12/30/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ - ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ جو پيش لفظ
ليکڪ: ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو
]”آءٌ نوجوان ليکڪن کي اهو مشورو ڏيندس ته هو پنهنجن تجربن کي پنهنجا موضوع بڻائن ۽ اهو ڄاڻڻ نهايت سولو آهي ته ليکڪ پنهنجن تجربن جي بنياد تي لکي رهيو آهي يا خالي خولي پڙهيل يا ٻڌل ڳالهيون ڪري رهيو آهي. نرودا جي هڪڙي مصرع آهي ته، خدايا! آءٌ ڳالهائيندي ڳالهه جي خراب ٿيڻ جي گناهه کان پناهه گھران ٿو. مون کي اها ڳالهه هميشه مضحڪه خيز لڳندي آهي ته، منهنجي لکڻين جي سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪرڻ وارا انهن ۾ موجود تخيل کي ساراهيندا آهن، جڏهن ته منهنجي لکڻين ۾ هڪڙي سٽ به اهڙي ڪانهي، جنهن جون پاڙون حقيقت ۾ کتل نه هجن.“ (گارشيا مارڪيز  ــــــــــ  ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1997ع[
انسان ابتدا کان ئي پاڻ سان لاڳاپيل مامرن ۽ مسئلن کي سمجھڻ لاءِ غور فڪر ڪري نوان نوان نظريا تخليق ڪندو، حل ڳوليندو، سماج ۾ سوچ ويچار لاءِ پيش ڪندو رهيو آهي ته مختلف ڪيفيتن ۽ احساسن جي تشريح لاءِ پنهنجي سمجھه جي اپٽار به ڪندو رهيو آهي. اهڙي ئي هڪ ڪيفيت ۽ هڪڙو احساس آهي هڪ ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن پهرينءَ نظر ۾ مائل ٿيڻ، پهرينءَ ملاقات ۾ پسند اچڻ يا ناپسند ڪرڻ. ان پسند يا ناپسند ڪرڻ لاءِ مختلف ڪارڻ ڳولي، ويچاري، ڪن نتيجن تي پهچي، پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ دليلن ۽ بحث جا رستا پڻ کوليندو رهيو آهي.

12/19/2012

استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڀاڱو ٽيون) - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



استدلال جو اهو طريقو غلط آهي
(ڀاڱو ٽيون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌي هڪ مستحڪم سڀيتا:
آرين جي آمد کان اڳ سنڌي سماج شڪاري ۽ ڌراڙڪو ثقافتي ڏاڪو اڪري ڪَڏهوڪو پوکي راهيءَ جي دَور ۾ اچي ڪي ئي منزلون اڳتي وڌي چڪو هو. جڏهن به ٻه ثقافتون ويڙهه ۽ چٽاڀيٽيءَ جي عمل ۾ داخل ٿين ٿيون يا گڏ رهڻ تي مجبور هجن تڏهن، بهرحال، آخري نتيجو اهو هوندو آهي ته برتر ثقافت پاڻ کان گهٽ ثقافت تي ڇانئجڻ لڳندي آهي ۽ گهٽ ثقافت کي برتر ثقافت کان گهڻو ڪجهه وٺڻو پوندو آهي، پوءِ ڇو نه اها ثقافت ڪنهن اهڙي ٽولي سان واسطو رکندي هجي جنهن ڪنهن به نموني پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي هجي ۽ سنڌ ۾ به اهو عمل ٿيو. آريا حڪمراني دوران سنڌي سماج به گهڻو ڪجهه ورتو پر گهڻو ڪجهه ڏنو به. شڪاري آرين کي، جيڪي پنهنجو گهر، گهر واري ۽ گهر وارا پاڻ سان گڏ کڻي هلندا هئا، انهن کي ٽڪاءَ واري ثقافت، پوکي راهيءَ جو رستو وٺڻو پيو.

12/04/2012

ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟‘
هڪ، ٻه، ٽي... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو.
پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن، ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چُڪون اسان جي عام ڳالهه ٻول ۾ عام جام پيون ٿين.
فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ، ٻن سوَن کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦيرگهير سان هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (’ڇا، اوهان اها چُڪ پڪڙي؟‘)

12/01/2012

هر هڪ لفظ هيري کاڻ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


هر هڪ لفظ هيري کاڻ
ڪجهه فعلن ۽ ضميري پڇاڙي جي حوالي سان هڪ اڀياس
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن موضوع تي ڳالهه ٻول کان اڳ اچو ته ڪجهه لفظن کي ڦوليون:
1. ”لکان ٿو.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مذڪر)
2. ”لکان ٿي.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مؤنث)
3. ”لکون ٿا.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مذڪر)
4. ”لکون ٿيون.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مؤنث)
5. ”لکين ٿو.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مذڪر)
6. ”لکين ٿي.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مؤنث)
7. ”لکو ٿا.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مذڪر)
8. ”لکو ٿيون.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مؤنث)
9. ”لکي ٿو.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهو/ اُهو“ (فاعل، ضمير غائب، واحد، مذڪر)
10. ”لکي ٿي.“
ڪير؟
* ”هيءَ/ هُوءَ/ اِها/ اُها“ (فاعل، ضمير غائب، واحد، مؤنث)
11. ”لکن ٿا.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير غائب، جمع، مذڪر)
12. ”لکن ٿيون.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير غائب، جمع، مؤنث)
مٿي ڏنل سوال-جواب ۾ 1-12 تائين جن لفظن جي آڏو انگ آهن، انهن بابت اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته ”فعل“ آهن. (’فعل‘ اهو آهي جيڪو هجڻ، ٿيڻ، سهڻ يا ڪرڻ جو ڏس ڏئي). ٻارهَن ئي انگيل لفظن ۾ ’لکڻ جو ڪم‘ ڪرڻ جو ڏس ملي ٿو ۽ اها سُڌ سڄو لفظ نه، پر لفظ جو هڪ ۽ پهريون حصو ’لک‘ ـــــــــ جيڪو ’لکڻ جو ’ڌاتو‘ آهي) هڪ مخصوص سٽاءَ ۾ اچي وڃڻ جي ڪري مهيا ڪري ٿو.