6/01/2024

نادر شاهه جي ڪاهه ۽ پنجاب جي روئڻھارڪي حالت - پروفيسر عزيزالدين احمد/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نادر شاهه جي ڪاهه ۽

پنجاب جي روئڻھارڪي حالت

 


نادر شاهه افشار خراسان جو ترڪمان هو. هُن ايران جي تخت تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجي ساڄي کاٻي رتوڇاڻ جو رِڻ مچائي ڏنو. سندس حياتيءَ جو هڪ مقصد افغانن جي سگهه ختم ڪرڻ به هو. اهو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ هُن پاران رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ جو وڏو مرڪز اهو علائقو هو، جنھن کي اڄ افغانستان سڏجي ٿو.

هوڏانھن دهليءَ جي تخت تي محمد شاهه رنگيلو ويٺو رنگ رليون ملهائڻ ۾ پورو هو. هُو سلطنت جي معاملن کان صفا بي خبر ۽ لاپرواهه ٿي، عيش عشرت جا نِت نوان طريقا ڳولي رهيو هو. ناراض اميرن جي هڪ ڌَڙي جڏهن ٻڌو ته ايران ۾ هڪ نئون هلاڪو خان ساماڻو آهي، ته هنن محمد شاهه رنگيلي کان وير وٺڻ لاءِ نادر شاهه کي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جو سڏ موڪليو.

افغانستان جا ڪجهه افغان سردار نادر شاهه جي ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ هٿ-ڇُٽ کان بچڻ لاءِ هندستان هلي آيا هئا. نادر شاهه کي بھانو ملي ويو. هُن محمد شاهه کان گُهر ڪئي، ته انهن اميرن کي سندس حوالي ڪيو وڃي ۽ هندستان جي علائقي ۾ آئنده افغانن جي اچڻ تي بندش وڌي وڃي. ان کان پوءِ ورندي ملڻ کان سواءِ ئي نادر شاهه پنھنجو لشڪر وٺي هندستان تي ڪاهي آيو.

نادر شاهه جو لشڪر ڦورن جو هڪ وڏو ميڙ هو. ٻِي مھاڀاري جنگ هلندي جنھن قسم جي فوج فيلڊ مارشل منٽگمري جي ڪمانَ هيٺ وڙهي، نادر شاهه جي ڪمان هيٺ هندستان تي ڪاهيندڙ لشڪر به هڪ لحاظ کان ان جھڙو ئي هو. ان رنگارنگ لشڪر ۾ به اَڻڳَڻ جنگباز نسلن جا ٽولا شامل هئا. سوا لک گهوڙي سوارن تي ٻڌل هِن لشڪر ۾ وچ ايشيا جا خونخوار قزلباش به هئا، جارجيا جا گرجستاني ڦورُو به هئا ۽ خراساني ۽ بلخي تلوارباز به هئا. غزني، ڪابل، جلال آباد ۽ پشاور کي ڦرڻ کان پوءِ جڏهن نادر شاهه اٽڪ پھتو، ته هُن محمد شاهه رنگيلي کي خط لکيو، جنھن جا لفظ هِي هئا:

”عالي جناب جي روشن دماغ ۾ اها ڳالهه چِٽي هئڻ گهرجي، ته منھنجو ڪابل ۾ اچڻ، ان تي ڪاهه ڪرڻ اسلام سان محبت ۽ توهان سان سنگت جو نتيجو آهي... علي مرتضى جو قسم، توهان جي سنگت ۽ مذهبي گهرج کان سواءِ، نه ته منھنجو ڪو به ٻيو مقصد هو ۽ نه ئي آهي. توهان مڃو يا نه، مان اڳ به توهان جي گهراڻي جو سنگتي هوس ۽ هاڻي به آهيان.“

اٽڪ کان جھلم پھچڻ تائين اسلام جي هِن جڙتو محافظ  ۽ علمدار هر پاسي تباهي ڪري ڇڏي. وچ ايشيا کان ايندڙ انهن بُکين اُگهاڙن سپاهين دل کولي لاشن جا ڍڳ ٺاهيا ۽ باهه ڏيندا ويا. جھلم اُڪرڻ کان پوءِ جڏهن وڌيڪ سُکي ستابي آبادي نظر آئي، ته انهن ترت ئي لاهور پھچڻ لاءِ ڊيڙو وڌو. ايتري قدر جو چناب تي ٻيڙيون تيار ٿيڻ جو انتظار به نه ڪيائون ۽ گهوڙن جي پُٺيءَ تي ويٺي ندي پار ڪيائون. انهن ڏينھنِ جي هڪ ليکڪ مرزا مھديءَ جي لکڻ موجب: ”نادر شاهه جو لشڪر بند ڀڳل نديءَ جيان ڏمريل ۽ ان جي لھرن جيان اجاڙيندڙ هو.“

لاهور جي ترڪ گورنر زڪريا خان محمد شاهه رنگيلي کي حالتن جي ڄاڻ ڏني ۽ لشڪري واهر لاءِ درخواست موڪلي، پر محمد شاهه درخواست جي ورندي ڏيڻ لاءِ تِيلو ڀڃي ٻِيڻو به نه ڪيو. لاچار ٿي زڪريا خان پنھنجي هڪ سالار قلندر خان کي ڏهه هزار سوارن سان گڏ ايمن آباد ۾ نادر شاهه جي يلغار کي ٻُجو ڏيڻ لاءِ موڪليو. اهو جَٿو ٻوڏ آڏو واريءَ جي ڍِڳڙي ثابت ٿيو. هڪ ئي راتاهي ۾ نادر شاهه ان کي ٻُھاري قلندر جو ڪنڌ وڍي ڇڏيو.

زڪريا خان، جيڪو لاهور کان ويھه ڪوهه اڳتي اچي مقابلي جي تياري ڪري بيٺو هو، قلندر خان جي هار ۽ مار جو ٻُڌي موٽي وڃي قلعي بند ٿيو. نادر شاهه ايمن آباد کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ لاهور تائين سمورا ڳوٺ ۽ وسنديون ڦريندو ۽ انهن جي رهاڪن کي ڪُھندو آيو. سندس لشڪر جي اڳواڻ جَٿي لاهور آڏو اچي کپ کوڙيا. چئن ڏينھنِ کان پوءِ نادر شاهه راوي ندي اُڪري شالامار باغ ۾ تنبُو کوڙيا. زڪريا خان ٻن ڏينھن لاءِ قلعي بند رهيو، پر جڏهن هُن نادر شاهه جي خونخواريءَ ۽ ڦر ماريءَ جون خبرون ٻڌيون ۽ سندس لشڪر جون اکيون ڏٺيون، تڏهن نادر شاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿي، سوکڙي طور هاٿي آڻي ڏنا ۽ ويھه لک رپيا تاوان ڏئي جندُ ڇڏائي. ڏنڊ جي ڪجهه پَتي لاهور جي شھرين گڏ ڪئي، باقي زڪريا خان جي خزاني مان ڀريو ويو. نادر شاهه ڏنڊ وٺي، دهلي ڦرڻ لاءِ اڳتي وڌي ويو.

دهليءَ جي ڦرلٽ ۽ اتي ٿيل ڪوس وري هڪ ٻيو موضوع آهي. جڏهن نادر شاهه ان سڄي ڪم کان واندو ٿي موٽڻ لڳو، تڏهن لاهور جي حاڪم کي چوائي موڪليائين ته هڪ ڪروڙ رپيا وڌيڪ تاوان طور ڀري ڏي. نادر شاهه لاهور جي رستي کان ٿيندو ويو هو ۽ هاڻي جيئن ته انهيءَ راهه تي وڌيڪ ڦرلٽ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو، ان ڪري موٽڻ لاءِ سيالڪوٽ واري واٽ چونڊيائين، ته جيئن ان علائقي جا ماڻهو به سندس مھربانين کان محروم نه رهن. ان پاسي به ڦرلٽ جو محشر مچايائين ۽ جنھن راهه تان لنگهيو، لاشن جا ڍڳ ۽ ٻرندڙ وسنديون ڇڏيندو ويو. پنجاب جي ماڻهن کي ڦورن آڏو بند ٻڌڻ جي اها سزا لوڙڻِي پئي.

مشھور شاعر علي حيدر پنجاب کي ڦرجندو ڏِسي، ڏک ڀري آواز ۾ چيو هو:

ب- ڀَئِي زهر کا مَرَن ڪُجهه شرم نه هندستانِيان نُون

ڪجهه حيا نئين اِيھنان راجيان نون، ڪجهه لَڄ نئين تورانيان نُون

ڀيڙي ڀَر ڀَر ديوَن خزاني فارسيان نون، خراسانيان نون

مِلي تان کا ڪٽارِي مَرو، جي سَڪو نه مار ايرانيان نون

حيدر آک تون ايھنان هِجڙيان نون، ايھنان حيضيان نار رانيان نون

ايھه ايراني نادر ظالم ظلم ڪَنو مول نه سنگدي نين

مينڍي دل دِي دِلِي لُٽي حيدر هور ڪِي ساٿون منگدي نين

*

(ڇپيل: روزاني ’الوحيد‘ ڪراچي، 29 مئي 1992ع)

No comments:

Post a Comment