ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو
ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي
اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟‘
هڪ، ٻه، ٽي... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته مون اهو جملو سنڌي
ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو.
پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن، ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص
ماڻهن جي گفتن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چُڪون اسان جي عام ڳالهه
ٻول ۾ عام جام پيون ٿين.
فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان.
ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ، ٻن سوَن کان
وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦيرگهير
سان هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (’ڇا،
اوهان اها چُڪ پڪڙي؟‘)
سنڌي ٻويلءَ جي هڪ گهڻگهري ۽ شاگرد جي
حيثيت ۾، سٺو اهو ئي رستو هو ته پنهنجن خيالن کي سنڌيءَ جي ليکڪن توڙي عالمن جي
خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪريان ۽ کانئن رهنمائي وٺان. پنهنجي ڳالهايل جملي ۽ عام طرح
ڳالهائجندڙ جملن تي جيڪا سوچ ڪيم ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه (صحيح يا غلط) پلئه
پيو، هيٺ پيش ڪجي ٿو، انهيءَ نيت سان ته جيڪو صحيح هجي، ان کي قبولجي ۽ جيڪو غلط
هجي، ان کي رد ڪجي ته جيئن صحيح ۽ سٺي جو واڌارو ٿئي.
پڇاڙي ڇا آهي؟
دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي
(بظاهر) ڪا به معنى نه ٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهن، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي
اڳيان، پٺيان يا ان جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن هڪ مخصوص معنى ظاهر ڪن ٿا.
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان، منڍ ۾ اچي،
ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’اڳياڙي‘ چئجي ٿو. مثال طور، ’ٻيٽ‘ جي آڏو
’اُپ-‘ اڳياڙي اچي ’اُپٻيٽ‘ ۽ ’جاڳ‘ جي آڌو ’-س‘ اڳياڙي اچي ’سجاڳ‘ ٺاهي.
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي، ڪا نه ڪا
يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’وچاڙي‘ (”وچياڙي“) چئجي ٿو. مثال طور، ’مرڻ‘،
’کرڻ‘، ’ٺرڻ‘ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کان پوءِ ’-آ-‘ آڻڻ سان
’مارڻ‘، ’کارڻ‘، ’ٺارڻ‘ وغيره ٺهن ٿا.
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز،
جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’پڇاڙي‘ سڏجي
ٿو. مثال طور، ’لوهه‘ ۽ ’ڪُنڀ‘ جي پٺيان ’-اَر‘ يا ’-آر‘ اچي ’لوهر‘ يا ’لوهار‘ ۽
’ڪنڀر‘ يا ’ڪنڀار‘ ۽ ’ڳنڍ‘ جي پويان ’-اَپ‘ اچي ’ڳنڍپ‘ ۽ ’ميل‘ جي پويان ’-آپ‘ اچي
’ميلاپ‘ ٺهن ٿا.
ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟
اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز،
جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، پر اهو اکر يا آواز هڪ
’ضمير‘ جي به نمائندگي ڪري، يا ان جو مَٽ هجي، ته اهڙي اکر يا آواز کي ’ضميري
پڇاڙي‘ چئجي ٿو. مثال طور، ’ڏسندا‘، ’ويهندا‘، ’گهمندا‘، ’ڳالهائيندا‘ ۽ اهڙن ٻين
ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان ’-اسي‘ (يا ’-اسون‘) ملائجي ٿو ته واريسر ’ڏسنداسي‘
(ڏسنداسون)، ’ويهنداسي‘ (ويهنداسون)، ’گهمنداسي‘ (گهمنداسون) ۽ ’ڳالهائينداسي‘
(ڳالهائينداسون) جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي
’اسان‘ يا ’اسين‘. هنن لفظن ۾ ’-اسي‘ (يا ’-اسون‘) هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي.
ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟
هن مهل تائين ’ضميري وچاڙي‘ ۽ ’ضميري اڳياڙي‘ جي عنوان تي (شايد) نه لکيو ويو
آهي.
’لکيومانءِ‘ (مون تو ڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب
انهن مان آخريءَ کي ’ضميري پڇاڙي‘ ۽ ان کان اڳ واريءَ کي ’ضميري وچاڙي‘ سڏڻ گهرجي.
ساڳيءَ طرح، ’لکانءِ ٿو‘، ’لکينمِ ٿو‘ ۾ اصولن ’ٻه ضمير‘ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي
مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهنڪري ٻنهي کي ’ضميري وچاڙي‘ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکانءِ
ٿو“ ۾ به ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به.
’ضميري اڳياڙيءَ‘ جي لاءِ البت آءٌ ڪجهه
چئي نه ٿو سگهان ـــــــــ ٿي سگهي ٿو ته هجي ـــــــــ باقي اها پڪ اٿم ته هن وقت
تائين کوجيل يا ڄاتل ناهي. ان سلسلي ۾ هن مضمون اندر هڪ ٻه اشارا ملن ٿا. وڌيڪ
عالمن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
زمان حال
(1) فعل ”لازميءَ“ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:
الف
هيڪل/نَر
|
هيڪل/نار
|
|
1. ضمير متڪلم
2. ضمير حاضر
3. ضمير غائب
|
* مان/آءٌ لکان ٿو.
* تون لکين ٿو.
* هي/هو/اِهو/اُهو لکي ٿو.
|
* مان/آءٌ لکان ٿي.
* تون لکين ٿي.
* هي/هو/اِهو/اُهو لکي ٿو.
|
گهڻ/نَر
|
گهڻ/نار
|
|
1. ضمير متڪلم
2. ضمير حاضر
3. ضمير غائب
|
* اسان/اسين لکون ٿا.
*توهان/اوهان/توهين/اوهين لکو ٿا.
* هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿا.
|
* اسان/اسين لکون ٿيون.
*توهان/اوهان/توهين/اوهين لکو ٿيون.
* هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿيون.
|
(2) فعل ”لازميءَ“ جي ڦيري ۾ فعل جي صورت هن طرح رهي ٿي:
ب
1. هيڪل، نر، ضمير متڪلم لاءِ * لکان
ٿو، پڙهان ٿو، گهمان ٿو.
*
ڏسان ٿو، ويهان ٿو، بِيهان ٿو.
2. هيڪل، نار، ضمير متڪلم لاءِ * لکان
ٿي، پڙهان ٿي، گهمان ٿي.
*
ڏسان ٿي، ويهان ٿي، بِيهان ٿي.
3. گهڻ، نر، ضمير متڪلم لاءِ *
لکون ٿا، پڙهون ٿا، گهمون ٿا.
* ڏسون ٿا،
ويهون ٿا، بِيهون ٿا.
4. گهڻ، نار، ضمير متڪلم لاءِ * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، گهمون ٿيون.
*
ڏسون ٿيون، ويهون ٿيون، بِيهون ٿيون.
ٻ
1. هيڪل، نر، ضمير حاضر لاءِ *
لکين ٿو، پڙهين ٿو، گهمين ٿو.
*
ڏسين ٿو، ويهين ٿو، بِيهين ٿو.
2. هيڪل، نار، ضمير حاضر لاءِ *
لکين ٿي، پڙهين ٿي، گهمين ٿي.
*
ڏسين ٿي، ويهين ٿي، بِيهين ٿي.
3. گهڻ، نر، ضمير حاضر لاءِ *
لکو ٿا، پڙهو ٿا، گهمو ٿا.
*
ڏسو ٿا، ويهو ٿا، بِيهو ٿا.
4. گهڻ، نار، ضمير حاضر لاءِ * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، گهمو ٿيون.
*
ڏسو ٿيون، ويهو ٿيون، بِيهو ٿيون.
ڀ
1. هيڪل، نر، ضمير غائب لاءِ * لکي
ٿو، پڙهي ٿو، گهمي ٿو.
*
ڏسي ٿو، ويهي ٿو، بِيهي ٿو.
2. هيڪل، نار، ضمير غائب لاءِ * لکي
ٿي، پڙهي ٿي، گهمي ٿي.
*
ڏسي ٿي، ويهي ٿي، بِيهي ٿي.
3. گهڻ، نر، ضمير غائب لاءِ *
لکن ٿا، پڙهن ٿا، گهمن ٿا.
*
ڏسن ٿا، ويهن ٿا، بِيهن ٿا.
4. گهڻ، نار، ضمير غائب لاءِ * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، گهمن ٿيون.
*
ڏسن ٿيون، ويهن ٿيون، بِيهن ٿيون.
(3) فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول
(جيڪڏهن هجي) سان نه، ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو. (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ
۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو وجهي.)
ت
1. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته: *
مان خطُ/چٺي لکان ٿو.
* مان خطَ/چٺيون لکان ٿو.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- آن ٿو‘
ڳنڍجي ٿو: * لکان ٿو، پڙهان ٿو، ڏسان ٿو.
2. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير متڪلم آهي ته: *
مان خطُ/چٺي لکان ٿي.
* مان خطَ/چٺيون لکان ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- آن ٿي‘
ڳنڍجي ٿو: * لکان ٿي، پڙهان ٿي،
ڏسان ٿي.
3. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته: *
اسين خطُ/چٺي لکون ٿا.
* اسين خطَ/چٺيون لکون ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اُون ٿا‘
ڳنڍجي ٿو: * لکون ٿا، پڙهون ٿا، ڏسون ٿا.
4. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير متڪلم آهي ته: *
اسان خطُ/چٺي لکون ٿيون.
* اسان خطَ/چٺيون لکون ٿيون.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اون
ٿيون‘ ڳنڍجي ٿو: * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، ڏسون ٿيون.
5. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته: *
تون خطُ/چٺي لکين ٿو.
* تون خطَ/چٺيون لکين ٿو.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اين ٿو‘
ڳنڍجي ٿو: * لکين ٿو، پڙهين ٿو، ڏسين ٿو.
6. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير حاضر آهي ته: *
تون خطُ/چٺي لکين ٿي.
* تون خطَ/چٺيون لکين ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اين ٿي‘
ڳنڍجي ٿو: * لکين ٿي، پڙهين ٿي،
ڏسين ٿي.
7. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته: *
توهين خطُ/چٺي لکو ٿا.
* توهين خطَ/چٺيون لکو ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- او ٿا‘
ڳنڍجي ٿو: * لکو ٿا، پڙهو ٿا، ڏسو ٿا.
8. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير حاضر آهي ته: *
توهين خطُ/چٺي لکو ٿيون.
* توهين خطَ/چٺيون لکو ٿيون.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اَو
ٿيون‘ ڳنڍجي ٿو: * لکو ٿيون، پڙهو
ٿيون، ڏسو ٿيون.
9. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير غائب آهي ته: *
هي/هو/اِهو/اُهو خطُ/چٺي لکي ٿو.
*
هي/هو/اِهو/اُهو خطَ/چٺيون لکي ٿو.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اي ٿو‘
ڳنڍجي ٿو: * لکي ٿو، پڙهي ٿو، ڏسي ٿو.
10. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير غائب آهي ته: *
هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطُ/چٺي لکي ٿي.
*
هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطَ/چٺيون لکي ٿي.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اي ٿي‘
ڳنڍجي ٿو: * لکي ٿي، پڙهي ٿي، ڏسي
ٿي.
11. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته: *
هي/هو/اِهي/اُهي خطُ/چٺي لکن ٿا.
*
هي/هو/اِهي/اُهي خطَ/چٺيون لکن ٿا.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اَن ٿا‘
ڳنڍجي ٿو: * لکن ٿا، پڙهن ٿا، ڏسن ٿا.
12. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير غائب آهي ته: *
هي/هو/اِهي/اُهي خطُ/چٺي لکن ٿيون.
*
هي/هو/اِهي/اُهي خطَ/چٺيون لکن ٿيون.
فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان ’- اَن ٿيون‘
ڳنڍجي ٿو: * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، ڏسن ٿيون.
(4) هڪ قسم جي فاعل/ضمير (نر هجي يا نار، هيڪل هجي يا گهڻ) جي پٺيان ايندڙ فعل
جي مڪمل صورت ڪنهن به ٻئي فاعل/ضمير جي پٺيان ايندڙ فعل جي مڪمل صورت کان ڌار ۽
نرالي نموني جي ٺهي ٿي ۽ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو ڌاتو سان ڳنڍجندڙ ’پڇاڙي‘ ٻي، ڌار،
نرالي قسم جي آهي. ڇا، توهان پرکي/تاڙي ورتو آهي ته فعل سان مخصوص پڇاڙي ڳنڍجڻ جي
ڪري پاڻ فعل ۾ اهو گڻ به پيدا ٿي پيو آهي ته اهو پاڻ ۾ هڪ مخصوص ضمير کي به سمايل
ڏيکاري سگهي؟
ٿ
1. ضمير متڪلم، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾: *
خطُ لکان ٿو/ٿي.
* مضمونُ پڙهان ٿو/ٿي.
* نظارو ڏسان ٿو/ٿي.
هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر ڇا، توهان فاعل نه
سڃاتو؟ فاعل ’مان/آءٌ‘ آهي.
فعل جي ڌاتو سان ’-آن‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو
’مان/آءٌ‘ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.
* ’-آن‘ مَٽُ آهي ’مان/آءٌ‘ جو. ’مان‘ جو ’م-‘ ڪيرائڻ سان اسان کي ’-آن‘ ملي
ٿو. جنهن لفظ کي اسين ’آءٌ‘ لکون ٿا، ان جو حقيقي اچار ’آن‘ ’آنءُ‘ آهي.
* مان جو ’م-‘ ڪيرائڻ سان مليل ’-آن‘ يا ’آءٌ‘ جو حقيقي اچار ’آن‘ هتي هن زمان
۾ ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ
لکان، پڙهان، ڏسان، ٻڌان ـــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکان ٿو، پڙهان ٿو
ـــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر (نر) آهي ۽ لفظ ’ٿي‘ ــــــــ لکان ٿي، پڙهان
ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مؤنث (نار) آهي.
2. ضمير متڪلم، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:
* خطُ لکون ٿا/ٿيون.
* مضمونُ پڙهون ٿا/ٿيون.
* نظارو ڏسون ٿا/ٿيون.
* هنن ٽنهي جملن (اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه
سڃاتو؟ فاعل ’اسان/اسين‘ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ’- اُون‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي،
جو ’اسان/اسين‘ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.
* ’- اُون‘ مَٽُ آهي ’اسان/اسين‘ جو. ان جو ڌاتو ڳولڻ لاءِ اسان کي ٽي امڪان
ذهن ۾ رکڻا ۽ ڇنڊڻا ڇاڻڻا پوندا:
(1) ’اسان‘ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ’اس‘ ۽ ’آن‘ (اس+آن) جو ٺهيل هجي. ’اس‘
هي/هيءَ/اِهو/اُهو/هُو/هوءَ/هِن/هُن جي بدران ڪم اچي ٿو (اها ڳالهه هن مضمون ۾
ڪجهه دير کان پوءِ ڄاڻي سگهنداسين) ۽ ’آن‘ بابت ٿورو اڳ (ٿ-1) ۾ پڙهي آيا آهيون.
’اس‘+’آن‘ (هي ۽ مان) = ’اسان‘.
(2) ’اسين‘ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ’اس‘ ۽ ’اِين‘ (اس+اِين) جو ٺهيل هجي.
’هن/هي‘ جي بدران ’اس‘ ۽ ’-اين‘ نار کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ هڪ آواز، يعني ’اس‘ +
’اِين‘ = ’اسين‘.
(3) ’اَسُون‘ بظاهر نئون لفظ ۽ اڻٻڌو ڀاسي ٿو، پر ’لکيوسون‘ ۽ ’لکنداسون‘ جهڙن
هزارين ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته ايڏو اوپرو به نه لڳندو. ٿي سگهي ٿو ته
هي لفظ ’اس‘ ۽ ’-اُون‘ جي ميلاپ سان ٺاهيو ويو هجي. ’اس‘ (هي/هن) ۽ ’-اُون‘، ’نر
کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ آواز‘.
* ’- اُون‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل
جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکون، پڙهون، ويهون، ڏسون، ٻُڌون ــــــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ
لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکون ٿا، پڙهون ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير ’نر‘ آهي ۽
لفظ ’ٿيون‘ ــــــــ لکن ٿيون، پڙهن ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي ضمير ’نار‘ آهي.
3. ضمير حاضر، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:
* خطُ لکين ٿو/ٿي.
* مضمونُ پڙهين ٿو/ٿي.
* نظارو ڏسين ٿو/ٿي.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ’تون‘ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ’-اِين‘ يا ’-اين‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي
پيو آهي جو ’تون‘ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.
* ’-اِين‘ يا ’اين‘ مَٽُ آهي ’تون‘ جو. ’-اِين‘ يا ’-اين‘ جو ڌاتو هن وقت
منهنجيءَ ڄاڻ ۾ نه آهي، پر جيڪڏهن ’لکندين‘، ’پڙهندين‘، ’ڏسندين‘ جهڙن هزارين
ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ’-اِين‘ يا ’اين‘ ’تون‘ جو
مَٽ آهي.
* ’-اِين‘ يا ’اين‘ هِتي، هن زمان ۾،
’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ
لکين، پڙهين، ڏسين، ٻُڌين ــــــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ
لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکين ٿو، پڙهين ٿو ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير ’نر‘ آهي ۽
لفظ ’ٿي‘ ــــــــ لکين ٿي، پڙهين ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي ضمير ’نار‘ آهي.
4. ضمير حاضر، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾: * خطُ لکو ٿا/ٿيون.
* مضمونُ پڙهو ٿا/ٿيون.
* نظارو ڏسو ٿا/ٿيون.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ’- او‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي،
جو ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.
* ’- او‘ مَٽُ آهي ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ جو. ’- او‘ جو ڌاتو هن وقت
منهنجيءَ ڄاڻ ۾ ناهي، پر جيڪڏهن ’لکندؤ‘، ’پڙهندؤ‘، ’ڏسندؤ‘ جهڙن هزارين ضميري
پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ’-او‘ ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ جو
مَٽ آهي.
* ’-او‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي
هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکو، پڙهو، ڏسو، ٻُڌو ــــــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ
لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکو ٿا، پڙهو ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ
’ٿيون‘ ــــــــ لکو ٿيون، پڙهو ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.
5. ضمير غائب، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾: * خطُ لکي ٿو/ٿي.
* مضمونُ پڙهي ٿو/ٿي.
* نظارو ڏسي ٿو/ٿي.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ’- اي‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي،
جو ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري
سگهي.
* ’- اي‘ مَٽُ آهي ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ جو. ’- اي‘ بگڙي
’هي‘ ٿيو آهي (ڪو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ’هي‘ جي ’هه‘ ڪيرائي ’-اي‘ پڇاڙي ٺاهي
وئي آهي).
* ’- اي‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل
جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکي، پڙهي، ڏسي، ٻُڌي ــــــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ
لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکي ٿو، پڙهي ٿو ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ
’ٿي‘ ــــــــ لکي ٿي، پڙهي ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.
6. ضمير غائب، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾: * خطُ لکن ٿا/ٿيون.
* مضمونُ پڙهن ٿا/ٿيون.
* نظارو ڏسن ٿا/ٿيون.
* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل
نه سڃاتو؟ فاعل ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ آهي.
* فعل جي ڌاتو سان ’- اَن‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي،
جو ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.
* ’- اَن‘ مَٽُ آهي ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جو. ’-اَن‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڪل (واحد)
کي گهڻ (جمع) ڪرڻ جو ڪم به ڪندو آهي. (وڻن، ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن، ميوَن،
...) اِنَ/اِنَن ۽ اُن/اُنن (جن ۾ اسين ’هه‘ ملائي ’اِنهن‘ ۽ ’اُنهن‘ چئون ٿا) پڻ
ان جو چٽو مثال آهن. اهڙيءَ طرح، اسان وٽ وَٽِن، سندن، کين، کانئن، ڏانهنِ، مٿن،
مٿائن، هيٺائن، منجهن جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ’- اَن‘
’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جي نشاندهي ڪري ٿي.
* ’-اَن‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل
جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکن، پڙهن، ڏسن، ٻُڌن ــــــــ ٺهي ٿي.
* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ
لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکن ٿا، پڙهن ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ
’ٿيون‘ ــــــــ لکن ٿيون، پڙهن ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.
7. هن زمان جي فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:
ٽ
1) ضميري پڇاڙي هر ’ضميري آڪهه‘ لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:
نر توڙي نار، هيڪل *
مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون لاءِ ’- آن‘
* تون/تو
لاءِ ’- اين‘ يا ’- اِين‘
* هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ’- اي‘
نر توڙي نار، گھڻ *
اسان/اسين/اسون لاءِ ’- اَون‘ يا ’- اُون‘
*
توهان/توهين/اوهان/اوهين لاءِ ’-اَو‘ يا ’-او‘
*
هي/هو/اِنهن/اُنهن/هِنن/هُنن لاءِ ’- اَن‘
2) ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽
مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.
هيڪل * لکان
* لکين
* لکي
گهڻ * لکون
* لکو
* لکن
3) * هر هڪ هيڪل، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ’ٿو‘ اچي ٿو.
* هر هڪ هيڪل، نار فاعل جي پٺيان
فعل جو حصو ’ٿي‘ اچي ٿو.
* هر هڪ گهڻ، نر فاعل جي پٺيان فعل
جو حصو ’ٿا‘ اچي ٿو.
* هر هڪ گهڻ، نار فاعل جي پٺيان فعل
جو حصو ’ٿيون‘ اچي ٿو.
4) فعل جي مڪمل صورت ٻن حصن ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ فاعل جي جنس ۾ ڳڻپ بابت ڄاڻ ڏئي
ٿي:
نر
|
نار
|
||
هيڪل
|
* لکان ٿو،
پڙهان ٿو
|
* لکان ٿي، پڙهان ٿي
|
ضمير متڪلم
|
* لکين
ٿو، پڙهين ٿو
|
* لکين ٿي، پڙهين ٿي
|
ضمير حاضر
|
|
* لکي ٿو، پڙهي
ٿو
|
* لکي ٿي، پڙهي ٿي
|
ضمير غائب
|
|
گهڻ
|
* لکون ٿا،
پڙهون ٿا
|
* لکون ٿيون، پڙهون ٿيون
|
ضمير متڪلم
|
* لکو ٿا، پڙهو
ٿا
|
* لکو ٿيون، پڙهو ٿيون
|
ضمير حاضر
|
|
* لکن ٿا، پڙهن
ٿا
|
* لکن ٿيون، پڙهن ٿيون
|
ضمير غائب
|
5) فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي.
6) اهو ضمير ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جي صورت ۾ موجود آهي.
7) اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٺيڪ ان ڪري:
8) پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو
پڙهايو وڃي ٿو (ڏسو 1-الف)، ان ۾ حقيقتاً ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي.
ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي
ٿو؟
هاڻي اچو ته فعل جي فڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ جو فعل سڏجي
ٿو. هن جو زمان به ’حال‘ ئي آهي.
1) هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:
ٺ
هيڪل/نر
هيڪل/نار
1. ضمير متڪلم * مان (سُٺو) آهيان.
* مان (سُٺي) آهيان.
2. ضمير حاضر * تون (سُٺو) آهين. * تون (سُٺي) آهين.
3. ضمير غائب *هي/هو/اُهو/اِهو
(سُٺو) آهي. * هيءَ/هوءَ/اُها/اِها (سُٺي) آهي.
گهڻ/نر گهڻ/نار
1. ضمير متڪلم * اسان (سُٺا) آهيون. * اسان (سُٺيون) آهيون.
2. ضمير حاضر * توهان (سُٺا) آهيو. *
توهان (سُٺيون) آهيو.
3. ضمير غائب *هي/هو/اُهي/اِهي (سُٺا)
آهن. * هي/هو/اُهي/اِهي (سُٺيون) آهن.
2) اچو، ڏسون ته اکر ۽ لفظ ڪيئن ٿا ڳالهائن:
ث
(1) ’آهيان‘:
- ڪير؟
+ ’مان/آءٌ/آنءُ/آئون‘ ــــــــ جنهن کي
’ضمير متڪلم‘ چئبو آهي.
- زمان؟
+ حال (هن وقت، هاڻي، اجهو، هينئر)
- ڳڻپ؟
+ هڪ (اڪيلو، هيڪل، واحد، ڇَڙو)
- جنس؟
+ اها سُڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين
آڏو اسم يا صفت نه اچي ـــــــ اسم يا صفت نر هوندي ته ’نر‘ آهيان ۽ جي نار هوندي
ته ’نار‘ آهيان.
- بناوت؟
+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو
ميلاپ. آهيان: ’آهه-‘ + ’-آن‘ = ’آهيان‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘
جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-آن‘ ’مان/مون/آءٌ/آئون/ آنءُ‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’ آهه-‘ سان
مليل پڇاڙي ’-آن‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير متڪلم‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ جو ڏس ڏئي
ٿي.
- جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته پوءِ اسان کي
ساڳيو ئي ضمير متڪلم ’مان‘ ڳنڍي، ’مان آهيان‘ ڇو ٿو پڙهايو/سيکاريو وڃي؟ ڇا، ان
نموني فاعل جو ڏس ڏيندڙ ضمير ’ٻه‘ نه ٿي پوندا؟
+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(2) ’آهين‘:
- ڪير؟
+ ’تون‘ ــــــــ جنهن کي ضمير حاضر‘
چئبو آهي.
- زمان؟
+ حال
- ڳڻپ؟
+ هيڪل
- جنس؟
+ اها سُڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين
آڏو اسم يا صفت نه ٿي اچي ـــــــ اسم يا صفت نر هوندي ته ’نر‘ سڏبس ۽ جي نار
هوندي ته ’نار‘ سڏبس.
- بناوت؟
+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو
ميلاپ. آهين: ’آهه-‘ + ’-اِين‘ = ’آهين‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘
جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اِين‘ ’تون‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’-آهه‘ سان مليل پڇاڙي ’-اِين‘
هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير حاضر‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي.
- ’تون آهين‘ ڇو ٿو سيکاريو وڃي؟
+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(3) ’آهي‘:
- ڪير؟
+ ’هي‘
(هي/هيءَ/هُو/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها) ــــــــ جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ’حال‘
اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي.
- بناوت؟
+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو
ميلاپ. آهي: ’آهه-‘ + ’-اي‘ = ’آهي‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو
ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اي‘ ’هي/هيءَ/هُو/هوءَ/ اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته
’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-اي‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير غائب‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ
جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’هي آهي‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(4) ’آهيون‘:
+ ’اسان/اسين‘ ـــــــــ جيڪو ’ضمير
متڪلم‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن
پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر
حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ.
آهي: ’آهه-‘ + ’- اُون‘ = ’آهيون‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘
جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’- اُون‘ ’اسان/اسين/اسون‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل
پڇاڙي ’- اُون‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير متڪلم‘ ۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي
ٿي. باقي ’اسين آهيون‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(5) ’آهيو‘:
+ ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ ـــــــــ
جيڪو ’ضمير حاضر‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي
خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي
ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو
ميلاپ. آهيو: ’آهه-‘ + ’-او‘ = ’آهيو‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘
جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-او‘ ’توهان/توهين/اوهان/اوهين‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان
مليل پڇاڙي ’-او‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير حاضر‘ ۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي
ٿي. باقي ’توهان آهيو‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.
(6) ’آهن‘:
+
’هي/هو/اِهي/اُهي‘ ـــــــــ جيڪو ’ضمير غائب‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان
وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ
لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته
هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهن: ’آهه-‘ + ’-اِن‘ = ’آهن‘.
’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اِن‘ ’هي/هُو/اِهي/اُهي‘ جو. ان جو
مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-اِن‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير غائب‘
۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’هي/هُو/اِهي/ اُهي آهن‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن
عالمن کان پُڇو.
3) هن فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:
پ
1. ضميري پڇاڙي هر ’ضميري آڪهه‘ لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:
هيڪل * مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون لاءِ ’- آن‘
* تون/تو لاءِ ’- اين‘ يا ’- اِين‘
*
هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ’- اي‘
گهڻ *
اسان/اسين/اسون لاءِ ’- اُون‘ يا
’- اَون‘
*
توهان/اوهان/توهين/اوهين لاءِ ’- اَو‘ يا
’- او‘
* هي/هو/اِهي/اُهي لاءِ ’- اَن‘
2. ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽
مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.
هيڪل * آهيان
* آهين
* آهي
گهڻ * آهيون
* آهيو
*
آهن
3. فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل
آهي.
4. اهو ضمير ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جي صورت ۾
موجود آهي.
5. اها ’ضميري پڇاڙي‘ فاعل جي موجود هجڻ
جو ڏس ڏئي ٿي، ٺيڪ ان ڪري:
6. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن فعلي ڦيري جي حوالي سان به اسان کي جيڪو فعلي
ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو ]ڏسو 1-ٺ[، ان ۾ حقيقتاً ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي وياڪرڻ جي
درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟
مٿي ڏنل سموريءَ ڳالهه ٻول جو نتيجو هي نڪري ٿو ته زمان حال ۾ اسان وٽ ’ڪَرڻ‘
۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو،
ان ۾ بنا ڪنهن ضروري سبب جي ساڳئي قسم جو فاعل ٻه ڀيرا ورجايو وڃي ٿو: هڪ ’مان‘،
’اسان‘، ’تون‘، ’توهان‘، ’هي‘ ۽ ’اُهو/اِهو‘ جي شڪل ۾ ۽ ٻيو جيڪو ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘
واري فعل جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيءَ جي مليل يا اڳواٽ جذب ٿيل صورت ۾ آهي. ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته صحيح فعلي ڦيرو هيئن ٿيڻ گهرجي:
’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان:
* لکان ٿو، لکان ٿي، لکون ٿا،
لکون ٿيون.
* لکين ٿو، لکين ٿي، لکو ٿا،
لکو ٿيون.
* لکي ٿو، لکي ٿي، لکن ٿا،
لکن ٿيون.
هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي
ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهندي:
* مان لکٿو، مان لکٿي، اسان
لکٿا، اسان لکٿيون.
* تون لکٿو، تون لکٿي، توهان
لکٿا، توهان لکٿيون.
*
هي لکٿو، هيءَ لکٿي، هي/اهي لکٿا، هي/اُهي لکٿيون.
ساڳيءَ طرح ’هئڻ‘ واري فعل جو صحيح ڦيرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي آڏو ڪو به
ضمير فاعل طور نه آندو وڃي، ڇو ته واسطيدار ضمير فعلي صيغي سان ڳنڍيل آهي:
* ضمير متڪلم، هيڪل ــــــــ آهيان. * ضمير متڪلم، گهڻ ــــــــ آهيون.
* ضمير حاضر، هيڪل ــــــــ آهين. * ضمير
حاضر، گهڻ ــــــــ آهيو.
* ضمير غائب، هيڪل ــــــــ آهي. *
ضمير غائب، گهڻ ــــــــ آهن.
زمان حال ۾ ’ڪَرڻ‘ جي فعل جي حوالي سان
’ٻه‘ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو. (ٻِٽي
ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ ان جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي پوءِ ڳالهائبو.)
فعل/مذڪر فعل/مؤنث
ج
بناوت مفهوم/معنى
لکانءِ ٿو = لک+آن+ءِ = (مان) تو ڏانهن
لکان ٿو. لکانءِ ٿي.
لکانوَ ٿو = لک+آن+وَ = (مان) توهان ڏانهن
لکان ٿو. لکانوَ ٿي.
لکانس ٿو = لک+آن+اس= (مان) هن
ڏانهن لکان ٿو. لکانس ٿي.
لکاننِ ٿو = لک+آن+ان = (مان) هنن ڏانهن
لکان ٿو.
لکاننِ ٿي.
ڄ
لکينمِ ٿو = لک+اين+ام =(تون) مون
ڏانهن لکين ٿو. لکينمِ ٿي.
؟ = (تون)
(اسان ڏانهن لکين ٿو.) ؟
لکينس ٿو = لک+اين+اس= (تون) هن
ڏانهن لکين ٿو. لکينس ٿي.
لکينِ ٿو = لک+اين+ان = (تون) هنن ڏانهن لکين ٿو. لکيننِ
ٿي.
جهه
لکيمِ ٿو = لک+اي+ام = (هو) مون ڏانهن لکي
ٿو.
لکيمِ ٿي.
؟ = (هو) (اسان ڏانهن لکين ٿو.) ؟
لکيس ٿو = لک+اي+اس= (هو) هن
ڏانهن لکي ٿو. لکيس ٿي.
لکينِ ٿو = لک+اي+ان = (هو) هنن ڏانهن لکي ٿو. لکينِ ٿي.
لکيئه ٿو = لک+اي+ءِ = (هو) تو
ڏانهن لکي ٿو. لکيئه ٿو.
لکيوَ ٿو = لک+اي+وَ = (هو) توهان
ڏانهن لکي ٿو. لکيوَ ٿي.
ڃ
لکونئه ٿا = لک+اون+ءِ = (اسين) تو ڏانهن
لکون ٿا.
لکونئه ٿيون.
لکونوَ ٿا = لک+اون+وَ =(اسين)
توهان ڏانهن لکون ٿا. لکونوَ ٿيون.
لکونس ٿا = لک+اون+اس=(اسين) هن
ڏانهن لکون ٿا. لکونس ٿيون.
لکوننِ ٿا = لک+اون+ان = (اسين) هنن ڏانهن
لکون ٿا. لکوننِ ٿيون.
چ
لکوم ٿا = لک+اَو+ام = (توهان) مون ڏانهن
لکو ٿا.
لکوم ٿيون.
؟ = (توهان) اسان ڏانهن لکو ٿا.
؟
لکوس ٿا = لک+اَو+اس= (توهان) هن ڏانهن لکو ٿا. لکوس
ٿيون.
لکونِ ٿا = لک+اَو+ان = (توهان) هنن ڏانهن لکو ٿا. لکونِ
ٿيون.
ڇ
لکنۡنمِ (لکنّم) ٿا=لک+اَن+اِم=(اهي) مون ڏانهن لکن ٿا. لکننم (لکنّم) ٿيون.
؟ = (اهي) اسان ڏانهن لکن ٿا.
؟
لکنۡنئِه (لکنئه) ٿا=لک+اَن+اَءِ
= (اهي) تو ڏانهن لکن ٿا. لکننئِه (لکنّئه) ٿيون.
لکنۡوَ ٿا = لک+اَن+وَ = (اهي)
توهان ڏانهن لکن ٿا. لکنوَ ٿيون.
لکنۡس ٿا = لک+اَن+اس = (اهي) هن
ڏانهن لکن ٿا. لکنس ٿيون.
لکنۡنِ (لکنّن) ٿا=لک+ان+اِن=(اهي) انهن ڏانهن لکن ٿا. لکنن
(لکنّن) ٿيون.
ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل
جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:
1. ڪجهه لفظن جي اچار ۾ ’شد‘ جهڙي ڪيفيت
نظر اچي ٿي. (عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شد رکندڙ لفظ موجود ناهن،
جنهن ڳالهه سان مون کي اختلاف آهي. شد رکندڙ لفظ يا اکر سنڌيءَ ۾ ئي نه، جيتري
هندي ڄاڻان ٿو، ان ۾ به موجود نظر اچن ٿا. اهي لفظ سنڌيءَ ۾ زباني طرح ڳالهايا
وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن ۽ هنديءَ ۾ ’اڌ - اکر‘ وڌيڪ لکجي ٿو.)
2. ضميري پڇاڙيون ان ساڳيءَ ئي شڪل ۾ نظر
اچن ٿيون، جيئن ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعلي ڦيري ۾ نظر آيون، ڪٿي ڪٿي تحرڪ وڌيڪ نظر
اچي ٿو. (ها، ’مان‘ جي بدران ’- ام‘ ۽ ’هن‘ جي بدران ’- اس‘ ضميري پڇاڙي اڃا بحث
هيٺ نه آيون آهن.)
]مٿي
جيڪي به فاعل/ضمير ننڍي ڏنگيءَ ۾ ڏنل آهن، اهي رڳو ان ڪري، جيئن رسما رسمي طريقي
موجب (جيڪو غلط آهي) ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.[
زمان ماضي
1- فعل ’لازمي‘ جو ڦيرو (زمان ماضي مطلق) اسن کي هن نموني پڙهايو /سيکاريو وڃي
ٿو:
ح
هيڪل/نَر
|
هيڪل/نار
|
|
1. ضمير متڪلم
2. ضمير حاضر
3. ضمير غائب
|
* مون لکيو.
* تو لکيو.
* هن/هن لکيو.
|
* مون لکيو.
* تو لکيو.
* هِن/هُن لکيو.
|
گهڻ/نَر
|
گهڻ/نار
|
|
1. ضمير متڪلم
2. ضمير حاضر
3. ضمير غائب
|
* اسان لکيو.
* توهان لکيو.
* هِنن/هُنن لکيو.
|
* اسان لکيو.
* توهان لکيو.
* هِنن/هُنن لکيو.
|
2- هن فعلي ڦيري کي جيڪڏهن هيئن پڙهجي
ته:
خ
فاعل ضمير متڪلم، هيڪل، نر * مون
چِٺو لکيو.
*
مون چٺِي لکي (لکيي).
*
مون چٺا لکيا.
*
مون چٺيون لکيون.
ڌيان ڏئي سوچيو: ضمير متڪلم هيڪل نر جي بدران ڪو به ٻيو ضميرُ، فاعل طور آڻي
پڙهبو، ته به جملي جي بيهڪ اها ئي رهندي. مثال طور:
* اسان/توهان/هن/هنن
چٺو لکيو.
* اسان/توهان/هن/هنن
چٺا لکيا.
* اسان/توهان/هن/هنن
چٺي لکي.
* اسان/توهان/هن/هنن
چٺيون لکيون.
ڌيان ڌئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان هر هڪ فعل
جون چار صورتون گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون. ايئن ڇو؟
اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ’ماضيءَ‘ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه،
مفعول سان رهي ٿو.
مفعول جيڪڏهن:
1.
هيڪل نر آهي ته ـــــــ
لکيو، پڙهيو، ڏٺو.
2.
هيڪل نار آهي ته ـــــــ لکي، پڙهي، ڏٺي.
3.
گهڻ نر آهي ته ــــــــ
لکيا، پڙهيا، ڏٺا.
4.
گهڻ نار آهي ته ــــــــ
لکيون، پڙهيون، ڏٺيون.
هتي، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته زمان ماضيءَ ۾ فعل جون صورتون هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي
بحث ۽ ڇنڊڇاڻ گهرن ٿيون، ڇو ته زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغا جيڪا صورتخطي ۽ جيڪو اچار
رکن ٿا، اهو ڪٿي فعل آهي ته ڪٿي اسم يا صفت.
مثال طور: ’(مان) لکيو آهيان‘ (هتي ’لکيو‘ اسم آهي).
’مون لکيو آهي‘ (هتي ’لکيو‘ فعل آهي).
’(مان) پڙهيو آهي‘ (هتي ’پڙهيو‘ فعل آهي).
هتي، انهن بحثن کان پاسيرو رهي، رڳو فعلي صيغي بابت ڳالهه ٻول ڪجي ٿي.
د
(1) مفعول هيڪل، نر جي حالت ۾:
*
مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺو لکيو.
*
مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن گهوڙو ڏٺو.
مفعول هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اِيو‘ ڳنڍجي ٿو: لکيو،
پڙهيو، گهميو، سمهيو. پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’امر‘ فعل جي هڪ صورت ٺاهي
(جيئن ’ڏسڻ‘ جي ’ڏِس‘ مان ’ڏِسيو‘ ــــــــ ’مان ڏسيو پيو اچان‘)، ۽ جنهن جو ’اسم‘
فعل جي ٻي صورت ٺاهي (جيئن ’ڏسڻ‘ جي اسم ’ڏٺ‘ مان ’ڏٺو‘) ته اهڙيءَ حالت ۾ اسم جي
پوئين اکر (ٺ) سان ’-او‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺو، ويٺو، بيٺو.
فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار،
فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.
(2) مفعول گهڻ، نر جي حالت ۾:
* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺا لکيا.
*
مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن گهوڙا ڏٺا.
مفعول گهڻ نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اِيا‘ ڳنڍجي ٿو ـــــــــــــ
لکيا، پڙهيا، گهميا، سمهيا، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي
ته اهڙيءَ حالت ۾’-آ‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺا، ويٺا، بيٺا.
فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار،
فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.
(3) مفعول هيڪل، نار جي حالت ۾:
* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺي لکي.
*
مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن گهوڙي ڏٺي.
مفعول هيڪل نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر
(لک) سان ’- اِي‘ يا حقيقت ۾ ’-اِيي‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ لکي، پڙهي، پر فعل
جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ ’-اي‘ ملائجي
ٿو ـــــــــــــ ڏٺي، ويٺي، بيٺي.
(4) مفعول گهڻ، نار جي حالت ۾:
* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن چٺيون لکيون.
*
مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن گهوڙيون ڏٺيون.
مفعول گهڻ نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر
(لک) سان ’-اِيون‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ لکيون، پڙهيون، پر فعل جيڪڏهن اهڙو
آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي ته اهڙيءَ حالت ۾’-اِيون‘ ملائجي ٿو
ـــــــــــــ ڏٺيون، ويٺيون، بيٺيون.
3- زمان ماضيءَ ۾ ضمير جي صورت تي ڪجهه نه ڪجهه ۽ هڪ عجيب اثر پوي ٿو:
- ’مان/آءٌ/آنءُ‘ جي ڀيٽ ۾ ’مون ‘ وڌيڪ
سونهي ٿو ـــــــــــــ مون لکيو.
- ’تون‘ جي ڀيٽ ۾ ’تو‘ ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو
ٺهي ٿو ـــــــــــــ تو لکيو.
- ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِها/اُها‘ جي بدران
’هن/هُن/اِن/اُن‘ وڌيڪ ٺهڪي ٿو ـــــــــــــ هن لکيو.
- ’اسين‘ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو لڳندڙ آواز
’اسان‘ آهي ـــــــــــــ اسان لکيو.
- ’توهين/اوهين‘ جي ڀيٽ ۾ ’توهان/اوهان‘
سٺو لڳي ٿو ـــــــــــــ توهان لکيو.
- ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جي بدران
’هِنن/هُنن/اِنهن/اُنهن‘ جو واهپو سونهي ٿو ـــــــــــــ هنن لکيو.
* ضمير جي ان صوتي تبديليءَ جو ڪارڻ
(شايد) فعل جو مفعول سان لاڳاپيل هجڻ آهي.
هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ ‘ جو فعل سڏجي
ٿو. هن جو زمان به ماضي ئي آهي.
ڌ
هيڪل/نَر
|
هيڪل/نار
|
|
ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب
|
1. مان هُيُس (’مان سچار هيس‘)
3. تون هُئين. (’تون سچار هئين‘)
5. هي هيو/هو. (’هي سچار هيو‘)
|
2. مان هيَسِ.
4.تون هُئِيئَن (هئينءَ؟)
6. هيءَ هُئي.
|
گهڻ/نَر
|
گهڻ/نار
|
|
ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب
|
7. اسين هياسي/هئاسي.
(مثال: ’اسين سچار هياسي/هئاسون‘)
9. توهان هُيَئو. (’توهان سچار هُيَئو‘)
11. هي هُيا/هئا. (’هي سچار هُيا‘)
|
8. اسين هيونسي.
10. توهين هُيَئو.
12. هي هُيون.
|
مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽
هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11، 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻن
ضميري پڇاڙي ملڻ کان پوءِ به سندن صورت اهائي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل
فعلي صيغي ۾ ڪا نه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو
آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار سان ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ ڳنڍيل آهن، جن
بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ’-اُس‘ ۽
نار جي حالت ۾ ’-اَس‘ ڪم اينديون آهن ۽ ان لاءِ ڪو به علمي سبب يا دليل موجود ناهي.
باقي ضمير متڪلم حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي
ئي نشاندهي ڪن ٿيون.
زمان ماضي ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:
1.
فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ هيو (هئو).
2.
فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ هئي (هُيِي).
3.
فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ هيا (هئا).
4.
فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ هيون.
ان ڪري زمان ماضيءَ ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جو ڦيرو هن طرح هئڻ گهرجي:
ڏ
* مان هيو (مان سچار هيو.) * مان
هئي (مان سچار هئي.)
* تون هيو (تون سچار هيو.) * تون
هئي (تون سچار هئي.)
* هي هيو (هي سچار هيو.) * هيءَ
هئي (هيءَ سچار هئي.)
* اسان هيا (اسان سچار هيا.) *
اسان هيون (اسان سچار هيون.)
* توهان هيا (توهان سچار هيا.) *
توهان هيون (توهان سچار هيون.)
* هي هيا (هي سچار هيا.) * هي هيون (هي سچار هيون.)
ضميري پڇاڙيءَ جي هجڻ ڪري، اهو ڦيرو هيئن ٿيندو:
ڊ
(1) ضمير متڪلم، هيڪل، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ملائجي ٿي
ـــــــــــــ سچار هُيُم/هُئم (مان سچار هيو).
فعلي صيغي (هيو/هئو) جو آخري آواز ’-او‘
ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ آڻجي ٿي. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول
هيڪل نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــــ لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم،
بِيٺُم.
(2) ضمير متڪلم، هيڪل، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ ملائجي ٿي
ــــــــــــ سچار هُيَم/هُئم (مان سچار هئي).
فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’-اي‘
ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ آڻجي ٿي. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول
هيڪل نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــ لکيي (لکي)، پڙهيي (پڙهي)،
ڏٺيي (ڏٺي) جي بدران لکيَم، پڙهيَم، ڏٺَم.
(3) ضمير متڪلم، گهڻ، نر جي حالت ۾ ضميري
پڇاڙي ’-اَسي‘ (يا ان جو مَٽ آواز ’-اَسون‘ يا ’-اسين‘) ملائجي ٿو. ’ڪرڻ‘ واري فعل
۾ به مفعول گهڻ نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــ
لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين، پڙهيوسي/پڙهيونسون/پڙهيوسين، ڏٺوسي/ ڏٺوسون/ڏٺوسين.
(4) ضمير متڪلم، گهڻ، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَسي‘ (۽ ان جو مَٽ آواز
’-اسون‘ يا ’-اسين‘ ملائجي ٿي ــــــــــ سچار هُيونسي/هُيونسين (اسين سچار هيون).
فعلي صيغي (هيون) جي پٺيان ’-اسي‘ (يا ان
جو مَٽ آواز ’-اسين‘ يا ’-اسون‘) ملائجي ٿو. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نار
آهي، ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو: لکيونسي/لکيونسين، پڙهيونسي/پڙهيونسين،
ڏٺيونسي/ڏٺيونسين.
(5) ضـمـيـر حـاضـر، هيـڪـل، نـر جـي حـالـت ۾ ضـمـيـري پـڇاڙي ’-اين‘ ملائجي
ٿي ــــــــــ سچار هئين (تون سچار هيو).
فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’-او‘
ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اين‘ ملائجي ٿو.
(6) ضـميـر حـاضـر، هـيـڪـل، نـار جـي حـالـت ۾ ضـميري پڇاڙي ’-اِين‘ ملائجي
ٿي ـــــــــ سچار هئينءَ (تون سچار هئي).
فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’- اِين‘
ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اينءَ‘ ملائجي ٿو.
(7) ضمير حاضر، گهڻ، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَو‘/ ’-او‘ ملائجي ٿي: سچار
هُيَئو (توهين سچار هيا).
فعلي صيغي (هيا) جو آخري آواز ’-آ‘
ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-او‘ ڳنڍجي ٿو.
(8) ضمير حاضر، گهڻ، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اِيون‘ ملائجي ٿي ــــــــــ
سچار هيون (توهين سچار هيون).
فعلي صيغي (هيون) جو آخري آواز ’- ايون‘
ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اِيون‘ آڻڻ جي ڪري، فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي رهي ٿي.
ايئن به چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ’-ايون‘ فعلي صيغي جي آخري آواز ’-ايون‘ ۾
جذب ٿيل آهي.
(9) ضمير غائب، هيڪل، نر جي حالت ۾ فاعل ’هي/هو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري
پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ـــــــــ سچار هيو (هو سچار هيو.)
(1) زمان ماضيءَ ۾ هن صورت لاءِ ڪا به
ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي وياڪرڻي گڻن کان پري آهي.
(2) ضميري پڇاريءَ طور ڪم ايندڙ آواز
اهڙو ڪو آهي، جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو، جو فعلي صيغي
جي صورت ساڳي ئي بيهي ٿي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو.) مون کي
اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر هن کي ڪو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال ۾
’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان جاچي ورتو آهي ته ’هي/هو/هيءَ/هوءَ‘ جي
بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ’- اي‘ آهي. ڀاسي ايئن ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي
ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي گم ٿي وئي آهي.
(3)
ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ آهي پر اها ضميري پڇاڙي اچڻ کان پوءِ فعل جي صورت حقيقت ۾ ٻٽي
ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي ـــــــ ’آيس‘ معنى ’هُو هُن وٽ آيو‘، ’ويٺُس‘
معنى ’هُو هُن وٽ ويٺو‘. البت ’هُيس‘ ٻه معنائون ظاهر ڪري ٿو: پهرين ’هُن وٽ هو‘ ۽
ٻي ’هُو هُن وٽ هيو.‘ (پهرينءَ معنى لاءِ چئبو ته ’هوس‘ بگڙجي ’هيس‘ ٿيو آهي ۽
ٻيءَ معنى لاءِ چئبو ته ’هُيوس‘ بدلجي ’هيس‘ ٿيو آهي) تنهنڪري، ضمير غائب هيڪل، نر
لاءِ درست ڳالهه اها ئي بيهي ٿي، جيڪا (2) هيٺ ڪيل آهي ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ’-اُس‘
ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته اها ’هن‘، ’هن وٽ‘، ’هن کي‘، ’هن جو‘، ’هن تي‘ وغيره مطلب
ظاهر ڪري ٿي.
(10) ضمير غائب، هيڪل، نار جي حالت ۾
سچار هئي (هيءَ سچار هئي) ــــــــ فاعل هيءَ/هوءَ بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ
جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالجيون ڪري سگهجن
ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ بدران
’-اَس‘ هوندي.
(11) ضمير غائب، گهڻ، نر جي حالت ۾ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ
ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن.
* سچار هيا (هي/اهي سچار هيا). فعل جو
صيغو اهو آهي جيڪو گهڻ، نر لاءِ ڪم اچي ٿو، ۽ ٻيو فرق اهو هوندو ته هيڪل، نر جي
سلسلي ۾ ڄاڻايل ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ بدران هتي ’-اَن‘ ڪم ايندي.
(12) ضمير غائب، گهڻ، نار جي حالت ۾ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ
ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن.
* سچار هيون (اهي سچار هيون).
هن ضميري پڇاڙيون رکندڙ ڦيري مان ملندڙ سبقن کي واضح ڪرڻ کان اڳ، سٺو لڳي ٿو ته
’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان به ضميري پڇاڙين جو ذڪر ڪري وٺجي.
ڍ
ضميري پڇاڙي-1: متڪلم هيڪل نر يا نار، فاعل ’مون ‘ جي
بدران ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ۽ ’-اَم‘ ڪم اچي ٿي.
(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته * چٺو
لکيُم (مون چٺو لکيو).
*
ڇوڪرو ڏٺُم (مون ڇوڪرو ڏٺو).
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي
جاءِ تي ’-اُم‘ ملائجي ٿو: لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم.
(2) مفعول گهڻ، نر آهي ته *
چٺا لکيَم (مون چٺا لکيا).
*
ڇوڪرا ڏٺَم (مون ڇوڪرا ڏٺا).
- گهڻ، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي
’-اَم‘ ملائجي ٿو: لکيم، پڙهيم، ڏٺم. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جمع جي صيغي (لکيا،
ڏٺا) جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَم‘ ملائجي ٿو.
(3) مفعول هيڪل يا گهڻ نار آهي ته *
چٺي لکيَم (مون چٺي لکي).
*
چٺيون لکيم (مون چٺيون لکيون).
*
ڇوڪري ڏٺم (مون ڇوڪري ڏٺي).
* ڇوڪريون ڏٺم (مون ڇوڪريون ڏٺيون)
]ڏسو ضميري پڇاڙي
1- (2)[
ضميري پڇاڙِي-2: ضمير حاضر هيڪل، نر يا نار، فاعل
’تو/تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُءِ‘ ۽ ’-اَءِ‘ ڪم اچي ٿي:
(1) مفعول هيڪل نر آهي ته: * چٺو
لکيُئه (تو چٺو لکيو).
*
ڇوڪرو ڏٺُئه (تو ڇوڪرو ڏٺو).
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي
جاءِ تي ’-اُءِ‘ ملائجي ٿو ــــــــ لکيُئه، پڙهيُئه، ڏٺُئِه.
(2) مفعول گهڻ
نر آهي ته: * چٺا لکيَئه (تو
چٺا لکيا).
*
ڇوڪرا ڏٺَئه (تو ڇوڪرا ڏٺا).
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي
جاءِ تي ’-اَءِ‘ ملائجي ٿو ــــــــ لکيَئه، پڙهيَئه، ڏٺَئِه. ايئن به چئي سگهجي
ٿو ته جمع صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَءِ‘ ملائجي
ٿو.
(3) مفعول هيڪل يا گهڻ، نار آهي ته: *
چٺي لکيَئه (تو چٺي لکي).
*
ڇوڪريون ڏٺَئه (تو ڇوڪريون ڏٺيون)
] ڏسو ضميري پڇاڙي-2 (2)[
ضميري پڇاڙي-3: ضمير غائب، هيڪل، نر يا نار، فاعل
’هِن/هُن‘ جي بدران (ڪا اهڙي ضميري پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جنهن کي کوجي نه سگهيو آهيان
يا وري) ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ ڪم اچي ٿي. (هي نُڪتو ٻولڄاڻڪ ۽ ٻولي ڄاڻڪ طي ڪندا.)
ضميري پڇاڙي-4: ضمير متڪلم، گهڻ، نر يا نار، فاعل
’اسان/اسين‘ جي بدران ’-اَسي‘ (يا ان جو مَٽ ’-اَسو‘ يا پاڻ ’-اسين‘) ضميري
پڇاڙيءَ طور ڪم اچي ٿي:
(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته: * چٺو لکيوسي (اسان چٺو لکيو)
* ڇوڪرو ڏٺوسي (اسان ڇوڪرو ڏٺو)
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا
’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين.
(2) مفعول هيڪل، نار آهي ته: * چٺي
لکيسي (اسان چٺي لکي)
* ڇوڪري ڏٺيسي (اسان ڇوڪري ڏٺي)
- هيڪل، نار لاءِ فعلي صيغي (لکي، ڏٺي) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’- اَسون‘ يا ’-
اسين‘ ملائجي ٿي: لکيسي/لکيسون/لکيسين.
(3) مفعول گهڻ، نر آهي ته: *
چٺا لکياسي (اسان چٺا لکيا)
*
ڇوڪرا ڏٺاسي (اسان ڇوڪرا ڏٺا)
- گـهـڻ، نـر لاءِ فـعـلـي صـيغي (لکيا، ڏٺا) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا
’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکياسي/لکياسون/لکياسين.
(4) مفعول گهڻ، نار آهي ته: * چٺيون لکيونسي (اسان چٺيون لکيون)
*
ڇوڪريون ڏٺيونسي (اسان ڇوڪريون ڏٺيون)
- گهڻ، نار لاءِ فعلي صيغي (لکيون، ڏٺيون) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا
’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکيونسي/ لکيونسين.
ضميري پڇاڙي-5: ضمير حاضر، گهڻ، نر يا نار، فاعل
’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُو‘ ۽ ’-اَوَ‘ ڪم اچي ٿي:
(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته: * چٺو
لکيُوَ (توهان چٺو لکيو)
*
ڇوڪرو ڏٺوَ (توهان ڇوڪرو ڏٺو)
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي
’-اُوَ‘ ڳنڍجي ٿو: لکيُوَ/پڙهيُوَ، ڏٺُوَ.
(2) مفعول هيڪل، نار آهي ته: * چٺي
لکيَوَ (توهان چٺي لکي)
* ڇوڪري ڏٺَوَ (توهان ڇوڪري ڏٺي)
- هيڪل، نار لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي
’-اَوَ‘ ڳنڍجي ٿو: لکيَوَ/ پڙهيَوَ، ڏٺَوَ.
(3) مفعول گهڻ، نر يا نار آهي ته: * چٺا لکيوَ (توهان چٺا لکيا)
*
ڇوڪريون ڏٺوَ (توهان ڇوڪريون ڏٺيون)
]ڏسو ضميري
پڇاڙي-5 (2)[
ضميري پڇاڙي-6: ضمير غائب، گهڻ، نر يا نار، فاعل
’هِنن/هُنن‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُن‘ ۽ ’-اَن‘ اچي ٿي:
(1) مفعول هيڪل نر آهي ته: * چٺو
لکيُن (هنن چٺو لکيو)
*
ڇوڪرو ڏٺُنِ (هنن ڇوڪرو ڏٺو)
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي
’-اُن‘ ڳنڍجي ٿو: لکيُن، پڙهيُن، ڏٺُنِ.
(2) مفعول، هيڪل نار آهي ته: * چٺي
لکيَن (هنن چٺي لکي)
*
ڇوڪري ڏٺَن (هنن ڇوڪري ڏٺي)
- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي
’-ان‘ ڳنڍجي ٿو: لکيَن، پڙهيَن.
(3) مفعول، گهڻ، نر يا نار آهي ته: *
چٺيون لکيَن (هنن چٺيون لکيون)
*
ڇوڪرا ڏٺَنِ (هنن ڇوڪرا ڏٺا)
]ڏسو
ضميري پڇاڙي-6 (2)[
زمان ماضيءَ جو ذڪر ڪندي لڳ ڀڳ ابتدا ۾ ئي بيان ڪيو هوم ته هي زمان فعلي ڦيري
۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو. اها ڳالهه ورجائڻ جي گهرج ان
ڪري پئي آهي جو هيٺ ٻه چار اهڙا مثال ڏجن ٿا، جيئن ان ڳالهه کي ڪجهه بهتر نموني
ذهن ۾ آڻي سگهجي. اسان ڏٺو ته:
1- لکيُئِه، ڏٺُئِه ۽ پڙهيُئِه معنى، واريسر، ’تو لکيو‘، ’تو ڏٺو‘، ’تو
پڙهيو‘، پر:
* چِڙيُئِه: (هُو) ’تو تي
چِڙيو‘
* کِليُئِه: (هُو) ’تو تي
کِليو‘
* ڀُليُئِه: (هُو) ’تو تي ڀُليو‘،
وغيره معنى بدلائي ڇڏين ٿا.
- اها ساڳي صورتحال (چِڙيَئِه،
کِليَئِه، ڀُليَئِه، وغيره) فاعل جي گهڻ صورتن چڙيو، کِليو، ڀُليو وغيره ۽ چڙيَوَ،
کِليَوَ، ڀُليَوَ وغيره سان به آهي.
2- ساڳيءَ طرح: * هُيُن (هنن وٽ هو) ۽
هُيَن (هنن وٽ هئي)
* ٿِيُن (هنن کي
ٿيو) ۽ ٿِيَن (هنن کي/سان ٿي)
*
لَٿُنِ (هنن تان لٿو) ۽ لَٿَن (هنن تان لٿي) جي سلسلي ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون
سامهون اچن ٿيون.
زمان ماضي جي سلسلي ۾ ٻي ڳالهه به ڌيان
لهڻي ٿي ته فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي، پر ڪجهه ضميري پڇاڙيون اهڙيون آهن،
جيڪي فعلي صيغي سان ڳنڍجن ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو مفعول کان ٽٽي فاعل سان ٿيو
وڃي ــــــــ ۽ اها حالت رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ملي ٿي، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر
جي سلسلي ۾ نه. جڏهن ته زمان حال ۽ زمان ماضيءَ ۾، رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ئي
سهي، فعل جي اهڙي ڪا به صورت نه ٿي ملي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل بدران مفعول سان
هجي. (الائجي ڇو؟)
ذ
1- ضمير غائب، هيڪل (نر يا نار) آهي ته:
1) مفعول هيڪل، نر: * چٺو لکيائين (هن چٺو لکيو)
2) مفعول گهڻ، نر: * چٺا لکيائين (هن چٺا لکيا)
3) مفعول هيڪل، نار: * چٺي لکيائين (هن چٺي لکي)
4) مفعول گهڻ، نار: * چٺيون لکيائين (هن چٺيون لکيون)
- هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-آئين‘ آهي، جيڪا
مٿي ڏنل:
- پهرئين جملي ۾ فعل ’لکيو‘ جو آخري
’-او‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،
- ٻئي جملي ۾ فعل ’لکيا‘ جو آخري ’-آ‘
ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،
- ٽئين جملي ۾ فعل ’لکي‘ سان ڳنڍي وئي
آهي، ۽
- چوٿين جملي ۾ فعل ’لکيون‘ جو آخري ’-اُون‘
ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.
2- ضمير غائب، گهڻ (نر يا نار)
آهي ته:
1) مفعول هيڪل، نر: * چٺو لکيائون (هنن چٺو لکيو)
2) مفعول گهڻ، نر: * چٺا لکيائون (هنن چٺا لکيا)
3) مفعول هيڪل، نار: * چٺي لکيائون (هنن چٺي لکي)
4) مفعول گهڻ، نار: * چٺيون لکيائون (هنن چٺيون لکيون)
- هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-آئون‘ آهي، جيڪا
مٿي ڏنل:
- پهرئين جملي ۾ فعل ’لکيو‘ جو آخري
’-او‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،
- ٻئي جملي ۾ فعل ’لکيا‘ جو آخري ’-آ‘
ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،
- ٽئين جملي ۾ فعل ’لکي‘ سان ڳنڍي وئي
آهي، ۽
- چوٿين جملي ۾ فعل ’لکيون‘ جو آخري ’-اُون‘
ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.
ضميري پڇاڙين جي حوالي سان مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏي ٿي ته:
1- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جا صيغا هڪ جهڙا
هجڻ جي باوجود مختلف معنى، مفهوم ۽ وياڪرڻي بيهڪ رکن ٿا.
2- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جو سڌو واسطو
مفعول سان رهي ٿو.
3- ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، زمان
ماضيءَ ۾ هڪ اهڙي فعلي بناوت ملي ٿي، جيڪا رڳو ضمير غائب جي نشاندهي ڪندي فاعل سان
لاڳاپيل آهي، مفعول سان نه.
4- هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻول ۾ ’مان
لکيس‘، ’مان پڙهيس‘، ’مان آيس‘، ’مان ويس‘، ’مان ويٺس‘، ’مان بيٺس‘ جهڙا جملا
ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهن. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري
پڇاڙي ’-اس‘ جو مطلب ۽ مفهوم ’مان/آءٌ‘ هجي به، ته به ’مان آيس‘ جي معنى ٿيندي
’مان مان آيو‘، جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته، حقيقت ۾،
’مان آيس‘ جو صحيح مفهوم ’مان هو هن وٽ آيو‘ آهي ۽ اهو ڪو جملو ئي ناهي. ٻٽي ضميري
پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه جي تصديق ڪندا.
5- ’اسين آياسي‘ جي حقيقي معنى ’اسين
اسين آيا‘ آهي. صحيح جملو ’آياسي‘ يا ’اسين آيا‘ آهي.
6- ’تون آئين‘ جي حقيقي معنى ’تون تون
آيو‘ آهي. صحيح جملو ’آئين‘ يا ’تون آيو‘ آهي.
7- ’تون آئِيئن‘ (هي جملو لکڻ ۾ گهٽ ۽
ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اچي ٿو) جي حقيقي معنى ’تون تون آئي‘ آهي. صحيح جملو ’آئيئن‘ يا
’تون آئي‘ آهي.
8- ’توهان آيَو‘ جي حقيقي معنى ’توهان
توهان آيا‘ آهي. صحيح جملو ’آيَو‘ يا ’توهان آيا‘ آهي.
9- ’هن
لکيو‘ ۽ اهڙن ٻين ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين بابت اميد ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سَنڌيءَ جو
ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.
هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان
ظاهر ڪن ٿا:
ر
هيڪل/نر
هيڪل/نار
* لکيومانءِ = لک+يو+مان+ءِ = مون تو ڏانهن لکيو لکيومانءِ
* لکيومانوَ = لک+يو+مان+وَ = مون توهان ڏانهن لکيو لکيومانوَ
* لکيومانسِ=لک+يو+مان+اس =مون هن
ڏانهن لکيو لکيومانسِ
* لکيومانِ=لک+يو+مان+انِ (لکيوماننِ)=مون هنن ڏانهن لکيو
لکيومانِ
* لکيُئِه = لک+يو+اُ+ءِ (لک+يو+او+اُءِ)= تو مون ڏانهن لکيو لکيُئِه
* ؟ = تو اسان ڏانهن لکيو ؟
* لکيُسِ=لک+يو+اُ+اس
(لک+يو+او+اُءِ+اس)=تو هن
ڏانهن لکيو لکيُسِ
* لکيُنِ=لک+يو+اُ+ان (لک+يو+او+اُءِ+ان)=هن هنن ڏانهن لکيو
لکيُنِ
* لکيوم = لک+يو+او+ام = هن مون ڏانهن لکيو
لکيومِ
* ؟ = هن اسان ڏانهن لکيو ؟
* لکيوسِ = لک+يو+او+اس = هن هن ڏانهن لکيو
لکيوسِ
* لکيونِ =
لک+يو+او+انِ = هن هنن ڏانهن لکيو لکيونِ
گهڻ/نر گهڻ/نار
* لکيوسونئه = لک+يو+اسون+ءِ = اسان تو ڏانهن لکيو لکيوسونئه
* لکيوسيوَ = لک+يو+اسي+و = اسان توهان ڏانهن لکيو لکيوسيوَ/
لکيوسونوَ
* لکيوسونسِ = لک+يو+اسون+اسِ= اسان هن
ڏانهن لکيو لکيوسونس
* لکيوسُونِ=لک+يو+اسون+ان(لکيوسوننِ)=اسان هنن ڏانهن
لکيو لکيوسونِ
* لکيوَم = لک+يو+اَو+ام = توهان مون ڏانهن لکيو لکيوم
* ؟ = توهان اسان ڏانهن لکيو ؟
* لکيُوَسِ = لک+يو+اوَ+اس = توهان هن ڏانهن لکيو
لکيُوَسِ
* لکيُوَنِ =
لک+يو+اوَ+انِ = توهان هنن ڏانهن لکيو لکيُوَنِ
* لکيوم (؟) =
= هنن مون ڏانهن لکيو لکيوم
* ؟ = هنن اسان ڏانهن لکيو ؟
* لکيوسِ = = هنن هن
ڏانهن لکيو لکيوسِ
* لکيونِ = = هنن هنن
ڏانهن لکيو لکيونِ
مٿي ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙين واري ڦيري ۾
ضمير غائب (هيڪل توڙي گهڻ ۽ نر توڙي نار) جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏکيائون آڏو اچن ٿيون.
شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان ماضيءَ ۾ ۽ ضمير غائب جي حوالي سان اسان کي اهو ضميري
پڇاڙي رکندڙ فعلي ڦيرو ملي ٿو، جنهن جو ذڪر ]ذ[ سري هيٺ ڪيو ويو هو. اهو ڦيرو، ٻٽي
ضميري پڇاڙيءَ جي صورت رکندي، هن طرح ملي ٿو:
ڙ
هيڪل/نر هيڪل/نار
* لکيائينمِ= لک+يو+آئين+ام = هن مون
ڏانهن لکيو لکيائينم
* ؟ = (هن اسان
ڏانهن لکيو) ؟
* ؟ (لکيائينءِ) = هن تو
ڏانهن لکيو ؟ (لکيائينءِ)
* لکيائينوَ (؟) = = هن توهان
ڏانهن لکيو ؟ لکيائينوَ
* لکيائينسِ = = هن هن
ڏانهن لکيو لکيائينسِ
* لکيائينِ (لکيائيننِ) = = هن هنن
ڏانهن لکيو لکيائينِ
گهڻ/نر گهڻ/نار
* لکيائونمِ = هنن مون ڏانهن لکيو لکيائونم
* ؟ =
)هنن اسان ڏانهن
لکيو( ؟
* لکيائونئه = هنن تو ڏانهن لکيو لکيائونئه
* لکيائونوَ = هنن توهان ڏانهن لکيو لکيائونوَ
* لکيائونسِ = هنن هن ڏانهن لکيو لکيائونسِ
* لکيائونِ (لکيائوننِ)
= هنن هنن ڏانهن لکيو لکيائونِ
ٻِٽي ضميري پڇاڙي مٿي ڏنل ]ڏسو ر
۽ ز[ لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا
مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:
1- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سنڌيءَ جي اصولن
موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.
2- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ
وڃن ٿا.
3- چـٽـو ٿـي اچـي ٿـو تـه ’-ام‘
ضـمـيـري پـڇـاڙي ’مان/آءٌ‘ جي بدران، ’-اسـي/-اسـيـن/-اسـون‘ ضـمـيري پڇاڙي
’اسين/اسان‘ جي بدران، ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ’هِن/هُن’ جي بدران ۽ ’-ان‘ ضميري پڇاڙي
’اِنهن/اُنهن/هِنن/ هُنن‘ جي بدران ڪم اچي ٿي.
هن مهل تائين اسان ٻن زمانن جي هڪ هڪ روپ
۾ ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي حوالي سان مختصر جائزو ورتو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون
بحث طلب آهن، پر هتي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان ئي ڳالهه ٻول جاري رکبي.
زمان مستقبل
(1) فعل لازميءَ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو وڃي ٿو:
ز
هيڪل/نَر
|
هيڪل/نار
|
|
1. ضمير متڪلم
2. ضمير حاضر
3. ضمير غائب
|
* مان/آءٌ لکندس.
* تون لکندين.
* هي/هو/اِهو/اُهو لکندو.
|
* مان/آءٌ لکنديس.
* تون لکندينءَ.
* هيءَ/هوءَ/اِها/اُها لکندي.
|
گهڻ/نَر
|
گهڻ/نار
|
|
4. ضمير متڪلم
5. ضمير حاضر
6. ضمير غائب
|
* اسان/اسين لکنداسي/
لکنداسون/لکنداسين.
* توهان/توهين لکندؤ.
* هي/هو/اِهي/اُهي لکندا.
|
* اسان/اسين لکنديونسي/...
* توهان/توهين لکنديون.
*هي/هو/اِهي/اُهي لکنديون.
|
(2) مٿي ڏنل فعلي ڦيري ۾ ’لکندس‘،
’لکنديس‘، ’لکندين‘، ’لکندينءَ‘، ’لکنداسي‘، ’لکنديونسي‘ ۽ ’لکندؤ‘ فعلي صورتون
پاڻ سان ضميري پڇاڙي ڳنڍيل رکن ٿيون. انهن ضميري پڇاڙين موجب، سندن بيهڪ ڏاڍي
گهٽ-وڌ ٿي پئي آهي ۽ اسان کي انتهائي غلط مفهوم دماغ ۾ ويهاريو پيو وڃي. ان جي
ڇنڊڇاڻ ڪجهه دير پوءِ ڪنداسي. پر ڀاڳ ڀلا آهن ’هي لکندو‘، ’هيءَ لکندي‘، ’هي لکندا‘
۽ ’هي لکنديون‘ جا، جو اهي باقاعدي اصولي شڪل وارو فعل رکن ٿا. حقيقت اها آهي ته
ضمير غائب جي هر صورت سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي
صورت (صيغي) ۾ ئي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو. جيستائين تعلق آهي ’توهين لکنديون‘ جو، اها
ڀل چڪ ۾ به ان ئي شڪل ۾ رهڻي آهي، ڇو ته اها ئي ان جي فعلي صورت آهي ۽ اها ضمير
پڇاڙيءَ واري صورت به.
(3) قاعدي موجب زمان مستقبل ۾ فعل جي صورت هن طرح آهي/هئڻ گهرجي:
س
* حقيقت اها آهي ته ضمير غائب جي هر صورت
سان، واريسر، جيڪا به ضميري پڇاڙي ملي ٿي، ان جو آواز فعل جي صورت (صيغي) ۾ ئي
حذب/حذف ٿي وڃي ٿو.
1- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب، هيڪل/نر:
* لکندو، پڙهندو، گهمندو، سمهندو، ڏسندو، ويهندو، بيهندو...
2- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب،
هيڪل/نار:
* لکندي، پڙهندي، گهمندي، سمهندي، ڏسندي، ويهندي، بيهندي...
3- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب،
گهڻ/نر:
* لکندا، پڙهندا، گهمندا، سمهندا، ڏسندا، ويهندا، بيهندا...
4- ضمير متڪلم، حاضر يا غائب،
گهڻ/نار:
* لکنديون، پڙهنديون، گهمنديون، سمهنديون، ڏسنديون، ويهنديون، بيهنديون...
(4) ’مستقبل‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ
’آئندو‘ آهي، جنهن کي ’آئيندو‘ به چوندا ۽ لکندا آهيون. آئندو/آئيندو شايد ’آءِ
(آهه)+اِند/اِندو/ايندو‘ جو ميلاپ آهي. ’آهه‘ ’هجڻ‘ موجود هجڻ ۽ (زمان) حال جي
نشاندهي ڪري ٿي ۽ ’-اِند‘ يا ’اِندو‘ ’ايندڙ‘ جي ڄاڻ ڏي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو
ته ايندڙ وقت جو اَکري نشان ’-اِند‘ يا ’- اِندو‘ آهي، جيڪو فعل جي امر سان ملي،
فعل جي آئندي (مستقبل) واري شڪل ٺاهي ٿو: ان جي پرک هيٺينءَ طرح ڪري سگهجي ٿي:
(ڏسو-5)
(5) فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو
واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول سان نه، ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي (ڦيرو
کائي) ٿو: (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو
وجهي.)
1. فاعل هيڪل ۽ نر آهي ته:
ضمير متڪلم * مان خطُ/چٺي لکندو. *
مان خطَ/چٺيون لکندو.
ضمير حاضر * تون خطُ/چٺي لکندو. *
تون خطَ/چٺيون لکندو.
ضمير غائب * هي/هو
خطُ/چٺي لکندو. * هي/هو خطَ/چٺيون لکندو.
+ فاعل هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر
(لک) سان ’-اندو‘ ڳنڍجي ٿو: لکندو، پڙهندو، ڏسندو.
2. فاعل گهڻ ۽ نر آهي ته:
ضمير متڪلم * اسان خطُ/چٺي لکندا. *
اسان خطَ/چٺيون لکندا.
ضمير حاضر * توهان خطُ/چٺي لکندا. *
توهان خطَ/چٺيون لکندا.
ضمير غائب * هي/هو
خطُ/چٺي لکندا. * هي/هو خطَ/چٺيون
لکندا.
+ فاعل گهڻ نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر
(لک) سان ’-اندا‘ ڳنڍجي ٿو: لکندا، پڙهندا، ڏسندا.
3. فاعل هيڪل ۽ نار آهي ته:
ضمير متڪلم * مان خطُ/چٺي لکندي. * مان خطَ/چٺيون لکندي.
ضمير حاضر * تون خطُ/چٺي
لکندي. * تون خطَ/چٺيون لکندي.
ضمير غائب * هيءَ/هوءَ خطُ/چٺي
لکندي. * هيءَ/هوءَ خطَ/چٺيون لکندي.
+ فاعل هيڪل، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي
امر (لک) سان ’-اندي‘ ڳنڍجي ٿو: لکندي، پڙهندي، ڏسندي.
4. فاعل گهڻ ۽ نار آهي ته:
ضمير متڪلم * اسان خطُ/چٺي لکنديون. * اسان خطَ/چٺيون لکنديون.
ضمير حاضر * توهان خطُ/چٺي لکنديون. *
توهان خطَ/چٺيون لکنديون.
ضمير غائب * هي/هو خطُ/چٺي
لکنديون. * هي/هو خطَ/چٺيون لکنديون.
+ فاعل گهڻ، نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’- انديون‘ ڳنڍجي ٿو:
لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.
ڇا، مٿي ڏنل سڄي ڳالهه ٻول ۽ ان ڪري فعلي
بناوت، تبديليءَ ۽ ڦيري ۾ هڪ باقاعدگي ۽ اصولي شڪل نظر نه ٿي اچي. پوءِ مروج فعلي
ڦيري (زمان مستقبل) ۾ ’لکندس‘، ’لکنديَس‘ وغيره ڪٿان آڻي ٽُنبيو ۽ ٻوليءَ ۽
وياڪرڻي قاعدي کي بگاڙيو ويو آهي؟
هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ جو فعل سڏجي
ٿو. هن جو زمان به ’مستقبل‘ ئي آهي.
1- هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:
ش
هيڪل/نَر
|
هيڪل/نار
|
||
ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب
|
1. مان (سچار)
هوندُس.
3. تون (سچار)
هوندين.
5. هي/هو سچار هوندو.
|
2. مان (سچار) هوندَسِ (هونديسِ).
4.تون (سچار) هوندينءَ.
6. هيءَ/هوءَ (سچار) هوندي.
|
|
گهڻ/نَر
|
گهڻ/نار
|
||
ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب
|
7. اسان (سچار) هونداسي.
9. توهان (سچار) هوندؤ.
11. هي (سچار) هوندا.
|
8. اسان (سچار) هونديونسي.
10. توهان (سچار) هونديون.
12. هي/هو (سچار) هونديون.
|
|
مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽
هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11، 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. اهي ۽
ضمير حاضر، گهڻ نار (10) سان گڏ ڏنل فعل جي صورت اها ئي بيهندي، باقي سمورن ضميرن
سان فعل جي جيڪا صورت ڳنڍي وئي آهي، ان سان
ڪا نه ڪا ضميري پڇاڙي به ڳنڍيل آهي ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي.
ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار سان ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ (اِيَس) ڳنڍيل آهي،
جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ’-اُس‘
۽ نار جي حالت ۾ ’-اَس‘ (اِيَس) ڪم اينديون آهن، ۽ ان جي لاءِ ڪو به علمي سبب يا
دليل موجود ناهي. باقي ضمير متڪلم حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن،
اهي پاڻ جنهن فاعل جي نشاندهي ڪن ٿيون، اهو ضمير حاضر ئي آهي.
زمان مستقبل ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:
1- فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) *
هوندو.
2- فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) *
هوندي.
3- فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ (ضمير ڪهڙو به هجي) *
هوندا.
4- فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ (ضمير ڪهڙو به
هجي) * هونديون.
ان ڪري، زمان مستقبل ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جو ڦيرو هيئن هئڻ گهرجي:
* مان هوندو * مان هوندي * اسان هوندا * اسان هونديون
* تون هوندو * تون هوندي * توهان هوندا * توهان هونديون
* هي هوندو * هيءَ هوندي * اهي
هوندا * اهي هونديون
’ضميري پڇاڙي‘ ڳنڍجڻ کان پوءِ اهو ڦيرو هيئن ٿيندو:
* هوندُم * هوندَم * هونداسي * هونديونسي
* هوندين * هوندينءَ * هوندؤ *
هونديون (؟)[1]
* هوندو (؟) * هوندي (؟) * هوندا
(؟) * هونديون (؟)
۽
’ڪَرڻ‘ واري فعل جو ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:
* مان لکندو * مان لکندي * اسان لکندا * اسان لکنديون
* تون لکندو * تون لکندي * توهان لکندا * توهان لکنديون
* هي لکندو * هيءَ لکندي * اهي
لکندا * اهي لکنديون
ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ هي ڦيرو هن طرح هجڻ گهرجي:
* لکندُم (مان لکندو). * لکندَم (مان
لکندي).
* لکنداسي (اسان لکندا). * لکنديونسي
(اسان لکنديون).
* لکندين (تون لکندو). * لکندينءَ
(تون لکندي).
* لکندؤ (توهان لکندا). * لکنديون
(توهان لکنديون) (؟)
* لکندو (هو لکندو) (؟) * لکندي (هوءَ
لکندي) (؟)
* لکندا (اهي لکندا). * لکنديون (اهي لکنديون) (؟)
هاڻي اچو ته زمان مستقبل مطلق کي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان پڙهون: (هيٺ ڏنل
ڦيري ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، ان سان
فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل آهي.)
ض
ضميري پڇاڙي-1: ضمير متڪلم، هيڪل، نر ــــــــ فاعل
’مان/آنءُ‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ڪم اچي ٿي.
* چٺو/چٺا لکندُم (مان
چٺو/چٺا لکندو).
* چٺي/چٺيون لکندُم (مان
چٺي/چٺيون لکندو).
- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي
(لکندو، پڙهندو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُم‘ ملائجي ٿو: لکندُم،
پڙهندُم، ڏسندُم.
ضميري پڇاڙِي-2: ضمير متڪلم، هيڪل، نار ــــــــ
فاعل ’مان/آنءُ‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکندَم (مان چٺو/چٺا
لکندي).
* چٺي/چٺيون لکندَم (مان
چٺي/چٺيون لکندي).
- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي
(لکندي، پڙهندي) جو آخري ’-اِي ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُم‘ رکجي ٿو: لکندَم،
پڙهندَم، ڏسندَم.
ضميري پڇاڙي-3: ضمير متڪلم، گهڻ، نر ـــــــــ فاعل
’اسان/اسين‘ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ’- اُسي/- اسون/- اسين‘ ئي ڪم اچي ٿي.
(هتي رڳو هڪ نشاني ڪم آڻجي ٿي):
* چٺو/چٺا لکنداسي (اسان
چٺو/چٺا لکندا).
* چٺي/چٺيون لکنداسي (اسان
چٺي/چٺيون لکندا).
- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي
(لکندا، پڙهندا) سان ’-اسي‘ ملائي رکجي ٿو: لکنداسي/لکنداسين/لکنداسون،
پڙهنداسي/پڙهنداسين/ پڙهنداسون.
ضميري پڇاڙي-4: ضمير متڪلم، گهڻ، نار ـــــــــ فاعل
’اسان/اسين‘ جي بدران ضميري پڇاڙيءَ طور ’-اَسي/-اَسون/-اسين‘ ئي ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکنديونسي (اسان
چٺو/چٺا لکنديون).
* چٺي/چٺيون لکنديونسي (اسان چٺي/چٺيون
لکنديون).
- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي
(لکنديون، پڙهنديون) سان ’-اسي‘ ملائي رکجي ٿو: لکنديونسي/لکنديونسين،
پڙهنديونسي/پڙهنديونسين.
ضميري پڇاڙي-5: ضمير حاضر، هيڪل، نر ـــــــــ فاعل
’تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اين‘ ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکندين (تون
چٺو/چٺا لکندو).
* چٺي/چٺيون لکندين (تون
چٺي/چٺيون لکندو).
- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نر واري صيغي
(لکندو، پڙهندو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اين‘ رکجي ٿو: لکندين،
پڙهندين، ڏسندين.
ضميري پڇاڙي-6: ضمير حاضر، هيڪل، نار ــــــــ فاعل
’تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اينءَ‘ ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکندينءَ (تون
چٺو/چٺا لکندي).
* چٺي/چٺيون لکندينءَ (تون
چٺي/چٺيون لکندي).
- فعل جي مستقبل هيڪل ۽ نار واري صيغي
(لکندي، پڙهندي) جو آخري ’-اِي ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اينءَ‘ رکجي ٿو:
لکندينءَ، پڙهندينءَ، ڏسندينءَ.
ضميري
پڇاڙي-7: ضمير حاضر، گهڻ، نر ــــــــ فاعل ’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري
پڇاڙي ’-اَو‘ ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکندؤ (توهان
چٺو/چٺا لکندا).
* چٺي/چٺيون لکندؤ (توهان
چٺي/چٺيون لکندا).
- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نر واري صيغي (لکندا، پڙهندا) سان ’-اَو‘ ملائجي ٿو:
لکندؤ، پڙهندؤ، ڏسندؤ.
ضميري پڇاڙي-8: ضمير حاضر، گهڻ، نار ــــــــ فاعل
’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اِيون‘ ڪم اچي ٿي:
* چٺو/چٺا لکنديون (توهان
چٺو/چٺا لکنديون).
* چٺي/چٺيون لکنديون (توهان
چٺي/چٺيون لکنديون).
- فعل جي مستقبل گهڻ ۽ نار واري صيغي
(لکنديون، پڙهنديون) سان ’-اِيون‘ ملائجي ٿو يا ايئن چئجي ته ’يِيون‘ ڪيرائي
’اِيون‘ ملائجي ٿو: لکنديون، پڙهنديون، ڏسنديون.
ضميري پڇاڙي-9: ضمير غائب، هيڪل، نر ــــــــ فاعل
’هي/هو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون:
(1) زمان مستقبل ۾ هن صورت لاءِ ڪا به
ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي گڻن کان پري آهي.
(2) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم ايندڙ آواز
اهڙو ڪو آهي جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب ٿي وڃي ٿو جو فعلي صيغي جي
صورت ساڳي ئي بيهي ٿي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو). مون کي اها
ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر ان کي ڪو سَنڌِيءَ جو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان
حال جي ’هئڻ‘ ۽ ’ڪرڻ‘ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان ڄاتو هو ته ’هي/هو/هيءَ/هوءَ‘ جي
بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ’- اي‘ آهي. ڀاسي ايئن ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي
ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي وئي آهي (يا ايئن به ٿي سگهي ٿو ته زمان حال ۽ ضمير غائب گهڻ
لاءِ ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-او‘ ڪنهن سبب يا غلطيءَ جي ڪري هتي ڪم آندي وئي هجي ۽
هتي اها ئي ملي، سولائيءَ سان جذب ٿي سگهي ٿي.)
(3) ضميري
پڇاڙي ’-اُس‘ آهي ـــــــــ لکندُس، پڙهندُس ـــــــــ پر اها صورت حقيقت ۾ ٻٽيءَ
ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي: ’لکندس‘ معنى ’هُو هن کي لکندو‘، ’پڙهندس‘
معنى ’هُو هن کي پڙهندو‘، ’ڏسندس‘ معنى ’هُو هن کي ڏسندو‘، ’ويهندس‘ معنى ’هُو هن
وٽ ويهندو‘. تنهنڪري ضمير غائب، هيڪل، نر لاءِ اها ئي ڳالهه درست بيهي ٿي، جيڪا 2-
هيٺ ڪيل آهي ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ’-اُس‘ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته ’هن‘، ’هن وٽ‘ ۽ ’هن
کي‘ مطلب ظاهر ڪري ٿي.
ضميري پڇاڙي-10: ضمير
غائب، هيڪل، نار ـــــــــ فاعل ’هيءَ/هوءَ‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاريءَ جي
سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي-9 هيٺ ڪيل آهن،
سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’- اَس‘ هجي.
ضميري پڇاڙي-11: ضمير
غائب، گهڻ، نر ــــــــ فاعل ’هي/هُو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾
به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ضميري پڇاڙي-9 ۽ ضميري پڇاڙي-10 هيٺ
ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’- اَن‘ هجي.
ضميري پڇاڙي-12: ضمير
غائب، گهڻ، نار ــــــــ فاعل ’هي/هُو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي
۾ به ساڳيون ضميري پڇاڙي-11 واريون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.
ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏي ٿي ته:
1- ”مان لکندُس“ جي حقيقي معنى ”مان هي
هن ڏانهن لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندُم“ يا ”مان/آءٌ لکندو“ ٿيندو.
2- ”مان/آءٌ لکندَس“ جي حقيقي معنى ”مان
هي هن ڏانهن لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندَم“ يا ”مان/آءٌ لکندي“ ٿيندو.
3- ”مان لکنديَس“ جي حقيقي معنى به اها
ساڳي ئي 2- نمبر واري آهي ۽ صحيح صورت به اها.
4- ”اسان/اسين
لکنداسي/لکنداسون/لکنداسين“ جي حقيقي معنى ”اسان اسان لکندا“ آهي. صحيح جملو
”لکنداسي/لکنداسون/ لکنداسين“ يا ”اسان لکندا“ (اسين لکندا) ٿيندو.
5- ”اسان لکنديونسين“ جي حقيقي معنى
”اسان اسان لکنديون“ آهي. صحيح جملو ”لکنديُونسين/لکنديونسي/لکنديونسون“ يا ”اسان
لکنديون“ ٿيندو.
6- ”تون لکندين“ جي حقيقي معنى ”تون تون
لکندو“ آهي. صحيح جملو ”لکندين“ يا ”تون لکندو“ ٿيندو.
7- ”تون لکندينءَ“ جي حقيقي معنى ”تون
تون لکندي“ آهي. صحيح جملو ”لکندينءَ“ يا ”تون لکندي“ ٿيندو.
8- ”توهان لکندؤ“ جي حقيقي معنى ”توهان
توهان لکندا“ آهي. صحيح جملو ”لکندؤ“ يا ”توهان لکندا“ ٿيندو.
باقي ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾ اميد آهي ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سَنڌيءَ
جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.
هيٺ ڏنل ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا پختگيءَ سان ظاهر
ڪن ٿا.
زمان مستقبل ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان ٻه ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون
۽ عام جام اچن ٿيون، انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو:
ط
هيڪل/نر هيڪل/نار
* لکندومانءِ = لک+اندو+مان+ءِ=مان تو ڏانهن لکندو لکنديمانءِ
* لکندومانوَ = لک+اندو+مان+وَ=مان توهان ڏانهن لکندو
لکنديمانوَ
* لکندومانسِ = لک+اندو+مان+اس= مان هن
ڏانهن لکندو لکنديمانسِ
* لکندومانِ = لک+اندو+مان+انِ = مان هنن ڏانهن لکندو لکنديمانِ
* لکنديم = لک+اند+اين+ام=تون مون ڏانهن لکندو لکندينئَمِ
* ؟ = (تون اسان ڏانهن لکندو) ؟
* لکندينسِ =لک+اند+اين+اس=تون هن ڏانهن
لکندو لکندينئَسِ
* لکنديننِ=لک+اند+اين+ان = تون هنن ڏانهن لکندو لکندينئَنِ
* لکندومِ=لک+اند+او+ام = هو مون ڏانهن لکندو لکندينئمِ
* ؟ = (هو اسان ڏانهن لکندو) ؟
* لکندُءِ = لک+اند+او+ءِ = هو تو ڏانهن لکندو
لکندَءِ
* لکندُوَ = لک+اند+او+وَ = هو توهان ڏانهن لکندو
لکندَوَ
* لکندُسِ = لک+اند+او+اس = هو هن ڏانهن لکندو
لکندَسِ
* لکندُنِ =
لک+اند+او+انِ = هو هنن ڏانهن لکندو لکندَنِ
گهڻ/نر گهڻ/نار
* لکنداسونءِ = لک+اندا+اسون+ءِ= اسان تو ڏانهن لکندا لکنديُونسونءِ
* لکنداسونوَ = لک+اندا+اسون+وَ= اسان توهان ڏانهن لکندا لکنديونسيوَ
* لکنداسونسِ=لک+اندا+اسون+اسِ=اسان هن ڏانهن
لکندا لکنديوسونسِ
* لکنداسُونِ=لک+اندا+اسون+ان =اسان هنن ڏانهن لکندا
لکنديوسُونِ
* لکندؤم = لک+اندا+اَو+ام=توهان مون ڏانهن لکندا لکنديئوم
* ؟ = (توهان
اسان ڏانهن لکندا) ؟
* لکندؤس = لک+اندا+اَو+اس= توهان هن
ڏانهن لکندا لکنديوئوس
* لکندؤنِ =
لک+اندا+اَو+انِ = توهان هنن ڏانهن لکندا لکنديوئون
* لکندام = لک+اندا+اَو+ام =اهي مون ڏانهن لکندا
لکنديونئم(؟)
* ؟ = (اهي اسان ڏانهن لکندا)
؟
* لکندءِ =
لک+اندا+اَءِ = اهي تو ڏانهن لکندا لکنديونءِ
* لکندوَ =
لک+اندا+آ+وَ = اهي توهان ڏانهن لکندا
لکنديونئوَ
* لکندس = لک+اندا+آ+اس =اهي هن ڏانهن لکندا لکندَس
(لکنديونئس)
* لکندنِ =
لک+اندا+آ+ان =اهي هنن ڏانهن لکندا لکندنِ
(لکنديُونئن)
ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل
جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:
1- ڪجهه لفظن جي اچار ۾ شد جهڙي ڪيفيت
نظر اچي ٿي.
2- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سَنڌيءَ جي اصولن
موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.
3- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ
ٿا وڃن.
4-
چٽيءَ طرح پڌرو ٿي اچي ٿو ته ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ’هِن/هُن/هي/هو‘ جي بدران ۽ ’-اَن‘
ضميري پڇاڙي ’هِنن/هُنن‘ جـي بـدران، ’-ام‘ ضـمـيـري پـڇـاڙي ’مـان/مون/آنءُ‘ جي
بدران ۽ ’-اسي/-اسين/-اسون‘
ضميري پڇاڙي ’اسان/اسين‘ جي بدران ڪم اچي ٿي.
هاڻي اچو ته ٻين ڪجهه زمانن تي سندن ڦيري
۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان مختصر نظر وجهون:
(1) زمان حال مدامي
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت
* آءٌ لکندو آهيان. * لکندو آهيان.
* آءٌ لکندي آهيان. *
لکندي آهيان.
* اسين لکندا آهيون. * لکندا آهيون.
* اسين لکنديون آهيون. * لکنديون آهيون.
* تون لکندو آهين. * لکندو آهين.
* توهان لکندا آهيو. * لکندا آهيو.
* تون لکندي آهين. * لکندي آهين.
* توهان لکنديون آهيو. * لکنديون آهيو.
* هي لکندو آهي. * لکندو آهي.
* هيءَ لکندي آهي. * لکندي آهي.
* اهي لکندا آهن. * لکندا آهن.
* اهي لکنديون آهن. * لکنديون آهن.
(2) زمان حال متشڪي
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح
صورت ضميري پڇاڙيءَ سميت
* آءٌ لکندو هوندس. *
آءٌ لکندو هوندو. * لکندو هوندُم.
* آءٌ لکندي هونديس. *
آءٌ لکندي هوندي. * لکندو هوندَم.
* اسين لکندا هونداسين. *
اسين لکندا هوندا. * لکندا هونداسين.
* اسين لکنديون هونديونسين. * اسين
لکنديون هونديون. * لکنديون هونديونسين.
* تون لکندو هوندين. *
تون لکندو هوندو. * لکندو هوندين.
* تون لکندي هوندينءَ. *
تون لکندي هوندي. * لکندي هوندينءَ.
* توهان لکندا هوندا. *
توهان لکندا هوندا. * لکندا هوندؤ.
* توهين لکنديون هونديون. *
توهين لکنديون هونديون. * لکنديون هوندؤ.
* هي لکندو هوندو. *
هي لکندو هوندو. * لکندو هوندو.
* هيءَ لکندي هوندي. *
هيءَ لکندي هوندي. * لکندي
هوندي.
* اهي لکندا هوندا. *
اهي لکندا هوندا. * لکندا هوندا.
* اهي لکنديون هونديون. * اهي لکنديون هونديون. *
لکنديون هونديون.
(3) زمان حال استمراري
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت، ضميري پڇاڙيءَ سميت
* آءٌ لکان پيو. * لکان پيو.
* آءٌ لکان پئي. * لکان پئي.
* اسين لکون پيا. * لکون پيا.
* اسين لکون پيون. * لکون پيون.
* تون لکين پيو. * لکين پيو.
* تون لکين پئي. * لکين پئي.
* توهان لکو پيا. * لکو پيا.
* توهان لکو پيون. * لکو پيون.
* هي لکي پيو. * لکي پيو.
* هيءَ لکي پئي. * لکي پئي.
* هي لکن پيا. * لکن پيا.
* هي لکن پيون. *
لکن پيون.
(4) زمان مستقبل استمراري
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت
ضميري پڇاڙيءَ سميت
* مان لکندس پيو. * مان لکندو پيو. * لکندُم پيو.
* مان لکنديس پئي. * مان لکندي پئي. * لکندَم پئي.
* اسان لکنداسون پيا. * اسان لکندا پيا. * لکنداسي پيا.
* اسان لکنديونسين پيون. * اسان لکنديون پيون. *
لکنديونسين پيون.
* تون لکندين پيو. * تون لکندو پيو. *
لکندين پيو.
* تون لکندينءَ پئي. * تون لکندي پئي. *
لکندينءَ پئي.
* توهان لکندا پيا. * توهان لکندا پيا. *
لکندؤ پيا.
* توهان لکنديون پيون. *
توهان لکنديون پيون. * لکندؤ پيون.
* هي لکندو پيو. * هي
لکندو پيو. * لکندو پيو.
* هيءَ لکندي پئي. * هيءَ لکندي پئي. * لکندي پئي.
* هي لکندا پيا. * هي لکندا پيا. * لکندا پيا.
* هي لکنديون پيون. *
هي لکنديون پيون. * لکنديون پيون.
(5) زمان ماضي استمراري
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت
ضميري
پڇاڙيءَ سميت
* مون لکيو ٿي (نر)
|
جيئن ته فعل سڌو سنئون مفعول سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري
فاعل ضمير ڪهڙو به، صحيح ڦيرو هيئن ٿيندو:
|
فاعل ضمير متڪلم، هيڪل
|
* مون لکيو ٿي (نار)
|
(چٺو) لکيم پئي.
|
|
* اسان لکيو ٿي (نر)
|
(چٺا) لکيم پئي.
|
|
* اسان لکيو ٿي (نار)
|
(چٺي) لکيم پئي.
|
|
* تو لکيو ٿي (نر)
|
... (چٺو) لکيو پئي.
|
(چٺيون) لکيم پئي.
|
* تو لکيو ٿي (نار)
|
... (چٺا) لکيا پئي.
|
* فاعل ضمير متڪلم، گهڻ
|
* توهان لکيو ٿي (نر)
|
... (چٺي) لکي پئي.
|
(چٺو) لکيوسون پئي.
|
* توهان لکيو ٿي (نار)
|
...(چٺيون) لکيون پئي.
|
(چٺا) لکيوسون پئي.
|
* هن لکيو ٿي (نر)
* هن لکيو ٿي (نار)
* هنن لکيو ٿي (نر)
* هنن لکيو ٿي (نار)
|
(...) جي جاءِ تي ڪهڙو به ضمير رکبو، ڦيري جي صورت اها ئي
بيهندي.
|
(چٺي) لکيوسون پئي.
(چٺيون) لکيوسون پئي.
فاعل ضمير حاضر، هيڪل
(چٺو) لکيُئه پئي.
(چٺا) لکيَئه پئي.
(چٺي) لکيئه پئي.
(چٺيون) لکيئه پئي.
فاعل ضمير حاضر، گهڻ
(چٺو) لکيُوَ پئي.
(چٺا) لکيَوَ پئي.
(چٺي) لکيَوَ پئي.
(چٺيون) لکيَوَ پئي.
* فاعل ضمير غائب، هيڪل
(چٺو) لکيائين پئي.
(چٺا) لکيائين پئي.
(چٺي) لکيائين پئي.
(چٺيون) لکيائين پئي.
* فاعل ضمير غائب، هيڪل
(چٺو) لکيائون پئي.
(چٺا) لکيائون پئي.
(چٺي) لکيائون پئي.
(چٺيون) لکيائون پئي.
|
(مٿي ڏنل ڦيرو رڳو هڪ هڪ حالت ۾ صحيح آهي يعني تڏهن جڏهن
مفعول نر ۽ هيڪل هجي.)
|
||
(*) (هتي فعل جو اهو صيغو آندل آهي، جنهن جو سڌو واسطو
فاعل سان آهي، نه ڪي مفعول سان.)
|
(6) زمان ماضي قريب
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت
ضميري پڇاڙيءَ سميت
* مون لکيو آهي (نر)
|
+ فاعل ضمير ڪهڙو به هجي، جيئن ته فعل جون صورتون مفعول
سان لاڳاپيل آهن، ان ڪري صحيح ڦيرو هيئن ٿيندو:
|
فاعل ضمير متڪلم، هيڪل
|
|
* مون لکيو آهي (نار)
* اسان لکيو آهي (نر)
* اسان لکيو آهي (نار)
* تو لکيو آهي (نر)
* تو لکيو آهي (نار)
* توهان لکيو آهي (نر)
* توهان لکيو آهي (نار)
* هن لکيو آهي (نر)
* هن لکيو آهي (نار)
* هنن لکيو آهي (نر)
* هنن لکيو آهي (نار)
(ڦيرو پڙهائڻ جو
مٿي ڏنل طريقو رڳو
هڪ حالت ۾ صحيح
آهي يعني تڏهن
جڏهن مفعول نر ۽
هيڪل هجي.)
|
(چٺو) لکيو اٿم.
|
||
(چٺا) لکيا اٿم.
(چٺي) لکي اٿم.
(چٺيون) لکيون اٿم.
فاعل ضمير متڪلم، گهڻ
(چٺو) لکيو اٿئون.
(چٺا) لکيا اٿئون.
(چٺي) لکي اٿئون.
(چٺيون) لکيون اٿئون.
فاعل ضمير حاضر، هيڪل
(چٺو) لکيو اٿئه.
(چٺا) لکيا اٿئه.
(چٺي) لکي اٿئه.
(چٺيون) لکيون اٿئه.
فاعل ضمير حاضر، گهڻ
(چٺو) لکيو اٿوَ.
(چٺا) لکيا اٿوَ.
(چٺي) لکي اٿوَ.
(چٺيون) لکيون اٿوَ.
* فاعل ضمير غائب، هيڪل
(چٺو) لکيو اٿائين.•
(چٺا) لکيا اٿائين.
(چٺي) لکي اٿائين.
(چٺيون) لکيون اٿائين.
•’اَٿئِن‘ به
اچاريو ويندو آهي.
* فاعل ضمير غائب، گهڻ
(چٺو) لکيو اٿن/اٿائون.••
(چٺا) لکيا اٿن/اٿائون.
(چٺي) لکي اٿن/اٿائون.
(چٺيون) لکيون اٿن/اٿائون.
••’اَٿئين‘ به اچاريو ويندو آهي.
|
|||
... (چٺو) لکيو آهي.
... (چٺا) لکيا آهن.
... (چٺي) لکي آهي.
...(چٺيون) لکيون آهن.
نوٽ: (...) جي جاءِ تي ڪهڙو به ضمير رکبو، ڦيري جي صورت
اها ئي بيهندي.
|
|||
(7) زمان ماضي بعيد
ڦيرو، جيئن پڙهايو وڃي ٿو صحيح صورت
ضميري پڇاڙيءَ سميت
* مون لکيو هو (نر)
* مون لکيو هو (نار)
* اسان لکيو هو (نر)
* اسان لکيو هو (نار)
* تو لکيو هو (نر)
* تو لکيو هو (نار)
* توهان لکيو هو (نر)
* توهان لکيو هو (نار)
* هن لکيو هو (نر)
* هن لکيو هو (نار)
* هنن لکيو هو (نر)
* هنن لکيو هو (نار)
(نوٽ: مٿي ڏنل ڦيرو رڳو هڪ حالت ۾ صحيح آهي يعني تڏهن
جڏهن مفعول نر ۽ هيڪل هجي.)
|
+ جيئن ته فعل سڌو
سنئون مفعول سان
لاڳاپيل آهن، ان ڪري
فاعل ضمير ڪهڙو به
هجي، صحيح ڦيرو
هيئن ٿيندو:
... (چٺو) لکيو هو.
(...) جي جاءِ تي ڪهڙو به ضمير رکبو، ڦيري جي صورت اها ئي
بيهندي.
... (چٺا) لکيا هئا.
... (چٺي) لکي هئي.
... (چٺيون) لکيون هيون.
|
فاعل ضمير متڪلم، هيڪل
(چٺو) لکيو هُئُم/هُيُم.
(چٺا) لکيا هُئُم/هُيم.
(چٺي) لکي هُئَم/هُيَم.
(چٺيون) لکيون هُئَم/هُيَم.
فاعل ضمير متڪلم، گهڻ
(چٺو) لکيو هئوسون/هُيوسون.
(چٺا) لکيا هئاسون.
(چٺي) لکي هئيسون.
(چٺيون) لکيون هيونسون.
فاعل ضمير حاضر، هيڪل
|
(چٺو) لکيو هُيُئِه.
(چٺا) لکيا هُيَئِه.
(چٺي) لکي هُيَئِه.
(چٺيون) لکيون هُيَئِه.
فاعل ضمير حاضر، گهڻ
(چٺو) لکيو هُيُوَ.
(چٺا) لکيا هُيَوَ.
(چٺي) لکي هُيَوَ.
(چٺيون) لکيون هُيَوَ.
فاعل ضمير غائب، هيڪل
(چٺو) لکيو هئائين.•
(چٺا) لکيا هئائين.
(چٺي) لکي هئائين.
(چٺيون) لکيون هئائين.
•’هُئئن‘ به
اچاربو آهي.
فاعل ضمير غائب، گهڻ
(چٺو) لکيو هُيَن/هئائون.••
(چٺا) لکيا هُيَن /هئائون.
(چٺي) لکي هُيَن /هئائون.
(چٺيون) لکيون هُيَن /هئائون.
••’هُئَئن‘ به اچاربو آهي.
|
قاعدن ۽ قانونن جي ڳولا
آواز
ضميري پڇاڙيءَ يا ضميري پڇاڙين جي حوالي سان هن وقت تائين جيڪي به لفظ بحث هيٺ
اچي چڪا آهن، انهن مان هيٺ ڏنل آواز ئي آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ضمير جي نمائندگي
ڪن ٿا:
ض
1- ضمير متڪلم، هيڪل (نر ۽ نار)
ـــــــــ فاعل ’مان/مون/آءٌ/ آئون/آنءُ‘: ’-آن‘، ’-اُم‘، ’-اِم‘، ’-مان‘.
2- ضـمـيـر مـتـڪـلم، گهڻ (نر ۽ نار)
ـــــــــ فاعل ’اسان/اسين‘: ’-اُون‘، ’-اَون‘، ’-اسي‘، ’-اسون‘، ’-اسين‘.
3- ضمير حاضر، هيڪل (نر ۽ نار) ـــــــــ
فاعل ’تون/تو‘: ’-اين‘، ’-اُئه‘، ’-اَئه‘، ’-اِئه‘ (’-اينءَ‘، نار لاءِ هڪ هنڌ).
4- ضمير حاضر، گهڻ (نر ۽ نار) ــــــــــ
فاعل ’توهان/توهين/ اوهان/اوهين‘: ’-او‘، ’-اَو‘، ’-اَوَ‘.
5- ضمير غائب، هيڪل (نر ۽ نار)
ــــــــــ فاعل ’هي/هيءَ/هو/هوءَ/هِن/هُن/اِن/ اُن‘: ’-اي‘، ’-او‘، ’-اُس‘،
’-اَس‘، ’-ائين‘ (’-اي‘ نار لاءِ ڪجهه هنڌن تي).
6- ضمير غائب، گهڻ (نر ۽ نار) ـــــــــ
فاعل ’هي/هو/اِهي/اُهي/ اِنهن/اُنهن/ هِنن/هُنن‘: ’-اِن‘، ’-اُن‘، ’-ان‘،
’-اَئون‘.
ڪجهه ٻيا آواز، جيڪي فعل جي امري صورت کي هڪ مخصوص معنى ڏين ٿا:
1-
هيڪل، نر لاءِ آواز: ’-او‘ يا ’-ا
+ او‘ يا ’-او + او‘.
2-
هيڪل، نار لاءِ آواز: ’-اِي‘ يا
’-اِ + اِي‘ يا ’-اِي + اِي‘.
3-
گهڻ، نر لاءِ آواز: ’-آ‘ يا ’-ا +
اَ‘ يا ’-آ + آ‘.
4-
گهڻ، نار لاءِ آواز: ’-اِيون‘ يا
’-اِ+اِيون‘ يا ’-اِي+اِيون‘ يا ’-اِيون+اِيون‘.
5-
نر لاءِ آواز: ’-اَ‘ يا ’-او‘.
6-
نار لاءِ آواز: ’-اِ‘ يا ’-اِي‘.
7-
هيڪل، نار کي گهڻ بنائڻ لاءِ
آواز: ’-اِيون‘ يا ’(-اِي)+ -اُون‘.
8-
هيڪل، نر کي گهڻ بنائڻ لاءِ آواز:
’-اُون‘، ’-آ‘.
9-
(ڪـنـهـن به جـنس کي) گهڻ بنائڻ لاءِ آواز: ’-اَن‘، ’-اِن‘،
’-اُن‘، ’-اَئون‘. ]’-اَئون‘ ٿي سگهي ٿو ته ’۽‘ جو ڌاتو
هجي. ’-ا‘ (نر)+’-اون‘ (گهڻ)[
10-
زمان حال لاءِ آواز: ’ٿ‘
زمان ماضيءَ لاءِ آواز: ’ي‘
زمان مستقبل لاءِ آواز: ’د‘ يا ’اَند‘
11-
’اسان‘ ممڪن آهي ته ’اس+آن‘ جو
ميلاپ هجي. ’-اس‘ اسان ڏٺو آهي ته ’هــي/هِــي‘ (ضـمـيـر غائب) جي بدران ڪم ايندڙ
آواز آهي ۽ ’-آن‘ برابر آهي ’مان‘ جي. ’هي/هِي+مان‘ يعني ’اسان‘. اهو به ممڪن آهي
ته ’اسان‘ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ نر توڙي نار ٻئي جنسون شامل هجن.
12-
’اسون‘ عام ڳالهائڻ ۾ موجود ناهي،
پر ضميري پڇاڙيءَ جي حـيثيت ۾ ڏاڍي گهڻي واهپي ۾ آهي. ’اسون‘ ممڪن آهي ته ’-اَس‘ ۽
’اون‘ جو ميلاپ هجي. ’اس‘ برابر آهي ’هي‘ (نر) جي ۽ ’-اُون‘ نشاني نر کي گهڻ ڪرڻ
جي. اهو به ممڪن آهي ته ’اسون‘ مخصوص هجي ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو نر موجود
هجن.
13-
’اسين‘ ممڪن آهي ته ’اس+اِين‘ جو ميلاپ هجي. ’اس‘ برابر آهي ’هي‘
(نار) جي ۽ ’-اِين‘ نشاني نار کي گهڻ ڪرڻ جي. اهو به ممڪن آهي ته ’اسين‘ مخصوص هجي
ان متڪلم ميڙ لاءِ، جنهن ۾ رڳو ناريون موجود هجن.
14-
’اَسي‘ ٿي سگهي ٿو ته رڳو ان ضميري پڇاڙيءَ لاءِ مقرر ڪيل آواز
هجي، جتي نر ۽ نار ٻئي هجن. ’-اَس‘ (هي)+ ’-اِي‘ (هي) يعني ’هي هي هي‘. ٻٽِي پڇاڙيءَ
وارن سڀني زمانن جي ڦيري ۾ اسان ڏٺو ته ’اسان ڏانهن‘ لکڻ بابت کوٽ نظر آئي. خبر
ناهي ته اها ضميري پڇاڙي ڪهڙي آهي ۽ ڇو عام واهپي ۾ ناهي.
15-
’مان‘ ۽ ’آن‘ بابت ’اسان‘، ’اسين‘ ۽ ’اسون‘ واري خصوصيت کي بنياد
بنائي، چئي سگهجي ٿو ته، ممڪن آهي ته، ڪنهن زماني ۾ ’مان‘ متڪلم نر لاءِ ۽ ’آن‘
متڪلم نار لاءِ مخصوص هجي.
16-
ضمير حاضر، هيڪل لاءِ آواز ’- او‘
(تو = ت+او) ٿي سگهي ٿو ته ’تو (او) +
اِين‘ بدلجي ’تو اين‘ (او اي) يعني ’توهين‘ (اوهين) ۽ ’تو(او)+آن‘ بدلجي ’توآن
(اوآن)‘ يعني ’توهان‘ (اوهان) ٿيو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾
’توهان/توهين‘ مخصوص هجي نرن لاءِ ۽ ’اوهان/اوهين‘ مخصوص هجي نارين لاءِ.
17-
ضمير غائب ۾ خاص طرح گهڻ بابت
آواز، ’هي/اِهي/اُهي/ هِنن/هُنن/ اِنن/اِنهن/اُنهن‘ نر، نار ۽ بيجان جي تخصيص نه
ٿا ڏيکارين. خبر ناهي ڇو. جڏهن ته ضمير غائب هيڪل بابت آوازن ۾ اها تخصيص ٿوري ڪه
گهڻي نظر اچي ٿي.
ضميري پڇاڙين بابت بي ڌياني
چڱيءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيون ته ضميري پڇاڙين بابت اسان جو رويو بي ڌيانيءَ وارو،
غفلت ڀريو، جاهلاڻو يا اڻ ڄاڻائيءَ وارو آهي. اسان ضميري پڇاڙين کي ضمير واري
حيثيت ڏيڻ بدران انهن کي اڻ ڄاڻائيءَ وچان فعل جو حصو ڪري سمجهيو ۽ جڏهن ضميري
پڇاڙيءَ کي بي معنى، بي مطلب ۽ بي مفهوم ڪري ڄاتوسون، تڏهن اسان کي فاعل جي صورت ۾
ساڳيو ئي ضمير ڌار آڻڻو پيو ۽ ان ڏانهن غفلت ايتري ئي زورائتي رهي جو پنهنجن ايندڙ
نسلن کي، عالمن جي نظرداريءَ جي باوجود، غلط يعني ٻٽو ضمير رکندڙ ساڳيو فاعل
پڙهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري ڏنو ــــــــ ۽ اها غفلت اتي وڄي پهتي جو سيکڙاٽن کي اهو
ٻڌايون ئي نه ٿا يا ڄاڻڻ جي باوجود ٻڌائڻ جي زحمت ئي نه ٿا ڪيون ته هتي، هن جملي ۾
ساڳئي فاعل طور ٻه ضمير آندل آهن ــــــــ ۽ اهڙيءَ طرح، ضميري پڇاڙين جي سموري
اهميت ۽ ان ۾ سمايل جهونن، وڏڙن ۽ سگهڙن جي ڏاهپ کي پاڻ ئي غرق ڪري ڇڏيوسون.
جيترو مون پڙهيو آهي ۽ جيترو ڄاڻان ٿو، ان جي بنياد تي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته
اسان جا سمورا ٻولي-ڄاڻڪ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته، ’لکان ٿو‘، ’لکان ٿي‘، ’لکون ٿا‘،
’لکون ٿيون‘، ’لکندُم‘ (لکندس؟)، ’لکنداسي‘، ’لکيم‘، ’آيم‘ (آيس؟) جهڙن سڀني فعلي
بناوتن سان هڪ ضمير ڳنڍيل آهي، جيڪو فاعل جو ڪم ڪري ٿو، پر پوءِ به، پاڻ ئي،
ٻوليءَ جا ڄاڻو هوندي به، ’مان لکان ٿو‘، ’اسين لکون ٿا‘ ۽ ’مان لکندم‘، ’مان آيم‘
سان گڏ ’مان لکندس‘ ۽ ’مان آيس‘ جهڙا جملا، جن کي وياڪرڻي اصولن موجب جملو سڏي ئي
نه ٿو سگهجي، لکندا، ڳالهائيندا رهن ٿا. نه رڳو لکن ٿا، پر ايندڙ نسلن کي
پڙهائيندا ۽ سيکاريندا به رهن ٿا.
’مان آيُس‘، ’مان لکندس‘ ۽ ان قسم جا ٻيا ’جملا‘ نيٺ ڪهڙي قسم جا جملا آهن،
ڪهڙي وياڪرڻ جي، ڪهڙن اصولن موجب ٺاهيا ويا آهن ۽/يا ڪيئن ٺهيا آهن؟
ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. ’- اس‘ ضميري
پڇاڙي آهي ۽ ضمير غائب هيڪل جي معنى ظاهر ڪري ٿي. مٿي ڏنل سمورا فعل جاچيو، ڇا ٿا
ٻڌائين؟
فعلن کان ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنى تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ’- اس‘
ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي:
* وَٽس (هن وٽ) *
سندس (هن جو)
* کيس (هن کي) *
کانئس (هن کان)
* ڏانهس (هن ڏانهن) *
هيٺانئس (هن جي هيٺان)
* مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان)
* ماڻَس، ماڻهس (هن جي ماءُ) * پڻهس
(هن جو پيءُ)
* ڀيڻس (هن جي ڀيڻ) * پُٽس
(هن جو پٽ)
* سسڻسِ (هن جي سس) * نُنهڻس،
نُهڻس (هن جي نُنهه، نُهه)
* چاچِس، چاچهسِ (هن جي چاچي) * چاچس،
چاچهَس (هن جو چاچو)
* مامس، مامهس (هن جي مامِي) * مامس،
مامهس (هن جو مامو)
* ڏاڏهس (هن جي ڏاڏي) * ڏاڏس
(هن جو ڏاڏو)
* نانهس (هن جي نانِي) *
نانَس (هن جو نانو)
۽ ٻيا ڪيترائي.
انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ’- اس‘ پڇاڙي ’هن‘ جي بدران ڪم اچي
ٿي، ان ڪري اسان جا لکيل پڙهيل ۽ عالم ماڻهو جڏهن ’آيس‘ ۽ ’لکندس‘ جهڙا لفظ ڪم
آڻين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇن: ”ڇا/ڪهڙو سبب آهي جو فعل جي آخر ۾
’-اس‘ ڳنڍي لکان ٿو، بنا ’-اس‘ ڳنڍڻ جي ڇو نه ٿو لکان؟“
هاڻي اچون ٿا ’-ام‘ ضميري پڇاڙيءَ تي. مٿي ڏنل سمورن هڪ ضميري پڇاڙي رکندڙ
فعلن ۾ ’-ام‘ ’مان‘ يا ’آنءُ‘ جي بدران ڪم آئي آهي. هيٺ ڏنل ڪجهه لفظن تي به ٿورو
ڌيان ڏيو:
* وَٽم (مون وٽ) *
سندم (مون جو)
* ڏانهم (مون ڏانهن) *
مَٿم، مٿانئُم (مون مٿان)
* هيٺانئم، هيٺائم (مون هيٺان) * پُٽم
(منهنجو پٽ)
* ڌيڻم (منهنجي ڌيءُ) *
سسڻم (منهنجي سس)
* ڀيڻم (منهنجي ڀيڻ) * نُنهڻم،
نُهڻم (منهنجي نُنهه، نُهه)
* چاچم، چاچهَس (منهنجو چاچو) * ڏاڏم
(منهنجو ڏاڏو)
* مَنجهم (مون منجهه) ۽ ٻيا ڪيترائي.
انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته
ضميري پڇاڙي ’-ام‘ ضمير متڪلم هيڪل جي بدران ڪم اچي ٿي. اسان اهو به ڏٺو آهي ته
زمان حال مطلق جي فعل ۾، يعني ’لکان ٿو‘، ’لکان ٿي‘، ’پڙهان ٿو‘، ’پڙهان ٿي‘،
’سکان ٿو‘، ’سکان ٿي‘ ۾ ’-آن‘ ۽ ’لکيُم‘، ’لکيَم‘، ’لکندُم‘، ’لکندَم‘ جهڙن ماضي ۽
مستقبل جي فعلي صيغن پٺيان ’-ام‘ به ’مان/آنءُ‘ جو ئي مَٽ آهي، ان ڪري جڏهن ڪو
اديب يا شاعر ۽ ليکڪ، ڄاڻڪ، ڳالهائيندڙ ’مان لکان ٿو‘، مان لکان ٿي‘، ’مان
لکندُم‘، ’مان لکندَم‘، ’مان آيُم‘، ’مان آيَم‘ جهڙا لفظ لکي، تڏهن هڪ گهڙي ترسي
پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇي ته ”هي ڪهڙي قسم جو جملو لکي رهيو آهيان: ڇا، اهو
وياڪرڻي اصولن موجب ٺيڪ آهي؟“
ٺيڪ اها ئي ڳالهه باقي سمورين ضميري
پڇاڙين وارن فعلن بابت به انهن سڀني لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي چوڻ گهران ٿو، جيڪي انهن
جي آڏو اهو ساڳيو (ضميري پڇاڙيءَ وارو) فاعل ٻيهر آڻين ٿا.
جيڪڏهن اسان کي اها ڄاڻ نه هئي ۽ ان ڪري
غلط پئي لکيو آهي، ته هاڻي پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. باقي جن عالمن، ڄاڻڪن، ليکڪن ۽
شاعرن وغيره کي اها خبر هئي ۽ پوءِ به ساڳي غلطي ڄاڻي ٻجهي، آرس سبب ڪندا رهيا؛
حقيقت اها آهي ته، اهي پنهنجيءَ ٻوليءَ جا ڏوهاري آهن: نه رڳو پاڻ غلطي ۽ غفلت ڪئي
اٿائون، پر ٻين کي منع ڪرڻ ۽ درست ڪرڻ بدران اٽلو پڙهائيندا ۽ سيکاريندا رهيا آهن
۽ اهڙيءَ طرح پاڻ هڪ وڏي ۽ اهم فرض نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي اٿئون.
ڪجهه
مهربانن، دوستن، بحث مباحثو ڪندي ان ڳالهه کي مڃيو ۽ ڪجهه دوستن ايئن چيو
ته اها ڳالهه درست آهي، پر...
... پر ’مان آيس‘ يا ’مان آيم‘، ’مان
لکندس‘ يا ’مان لکندم‘ ۽ ’مان لکان ٿو‘ ۽ ’اسان لکون ٿا‘ جهڙا جملا به هروڀرو ڪي
غلط ناهن. اها ڪجهه ٻولين جي خصوصيت هوندي آهي ته اهي پاڻ وٽ ڪي اهڙا طور طريقا
رکنديون آهن، جن کي سندن گرامر جي ٺوس اصولن پٽاندر بيان/ثابت نه ٿو ڪري سگهجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون خصوصيتون آهن، جن مان هڪ ضمير يعني فاعل کي ٻه ڀيرا
ورجائڻ آهي. ايئن چوڻ جي ڪري جملي ۾ هڪ قسم جو زور، شدت، اسٽريس (Stress) ۽ گهرائي پيدا ٿئي ٿي.
اها، هڪ غلط ڳالهه هڪ صحيح ڳالهه وسيلي
ثابت ڪرڻ جي هڪ ناجائز ڪوشش سڏي سگهجي ٿي.
(1)
جيڪڏهن ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪوڙ
ڳالهائڻ، ڪجهه خاص معاملن ۾ جنگ ڪرڻ جائز هجي، ته ڇا، هر ڳالهه ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هر
معاملي ۾ جنگ ڪرڻ جائز ٿي پيو؟ اسان وٽ ته زمان حال جو هر جملو ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا
آڻي لکيو وڃي ٿو!
ضمير متڪلم بدران ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ڪم
آڻڻ منهنجي نظر ۾ غلط آهي، تنهنڪري ان کي هتي ڄاڻايل بحث هيٺ آڻڻ بيڪار آهي. رڳو
هڪ مثال ڏيان ٿو ته جيئن ڳالهه چٽي ٿئي.
مشهور وڏي شاعر شيخ ايازَ پنهنجي ڪتاب
’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾، صفحي 23 ۽ 27 تي، هي جملا به ڪم آندا آهن: ’ڏند صاف ڪري
مان ٻاهر اڱڻ ۾ آيُس‘ ۽ ’مان کولي ۾ موٽي آيُس‘.
’اڱڻ ۾ آيُس‘ آڏو ’مان‘ ڏيڻ سان يا ’کولي
۾ آيُس‘ آڏو ’مان‘ ڏيڻ سان، ڇا هتي جملي ۾ زور، شدت، اسٽريس، گهرائي پيدا ڪئي وئي
آهي؟ ڇا، هنن جملن ۾ شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا گهرج آهي به، ۽ ڇا، شاعر شعوري طرح ڄاڻي
ٿو ته ’مان‘ ڪم آڻڻ جي ڪري هو پنهنجي جملي ۾ شدت پيدا ڪري رهيو آهي؟
(2)
هاڻي اچو ته سنڌيءَ ۾ انهن لفظن
کي ۽ انهن جي مطلب ۽ مقصد کي جاچيون، جن ۾ ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي ٿو. اڳ ۾ هي
هڪ جملو پڙهو:
’مان سچ
ڳالهايم.‘ ان جملي جو مطلب آهي: ’مان مان سچ ڳالهايو.‘
ڇا هن جملي ۾ ضمير ’مان‘ ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ
جي ڪري شدت ۽ گهرائي پيدا ٿي آهي، يا مورڳو جملو ئي بگڙي غلط ٿي ويو آهي.
’وزير وزير ڪوڙ ڳالهايو’، ’ماڻهوءَ
ماڻهوءَ سچ ڳالهايو‘ تي ٿورو ڌيان ڏيو. فاعل ٻه ڀيرا آيو آهي پر فاعل کي ورجائڻ جو
مقصد ڇا آهي؟
’وڻ وڻ مان هڪ واس اچي ٿو‘، ’گل گل ۾
سڳنڌ سمايل آهي‘، ’ماڻهو ماڻهو ملهه وڙهي ٿو‘، ’صوبو صوبو حقن لاءِ رڙي ٿو‘، ’نگر
نگر کي پنهنجي ثقافت آهي‘، ’رنگ رنگ جي ٻولي ٻِي‘، ’ٻولي ٻولي پنهنجا گڻ رکي ٿي‘،
...
مٿي ڏنل لفظن ۾ جيڪي به لفظ هڪ ئي جملي ۾
ٻه ڀيرا اچن ٿا، انهن کي جاچڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي لفظ ’هر هڪ‘ يا ’سڀ
ڪنهن‘ جو سهڻو اظهار آهن.
(3)
ڪنهن به جملي ۾ عام طرح ’ٺيڪ‘،
’سچ پچ‘، ’هر حالت ۾‘، ’ضرور‘، ’حقيقت ۾‘، ’بهرحال‘، ’سچ ته‘، ’انتهائي ضروري‘،
’ضرور بالضرور‘ جهڙا لفظ شدت، زور يا اسٽريس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم آندا وڃن ٿا. پر
ساڳئي ضمير کي ٻه ڀيرا فاعل طور آڻڻ سان ڪنهن به قسم جي شدت پيدا نه ٿي ٿئي. ايئن
ڪرڻ هڪ چُڪ آهي، جنهن سان ضميري پڇاڙيءَ جي اهميت مري ٿي، لفظ ۾ ضميري پڇاڙيءَ
وارو بيڪار ۽ ناجائز واڌارو ٿيو پوي ۽ ٻولي بگڙي ٿي.
(4)
ڇا، فعلي ڦيرو سيکاريندي، جملي ۾
زور يا شدت پيدا ڪرڻ جي ڪا به گهرج آهي؟ ڇا، ڦيرو سيکاريندي، اسان کي اها تعليم
ڏني وڃي ٿي ته هر جملي ۾ فاعل (ضمير) ٻه ڀيرا ورجايل آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته
جملي ۾ شدت پيدا ٿئي؟
ٻنهي سوالن جو جواب جيڪڏهن ’نه‘ آهي، ته
ان کي ڇا سڏجي؟
ان ڪري، اها راءِ رکان ٿو ته هڪ جملي ۾
ٻه ڀيرا ساڳيو ضمير فاعل طور آڻڻ جو سبب نه ته ڪو وياڪرڻي اصول آهي ۽ نه ئي وري ڪا
جملي ۾ شعوري طرح شدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش. اها چُڪ آهي، جيڪا اڻ ڄاڻائيءَ ۽ بي
ڌيانيءَ سبب يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي وئي آهي.
درست فعلي ڦيرو
(1) زمان حال ۾:
’ڪَرڻ‘ وارو فعل
(ڏسو ب، ٻ، ڀ، ت ۽ ٿ)
’هُئڻ‘ وارو فعل
(ڏسو ث)
(2) زمان ماضيءَ ۾:
’ڪَرڻ‘ وارو فعل
(ڏسو د)
’هُئڻ‘ وارو فعل
(ڏسو ڏ)
(3) زمان مستقبل ۾:
’ڪَرڻ‘ وارو فعل
(ڏسو ’زمان مستقبل‘ ۾ 5)
’هُئڻ‘
وارو فعل (ڏسو ص)
فاعل ۽ مفعول سان لاڳاپيل فعلن جي ڳولا
اسان ڏٺو ته زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾
رواجي طرح جيڪي فعل اچن ٿا ۽ جن جو ڦيرو ڪيون ٿا، انهن جو سڌو واسطو فاعل سان رهي
ٿو. انهن جملن ۾ مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعل جي صورت تي ڪو به اثر
نه ٿو پوي. پر زمان ماضيءَ ۾ رواجي طرح جيڪو فعلي پڙهايو وڃي ٿو، انهن جو سڌو
واسطو وري مفعول سان رهي ٿو ۽ انهن جملن ۾ فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار،
فعلي صيغي سان سڌي واسطي ۾ نه ٿو رهي.
ايئن ڇو آهي؟
۽ ڇا، اهو جائز سوال ناهي ته جڏهن ٻن
زمانن جي فعل جو سڌو واسطو فاعل سان آهي ته ٽئين (زمان ماضيءَ) جو ڇو نه آهي؟ ڇا،
ان ۾ فعل جي اهڙي ڪا به صورت ناهي، جيڪا سڌو واسطو مفعول بدران فاعل سان رکي؟ ۽ ڇا،
زمان حال ۽ زمان مستقبل ۾ فعل جي اهڙي ڪا صورت ناهي، جيڪا فاعل بدران مفعول سان
واسطو رکندي هجي؟
اهو سوال هيئن به پڇي سگهجي ٿو ته ڇا،
ڪنهن زماني ۾ ايئن به هو ته سنڌيءَ ۾ فعل جون ساڳئي زمان ۾ ٻه صورتون هجن، هڪ جو
سڌو واسطو فاعل سان هو (جيئن هن وقت زمان حال ۽ زمان مستقبل جي فعلن ۽ زمان ماضيءَ
۾ ضمير غائب جي حوالي سان ضميري پڇاڙي رکندڙ فعل جو آهي)، ۽ ٻيءَ جو سڌو واسطو
مفعول سان هو (جيئن هن وقت زمان ماضيءَ ۾ عام ملي ٿو؟)
ڦ-1:
اسان جڏهن زمان حال جي ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي ڦيري مان ضمير جي نشاندهي ڪندڙ آواز ڪڍي
ڇڏيا هئا، تڏهن مجموعي طرح اسان کي فعل جون هي چار صورتون مليون هيون: 1- لکٿو، 2-
لکٿي، 3- لکٿا، ۽ 4- لکٿيون. هيءَ صورت ياد رکجو.
ڦ-2:
جڏهن زمان مستقبل ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جون اهي صورتون کڻون ٿا، جيڪي اڄ ڪلهه به
شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ عام رائج آهن ته اسان کي فعل جون هي چار صورتون ملن
ٿيون: 1- لکدو، 2- لکدي، 3- لکدا، ۽ 4- لکديون. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو.
ڦ-3:
هاڻي، زمان ماضيءَ ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي عام مروج صورتن کي ڌيان سان جاچيو: 1-
لکيو، 2- لکي (لکيي)، 3- لکيا، ۽ 4- لکيون. هيءَ ڳالهه به ياد رکجو.
اهڙيءَ طرح، اسان کي فعل جي صورتن جا ٽي
سيٽ مليا آهن، ۽ ٽنهي ۾ رڳو هڪ هڪ اکر جو فرق آهي: ڦ-1 ۾ ’ٿ‘، ڦ-2 ۾ ’د‘ ۽ ڦ-3 ۾
’ي‘، باقي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا آهن.
اهي سڀ اکر ۽ آواز ساڳيا ڇو آهن؟ انهن ۾
هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڇا، اهي بنا ڪنهن قانونن، قاعدن ۽ پابنديءَ جي، پنهنجي ليکي ٺهي
پيا يا ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ هڪ اصول هيٺ مقرر طريقي سان رٿيا ويا؟
ڦ-1 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’ٿ‘ ٿو
پوي ته زمان حال جو صيغو ملي ٿو: لکٿو، لکٿي، ...
ڦ-2 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’د‘ ٿو
پوي ته زمان مستقبل جو صيغو ملي ٿو: لکدو، لکدي، ...
ڦ-3 ۾ فعل جي امر (لک) کان پوءِ ’ي‘ ٿو
پوي ته زمان ماضيءَ جو صيغو ملي ٿو: لکيو، لکيي (لکي)، ...
(گهڻي تفصيل لاءِ مهرباني ڪري منهنجو
مضمون ’هر هڪ لفظ هيري کاڻ‘ پڙهو.)
اهو عمل به چٽيءَ طرح اعلان ڪري ٿو ٻڌائي
ته فعلي صيغن جون سموريون اڏاوتون ڪي اتفاقي، اوچتو، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي وجود ۾
نه آيون آهن، پر هڪ منظم سرشتي موجب، باقاعدگيءَ سان، اصولي پابندين هيٺ جوڙيون
ويون آهن.
ڇا، ايڏيءَ عاليشان فني اڏاوت جا خالق،
فنڪار ۽ مصور چوٽيءَ جي ڏاهَن، اڪابرن ۽ سگهڙن کان گهٽ درجي جا هوندا؟ اها مهارت،
تنظيم ءٌ سمجهه وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته هن ٻوليءَ جا خالق، وياڪرڻ رٿيندڙ ۽ لفظن جي
ايڏي نفيس گهڙاوٽ ڪندڙ، زبردست قسم جي ڳڻ ڳوت جا مالڪ هئا. (منهنجي هڪ مضمون ’جامع
سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي حوالي سان پهرين پڙهڻي‘ ۾ ڄاڻايل هڪ بنيادي فعل
مان ٺهي سگهندڙ ممڪن فعلي صورتن جي ڳڻپ لڳ ڀڳ 340 آهي ۽ منهنجي ڪاٿي موجب سنڌي
ٻوليءَ جا بنيادي فعل هزارن کان گهٽ نه آهن. هاڻي ڪاٿو ڪريو ته صورتحال ڪيئن آهي.
اسم، صفتون ۽ ٻيون شيون تهان ڌار آهن.)
هاڻي، اچو ته شڪارپور وارن ساٿين سان
صلاح ڪريون ته سندن پاران هن وقت تائين جيئاريل زمان مستقبل جو فعلي صيغو فاعل سان
سڌي واسطي ۾ آهي يا مفعول سان:
* مان/تو/هن چٺو لکدو. *
مان/تو/هن چٺا لکدا.
* مان/تو/هن چٺي لکدي. *
مان/تو/هن چٺيون لکديون.
* اسان/توهان/هنن چٺو لکدو. *
اسان/توهان/هنن چٺا لکدا.
* اسان/توهان/هنن چٺي لکدي. * اسان/توهان/هنن چٺيون لکديون.
شڪارپور وارا جوان هي ڇا پيا چون! هي ته
فعلي صيغي جو سڌو واسطو مفعول سان پيا ڏيکارين. ڀائرو، شابس اٿوَ، جس لهڻو، جو
توهان سنڌيءَ جي هڪ اهڙي فعلي صيغي کي سنڀالي رکيو آهي، جنهن کي باقي سنڌ گم
ڪري/وڃائي ويٺي هئي!
زمان حال جي بظاهر گم ٿي ويل فعلي صيغي
کي اسان ٿوري دير اڳ ڳولي هٿ ڪيو آهي. اچو ته ان جو فعلي ڦيرو ڪري ڏسون:
* مون چٺو لکٿو. *
مون چٺا لکٿا.
* مون چٺي لکٿي. * مون
چٺيون لکٿيون.
* اسان چٺي لکٿو. *
اسان چٺا لکٿا.
* اسان چٺي لکٿي. * اسان چٺيون لکٿيون.
(هي) ڇا ٿو چوي؟ ڇا، فعلي صيغي جو واسطو
مفعول سان ناهي؟ باقي ضميرن سان به ڦيرو ڪري ڏسو. ڳالهه ان سچائيءَ کان ٻاهر ناهي.
’ڳالهه مڃڻ جهڙي ناهي‘، ’الائي ڇو، ذهن
قبول نه ٿو ڪري‘، ’شايد ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب دليل نه ٿو ملي!‘ مٿي
ڄاڻايل ڳالهه کوجڻ کان پوءِ، منهنجي ذهن ۾ پهريائين اهي خيال آيا، پر هن وقت تائين
انهن جي سچائي ئي ثابت ٿي آهي. هن وقت مون وٽ اهڙو ڪو هڪ به دليل ناهي، جنهن جي
بنياد تي مٿي کوجيل ڳالهه کي رد ڪري سگهجي. توهان جي رهنمائي ڪندا ته ڏاڍو سٺو.
زمان ماضيءَ ۾ مون کان هن وقت تائين اهو
فعلي صيغو نه لڀجي سگهيو آهي، جنهن جو واسطو مفعول بدران فاعل سان هجي. باقي ضمير
غائب هيڪل توڙي گهڻ واري ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغا ضرور مليا آهن، جن ۾ فعل جو
واسطو سنئون سڌو فاعل سان آهي، مفعول سان نه (ڏسو ’ذ‘ ۽ ’ڙ‘).
”ڇا، هتي اهو سوال پڇڻ مناسب ناهي، ته
فعل جي هيءَ زمان حال واري شڪل (لکٿو، لکٿي، لکٿا، لکٿيون) ’گم‘ ڇو ٿي وئي ۽ زمان
مستقبل واري شڪل (لکدو، لکدي، لکدا، لکديون) محدود ڇو ٿي وئي؟“
بلڪل مناسب سوال آهي. نيڪ نيتيءَ سان ۽
سچائيءَ جي ڳولا لاءِ پڇيل هر هڪ سوال مناسب ئي نه ضروري پڻ آهي ۽ جيڪو نه ٿو پڇي،
اهو ڏوهاري ۽ ڏوهاري اهو به آهي، جيڪو اهڙي سوال جو جواب ڳولڻ جو جتن نه ٿو ڪري.
ٻين هزارين سوالن جي نه ڄاتل جواب جيان،
مون کي ان سوال جي جواب جي به سُڌ ناهي. باقي هڪ امڪان رکي سگهجي ٿو ته متان فعلي
صيغن جي هم وزنيءَ جي ڪري ايئن ٿيو هجي. لکٿو، لکدو ۽ لکيو ـــــــــ ممڪن آهي ته
انهن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته جڏهن زمان حال ۾
ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو پڻ فاعل سان لاڳاپيل آهي) ۽ زمان مستقبل جو ’د‘
بدران ’-اند‘ (لکندو) رکندڙ فعلي صيغو (جيڪو پڻ فاعل سان لاڳاپيل آهي) ڳالهائڻ ۽
سمجهڻ ۾ وڌيڪ سهنجو محسوس ٿيو هجي ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن فرقن اچڻ جي ڪري فعلي
صيغي جي جيئن ته چٽي صورت ٺهي ٿي (لکندو، لکان ٿو، لکيو...) متان ان جي ڪري پوئين
ڳالهه سولائيءَ سان قبول ڪئي وئي هجي. (جيڪو حال حبيبان، سو ئي پيش پِريان جي.
پنهنجي سمجهه جيڪڏهن ان کان اڳتي سُري، پوءِ ڀلي انهن خيالن جي مخالف هجي، ضرور
پيش ڪبي.)
سڌريل ٻولي ڪهڙي ۽ سڌاريل ٻولي ڪهڙي؟
’سمڪرت‘ کي ’سنسڪرت‘ اچاريندڙ ۽
ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي اڄ ڪلهه ’سنسڪرت‘ سڏيو وڃي ٿو يعني جنهن ٻوليءَ کي سڌارڻ کان
پوءِ قبول ڪيو ويو، ان کي ’سنسڪرت‘ سڏجي ٿو. جيڪا اڳ ۾ ئي سڌريل، سنواريل، سهنجايل
ٻولي هئي يا جيڪا پوءِ سڌاري، سنواري ۽ سهنجائي وئي، ان کي سنسڪرت نه ٿو سڏيو وڃي.
(ٻه سؤ سال به نه ٿيندا جو انگريزي ٻوليءَ کي سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، پر
ان کي سنسڪرت نه ٿو سڏجي.) ان جو مطلب هي ٿيو ته اڄ کان ڪي ٽي هزار ورهيه اڳ، جنهن
هڪ ٻوليءَ کي اسان جي ننڍي کنڊ ۾ سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، رڳو ان هڪ ٻوليءَ
کي ئي ’سنسڪرت‘ سڏيو ويو. اها ٻولي جڏهن سڌري، سنوري ۽ سهنجي ٿي، تڏهن ان کي
’سنسڪرت‘ سڏيو ويو. چٽو مطلب هي آهي ته اها ٻولي سڌرڻ، سنورڻ ۽ سهنجو ٿيڻ کان اڳ
(پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته) اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنواريل (يا گهٽ سنواريل) ۽
ڏاڍي ڏکي (يا ڏکي) هئي. ان اڻ سڌريل (يا گهٽ سڌريل)، اڻ سنوريل (يا گهٽ سنوريل) ۽
ڏاڍي ڏکيءَ (يا ڏکيءَ) ٻوليءَ کي جڏهن سڌاريو، سنواريو ۽ سهنجايو ويو، تڏهن ان تي
نالو ئي ’سنسڪرت‘ پئجي ويو.
چيو ٿو وڃي ته اڄ کان ڪي ساڍا ٽي هزار
ورهيه اڳ موجوده سنڌ ۾ وچ-ايشيا کان ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو (۽ ان جي ڪڍ ننڍا ننڍا
ٽولا) آيو، جنهن پاڻ کي ’آريو‘ پئي سڏيو ۽ جڏهن هتي جي ماڻهن تي هڪ ڊگهيءَ ويڙهه
کان پوءِ قبضو ڪري حاڪميت ڄمايائين، تڏهن هتان جي رهواسين کي ’اڻ-آريو‘، ’داس‘ ۽
’ڪرشن‘ سڏيائين. اهو ٽولو لاڏائو هو، جنگجو (يعني جهنگلي فطرت رکندڙ) هو، شڪاري
هو، جانور پالڻ ته ڄاڻيندو هو، پر زراعت جي معاملي ۾ ڪورو ڄٽ ۽ هن جي ٻوليءَ ۾ سُر
جهڙوڪر هئا ئي ڪو نه ۽ موسيقيءَ ۽ نرت جهڙن نازڪ ۽ نفيس فنن کان اڻ واقف هو. هو
نرت کي جادوءَ جو عمل ۽ موسيقيءَ کي هڪ عجيب ۽ ڀوائتي شيءِ سمجهندو هو ۽ ظاهر آهي
ته جنهن ٻوليءَ ۾ سُر جهڙوڪر موجود ئي نه هجن، اها ڪيڏي نه کهري ۽ اڍنگي هوندي،
جڏهن ته منجهس وينجڻ به گهٽ هئا.
جن کي ’اڻ-آريو‘، ’داس‘ ۽ ’ڪرشن‘ سڏيو
ويو، اهي شڪاري دور ٽپي زرعي دور ۾ پهچي چڪا هئا. انهن پنهنجا ڳوٺ ۽ شهر اڏڻ ڄاڻي
ورتا هئا. انهن هڪ هنڌ ٽڪي پنهنجو کاڌو پاڻ اپائڻ جو هنر ڄاتو پئي. وٽن موسيقي به
هئي ته نرت به، مجسمي سازي به هئي ته چٽسالي به ۽ وڏي ڳالهه ته ڪيترائي وڌيڪ وينجڻ
رکندڙ سُرن واري سُريلي ٻولي به هئي، جنهن کي لکڻ ۽ ڇپڻ پڻ ڄاڻيندا هئا.
1-
’سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ۽ مکيه يا
خاص ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ’ساڪن‘
ڪونهي. سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته اعراب آهي ئي
آهي. اهو نمونو، ڪشميري ۽ اُڙيا (يعني اوڙيسا) جي ٻولي) کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به
ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪانهي، پر خود سنسڪرت ۾ به ڪانهي!‘
(ڀيرومل: ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، ص-223)
2-
سنڌي ٻوليءَ ۾ ”لفظن جي وزن“ جو
خيال رکيو ويو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪاڪو ڀيرومل هيئن ڪري ٿو: ’ڇوڪرو‘ مؤنث
’ڇوڪري‘ پر ’ڇوڪرُ‘ مؤنث ’ڇوڪرِ‘. هتي ’ڇوڪرو‘ (او پڇاڙي) جو اچار گهٽائي ’ڇوڪرُ‘
(اُ پڇاڙي) ڪيو اٿئون. ساڳيءَ ريت، ڇوڪرو جمع ڇوڪرا ۽ ڇوڪرُ جمع ڇوڪرَ ـــــــــ
انهيءَ ريت، جمع جوڙڻ مهل به جمع واري ’آ‘ پڇاڙيءَ کي گهٽائي ’اَ‘ ڪريون ٿا. ايئن
ڄڻ ته لفظ جو وزن پورو ڪري بيهارجي ٿو. رڳو شعر ۾ وزن جو خيال ڪبو آهي، پر هن ريت
مؤنث ۽ جمع جوڙڻ مهل وزن جو خيال رڳو سنڌي ٻولي ڪري ٿي.
(ڀيرومل: ’سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ‘، ص-225)
(ڪاڪو ڀيرومل انهن سڀني عالمن مان هڪ
آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي هڪ بگڙيل لهجي جي ڌيءُ يا پوٽي سمجهن ٿا.)
ان ٻوليءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
’موهن جي دڙي جي ٻولي‘، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’پراڻي سنڌي‘ (جيڪا ختم ٿي وئي) ۽
سراج الحق ميمڻ ’پروٽو-سنڌي‘ سڏيو آهي. مون کي ته اهي ٽيئي رايا ساڳيا ٿا محسوس
ٿين. سراج صاحب جي خيال موجب، اها ئي سنڌي، ويس مٽائيندي، هاڻوڪي روپ کي پهتي آهي.
هڪ ڳالهه سڌي آهي ۽ منطقي طرح به نتيجو
هي ٿو نڪري ته، ان موهن جي دڙي واريءَ پراڻيءَ يا پروٽو سنڌي ٻوليءَ کي ’سم‘ نه
ڪيو ويو. اها ڪا ٻي ٻولي هئي جنهن کي ’سم‘ ڪيو ويو. اها ڪهڙي ٻولي هئي ۽ ان کي
’سم‘ ڪرڻ جي گهرج ڇو محسوس ڪئي وئي؟ هن سوال جي پوئين حصي جو جواب اڳ ۾ ڳولڻو
پوندو.
ڪنهن به ٻوليءَ کي ’سم‘ ڪرڻ (سڌارڻ،
سنوارڻ، سهنجائڻ) جي گهرج ڇو ٿي محسوس ڪجي؟
مثال لاءِ، اسان کي ڪجهه ڳالهين تي ڌيان
ڏيڻو پوندو:
1-
سنڌي صورتخطي ڦيرائي، رومن
(انگريزي) الفابيٽ مقرر ڪرڻ جي نيت ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن وٽ موجود آهي، جيڪي پاڻ کي
سنڌيءَ جو گهڻگهرو سمجهن ٿا. هو ان لاءِ ڪيترائي دليل ڏين ٿا ۽ سندن چوڻ موجب ان
نموني سنڌي ٻوليءَ کي تيز رفتار ڪري ۽ ترقيءَ جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو.
2-
لڳ ڀڳ سڀني سنڌي عالمن،
سياستدانن، ڏاهَن ۽ اڪابرن جو خيال آهي ته سنڌي ماڻهن کي انگريزي ضرور سکڻ گهرجي،
ڇو ته ان ۾ خاص طرح سائنسي ۽ تحقيقي مواد ججهو آهي. ڪي ته ان راءِ جا به آهن ته
انگريزي اصطلاحن جو ترجمو ڪرڻ بنا ئي سنڌيءَ ۾ آڻي پنهنجائڻ گهرجن.
3-
اهي سڀ ڳالهيون ان ڪري ڪيون وڃن
ٿيون، جو انگريزيءَ کي هڪ سڌريل ٻولي سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنڌيءَ کي ان جي ڀيٽ ۾ کٽل ۽
سُڃي!
4-
انگريزيءَ جهڙي سڌريل ٻولي به
جڏهن ٻين ٻولين جا ڪي لفظ پاڻ وٽ آڻي ۽ جذب ڪري ٿي ۽ تمام گهڻا لفظ آڻي ۽ جذب ڪري
ٿي، تڏهن وٽس هزارين لفظن کي صحيح طرح اچاري سگهڻ جي قوت جي کوٽ چٽيءَ طرح محسوس
ٿئي ٿي، ڇو ته وٽس ڪيترائي وينجڻ ناهن. مثال طور، ’جامع سنڌي لغات‘ پٺيان ڏنل اها
فهرست ڏسو، جنهن ۾ سنڌي وينجڻ کي انگريزيءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي يا ’انسائيڪلوپيڊيا
برٽانيڪا‘ ۾ خاص طرح عربيءَ مان آيل لفظن جي اچارن کي ڏسو. هتي چيني ۽ ويٽنامي
ٻولين مان ٻه لفظ ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ ڏجن ٿا. انگريزي ۾ هڪ نالي MAO
TSE-TUNG ۽ هڪ خطاب NGOYAN کي ڏسو. اسين انهن لفظن کي ’ماؤ زِي
تنگ‘ ۽ ’نگويين‘ لکندا آهيون. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي حوالي سان ٻڌڻ ۾ آيو
آهي ته ايئن لکڻ جي باوجود صحيح اچار ظاهر نه ٿو ٿئي. هاڻي ’تسي‘ ۽ ’نگويين‘ تي
ڌيان ڏيو، جن ۾ ’ت‘ ۽ ’ن‘ ساڪن ڪري رکيا ويا آهن. ڄاڻايل لفظن کي غلط اچاريندڙ
ٻوليون چيني ۽ ويٽنامي سمجهجن يا انگريزيءَ کي سڏجي؟
جيڪڏهن ڪا ٻولي سڌريل ۽ اڳتي وڌيل سنڌي
ٻوليءَ (سنڌ جي ٻوليءَ، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ، پراڻي سنڌيءَ، پروٽو-سنڌيءَ) جي ڱ،
ڳ، ڄ، ڃ، ڏ، ڻ، ٻ وغيره کي غلط اچاري ۽ انهن کي نگ، گگ، جج، نج، ڊ/ڊر/در، نن، بب
وغيره اچارڻ لڳي، يعني هڪ اکر ساڪن رکي (جيئن تسي ۽ نگويين ۾ انگريزيءَ رکيو) ته
ڇا چوڻ گهرجي: اهي آواز سنڌيءَ ڦيرايا يا سنڌيءَ جا ڦيرايا ويا؟
جان مارشل چيو هو ته ڪن ڳالهين ۾ سنڌو
ماٿر جي تهذيب ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي تهذيبن کي به شهه ڏئي وڃي ٿي.
اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي زور تي
شهه ڏئي وڃي ٿي؟
’آرين‘ جي اچڻ کان به هڪ هزار سال اڳ ۾
سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻولي وڌيڪ اسريل هئا، وٽن موسيقي ۽ نرت به موجود هو. ’آريا‘ کين
’اڻ آريا‘ سڏڻ باوجود سندن موسيقيءَ، نرت، سڌريل سماج ۽ ڇاپي هيٺ ايندڙ ۽ سڌريل
ٻوليءَ کان ڊڄندا هئا. انهن شين کي سمجهڻ ۾ کين پنج سؤ سال لڳي ويا ۽ پنج سؤ سالن
کان پوءِ کين هڪ ٻوليءَ کي ’سم‘ ڪرڻ جي گهرج شدت سان محسوس ٿي.
سڌي ڳالهه آهي ته اها سندن ئي (لڳ ڀڳ بي
سُري ۽ کهري) ٻولي هئي، جنهن کي هنن ’سم‘ ڪيو ۽ ’سنسڪرت‘ سڏيو. سنڌي ٻولي سندن آڏو
’فريم آف ريفرنس‘ هئي (جيئن اڄ سنڌين لاءِ انگريزي ٻولي ’فريم آف ريفرنس‘ آهي).
جڏهن سوين ميسارجي ويل پنهنجي وقت جي شاندار
ٻولين کي ڏسجي ٿو (جن جو چڱو چوکو ذڪر ’فاتحن جي دنيا‘ ليکڪ يوسف شاهين، ۾ موجود
آهي)، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي اڻمئي ۽ جٽادار سگهه کي بي اختيار مڃڻو پوي ٿو. صدين
کان وري وري غلاميءَ هيٺ رهندڙ ٻولي، جنهن جي الفابيٽ ئي ختم ڪئي وئي، ڳالهائجڻ ۾
جيئري رهجي آئي آهي، اهو سنڌين ۽ سندن ٻوليءَ جو انتهائي شاندار ڪارنامو آهي. مٿان
وري اهو ته پنهنجيءَ جهوليءَ ۾ انهن سڀني ٻولين جا هزارين لفظ سمائي، پنهنجي مزاج
موجب ڦيرائي، پنهنجا ڪري ڇڏيائين.
حقيقت ۾ سنڌيءَ جي بقا جا وڏا، اهم ۽
بنيادي سبب ٽي آهن:
(1)
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي مستقل
مزاجي،
(2)
سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن ۽ قانونن جي
بي پناهه پائداري، ۽
(3)
سخت قانونن باوجود انتهائي لچڪ
پذيري.
ڌيان ڏيو
وياڪرڻ ۾ ضميري پڇاڙيون (جن کي ڪٿي ڪٿي
’وِچاڙيون‘ به سڏي سگجي ٿو) ۽ انهن جي ميلاپ سبب ٺهندڙ لفظ انتهائي نازڪ ۽ نفيس
ٿين ٿا ۽ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکن ٿا. اهي ايڏيءَ ته بي ڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو شڪار
ٿيون آهن جو لفظن ۽ جملن ۾ سندن موجودگيءَ کي محسوس ئي نه ٿو ڪيو وڃي. ان جو پڪو
مثال زمان حال ۾ ’ڪرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ وارن فعلن جا ڦيرا آهن.
جيئن ئي منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان
ويو، هڪ پاسي هيءُ مضمون لکڻ شروع ڪيم (جيڪو لکڻ جاري هو ته ان وچ ۾ ٻيو مضمون ’هر
هڪ لفظ هيري کاڻ‘ به لکي ورتم) ۽ ٻئي پاسي ڪجهه پڙهيل ڪڙهيل دوستن ئي نه، پر عام
ماڻهن سان به ان موضوع تي ڳالهه ٻول جاري رکيم. جو آيو، جنهن ٻڌو، مون تي کِلڻ
لڳو. چيو ويو ته معاشي ڳڻتيءَ ۽ گهڻِي، ناجائز ۽ غير ضروري سوچ ويچار نيٺ تنهنجا
به تَرا ڪڍي ڇڏيا، ڪنهن ڪم جو نه رهين، چريو ٿي پئين، اڳ ئي چرين جي کوٽ هئي جو
تون پيدا ٿيو آهين، هاڻي ڪندين ٻين جا به دماغ خراب، سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو هاڻي وري
تون ٻوڙيندين، ڄڻ ته بروهي ٿو لڳين، جيڪو پهريون ڀيرو هتي سنڌ ۾ آيو هجي، لڳي ٿو
ته ڪا يورپي چِٻ اچي اسان وٽ پهتي آهي، ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، ۽ مون ويٺي ٻڌو ۽
سوچيو ته سندن ڳالهايل جملن مان ڪهڙو جملو صحيح هو ۽ ڪهڙو غلط!
عجيب ڳالهه آهي: ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو
فعلي ترڪيبن ۽ ضميري پڇاڙين جهڙو اهم ۽ بنيادي موضوع ايڏيءَ بي ڌيانيءَ ۽ بگاڙي جو
شڪار ٿي وڃي ۽ مٿان وري جيڪو صحيح ڳالهائي/لکي، ان تي ٽوڪ منجهان کليو وڃي ۽ جيڪو
غلط ڳالهائي/لکي، ان کي ٺيڪ سمجهندي ڪجهه به نه چيو وڃي!
ڳالهه ڪجي اصول ۽ علم جي. مثال طور، ’مان
آيو‘ (آيُم) يا ’مان لکندو‘ (لکندم) ۽ اهڙيون ئي ٻيون صورتون علمي ۽ اصولي طرح
صحيح آهن ۽ ايئن ئي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجن. ايئن چوڻ سان ’بروهڪو‘ يا ’پرڏيهي‘ ٿي
پوڻ جهڙو بي مغز عذر ڏئي، پاڻ کي هروڀرو، زوريءَ ۽ اجايو صحيح سڏڻ ڪو علمي رويو
ناهي. هڪ ’بروهي‘ يا ’پرڏيهي‘ لفظن کي صحيح معنى ۽ مفهوم ۾ ڪم آڻي، جيڪڏهن صحيح
اچاري ۽ ڳالهائي ٿو ته ان تي کلندڙ، ٽوڪ ڪندڙ کي ڇا سمجهبو؟ کلڻو ۽ ٽوڪ ڪرڻي ئي
آهي ته ان تي ڪرڻ گهرجي جيڪو غلط ڳالهائي ۽ لکي ٿو.
رحم جوڳي حالت آهي! ٻين ٻولين جي قدرتي ۽
تاريخي وارثن کي اهو اونو ته پرڏيهي ماڻهو سندن ٻوليءَ کي بگاڙين ٿا، ان ڪري اهي
پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي اچڻ کان اڳ يا ايندي ئي پنهنجي ٻوليءَ جي سکيا ڏين ٿا، پر
اسين سنڌي آهيون (جيڪي سياسي سببن جي ڪري پاڻ وٽ ايندڙ پرڏيهين کي پنهنجي ٻولي
سيکارڻ جي پوزيشن ۾ ته ناهيون)، پاڻ ئي پنهنجي ٻوليءَ کي بگاڙيو ويٺا آهيون ۽
بگاڙيندا وڃون پيا. جڏهن ته اسان وٽ جيڪو پرڏيهي اچي ٿو، اهو ڪوشش ڪري يا اڻ ڄاڻائيءَ
وچان اسان جي ٻوليءَ کي جيڪڏهن صحيح ڳالهائي ٿو ته اسين ان کي شاباس ڏيڻ بدران
اٽلو مٿس کِلون ۽ ٽوڪون ڪريون ٿا! ٽوڪ لائق حيثيت ۾ ڪير هئڻ گهرجي؟
دنيا ۾ جو به ڏاهو ٿيو آهي، جاهلن پاران
ٽوڪ، چٿر، تبرا ۽ ڌڪار جو شڪار ٿيو آهي، پر دنيا ۾ علم ۽ سائنس جي موجودگي ۽ واڌ
ٻڌائي ٿي ته اڪابر ۽ عالم ماڻهن ۽ سچائيءَ ۽ علم اڄ تائين اڻ ڄاڻن ۽ جاهلن کان مات
نه کاڌي آهي.
ضمير (ضمير پڇاڙيءَ جي صورت ۾) هوندي به
ساڳيو فاعل وڌيڪ، ٻيو ڀيرو آڻڻ سبب هڪ وڏي غلطي ڪندا رهيا آهيون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي
اهڙين غلطين سان رچائي ’مالامال‘ ڪري ڇڏيو اٿئون. ڇا، اهڙين غلطين کي درست ڪري
سگهجي ٿو؟
جيڪڏهن درست ڪرڻو ۽ رکڻو آهي ۽ وڌيڪ بگاڙي کان بچائڻو آهي، ته اسان کي وسيع
ذهن رکي، مستقل مزاجيءَ سان اهو ڪم ڪرڻو پوندو. پهرين ذميواري عالمن ۽ ليکڪن،
پبلشرن ۽ ايڊيٽرن تي اچي ٿي.
***
’اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي
پهچنداسون‘ ـــــــــ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، تيئن منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال
آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصول موجب صحيح ڳالهايو؟‘
پنهنجيءَ ڄاڻ آهر مٿي ڏنل/لکيل ٿوري سوچ
ويچار کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون اهو جملو غلط ڳالهايو. هي جملو صحيح تڏهن
ٿيندو، جڏهن هيئن چئجي يا لکجي:
’اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي
پهچندا.‘
يا
’توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي
پهچنداسون.‘
هن جملي ۾ لفظ ’ٺيڪ‘ شدت، اسٽريس پيدا
ڪري ٿو، اهو ساڳيو جملو بنا شدت جي هيئن چئبو يا لکبو:
’اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي
پهچندا.‘
يا
’توهان وٽ شام جو ڇهين وڳي پچهنداسون.‘
هن جملي ۾ ’توهان‘ جي بدران به ضميري
پڇاڙي ڪم آڻي سگهجي ٿي:
’شام جو ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.‘
۽ جيڪڏهن شدت سان چوڻو آهي ته:
’شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسونوَ.‘
(’ٺيڪ‘ بدران ’هر حالت ۾‘ به چئي سگهجي ٿو.)
’اسين توهان وٽ پهچندا‘ جي بدران
’پهچنداسونوَ.‘
ضميري پڇاڙي هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم
خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي، ۽ نه رڳو جملي کي ننڍو ڪري ٿي، پر ان
کي سولو ڪري ڳالهائڻ ۾ وقت ۽ لکڻ ۾ وقت، جاءِ ۽ فالتو پورهيي کان بچائي ٿي. اسان
ضميري پڇاڙيءَ جي اصولي فائدن کي تباهه ڪري، بي ڌيانيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ وچان هڪ
اجايو بار پاڻ تي وڌائي ڇڏڻ سان گڏ ٻوليءَ جي فطري سونهن ۽ جوڙجڪ کي به هاڃو رسايو
آهي (جيڪو صدين کان ڪاهيندڙ ڌاريا به نه رسائي سگهيا).
ڇا، سنڌي ماڻهو، خاص ڪري عالم، ليکڪ ۽
پبلشر، وسيع ذهن رکي، پنهنجو پاڻ کان هي سوال ورجائي ورجائي پڇي سگهون ٿا:
’ڇا، مون هي جملو صحيح
ڳالهايو/لکيو/سوچيو/ڇپيو؟‘
***
(ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جي ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي
لکت سنواريون“ ]ڇپيل 2000ع[ ۾ شامل)
[1] نوٽ: جن لفظن جي پويان ننڍي ڏنگيءَ ۾ سوال جي
نشاني ڏنل آهي، اهي ڌيان لهڻن ٿيون. منهنجو خيال اهو آهي ته انهن لفظن ۾ ضميري
پڇاڙي اهڙيءَ طرح شامل ٿي سمائجي وئي آهي، جو فعلي صيغو ساڳي ئي صورت وٺي بيٺو
آهي.
No comments:
Post a Comment