ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
آڏو ٽَڪرَ ٽَرُ
ڪھاڻي
پڄاڻي:
باک ڦٽيءَ مھل هڪ صوبيدار صاحب جا
ڪي سپاهي کمون هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ بنا اطلاع جي گهڙي ويا ۽ ننڊاکڙي کمون ۽ ان
سان گڏ هڪ نوجوان کي کنڀي ٻاهر ڪڍي آيا. کمون ۽ نوجوان ايئن ٿي لڳا ڄڻڪ پنجوڙ ۾
شينھن ڦاٿا هجن. هڪ سپاهيءَ جي هٿن ۾ ڪيترا ئي ڪتاب هئا، گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو
هو.
کمونءَ تي 109، 110 [قلم] ۽ هڪڙي بدمعاش کي پنھنجي گهر ۾ لڪائڻ جو الزام هو ۽
نوجوان تي...
شروعات:
”اڙي کمون! ٻڌو آهي ته تو پاڻ وٽ
ڪنھن لونڊڙي کي لڪائي ويھاريو آهي؟“
”نه وڏيرا! تو غلط ٻُڌو آهي.“
وڏيري جون آڱريون وٽيل مُڇ جي
ڇيڙي تي ئي ڄمي ويون، اکين ۾ ڪروڌ ڀرجي آيس ۽ مُنھن ٽامڻي هڻي ويس. اڄ سندس
زندگيءَ ۾ پھريون دفعو، سندس ڪنھن هاريءَ، ڀريءَ محفل ۾ کيس ايئن سُڪو وڏيرا چئي
جواب ڏنو هو. هونئن ته اهو ئي کمون کيس لک دفعا پيرين پئي سائين، رئيس، ڀوتار پيو
ڪندو هو. اڄ هي کمونءَ کي ڇا ٿي ويو آهي! پھريائين ته ڇھن مھينن کان ڀوتار جي
سلامي ڪو نه ڀري هئائين، مٿان وري جڏهن وڏيري ڪمدار واتان نياپو موڪليس، ته کُتو
جواب ڏئي چيائين، ”جي وڏيري جو ڪم آهي ته وڏيرو مون ڏانھن اچي.“ ڪمدار لک ميڙ
منٿون ڪري کيس راضي ڪيو ته اڄ ڀوتار جي اوطاق تي پري جو مھمان آيل آهي، ٻيلي
منھنجي ٽوپي نه ڦاڙاءِ، اڄ هڪڙو دفعو منھنجي ٻچڙن جي روزگار جو خيال ڪري هل، وري
تو کي سڏڻ نه ايندس. تڏهن مس مس وڃي کمونءَ هاڪار ڪئي.
”اڙي کمون، سمجهين ٿو ته ڪنھن سان
ٿو ڳالهائين؟“ وڏيري کھري آواز ۾ باهه اوڳاڇيندي رڙ ڪئي.
”اڙي ڪر وڃي پنھنجي وڏيري رن کي.
مون کي خبر آهي ته مان غريبن جي روزگار تي لت ڏيندڙ سان ٿو ڳالهايان. مان پورهيتن
جو پوکيو نوسيندڙ سامهون بيٺو آهيان. مان محنت جي ڦوروءَ سان ٿو ڳالهايان.“
کمونءَ جون ٻاهر نڪري آيل ڳاڙهيون
وڏيون اکيون ڏسِي، وڏيري جي عزت واري مھمان جي وات مان ڳاڙهي گِگ وهي وڃي جهول ۾
ڪِري. هُن يڪدم سرڙاٽ ڪري باقي وهندڙ پِڪ کي وات ۾ ڇڪي ورتو. چوڌاري پَٽ تي ڪانڀ
ڪڍي ويٺل هاري، کمونءَ جي مُنھن ۾ چِتائي گهور وجهي ايئن نھاري رهيا هئا ڄڻڪ هو
پٿر جا بوتا هجن. ڪمدار جي ٽوپي لُڏي وئي، ۽ وڏيري جو سڄو بدن ڏڪڻيءَ جو جهٽڪو
کائي سيٽجي سيخ ٿي ويو.
”اڙي... اڙي... کمون...! ڀيڻيان
مادر... مان... مان... جڻ ٻچو رلائي ڇڏيندومانءِ... تميز سان ڳالهاءِ!“ وڏيري جي
وات مان سڌا اکر ڪو نه ٿي اُڪليا. سڄو بُت ڏڪي رهيو هوس، مُٺيون ڀِڪوڙي وري ٿي
کوليائين، اکيون ڪَرڙيون ٿي چھنجيون ٿي ويس.
”اڙي بدمعاش! عزت واري کي عزت ڏبي
آهي. تون پاٿاريدار آهين، ڦورو آهين، مون کي خبر آهي ته تو وٽ چور ويھاريل آهن،
مون کي خبر آهي قانون تنھنجو آهي، تنھنجي حفاظت ڪندو، مون کي خبر آهي تون منھنجي
گهر کي باهه ڏياري سگهين ٿو، پر وڏيرا! هاڻي تون پنھنجي انهن سيٽيل مُڇن کي ڪترائي
ڇڏ. تون، ڊڄ انهيءَ رات کان، جڏهن هي پورهيت، هي هاري ناري جوڌا، جيڪي تنھنجي
چوڌاري ويٺا آهن، اُٿي پنھنجو حق گهرندءِ، جڏهن جيڪو ڪمائي سو کائي جو نعرو لڳندو،
۽ تون...!؟ تنھنجا هڏ به ويھجي ويا آهن، تون ڇا ڪم ڪري سگهندين! تون ته اسان تي
بار آهين، هنن پورهيتن تي بار آهين، جڏهن هي تنھنجي هٿ مان نڪري ويندا، تڏهن
تنھنجو کٽولو ته پاڻھي اچي پٽ تي پوندو. تون آهين ڇا! ڪم چور ۽ نامراد. گرهه به
پنھنجي وات ۾ وجهي ڪو نه سگهندين. تون ته پنھنجي ڇاڙتن جي ٽيڪ تي بيٺل آهين.
وڏيرا، تون ياد رکي ڇڏ، اڄ مان هڪڙو کمون تنھنجي سامهون وِڄ جو وراڪو ٿيو بيٺو
آهيان. سڀاڻي هڪ هڪ پورهيت تنھنجي سامهون ايئن اُڀو ٿي بيھي رهندو. توکي خبر آهي،
تون عقل جو انڌو، منڊو ۽ ڏٻو آهين، توکي اها به خبر ڪو نه هوندي ته جڏهن ويٽنامي
پورهيت جاڳي ڪوڏريون اڀيون ڪيون تڏهن آمريڪي سامراج جي گن مشين کنيل هٿن ۾ به ڏڪڻي
پئجي وئي هئي. جڏهن چيني ماڻهو هٿين خالي اٿي پيا تڏهن جپاني ڦورو بيھي نه سگهيا.
جڏهن انگولا جو عوام باهه جيان ڀڙڪو کائي اٿلي پيو تڏهن پورچوگيزن جا تڏا ويڙهڻ
وارو به ڪو نه هو. توکي ڪھڙي خبر آهي ته پورهيت جي طاقت ڪيڏي وڏي آهي! اهو پورهيت
ئي آهي جيڪو زمين جي سيني تي پنھنجو رت هاري فصل اپائي سڄي دنيا کي پالي ٿو. اهو
پورهيت ئي آهي جيڪو ڳرين مشينن جي ڦيٿن کي ڦيرائي پاڻ ڪَٽجي مري ٿو وڃي، پر دنيا
کي ڍڪي ٿو. اهو پورهيت ئي آهي جيڪو هينئر پنھنجو حق کسڻ لاءِ ڳاڙهو جهنڊو اڀو ڪري
ميدانن ۾ نڪري آيو آهي. اسين مظلوم پورهيت سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون، اسين سڄي ڌرتيءَ
جا پورهيت ساڳيو رت آهيون... ۽ توهان ڦورو، حرامي، لُچ، لوفر، ڪمينا، استحصالي،
سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهيو. توهان جي ذهنيت ئي ذليل آهي. اسين توهان جي ذليل ذهنيت جي خلاف
آهيون. اسان جو رت حق جو رت آهي، حلالي رت آهي... ۽ توهان جو رت، گندو بدبودار
بڇڙو رت ۽ حرامي رت آهي. وڏيرا تون مون کي هيسائڻ ٿو گهرين، تون جڻ ٻچي مارائڻ جي
ڌمڪي ٿو ڏين، جيئن مان حق جي راهه کان منھن موڙي وڃان، پر توکي خبر آهي ته اسان جو
عزم ڪھڙو آهي! ’آڏو ٽڪر ٽر، متان روهَه رتيون ٿئين.‘ تون ڇا آهين! تون ته ڇيت به
ناهين، جو هٿ مان ڪڍڻ جي ضرورت محسوس ٿئي، تون ته پَٽ تي چُرندڙ ڪيولي به ناهين،
جو لَت ڏئي مارجي. تون ته مُئو پيو آهين، رڳو اسين بھادر پورهيت پاڻ ۾ ٻڌي ڪري
وٺون. توکي پورهيت قوت جي خبر ڪونهي نه، تڏهن ٿو چوين ته جڻ ٻچو مارائي ڇڏيندين.
تنھنجي ته طاقت ڪونهي، جو ماري سگهين. جي تون پھڻ پٻ جو، لِڱ منھنجا لوهه. ٻُڌ مان
ٿو ٻڌايانءِ توکي پورهيت جي قوت... پورهيت ويران زمين کي سائو ڪندو آهي، پورهيت
جايون اَڏيندو آهي، پورهيت ڪپڙو ٺاهي اوگهڙ ڍڪيندو آهي، پورهيت ريلون ڊڪائيندو
آهي، پورهيت پليون ٺاهي درياهن جا رخ ڦيري ڇڏيندو آهي، پورهيت جنھن کي چاهي آسمان
جي تخت تي ويھاري ڇڏي، پورهيت جنھن کي چاهي مٽيءَ جي اونهاين ۾ دفن ڪري ڇڏي.
پورهيت سڀ ڪجهه آهي، پورهيت ئي سڀ ڪجهه آهي.“
کمون اُڀو ساهه کڻي چُپ ٿي ويو.
هاري سڀ بوتن جيان کمونءَ تي نظرون کُپايو ويٺا هئا. وڏيري جي مھمان جو ڳاڙهو ڪٻر
جھڙو وات ڦاٽل رهجي ويو هو. وڏيري کان رعب واري مھمان کي پنھنجي مٿاهين مسند
ڏيکارڻ وسري وئي. ڪمدار جي ميڄالي مان ڇيڙ وهرائڻ وارا خيال اڏري ويا. سڀ چپ چاپ
کمونءَ کي نھاري رهيا هئا.
”وڏيرا! توهان هميشه کان پورهيتن
جي ساٿين کي ڪافرن، ملحدن، ڪميونسٽن ۽ دهرين جا ٺپا هڻي ٽياس تي ٽنگائيندا رهيا
آهيو. توهان ئي سچارن کي ٽَڪرين تان اڇلرايو آهي، تيل جي ڪڙهاين ۾ ڪاڙهايو آهي،
سمنڊ جي ڪُنن ۾ غرق ڪرايو آهي، ملڪن مان ڪڍرايو آهي. پر هاڻي اسين پورهيت اهو ڄاڻي
ويا آهيون ته توهان جن کي ملحد، ڪافر، دهريو ۽ ڪميونسٽ ٿا سڏيو، اهي درحقيقت
پورهيتن جا ساٿي آهن. توهان نه ٿا چاهيو ته ڪو پورهيتن کي پنھنجو حق گهرڻ تي آماده
ڪري. توهان نه ٿا چاهيو ته پورهيت توهان کان ڪيل ڦُر جو حق حساب وٺن، تنھنڪري
توهان پورهيتن جي ساٿين کي مختلف ٺپا هڻي، مختلف نمونن سان پئي ڪُھرايو آهي. پر
هاڻي توهان جون اهي چالاڪيون ڪو نه هلنديون. هاڻي توهان جون ٺڳيون اسان کان ڳجهيون
نه رهيون آهن. تو مون کان پڇيو پئي ته ڇا مون ان نوجوان کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي
جنھن کي توهان ڪميونسٽ سڏي مارائڻ ٿا چاهيو؟ ها! اهو سچ آهي ته هو نوجوان مون وٽ
رهيل آهي. هُو سچ جو آواز آهي. هُو شاهه جو شعر آهي. هو پورهيت جو ساٿي آهي. هو
مون وٽ رهيل آهي. ان ئي مون جاهل کي پڙهايو آهي. ان ئي مون کي عقلمند ڪيو آهي. ان
ئي مون کي جذبو ڏنو آهي. ان ئي مون تي اوهان جون حرامپايون چِٽيون ڪيون آهن. هن ئي
توهان جي ٺڳين کي پڌرو ڪيو آهي. هو ڏاڍو سٺو نوجوان آهي. هن نه رڳو منھنجون اکيون
کوليون آهن، پر ڪيترن ئي پورهيتن کي سنئين دڳ لاتو آهي. هو ڏاڍو سٺو آهي، ڏاڍو
سٺو.“
کمونءَ جون اکيون ڪنھن پياري
احساس کان ننڊاکڙيون ٿي ويون، مُنھن تي سرور تري آيس، چپڙن ۾ مرڪ منجهي پيس، ايئن
ٿي لڳو جيئن مينھن کان پوءِ ساوا وڻ ڌوپي نکري نروار ٿي بيھندا آهن، جيئن صبح جو
باک ڦٽيءَ ۾ وهائو تارو چمڪندي نظر ايندو آهي.
(”محبت“ جي نالي سان ڇپيل: لطيف سوکڙي، لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، 1977ع، ص 32-34)
No comments:
Post a Comment