ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
آءٌ نه عالم آهيان نه اديب
۽ نه ئي وري محقق يا مدبر، پر اهو فخر سو حاصل اٿم ته انهن جي تخليقن جي پاڙي ۾ هڪ
شاگرد، سيکڙاٽ جي جذبي سان جيئان ۽ سندن ڄاڻ جي مٺي مھا ساگر مان
هڪ اڌ سرڪي ڀري مينھن جي بوند جهپندڙ سپيءَ جيان گدگد ٿيان پيو.
ريڊيو ۽ ٽي وي سنڌي
پروگرامن ۽ سنڌي اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن، مڃجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سونھن
۽ سينگار جي سٺي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪن پيا، پر مون کي ڏاڍي افسوس سان اهو به چوڻو ٿو
پوي ته، ڪڏهن ڪڏهن نه، پر اڄ ڪلهه اڪثر ڪري ”شان“، ”فصل“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن
کي به جنس مؤنث جي شڪل ۾ ڳالهايو/ لکيو وڃي ٿو ــــ ”منھنجي شان گهٽجي نه ويندي“،
”فصل ڪاٽي وئي،“ ”ٽيبل تي ڪتاب رکي آهي“ وغيره جھڙا جملا پنھنجي ڪنن سان ٻُڌا اٿم.
اهڙيءَ طرح ”لاش“، ”علم“، ”ڪتاب“ وغيره جھڙن لفظن جو جمع ”لاشون“، ”علمون“،
”ڪتابون“، وغيره به ڇپائيءَ جي دنيا ۾ عام ڇپجي پيو. ”هوٽلون“، ”مارڪيٽون“ وغيره
جھڙا انگريزي ڌاتو رکندڙ لفظ هتي ڄاڻائڻ بدران مٿي ڄاڻايل لفظ خاص ڪري ان لاءِ ذڪر
هيٺ آندا اٿم جو اهي لفظ سنڌيءَ جي پھرين ۽ ٻي درجي ۾ ئي پڙهايا وڃن ٿا ۽ اسان جي
ڪيترن ئي ”ليکڪ“، ”ڄاڻڪ“ ۽ ”پڙهاڪ“ ماڻهن کي به جيڪڏهن انهن جي جنس ۽ جمع جي سُڌ
ناهي ته پوءِ پِٽِڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه ئي نه ٿي بچي! خاص ڪري اخبارن سنڌي
ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ سينگارڻ سان گڏوگڏ بگاڙڻ ۽ سورهن سينگار ڪرائي مٿس ڦينگون
ڇَٽَڻِ ۾، جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪن پيون ان تي اسان جي سڄاڻڪ ماڻهن پئي لکيو
آهي جنھن جو اندازو حسام الدين راشديءَ جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“
(1967) کان وٺي محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي مضمون ”ارد - سنڌي“ (1992) تائين
ڪَٿي سگهجي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ان پائي جا ٻيا ادارا، فيروز احمد پارا ڪجهه
فرد وغيره پنھنجن ڪتابن، رسالن ۽ مخزنن وسيلي جنھن نموني سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي رسم
الخط ۽ صورتخطيءَ کي ٺيڪ رکڻ جا جتن پيا ڪن اهي، بھرحال، ساراهڻ جوڳا آهن. ٻوليءَ
کي درست لکڻُ، پڙهڻُ، ڇپڻُ ۽ ڳالهائڻُ هر فرد جو فرض ۽ ان کي بگاڙڻ علمي ڏوهه آهي.
آءٌ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ۽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي پيشڪارن،
ايڊيٽرن، رپورٽرن، ليکڪن، ڇپائيندڙن، ڪمپوز ڪندڙن ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن کي خاص طرح
وينتي ٿو ڪريان ته ٿورڙي بي ڌيانيءَ سبب علمي ڏوهه ڪرڻ بدران ڪجهه ڌيان ڏئي جيڪڏهن
پنھنجو علمي، ادبي ثقافتي ۽ اخلاقي فرض پورو ڪندا ته هڪ ٻوليءَ جو تقدس برقرار رکڻ
۾ ساٿي ۽ سھڪاري ٿي پونداسون.
ٻيو مسئلو آهي متبادل لفظ
جو. مون پاڪسان ٺھڻ کان اڳ جا ڇپيل جيڪي به ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا آهن انهن ۾ ٻوليءَ
جي تقدس ڏانهن سنڌيءَ جي ليکڪن، پبلشرن ۽ ايڊيٽرن ۾ هڪ سڄاڻ رويو نظر اچي ٿو.
ڪيترن ئي انگريزي، فارسي ۽ عربي لفظن جا ٺھڪندڙ مَٽُ لفظ ڳولي يا سنڌي مزاج ۽
وياڪرڻي اصولن موجب گهڙي ڪم آندا ويا. اڄ به ڪيترائي ليکڪ اهو ڌيان رکن ٿا پر
مجموعي طرح ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ، انتظار ٿو ڪيو وڃي ته ڪنھن نئين يا نئين نموني واهپي
۾ آيل لفظ جو متبادل پھريائين اردو اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڪم اچي ته پوءِ اهو
بنا ڪنھن ضروري ڌيان ڏيڻ جي، اکيون پوري، انڌو نقل ڪندي سنڌيءَ ۾ هلايو وڃي. ان
قسم جا به ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا پر ڊيگهه کان بچڻ لاءِ هتي رڳو ٻه مثال ڏجن
ٿا، هڪ آهي ”ماحولياتي آلودگي“ ۽ ٻيو آهي ”نجڪاري“.
”موحولياتي آلودگي“ انگريزي لفظ
”اينوائرونمينٽل پولوشن“ (Environmental
Pollution) جي بدران ڪم آندو وڃي ٿو. ”اينوائرونمينٽ“
جو مطلب آهي اوسو پاسو، پسگردائي، جيڪو ڪجهه هر پاسي موجود موجود هجي، ماحول
وغيره، ۽ ”پولوشن“ جو مطلب آهي ناپاڪي، پليتائي، گدلائپ، گدلاڻ، آلودگي وغيره.
انگريزي ۾ ڪنھن گهربل لفظ جي پويان ” al̵ “ پڇاڙي طور
ملائي ”ــ جو“ــ جي) يا ”ــ وارو“ (ــ واري) مطلب ورتو ويندو آهي يعني ان انگريزي اصلاح جو مطلب آهي
”ماحول جي گدلاڻ”.
”ماحوليات“ جو مطلب آهي
”ماحول جو علم“، ”ماحول بابت ڄاڻ“ وغيره. ”ماحولياتي“ جو مطلب آهي ”ماحول بابت علم
جي“ ۽ ”آلودگي“ جو مطلب ”گدلائڻ“ يعني ”ماحول بابت علم جي گندگي“ يا ”ماحول بابت
ڄاڻ جي پليتائي“ معنى ۽ مطلب جي لحاظ کان اهو متبادل يا ترجمو ڪيڏو نه کلِ جوڳو ۽
جاهلانه ٿي پوي ٿو!
لفظ ”ماحول“ ئي متبادل طور
آڻڻو آهي ته ”ماحول جي“، ”ماحولي“، ”ماحولائي“، ”ماحولاري“ صورتون ئي
”اينوائرونمينٽل“ جو نسبتاً بھترين متبادل آهن ۽ ”آلوده“ جھڙي اوپري لفظ بدران
گدلائپ، گدلاڻ، گندگي وغيره.
”ماحول“ــ بابت ــ
علم ــ جي ــ گندگي“ بدران ڇا اهو وڌيڪ سٺو ناهي ته ”ماحولي گدلاڻ“ لفظ ڪم
آڻجن؟
اهڙي صلاح ”جاڳو“ کي ڏني وئي، ان
”آلودگي“ بدران گدلاڻ، گدلائپ ته ڪم آڻڻ شروع ڪيو پر افسوس ته اصلي، ڪارائتي لفظ
ماحولي/ماحولائي تي مناسب ڌيان نه ڏنو. جيئن ”هيئرنگ“ (Hearing) جي متبادل اوپري لفظ ”شنوائي“ بدران ”ٻُڌڻي“ جھڙو پنھنجو سنڌي ۽
سڀ کي سمجهه ۾ ايندڙ لفظ ڪم آندو ويو تيئن هڪ مڪمل اوپري، جاهلانه ۽ غلط لفظ/
اصطلاح بدران ڇو هڪ صحيح ۽ سڀ کي سمجهه ۾ اچي سگهندڙ لفظ/ اصطلاح ”ماحولي گدلاڻ“
ڪم نه آندو وڃي؟
”نجڪاري“ انگريزي لفظ
”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران ڪم آندو ويو آهي. ”پرائيويٽ“ (Private) جو مطلب آهي ”حڪومت يا سڀني ماڻهن جو نه، پر هڪ ماڻهوءَ يا ڪجهه
ماڻهن جي لاءِ يعني خانگي، شخصي، گروهي،“ ان ڪري ”پرائيويٽائيزيشن“ (Privitization) جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”حڪومت يا
سڀني ماڻهن کان ڦيرائي خانگي، شخصي گروهي (نجي، انفرادي) مالڪي هيٺ ڏيڻ/ ڪرڻ.“
سنڌي ۾ ”نج“ جي معنيٰ آهي بنا ملاوت، خالص، صاف، شڌ، اڻمٖيل، نجو، صفا، ٺيٺ، سٺو، نرمل، پوتر وغيره، ۽ ”ڪار“ جو مطلب آهي ڪرڻ/ڪندڙ.
اهڙيءَ طرح ”نجڪاري“ جو مطلب ٿيو (۽ آهي) ”نج ڪرڻ جو (عمل)“. جڏهن ته ”نجي“ جي
معنيٰ اها ساڳي ”نج“ واري به آهي ۽ ان سان گڏ ذاتي، شخصي، خانگي به، ان ڪري
”پرائيويٽائيزيشن“ جي بدران نجڪاري کان وڌيڪ نسبتاً ٺھڪندڙ لفظ ”نجڪاري“ نه پر
”نجيڪاري“ ۽ اڃا به ”خانگائڻ“ آهي، جيئن اڄ ڪلهه ”ڪاوش“ ۾ اڪثر ۽ ٻين اخبارن ۾
ڪڏهن ڪڏهن ڪم آندو وڃي ٿو.
اسان جا ڪيترائي ”پڙهيل“،
”ڄاڻو“ ۽ ”ليکڪ“ ساٿي، سچ اهو آهي ته ” ــ
يات“ جو مطلب ”علم“، ”ڄاڻ“ نه ٿا سمجهن، ۽ لفظ تي گهربل ڌيان نه ٿا ڏين. جيڪڏهن
اهي گهربل ڌيان ڏيندا هجن ها ته پوءِ ”علم حياتيات“، ”علم نباتات“، علم نفسيات“،
”علم معدنيات“ وغيره جھڙا لفظ ڇو لکن ها؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها ڪھڙي
قسم جي ”علمداني“ آهي، اهي شايد اردو وارن کي به، سنڌين سان گڏ، سيکت ڏيڻ گهرن ٿا!
اسين پنھنجي اندر ۾ ٻوليءَ
جي ڄاڻن کي ڏاڍي عزت ڏيون ٿا، ڀلي اهي اسان کي نه سڃاڻيندا هجن، اسين کين عزت جي
نگاهه سان ڏسندا ئي رهنداسون. پر اهو به سچ آهي ته انهن مان به ڪجهه، يا گهڻا،
سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ سينگار تي گهڻو ڌيان نه ٿا ڏين، ۽ جي ڌيان ڏين به ٿا ته
پاڻ ڪي مناسب نوان گهاڙيتا، نوان لفظ، بھترين متبادل نه ٿا جوڙين ۽ اڪثر ڪري ” ــ يات“ پڇاڙي ئي ڪم آڻين ٿا. ٿيڻ ائين کپندو
هو ته اهي خاص ڌيان ڌئي، سيڙجي ويھي، سوچي سمجهي اسان کي سٺا متبادل لفظ ڏين ها ۽
انهن کي خاص طرح علمي رسالن/ اخبارن ۾ پڌرو ڪن ها ته جيئن سڀني لاءِ هدايت ۽ روشن
راهه موجود هجي.
”سائنسداني“، ”صابڻداني“ ۽
”مڇرداني“ جھڙن لفظن تي ٿورو ڌيان ڏئي ڏسو، ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ”نفسياتدان“،
”ڪيميادان“، ”گلدان“، ”پائدان“، ”پاندان“
۽ ”خاندان“ تي به سوچيو! اسين ”ــ دانن“
۽ ”ــ دانين“ جي سلسلي ۾ ڏاڍا پاڻڀرا ٿي
ويا آهيون، جي جند نه ٿا ڇڏائي سگهون ته انهن کي اتي ئي ترسائجي.
ٽيون مسئلو هي آهي ته، اڄ
ڪلهه سنڌيءَ ۾ سوين نه پر هزارين اهڙا لفظ ڪم اچي رهيا آهن جن جي ڪيترن ئي لکندڙن
کي به معنى نه ٿي اچي. ليکڪ جيڪڏهن پنھنجي قلم سان لکيل لفظ جي معنيٰ نه ٿو ڄاڻي
ته پڙهندڙ جو ڪھڙو حشر ٿيندو؟ مثال طور، اسان
وٽ ”ايگزيڪيوٽو“ (Executive)، ”ايڊمنسٽريشن“ (Administration)، ”مئنيجمينٽ“ (Management)، ۽
”اسٽئبلشمينٽ“ (Establishment) جي متبادل طور هڪ لفظ ”انتظاميا“
ئي اڪثر ڪري ڪم ايندو آهي يا اهي لفظ ساڳي
انگريزي اچار ۾ لکيا ويندا آهن. انگريزيءَ ۾ انهن لفظن جي واهپي جو دائرو ٻيو ٻيو
آهي. جيڪي ماڻهو اهڙا لفظ لکن، ڇپن، پڙهن، ڳالهائن ٿا انهن کان معنيٰ ته پڇي ڏسو!
اهڙيءَ طرح ”يونين ڪائونسل“ ۽ ”ميونسپل“ کان ويندي ”اسيمبلي“ ۽ ”سينيٽ“ تائين،
”چيئرمين“ ۽ ”چيف آف اسٽاف“ ۽ ”فيلڊ مارشل“ تائين، ”ڪمپني“ ۽ ”اسقئاڊ“ کان ويندي
”ڊويزن“ ۽ ”ڪور“ تائين وغيره، ڇا اهڙن لفظن جا متبادل ٺاهڻ ناممڪن آهي؟ يا ٺھي نه
ٿا سگهن!
مون جڏهن پھريون ڀيرو ”مادي
پرست“ ۽ ”خيال پرست“ جھڙا لفظ سنڌي ۽ اردو ۾ پڙهيا تڏهن مون کي آتش پرست ۽ بت پرست
جھڙن لفظن جي ئي خبر هئي، تنھنڪري مون انهن لفظن جي معنيٰ به اها ورتي ته اهي
ماڻهو جيڪي ”مادي“ ۽ ”خيال“ جي پوڄا ڪن ٿا. وڌيڪ پڙهڻ سان خبر پئي ته ”مادي پرست“
۽ ”خيال پرست” جي مون پاران سمجهيل معنيٰ ئي غلط نه هئي پر اهي متبادل به غلط هئا.
اهي لفظ ”مٽيريلسٽ“ (Materialist) ۽ ”آئيڊيلسٽ“ (Idealist) جي بدران ڪم آندل هئا ۽ انگريزيءَ ۾ انهن لفظن جي جيڪا معنيٰ هئي
(۽ آهي) اها ”مادي پرست“ ۽ ”خيال پرست“ لفظن مان ڪنھن به طرح ظاهر نه ٿي ٿئي.
جيڪڏهن اهي متبادل صحيح هئا ته پوءِ ”ڊارونسٽ“ (Darwinist)، ”مارڪسٽ“ (Marxist)، ”ماچسٽ“ (Machist)، ”ٿامسٽ“ (Thamist)، ”اسڪيپٽيسٽ“ (Scepticist) وغيره جھڙن لفظن جي متبادل طور ”ڊارون پرست“ (ڊارون جو پوڄاري)،
”مارڪس جو پوڄاري“، ”ماچ جو پوڄاري“، ”ٿام جو پوڄاري“، ”شڪ جو پوڄاري“، (شڪ پرست)
وغيره لفظ ايندا. ڇا اسين انهن معنائن سان متفق ٿينداسون؟ انگريزيءَ ۾ ڪنھن لفظ جي
پڇاڙيءَ طور جڏهن ” ist ــ “ (ــ اسٽ) ڪم ايندو آهي تڏهن ان جي معنيٰ هوندي
آهي ڄاڻايل لفظ (فرد جي نڪتهء نظر يا لفظ جي مطلب) کي ”سٺو سمجهندڙ“، ”مڃيندڙ“،
”صحيح سمجهندڙ“، ”پوئواري ڪندڙ“ وغيره جنھن
کي ”پرست“ (پوڄاري) ڪنھن به نموني واضح نه ٿو ڪري.
ساڳيءَ طرح، انگريزيءَ ۾ گهربل
لفظ پٺيان ”ism ــ“ (ازم) پڇاڙي ملائڻ سان سان ڄاڻيل
لفظ (فرد جي نڪتهء نظر لفظ جي مطلب) واري
”تعليم“، ”اصول“، ”سچ“، ”جدوجھد“ يا ان جون ”مخصوص خاصيتون رکندڙ“ هوندو آهي، جنھن
کي وري ”پرستي“ (پوڄا بندگي، عبادت) لفظ ڪنھن به نموني ظاهر نه ٿو ڪري. انگريزيءَ
۾ مخصوص نالي پٺيان ”ــ ازم“
پڇاڙي ڳنڍجي ”سوڪريٽزم“ (Socratism)، ”ايپيڪيورينزم“ (Epicurianism)،
”پلاٽونزم“ (Platonism)،”مائوازم“
( Maoism)، ”فرائيڊينزم“ (Freudianism)، ”ليننزم“ (Leninsim)، وغيره، ۽ مخصوص عمل، نڪتهء نظر، تعليم يا جدوجھد پٺيان ”فيوڊلزم“ (Feudalism)، ”ڪئپيٽلزم“ (Capitalism)، ”فيٽشزم“ (Fetishism)، ”فارملزم“ (Formalism)، ”فاشزم“ (Fascsim) ”نازي ازم“ (Naziism)، وغيره جھڙا لفظ ٺهيا آهن. اهو ڄاڻڻ کان پوءِ جڏهن ”مادي پرست“ ۽
”مادي پرستي“، ”خيال پرست“ ۽ ”خيال پرستي“، ”سامراج پرست“ ۽ ”سامراج پرستي“ وغيره
جھڙن لفظن تي سوچيم ته اچرج ۽ ڏک سان گڏ کل به وٺي وئي ته نيٺ اهي ڪهڙي قسم جا
لساني ــ ماهر آهن جن پنھنجيءَ ئي ٻوليءَ جو ائين هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو آهي!
سمڪ پئي ته اهي سڀ ڪجهه پنهنجن
جي اڻڄاڻائيءَ ۽ نقاليءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۽
ان جي ”لسانياتدانن“ جي ڪري ٿئي ٿو. (اردو حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي آهي جنھن کي
عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جون چتيون هڻي هنديءَ کان نرالي، ڌار، نمايان، مسلمان
۽ جديد بنائڻ جي جتن ۾ خود اردو ــڳالهائيندڙ
کي به زمين تان پٽي، پري ڪري ۽ بي پاڙو بنائي هوا ۾ لٽڪايو ويو آهي.)
ٻوليءَ جي فطري واڌ ويجهه
تڏهن ٿئي ٿي جڏهن ان جون پاڙون ڌرتيءَ ۾، ڌرتيءَ وارن جي اندر ۾، راڄ، سماج ۾ پيھي
ويل هجن. سنڌي ٻولي، کي سندس ڀاڳ جو، اهو مانُ ۽ مرتبو مليل آهي. پر هاڻي اردوءَ
وارن نقالن جو به نقل ڪندي اهڙن هزارين لفظن وسيلي ”عام“ ”(عموماً ٿورو يا
اڻپڙهيل) ۽ خاص“ (عموماً انگريزي پڙهيل يا پاڻ کي ”پڙهيل“ طور ظاهر ڪندڙ) جي وچ ۾
وڇوٽي پيدا ڪئي وئي آهي، ”عام“ جي ٻولي ”خاص“ گهٽ ٿو سمجهي ۽ ”خاص“ کي به ”عام“
مڙيوئي ڪجهه گهٽ ٿو سمجهي، ”عام“ انهن ”پرستن“ ۽ ”پرستين“، ”ــ ياتن“ ”ــ
دانن“ ۽ ”ــ دانين“ کي نه ٿو سمجهي، ۽ سچي ڳالهه ڪجي ته، ”خاص“ به
ڪو خاص واقف ناهي. آءٌ پنھنجي مشاهدي جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته هزارين
سنڌي پڙهندڙ، لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اهڙيءَ ئي ”اڻڄاڻائيءَ واري ڄاڻ“ جو شڪار آهن.
ٺھڪندڙ، مناسب ۽ سولا متبادل ڳولڻ يا گهڙڻ ٻوليءَ جي عالمن ۽ سگهڙن
جو ڪم آهي. هن وقت”سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ (جنھن لاءِ پڻ سنڌيءَ
جا ڪي ٺھڪندڙ ۽ مناسب ۽ لفظ هجڻ گهرجن) اڏاوت جي مرحلن ۾آهي، تڏهن به اهو يا ”سنڌالاجي“ (!) يا ”سنڌي ادبي بورڊ“
(!) يا ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ يا اهي سڀ پاڻ ۾ سھڪار ڪري ئي ٻوليءَ جي
ماهرن، سڄاڻن ۽ سگهڙن جو اهڙو مجاهد جٿو جوڙي سگهن ٿا جنھن وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾
آيل نون، ۽ خاص طرح ذڪر ڪيل ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ لفظن جا ٺھڪندڙ متبادل (!) سنڌي لفظ
ڳولڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪم ٿي سگهي.
سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي گهڻگهرا پنھنجيءَ
ڄاڻ آهر اهڙو مثبت جتن ڪندا رهيا آهن پر سندن جوڙيل/کوجيل لفظ جيستائين ڳنڍپ جي
(ڳانڍو) وسيلن (”ذرائع ابلاغ“ Media`s of communication) (!) وسيلي عام نه ٿا ٿين ۽ سڀ ليکڪ ۽ لکڻ پڙهڻ سان واسطيدار
ماڻهو انهن کي هر هر ورجائي عام نه ٿا ڪن تيستائين انهن جو عام ٿيڻ ۽ ”عام“ (لوڪ)
جي سمجهه لائق ٿيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پوءِ حالت اها ئي هوندي جو طوطي جيان معنيٰ ۽
مفهوم سمجهڻ بنا اچار (لفظ، ٻول) پيا اچاربا ۽ نقل ٿيندا رهندا جنھن جو نيٺ به ته،
سنڌي ٻوليءَ جي جذب ڪرڻ، پنھنجو ڪرڻ، پنھنجي مزاج موجب سمائڻ واري ڏات تي خراب اثر
پوندو.
سنڌيءَ ۾، پاڪستان ٺھڻ کان
پوءِ خاص طرح، اردو ”لسانياتدانن“ جو نقل ڪندي انگريزي لفظ پنھنجيءَ اصل شڪل ۾،
يا، ”ــ يات” (علم، ڄاڻ، سائنس، فن يا
سائنس جي شاخ هجڻ جي حالت ۾) ۽ ”پرستي“ يا ”پسندي“ (نظريي، نڪتهء نظر، جدوجھد جي حالت ۾ )
ڳنڍي مرتب ۽ مرڪب لفظ جي صورت ۾ پئي هلايو آهي. ساڳيو قصو ”ــ دان“ (ڄاڻڪ، ڄاڻو، سُڄاڻو جي حالت ۾) ڪنھن
به مفرد، مرتب يا مرڪب لفظ سان ڳنڍي هلايو ويو آهي، انهن جا مثال ڏنل آهن، پر
تجربو ۽ مشاهدو ٻڌائي ٿو ته انهن ۽ اهڙن لفظن جي مخصوص معنيٰ ۽ مفھوم رڳو اهي ئي
ڄاڻن ٿا جن انهن لفظن جي صحيح وصف ۽ وضاحت انگريزيءَ ۾ پڙهي آهي، نه ته ٻين لاءِ
اهي لفظ ”دٻي ۾ ٺڪريون“ يا ”طوطي وارو رٽو“ آهن، ماڻهو اهي ورجائن ته اَٿا پر منجهن
سمجهڻ ۽ کانئن سمجهائي سگهڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي.
گذريل ٻاويھن ورهين کان،
جڏهن کان آءٌ سنڌي ٻوليءَ بابت به اڀرو سڀرو پڙهندو پيو اچان، مون کي اوسيئڙو پئي
رهيو آهي ته من ڪي عالم، سنڌي ٻوليءَ جا سڄاڻو، گهڻگهرا ۽ سگهڙ ان پاسي تي به ڌيان
ڏين ۽ ان ڪمزوريءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي اثرائتا اپاءَ وٺن يا پير کڻن پر تانگهه اڃا
نه لٿي آهي.
آءٌ پنھنجيءَ محدود ڄاڻ جو اقرار ڪندي، هڪ
سيکڙاٽ ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ اهڙن ڪجهه لفظن جي متبادل طور پنھنجيءَ سمجهه آهر ڪي
لفظ تجويز ڪيان ٿو ان اميد سان ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻگهرا ان تي ڌيان ڌري انهن کي
سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن، قانونن اصولن ۽ مزاج موجب تيار ڪندا يا ڪي ٻيا مناسب متبادل
لفظ ڏيندا. آءٌ توهان سان اتفاق ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا توهين به مون سان اتفاق
ڪرڻ تي راضي آهيو؟
پنھنجي پاران متبادل لفظ
تجويز ڪرڻ کان اڳ، آءٌ سنڌيءَ ۾ عام واهپي ۾ ايندڙ ڪجهه لفظن ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ گهران
ٿو، ته جيئن اڳتي هلي، ممڪن آهي ته پيدا ٿيندڙ/ ٿي سگهندڙ ڪجهه مسئلن ۽ مونجهارن
کي منھن ڏئي سگهجي.
هندو مت، شنٽومت، ٻڌمت ۽
اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ عام مروج آهن. انهن لفظن لاءِ انگريزيءَ ۾متبادل
طور هندو ازم، شنٽوازم، ٻڌازم وغيره جھڙا
لفظ ڪم آندا ويا (پر، ڪي ڀٽاواد، ممانس، سائنکيا، لوڪيات، ويدانت وغيره جھڙا لفظ
ساڳيءَ ئي صورت ۾ برقرار رکيل آهن). ان جو هڪ مطلب هي به آهي ته سنڌيءَ جو لفظ
”مت“ انگريزيءَ جي لفظ ”ازم“ بدران ڪم اچي
سگهي ٿو. ”جامع سنڌي لغات“ [جُلد-5، 1988ع] ۾ لفظ ”مت“ جي معنيٰ هن طرح ڏنل
آهي:
• ”مَتِ“ ج مَـتيون:
ث. (سن. مَتِ = سمجهه) سمجهه-ٻوجهه-ٻُڌي-هوش-فھم-ادراڪ-پُرجهه-پروڙ-وقوف-هوش-حوصلو-چيتو-عقل-زيرڪي-خرد.
دانائي-سياڻپ-هوشياري. سوچ-ويچار-خيال-غور-قياس-خوض. ڳڻت. ڌيان. انديشو-ڪٿَ-هَم
تَم-اٺسٺو. ڏس-صلاح-رٿ-راءِ-اٽڪل. نصيحت-هدايت-اُپديش-سمجهاڻي-سبق. عادت-علت-هير-ورد.
}۽ ٽوڪ واري انداز ۾ - ليکڪ پاران{ سيکت-سزا-جُٺ-مار-تنبيهه. [ص: 2585]
• مَتُ ج مَتَ: ذ. (سن.
مَتَم= رايو) مذهبي ٽولي-پنٿ-فرقو-ڪوفو.
”مثلاً: ُٻڌ مَت وغيره.“ ڌرم-دين-مذهب-اُمت. ملت. ويساهه-نشچو-ڀروسو-ايمان-عقيدو-اعتبار
-نياءُ درشن-نياءُ شاستر-سِڌانت-خاطري-پَڪ. [ص: 2585]
”آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرس (Learner`s) ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش“ ۾ لفظ ”ازمِ“ (ism) جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:
Ism /izəm/ n
distinctive doctrine or practice (p. 451)
Ism /izəm/ suff
(used to form a n) 1. showing qualities typical of: Americanism;
heroism. 2. Specific doctrine, principle or movement: Budhism; communism
(p.1016)
يعني
ازم/ اِزم/ اسم خصوصي تعليم يا عمل
ازِم/ ازِم پڇاڙي (اسم ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ) 1. (ڪنھن جون به) خصوصي خاصيتون
ڏيکاريندڙ: اميريڪنزم، هيروازم. 2. مخصوص تعليم اصول (متو) يا تحريڪ: ٻڌمت،
ڪميونزم.
اهڙيءَ طرح ”ازم“ جي معنيٰ
۽ مفھوم جي ويجهو هي مطلب آهي: فرق رکندڙ متو، اصول، عقيدو، تعيلم، سکيا، سڌانت، سمجهه
يا سوچ عمل، ڪم، عادت، واهپو، مشق يا دستور، مذهبي ٽولو، ڀروسو، ايمان، نياءُ
وغيره.
ڪنھن به فرد يا ٽولي پاران
مخصوص تعليم، سمجهه، نڪتهء نظر، نظريي يا اڀياس جي ڪري، يا ان پٽاندر ڪيل عمل،
سرگرميءَ يا عادت يا ان تي ڀروسو، اعتقاد، ايمان، ويساهه رکڻ جي ڪري، انگريزيءَ ۾،
ان فرد يا ٽولي يا لقاءَ يا نڪتهء نظر يا کوجنا يا سرگرميءَ جي نالي پٺيان ”- ازم“
پڇاڙي ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (گهڙيو، ٺاهيو) پئي ويو آهي. ان ڪري ڇو
ائين نه ڪجي ته سنڌيءَ ۾ هلندڙ طريقي موجب ڪنھن به فرد، ٽولي، نڪتهء نظر، لقاءَ يا
سرگرميءَ يا نالي (لفظ) پٺيان ”متُ“ ڳنڍي هڪ نئون اصطلاح وجود ۾ آندو (ٺاهيو) وڃي؟
”- اِسٽ“ پڇاڙيءَ جي ساڳيءَ
ڊڪشنريءَ ۾ هيءَ معنيٰ ڏنل آهي:
-ist/-Ist/suff
(n+~=n) 1- agent of an`-ize`v: dramatist;
publicist. 2- follower, practiser of an “-ism” industerialist; fascist. 3-
person concerned with a specific activity or thing: tobacconist; motorist.
يعني
- اِسٽ/ اسٽ/ پڇاڙي (اسم+ اِسٽ= اسم) 1. ”- ائڻ“ ... (- ارڻِ) جو نمائندو جيئن (ڊرامائڻ، ناٽڪائڻ مان) ناٽڪي (ناٽڪيار)؛ (ليکڪ).
2 _ ڪنھن ”ازم“ (-مت) جو پوئلڳ، ان تي هلندڙ: صنعتڪار (!) فاشسٽ (!). 3_ ڪنھن
به خصوصي سرگرميءَ يا شَي سان واسطيدار: ٽوبيڪونسٽ (!): موٽرسٽ (!)
جيئن ”- ازم“ بدران سنڌيءَ
۾ ”مت“ رکڻ/ مقرر ڪرڻ جو خيال آيو تيئن، فطري هو ته، ”- اسٽ“ جي بدران ”متارو“،
”متيو“، ”متي“ يا ”متر“ ذهن ۾ اچي. ”جامع سنڌي لغات” [جُلد-5، 1988ع] ۾ ”متيو“،
”متي“ ۽ ”متر“ لفظ موجود ناهن، ”متڙيو“ به ناهي، باقي ”متارو“ سو آهي جنھن جي
معنيٰ هيءَ ڏنل آهي:
• مَتارو ج متارا: ذ. صفت.
(سن مَدَ = مستي) ٿلهو-موٽو - (بدن ۾) ڀريل-دُنبو-ڏٽو
مُٽو-سٽر وَٽر-چوبڪو-ڌَمتالُ-جبرو-جانٺو-قوي-جُنگ-سُڌر-يَٽو-جٽو-زَٽو-ڦوڦانگ -دَؤنسو-مُٽڪو-ڌِڱ-سَٻر-رُڏ. تندرست-چڱو ڀلو-نمرو-جُوپ.
چرٻيءَ وارو (چوپايو مال)-چِڪنو-سڻڀو-سَڀرو-سوکو (ٻڪرُ). چڱي چال وارو (گاجرا).
ذ. (ع. مُطھرة = سانداري) مسافريءَ تي پاڻ سان گڏ پاڻي
کڻي وڃڻ لاءِ چمڙي جي ٿيلهي- کَلِي-ننڍو ساندارو-پخال-مشڪ (پرمانند). (ث. متارِي ج
متاريون).[1] [ص:
2585-2586]
ٻوليءَ _ ڄاڻڪ خوب ڄاڻو آهن
ته سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي مناسب لفظن جي پويان/-ر/،
/-ار/، /-ارو/، /-ارڪ/، /-ارڪو/ ۽ ڪي ٻيا اکر پڇاڙيءَ طور ملائي /-وارو/،
/-جو/، /-ڪندڙ/ ۽ اهڙيون ٻيون معنائون ڪڍيون وينديون آهن، جيئن سگهارو، سونھارو، مھارو،
جهالارو، لوهر، لوهار، ڪنڀر، ڪنڀار، (ڪنڀارڪو)، ميھر، ميھار، ڌنار، (ڌراڙ)، ڳنوار،
ريڍار، مھارَ وغيره. انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جون پڇاڙيون پنھنجي لفظ جي
معنيٰ پاڻ ئي ٻڌائن ٿيون، ته پوءِ ڇو ”متارو“ جي اها معنيٰ موجود ئي ناهي جيڪا ٻولسڌُ (ڊڪشنري) جوڙڻ جي
بنيادي اصول موجب اچڻ گهرجي؟
بھرحال، ”-اسٽ“ بدران
”متارو“ ڪجهه واجبي سببن جي ڪري مناسب متبادل نظر نه آيو.
ساڳيءَ طرح، ”-يات“ (علم،
ڄاڻ) تي به ڌيان ڏيڻ جي گهرج محسوس ٿي. انگريزيءَ ۾ علم، ڄاڻ، هنر، پرک، پروڙ، گم،
گيان، وديا، وڄا وغيره جھڙن لفظن جي اظھار لاءِ ڪيتريون ئي پڇاڙيون (Suffixes) يعني اکرُ يا اکرَ، آوازُ يا آوازَ، پد يا
پدون) گهربل لفظ جي پويان ڳنڍي مرتب ۽ ڪن حالتن ۾ مرڪب لفظ ٺاهيو ويندو آهي. مثال
طور، اڪائوسٽڪس (Acoustics)، سائبرنيٽڪس (Cybernetics)، مئٿميٽڪس (Mathematics) ۽ اردميٽڪس (ارٿميٽڪس Arithmetics) جھڙن مرتب لفظن ۾ پڇاڙي واري ”-ايس“ (s-)، ڊپلوميسي (Diplomacy)، فارميسي (Pharmacy)، ايناٽومي (Anatomy) ۽ باٽني (Botany) ۾ پڇاڙيءَ واري ”ــ واءِ“، آرڪيالاجي (Archaeology)، پئٿالاجي (Pathology)، ايسٽرالاجي (Astrology)، اينٽامولاجي (Antamology)،
۽ ”سنڌالاجي“ (Sindhology) ۾ پڇاڙيءَ
واري ”-لاجي“ (logy-)، ايسٽرانامي
(Astronomy) ۽ ايگرونامي (Agronomy) ۾ پڇاڙيءَ واري”-نامي“ (nomy-)، جاگرافي (Geography) ۽ ”ٽائپوگرافي“ (Typography) ۾ پڇاڙيءَ واري ”-گرافي” (graphy-) يا اڃا به رڳو ”واءِ” (y-) وغيره. اهڙيءَ طرح ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي پھريائين ته ڪنھن
ٻي معنيٰ ۾ ڪم آيا پر پوءِ هڪ علم (ڄاڻ) جي حيثيت وٺي بيٺا، جيئن فلوريڪلچر (Floriculture)، نيويگيشن (Navigation)، اريگيشن (Irrigation)، آرڪيٽيڪچر (Architecture) وغيره.
اردو وارن کي ساڳيو انگريزي لفظ جاري رکڻ يا وري ”-يات“ پڇاڙي
ملائي ڪم ٽپائڻ جي مجبوري آهي ڇو ته اردوءَ جي پيڙهه هنديءَ جي جنھن اپ-ٻولي
(اپڀاشا، لھجي، محاوري، Dialect) ۾ آهي، ان کان
اردو جي لسانياتدانن کي ظاهري مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري نفرت آهي تنھنڪري اهي ”وگيان“
جھڙن لفظن کي پڇاڙيءَ طور ڳنڍي هلائڻ ناپسند ڪن ٿا ۽ ان ڪري پاڻ کي ”عالم“ بنائڻ
لاءِ عربيءَ ۽ فارسيءَ ڏي تڪن ٿا. ياد رکڻ
گهرجي ته اردوءَ وچ-ايشيا جي ان بظاهر مذهب پسند لشڪر ۾ جنم ورتو جيڪو هندستان ۾
حڪومت قائم ڪري رهي پيو هو.
پر سنڌيءَ سان اهڙو ڪو به
مسئلو ناهي. سنڌي ڪنھن به قسم جي مذهبي/ ڌرمي ڪٽرپڻي کي روحاني گھراين سان
ناپسند ڪن ٿا ۽ جوهر ۾ انسان دوست آهن.
سنڌين جو ڀاڳ چئجي جو کين اهڙي ٻولي ملي آهي جيڪا ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي ذهنن ۾
پاڙون رکي ٿي ۽ ڏاڍي جٽادار، ”چيڙهالي“، لچڪدار ۽ ”هوڏي“ آهي جو صدين تائين ڌارين
ٻولين جي سرڪاري حڪمرانيءَ باوجود ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ حاڪمن پاران انتھائي وير
۽ بي ڌيانيءَ باوجود نه رڳو پنھنجو وجود بچائيندي آئي آهي پر پاڻ کي سکيو، ستابو،
سھڻو، مڻيادار ۽ ملهائتو به رکندي آئي آهي. سنڌ جي ويجهڙ ماضيءَ واري صورتحال جي
تفصيلي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڪجهه شھرن ۾ دهشتگرديءَ جو
هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي لاڳيتو اسرجندڙ، پکڙجندڙ، ڦلارجندڙ ۽ سگهارجندڙ
وجود کي جاهل نموني ڌَڪي/ ڦٽي سگهجي.
ڄاڻ، ٻُوجهه، پُرجهه، ڪَل،
سُڌ، سمڪ، سماءُ، ڏس، پرو، پرک، سرت، ساڃاهه، ڏيٺ، ٻُڌي، گم، گيان، وڄا، وديا،
هوش، فھم، علم، ذهن، فن، ڄاڻپ، ڪم، ڪاريگري، چترائي، مھارت، گُن، ڳُڻ ۽ اهڙا ٻيا
ڪيترائي لفظ آهن جيڪي انگريزي ۾ ”علم“ لاءِ ذڪر ڪيل پڇاڙين جي متبادل طور آڻي/لکي/ڳالهائي سگهجن ٿا.
ساڳيءَ طرح ”-دان” ۽ ”-داني“
تي به سوچڻ جي گهرج آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ عام واهپي ۾ آهن جن تي ٿورو به ڌيان
ڏبو ته اسان تي سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه جوهر کلي پوندا، جيئن ڄاڻو، ڄاڻڪ، سڄاڻُ،
سڄاڻو، سڄاڻڪ، سياڻو، پارک، پارکو، سڌير، چيتر، ماهر، ڳڻوان وغيره.
اهڙيءَ طرح مرڪب ۽ مرتب
لفظن جو، انگريزي جيان، اسان کي هڪ اهڙو ذخيرو ملي پوندو جنھن سان اسين شعوري طرح
۽ سنڌيءَ جي وياڪرڻي اصولن موجب، علمي ۽ لساني دنيا جي هڪ وڏيءَ کوٽ کي نه رڳو ڀري
سگهنداسون پر آئينده لاءِ به نقاليءَ جو عذاب ۽ ٻوليءَ سان ”کيشٽ“ کان بچڻ جا نوان
رستا مھيا ڪري وٺنداسون.
اهي ۽ اهڙيون ڳالهيون ذهن ۾
رکي هيٺ ڪجهه لفظن جا مَٽ ڏجن ٿا انهيءَ
وينتيءَ سان ته انهن تي گهربل ڌيان ڏنو ويندو.
هن مضمون ۾ سھوليت لاءِ ڪي
نشانيون مقرر ڪيل آهن جن کي ذهن ۾ رکيو وڃي:
- پنھنجي پاران:
+ انگلش-سنڌي ڊڪشنري، اي. ٽي. شاهاڻي.
• آڪسفورڊ
ايڊوانسڊ لرنرس ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش،
اي، ايس. هارنباءِ.
# فيروز
اللغات اردو جديد، مطبوعه: فيروز سنز لاهور
0 يادگار ڊڪشنري، سيد
علي ڏنو شاهه
~
(اهو نالو، عنوان جنھن جو ذڪر ٿي رهيو آهي.)
$ جامع
لغات سنڌي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
= (ڪجهه پنھنجي ۽ ڪجهه ٻين جي پاران)
1. گاجڄاڻ،
گاجڀياس Acoustics
• آواز
جي يا آواز بابت سُڄاڻَ (سائنس).
- گاجڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر.
- گاجڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- گاجڀياسي: ~ جو/جي
(گاجڄاڻو/گاجڄاڻي) (Acoustic)
($ گاج = برساتي ڪڪرن جو آواز-گوڙ-ڪڙڪاءُ-گجڪار-ڪڙڪو-گرج-گرجنا-ڌڌڪو-ڌڌڪر-گجگار-
... وڏو گوڙ-هُل-شور-هَنبسَ-غلغلو-رڙماٽ ...)
2. سوڀياڄاڻ Aesthetics
+ علم
خوبصورتي، رسَ گيان، جماليات.
• فلسفي جي شاخ جيڪا ]لڇڻائپ (morality) ۽ ڪارج (utility) جي ڀيٽ ۾[ سونھن جي اصولن
۽ قانونن کي چٽو ڪري ٿي.
- سوڀيا ڄاڻڪ: ~ کي سمجهندڙ، ڄاڻندڙ (Aesthete) }
• جيڪو، يا جنھن کي دعوا هجي ته، جيڪو ڪجهه سھڻو آهي، خاص طرح فن (art) ۾، ان لاءِ کيس پيار آهي.{
- سوڀيائي: ~ جو/جي (Aesthetic,
aesthetical)
(0 جمالياتي).
($ سوڀيا = سونھن-سھڻائي-حسن-خوبصورتي-حسن و جمال-زينت.
ملوڪت-چڱائي-مڻيان-ديد-ڏيک ويک-صفائي-وڻڻ-سينگار-زيب-ٺاهه ٺوهه -رونق-ٺَٺُ-ڍانڍس-آراستگي-آرائش-نزاڪت-بيھڪ-ٺاهه-اُهاءُ-تجلو-جلوو
-جهلڪو-روشنائي-ڌُڄا-براج-تيج-ڪرانتي-ڀڙڪي-پرتاب-ڌما-ڀڀڪو-تجمل. عزت-آبرو –حَرمت-مانُ-شانُ-آب).
3. اڏامڄاڻ، اڏامڀياس Aeronautics
0 هوابازيءَ جو علم.
• اڏامڻ بابت سڄاڻَ (سائنس) ۽ عمل.
- اڏامڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر.
- اڏامڀياسي: ~ جو/جي (اڏمڄاڻو/ اڏامڄاڻي).
($
اڏام = اڏامڻ جي حالت-اُڏائي- پرواز).
4. لڱڄاڻ، لِڱڀياس Anatomy
+ علم تشريح بدن، انگ وديا.
0 انساني بدن جي بناوٽ جو
علم، ماڻهوءَ جي عضون جي جوڙجڪ.
• جيئرن جي جسم جي بناوت بابت سائنس، ان
(جسم) کي حصن ۾ ورهائي اڀياس ڪرڻ.
- لڱڀياسي: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ
(Anatomist).
- لڱڀياسي:
~ جو/جي (لڱڄاڻو/لڱڄاڻي) (Anatomical).
($ لڱ = عضوو -انگ-بدن-جسم-بازو-بدن جو ڀاڱو)
5. مانسڄاڻ (مانسڀياس) Anthroplogy
0 بشريات، انسانيات، علم الانسان.
• ماڻهوءَ بابت سائنس، خاص طرح انسانذات
جي ابتدا، اوسر (واڌ)، رواجن ۽ ويساهن (اعتقادن) بابت.
- مانسڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (0 علم الانسان جو
ماهر).
- مانسڀياسڪ: ~ جو
پڙهندڙ، سکندڙ.
- مانسڀياسي: ~ جو/جي (مانسڄاڻو/مانسڄاڻي) (0 بشرياتي،
انساني).
($ مانس = ماس-گوشت-ماهه-لحم. $ مانسي = ماڻهوءَ جو-انساني)
(-هتي ”مانسي“ جي
معنيٰ ڏسي”مانس“، منش تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.)
6. (ڀَــنَڄاڻ) ڀَنَڀياس Archaeology
+ پراچين وستو وديا.
0 آثار قديمه جو علم، کنڊرن يا ڦٽل نشانن جو
مطالعو.
• قديم
شين جو اڀياس، خاص طرح تاريخ کان اڳ واري دور جون بچيل شيون، مثال طور مقبرا،
پورجي ويل شھر وغيره.
- ڀنڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻيندڙ، ماهر (Archaeologist)
- ڀنڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (Archaeologist)
- ڀنڀياسي: ~ جو/جي.
($ ڀَنَ = آڳاٽي ڦٽل شھر جا نشان-پراڻا
آثار-قديمه آثار. ڀڳل جايون-کنڊر).
7. انگڀياس،
انگڄاڻ Arithmetic
+ انگي حساب، علم-هندسه.
0 حساب، حسابن جو علم.
• انگن بابت سُڄاڻَ، انگن سان کيڏڻ (Working)
- انگڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (Arithmetician)
- انگڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (Arithmetican)
- انگڀياسي: ~
جو/جي (انگڄاڻو/ انگڄاڻي) (Arithmetical)
($ انگي حساب = حسابن جو ڪتاب - Arthimetic)
8. نکٽڀياس،
نکٽڄاڻ Astrology
+ جوتش، نجوم .
0 نجوم يا جوتش جو علم.
• تارن
جي حالت (بيھڪ، جاءِ، Position) جي اڀياس ڪرڻ
جو فن خاص طرح اهو ڀروسو رکندي ته اهي انساني معاملن تي اثر انداز ٿين ٿا.
- نکٽڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- نکٽڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- نکٽڀياسي: ~ جو/جي (نکٽڄاڻو/نکٽڄاڻي).
($ نِکَٽُ = آسماني تارن جو هڪ ميڙ-ڪَتيون-برج-نکشتر-راس-تارو. آگم-جهڙ-رؤ.
برجن جو اثر-وسوسو ...)
9. تارا
ڀياس، تارا ڄاڻ Astronomy
+علم هيئت، تارن جو
علم.
0 فلڪيات، علم هيئت، تارن جو علم.
• سج،
چنڊ، تارن ۽ گرهن بابت سائنس.
- تارا ڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- تارا ڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- تاراڀياسي: ~
جو/جي (تارا ڄاڻو/تارا ڄاڻي).
10. جيوڙڀياس، جيوڙڄاڻ Bacteriology
+ جيوڙن جو علم.
0 جراثيمن يا جيوڙن جو
مطالعو.
• ننڍڙن ۽ سادڙن (Simple، گهڻي ڀاڱي يَڪ گهرڙيا) ساهوارن جي سائنس ۽ اڀياس.
- جيوڙڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- جيوڙ ڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- جيوڙڀياسي: ~ جو/جي (جيوڙڄاڻو/جيوڙڄاڻي)
($ جيوڙو = ننڍو ساهوارو –جيت-جيوُ-جرثومه-ڪِيئون-ڪِيڙو)
11. ليکسُڌ
Bibliography
+ ڪتابن
جي ياداشت
0 ڪتب نامون، ڪتابياب
• 1. هڪ ليکڪ جِي، يا هڪ موضوع بابت
ڪتابن يا لکڻين جي وچور.
2. ڪتابن جي مالڪيءَ (authorship)، ڇاپن وغيره جو اڀياس.
- ليکسڌير: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- ليکسڌي:
~ جو/جي.
12. جيوڀياس،
جيوڄاڻ (جيوتڀياس، جيوتڄاڻ!؟) Biology
(جِياڀياس، جياڄاڻ!؟)
+ علم حيات، جيو وديا.
0
حياتيات جو علم.
• جيئرن (ساهوارن، جاندارن-وڻن ۽ جانورن)
بابت سائنس.
- جيوڄاڻڪ (جياڄاڻڪ، جيوتڄاڻڪ):
~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- جيو ڀياسڪ (جيو ڀياسڪ،
جيوتڀياسڪ): ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- جيوڀياسي (جياڀياسي، جيوتڀياسي):
~ جو /جي (جيوڄاڻو/جيوڄاڻي).
$) جِيوُ = ساهه-روح-جيءُ-آتما-زندگي. ساهوارو-جانور-حيوان. هر هڪ ساهوارو).
13. جياسُڌ،
جياليک Biography
+ جيون چرتر، جنم ساکي، سوانح عمري.
0 آتم ڪٿا، سوانح حيات.
• 1.
فرد جي حياتيءَ بابت ذڪر (يا ان جي حياتيءَ جي تاريخ) جيڪا ٻي (ڪنھن) ليکڪ لکي
هجي. 2 . ادب جي هڪ شاخ جيڪا فردن جي حياتين (جي ذڪر) سان واسطو رکي ٿي.
- جياليکڪ/جياسڌير: ~ جو لکندڙ/ ڄاڻندڙ
- جياليکي/جياسُڌي:
~ جو/جي.
14. اوڀڙڄاڻ، اوڀڙڀياسي Botany
+ نباتي علم، علم نباتات، ونسپتي وگيان.
0 ٻوٽن جو علم، علم نباتات.
• وڻن جي بناوت سائنس.
- اوڀڙڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- اوڀڙڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- اوڀڙڀياسي: ~ جو/جي (اوڀڙڄاڻو/ اوڀڙڄاڻي).
$) اوڀڙ = ٻوٽن جي پيدا ٿيڻ
يا وڌڻ جي حالت. ونسپتي-اوسَرِ ”وڃنِ وڻ ٻرِي، اوڀڙِ اڀري ڪين ڪي.“ (شاهه)
$) اوڀڙُ= ٻوٽن وغيره جو ڦوٽھڙو. گاهه، ٻوٽو. وڻ ٽڻ
”امت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اڀاريا“ (ڏتو))
15. ڏوهڄاڻ،
ڏوهڀياس Criminology
+ علم گناهه.
• ڏوهن جو اڀياس.
- ڏوهڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- ڏوهڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- ڏوهڀياسي: ~ جو/جي (ڏوهڄاڻو/ڏوهڄاڻي).
- ڏوهاري: ڏوهه ڪندڙ.
- ڏوهي: ڏوهه جو/جي.
$) ڏوهه = گناهه-پاپ-تقصير-اپراڌ-قصور-جرم-دوش-الزام. خطا-ڀُل-چوڪَ-غلطي-عيب-سقم
...)
16. ڏندڄاڻ،
ڏندڀياس Dentistry
= طب جي شاخ جيڪا
ڏندن جي بناوت، اوسر، صحت، ڀَرائيءَ، صفائيءَ، نيڪاليءَ وغيره بابت ڄاڻ مھيا ڪري.
- ڏندڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- ڏندڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- ڏندڀياسي:
~ جو/جي (ڏندڄاڻو/ڏند ڄاڻي)
17. کَلڀياس،
کَلڄاڻ (چَمڀياس، چَمڄاڻ) Dermetology
• کَل ۽ ان جي بيمارين وغيره جي طبي ڄاڻ.
- کلڄاڻڪ:
~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- کلڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
$) کل = بدن جو مٿيون
پوش-چمڙي-چم-ڇوڙو-ڇوڙي-پوست-کوپو-اڌوڙ -ڇوڏو-ڇِلُ ...)
= طب جي شاخ جيڪا کل (چم) جي بناوت، بيمارين، علاج وغيره بابت ڄاڻ مھيا
ڪري ٿي.
18. ٻولسُڌ Dictionary
+ لغت، ڪوش، فرهنگ.
0
لغت.
• ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن جي معنيٰ/تشريح جو ڪتاب.
19. جيتڀياس،
جيتڄاڻ Entomology
+ جيت جنتر وديا.
• جيتن جو اڀياس.
- جيتڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- جيتڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- جيتڀياسي: ~ جو/جي (جيتڄاڻو/
جيتڄاڻي).
$) جيت = تمام ننڍڙو ساهوارو-ڪِيڙو-مڪوڙو-جِئَڏ)
20. لڇڻڀياس،
لڇڻڄاڻ Ethics
+اخلاقي علم، نيت
شاستر، نيتي.
0 اخلاقيات
• لڇڻن
جي سائنس
- لڇڻڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- لڇڻڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- لڇڻڀياسي: ~ جو/جي (لڇڻڄاڻو/لڇڻڄاڻي)
21. نسلڀياس،
نسلڄاڻ Ethnology
+ قومن
جو علم
0 نسليات جو علم
• انسانذات جي نسلن بابت سائنس.
- نسلڄاڻڪ: ~
جو ڄاڻندڙ/ ماهر.
- نسلڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
-
نسلڀياسي: ~ جو/جي (نسلڄاڻو/نسلڄاڻي)
22. نسلسُڌ،
وَنسڌُ (ونس= اولاد + سڌ) Ethnography )ڄَڻَسڌ)
$) ونساوَلي = شجرو، نسب نامو-سلسلو-حسب
نسب)
• انسانذات جي نسلن جي سائنسي تشريح
- نسلڌير (ڄَڻسڌير، ونسُڌير):
~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
-
نسلسڌي: ~ جو/جي (ڄَڻَسڌي، ونسُڌي)
23. ٻولڄاڻ،
ٻولڀياس (واڪيڄاڻ، واڪيڀياس) Etymology
+ صِرفه، بنياد، اشتقاق، ڌاتو.
0 لفظن جي اشتقاق جو علم.
• لفظن جي بُڻ ۽ تاريخ بابت سائنس، لفظن
جي بڻ ۽ تاريخ جو بيان.
- ٻولڄاڻڪ (واڪيڄاڻڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
- ٻولڀياسڪ (واڪيڀياسڪ) : ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ.
- ٻولڀياسي: ~ جو/جي (ٻولڄاڻو/ٻولڄاڻي، واڪيڄاڻو/واڪيڄاڻي،
واڪيڀياسي).
$) ٻولُ = سخن-گفتو ...قول-عھد
... ننڍڙي ٻار جو مٺڙو ڳالهاءُ ...)
$) واڪُ =لفظ، جملو، شبد، ٻولي، چوڻي-وچن-ڪالم... چوڻ-ٻولڻ. پھاڪو
...)
24. ڀَلوَنسڄاڻ
Eugenics
+ اولاد سڌار علم
• انساني جيڻائتو (genetic
نسلي) مواد (ذخيرو stock) وڌائڻ جي مقصد سان تندرست ٻچاٽ (off
spring) جي پيدائش بابت سائنس.
- ڀَلونسڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر.
-
ڀَلونسڄاڻي: ~ جو/جي (ڀلونسڄاڻو)
25. جِيڻڀياس،
جِيڻڄاڻ Genetics
• نسلي ورثي سان واسطو رکندڙ سائنس
(جيوڀياس جي شاخ) ته ڪيئن وڏن جي شڪل شبيھه ٻچاٽن ۾ منتقل ٿئي ٿي.
- جيڻڄاڻڪ: ~
جو ڄاڻيندڙ، ماهر
- جيڻڀياسڪ: ~ جو سکندڙ، پڙهندڙ
- جيڻڀياسي: ~
جو/جي (جيڻڄاڻو/جيڻڄاڻي)
(جيڻGene = جيوگهرڙي ۾ ”ڪروموسوم“ جو اهو ايڪو جيڪو نسلي
ورثي کي ڪنٽرول ڪري ٿو)
26. ڌڻيمت (ڌڻيءَ مت، ڌڻي-مت) Theism
+ ايشور واد، هڪڙي خدا ۾ يقين
• ڪانئات جي خالق ۽ حاڪم الھامي (پُرجهيل، کليل، ظاهر
ظھور، ((revealed
خدا جي وجود ۾ ويساهه (ڀروسو، ايمان، اعتقاد)).
= هڪ ڌرمي/مذهبي فلسفو جيڪو مَٿ-فطري (supernatural) هستيءَ طور خدا جي ذاتي (شخصي personal) وجود جي ڄاڻ ڏي ٿو. اها هستي فطري طرح سبب (rerson) ۽ حڪم (سَڌ will) جو اختيار (وس) رکي ٿي ۽ ماڻهن جي حياتين (زندگين) سان گڏ سمورن
مادي ۽ روحاني عملن (processes) تي ڳجهي
(غيبي) نموني اثر وجهي ٿي. ~ موجب دنيا ۾ جيڪو ڪجهه
ٿئي پيو اهو الوهي اڳ-ڳڻ ( providence) جي ڪري ٿئي پيو جنھن تي، چيو پيو وڃي ته،
قدرت جي قاعدن جو دارومدار آهي.
-
ڌڻياڪ (ڌڻيءَ مت تي ڀروسو رکڻ وارو) Theist
(+
آستڪ، هڪڙي خدا ۾ يقينو رکندڙ، ايشور وادي)
- ڌڻيو (ڌڻي مت جو) Theistie ڌڻيائي (ڌڻيءَ مت وارو/بابت) Theisical
27. مٿ-فطري (مٿفطري) (فطرت کان مٿاهون) Supernatural
+ اَتِي سڀاويڪ، خدائي، عجيب، ڪرامتي (اَتِيسَڀاويڪ
= غير معمولي)
0
مافوق الفطرت، عام انسانن جي سطح کان مٿي
•
روحاني (spiritual)، اهو جنھن کي فزڪس جي قانونن
وسيلي قابو (control) ڪري ۽ سمجهائي نه سگهجي.
28.
ڌڻيڄاڻ/ڌڻيڀياس (ڌڻيءَ
ڄاڻ، ڌڻي-ڄاڻ، ڌڻيءَ+اڀياس) Theology
+ ايشور وديا، علم خدائي، برهم گيان
0 دينيات جو علم، علم الڪلام
• 1. خدا جي فطرت جو ۽ مذهبي/ڌرمي ويساهن
(اعتقادن) جو رسمي اڀياس . 2 ڌڻيءَ ڄاڻو
سرشتو يا ان جي سمجهاڻي
# (علم الحقيقت کي Theology ڄاڻايو اٿس)
- ڌڻيڄاڻڪ (ڌڻيئڄاڻڪ): ~ ماهر يا
ان جو سکندڙ/ پڙهندڙ Theologician
- ڌڻيڄاڻو (ڌڻيئڄاڻو): ~ ڌڻيءَ ڄاڻ جو Theological
- (ڌيڻيئڄاڻ
طور) Theologically
29. ڌڻيسگهه (ڌڻيءَ سگهه، ڌڻي-سگهه، ڌڻيسگهه) Theocracy
+ ڌڻيءَ جي حڪومت، خدائي راڄ
0 ديني حڪومت، ملائن جي حڪومت، ملائيت
• حڪمرانيءَ جي (اهڙي) سرشتي (وارو ڏيھه)
جنھن ۾ رياستن جي قانونن بابت سمجهيو (ڀروسو ڪيو) ويندو آهي ته اهي خدا جا قانون
آهن. (ان ڪري) پادرين (مُلن، پنڊتن، ٻاون) پاران يا انهن جي طبقي جي حڪومت.
- ڌڻيسگهي: ~ جو/جي Theocratic
- ڌڻيسَگهه
بدران ڌڻياراڄ يا ڌرمراڄ ۽ ڌڻيسگهار بدران ڌڻياراڄڪ يا ڌرمراڄڪ
به ٿي سگهي ٿو)
30. ڌڻيسَماءُ (ڌڻيءَ سماءَ، ڌڻي-سماءُ، ڌڻيئسماءُ) Theosophy
+
برهم وديا، علم الاهي، خدائي ڳالهين جو
علم
0
فلسفيانه دين ڪجهه ضرور هوندو آهي (؟)
# اهو عقيدو يا اصول
ته هر ماڻهو سڌو سنئون خدا جي معرفت ۽ وجدان ماڻي سگهي ٿو.
• فلسفي جي ڪيترن ئي سرشتن مان ڪو به
هڪ جيڪو روحاني وجد (موج) ۽ مراقبي (Contemplation)
وسيلي خدا جي سڌي ڄاڻ جو مقصد رکي.
- ڌڻيسمائڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ Theosophist
- ڌڻيسماري: ~ جو/جي Theosophical
31. ڌڻيئاچاري (ڌڻيءَ آچار، ڌڻيءَ نياءُ، ڌڻيئا چارپ)
Theodicy
= فلسفيانه-ڌرمي/مذهبي
گرنٿن/ڪتابن کي مقرر (طي) ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ هڪ اصطلاح، اهي ڪتاب جيڪي دنيا ۾ هڪ
قادر مطلق، چڱي (سٺي)، خالق ۾ ويساهه، هڪ پاسي، ۽ بڇڙائيءَ (evil) ۽ ناچاريءَ (انياءُ، بي انصافي) جو وجود، ٻي پاسي، جي وچ ۾ چِٽي
۽ ناٺاهي جهيڙي کي صحيح (سچو) ثابت ڪري سگهن. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ فلسفيانه
ادب جي هڪ پاڻڀري شاخ ٿي وئي.
- ڌڻيئاچارڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ يا پسند ڪندڙ.
(ڌڻيئاچاري
بدران ڌرماچاري ۽ ڌڻيئاچارڪ بدران ڌرماچارڪ به ٿي سگهي ٿو)
32. الھڄاڻ
Theogony
= اِلَھن (ديوتائين gods) جي بڻ بابت
ڌرمي ڏند ڪٿائن جو سر شتو، الھن جِيڻڄاڻ (Geneology) يا ابتدا بابت علم، يورپي ادب ۾ قديم يوناني ڏند ڪٿائن جو پھريون
ڄاتل شاعراڻو مجموعو هيسياڊ (800 ق م) جو ٿِيئگوني هو. ٿيئگوني فيوئر باخ
جي 1857ع ۾ ڇپايل هڪ ليکت جو عُنوان آهي.
33. اَڌڻيمت Atheism
+ ناستڪمت، ناستڪي
0
اهو ويساهه ته (ڪو به) خدا موجود ناهي.
= مٿفطري هستيءَ
يا هستين ۾ ويساهه کي رد ڪندڙ سوچن (نظرين) جو سرشتو. ~ ڌرم، پنٿ، مذهب جي
وسيلن (بڻ، ذريعن) جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ ان جي نيسر (نسرڻ) جا ڪارڻ ٻڌائي ٿو. ڪائنات
بابت سائنسي اڀياس جي نڪتهءِ نگاهه کان ڌرمي متن (نيمن، عقيدن) تي تنقيد ڪري ٿو،
ڌرم جي سماجي ڪردار کي کولي ٿو ۽ ڏيکاري
ٿو ته مذهبي ساڙن (تعصبن، تنگ نظريءَ) پٺيان ڪنھن جو هٿ آهي ۽ ان تي ڪيئن ضابطو
رکي سگهجي ٿو. جيئن جيئن سائنسي ڄاڻ وڌي تيئن ~ به اسرندو ۽ وڌندو ويو. ~
جو فلسفيانه بنياد ماديت (مادو+مت = Materialism) آهي. ~ جي نظرين هڪ سرشتي جو روپ
غلاميءَ واري راڄ ۾ ورتو ۽ ان جي ڌرمن خلاف جدوجھد طبقاتي هَلاچَلي سان گهاٽيءَ
طرح ڳنڍيل آهي. ٿيلس، اناگزيمينس، هيراڪليتس، ديموڪريتس (دمقراط)، ايپيڪيورس،
زينوفينس ۽ ٻين جي لکيتن ۾ ~ جا ڳچ جزا موجود آهن، انهن هر لقاءَ جي تشريح
لاءِ قدرتي ڪارڻ پئي ڳوليا. سندن پھچ کھري هئي. وچين (وچاڙ Medieval) دور، ۾، جڏهن چرچ ۽ ڌرم ڇانيل هئا تڏهن ~ تمام ٿوري ترقي
ڪئي. سرمائڪي ~ ڌرمي حڪمراني هيڻي ڪرائڻ ۾ ڳڻڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ (Capitalist) اڌڻيڪن (اڌڻيمت کي پسند ڪندڙن) پاران چرچ
جي موٽار (Reactionary) فطرت جي کول (اوگهڙ) جاگيرپ خلاف
جدوجھد ڪئي ۽ ان جي تباهيءَ کي سولو ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سرمايڪ ~
بھرحال پنھنجي مواد ۾ گَهٽيل ۽گُهٽيل، ڪردار ۾ راهه روشن ڪندڙ ۽ هڪ ننڍي دائري ۾
اثر رکندڙ هو. ~ پنھنجي ٺاهوڪي (رچيل) صورت مارڪسمت-ليننمت ۾ ورتي. مارڪسي ~
طبقاتي حد بندين کان آزاد ۽ ڪردار ۾ ڪلي-ڪوڏيو آهي.
- اڌڻيئڪ (اڌڻياڪ) (اڌڻيمت
تي ڀروسو رکندڙ، مڃيندڙ، پسند ڪندڙ Atheist
(+ ناستڪ، مشرڪ، منڪر، دهريو)
- اڌڻيو (اڌڻيمت جو) Atheistic
-
اڌڻيائي (اڌڻيمت وارو/ بابت) (Atheistical)
34. يڪڌڻيمت
(يڪڌڻيئپ، يڪڌڻيائپ) Monotheism
+ هڪ ايشور کي مڃڻ جو عقيدو
0 هڪ خدا ۾ عقيدو، وحدانيت
•
متو (اصول، سکيا، تعليم) ته رڳو هڪ خدا موجود آهي (گهڻڌڻيمت جي ابتڙ) ڏسو:
گهڻڌڻيمت).
= هڪ خدا جي پوڄا
(مڃتا، عبادت، بندگي). آڳاٽي زماني ۾، جڏهن اڃا راڄ (سماج) جي جوڙجڪ ۽ اوسر ٿي رهي
هئي، بيوس، هيڻو، ۽ اڻڄاڻ ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن، الھڙن ۽ ديون (۽ ڀوتڻين،
الھڙين ۽ ديوين) جي هڪ (وهمي) وجود کي مڃڻ لڳو جيڪي لڳ ڀڳ هر هڪ وَٿ، گڻ ۽ لقاءُ
لاءِ هڪ الڳ وجود رکندڙ سمجهيا ويندا هئا. اها سمجهه هوري هوري وڌي گهڻن الھن
(ديوتائن gods) جي وجود تي ايمان آڻڻ لڳي جن مان
هر هڪ جو هڪ ٺوس وجود، نالو ۽ پنٿ (cult) هو. پورهيي جو
راڄوڻي (سماجي) ورهاست ــــ هڪ ٽولي جي حاڪمي ۽ گهڻن ماڻهن جي محڪومي هوري هوري الھن
(ديوتائن) جي هڪ رياست جي شڪل وٺي ويئي. راڄ جي واڌ ۽ پکيڙ، غلامَ-رکندڙ سرشتي جي
ڄمت، يڪراجائي (يڪشاهي، هڪ بادشاهه يا شھنشاهه
جي حڪمراني) سلطنت ڏانھن وٺي ويئي. ان ڪري هڪ ڏاڍي وڏي ديوتا (يا ديوتائن
جي ديوتا، جيئن يونان ۾ زيوس ديوتا) جو تصور پاڙون پڪڙڻ لڳو ۽ هوري هوري الھه-گهر
(پئنٿيئن) مان هڪ، سڀ شَي تي وس رکندڙ (ڪُلوَس يا سرو شڪيتوان) وڏو-ديوتا اڪيلو ٿي
نروار جي آيو. گهڻڌيمت جا نشان اڄ به ~ ۾ پويل ملن ٿا جنھن جو هڪ مثال اڄوڪو
عيسامت آهي.
- يڪڌڻيئڪ (يڪڌڻياڪ): ~
کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ Monotheists
-
يڪڌڻيو (يڪڌڻيائي): ~ جو Monotheistic
35. ترڌڻيمت
(ترڌڻيئپ، ترڌڻيائپ) Pantheism
+ سرو ايشور واد، ويدانت مت، متو جنھن ۾ سڀ کي
خدا ڄاڻجي.
0 همه اوست جو نظريو، هر شَي
۾ الله جي موجود هجڻ جو نظريو.
• اعتقاد ته خدا هر شيءِ ۾ موجود آهي ۽
هر شيءِ خدا آهي. سڀني الھنِ ۾ ايمان ۽ انهن جي پوڄا.
= هڪ فلسفيانه
تعليم جنھن موجب خدا هڪ اذات (غير شخصي Impersonal) مول (اصول، متو، سڀاءُ) آهي جيڪو قدرت کان ٻاهر (پَري) ناهي پر
ان سان ساکيات (هوبھو، ساڳيوئي) آهي. ~ خدا کي مٿفطري جزي طور رد ڪندي قدرت
۾ حل ڪري (ملائي، جذب ڪري) ڇڏي ٿو. اهو اصطلاح ٽولئنڊ سڃاڻايو، جڏهن ته اڳوڻي ~
۾ چڱيءَ حد تائين قدرت بابت ماديئڪ (مادو+وارو، مادي مت کي مڃيندڙ واريون) سوچون
سمايل هيون (مثال طور برونو ۽ خاص ڪري اسپائينوزا) پر هاڻي اهو (~) خدا ۾
دنيا جي وجود واري خيالڪ (خيال+وارو، خيالمت کي مڃيندڙ) نظريي ۾ بدلايو ويو آهي ۽
هڪ اهڙو جتن آهي جنھن ۾ سائنس کي ڌرم سان ٺاهه ڪرايو (پرچايو، هيرايو) پيو وڃي.
- ترڌڻياڪ: (~ کي مڃندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ) pantheist
- ترڌڻيو: (~ جو/جي) pantheistic
36. گهڻڌڻيمت (گهڻڌڻيمت، گهڻڌيائپ Polytheism
+ گهڻن ديوتائن جي پوڄا،
انيڪ ديومت
0 شرڪ، هڪ کان وڌيڪ خدائن ۾
عقيدو
•
هڪ کان وڌيڪ الھن (ديوين، ديوتائن) ۾ ويساهه يا انهن جي پوڄا.
= آڳاٽي زماني ۾،
جڏهن راڄوڻي ناتن جي جوڙجڪ ۽ اوسر اڃا ٿي رهي هئي، ماڻهو ڪيترن ئي قسمن جي ڀوتن-پريتن،
ديون-ديوين، خيالي وجودن کي مڃڻ لڳا جو کين اهو صحيح نموني سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو
ته، مثال طور : هوا ڇو پئي گُهلي (ڪڏهن ماٺي، ڪڏهن هوري، ڪڏهن تيز ته ڪڏهن مورڳو
پاڙون-اکيڙيندڙ)، پاڻي ڇو پئي وهيو (ڪڏهن تراکڙو، ڪڏهن تار، ڪڏهن ٻنا ٻوڙ ته ڪڏهن
مورڳو ٻوڏ)، وڻ ۽ ٻيا ”ساهوارا“ ڇو پئي ڄاوا، نپنا ۽ وڌيا ويجهيا ۽ مُئا ۽ مرڻ کان
پوءِ سندن ڇا پئي ٿيو، خواب ڇا هئا ۽ انهن ۾ ڪيترن ئي نمونن/روپن جا وجود (۽ خاص
ڪري مري ويل وجود) ڇو پئي ڏيکاريا، ڏينھن
۽ رات ڇو پئي ٿيا. سج، چنڊ، تارا ڇا هئا ۽ ڏينھن جو ڪاڏي پئي ويا وغيره. ماڻهوءَ
کي حقيقت ته سمجهه ۾ نه آئي پر پنھنجيءَ محدود ڄاڻ جي بنياد تي هن اها تاويل گهڙي
ته ڪي اهڙيون نظر نه ايندڙ ”هستيون“ ۽ ”قوتون“ هيون جن اهو ۽ اهڙو سڀ ڪجهه پئي ڪيو. انهن هستين/قوتن کي جيڪو به
نالو ڏنو ويو هجي پر ڀوت، ديو، ديوتا ۽ وڏا ديوتا انهن جو ئي اسم عام آهن. اها ”سمجهه“
هوري هوري وڌي، سڌري ۽ پڪي ٿي، انهيءَ وچ ۾ جن لقائن، شين ۽ وهمن جو سبب سمجهه ۾
آيو انهن بابت ديوين/ديوتائن جو تصور ختم ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن لاءِ ڪارڻ مڃيل
هستي جي وهم کان جند ڇٽي ۽ اڃا به جيڪو ڪجهه
سمجهه ۾ نه پئي آيو تنھنجو ڪارڻ ڪو نه ڪو مٿفطري وجود-ديو، ديوي، ديوتا-سمجهيو ويو
جنھن جو هڪ ٺوس وجود مڃيو پئي ويو. ان کي هڪ خاص نالو ڏنو ويو ۽ اهو ڪو هڪ (يا ڪجهه
خاص ڪم ڪندڙ سمجهيو ٿي ويو ۽ ان ئي حوالي سان سندس مڃتا، پوڄا ڪئي ويندي هئي، ديو ۽
ديويءَ جي ان صورت سڌري ديوتا (الھه، الاهه، عام خدا) جي حيثيت ورتي.
- گهڻڌڻياڪ: ~ کي مڃيندڙ، پسند ڪندڙ، ڀروسو رکندڙ
- گهڻڌيو:
~ جو/جي Polytheistic
37. ديوَمت (ديوائپ) Fetishim
+ جڙ پوڄا
•
خاص ڪري پاگن (غير ڪرسچن/عيسائي، ڪافر، بت پرست، عيسائين پاران عيسامت کان سواءِ
باقي لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن لاءِ ڪم ايندڙ لفظ) ماڻهن پاران مختلف وَٿن (شين، لقائن،
تصورن) جي پوڄا، ڇو ته اهي انهن وٿن ۾ روح (آتما Spirit) موجود هجڻ جي پتَ رکن ٿا.
= قدرت جي وٿن ۽
لقائن جي پوڄا. جهونڙي راڄ ۾ ڌرم جي هڪ اڳوڻي (قديم) صورت. 1760ع ۾ فرانس جي هڪ
تاريخ-ڄاڻو ۽ ٻوليءَ-ڄاڻڪ ٻيھر ~ جي سڃاڻپ ڪرائي. مادي جي شين جو جوهر نه سمجهندي
ڪيترن ئي ماڻهن انهن ۾ مٿفطري خاصيتن جي
موجودگي محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ويساهه رکڻ لڳا ته اهي وٿون (انهن کي جوڙيندڙ،
هلائندڙ ديو-ديويون) سندن سَڌن کي سُکيو (مطمئن) ڪن ٿيون. ~ اوتارمت (Toemism) ۽ سِرک (جادو، طلسم Magic) سان ڳنڍيل آهي. ~ ڪيترن ئي سرتن مذهبن ۾ به موجود آهي
(جيئن مورتين يا بتن ۽ صليب جي پوڄا وغيره).
- ديوڪَ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ
-
ديويائي: ~ جو/جي.
38. اوتار
مت (اوتارپ) Totemism
+ ڪا به قدرتي شيءِ (ڍڳو وغيره) جنھن کي ڪنھن ديوتا جي موُرتي ڄاڻي ان جي عزت
ڪجي.
0 (ٽوٽيم Totem = خانداني نشان)
• (ٽوٽيم= (خاص طرح اتر-اميريڪي انڊين ۾) ڪنھن به قدرتي وٿ (شَي) خاص ڪري
جانور کي پنھنجي خانداني ٽولي جي نشان طور مقرر ڪرڻ، ته جيئن پاڻ ۾ واسطو رهي).
= جهوني نياتي
(پنچايتي) راڄ وارن ڌرمن ۾ هڪ ڌرم. هڪ اصطلاح جي حيثت ۾ پهريون ڀيرو ~ 18-صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري جاهن لانگ ڪم
آندو. ~ جو مکيه ويساهه گڏيل بڻ ۾، رتيري مائٽيءَ (blood
relationship) ۽ جانور، وڻ، وٿ يا لقاءُ جي مخصوص قسم سان
ماڻهن جي ٽولي جي سنگت (ٻڌيءَ، مائٽي) ۾ آهي. ~ جي اوسر قَديم معيشت (ميوا
ميڙڻ، شڪار ڪرڻ وغيره) ۽ سڱابنديءَ سان گڏ ٻين سماجي ناتن بابت ڄاڻ جي کوٽ ۾ ملي
ٿي. اوتار جو ابتدائي تصور جانور-وڏڙو، ان جي شبيھه (portayal) يا نشان، ۽ ماڻهن جو هڪ ٽولو پڻ آهي. اوتار ماڻهن جو سگهارو
محافظ، کين کاڄ رَسائي ٿو. ~ آسٽريليا، اتر ۽ ڏکڻ اميريڪا، ملائيشيا،
پولينيشيا ۽ آفريڪا جي پراچين (اصلي، قديم) قبيلن ۾ ڏاڍو پکڙيل آهي. ~ جو
پاڇولو اسريل مذهبن ۾ (خدا کي پيءُ سڏڻ/سمجهڻ، ”لارڊ“ سڏڻ وغيره) ۽ لوڪ ڪهاڻي (folk lore) ۾ محفوظ آهي (جيئن ماڻهن ۽ جانورن جي وچ ۾
ڀتارڪيِ (مڙس واري Marital) ۽ رتيري
سڱاوتي بابت ڳالهيون).
- اوتارڪ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ
- اوتارڪي:
~ جو/جي
39. الھراڄپ،
الھراڄمت (خدا شاهيمت، خدا شاهپ)
Chiliasm
= ڌرتيءَ تي ”خدا جي بادشاهيءَ“ بابت مذهبي متو، جيڪا (بادشاهي) دنيا جي انت کان
هڪ هزار ورهيه اڳ تائين هلندي رهندي. ~ يھودمت ۽ ابتدائي عيسامت ۾ سڀاويڪ
(سمايل، لڪل، پويل) هئي جنھن ۾ اها مسيحا ـــــ ڇوٽڪارو ڏيندڙ ـــــ جي وري اچڻ
واري سوچ جي صورت ۾ موجود هئي. ~ وارين سوچن غلامن ۽ غريبن کي ڪشش ڪئي.
رومي سلطلنت جو سرڪاري مذهب ٿيڻ کان پوءِ، عيسامت ڌرتيءَ تي شين جي ترتيب (بناوت)
۾ ڪنھن به تبديلي اچڻ کان هٿ کڻي ڇڏيو، ٻي دنيا ۾ انعام، (ڦل، اجر، ثواب) جي سوچ
کي زور وٺرايو ۽ ~ کي هڪ ڪوڙي تعليم سڏي رد ڪيو. وچاڙ دور ۾ ~ ڪيترن ئي
پاکنڊي (لادين، اَڌرم) تعليمن ۽ (جن ۾ جاگيردارڪي ڦرلٽ خلاف هارين ۽ شھري غريبن
وسيلي سماجي احتجاج جو مذهبي ڍڪ ٿي ڏيکاريو) سڌاريو ويو. اڄڪلهه ~ ڪن ڌرمي
فِرقن جي موٽار (reactionary) سوچن جو حصو آهي.
- الھراڄڪَ: ~ ۾ ڀروسو رکندڙ، پسند ڪندڙ، مڃيندڙ
-
الھراڄي: ~ جو/جي
40. الھمت،
الھپ Deism
+ ڊيئست (Deist) جيڪو ڌڻيءَ جي هستي مڃي پر الھام
نه مڃي، صوفي.
• خدا يا خدانما (الاهي، ايشور Divine) هستيءَ جي وجود ۾ ويساهه رکندڙ پر ڪنھن به ڌرمي مَتي (نيم، اصول،
سڌانت) يا الھام کي نه مڃيندڙ.
= دنيا جي هڪ اذات اتم ڪارڻِ جي حيثيت ۾ خدا جي وجود ۾ ويساهه. الھي
(deistic) نڪتهءِ نگاهه موجب دنيا خلقجڻ
کان پوءِ خود پنھنجن قانونن جي عمل (operation) سان ٻڌل هئي. ~ پھريائين انگلينڊ ۾ ظاهر ٿيو. هربرٽ آف
چيربريَ (1583-1648ع) ~ جو خالق هو.
جتي جاگيري ڌرمي تصور ڇانيل هئا اتي ~ گهڻي قدر اڌڻيمت جو ڳجهو
(سونسائي، وهمي Superstious) ڊولَ ۽ ڌرم جون پاڙون پٽڻ لاءِ
ماديئڪن جو سھنجو (ڪارائتو) اوزار (device) هو. رُوسو ۽ والٽيئر فرانس ۾، لاڪ، نيوٽن، ٽولئنڊ ۽ اينٿوني
ايشلي ڪُوپر شافٽسبري انگلئنڊ ۾ ۽ راش چيف، آءِ. پنن، آءِ. يرتوف ۽ ٻيا روس ۾ ~ جا سمجهائيندڙ هئا. هن وقت ~ ڌرم کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
41. اَلھه
جوڙَ (الھه ٽوڙَ ؟) God-Building
= روس ۾ هڪ مذهبي-فلسفيانه لاڙو، 07-1905ع
واري انقلاب جي هار کان پوءِ اڀريو. ان جي اڳواڻن ۾ ليوناچارڪسڪي، وي. بزاروف ۽
يُشڪيوچ هئا جن سان گورڪي به ڪجهه عرصو گڏ رهيو. ~ جو مقصد سائنسي
راڄمت (سوشلزم) کي مذهب سان ٻڌي ڪرائڻ ۽ اهڙيءَ طرح سڏيو-ويندڙ اڌڻيمت يعني خدا
کان سواءِ مذهب پيدا ڪرڻ هو.
42. خدا-کوج God-
Seeking
= روس ۾ هڪ مذهبي-فلسفيانه لاڙو جنھن اها
ڪوشش ڪئي ته ماڻهن ۾ مذهب جي پختائي پيدا ڪئي وڃي يا انهن تي مذهب جي هلنديءَ کي
سگهارو ڪيو وڃي. 1920ع جي ابتدا ۾ هي لاڙو پيدا ٿيو ۽ چڱو وڌيو خاص طور تي سرمايڪ
دانشورن ۾، جن چيو پئي ته حياتيءَ جو مقصد خدا جي کوج (ڳولا، ڦولا) ڪرڻ آهي، تاريخ
جو مقصد اهو آهي ته ماڻهپي ۾ خدا کي سھي ڪيو (مڃيو، ڳوليو) وڃي ۽ هڪ الوهي ماڻهپو
تخليق ڪرڻ يعني مذهبي اصولن تي پيڙهه رکندڙ سماجي تنظيم جوڙڻ. ماڻهو اهو مقصد يعني
خدا جي بادشاهي رڳو پيار، نوِڙت (نئڙت، نمرتا) ۽ صبر وسيلي ئي ماڻي سگهي ٿو.
43. رَشيِگم،
رشيسُڌ Hagiology
• سينٽس (Saints) جي حياتين ۽ روايتن (Iegends) بابت ادب.
(• Saint (سينٽ) رشي= 1. پاڪ ماڻهو، 2. ماڻهو جيڪو مرڻ کان پوءِ جنت جي سڳورن
(نوازيل) ماڻهن ۾ شامل هجي، 3. اهو فرد جنھن کي چرچ (ڪليسا) ڌرتيءَ تي مقدس رهڻيءَ جي ڪري جنت ۾ جاءِ ۽
ڌرتي تي مانُ ماڻيو هجي.)
($
رشي= ويدن جا شُبد ڳائيندڙ= سنت، تپسيا
ڪندڙ)
44. تَنتڄاڻ،
تنتڀياس Neurology
0 تنتي
سرشتي جو علم.
• تنتن سان واسطيدار طبي سائنس جي شاخ
- تنتڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
- تنتڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ
- تنتڀياسي: ~ جو/جي (تنتڄاڻو/ تنتڄاڻي)
- تنتي: تنت جو/جي
($ تنت= تند، وار نلي)
(• Nerve (نَروِ)= تنت: ڌاڳو يا ڌاڳن جو مُچو (ڳٺڙي) جيڪو دماغ
۽ جسم جي سمورن حصن جي وچ ۾ احساس ۽ اثر نِئي وڃي. + نَس، تنتُو)
45. فضاڄاڻ،
فضاڀياس (موسمڀياس، موسمڄاڻ) Meteorology
+ علم آبھوا
0 موسميات: موسمياتي اڳڪٿيءَ
جو فن.
• موسم جي سائنس، ڌرتيءَ جي فضا
(وايومنڊل) ۽ ان جي تبديلين جو اڀياس.
- فضاڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر (موسمڄاڻڪ)
- فضاڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ (موسمڀياسڪ)
- فضاڀياسي:
~ جو/جي (فضا ڄاڻو/ڄاڻي،
موسمڀياسي، موسمڄاڻو/موسمڄاڻي)
- فضائي: فضا جو
- موسمي: موسم جو
($ فضا= ڪشادي جاءِ-ميدان،
چوگرد جون حالتون-وارتا ورڻ-وايومنڊل (ماحول، هوا-واءُ وايو)
($
موسم = مند، رت- فصل-تُڙ ويل-وقت-مھل،
ايام، زمانو، سمو-موقعو ...)
46. گَرڀڄاڻ Obstetrics
+ دائڪو علم، گرڀ بابت
• ٻار جي ڄم، ان کان اڳ ۽ پوءِ (نتيجن)
سان واسطيدار ميڊيسن ۽ سرجريءَ جي شاخ.
- گرڀڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
-
گرڀڄاڻو/گرڀڄاڻي: ~ جو/جي
47. پکيڀياس،
پکيڄاڻ (پکي-ڄاڻ، پکيءَ ڄاڻ) Orthodontics
+ علم پرند، علم طيور، پکين جو علم
•
پکين بابت سائنسي اڀياس.
- پکيڄاڻڪ (پکيئڄاڻڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
- پکيڀياسڪ (پکيئڀياسڪ): ~
جو پڙهندڙ، سکندڙ
- پکيڀياسي
(پکيئڀياسي): ~ جو/جي
48. هَڏڄاڻ،
هڏڀياس Orthopaedics
• هڏي جي خرابيءَ (deformity) ۽ مرضن جي
علاج سان واسطيدار سرجري جي شاخ.
- هڏڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
- هڏڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ
- هڏڀياسي:
~ جو/جي (هڏ ڄاڻو/هڏڄاڻي)
49. روڳڄاڻ،
روڳڀياس Pathology
+ علم طب، مرض جو علم
0 بيمارين جي سبب جو علم، مرضن جو علم.
• مرضن بابت سائنس.
- روڳڄاڻڪ: ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
- روڳڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ
- روڳڀياسي: ~ جو/جي (روڳڄاڻو/روڳڄاڻي)
($
روڳ= گندگي-پُون-پس، سڙيل رت-رتُ پُون-
ڦٽ مان وهندڙ گند. بيماري -مرض. ڏوار-اگهائي-ناچڱائي-ڏوجُ-ڏجهندو-لڱائي-ڪمھرائي-آزار-بي
مزائي -رنجوي-ناچاقي-پيڙا-تڪليف ...)
50. راڄڀياس،
راڄاڻ (راڄ + ڄاڻ) Sociology
+
سماج شاستر، علم معاشرت، پنگتي و گيان.
0 معاشيات، عمرانيات
•
قدرت ۽ سماجي (راڄوڻي) سڌاري ۽ سماجي ورتائن بابت سائنس
- راڄاڻڪ (راڄڀياڪ): ~ جو ڄاڻندڙ، ماهر
- راڄڀياسڪ: ~ جو پڙهندڙ، سکندڙ
- راڄڀياسي: ~ جو/جي
($ راڄ = رعيت-رعايا-عام ماڻهو-پوڄا. قوم. آبادي.
بادشاهي. صاحبي-حڪومت. مُلڪ-علائقو)
***
[1] ٻوليءَ-ڄاڻ جي ماهرن لاءِ حد ادب رکندي، انتھائي
نيڪ نيتيءَ سان هڪ گذارش عرض ڪجي ٿي جنھن تي اميد ته ويچار ڪيو ويندو. ”جامع سنڌي
لغات“ جي محققن، مرتبن ۽ جوڙيندڙن پاران اها ڳالهه لڳ ڀڳ هر جلد ۾ ڄاڻائي وئي آهي ته هر لغت ٺاهڻ لاءِ
جنھن ڌيان ۽ تحقيق جي گهرج رهي ٿي اها ڪيترن ئي سببن جي ڪري نه ٿي سگهي آهي. ٻيو
ته هن لغات ۾ ادبي توڙي عام مروج ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ ڏني وئي آهي. گهربل تحقيق نه ٿيڻ ۽ عام مروج
لفظن جي عام مروج معنيٰ اچڻ جي ڪري وڏا امڪان موجود آهن ته ڪي کوٽون ۽ خاميون رهجي
ويون هجن. ”جامع سنڌي لغات“ پڙهندي اهڙا سوين لفظ نظر ۾ آيا آهن جيڪي معنائن ۾ ته
ڄاڻايل آهن پر پنھنجي سري تي موجود ناهن. اميد ته ايندڙ واري انهن گُسي ويل لفظن
جي وچور ڏبي. هتي ”متارو“ سري هيٺ ڏنل معنيٰ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جي گهرج محسوس ٿئي
ٿي. ”متاري“ جي معنيٰ ۾، وچ تي، عربي لفظ ”مطھرة“ ڏئي پوءِ ڪجهه ”معنائون“ڏنيون
ويون آهن جن جي وچ ۾ ناتو سمجهه ۾ نٿو اچي. ممڪن آهي ته زور سان ڏٽي ڀريل
سانداريءَ (مشڪ، کليءَ) لاءِ اصطلاحن يا ڪن ٻين سببن جي ڪري (متاري) لفظ ڪم آيو
هجي پر ان جو اشارو ”زور سان ڀريل“، ”ڏٽيل“، ”سٽيل، ڦونڊيل“ خاصيت ڏانھن ته ٿي سگهي ٿو پر خود ”سانداريءَ“ ڏانھن نه، ڇو ته ”متارو“
اصطلاحن ٿلهي، ڏٽي مُٽي، سٻر، ڦوڦانگ، سوکي مُٽڪي وغيره ڏي اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن ”
مطھرة“ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته اهو عربي لفظ زماني ۽ اچار جي ڦير گهير سبب بدلجي
متارو/ متاري ٿيو آهي ته اها ڳالهه به قابل قبول نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته، جڏهن طاهر،
طاهره، طوهر، تطھير، طھارت، ”طاهري“ وغيره جھڙن لفظن کي، جيڪي پڻ ساڳي ڌاتوءَ مان
ڦٽن ٿا، ساڳيءَ صورت ۾ رکي سگهيا آهيون ته پوءِ ڇو، هروڀرو، ان هڪ لفظ ” مطھرة”
کي ڦيرائي کڻي متارو/ متاري بنايوسون؟ ۽ ”مطھرة“ جيڪڏهن متاري يا سانداري
جي معنيٰ ڏيکاريندڙ لفظ آهي ته ”جامع سنڌي لغات“ ۾ پنھنجيءَ گهربل جاءِ تي موجود
ڇو ناهي؟
ٻيو عرض هي ته ”متارو“ جي معنيٰ ڏيندي سنسڪرت جو لفظ ”مد“
(مستي) آندو ويو آهي. ڇا ”مد“ ڦري متارو/ متاري ٿيو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ
(1) ”مد“ ڦري ”مت“ ٿي ئي ”متارو “ ٿي سگهي ٿو يا (2) ”مد“ ڦري ”مدار“ يا ”مدارو“
ٿي پوءِ ”متارو“ ٿيو هوندو. اهي ٻئي صورتون صحيح نه ٿيون ٿي سگهن ڇو ته ”مت“ ۽
”مدار“ ٻئي سنڌيءَ ۾ صاف اچارجن ٿا. ٽيون سبب هي ٿي سگهي ٿو ته ”مد“ جي معنيٰ
”مستي“ متاري جي معنيٰ جي ويجهو هوندي پر ”متاري“ جي معنيٰ ۾ ڪو هڪ لفظ به اهڙو
ناهي جنھن جي معنيٰ مستي نڪرندي هجي، ائين ڇو آهي؟ ائين ٿو لڳي ته سنسڪرت جو لفظ
”مد“ (مستي) ”متارو“ ۾ ان ڪري ڄاڻايو ويو آهي جو لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ ”موکيءَ
جا متارا“موجود آهن ۽ انهن کي “مست“ سمجهي ”متارو“ جي ڌاتو ۾ ”مد“ ڏانھن اشارو ڪرڻ
ضروري سمجهيو ويو آهي. عالم ماڻهو اهو به چون ٿا ته ڪنھن لفظ جي ڌاتوءَ تي ڌيان ڏئي
لفظ ۽ معنائون ڳولڻ بدران ان جي باري ۾ اڳواٽ ڪو تصور مقرر ڪري پوءِ ڌاتو ڳولڻ
علمي قدرن موجب جائز ناهي. منھنجيءَ سمجهه موجب ـــ ”جامع لغات سنڌي“ ۾ هن لفظ ”متارو“ جي رڳو رواجي، اصطلاحي
اشاراتي معنيٰ ڏني وئي آهي، حقيقي نه. ”متارو“ جي حقيقي معنيٰ مت+وارو (مت+ارو)
يعني سمجهدار، فھم رکندڙ، عاقل، داناءُ، ڄاڻو، سياڻو، سوچيندڙ وغيره هجڻ گهرجي.
[2] انگريزيءَ
۾ علم (سائنس، فن وغيره) جي ڄاڻو يا ماهر ۽ ان ئي علم جي سکندڙ، پڙهندڙ يا شاگرد
لاءِ ساڳيو ئي لفظ ڪم اچي ٿو. علمي گهرج آهي ته انهن جي لاءِ ڌار ڌار ۽ مناسب معنيٰ
ڏيندڙ لفظ ڪم آندو وڃي.
No comments:
Post a Comment