6/01/2024

نادر شاهه ۽ هندستان - پروفيسر عزيزالدين احمد/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نادر شاهه ۽ هندستان

 


نادر شاهه افشار به جيتوڻيڪ اسلام سان محبت جو دهل وڄايو، ته به سندس هندستان تي ڪاهن پٺيان چورڻي [محرڪ] جو لاڳاپو مذهب سان ڪنھن به طرح نه هو. جنھن وقت هُن هندستان تي چَڙهائي ڪئي، تڏهن مغل گهراڻي جو بادشاهه محمد شاهه رنگيلو اقتدار جو مالڪ هو. پنجاب جو گورنر نواب زڪريا خان هو، جنھن جي شرعَ-پسند زال پنھنجا زيوَر وڪڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ويجهو موجود، مسجد شاهه چراغ جوڙائِي.

نادر شاهه هندستان منجهان ترڪن خلاف مھمن لاءِ دولت هٿ ڪرڻ پئي گُهرِي ۽ اڃا به هندستان جي صوبي ڪابل جي ٻھراڙيءَ مان انهن مھمن لاءِ لشڪري ڀرتي ڪرڻ پئي گُهريا. نادر شاهه جي ارادي کي هندستان جي مخصوص حالتن ٽيڪ ڏني. هندستان جو بادشاهه نااهل ۽ عياش هو ۽ هُن جي درٻار ترڪ، ايراني ۽ هندستاني اميرن جي پاڻ ۾ ڄنڊاپٽ ۽ هڪٻئي خلاف سازشن جو آکاڙو ٿِي پئي هئي. انهن اميرن جي هڪ ٽولي، جيڪو ايراني نسل جو هو، مقامي رقابت سبب نادر شاهه کي شھنشاهه هِند جي ڪيترن ئي پِيڙهين کان گڏ ٿيندڙ اڻمَئي دولت ڦُرڻ جي لالچ ڏني ۽ هُن کي مغل سلطنت جي ڪَچايُن جي ڄاڻ ڏني. انهن اميرن جي هندستان ڦرڻ واري سڏ نادر شاهه جي چالُو ارادن کي ڇٻِي ڏني. هُن بھانو اهو ڪيو ته هندستان جو شھنشاهه هُن جي افغان دشمنن کي پناھه ڏئِي ويٺو آهي. هن هندستان جا دورازا افغانن تي بند ڪرڻ ۽ پنھنجن دشمن افغانن کي سندس قبضي ۾ ڏيڻ جي گُهر ڪئي، ۽ پوءِ ورندي ملڻ کان اڳ ئي هندستان تي ڪاهه ڪئي.

نادر شاهه اڳوڻن وچ ايشيائي ڪاهيندڙن جيان رتوڇاڻ جو مظاهرو ڪيو ۽ هر هنڌ عام ڪوس ڪندو، باهيون ڏيندو، ڦرلٽ ڪندو، اچي دهليءَ ۾ گِهڙيو.

دهليءَ ۾ سندس ٽڪاءُ هلندي، هاواڻو هليو ته نادر شاهه ڪُسجي ويو آهي، ته هُن جي قزلباش سپاهين جي ڦرلٽ کان ڦاٿل شھرين پنھنجي سِر پاڻ نادر جي لشڪريُن تي وار ڪرڻ شروع ڪيا. چيو وڃي ٿو ته ان ڪري نادر شاهه کي چِڙ وٺي وئي. هُن مسجد ۾ گِهڙي، تلوار اُڀي ڪئي ۽ عام ڪوس جو حڪم ڏنو. لوڪھارٽ جي لفظن ۾:

”نادر شاهه حڪم ڏنو ته جنھن به جاءِ ڪو قزلباش سپاهي ماريو ويو هجي، اتي جي سڄي آباديءَ کي تلوار جو کاڄ ڪيو وڃي. صبح جو نائين وڳي ڌاري ايراني لشڪر پنھنجي وحشي ڪاروائي شروع ڪئي. جڏهن بازارن ۾ موجود ماڻهو قتل ڪيا ويا، تڏهن ايراني لشڪر فوجين دڪانن ۽ گهرن جا دروازا ڀڃي، اندر موجود ماڻهن کي ڪُٺو ۽ جيڪو ڪجهه مليو، کڻي ويا. سونارا بازار ڦري وئي، جوهرين ۽ واپارين جا دڪان تباهه ڪيا. ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏئي ڀسم ڪيو ۽ انهن ۾ رهاڪن کي جيئري ئي ساڙيو. ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه ڪئي وئي، ته ڪو ڏوهي آهي يا بي ڏوهي، مرد آهي يا عورت، ٻُڍو آهي يا ٻار.“

ان قتلام کان پوءِ جيڪو سراسر اسلامي قانون جي ابتڙ آهي، پر ٺيڪ وچ ايشيائي روايتن مطابق هو، نادر شاهه شھري آباديءَ کي وڌيڪ سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو. هن حڪم ڏنو ته لاشن کي دفن ڪرڻ نه ڏنو وڃي، ته جيئن دهليءَ جي ماڻهن کي تپرس ملي. تاريخ-ڄاڻن ان قتلام ۾ ڪُٺلن جي ڳڻپ اٺن هزارن کان ويندي چئن لکن تائين ڄاڻائي آهي. ڳڻيل ڳوتيل ڪاٿو هيءُ آهي ته انهن ماڻهن کي ڇڏي، جن پاڻ ماريو ۽ جن ۾ عورتون وڌيڪ هيون، ڪي ويھه هزار ماڻهو ايراني قزلباشن جي هٿان ماريا ويا. لوڪھارٽ جي ئي لفظن ۾:

”عام ڪوس کان پوءِ ڪجهه ڏينھنِ تائين شھر جون گهٽيون لاشن سان ڏَٽيون پيون هيون. صحت جي اصولن کي نظر ۾ رکندي (؟) نادر شاهه شھر جي ڪوٽوال کي حڪم ڏنو ته انهن (لاشن) کي گڏ ڪري باهه ڏني وڃي. تباهه ٿيل جاين جو ڪاٺ گڏ ڪري هر هنڌ چِتا تيار ڪئي وئي، جن ۾ انهن لاشن، پوءِ مسلمان هجن يا هندو، مذهب ۽ عقيدي جي فرق بنا، ساڙيو ويو. ڪيترائي هزار لاش جمنا نديءَ ۾ وهايا ويا.“

اِهو هو سلوڪ، جيڪو نادر شاهه دهليءَ جي رهاڪن سان ڪيو. مقامي مسلمانن کي نه رڳو قتل ڪيو، پر انهن جي جنازي نماز ۽ ڪفن دفن جي به موڪل نه هئي. جيئن پڌرو آهي، ته انهن مان گهڻا قطعي بي قصور هئا، ته به چنگيز، هلاڪو، امير تيمور ۽ بابر جيان نادر شاهه به مقامي آباديءَ کي ڊيڄاري قبضي ۾ رکڻ جي پاليسيءَ تي هلندڙ هو.

*

(ڇپيل: روزاني ’الوحيد‘ ڪراچي، 29 مئي 1992ع)

No comments:

Post a Comment