12/30/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ - ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: سنڌي ٻوليءَ جو وڃايل لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ جو پيش لفظ
ليکڪ: ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو
]”آءٌ نوجوان ليکڪن کي اهو مشورو ڏيندس ته هو پنهنجن تجربن کي پنهنجا موضوع بڻائن ۽ اهو ڄاڻڻ نهايت سولو آهي ته ليکڪ پنهنجن تجربن جي بنياد تي لکي رهيو آهي يا خالي خولي پڙهيل يا ٻڌل ڳالهيون ڪري رهيو آهي. نرودا جي هڪڙي مصرع آهي ته، خدايا! آءٌ ڳالهائيندي ڳالهه جي خراب ٿيڻ جي گناهه کان پناهه گھران ٿو. مون کي اها ڳالهه هميشه مضحڪه خيز لڳندي آهي ته، منهنجي لکڻين جي سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪرڻ وارا انهن ۾ موجود تخيل کي ساراهيندا آهن، جڏهن ته منهنجي لکڻين ۾ هڪڙي سٽ به اهڙي ڪانهي، جنهن جون پاڙون حقيقت ۾ کتل نه هجن.“ (گارشيا مارڪيز  ــــــــــ  ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1997ع[
انسان ابتدا کان ئي پاڻ سان لاڳاپيل مامرن ۽ مسئلن کي سمجھڻ لاءِ غور فڪر ڪري نوان نوان نظريا تخليق ڪندو، حل ڳوليندو، سماج ۾ سوچ ويچار لاءِ پيش ڪندو رهيو آهي ته مختلف ڪيفيتن ۽ احساسن جي تشريح لاءِ پنهنجي سمجھه جي اپٽار به ڪندو رهيو آهي. اهڙي ئي هڪ ڪيفيت ۽ هڪڙو احساس آهي هڪ ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن پهرينءَ نظر ۾ مائل ٿيڻ، پهرينءَ ملاقات ۾ پسند اچڻ يا ناپسند ڪرڻ. ان پسند يا ناپسند ڪرڻ لاءِ مختلف ڪارڻ ڳولي، ويچاري، ڪن نتيجن تي پهچي، پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ دليلن ۽ بحث جا رستا پڻ کوليندو رهيو آهي.

اهڙي وارتا ٻين ڪيترن عام ماڻهن وانگر مون سان به ٿيندي رهندي آهي ته ڪيترا ماڻهو پهرينءَ ملاقات ۾ دل ۽ دماغ تي پسنديدگيءَ جا اثر ڇڏيندا آهن يا پهرينءَ ئي نظر ۾ ناپسنديده شخصيت واري حيثيت حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙن ئي ڪجھه ماڻهن مان هڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به هو، جنهن پهرينءَ ملاقات ۾ پسنديده شخصيت طور گھڻو متاثر ڪيو ۽ ان متاثر ڪرڻ واري سندس اهليت ۽ سگھه ئي هڪ ٻئي کي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جا رستا کوليا. انهن ڪوششن دوران ۽ حوالن سان ڪجھه ٻين ماڻهن سان به واقفيت ۽ ملاقات ٿي. اڄ جڏهن محبت ٻرڙو جسماني طرح اسان جي وچ ۾ نه آهي، تڏهن به سندس حوالي سان مليل دوست منهنجي لاءِ وڏي وٿ آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ، صحبت ۽ رياضت ٻرڙو نهايت اهم آهن.
محبت ٻرڙي کي پهرينءَ ملاقات ۾ پسند ڪرڻ ۽ متاثر ٿيڻ تي جڏهن ويچار ڪرڻ شروع ڪيم ته، پهريان ته پروفيسر ميراڻيءَ جي راءِ وزندار لڳي ته ڪجھه ماڻهن جي ڪيمسٽري (هتي ’طبيعت‘ اصطلاحي معنى طور مناسب آهي) هڪ جھڙي هوندي آهي. جنهن جي سُڌ لاشعوري طور کين پهرينءَ ملاقات ۾ ئي ٿي ويندي آهي ۽ ان ڪري ئي پاڻ ۾ رلي ملي ويندا آهن، پر پوءِ ڊاڪٽر ٻرڙي بابت اهڙي ڪيفيت متعلق ڪجھه سال پوئتي وڃي پيش ايندڙ واقعن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڊاڪٽر محبت سان اهڙي نسبت ۽ احساس جو سبب چٽو ٿيڻ لڳو.
چئن سالن کان وڌيڪ عرصو برطانيا ۾ رهڻ دوران ٻين ڪيترن ملڪن، قومن ۽ نسلن جي ماڻهن سان واقفيت ۽ قربت جو موقعو مليو، جن مان هڪ پروفيسر مارٽن ايٽڪنسن (Martin Aitkinson) به هو، جيڪو سرڪاري طرح پهريان ٽي سال منهنجو استاد يا سپروائيزر ڪو نه هو، پر ڊپارٽمينٽ جو گريجوئيٽ ڊائريڪٽر هو، ۽ چوٿون سال منهنجي سپروائيزر جي سئٽزرلينڊ وڃڻ ڪري منهنجي ڪم جي نگراني به ڪندو رهيو. منهنجي پڙهائيءَ جي سموري عرصي دوران پنهنجي گھر توڙي شعبي ۾ ٿيندڙ هر پارٽيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو هو، پوءِ اها ويلنٽائن يا مَدرس ۽ فادرس ڊي جي پارٽي هجي، سندس شاديءَ جي سالگرهه، ڪرسمس، نئين سال يا سندس ڪنهن گھر-ڀاتيءَ جي جنم ڏينهن جي يا ڪنهن اسڪالر، دانشور يا سياسي اڪابر ۽ اهم شخصيت جي مانَ ۾ ڏنل پارٽي هجي. (انگلينڊ جي اصل باشندن يعني انگريزن ۽ اڪيڊمڪ سلسلي جون پارٽيون به عجب ۾ وجهندڙ هونديون هيون، جنهن ۾ شريڪ هر قسم جي مذهب ۽ عادتن واري ماڻهوءَ جي پسند جو خيال ۽ احترام رکيو ويندو هو. جتي الڪوحلڪ ڊرنڪس وسڪي، وائين، بيئر، جِن، ووڊڪا، شيري ۽ رَم جو بندوبست هوندو هو، اتي اهي نه واپرائيندڙن لاءِ سادي پاڻيءَ کان وٺي مختلف قسم جي جوسز جو انتظام به ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو مسلمان شريڪ ٿيڻو هوندو هو ته ڪنهن به حرام (پورڪ يا سوئر) جانور جو گوشت واپرائڻ کان پرهيز ڪئي ويندي هئي. يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل پارٽين ۾ ته اهو طريقو عام هوندو هو) جنهنڪري ساڻس منهنجا تعلقات نهايت گھرا ٿيندا ويا. هو شاگردن ۽ مطالعي جي ذريعي پاڪستاني طور طريقن ۽ ماڻهن جي سڀاءَ ۽ روين کان ڀليءَ ڀت واقف هو. مون کان ٻه سال اڳ سندس نظرداريءَ هيٺ قائداعظم يونيورسٽيءَ جو هڪ همراهه انجم سليمي ”اِي ايل ٽِي“ (E.L.T) ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ويو هو، جيڪو اڄڪلهه سنگاپور يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي رهيو آهي. ساڻس منهنجي گھرائيءَ جو پهريون سبب سنڌ جي تعارف ۾ سماجي، تاريخي ۽ سياسي منظر لکڻ وقت انگريزن واري دور جي حصي ۾ هندستان جي گورنر ايلن برو کي چارلس نـيـپـئـر جـي لـکيـل خـط ۾ سـنـڌجـي فـتح ڪرڻ بابت هن جملي ذريعي اطلاع ڏيڻ هو ته، ”I have sinned“ يعني مون گناهه ڪيو آهي (جنهن کي سنڌ ۾ نيپئر جي سنڌ فتح ڪرڻ بابت پڇتاءُ ڪري سمجھيو ويندو آهي). نيپئر جي ان جملي جي مٿان هُن ’Peccavi‘ لکيو ۽ ٻڌايائين ته نيپئر انگريزيءَ ۾ جملي بدران ليٽن ٻوليءَ جو مذڪوره لفظ استعمال ڪيو هو، جنهن جي معنى اها ئي آهي. ان اصطلاح بابت ڪجھ معلومات اڳ هئي، ڇاڪاڻ جو ان جو ذڪر انگريزن جي لکيل سنڌ تي ڪتابن ۾ به ملي ٿو، پر هن جي سنڌ بابت ڄاڻ ۽ سمجهاڻيءَ وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ساڻس ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آخري موڪلاڻيءَ تائين هڪ نه ٻئي بهاني سان ڪڏهن اڳواٽ ملاقات رٿي، ته ڪڏهن حجت سان سندس آفيس ۾ وڃي ڪنهن نه ڪنهن موضوع يا حوالي سان پنجن منٽن جو چئي، پنجاهه منٽ به ويهي بحث ڪرڻ ۽ سکڻ جو موقعو ڪڍي وٺندو هوس، پوءِ اهو کڻي بينظير ڀٽو (هڪ عورت) جو پاڪستان جهڙي ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ هجي، توڙي مارڪ ٽيليءَ جو ڪتاب ‘There is no full stop in India’ هجي يا دهلي کان ڪراچيءَ تائين سندس ريل جو سفر ۽ ماڻهن سان ملاقاتن جو موضوع هجي يا وري چومسڪيءَ جو لسانيات جي فيلڊ کي ڇڏي، دنيا جي اهم سياسي مسئلن تي ڪتاب لکڻ ۽ اهم ملڪن جا دورا ڪري ليڪچر ڏئي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ وارو سلسلو هجي. هر هڪ ننڍي وڏي ڳالهه تي ڊگھا ۽ منهنجي لاءِ سکڻ جھڙا بحث ٿيندا هئا. آخري مرحلي ۾ جڏهن ٿيسز لاءِ مڃتا واري حصي ۾ سندس ذڪر ڪندي لکيم ته:
“It has been always pleasure to converse with him as member of my research committee, as a Graduate Director and as an academician.”
تڏهن پنهنجي لاءِ لفظ academician استعمال ڪرڻ تي حيران ٿيندي پڇيائين، ته ”ڇا تون سمجھين ٿو ته مان هڪ ايڪيڊميشن آهيان؟ چڱو اچ ته ڊڪشنري ڏسون ته ڇا ٿي چوي.“ مارٽن ايٽڪنسن انگريزيءَ جي گرامر ۽ دنيائي لسانيات جو وڏو ماهر ۽ سائنٽيڪس (Syntax) تي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ چومسڪيءَ جي اسڪول آف ٿاٽ (School of thought) جو وڏو مبلغ هئڻ باوجود مون کي سمجھائڻ لاءِ ڊڪشنريءَ جو سهارو وٺي رهيو هو. هونئن به انگريزيءَ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ پروفيسرن کي مون وقت به وقت ۽ گھڻو ڪري ڊڪشنريءَ جو استعمال ڪندي ڏٺو. (ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته ڊڪشنريءَ جي هر نئين جلد ۾ هر سال ڪيترن ئي لفظن جو واڌارو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح انگريزي ٻولي توڙي ان جي استعمال ڪندڙن جو لفظي خزانو وڌندو رهي ٿو.) اسان وانگر نه، ته ڪو اصطلاح سمجھه ۾ نه آيو ته ٺوڪي ٻين جي ڪم علمي ۽ مهارت کي چئلينج ڪرڻ ويٺاسين ۽ لغت جي مطالعي جي تڪليف به نه ڪئي سِين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ٻولي آهي، اسان کي سکڻ ۽ ڊڪشنريءَ مان مدد وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو معاملو ايتري حد تائين وڃي پهتو آهي جو شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتاب ”چنڊ-ڳليون“ تي اسان جو هڪ بزرگ دوست عبدالقيوم صائب تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، ”چنڊ ڪو ڳوٺ، پاڙو يا شهر ڪونهي، جنهن ۾ ڪي ڳليون هجن...“ کيس ڪير سمجھائي ته ڪنهن به فن کي سمجھڻ ۽ تنقيد ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول پنهنجي سمجھ، مشاهدي، سخن فهمي ۽ احساس جي قوت کي ان معيار مطابق بڻائڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن ڪنهن تصنيف تي تنقيد ڪرڻ وقت ان سان انصاف ڪري سگھجي ۽ ڪنهن کي لوئڻ، گلا ڪرڻ ۽ نالو ڳڻائڻ کان وڌيڪ ان فني صنف ۾ ترقي، چڱائي ۽ بهتريءَ جا ڏس به ڏسي سگھجن. پر موصوف کي ايتري به سوچڻ ۽ ويچار ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ته نه رڳو سائنسدانن ۽ چنڊ جو سفر ڪندڙن چنڊ تي ڳليون ڳولي ڪڍيون آهن، پر شاعر ته انهن ڳلين ۾ آواره گردي ڪندي ڪيتريون ئي تخليقون پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائي چڪا آهن. جيڪڏهن تبصري نگار اهڙي اڇاتري ۽ هلڪي ڳالهه کي اهم سمجھي پاڻ کي نقاد ۽ اهڙي راءِ کي تنقيد چئي، ته بهتر اهو ئي آهي ته خاموش رهجي. ڇاڪاڻ ته علم، ڏاهپ، فن، فڪر، صحافت، عقل ۽ ادب جي تباهيءَ تي ماتم ڪرڻ جو وقت اڃا اڳتي اچڻ وارو آهي. ها، کيس ايترو فائدو ضرور ٿيندو جو، جڏهن ڪو دوست ڪنهن عالم يا شاعر تي ڪيل تنقيد جي نالي ۾ ڇپيل مواد کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپائيندو ته سندس اهڙي مواد کي به بغير اوک ڊوک ۽ وياکيا ڪرڻ جي تنقيد جي زمري ۾ آڻي ڇڏيندو ۽ ان وڏي عالم، اديب يا شاعر سان سندس نالو به ڳڻجڻ ۾ ايندوته هي صاحب به سندس نقادن ۾ شامل هو. بهرحال، مارٽن آڪسفورڊ ڊڪشنري ڪڍي academician لفظ جي معنى سمجھائي. اهڙي طرح ان نتيجي تي پهتاسين ته يونيورسٽيءَ جي پروفيسر لاءِ لفظ academic مناسب آهي جڏهن ته academician صرف ڪنهن اڪيڊميءَ ۾ ڪم ڪرڻ واري کي چئبو آهي، مثال طور رائيٽرس اڪيڊمي، اڪيڊمي آف آرٽس وغيره.
هتي پروفيسر مارٽن جي ذڪر جو مقصد ڊڪشنريءَ جي استعمال ۽ لفظ جي صحيح سمجھاڻيءَ ۽ استعمال جي اهميت کان سواءِ اهو به آهي ته، جڏهن وطن ورڻ وارو ٿيس ته، ٻين ڳالهين کان علاوه ان ڳالهه تي به گھڻو زور ڏئي مون کي سمجھائيندو هو ته ساڍا چار سال هن آزاد، مغربي ۽ ترقي يافته دنيا ۾ رهڻ، مقامي ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۽ قومن جي ماڻهن سان رلي ملي وڃڻ ۽ مختلف قسمن جي تربيتن حاصل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي ماڻهن ۾ ويندين ته توکي وڏي تبديلي محسوس ٿيندي. توکي لڳندو ته ماڻهو تبديل ٿي ويا آهن. انهن جا رويا اهي ساڳيا نه رهيا آهن وغيره وغيره، پر اصل ۾ ائين نه هوندو، تون تبديل ٿي چڪو هوندين ۽ تبديلي تو ۾ اچي چڪي هوندي، تنهنڪري اهو احساس هتان ئي پاڻ سان کڻي وڃ ته پنهنجي سماج ۾ هاڻي تون تبديل ٿيل ماڻهو هوندين، پوءِ ماڻهن جي اڍنگي ۽ نامناسب روين ڪري توکي مايوسي ڪو نه ٿيندي. مون ان بابت ساڻس ڪيترا بحث به ڪيا پر هن وٽ مون کي قائل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سماجياتي ۽ نفسياتي دليل هئا.
سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي ڪجھه عرصي کان پوءِ جڏهن سنڌي سماج جي تاڃي پيٽي ۽ سماجي روين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، ته محسوس ٿئي ٿو ته، لاڙڪاڻي ۾ 30 سال رهندڙ ماڻهو حيدرآباد ۾ چئن سالن جي رهائش دوران پاڻ کي بدليل ۽ پاڻ ۾ فرق محسوس ڪري ٿو. ڏوڪري، جھنگشاهي، راڌڻ، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، دادو، قنبر، پاٽ، روهڙي، شڪارپور ۽ سڪرنڊ کان اچي ڪراچي، قاسم آباد، حيدرآباد يا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪجھه عرصو رهڻ وارو ماڻهو پاڻ کي ساڳيو نه پر ٻيو ڀانئي ٿو ۽ پنهنجي ورتاءَ ۽ روين ۾ اها تبديلي محسوس ڪري ٿو (خاص ڪري تڏهن، جڏهن ڳوٺ موٽي مقامي ماڻهن سان رابطي ۾ اچي ٿو) ته پوءِ انگلينڊ جھڙي ملڪ ۾ ايترو عرصو رهڻ ۽ مختلف قسم جي نوجوانن، دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن، عالمن ۽ پروفيسرن جي صحبت ڪيئن نه تبديلي آندي هوندي. سنڌ ۾ گذاريل زندگيءَ جي سموري علمي ڪيريئر ۾ مون کي ڪنهن به استاد ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو لاڳيتي تعليم ڪو نه ڏني آهي. جڏهن ته انگلينڊ ۾ ٽن پروفيسرن جي مسلسل نگرانيءَ ۽ تربيت هيٺ لاڳيتو چئن سالن جو عرصو رهيس، ته اثر ۽ تبديلي ته ضروري آهي. ان سمجھه کان پوءِ مان ماڻهن جي روين ۽ سڀاءَ جي تبديليءَ کي انهن ۾ تبديلي نه، پر پاڻ ۾ تبديلي ڀائيندي، کين ڪا به ميار ڪو نه ٿو ڏيان. انهن کي پنهنجي ويچارن مطابق تبديل ڪرڻ جي ڪا به تڪڙي تمنا نه رکندي، پاڻ انهن جھڙو ٿيڻ ۽ انهن جھڙا رويا اختيار ڪرڻ جي ڪوشش تي ويچاري رهيو آهيان.
بهرحال مٿي ذڪر ڪيل انگلينڊ جي علمي ۽ فڪري ماحول مان ٿي، وڏا وڏا خدمتن جا خواب کڻي، پنهنجي ملڪ ۾ پهرئين ڪلاس جي شهري ٿي رهڻ واري سَڌ يا خوشفهميءَ سميت سنڌ ۾ داخل ٿيس. ]پڙهائي پوري ڪري وطن واپس ٿيڻ وقت برطانيا جي هوم ڊپارٽمينٽ کان ٻن سالن جي ملٽيپل (multiple) ويزا گھريم ته جيئن برطانيا ۾ آزاديءَ سان اچي وڃي سگھان. ان سلسلي ۾ منهنجو انٽرويو ڪندي، هڪ اهو به دليل ڏنائون ته تون واپس پاڪستان نه ويندين، ڇاڪاڻ جو هتي ماحول سٺو آهي، تون ايڊجسٽ ڪري چڪو آهين. گهڻو عرصو رهڻ ڪري تنهنجا ۽ تنهنجي فيمليءَ جا ڪجھه حق به ٿين ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته تو کي نوڪريءَ جي پڻ آفر آهي، (ان وقت هڪ اهم يونيورسٽيءَ مون کي سنڌ تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ فيلوشپ آفر ڪئي هئي) جنهن جي جواب ۾ مون کين چيو هو ته آءٌ سنڌ جو رهاڪو آهيان، هڪ ليکڪ ۽ پروفيسر آهيان ۽ ان سماج ۾ منهنجي، ڌرتيءَ جي مالڪ ۽ پهرئين ڪلاس جي شهريءَ واري حيثيت آهي. (اهو هڪ الڳ بحث آهي ته واقعي اسان مالڪيءَ واري حيثيت ۾ آهيون. هتي موضوع کان لاڳاپيل نه هجڻ ڪري ان تي ٻئي دفعي لکبو.) تنهنڪري هتي برطانيا ۾ چوٿين درجي جي شهريءَ واري حيثيت ۾ رهڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگھان، باقي پئسو ۽ سهولتون منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڪڏهن به نه رهيو آهي. (ان وقت برطانيا ۾ موجود ماڻهن کي آءٌ هيٺين طرح ورهائيندو هوس: انگريز؛ غريب توڙي امير پهرئين ڪلاس جا شهري، يورپ جي ٻين ملڪن ۽ آمريڪا، ڪيناڊا ۽ آسٽريليا مان آيل ماڻهو (migrant) ٻئي ڪلاس جا، آفريڪا ۽ ايشيا (سواءِ پاڪستانين جي) مان اچي آباد ٿيل ٽئين نمبر جا شهري، جڏهن ته پاڪستان کان اچي آباد ٿيل ماڻهو چوٿين درجي جا شهري. اهڙي ورهاست کي مائڪرو ليول تي اڃا به وڌيڪ ڪلاسن يا سماجي گروهن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.[
دوستن ۽ ملڻ واري اڳين حلقي منهنجي تربيت جي باري ۾ ڪجھه پڇا ڳاڇا ڪرڻ بدران چيو ته هوءَ نوڪري وٺ، تون هُن نوڪري لائق آهين، فلاڻو تنهنجو دوست آهي، فلاڻي وزير يا ڪاموري سان ملي هيءَ يونيورسٽيءَ ڇڏي ڪا سڻڀي نوڪري وٺ، وغيره وغيره. اهڙين ڪيفيتن ۾ جڏهن پنهنجي اصل شعبي ۾ رپورٽ ڪرڻ ويس ته پهريون جملو اهو ٻڌڻ لاءِ مليو ته ”گھڻو اڳ جڏهن الانا صاحب لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم اي لسانيات ۾ ڪري آيو هو (الانا صاحب جو لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪرڻ وارو به عجيب ۽ الڳ داستان آهي، ڪنهن ٻئي دفعي) تڏهن سنڌيءَ جي ايم اي ۾ هروڀرو لسانيات شامل ڪرائي هئائين. هاڻي وري تون پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهين. سنڌي ۾ لسانيات جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ الانا صاحب هاڻي وي سي آهي، کيس چئي لسانيات سنڌيءَ کان الڳ ڪرائڻ گھرجي.“ اهو هئو، منهنجي خوابن ۽ ڪم ڪرڻ وارن ارادن جو پهريون جواب ۽ تعبير. ٻيو وري يونيورسٽيءَ ۾ موجود قانون مطابق ملڪ ۾ واپس اچڻ سان وائيس چانسلر سان ملڻ ضروري هوندو آهي، جيئن کيس پنهنجي اڳتي جي پروپوزلس ۽ تحقيق جي گنجائش ۽ اسڪوپ کان آگاهه ڪري سگھجي. پر منهنجو ان وقت جو وائيس چانسلر 19 جون 1994 کان 26 جولاءِ 1995ع تائين (اٽڪل 13 مهينا) مون سان پنهنجي آفيس ۾ ملڻ لاءِ وقت ڪڍي نه سگھيو. ان کان پوءِ هو وي سي نه رهيو جو مان کيس پنهنجي تحقيق جو پروگرام ٻڌائي سگھان. وي سيءَ جي مون سان نه ملڻ تي سندس ئي هڪ اهم آفيسر ان وقت تبصرو ڪندي مون کي چيو ته ”يار سندس ملاقات نه ڪرڻ جو سبب سمجھي وڃ، ته پاڻ مشڪل سان لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪري سگھيو، هاڻي تون وقت اندر ساڳئي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهين، ان ساڙ وچان تو کان لنوائي ٿو.“ پر مون کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته هڪ وي سيءَ کي هڪ استاد سان ڪهڙو ساڙ، جنهن جھڙا 500 ڄڻا سندس صاحبيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيا هجن؟ بهرحال اهو اڄ به منهنجي ۽ سنڌي سماج جي گھڻ گھرن ۽ علم ۽ علمي اداري کي ترقيءَ لاءِ اهميت ڏيڻ وارن لاءِ سوال آهي، ٿي سگھي ٿو ته انهن وٽ ان جو جواب هجي!
اهڙن غير علمي روين ڪري مايوسين دوران مون کي سائين علي احمد بروهي صاحب، انعام شيخ، آفتاب ابڙي، نور احمد ميمڻ (سنڌيڪا واري)، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻي ۽ علي قاضيءَ جي صحبت وڏو آٿت ڏنو، جڏهن ته نوجوان ليکڪن ۽ صحافين طرفان مانُ ملڻ شروع ٿيو، جن مان اعجاز منگيءَ، همسفر گاڏهيءَ ۽ بدر ابڙي مون سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري پنهنجين اخبارن ۾ شايع ڪئي. مون کي پنهنجي علمي اڃ اجھائڻ جو ذريعو اهي نوجوان ليکڪ ۽ اخبارون محسوس ٿيون ۽ هڪ خاص رٿا تحت تعارفي مضمون لکڻ شروع ڪيم. انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ٽماهي ”مهراڻ 1994ع ۾ محبت ٻرڙي جو مضمون ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ نظر مان گذريو. حيراني ۽ تجسس ٿيو ته اهڙو علمي مقالو لکندڙ هي شخص ڪير آهي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر آهي. سمجھيم ته ڪو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر هوندو پر مقالي ۾ علمي پختگيءَ ۽ تازن حوالن نه هجڻ شڪ به پيدا ڪيا، پر وري اهو سوچيم ته سنڌ جي ڪنهن پروفيسر وٽ ڪئي هوندائين، جنهن جي پنهنجي تربيت پراڻي طريقي ۽ صرف ڪتاب لکڻ واري ٿيل هوندي، تنهنڪري سندس مقالي ۾ تحقيقي مقالي واري انداز جو فقدان نظر ٿو اچي، پر جنهن علمي نموني مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي هئائين، تنهن هن جي علمي حيثيت منهنجي اڳيان مٿاهين رکي ۽ ملاقات ڪرڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو شوق وڌايو. اصولي طور آءٌ سندس مقالي ۾ پيش ڪيل ويچارن سان متفق ڪو نه هئس، ڇاڪاڻ جو هو نحوي بناوتن تي ڌيان ڏيندڙ ۽ مڙني ماڻهن کي هڪجھڙي ۽ پنهنجي مرضيءَ واري ٻولي يا جملا ڳالهائڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. جڏهن ته سماجياتي لسانيات جي نون نظرين جي اثر هيٺ مان ماڻهوءَ يعني ڳالهائيندڙ کي اهو مڪمل حق ڏيڻ جو حامي آهيان ته هو فطري طرح ڳالهائي، سماجي حالتن ۽ سياسي تبديلين کان علاوه ميڊيا ۽ ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن سان رابطي سندس ٻوليءَ يا ڳالهائڻ جي انداز يا لکڻيءَ تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن، ان جو فطري اظهار ڪري، اداڪاري يا ٺاهه ٺوهه جي چڪر ۾ ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ فطري تبديليءَ تي اثر پوندو ۽ اهو عمل ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو.
بهرحال ٻوليءَ جي جملن جي بناوت ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ معنويت تي اهو ڳوڙهو، علمي ۽ وڏي محنت سان تيار ڪيل اهم مضمون گھڻي ئي ڌياڻ لهڻ ۽ وڏي علمي بحث جو متقاضي هو. مان اڃا سندس ان مضمون تي لکت ۾ راءِ ڏيڻ بابت سوچي ئي رهيو هئس ته ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1994ع جي پرچي ۾ محمد عمر چنڊ جو سندس مقالي تي علمي ۽ تنقيدي خط ڇپيو، جنهن محبت جي مضمون ۾ سندس پنهنجي لکيل ٻوليءَ ۾ خامين جي نشاندهي ڪندي، آخر ۾ هيءَ راءِ ڏني ته، ”مون کي وري به اجازت ڏيو ته آءٌ محبت جي هن ڪارنامي جي ساراهه ڪيان، انهيءَ ڪري جو اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جي نوجوانن ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي روايتن کي اکيون پوري قبول ڪرڻ بدران پاڻ سوچين ٿا، ويچارين ٿا ۽ هڪڙو درد ۽ هڪڙو جذبو رکن ٿا... محبت جون اهي ڳالهيون اسان کان ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿيون ته اسان اهڙن ماڻهن جي همت افزائي ڪيون. اهڙن ماڻهن کي تحقيق جون وڌيڪ سهوليتون مهيا ٿي ملڻ کپن، جيئن اڳتي هلي اهڙا ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ادب لاءِ وڌيڪ ڪارائتا ٿي سگھن. هن املهه ماڻڪ کي ڪاريگر جوهرين جي هٿان گھڙاوٽ جي ضرورت آهي.“
محمد عمر چنڊ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ هڪ لسانياتي ماهر آهي، جيڪو ملڪ ڇڏي دارالسلام برونائي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ اتان سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙن لاءِ اهڙيون اميدون رکي ٿو ۽ کين سهولتون ڏيڻ جو متقاضي آهي. سنڌ ۾ هجي ها، ته علمي ڪم ڪندڙ اهڙن ماڻهن سان ادارن ۽ ادارن ڌڻين جي روين کي ڏسي توبهه ڪري واپس ڀڄي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا هي ادارا هزارين ميل پري ويٺل انگريزن توڙي هندستان جي عالمن جي سوين سال پراڻي ڪم کي ڇپائڻ ۽ ترجما ڪرائڻ لاءِ ته جتن پيا ڪن، پر نئين ۽ جديد تحقيق ڪندڙن جي نه رڳو رستا روڪ ٿا ڪن پر حسد ۽ بغض وچان انهن کي لوئڻ ۽ گھٽ ڪري پيش ڪرڻ کان علاوه انهن کي مارائڻ جون ڪوششون ڪرڻ کان به ڪين ٿا ڪيٻائين.
هڪ ڏينهن آفيس مان موٽڻ کان پوءِ هدايت آخوند جو فون آيو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو مون وٽ آيل آهي ۽ تو سان ملڻ ٿو چاهي. مون هڪدم هائوڪار ڪندي کيس اچڻ لاءِ چيو ۽ هو پنهنجي ڀاءُ رياضت ٻرڙي (جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد هو ۽ سائنس جي موضوع تي لکندو آهي) سان گڏجي آيو. عجيب نوجوان هو. وڏي محبت ۽ حجت سان آيو هو، ذهن ۾ ڪيترائي سوال کڻي. منهنجا سمورا ليک ۽ انٽرويو توڙي ڇپيل بحث پڙهيا هئائين. هر هڪ ڳالهه کان واقف هو. هُو ڳالهائيندو رهيو ۽ سگريٽ مٿان سگريٽ ڦوڪيندو رهيو. گھڻي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙو ماڻهو اٽڪيو هو، جيڪو نوڪريءَ، سفارش، مارڪن، پروموشن، اخبار، صحافت، سياست، جھيڙن ۽ پگھارن کان سواءِ خالص علمي موضوعن تي ڳالهائڻ آيو هو. گھر جا سڀ خفا ڦٽا ڪري ساڻس ويهي رهيس. هي ته ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نڪتو! ان ئي دَور ۾ هڪ دوست ڊاڪٽر شمس صديقي به سماجيات، سياست، انقلاب ۽ قومي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. وڏي مشڪل سان کيس راضي ڪيم ته پنهنجي ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڪم ڪري نالو پيدا ڪر، اهائي وڏي خدمت ٿيندي. نيٺ کيس اها ڳالهه سمجھه ۾ آئي. اڄ ميڊيڪل پريڪٽيشنر آهي. ڏاڍو مصروف ۽ خوش آهي. مان به خوش آهيان، جو هڪڙو ماڻهو پنهنجي اصل ڪم کي لڳو، نه ته هتي ته حالت اها آهي ته شاعر، عالم ۽ ڪهاڻيڪار ڪامورا ۽ خوشامد جا ماهر صاحب ٿيو وڃن؛ شاعر ۽ صحافي لنگئسٽ، ريسرچ اسڪالر ڪالمسٽ ۽ واپاري اخبار جا ايڊيٽر، وڏا صحافي ۽ دانشور ٿيو وڃن. جڏهن ته ڊاڪٽر، سائنس گريجوئيٽ ۽ انجنيئر وري ڪمشنر ۽ پوليس آفيسر ٿيو وڃن. اهڙي حالت ۾ شمس صديقيءَ جو پنهنجي پروفيشن ڏانهن موٽڻ سنڌي سماج ۾ مثبت تبديليءَ جي نشاني محسوس ٿئي ٿي.
محبت جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جي تمنا ٿي. هو ڳالهائيندو رهيو. سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي وڏو مطالعو هئس. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪو به ڪتاب ڪو نه ڇڏيو هئائين. هي ڪهڙو ماڻهو هو! ڊاڪٽريءَ جھڙو منافعي بخش ڪاروبار، سماجي ۽ انساني خدمت ڪرڻ جو موقعو ڇڏي، قنبر جھڙي شهر ۾ پنهنجي ڪلينڪ هوندي، مريض ڏسڻ بدران، ٻوليءَ جي مامرن تي پڙهي ۽ جاکوڙي رهيو هو. اهڙيءَ طرح چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ جو عرصو ٻوليءَ بابت نظرياتي، عملي ڪم ۽ رٿابنديءَ بابت ڳالهه ٻول ٿيندي رهي. مون سماجي لسانيات جي موضوع سان آگاهي ڏيندي ان جي اهميت ۽ علمي توڙي سماجي ترقيءَ لاءِ ان جي استعمال بابت پنهنجي ويچارن کان کيس آگاهي ڏني. هن ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. منهنجي لاءِ اهو سڄو وقت حيرت ۽ بي يقينيءَ جو هو، جو ان کان ڪجھه ڏينهن اڳ ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سربراهه فون ڪري پنجين وڳي کان ستين وڳي تائين ٻه ڪلاڪ ٻوليءَ مامرن بابت ڳالهائڻ جو وقت متعين ڪري پنهنجي هڪ دوست سان آيو وري 6:45 منٽن تي (پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان) ۽ چيائين ته دير ٿي وئي جو ٽيچرز هاسٽل ۾ ويهي رهياسين، چانهه وغيره به ڪو نه پيئنداسين، بس اسان کي ٻڌايو ته هن اداري کي ڪهڙو ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٿيسز جو ديدار ڪرايو. کيس ٿيسز ڏيکاريم. ٻه منٽ اٿلائي پٿلائي رکي پڇيائين، هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڏاسواڻيءَ جو ڪيل هندستاني سنڌيءَ جو سماجياتي سروي بابت ڇپيل ڪتاب ڏيکاري چيومانس، ته سڀ کان اول هن نموني تي ڪم سنڌ ۾ ڪرايو، جنهن لاءِ اوهان کي چار نوجوان فيلڊ ورڪر گھرجن، جن کي آءٌ تربيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ته لسانياتي ڊيٽا ڪيئن گڏ ڪجي. ان کان پوءِ موڪلائي هليا ويا. هفتي کن کان پوءِ سندس هڪ ٻئي دوست محترم تاج جويي عبرت مئگزين“ ۾ ڪالم لکي منهنجي ڪم ۽ ڊاڪٽريٽ جي باري ۾ لکيو ته ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي پنهنجي ٿيسز ۾ ڏاسواڻيءَ جي هندستاني سنڌيءَ جي سماجي-لسانياتي سروي واري ڪتاب کان مدد ورتي آهي. ڏاڍو ارمان ٿيو ته ٻُڌ سڌ تي ڪيتري غلط معلومات سنڌي ماڻهن تائين پهچي رهي آهي ۽ ايئن ڪرڻ سان هي ماڻهو ڪهڙي قومي يا علمي خدمت ڪري رهيا آهن! پر شايد هو قومي، علمي يا سماجي خدمت جي ڳالهه به ڪو نه ٿا ڪن، هروڀرو اسان جھڙن ماڻهن کي اچي خدمت وارو مٿي جو سور پيو آهي.
سو ٻوليءَ جي اهڙن ادارن ڌڻين جي ڀيٽ ۾ محبت ٻرڙو غنيمت ته ڇا وڏو اثاثو لڳو. سندس بحث ۽ لفظن تي زور ڏئي ڳالهائڻ ۾ وزن ۽ خود اعتمادي هئي، جيڪا هن جي سچائيءَ ۽ ڪم ڏانهن devotion ظاهر ڪري رهي هئي. ڪچهريءَ کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندي چيائين ته اوهان وٽ سمجھڻ آيو آهيان ته، سماجي لسانيات اصل ڇا آهي ۽ اهو علم ڪنهن سماج، خاص ڪري سنڌي سماج ۾ ڪيئن ڪارگر ٿي سگھي ٿو؟ ڪجھه اڃا ٻڌايو. اڌ ڪلاڪ کن کيس ٻڌائيندو رهيس، پر ڪيترا اصطلاح هن لاءِ اوپرا هئا. وضاحتن ڪرڻ باوجود چيائين، ته مان پاڻ پڙهڻ ٿو چاهيان، ڪو ڪتاب يا ٻه ٽي ڪتاب ڏئي سگھو، ته مهرباني ٿيندي. اڳي ئي ڪتابن واري معاملي ۾ ڏنڀيل هئس، جو اديبن، شاگردن ۽ پروفيسرن کان وٺي ڪامورن، سياسي ليڊرن ۽ ورڪرن تائين ڪيترا دوست ڪتاب کڻي ويا آهن ۽ اڃا موٽائڻ جو نالو ڪونهي. پر هن ماڻهوءَ کي لنوائڻ ڏکيو پئي لڳو. مون وٽ ان وقت سماجي لسانيات تي تعارفي ڪتابن جو تعداد 11 کن هو. هُو منهنجي چهري جي تاثرن مان ڪجهه سمجهي ويو. اهڙي طرح پاڻ ئي اهو چئي مسئلو حل ڪيائين ته، هڪ هڪ ڪتاب 15 ڏينهن لاءِ ڏيو. 15 ڏينهن ۾ واپس ڪرڻ ۽ اوهان سان ڪچهري ڪري ڪتاب بابت ڳالهائڻ کان پوءِ ٻيو ڪتاب وٺندس. آءٌ راضي ٿيس، ڇاڪاڻ ته هو مون کي ڪم ڪندڙ ۽ ٻوليءَ بابت سنجيدگيءَ سان سوچيندڙ ماڻهو لڳو. ٿورو وقت اڳ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو علم جي پکيڙ جي سلسلي ۾ تقرير ڪندي هارٽ اٽيڪ سبب فوت ٿي چڪو هو. الهداد ٻوهيو انهن ماڻهن مان هو جن سان مون کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي سَڌ ۽ شوق هو، پر سندس زندگيءَ ساٿ نه ڏنو. اهڙيءَ طرح ٻيو اسڪالر محمد عمر چنڊ پڻ ملڪ ڇڏي دارالسلام برونائي وسائي چڪو هو. هي ٻئي اهي ماڻهو هئا جيڪي سماجي لسانيات جي اهميت کان واقف هئا ۽ مون کان اڳ ۾ ئي پنهنجي ڪتابن ۾ منهنجي سپروائيزر پروفيسر پيٽر ٽرڊگل جو ذڪر ڪري چڪا هئا. انهن سان ڪم ڪرڻ جي حسرت رهجي وئي. هاڻي هي محبت ٻرڙي جي نالي ۾ روشنيءَ جو ڪرڻو مون وسائڻ نه پئي چاهيو. ان ڪري سندس جذبن تي ڪتابن جي گاسليٽ سان باهه ڀڙڪائڻ پئي چاهيم، تنهنڪري کيس پهريون ڪتاب Janet Holmes جو `An Introduction to Sociolinguistics` پندرهن ڏينهن جي لاءِ ڏنم. اهڙي طرح محبت سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو.
مون سندس ٻيا مضمون، ايم ايڇ پنهور جي انگريزي مضمون جو ترجمو جيڪو ناز سنائي واري ”ڪينجھر“ ۾ ڇپيو ۽ ماهوار ”سنڌ سجاڳ ۾ آيل سراج جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ تي گنگارام سمراٽ جي ٻيهر ڇپيل تنقيدي مضمون جي جواب ۾ جاڳو اخبار ۾ آيل ”استدلال جو اهو طريقو غلط آهي“ لسانياتي تنقيد ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ نئين بحث ڇيڙڻ جي دعوت ڏين ٿا، باريڪ بينيءَ سان پڙهيا ۽ ڪيترن بحث طلب موضوعن تي ويچار ونڊڻ لاءِ نڪتا ڳولي رکيم ۽ ملاقات جو انتظار ڪندو رهيس. نيٺ پندرهن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ مون وارو ڪتاب سندس ڀاءُ هٿان واپس مليو ان نياپي سان، ته جلد ئي ملاقات ٿيندي. پر ٻي ملاقات وري سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ طرفان سڏايل دانشورن ۽ اديبن جي اسيمبليءَ ۾ ٿي، جڏهن ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان ٿورو اڳ هڪ ڪنڊ مان محبت ٻرڙي اٿي بيهي زوردار آواز سان پنهنجي راءِ ڏني ته ’اسين هتي ويٺل سمورا دانشور، اديب يا ڪامورا سماج يا سنڌ جي سياست ۾ ڪا به مثبت تبديلي آڻي نه سگھنداسين، جيسين اسين پنهنجو احتساب نه ڪنداسين ۽ جائزو نه وٺنداسين ته اسان ادارن کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي. ادارا، جيڪي ڪنهن قوم جي اڏاوت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن. اسان جي اديبن موقعو ملڻ تي انهن کي اڏوهيءَ وانگر کائي کوکلو بڻايو آهي، تنهنڪري سڀ کان اول اسين پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون ۽ عملن جو احتساب ڪيون.‘ ويٺل ڪيترن ڪامورن اديبن جا منهن لهي ويا، جيڪي نوڪريءَ مان لهڻ کان پوءِ سنڌ دوست ۽ سماج دوست ٿي ويندا آهن ۽ اهي پليٽ فارم استعمال ڪري پبلڪ رليشن ذريعي وري سڻڀيون نوڪريون حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ پوءِ وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه. ان وقت ته چيئرمين صاحب محبت ٻرڙي جي ڳالهه/تجويز کي لنوائي اجلاس برخاست ڪيو، پر محبت جي سيني ۾ اها باهه ۽ سچ جا اهي جملا منهنجي دل ۾ رهجي ويا، جو مون کي اهي پنهنجا ويچار لڳا ۽ سمجهيم ته هِي ويچار، هي سندس اندر ۾ موجود آڳ هن کي ڪجھه ڪرڻ لاءِ تڙپائيندي رهندي ۽ اها راءِ قائم ڪيم ته لسانيات تي ڪم ڪندڙ هي همراهه جلد ئي Structural Linguistics مان نڪري سماجي لسانيات ڏانهن راغب ٿيندو، جو هن کي سماج جي سڌارڻ ۽ تبديليءَ جو اُونو آهي ۽ لسانيات جي ڄاڻ کي ان لاءِ استعمال ڪرڻ جي اهليت به رکي ٿو.
ان دوران سرڪار وڏي غور ويچار کان پوءِ وڏين سفارشن ۽ مشهور نالن ۽ منهنجي ڀرپور حسد واري مخالفت کي لنوائيندي، مون کي سنڌالاجيءِ جو، پنهنجي اصل نوڪريءَ سان گڏ، ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. بقول ”سنڌ اخبار ۾ ڇپيل ڊاڪٽر سليم جي مضمون جي، ته گهڻن کي پنهنجا چلها وسامندي نظر آيا ۽ پنهنجي نااهليت کي لڪائڻ لاءِ حسد ۽ بي خبريءَ سبب بدتميزيءَ جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو. (اهو طوفان ڪيترو هو، ان جو پس منظر ۽ ڪهڙا ماڻهو ۽ ڌريون ان جي پٺيان هئا، ان کي ڪجهه اخبارن ڪيئن پيش ڪيو، ٻئي دفعي ـــــــــ هتي موضوع کان هٽيل آهي). منهنجي حمايت، هڙتالين کي تنبيهه ۽ سنڌالاجيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪيترين اخبارن ايڊيٽوريل ۽ نوجوان ليکڪن مضمون لکيا. ان وقت ”سنڌ“ اخبار ۾ ڪم ڪندڙ دوست اعجاز منگيءَ ٻڌايو ته، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي لاڙڪاڻي کان هڪ ڀرپور مضمون موڪليو آهي پر ڪنهن مناسب موقعي تي شايع ڪيو ويندو (جيڪو پوءِ شايع ڪو نه ٿيو).
ڪجھه هفتن کان پوءِ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين ته ڪجھه همراهه آيا. ڊاڪٽر ايوب شيخ ساڻن تعارف ڪرايو ته ڊاڪٽر نظير شيخ، بخت شيخ، صحبت ٻرڙو وغيره. ڊاڪٽر نظير شيخ ٻڌايو ته، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي وارو مضمون هن لاڙڪاڻي مان ٽي سي ايس ذريعي موڪليو هو ۽ ان ئي ٻڌايو ته ڊاڪٽر محبت وٽ ايترا به پئسا ڪو نه هوندا آهن جو مضمون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي. ڇاڪاڻ ته هو ڪلينڪ ۾ پئسن ڪمائڻ لاءِ نه، پر ٿانيڪو ٿي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ ويهندو آهي. مريضن کي يا ته موٽائي ڇڏيندو آهي يا تمام ٿورا پئسا وٺي علاج ڪندو آهي، تنهنڪري پئسا وٽس ڪو نه هوندا آهن. بهرحال محبت جي باري ۾ سندس دوستن کان گھڻي ڄاڻ ملي.
محبت وري جڏهن ملاقات لاءِ ڄامشوري آيو ته ساڻس گڏ منصور عالم ابڙو به هو. ڊگھي ڪچهري ٿي. مون سندس پنهور صاحب واري مضمون جي ترجمي جي تعريف ڪئي، ته چيائين ته، تون پنهنجو ڪو مضمون ڏي ته تنهنجي ڪم کي به سمجھان ۽ ترجمو به ڪيان. هو ڳالهه جو ڌڻي هو. لفظ جي پوريءَ معنى ۽ احساس جو ادراڪ رکندڙ هو. کيس مضمون ڏنم، جيڪو هفتي اندر پهريون ۽ ٻيو ڊرافٽ ڪري پنهنجي هٿ اکرن ۾ بلو ۽ ڳاڙهي مس جو استعمال ڪندي لکي موڪليائين. سندس اڳ ڪيل ترجمن ۽ مضمونن ذريعي سندس ٻوليءَ جي سمجھه ۽ دسترس کان واقف ٿي چڪو هوس، پر جڏهن منهنجي مضمون ۾ موجود خالص فني لفظن ۽ اصطلاحن جي سنڌيءَ ۾ معنى به لکي موڪليائين، ته خبر پئي ته کيس عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن ۽ انهن جي ڌاتن جي وڏي ڄاڻ هئي. هو سنڌي لغت جو باقاعدي استعمال ڪندي لفظن ۽ اصطلاحن جي معنى ۽ روح تائين پهچڻ جي اهليت رکندڙ هو. سنڌي لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي دسترس حاصل هئس. اهڙي طرح هو ان لائق هو ته، مختلف علمن بابت لفظن ۽ اصطلاحن لاءِ سنڌيءَ ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح گھڙي (coin) سگھي، تنهنڪري کيس سنڌيءَ جو ليڪسيڪالاجسٽ (= Lexicologist لفظ جي گھاڙيٽي جو اڀياس ڪري، پس منظر، تاريخ ۽ معنى ڄاڻندڙ) چئجي، ته وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي ته ايئن ٿو لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم ’لفظ‘ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنهن جو نعم البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نه سگھي.
لسانيات جي علم ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجھه خاص لفظن ۽ اصطلاحن جا سندس طرفان سنڌيءَ ۾ ڏنل، سندس تجويز ڪيل ڪجهه  نعم البدل مثال طور هيٺ ڏجن ٿا، ته جيئن پڙهندڙن کي سندس لاڙي، علميت ۽ اهليت جو اندازو ٿي سگھي.
ٻوليڄاڻي/ٻوليائي Linguistic =
ٻوليڄاڻ = Linguistics
واءُ، وايو، وائڻ Phone =
وائيو، صوتيو  Phoneme =  
وائيا ڄاڻ Phonemics =
وايا ڄاڻ Phonology =
يڪسُرو Monophthong =
ٻِسُرو Diphthong =
ڪتابسڌ، ڪتاب لکا Bibliography =
سماجي ٻوليڄاڻي Sociolinguistic =
وڻڪو Variable =
ويڻڪ Variant =
ڀڻڀڻو Voiced =
اَڏپ Structure =
سماج ڄاڻ Sociology =
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٺاهيل/ڏنل انهن معنائن سان ٿي سگھي ٿو ته اسان مڪمل طرح متفق نه هجون ۽ انهن ۾ ڪجھه ڦيرڦار تجويز ڪيون. اهو به ٿي سگھي ٿو ته محمد عمر چنڊ جي ان راءِ جا حامي ٿيون ته، ”... هن املهه ماڻڪ کي ڪاريگر جوهرين هٿان گھڙاوٽ جي ضرورت آهي.“ پر سندس ڪوشش جَسَ لهڻي، جنهن جي بنياد تي اسين اهو چئي سگھون ٿا، ته هو سنڌي ٻوليءَ جي ليڪسيڪالاجسٽ هجڻ جي اهليت رکندڙ هو، جنهن اهليت جو موجوده سنڌ ۾ وڏو فقدان آهي.
اها اپريل 1997ع جي هڪ سانجهي هئي، ڪنهن ڪم سانگي اسلام آباد وڃڻ لاءِ ڪراچيءَ پهتس. پي آءِ اي جي نائيٽ ڪوچ ۾ وڏي مشڪل سان سيٽ ملي. جيسين اڏام جو وقت ٿئي، ڪراچيءَ جي دوستن سان فون تي هيلو، هاءِ ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ شروع ڪيم. جڏهن ڊاڪٽر ايوب شيخ کي فون ڪيم ته چيائين ته ”ڏاڍي بري خبر آهي، محبت گذاري ويو.“ اعتبار نه آيو. چيائين ”مان هينئر ئي قنبر لاءِ اسهي رهيو آهيان، سندس دل تي حملو ٿيو ۽ بچي نه سگھيو، هلين ته هل.“ کيس اسلام آباد وارو ڪم ٻڌايم. چيائين ته، ”پوءِ تون اوڏانهن وڃ“. ايئن ايوب شيخ مون تي وڄ ڪيرائي فون بند ڪئي. محبت جھڙن سچن، کرن ۽ سڌن سنون ماڻهن سان ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ڇا ڇا نه سپنا ڏٺا هئاسين دوستن گڏجي! ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ پروفيسر معشوق بلوچ سان گڏجي محبت لاءِ هڪڙو اهم علمي ڪم ڪڍيو هئوسين، سِلڪ (SILC = Sindh Institute of Language and Culture) کي هلائڻ جو. نوجوانن جي ٽيم کي سنڌ جي ٻولين ۽ ثقافت بابت علمي تحقيقي ڪم لاءِ تربيت ڏئي مائل ڪرڻ جو ڪم، جنهن لاءِ پاڻ راضي به ٿيو هو. ابتدا طور سنڌ جي پنجاهه سالن تي محيط تاريخي ۽ سماجي دستاويز تياري ڪرڻ لاءِ آئوٽ لائين به سلڪ جي بروشر سان گڏ مون ٺاهي ورتي هئي، جنهن تي ڪل وقتي ڪارڪن طور ڪم ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڏني هئائين. هاڻي ڇا ٿيندو؟ ’پاڪستان ۾ سنڌ جا پنجاهه سال‘ واري منصوبي جو ڇا ٿيندو؟ ان اهليت وارو سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ ماڻهو، جيڪو اهڙي ذميواري کڻي ڪم ڪري سگھي، ڪٿان ايندو؟ ڪڏهن ايندو؟ انهي ۽ اهڙن ٻين منصوبن جو ڇا ٿيندو؟ محبت ته سڀ ڪجھه، سڀ ويچار، منصوبا، احساس ۽ جذبا، سڀ هتي ڇڏي ويو. آخر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جڏهن به ڪو ماڻهو سنجيدگيءَ سان ڪو علمي ڪم ڪرڻ جي رڳو خواهش ئي ڏيکاري ٿو ته سندس ساٿاري، ويجھا ۽ سمورو سماج هن کي عذاب ڇو ٿو ڏئي، جو وڙهي سگھڻ جي همٿ باوجود، هارائي ٿو ويهي، ڪڏهن سماج جي علمي اڪابرن ۽ ٺيڪيدارن کان، ته ڪڏهن موت کان؟ ڊاڪٽر ٻوهيو، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر فيروز، ڊاڪٽر عيسى دائود پوٽو، ڊاڪٽر اسد، عمر چنڊ، ثريا مخدوم، ڊاڪٽر در شهوار، ڊاڪٽر محبت ۽ ٻيا ڪيترا. ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ اهڙن ماڻهن، سچن جذبن ۽ نيڪ نيتون رکڻ وارن، سماجي تبديلي آڻڻ جي خواهش ۽ ڪم ڪرڻ وارن جو اهڙو انجام ڇو ٿو ٿئي؟ ڪڏهن کانئن ملڪ ڇڏايو ٿو وڃي، ڪڏهن ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري تڪليفون ڏنيون ٿيون وڃن، ته ڪڏهن ذهني عذاب ڏئي موت جي منهن ۾ ڌڪيو ٿو وڃي، ته پوءِ ڪڏهن برداشت جي حد ٽپي سندن دل ڌڙڪڻ بند ڪيو ڇڏي. اهڙي طرح هر وقت ۽ هر نئين ڪوشش سان سنڌي سماج کان اهڙا ماڻهو کسيا پيا وڃن ۽ سنڌي سماج سچن، هڏ ڏوکي ۽ چڱائيءَ لاءِ تبديليءَ جي سَڌ رکندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان خالي ٿيندو پيو وڃي. نتيجي طور سچائي، نيڪ نيتي، ايمانداري، سماجي ڀلائي، رواداري ۽ برداشت جهڙن جذبن ۽ وِيچارن هڪ سماجي گار جهڙن روين وارو درجو وڃي حاصل ڪيو آهي. آهي ڪو، جو اهڙي حالتن ۽ سماجي روين جو اڀياس ڪري، نتيجا ڪڍِي، پوري سماج کي روشن راهه تي آڻي؟
ڄِـڀـيـــون آهـن ڄــڻ، سمـوري سـنـســار ۾،
ويجھن کان وڇڙڻ، جلائي ٿو جيءَ کي.  (اياز)

No comments:

Post a Comment