شاهجھان ٻرڙو
سنڌي عوام جو هڏ ڏوکي، مدلل، باڪردار ۽
نامور شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
آءٌ سال 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول قنبر ۾ اٺين درجي جو شاگرد هيس. ان وقت قنبر کان، اسان جي ڳوٺ ڀڏا کان ٿيندي
مختلف ڳوٺن جي روٽَ، جھڙوڪ ٻير شريف، هني، ٺوڙهي سهراب، ٺوڙهي بجار تائين ڊاٽسنون
۽ ”عدنان“ نالي ٻه بسون هلنديون هيون. روز قنبر اچڻ وڃڻ بسن ۽ ڊاٽسنن وارا اسان
شاگردن کي گاڏيءَ جي ڇت تي ويهاريندا هئا. اسان ايندي ويندي، پپل چوڪ وٽ ڊاڪٽر
هولا رام جي گھر کان ڪجھه اڳڀرو لطيف ڪلينڪ تي محترم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي ڏسندا
هئاسين. ڪلينڪ جي بورڊ تي ”ڊاڪٽر ڪيپٽن (ر) محبت ٻرڙو“ لکيل هوندو هو. ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو پاڪ فوج ۾ ٽريننگ ڪيل ڪيپٽن ڊاڪٽر رهي چڪو هو. ڪلينڪ تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر
شهر ۽ مختلف ڳوٺن جھڙوڪ ڀڏن، ٻير، ڏيرن، ٽپال، باگو جوڻيجي، گھٽهڙ ۽ ٻين ڳوٺن کان
آيل غريب مسڪينن کان سواءِ عام ماڻهن کي سٺي نموني چڪاسي علاج لکي ڏيندو هو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سدائين لکڻ ۽
پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هو. مس واري پين ۽ پنا هميشه سندس ڪلينڪ تي پيل هوندا هئا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌ جو عظيم ڏاهو، اديب، ليکڪ، ڪالم نويس، ترجمي نگار، سٺو استاد
۽ سٺو شاگرد، علم جو پارکو ۽ سائنسي سوچ رکندڙ انسان هو. هن جي لکڻ جو انداز ۽ لکڻ
جا ڪيترائي قسم هئا. سنڌيءَ ٻوليءَ تي کيس وڏو عبور حاصل هو. ڊاڪٽر محبت پنهنجي
ڏاهپ، علم ۽ عقل سان عام ماڻهن ۽ معاشري ۾ علمي، ادبي ۽ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب سٺي سوچ ۽ سٺي اخلاق جو مالڪ هو. پڙهيل لکيل ماڻهن سان
هن جي ڪافي لڳندي هئي. اُٿڻ ويهڻ جي حوالي سان ڳوٺاڻن ۽ پاڙي وارن جي سٺي انداز ۾
عزت ڪندو هو. هُو ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي سسٽم، لالچ، لوڀ، ٺڳيءَ ۽ ڪوڙ کان نفرت ڪندو
هو. پنهنجي سائنسي سوچ جي ڪري فلڪيات، باٽني، زولاجي ۽ ٻين علمن ۾ 30-40 سال اڳتي
سوچ رکندو هو. ڪلينڪ تي سندس دوست ايندا هئا ته انهن جي خدمت ڪرڻ ۽ چانهه پاڻ ٺاهي
پيئارڻ کي سٺو سمجھندو هو.
ڪاش! ڊاڪٽر محبت ٻرڙو صاحب زنده
هجي ها ته اڄ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو محقق ۽ اڳواڻ هجي ها. مون کي ڊاڪٽر محبت جي وفات جي
يادگيري ته نه آهي، باقي زنده هوندي ڪافي ڀيرا کيس ڏٺو هو. هن جي وفات جو ڏک مون
کي سدائين رهندو.
No comments:
Post a Comment