريون آهن، جنهنڪري ئي انهن لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو آهي جو اڏامڪ
ٿالهيون ٺاهي سگهن، ۽ اهو به ته جن، ڀوت ۽ بدروح سفر ڪرڻ لاءِ مشيني وسيلن جا
محتاج آهن.
7.
اڏامڪ ٿالهيون
ڌرتيءَ تي اچڻ کان پوءِ يا ته زيان ٿي وڃن ٿيون يا وري موٽي وينديون هونديون. جي
زيان ٿي وڃن ٿيون ته ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته دوزخ جي سائنسدان هستين وٽ ايڏو ججهو
مادو موجود آهي جو اهي پيا ٿا اڏامڪ ٿالهيون ٺاهن، اڏائن ۽ ضايع ڪن. جي موٽي وڃن
ٿيون ته ضرور انهن جا ڪي پائلٽ هوندا يا وري رموٽ ڪنٽرول هيٺ هونديون ۽ ان حالت ۾
اهو به ڀروسو ڪرڻو پوندو ته اهو رموٽ ايڏو ته اثرائتو آهي جو اَڄاتل وشال ڪائنات
کان پريان ڪٿان، ڪروڙين سالن جي نُوري فاصلي تان اثرانداز ٿئي ٿو. (هڪ نوري سال جو
مفاصلو برابر آهي لڳ ڀڳ 365x24x60x60x186000 ميل.)
8.
اسان جي ڌرتيءَ
جي جديد ترين تحقيق اڃا ان سطح تي نه پهچي سگھي آهي جو اڏامڪ ٿالهيون ٺاهي سگھي. ان
جو مطلب هيءُ ٿيو ته اهي دوزخ واسي هستيون اسان جي موجوده سائنسي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ
ايجادن کان گھڻي مٿاهين ۽ اعلى حيثيت رکن ٿيون. ان هوندي به ڌرتيءَ جي هڪ ملڪ جا
ڄامڙا جاسوس ڳجھي نموني ايڏي اونهي ۽ اُتم تحقيق ڪري سگھيا!
پالهي ”جنت“
هڪ پاسي سِي آءِ اي دوزخ ڳولي لڌي ۽ ان بابت ڄاڻ فراهم ڪئي
آهي ته ٻئي طرف فلڪ بابت تحقيق ڪندڙ ڪن سائنسدانن، جن جو واسطو پڻ گ ا ر سان آهي
”جنت جي کوجنا“ ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب:
1.
سانۡ ڊياگو جي
فلڪيات جي ماهر پروفيسر جل سانتر دعوى ڪئي آهي آمريڪي خلا بابت تحقيقي اداري ”ناسا“
(NASA) پاران موڪليل گمنام خلائي ڇٽل ڪي اهڙيون تصويرون موڪليون آهن جن
جي باري ۾ گمان آهي ته اهي جنت جون تصويرون آهن. اهي خلا ۾ اڏامندڙ هڪ جرڪندڙ
پراسرار شهر جون تصويرون آهن جنهن ۾ ڊگھيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جڏهن ته ان تي
تمام گھڻي ٿڌ سبب زندگي برقرار رهي نه ٿي سگهي.
2.
اهي تصويرون
تڏهن ٺهيون جڏهن خلائي ڇٽل 3 ارب 11 نوري سال پري هڪ ڪهڪشان جون تصويرون وٺي رهي
هئي.
3.
سائنسدانن جو
چوڻ آهي ته اهو خدا ۽ سندس فرشتن جو گھر آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ هڪ روح کي،
جيڪڏهن روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ته، لڳ ڀڳ 3 ارب سال لڳي ويندا ۽ جي روشني
کان 1000 ڀيرا تيز سفر ڪري ته 30 لک سال لڳي ويندا.
”کوجنا“ جي
ڇنڊڇاڻ
1.
جنت اسان جي
ڌرتيءَ کان لڳ ڀڳ 3 ارب نوري سال پري، خلا ۾ اڏامندڙ هڪ جرڪندڙ ۽ پراسرار شهر آهي،
ان ۾ ڊگھيون ڊگھيون عمارتون آهن ۽ اتي ايڏي ٿڌ آهي جو زندگي برقرار رهي سگهي، ممڪن
ناهي.
2.
اهو خدا ۽ سندس
فرشتن جو گھر آهي. چئبو ته انهن ”سائنسدانن“ جي نظر ۾ خدا ۽ فرشتا ڪنهن به قسم جي
ڪا زندگي نه ٿا رکن، پوءِ به ڊگھي ڊگھين عمارتن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا (جيڪي ضرور ڪنهن
ته جوڙيون هونديون) يعني بي انتها محدود آهن!
3.
ڪو روح جيڪڏهن
جنت تائين پهچڻو آهي ته ان کي گھٽ ۾ گھٽ 3 ارب سال لڳي ويندا بشرطيڪ اهو روشنيءَ
جي رفتار سان لاڳيتو سفر ڪري!
4.
ڌرتيءَ جي ڪل
ڄمار 3 ارب 60 ڪروڙ ورهيه چئي وڃي ٿي ۽ ان تي موجود ٿي سگھيل ابتدائي، پهريون،
آڳاٽو ”ساهوارو“ ڪنهن به طرح ۽ ڪنهن به روپ ۾ اڍائي ارب ورهيه کان اڳ موجود نه هو.
جيڪڏهن هر ”ساهوارو“ هڪ ”روح“ رکي ٿو تڏهن به اهو ممڪن نه آهي ته توڙي جو ان
روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪيو هجي پر اڄ تائين جنت کي ويجھو رسي سگھيو هجي.
5.
قديم يونان ۽
ٻين ملڪن ۾ ديوي ديوتائن جي رهائش بابت اهو هڪ عام تصور هو ته اهي الپس جبلن جي
اوچائين تي رهن ٿا ۽ ماڻهو انهن تائين پهچي نه ٿو سگهي، انسان جڏهن ان لائق ٿي
سگھيو ته الپس اُڪري ۽ ڇاڇولي سگھي، تڏهن عقيدو مجبور ٿي پيو ته ديوين، ديوتائن کي
”آسمان“ تي موڪلي ڇڏي. ”جنت“ جو هيءُ تصور انهيءَ قديم ڄٽاڻي عقيدي جو جديد ڄٽاڻو
روپ آهي.
(روزاني ”برسات“ ڪراچي، 27 مارچ 1997ع)
No comments:
Post a Comment