10/10/2017

سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گھرج - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)

سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن
سنجيده رويي جي گھرج
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ دشمن دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
وري جڏهن پاڻ کي ’سنڌ دوست‘ سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي راڄڌاني قائم ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا اهي ڪنهن حقيقي بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ آهي؟
مٿي ڏنل ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.
دهشتگرد پاسو
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ شهدادپور ۾ رهندڙ ”مهاجر بزرگن“ کي دعوت ڏئي ڄاڻايل شهرن جي مقرر هنڌن تي گڏ ڪيو ويو. هڪ خاص قسم جي وردي پهريل ماڻهن انهن جلسي گاهن ٻاهران بيهي پهرو پئي ڏنو. دهشتگردن جي پاڻهُرتو سردار لنڊن ۾ ويٺي، ٽيليفون تي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڄاڻايل شهرن ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ”مهاجر“ بزرگن کي جيڪي ”نوجوان“ وٺي آيا هئا، انهن کي هڪ مخصوص قسم جي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هئي. تقرير ڪندي دهشتگردن جي  سردار پنهنجي تقرير کي هڪ خاص ماتمي موڙ ڏئي اوچتو پڇيو: ”اب سنڌ ۾ ڪيسي هوگا گذارا؟“ موٽ ۾ اڳواٽ پڙهايل نوجوانن چيو: ”آڌا تمهارا، آڌا همارا!“ انهن ”نوجوانن“ کي اڳواٽ پڙهائي تيار ڪيو ويو هو، تڏهن ئي ته اهي ”مهاجر“ بزرگن کي طَي ٿيل جاءِ ۽ شهر ۾ وٺي آيا هئا ۽ مخصوص جملي جو مخصوص جواب ڏنائون.
پاڻ کي ”مهاجر“ سڏائيندڙ دهشتگردن جي مخصوص ٽولي پاران مختلف قسم جون سازشون ڳجھ ڳوهه ۾ اڳواٽ رٿجي تيار ٿينديون آهن ۽ انهن تي عمل گھربل وقت ۽ طريقي موجب ڪيو ويندو آهي.
5-ڊسمبر 1994ع تي محمد صلاح الدين (ايڊيٽر ”تڪبير“) کي آفيس مان ٻاهر اچڻ مهل گولين جو شڪار ڪرڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن اڪيلي فرد کي گوليون هڻڻ يا ڪنهن قوم ۽ ان جي ڌرتيءَ کي بارودي باهه ۾ ساڙڻ جهڙا انفرادي توڙي اجتمائي نوعيت جا ڪم هڪ مقرر رٿابنديءَ سان عمل ۾ اچن ٿا. هڪ اهڙي سنڌ دشمن رٿابنديءَ جو ڪاٿو هيٺ ڏنل خط جي متن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪو چون ٿا ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي آفيشل ليٽر پيڊ تي ان جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل لکيو هو:
سنڌ جي ورهاڱي بابت اوڪلي جي حيدرآباد واري دوري ۾ منهنجي ساڻس ڏاڍي سنجيده ڳاله ٻول ٿي. اهو به ٻڌائڻ گھران ٿو ته هيستائين مون ”خدا ڪِي بستي“ نالي رهائشي ڪالونيءَ ۾ هڪ هزار بهاري خاندانن کي ”بي گھر خاندان“ ڏيکاري آباد ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي چوڌاري گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ”گلشن شهباز“ واري علائقي ۾ ڇهه لک مهاجرن کي آباد ڪيو وڃي. انهن مان ٻن لکن جي آباديءَ کي ”خدا ڪي بستيءَ“ ۾ وَسائڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان ۽ باقي چار لک مهاجرن کي آباد ڪرڻ لاءِ هتان جي مقامي زميندارن کان زمينون خريد ڪري اتي رهائشي اسڪيمون شروع ڪرڻيون پونديون.
انشاء اللھ هن سلسلي ۾، تفصيلي ڳالهه ٻول توهان سان تمام جلد ڪراچيءَ ۾ اچي روبرو ڪندس. يقين ڪريو ته ايم ڪيو ايم جي لاءِ منهنجي وس ۾ جيڪو ڪجھ هوندو، ضرور ڪندو رهندس.
ايم ڪيو ايم زنده باد!
اوهان سان سچو
تسنيم
1.       1967ع کان 1972ع تائين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران هلايل وطن دوست، قومي ۽ جمهوري تحريڪ جو وير وٺڻ ۽ سنڌي شاگردن جي هن مرڪز کي گهيري ۾ آڻي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن محاذن جي رٿابندي ڪئي وئي: هڪ، جيڪا مٿي ڄاڻايل خط ۾ موجود آهي، ۽ ٻي اها، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ نام نهاد قوم پرست اڳواڻ شاگردن کان گنڊه گردي ڪرائي، نه رڳو قومي جدوجهد مان ويساهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جي اعليٰ تعليمي مرڪز جي تعليمي معيار کي به هاڃو رَسايو ويو.
2.       آمريڪي سامراج سنڌ دشمن دهشتگرد سرگرمين ۾ ٻٽ نظر اچي ٿو.
3.       اڃا سوڌو سنڌ جي زمين تي سمگل ٿي ايندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نه رڳو آباد ڪيو وڃي ٿو، پر آئينده به گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن کي آباد ڪرڻ جي نيت رکن ٿا.
هڪ اردو اخبار پاران 4-ڊسمبر 1994ع تي ”امن مارچ“ ڪيو ويو، جنهن کي دهشتگرد پنهنجو من پسند روپ ڏئي گھربل رستي تي وٺي ويا. هن وقت امن جو ڍونگ ڪندڙ اها ئي اخبار آهي، جنهن 1972ع ۾ ٻوليءَ واري بل تي اها فضا پيدا ڪئي جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو ٻج پيو ۽ سنڌي ماڻهن جي سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ خون ڪيو ويو، سنڌالاجيءَ کي باهه ڏئي ڏيڍ هزار ناياب ڪتابن کي ساڙي ڇڏيائون ۽ مخصوص لساني ٽولي ۾ سنڌين خلاف نفرتن جي اوڙاهه کي ڀڙڪائي عرش تائين اوچو ڪيو ويو. ڪلفتن جا پالڻهار ڪيڏي نه بي حيائيءَ سان نقاب اوڍي ’محبتن جا مارچ‘ ڪن ٿا!
”سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ پهريون ’آپريشن ڪلين اپ‘ 1948ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو آپريشن لاڳيتو 6 مهينا هليو. ڪراچيءَ جي اصل مسلمان-سنڌي رهاڪن کي طاقت جي زور تي مجبور ڪيو ويو ته اهي لڏي وڃي اندرونِ سنڌ رهن. ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر هاشم رضا ۽ لياقت علي خان جي سرپرستيءَ ۾ آءِ جِي پوليس سان ملي ڀڳت ڪري، ڀارت جي هزارين پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ مقامي باشندن خلاف انتهائي بي رحميءَ جو مظاهرو ڪيو. اي ٽي نقويءَ پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ ان منصوبي کي وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ لاڳو ڪيو. هن اهو سڀ ڪجھ ڪراچيءَ جي چيف ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪيو هو... لياقت علي خان کي ملڪ اندر ڪو به سياسي بنياد نه هو. هن ڪراچيءَ کي پنهنجي حلقي ۾ تبديل ڪرڻ ٿي گھريو، پر ان کان وڌيڪ بي رحماڻو منصوبو ڪراچيءَ کي وڌيڪ ”قومي“ رنگ ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي آباديءَ جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻ هو.“
- الطاف گوهر (”جاڳو“ 12-اپريل 1994ع)
1.       1984ع ۾ (۽ ان کان پوءِ) سنڌين کان اهو حق کسيو ويو ته اهي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪا شخصي ملڪيت خريد ڪري يا ٺاهي سگھن.
2.       ڀارتي پناهگير اُردڪ ٽولي جي اڳواڻ نوابن، نوابزادن ۽ رئيسن وغيره سنڌ ۾ پهچندي ئي مختلف قسم جون سنڌ ۽ سنڌي دشمن رٿائون عمل ۾ آڻڻ شروع ڪيون.
3.       سنڌ اندر اهڙيون رٿائون پاڪستان ٺهندي ئي شروع ڪيون ويون، جيڪي ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي نمائندن لاءِ سياسي تڪ ٿي ڪم اچن.
مٿي اسان رڳو ٽي مثال آندا آهن، ته جيئن 1948ع کان 1988ع تائين ڀارتي مغلائي لشڪر (ارد) سان واسطيدار، اردڪ ٽولي جي انهن فردن جي ذهنيت کي ظاهر ڪري سگھجي، ته ڪيئن نه اهي لاڳيتو هڪ مڪمل منصوبابنديءَ سان سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ سنڌين خلاف سازشون ڪندا ۽ عمل ۾ آڻيندا رهيا آهن.
ڇا پاڻ کي سنڌ دوست سڏائيندڙ ڪا هڪ به اهڙي سياسي ڌر آهي جيڪا 1948ع کان وٺي ايڏي باشعور ۽ منظم رهندي آئي هجي ۽ ايتري اثرائتي هجي جو سنڌ دشمن سازشن کي منهن ڏئي مات ڪري سگھي ها (يا اڄ مات ڪري سگھي)؟
ڊگھي، لاڳيتي ۽ منظم سنڌ دشمن سازش تي عمل
1.       پاڪستان ٺهندي ئي اُردڪ ماڻهن کي هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. ڪروڙن جون ملڪيتون کين مفت ۾ ڏنيون ويون ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ مالي فائدو ڏيندڙ اسڪيمون شروع ڪيون ويون.
2.       جيڪي ماڻهو جَنڊ ۽ ٿوٻيون به ”ڪافرن جي ظلم باوجود“ ڀارت کان سنڌ تائين کڻي آيا، سي پنهنجون سَنَدون اُتي ”وساري“ آيا ۽ پوءِ هڪ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي، ته ڪنهن به قسم جي سَند لاءِ ٻه شاهد آڻيو. شاهد کوڙ! هڪ ٻئي لاءِ شاهديون ڏئي ملڪيتون ڦٻايائون ۽ سڻڀيون نوڪريون ورتائون.
3.       ’مرڪزي گاديءَ‘ جا نالي ۾ ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري اتي سنڌين جي داخلا تي بندش وڌي وئي ۽ جيڪي قديمي رهاڪو موجود هئا، تن کي تڙي ڪڍيو ويو.
4.       ون يونٽ وسيلي سنڌ کي سڌو پنجاب جي ماتحتيءَ ۾ ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ تي پنجابين لاءِ به اهي سهولتون پيدا ڪيون ويون جيڪي سنڌين کي ميسر نه هيون. سنڌ جهڙي تاريخي ڏيهه جو نقشو ئي گم ڪيو ويو.
5.       ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي ڀارت ۾ جنم ورتل ٻوليءَ کي سڄي پاڪستان (جنهن ۾ اڄوڪو بنگلاديش به شامل هو) مٿان مڙهيو ويو ۽ چڱيءَ حد تائين ترقي ڪيل ٻولين --- بنگاليءَ ۽ سنڌيءَ کي، جن ۾ سمورو سرڪاري ڪار وهنوار ٿيندو هو، ’مقامي ٻوليون‘ سڏي نيچ قرار ڏنو ويو.
6.       خاص ڪري بنگالين ۽ سنڌين خلاف پروپئگنڊا مهم هلائي وئي، ته اهي اسلام ۽ پاڪستان جا دشمن هئا (جڏهن ته 1943ع ۾، سنڌ جيڪڏهن پاڪستان لاءِ قرارداد منظور نه ڪري ها، ته پاڪستان ٺهي نه سگھي ها)، ڀارت جا ايجنٽ ۽ جاسوس هئا، ڊڄڻا ۽ ڪمزور هئا، وغيره، وغيره.
7.       قاعدي موجب سنڌ ۾ آيل هر پرڏيهي توڻي پناهگير کي لازمي طرح سنڌي ٻولي سکڻي هئي، پر ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي اڳواڻن سنڌي ٻوليءَ خلاف شديد نفرت پيدا ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ عملاً ڏوهه قرار ڏنو ويو. (سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي حيدرآباد آندو ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٺاهي سنڌي ميڊيم بند ڪيو ويو).
8.       سنڌين کي دل ۾ خير؛ هي همراهه پنهنجيءَ ڪرت کي لڳا رهيا. هوڏانهن اردڪ لوڪن اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ ڄاتي پئي. مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد جوڙيو ويو، جنهن جي بڻ ۾ سنڌين کان نفرت لڪل هئي. سنڌي اڃا سياسي طرح سجاڳ ئي نه ٿيا هئا، ون-يونٽ جي مخالفت ڪندڙ به ڪي ٿورا هئا، جو هنن سنڌين کي سيکت ڏيڻ جو بلو ڪري ڇڏيو.
9.       سنڌي ماڻهو آمريت جا دشمن ۽ جمهوريت جا سڄڻ هئا، جڏهن ته هُو جمهوريت جا ويري ۽ آمريت جي ڇانو جا حمايتي هئا.
10.   سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي صوبي ۾ هڪ معمولي حد تائين جائز جڳهه ڏيڻ جا اڃا ڪوشش ئي مس ٿي، ته نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ”مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد“ ۽ ”جنگ“ اخبار وسيلي جنگ جوٽي بيهي رهيا ۽ نفرتن جي اها فضا خلقيائون جنهن ۾ سنڌين خلاف پهريون ڀيرو عملاً دهشتگردي ٿي. هنن سنڌين تي پاڪستان ۽ اسلام دشمنيءَ جا الزام آڻي، پنهنجين پاڪستان دشمن ۽ ڀارت نواز سازشن لاءِ راهه کليل رکي.
11.   بهارين کي گھرايو ويو، جيڪي هوري هوري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ کين روزگار مهيا ڪري ڏنو ويو.
12.   پهرين چونڊيل (اڀري سڀري) جمهوري حڪومت خلاف آمريڪي ڊالرن جي زور تي وڳوڙ ڪري جنرل ضياءَ جي ڊڪٽيٽريءَ لاءِ فضا هموار ڪيائون.
13.   جنرل ضياءَ ڊڪٽيٽريءَ جو ”بول بالا ڪرڻ“ ۽ جمهوريت جي ”نانگ“ کي هميشه لاءِ ”ڪچلي“ ڇڏڻ جي نيت رکي، پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسندن يعنيٰ سنڌي ماڻهن کي دٻائڻ، هيسائڻ ۽ مارڻ شروع ڪيو. ٻئي پاسي ايجنسين جي مدد سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آمريت دوست ٽولي يعني اردڪ ماڻهن منجھان ڏوهارين (Criminals) جي چونڊ ڪري کين دهشتگرديءَ جي سکيا وٺڻ جا موقعا ميسر ڪري ڏنا ويا. سنڌين جي جمهوري جدوجھد خلاف گوليون هلايون وينديون هيون ۽ دهشتگردن پاران کلئي عام ڪوس جي باوجود کين قانون کان مٿڀرو سمجھيو ويندو هو.
14.   ڀارت جي مختلف حصن مان اردڪ ماڻهن ۽ بنگالي عوام خلاف انسانيت سوز ظلم ڪندڙ بهارين جي سمگلنگ جاري ڪرائي وئي ۽ کين گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ م آباد ڪيو ويندو رهيو.
15.   1986ع کان وٺي سنڌين جو ڪوس ٿيندو پيو اچي ۽ انهن خلاف دهشتگردي جاري آهي.
16.   ڪراچيءَ کي ويهه لک کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين جو يتيم خانو بڻايو ويو.
17.   هاڻي نيٺ سنڌي کي ورهائڻ ۽ يا سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو مخفي رکيل منصوبو دهشتگردن جي سردار جي زباني لنڊن مان پڌرو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ سياسي سهڪار
عملي سياست جي پليٽفارم تي سنڌين خلاف کلي عام نفرت جو اظهار مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد وسيلي پڌرو ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين سندن اتحاد جو اهو مرڪزي نڪتو قائم آهي. نواب مظفر سان ڪالهه جيڪو غلام سرور اعواڻ جو اتحاد هو ان مان رڳو ”مهاجر“ لفظ الڳ ٿيو آهي، پر دهشتگردن وري اجمل خٽڪ ۽ ولي خان کي ڳولي هٿ ڪيو آهي.
دهشتگردن خلاف جڏهن به ٿورڙي وٺ پڪڙ شروع ٿيندي آهي، ڀلي رسمي ٿي هجي، تڏهن نه رڳو پنجاب ۽ سرحد پر سنڌ مان به مختلف تنظيمون ”مظلوم مهاجر“ جو راڳ آلاپيندي مٿن ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳنديون آهن. نواز شريف، جنهن جي وزارت عظميٰ دوران سنڌ ۾ فوج پنهنجو آپريشن شروع ڪيو، چوڻ لڳو ته فوج ايم ڪيو ايم تي تشدد پئي ڪري، تنهنڪري ترت ان کي بئرڪن ۾ موٽايو وڃي. ڪالهه جنرل اسلم بيگ پڪي قلعي آپريشن مهل فوج بيهاري دهشتگردن کي تحفظ ڏنو ۽ اڄ کلئي عام فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي. 1988ع تائين سنڌ مان غوث علي شاهه، پير صاحب پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي، عبدالواحد آريسر، جي.ايم سيد صاحب ايم ڪيو ايم جا کليل حمايتي ۽ ڳجھا اتحادي رهيا آهن. ڄام صادق ته وڏ وزارت ئي سندن حوالي ڪري ڇڏي. سرحد مان ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته ولي خان الطاف حسين سان هٿ هٿ ۾ ملائي، اڀو ڪري ’پنجين قوميت‘ جو نعرو هنيو.
خود پسند ”سياسي“ اتحاد
دهشتگرد هر ڌر سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر پنهنجن شرطن تي. اهي پنهنجن شرطن مان ڪو هڪ به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
1989ع ۾ پ پ حڪومت خلاف سودي بازي ڪندي ۽ پاڻ سان ملائيندي، نواز شريف جيڪو ڪجھ انتهائي طرح ۽ ممڪن حد تائين ڪري سگھي پيو، اهو سنڌ دشمن دهشتگردن کي مهيا ڪري ڏنو، پر پاڻ ئي سندن اڻکٽ بيجا مطالبن کان ايڏو ته بيزار ٿي پيو، جو اهو اتحاد برقرار رکي نه سگھيو ۽ سنڌ تي فوج چاڙهي موڪليائين. دهشتگردن جا مطالبا ايڏا ته وڏا هئا، جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور سمجھيو ويندڙ پنجابي صنعتڪار ۽ ايجنسين جو حمايت يافته وزيراعظم به اهي پورا ڪري نه پئي سگھيو!
انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي، سوچي سگھجي ٿو ته 1989ع واري نٻل ۽ هٿ ٻڌل پ پ حڪومت دهشتگردن سان ٺاهه جي نتيجي ۾ انهن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هوندو! ڏهاڙي دهشتگردي، ڏهاڙي ڪوس، ڏهاڙي بدمعاشي ۽ مٿان وري اها گھر ته دهشتگردن کي ڪجھ به نه چيو وڃي؛ کين ڇوٽ ڇڏيو وڃي ۽ مٿن داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن يعني کين قانون کان بالاتر قرار ڏنو وڃي، انهن ڏينهن ۾ فوج جو جنرل مرزا اسلم بيگ لاهي پاهي دهشتگردن جو محافظ ٿي بيهي رهيو ۽ پڪي قلعي آپريشن مهل گھيري ۾ آيل دهشتگردن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس کي دڙڪو ڏئي ڀڄايائين، ته جيڪڏهن پوليس پوئتي نه هٽي، ته فوج مٿس گوليون هلائيندي.
جنرل مرزا اسلم بيگ
جنرل ضياءَ جو جهاز ڦاٽڻ مهل اڪيلي بچي ويل هن سينئر فوجي آفيسر کي جنهن جهاز ۾ سواري ڪرڻي هئي، ان ۾ عين وقت تي سوار نه ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ اصولي ٻه ورهيه به نه ترسيو ۽ سياست شروع ڪري ڏنائين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي کلئي عام بيعزتي ڪيائين ۽ باعزت ڇٽي ويو. هاڻي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آهي، پر حمايت، وڪالت ۽ پوئواري لاڳيتو دهشتگردن جي پيو ڪري. ڳالهائي سدائين داٻي ۽ دڙڪي سان ٿو. ڳالهه ڇا آهي؟ ڏوريون ڪير ٿو لوڏي؟
جنرل ضياءَالحق
جنرل ضياءَ سازش تيار ڪري رکي هئي ته 1990 ۾ سنڌ کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي، ان کي عملي ويس اوڍائڻ لاءِ هن سڄيءَ دنيا مان ۽ خاص ڪري ڀارت، بنگال، برما، سريلنڪا، نيپال، افغانستان ۽ ايران مان ۽ دنيا ۾ جتي جتي اردڪ ماڻهو رهن ٿا، انهن کي اتان سنڌ ڏانهن اچڻ ۾ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. پاڪستاني قانون موجب غيرقانوني ۽ ناجائز پرڏيهي، جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، تن جو انگ ٽيهن لکن تائين ٿئي ٿو.
”جنرل ضياءَ واري دَور ۾ (مارچ 1980ع ۾) ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر جي شناختي ڪارڊن جي آفيسن ۾ سنڌ ۾ ڏهاڙي غيرقانوني طور ايندڙ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ خاص عملو مقرر ڪيو ويو هو... سرحدي رينجرس کي ان ڏس ۾ خاص هدايتون ڏنيون ويون هيون، ته اهي هندستاني سرحد ٽپي ايندڙ پرڏيهين کي روڪڻ جي ڪوشش ئي نه ڪن.“
(برسات، 15-اپريل 1994ع)
مارڪ ٽلي (بي بي سي جو رپورٽر) پنهنجي ڪتاب ”امرت سَر“ ۾ جتي اندرا گانڌيءَ جي قتل جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، اتي اهو به ٻڌايو اٿس ته ڪيئن بنا ڪنهن چڪاس جي، چند ڏوڪڙن جي عيوض، پاڪستاني سرحدن جا محافظ ڏهاڙيءَ مختلف ڳڻپ ۾، ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾، آزاديءَ سان هليو وڃڻ جي موڪل ڏيو ڇڏين ٿا.
جنرل ضياءَ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ئي دهشتگردن کي بڻائڻ جي سازش تي عمل پيرا هو. هن نه رڳو انهن جي تخليق ۽ پالنا ڪئي، پر کين تربيتون ڏياري، منظم ڪري، ڇيڪ ڇڏي، قانون کان مٿاهون ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ جمهوري جدوجھد کي چيڀاٽڻ لاءِ هر قسم جا حربا ڪم آندائين ۽ ظلم جي انتهائي حدن کي ڇهيائين. هن نه رڳو ڌاڙيلن کي وڌڻ ويجھڻ ڏنو، پر ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن کي به عام واهپي ۾ اچڻ ڏنو. سمورا ذهني توڻي اخلاقي قدر بي معنيٰ بنائڻ ۾ هن جو ڪردار بنيادي هو، پر سنڌ مٿان سندس سڀ کان وڌيڪ ڪاپاري وار سنڌ جي وطن دوست جدوجھد کي تباهه ڪرڻ هو.
سنڌ جي وڏيرڪي قوم پرست سياست سندس تريءَ تي رکي هئي. جي ايم سيد صاحب جن کي ته شخصي طرح ايڏو متاثر ڪيائين، جو شايد هو اڪيلو قوم پرست اڳواڻ هو جيڪو وڏي واڪي کيس ”شريف النفس“ سڏيندو رهيو ۽ تيستائين ضياءُ مخالف هر تحريڪ جي مخالفت ڪيائون، جيستائين جنرل ضياءُ پاڻ ”ڦٽاڪو“ نه ٿي ويو.
هن پ پ جي ”قوم پرست“ اڳواڻن ۾ مختلف بيماريون ”پيدا ٿيڻ“ ڏنيون ۽ پوءِ کين انهن جي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلي ڇڏيو.
(اڳوڻي) عوامي تحريڪ جي انقلابي روح تي راتاهو ڏنو ويو. شهيد عوام محمد فاضل راهو سودي بازيءَ ۾ نه آيو ته کيس زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نيٺ شهيد ڪرايو ويو ۽ ’ٻئي پاسي‘ کي ڪروڙن جا يقيني نفعي بخش ٺيڪا ڏيئي حرص ۽ هوس جص ڌٻڻ ۾ غرق ڪيو ويو. سنڌ ۾ هيٺين وچين طبقي جي اڪيلي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تنظيم جا ترا هڪ ڊگھيءَ رٿابنديءَ سان ”انقلابي نموني“ ڪڍيا ويا.
ڀارت سان ناتا
ڪن اردو اخبارن جي ’خصوصي مهربانين‘ سان توڻي جو سنڌين خلاف ڀارتي ايجنٽ هجڻ ۽ پاڪستان دشمن هجڻ جا الزام مشهور ڪيا ويا، پر عملي طرح ڪير ڀارت جو ايجنٽ هو، رهندو آيو، ۽ آهي، ۽ ڪنهن بنگالين جو انسانيت سوز ڪوس ڪري کين الڳ ٿي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڪستان کي ٽوڙيو، ۽ ڪير آهي جيڪو اڄ به پاڪستان کي ٽوڙڻ جو عملي ارادو رکي ٿو، اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي. خالق ڏني هال ڪراچي ۾ ڪيل نام نهاد مهاجر رابطا ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ کلئي عام پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج خلاف نعرا هنيا ويا ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جو پهريون کليل اعلان ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلمن“ جا دستاويزي وڊيو فلم ”زي ٽي وي“ تان ڏيکاريا وڃن ٿا. بينظير صاحبه هڪ ڏاڍي عمدي ڳالهه ڪئي، ته دهشتگرد ڪشمير جي مسئلي تي کلئي عام پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪن، پر انهن اٽلو شازيه جي نالي ۾ وڳوڙ مچائي ڏنو. ”مهاجرن“ تي ”ظلم“ خلاف ڀارت ۾ جلوس نڪرن ٿا ۽ سرڪاري تحفظ ۽ ڇانو هيٺ!
آمريڪا پاران پٺڀرائي
جمهوريت جي ويس ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد، سپر بدمعاش، آمريڪي سامراج، ابتدا کان ئي ايم ڪيو ايم جو پاليندڙ ۽ تاتيندڙ ٿي رهيو آهي. الطاف حسين کي اتان موٽڻ کان پوءِ اردو اخبارن وسيلي ”سياسي سردار“ جي حيثيت ۾ اڀاريو ويو.
رابرٽ اوڪلي (آمريڪي سفير) جا دهشتگردن سان ناتا ڪيترا گھاٽا رهندا آيا. ان جو معمولي عڪس حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل جي خط ۾ ملي ٿو، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي.
ٽي ورهيه اڳ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ”ڪن“ معاملن جي وضاحت لاءِ سڏايو. هُو جڏهن اتي پهتو، ته اتان دهشتگردن جا ٻه نمائندا نڪري آيا هئا.
آمريڪي ڪائونسل جنرل رچرڊ سي فاڪ اڄوڪي پ پ حڪومت تي شروع کان زور ڏيندو آيو آهي، ته ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري. دهشتگردن جو سردار پ پ حڪومت سان ٺاهه لاءِ آمريڪي ضمانت جو شرط رکي ويٺو آهي.
مسز رابن رافيل جون پاڪستان ۾ سرگرميون اخبارن ۾ اينديون رهيون، جنهن ۾ هن جو سڀ کان وڌيڪ زور ايم ڪيو ايم سان ٺاهه تي رهيو.
آمريڪي سامراج توڻي ٻين سامراجي قوتن جي ارهه زورائي رڳو ان خلاف نه هوندي آهي، جيڪو ساڻس اچائي. انهن جو بنيادي مقصد رڳو پنهنجي ڦورو مفادن جو تحفظ رهيو آهي. دنيا ۾ جتي به ڪا حقيقي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تحريڪ هلي آهي، اتي به سامراجي قوتن ان کي چيڀاٽڻ پنهنجو اولين فرض پئي سمجھيو آهي. ”بدقسمتيءَ“ سان سنڌ سدائين جمهوريت پسند ۽ انسان دوست رهي آهي ۽ ان هر ڊڪٽيٽر ۽ ظلم خلاف پنهنجي وت آهر جدوجھد پئي ڪئي آهي، ۽ ٻيو ته سنڌ وٽ هڪ وسيع سامونڊي ڪنارو آهي. ٻئي پاسي هانگ ڪانگ جو ’سهڻو طوطو‘ 1997ع ۾ سامراج جي هٿن مان ڇڏائجي وڃڻو آهي. ان ڪري ئي (شايد) برطانيا ۽ آمريڪا پاڪستان يعني سنڌ يعني ڪراچي ۾ اربين پائونڊن ۽ ڊالرن جي سيڙپ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ دهشتگردن جي ڪلهي تي بندوق رکي ۽ انهن جي هٿ ۾ بندوق ڏئي نويڪلو اڏو ٺاهڻ گھرن ٿا. دهشتگرد ظاهر آهي ته سامراجي چنبي کان ٻاهر نڪري نه سگھندا.
هيبت ۽ دهشت
پاڪستان جي حقيقي تاريخي قومن جي فردن ڏانهن نفرت جي باهه کي وڌائڻ لاءِ دهشتگردن انهن تي گوليون هلائي، اردڪ ماڻهن ۾ ڀَو پيدا ڪيو ته ”انهن جي ويجھو رهڻ سان توهان جي زندگين کي خطرو آهي، ان ڪري رڳو اسان جو ساٿ ڏيو،“ ٻئي پاسي خود اردڪ عوام تي اها هيبت ويهاري وئي ته ”جيڪڏهن اسان جو ساٿ نه ٿا ڏيو ته اسان جي ئي گولين جو بک بڻجي ويندَو!“
ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي، زونل انچارج هجي يا مرڪزي اڳواڻ، جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري دهشتگردي يا ان جي پوئواريءَ کان پاسي تي ٿيو يا وري مٿس اهو شڪ به ويو ته هو پلٽڻ يا ڇڄڻ وارو آهي، ته گوليءَ جو شڪار ٿي ويندو يا سندس ڪا ڀيڻ يا ڪو ڀاءُ اغوا ڪيا ويندا... ۽ ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ خبر پوندي ته ”’مهاجر دشمن قوتن‘ اسان جي فلاڻي ڪارڪن يا ان جي ڀاءُ يا ڀيڻ کي اغوا ڪري، ايذائي بي حرمتي ڪري ماري ڇڏيو.“
دڪاندار ”چندو“ نه ڏيندو، ته ڪو نه ڪو ”نوجوان“ ٻه چار پٿر هڻي هزارين رپين جو شوڪيس ڀڄي ڇڏيندو- ”توهان جي مرضي، اسان چندو زوريءَ نه وٺندا آهيون!“ لطيف آباد ۾ ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ راجن داس کي چيو ويو ته ”35-هزار رپيا ڏي يا هڪ ڪلاشنڪوف نه ته...“
ٽارچر سيلن ۾ رڳو سنڌي، پنجابي يا پٺاڻ نه هوندا هئا، ۽ زوريءَ زنا مرڪزن ۾ ته خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ڀينرون هونديون هيون!
سازشي جھيڙا ۽ ڀَوَ
شازيا کي بهانو بڻائي، هڙتال جو سڏ ڏئي، خون خرابو ۽ دهشتگردي ڪئي وئي، ته جيئن ڪشمير مسئلي تي حڪومتي ڌيان کي ٽوڙي سگھجي ۽ ڀارتي مقصدن کي هٿي ڏجي.
پاڻ شڪار ڪري پنهنجا ماڻهو ماري پروپئگنڊا ڪئي وئي، ته سڀ بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ۽ جن گنگا جمنا جو پاڻي پيتو هو- ”مهاجرن پاور“، ”سپر پاور!“
اهو ”مهاجر پاور“ هو يا نه، پر ”دهشتگردن پاور“ ضرور هو، جنهن جي پٺيان ايجنسين جي تربيت، هٿيارن جي ڀرمار ۽ قانوني تحفظ موجود هئا- ”جنرل ضياء زنده باد!“
فلمي پروپئگنڊا
زي ٽي وي تان ڏيکاريل دستاويزي فلم، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪٽر حامي عورت شهناز سهگل جي نگهباني هيٺ ٺهي، جنهن هڪ پرائيويٽ فلم پراڊڪشن ادارو قائم ڪري ورتو آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي تي ڪم ڪندڙ ڪي ٽيڪنيڪل ماڻهو ان سان سهڪار ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم لاءِ ڪم ڪندڙ هن فلم پراڊڪشن جا ڪيترائي ڪئرامين ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال مان روڊ حادثن ۽ جھيڙن ۾ زخمي ٿيل يا دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻجي ويل ماڻهن جا باقائدگيءَ سان فلم ڀري، عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن وارين تنظيمن کي ڏيندا رهن ٿا ۽ کين اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي هن نموني ظلم جاري رکيو ويو آهي.
اخبارون
ڪراچي ڊويزن ۾ ويهه کن اخبارون مقامي سطح جون ڇپجن ٿيون (جن مان ڪي اڄڪلهه سڄي سنڌ ۾ پهچي وڃن ٿيون) جيڪي گھڻو ڪري سڀ جون سڀ سنڌي ماڻهن خلاف سدائين زهر سان ڀريل هونديون آهن. ڪراچيءَ مان جيڪي نام نهاد قومي سطح جون اخبارون نڪرن ٿيون، رڳو انهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف جيڪو زهر ڀريل هوندو آهي سو ڪنهن به هڪ ڏينهن جي اخبار کڻي ڌيان سان پڙهي پڪڙي سگھجي ٿو، پر دهشتگرد اڃا به ان کان خوش نه هئا. ڪجھ عرصو اڳ تائين سڄي خبر پاڻ لکي ديده دليريءَ سان اخبار وارن کي حڪم ڪيو ويندو هو ته اسان جي اها خبر پهرئين صفحي جي فلاڻي هنڌ تي شايع ڪئي وڃي. هڪ ٻه ڀيرو ”جنگ“ ۽ ”ڊان“ رڳو اهڙيون خبرون ڇاپيون جيڪي هڪ معمولي حد تائين دهشتگردن جي خلاف هيون، ته کين ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ نه رڳو سڄي ڪراچي ۾ اخبارون هلڻ نه ڏنيون ويون ۽ انهن کي ساڙيو ويو، پر ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن کي سڌيون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ته سندن ڪنهن نه ڪنهن گھر ڀاتيءَ کي قتل يا اغوا به ڪيو ويندو. ”پرچم“ جي مئنيجر کي سندس آفيس ۾ گوليون هنيون ويون (6- ڊسمبر 1994ع)، ”تڪبير“ جي ايڊيٽر کي آفيس مان نڪرندي ۽ بي بي سي جي رپورٽر کي راهه ويندي سنهي بُهه مان ڪڍيو ويو، وغيره.
انساني حقن جي آڙ ۾
انساني حقن لاءِ جدوجهد جي آڙ ۾ انسان دوستيءَ جو نقاب پهري ويٺل ماڻهو دهشتگردن جي کلئي عام حمايت ۾ انهيءَ حد تائين وڌي ويا آهن، جو ’پنهنجي پالڻهار‘ آمريڪا ۾ رهي، سنڌ ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف بک هڙتالون ويٺا ڪن!
وائرليس سسٽم
ڪليم خواجه، 30-ورهين جو هڪ نوجوان، پنهنجو ميڊيڪل اسٽور بند ڪري اڳتي هليو، ته هڪ پنج ماڙ تي ويٺل ”آفاق“ ٻئي ”شاهد“ کي اهڙو اطلاع ٽرانسميٽر تي پهچايو. ”شاهد“ وري ”انجم“ کي اهڙو اطلاع ڪيو، جيڪو ڪنهن بلڊنگ جي ڏاڪڻ هيٺان لڪل هو. جيئن ئي ڪليم خواجه چونڪ وٽان لڙيو، ته مٿس گولين جو وسڪارو ٿي ويو ۽ دهشتگرد ڀڄي ويا. 1988ع ۾ سنڌي وسندين تي اوچين جاين تان نه رڳو گوليون وسيون، پر ٺٺوليون به ٿيون. پوليس اڃا 5 ميل پري هوندي هئي، ته ٽرانسميٽر تي کين اهڙو اطلاع پهچي ويندو هو ۽ دهشتگرد اشراف جي روپ ۾ اچي ويندا هئا.
ڏيهي جاسوس سرشتو
سوين ’زنانين‘ جا انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ منجھانئن 200 کن حسين، نوجوان ۽ پڙهيل ڪڙهيل ”زنانيون“ چونڊيون ويون ۽ کانئن پڇيو ويو، ته ڇا اهي ”مهاجر قوم“ لاءِ پنهنجي سڀ کان وڌيڪ عزيز شيءِ --- مائٽي، عزت، قوت، ذاتي خواب توڙي مستقبل --- قربان ڪري سگھن ٿيون؟ جن دل من هنيو، تن کي بظاهر اجازت ڏني وئي، باقي سڀني کان ”ڀيٽا“ وٺي، کين سنڌ جي گھربل بيوروڪريٽن، وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن وغيره ڏانهن ”ڪاز“ لاءِ موڪليو ويو.
رٽايرڊ فوجي ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ ڪيترائي ”آن ڊيوٽي“ مختلف قسمن جا بيوروڪريٽ سوين نمونن جون رپورٽون ”مرڪز“ تي باقاعدي پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، جيڪي مختلف ادارن ۾ فنڊن، ملازمتن، پلاٽن، ڪارخانيدارن، دڪاندارن، ملازمن، باغين ۽ ڏِنگن ماڻهن جا اطلاع پهچائيندا رهن ٿا. جيڪو ماڻهو، پوءِ ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي، ”فسادي“، ”وڳوڙي“، ”باغي“، ”ڏِنگو“، ”ڦڏئي“ بيان ٿيو، سو پنهنجي سڄي گھر سميت ڏاڍي ڀيانڪ سزا لوڙيندو.
سنڌي وڏيرن ۽ ڌاڙيلن وٽ پناهه
ڪيترائي دهشتگرد جڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري لڪڻ جي گھرج محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجن ”مٽن مائٽن“ وٽ ضرورت آهر لڪي نه ٿا سگھن، تڏهن اهي پنهنجن ڄاتل سڃاتل وڏيرن ۽ ڌاڙيلن وٽ اچي پناهه وٺن وٺندا آهن ۽ موٽ ۾ کين چند ٽَڪا عيوضي ۾ ڏيندا آهن. وقت سر کانئن هٿيار ۽ منشيات خريد ڪري موٽي وڃي گھربل هنڌ تي پهچائي دولت ڪمائيندا ۽ حياتيون تباهه ڪندا آهن.
غنڊن ۽ قاتلن جو هٿياربند جَٿو
سنڌ ورهائڻ جي سازش، رٿابندي ۽ گُھر ڪندڙ سنڌ دشمن دهشتگردن وٽ اشتهاري غنڊن، لوفرن، بدمعاشن، چورن ۽ قاتلن جو هڪ اهڙو نظم ۽ تربيت يافته جَٿو موجود آهي، جنهن گذريل اٺن ورهين دوران هر قسم جو تشدد ڪري زبردست تجربو حاصل ڪري ورتو آهي. اهي جت ڪٿ کلئي عام پنهنجي ڪاروائي ڪن ٿا ۽ گم ٿي وڃن ٿا. انهن جو من ايترو ته وڌيل ۽ بُود ۾ ڀريل آهي جو هزارين ماڻهن جي وچ ۾ بيهي، کليل بازار ۾ ٽرئفڪ وهندڙ روڊن تي پوليس، رينجرس ۽ فوج جي موجودگيءَ ۾ خود انهن تي گوليون وَسائي بنا ڪنهن خطري جي سلامت هليا وڃن ٿا. مٿن جيڪڏهن ڪي ڪيس داخل به ٿين ٿا، ته هي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن نموني ڇُٽي وڃن ٿا. هن مهل تائين شايد ئي ڪنهن دهشتگرد کي دهشتگرديءَ جي الزام ۾ قانوني ۽ واجبي سزا ملي هجي. سندن من ايترو وڌيل آهي جو سندن نمائندا کلئي عام ويٺا چون ته اسان جي دهشتگردن کي بنا ڪنهن ڪيس جي آزاد ڇڏيو وڃي ۽ حڪومتون آهن، جو ساڻن ويٺيون ”سياسي“ ڳالهيون ڪن.
هڪ منظم تنظيم
اهي غنڊا ۽ قاتل هڪ تنظيمي ضابطي هيٺ رهن ٿا ۽ رهڻ تي مجبور آهن. ٿوري به ڀڃڪڙي ڪندا ته ٻين غنڊن ۽ قاتلن هٿان قتل ٿي ويندا يا مٿن ڪيس پئجي ويندا ۽ جيل ڀيڙا ٿيندا --- دهشتگرد پاڻ به پنهنجي ئي ٻين دهشتگردن جي ڊپ ۾ ورتل هئڻ جي ڪري منظم ۽ ضابطي ۾ رهي ٿو.
ڪن مخصوص مفادن هيٺ ڪي ”دانشور“ ۽ ”صحافي“ سندن ڪرتوتن کي لفاظيءَ جي پوش ۾ لڪائي کين هيرو ڪري پيش ڪن ٿا.
دهشتگرد مختلف قسم جي دڪاندارن، واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صنعتڪارن، ڪامورن ۽ ٻين سرنديءَ وارن کان نه رڳو ناڻو هٿ ڪن ٿا، پر کانئن واسطيدار مخصوص قسم جي مدد ۽ سهڪار به وٺن ٿا. واسطيدار بيورو ڪريٽ ته حڪومت کان وڌيڪ دهشتگردن جا وفادار آهن. وڪيل کين قانوني تحفظ ڏين ٿا، ڊاڪٽر علاج معالجو ڪن ٿا، صنعتڪار کين روزگار مهيا ڪن ٿا وغيره.

ڪي ٻيون ڳالهيون
1-      سنڌ جي ورهاست يا سنڌ تي قبضو؟
ڪالهه هنن کي ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻو هو ۽ هنن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. اڄ هو سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، پاڪستان کي ٽوڙڻ جا نعرا هڻن ٿا، پاڪستاني فوج تي گارين جي گجگوڙ هلي پئي.
2-      ڪوڙ جو طوفان
اسلم بيگ، نوازشريف، اشتياق اظهر، ولي خان ۽ ٻيا گارين جو وسڪارو لايو بيٺا آهن، ته وارو ڪريو، ”مهاجرن تي ظلم“ بند ڪريو، ڪراچي مان فوج ڪڍو نه ته... (31 نومبر 1994ع تي اوچتو ئي فوج کي موٽايو ويو. 6-ڊسمبر 1994ع تي اشتياق اظهار چيو ته ايم ڪيو ايم ٺاهه لاءِ تيار آهي.) زي ٽي وي ۽ دُوردرشن انڊيا تان ”مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن جا دستاويز پروگرام“ پيا ڏيکاريا وڃن. بي سي سي، وائيس آف آمريڪا، آل انڊيا ريڊيو وغيره ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙيون خبرون هلائيندا اچن جيڪي ڄڻڪ دهشتگرد پاڻ ويٺا نشر ڪن.
3-      ٻٽو رويو
ڪالهه سنڌين پنهنجي ڏيهي، انساني قانوني حقن جي جمهوري انداز ۾ گھر پئي ڪئي، ته اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، انڊيا جو ايجنٽ، وغيره، سڏي کين خوار ڪرڻ ۽ فوج سڏائي کين سيکت ڏيڻ جو ڳالهه ڪئي ويندي هئي. اڄ دهشتگرد کلئي عام پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، فوج کي گاريون ڏين ٿا ۽ ڪٿي ته گولين جو شڪار بڻائن ٿا، ڀارت جي پاڪستان دشمن پاليسين جي سڌي حمايت ۽ پاڪستان جي ڪشمير نواز پاليسين جي سڌي مخالفت ڪن ٿا، وغيره. ان هوندي به دهشتگردن کي ’مظلوم‘ ۽ فوج کي ’ڏوهاري‘ سڏيو وڃي ٿو.
دنيا ڄاڻي ٿي ته 5- ورهيه اڳ 86 سالن جي پوڙهي جي. ايم. سيد صاحب سکر هوائي اڏي تي پاڪستاني جھنڊو ڪو نه ساڙيو هو، پر هو ان الزام ۾ اڻ-دريافتو بند آهي، ۽ دنيا ڏٺو ته دهشتگردن جناح جي مزار آڏو پاڪستاني جھنڊي کي باهه ڏني، پر مٿن ڪيس به داخل نه ٿيو.
دودو مهيري اجائي الزام ۾ جيل اندر آهي ۽ مٿس بغاوت جو ڪيس مڙهيو پيو وڃي، پر جيڪي سچ پچ بغاوت ڪيو ويٺا آهن، مٿن ڪورٽن پاران ڊيٿ وارنٽ نڪتل آهن، پر اهي سرڪاري پروٽوڪول سان آزاد گھمي ڦري رهيا آهن.
4-      نقشا
پاڪستان ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا ست اٺ نقشا ۽ ٽي چار دستاويزي ثبوت ته اخبارن ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن.
هڪ نقشي ۾ هنن بلوچستان جي اٿل ۽ ٻيلا وارين ايراضين تي به ميري نظر وڌي آهي. هڪ نقشي ۾ سنڌين لاءِ (يعني سنڌ صوبي لاءِ) جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ اڌ دادو ضلعو ڇڏيا آهن ۽ هڪ نقشي ۾ ته سنڌين لاءِ سنڌ جو هڪ انچ به ڇڏيل ناهي --- سنڌ جا ٽي صوبا ”مهاجرستان“، ”ڪراچي“ ۽ ”اردو ديس“ قرار ڏنا ويا آهن ۽ سنڌ کي عملي طرح دهشتگردن جو الڳ ملڪ ڏيکاريل آهي!
سنڌ دوست ۽ قوم پرست پاسو
سنڌي ماڻهن ۾ سياسي پهچ رکندڙ سڀ کان وڏي پارٽي پ پ آهي؛ اها ووٽ اڪثريت ۾ حاصل ڪري ٿي ۽ ”وفاق پرستي“ جي ڌٻڻ ۾ ايترو ته گتل آهي جو صوبن کي جيڪا نالي ماتر خود مختياري مليل آهي، اها به کسڻ گھري ٿي.
”وفاقي حڪومت هاءِ ويز، ٽرانسپورٽ ۽ آبپاشي جي شعبن ۾ اختيارن جي مرڪزيت ختم ڪري صوبن کي ڏنل ڪنهن حد تائين خود مختياري کسي ورتي آهي.“
(جاڳو، 8-ڊسمبر 1994ع)
پ پ اسان جو هڪ الڳ موضوع آهي. دهشتگردن پاران ايڏي وڏي سنڌ دشمن مطالبي تي ان جي اعليٰ سطح پاران ٻڙڪ به نه ٻاڦي وئي آهي؛ دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري کين سياسي حيثيت ۾ برقرار رکيو اچي ۽ اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي سنڌين جو دهشتگردن خلاف ڪيس ڪمزور يا مورڳو بي اثر ٿيو وڃي. هن لاءِ پنهنجي ئي وطن جو هڪ صوبو سنڌ ۽ ان ۾ محفوظ عظيم ترين ووٽ بينڪ ايڏا اهم ناهن، جيترو ڪشمير. پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها هم عهدن تي طوطي جيان اکيون ڦيرائيندڙ ماڻهو ويٺا آهن. ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سندس ٻيا حضرات مهيني ماسي هڪ اڌ بيان کان اڳتي چوڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪي ”دانشور“ دعويٰ ڪن ٿا ته پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ماکيءَ جون نديون وهي هلنديون، انهن جي ڳالهه تي اعتبار اچي ها، جڏهن سنڌ مان غير قانوني ڌاريا ڪڍيا وڃن ها، سنڌ جي ڪارخانن ۽ مختلف ادارن ۾ روزگار جو پهريون حق سنڌين لاءِ مقرر هجي ها، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم ٺهن ها، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو نه لڳي ها، اهو سنڌ جي، حقيقي مالڪن سنڌين جي، حوالي هجي ها، وغيره. پ پ سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ اهو ڪري سگھي ٿي، ته ٻه ٽي نوڪريون ڏئي سگھي، ٻه ٽي اسڪول کولي سگھي، ٻه ٽي روڊ ٺهرائي سگھي ۽ اهي ڪم اهڙا ناهن جن تي فخر ڪجي. اهي ڪم ته جنرل ايوب خان کان جنرل ضياء ۽ نواز شريف تائين، سڀني پئي ڪرايا آهن ۽ جت ڪٿ هر ملڪ ۾ معمول جو ڪم آهي ۽ ڪو به ڪارنامو ناهي. اڄ به، جڏهن مرڪز توڙي سنڌ ۽ سرحد ۾ پ پ جي حڪومت قائم آهي، ڏهاڙي 250-400 ماڻهو ڀارت کان غير قانوني طرح ڀارت-پاڪ سرحد ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا. افغان ڀاڄوڪڙ ڏهاڙي 75-150 ۽ پنجابي ڏهاڙي 150-300 تائين اچن ٿا، جڏهن ته ايران، ڪشمير ۽ ٻين هنڌن تان ايندڙن جو اندازو ئي ناهي. سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌڪاريا وڃن ٿا. سنڌ جي قسمت جو سودو جَهِڙوڪر دهشتگردن جي هٿن ۾ آهي، وغيره وغيره. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙن ڪهڙن ”ڪارنامن“ جي ڪري سنڌي ماڻهو پ پ کان اهي اميدون رکي سگھندا، ته اها سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخي، ثقافتي، تهذيبي، ذهني ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري سگھندي؟ پر هتي انهن جو ذڪر مقصود آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ ۽/يا قوم پرست سڏائن ٿا.
عوامي تحريڪ
سنڌ جي اڪيلي هيٺين وچين طبقي واري انقلابي، عوامي ۽ جمهوري تحريڪ، جنهن جون پاڙون سنڌ جي حقيقي وارث عوام جي دلين ۾ کُتل هيون. هن تحريڪ وٽ نه ته پيسي جو زور هو ۽ نه ئي وري جاگيرداراڻي سرندي، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع ۽ منظم تنظيمي ڍانچو رکندڙ هئي ۽ جڏهن به ڪنهن وطن دوست، عوام دوست، جمهوريت پسند يا انساني اِشو (issue/ مامري) تي جدوجهد جو سڏ ڏيندي هئي، تڏهن سنڌ اٿلائي رکندي هئي. ضياء شاهي ۽ ڊڪٽيٽريءَ خلاف هن تحريڪ ٻين سڀني وڏين وڏين ۽ نالي چڙهيل پارٽين کان وڌيڪ جٽادار، منظم ۽ مرتب جدوجهد هلائي. ”ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهيو“ کان وٺي ”ڪالا باغ ڊيم منصوبو رد ڪريو“ تائين، هن تحريڪ سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏ ڪالا باغ ڊيم خلاف جيڪو عظيم الشان اجتماع ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، بيشڪ اهو سنڌ جي انقلابي جدوجهد جو بي مثال ڪارنامو آهي --- لکين سنڌين جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، ڪراچيءَ جي مکيه رستن تي اُٿلي پيو، پر ٽي مهينا اڳ هن ئي تحريڪ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين، ڪالا باغ ڊيم خلاف، جيڪو ”لانگ مارچ“ ڪيو ان ۾ رڳو 32 ماڻهو شامل هئا! (انهيءَ ”لانگ مارچ“ وسيلي ڄڻڪ ڪن مخصوص قوتن کي علي الاعلان ٻڌايو ويو، ته ”ڏسو، اسان ان ساڳيءَ انقلابي عوامي تحريڪ کي ناس ڪري ڪهڙي نه ڪريل سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي.“)
1988ع ۽ 1989ع ۾ سنڌ اندر سنڌين خلاف دهشتگرديءَ جي اوج مهل (اڳوڻي) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب وقت جي حڪومت کي ڌوم ڌڙاڪي سان آڇ ڪئي، ته هو 10 هزار والنٽيئر (رضاڪار) مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي دهشتگردن جي ستياناس ڪري سگھن ٿا. (هن پنهنجي ڌام ڌوم ۽ لکين رپين جي خرچ سان پهريون ڀيرو ملهايل سالگرهه جي موقعي تي ڪجھ نياڻين کان ڪلاشنڪوف وسيلي هوائي فائرنگ ڪرائي، سلامي وٺي، اها ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته وٽس ’زبرو لشڪر‘ تيار آهي، جنهن کي اردو اخبارن رپورٽ ڪندي ”بدمعاشي ڪري“ دهشتگردن جي فائدي ۾ ڪتب آندو.) اڄ اهي والنٽيئر وڌي ٻيڻ تي ضرور ٿيا هوندا! ڪٿي آهن؟
ڇا سنڌ دشمن دهشتگردن جي قوت انهيءَ ”انقلابي“ ڳڻپ کان وڌيڪ هوندي؟ (سنڌ جي ڪنهن ”منظم، وطن دوست، جمهوري، عوامي ۽ انقلابي“ سياسي پارٽيءَ وٽ جيڪڏهن وطن دوست رضاڪارن جو ايڏو وڏو لشڪر هجي ۽ پوءِ به سنڌي ان ڪري ڪُسي، جو سنڌي آهي، تُف هجي!
چند ڏوڪڙن خاطر عوامي تحريڪ جي انقلابي روح کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي!
سنڌي ڪامورا شاهي ۽ جاگيردار شاهي
سنڌي بيوروڪريٽ، ٿلهي ليکي، نمڪ حرام ۽ پهرين نمبر جو خود غرض ۽ بدمعاش آهي. سنڌ دشمن قوتن جو بيوروڪريٽ ڪيڏو به ڪمينو هجي، مجموعي طرح پنهنجي مخصوص لساني ٽولي جي مفادن کي اوليت ڏيندو ۽ انهن کان ٻاهر نه ويندو، پر سنڌي بيوروڪريٽ سدائين پنهنجي قومي مفادن کان ٻاهر رهندو، اڃا به ان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڦورو حاڪمن ۽ جاگيردارن جي اڇلايل ٽڪر تي پلجندڙ ڪاموراشاهي اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ته سندس ڪرسي سنڌي عوام پاران هلايل قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ٺهي سگھي آهي. اسان جو ڪامورو حقدار کي به ناحقي رلائيندو رهندو، پر جي ڪنهن پنج رپيا آڇيا يا پيالو پيش ڪيو ته گھور پيو ويندو، سڀ قانون ۽ قاعدا قربان ڪري ڇڏيندو.
سنڌي جاگيردارشاهي عملي طرح انگريزن جي پيدا ڪيل آهي ۽ تاريخي طرح سنڌ ۽ سنڌين خلاف غدارين ۽ پرمار ڪاهيندڙن سان ڳٺ جوڙ جو عالمي رڪارڊ رکي ٿي. شل نه ڪو راڄ باڳ جو ماڻهو ٻه سچا اکر ڪُڇي، سندس ڄڻ-ٻچو رلائي ڇڏيندي؛ پر موچڙي آڏو هڪدم معصوم بڻجي پُڇ-لوڏ شروع ڪري ڏيندي. انگريزن ئي ان کي طاقتور بڻايو ۽ ان انگريزن لاءِ سنڌ مسيت ڪري ڇڏي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان جيڪي ويل وهيا ۽ ڪِيس ٿيا آهن، ان ۾ پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن سان ٻِٽ رهندي هن به وَسان نه گھٽايو آهي. سنڌ جو نقشو ميساريو، سنڌي ٻوليءَ جي تيز رفتار اوسر کي روڪي ڪري نيچو نوايو. سنڌوءَ تي ڊيمن ٺهرائڻ ۾ ان جي رضا شامل هئي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي سر زمين کي سوڪهڙي ۾ وٺايو ۽ سنڌوءَ جي پيٽ تي واريءَ جا طوفان اڏرڻ ڏنا. سنڌ کي گھربل حصو ۽ حق ڏيارڻ ۾ غفلت ڪئي ۽ سنڌ جا سمورا پيداواري ۽ روزگاري وسيلا ۽ مال ملڪيت ڌارين جي قبضي ۾ وڃڻ ڏني. اردڪ سياسي قوتن کي پهريائين ان ئي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو ۽ پوءِ ان لائق بڻايو جو اڄوڪي دهشتگرد قوت کي سنڌ ۾ سگھارو ڪري سگھي. سنڌ سان غدارين جو هڪ وڏو رڪارڊ جاگيردارشاهيءَ جي سر تي آهي ۽ ان ڪم ۾ اها ايترو ته مصروف رهي آهي، جو کيس مٿو کنهڻ جي به واندڪائي نه ملندي آهي.
”سچيون“، ”قوم پرست“ پارٽيون
ڪيتريون ”سچيون“ ۽ ڪيتريون ”قوم پرست“ پارٽيون آهن، انهيءَ کان ڌار رهي، سندن عوامي طاقت، نظرياتي وسعت، تنظيمي پختگي ۽ ڪم جي طريقي کي جاچڻ گھرجي. انهن حوالن سان ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ تمام گھڻو پوئتي نظر اچي ٿو. جنرل ضياء ۽ دهشتگردن جي کليل حمايت کان پوءِ هڪ موقعو اهو به آيو جو هڪ ڀيري جي ايم سيد صاحب جن چِٽو ڪري چيو ته ”ڪارڪن منهنجو چوڻ ئي ڪو نه ٿا وٺن.“ هونئن به ”جيئي سنڌ“ جا لفظ پنهنجي نالي ۾ ڪم آڻيندڙ ڪيترائي ٽولا پنهنجي منهن وڌيڪ هلندا آهن ۽ سيد صاحب جو رڳو نالو ڪم آڻيندا آهن. جيڪا ليڊرشپ پنهنجن ڪارڪنن تي تنظيمي ضابطو نه ٿي رکي سگھي، ان بابت ڪيئن اميد ڪري سگھجي ٿي، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بهترين مفادن ۾ ڪم ڪري ۽ خاص ڪري دهشتگرد قوت کي منهن ڏئي سگھي ٿي. ”ترقي پسند پارٽيءَ“ جي قيدت جو وڏيرڪو انداز، پجيرو، ٺيڪا، وغيره، گھڻي عرصي کان تنقيد جو شڪار رهندا آيا آهن. ٽيون ڏينهن پارٽي ٺهي آهي ۽ ڪالهه ٻه ڀيرا ٽُٽي چڪي آهي. سياسي عمل ۾ عام روش سياسي گھٽ ۽ داداگير وڌيڪ رهندي اچي ٿي. دودو مهيري توڙي جو هن پارٽيءَ جي اڳواڻن مان هڪ هو، پر اڄ تائين ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻڪ کيس اڪيلو ڪري حڪومت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. جلسن جلوسن ۾ توڙي جو هن پارٽيءَ کي هڪ حد تائين عوام پاران موٽ ملي ٿي، پر اها ايتري ناهي جو اميد ڪري سگھجي ته دهشتگرد قوتن کي منهن ڏئي سگھندي.
ٻيا به ڪيترائي محدود حلقي وارا ننڍا ٽولا پنهنجي سياست ۾ قوم پرستيءَ جو اصطلاح ڪم آڻين ٿا، پر سندن اثر جي ڪٿ تور هتي ممڪن ناهي.
وطن دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ جي حوالي سان مٿي آندل ذڪر جو مقصد اهو قطعي ناهي، ته انهن ڌرين ڪو هڪ به اهڙو عمل نه ڪيو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ هجي.
سچ اهو آهي ته سنڌي عوام ۾ قومي حوالي سان جيڪا به جاڳرتا نظر اچي ٿي، ۽ وطن دوستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي ۽ ترقي پسنديءَ جي حوالي سان سوچي، حق جي ڳالهه ڪجي، ته پاڪستان جي باقي قومن کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ۽ مٿاهين سطح تي نظر اچي ٿي. ان ۾ مجموعي سطح سڀني ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ محاذ (جي ايم سيد)، پاڪستان پيپلز پارٽي (ذوالفقار علي ڀٽو) ۽ عوامي تحريڪ (1988ع تائين) جو نظرياتي، سياسي ۽ عملي ڪردار شامل آهن.
مٿي ڏنل ڳالهين تي چڙڻ بدران پنهنجي منهن پنهنجي سياسي قوت جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي، خود تنقيد جي عمل سان پاڻ کي ڌوئي صاف ڪري، گنڀير ٿي، سنڌ جي وجود جي سالميت ۽ نجات لاءِ بهترين، علمي، عملي ۽ سياسي انداز ۾ سوچيو وڃي ۽ سنڌ دشمن قوتن جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عمليون جوڙي عمل ۾ آنديون وڃن.
(هلال پاڪستان، 30- ۽ 31-ڊسمبر 1994ع)

No comments:

Post a Comment