هر هڪ لفظ هيري کاڻ
ڪجهه فعلن ۽ ضميري پڇاڙي جي حوالي سان
هڪ اڀياس
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن موضوع تي ڳالهه ٻول کان اڳ اچو ته
ڪجهه لفظن کي ڦوليون:
1. ”لکان ٿو.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مذڪر)
2. ”لکان ٿي.“
ڪير؟
* ”مان“ (فاعل، ضمير متڪلم، واحد، مؤنث)
3. ”لکون ٿا.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مذڪر)
4. ”لکون ٿيون.“
ڪير؟
* ”اسين“ (فاعل، ضمير متڪلم، جمع، مؤنث)
5. ”لکين ٿو.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مذڪر)
6. ”لکين ٿي.“
ڪير؟
* ”تون“ (فاعل، ضمير حاضر، واحد، مؤنث)
7. ”لکو ٿا.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مذڪر)
8. ”لکو ٿيون.“
ڪير؟
* ”توهان“ (فاعل، ضمير حاضر، جمع، مؤنث)
9. ”لکي ٿو.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهو/ اُهو“ (فاعل، ضمير
غائب، واحد، مذڪر)
10. ”لکي ٿي.“
ڪير؟
* ”هيءَ/ هُوءَ/ اِها/ اُها“ (فاعل، ضمير
غائب، واحد، مؤنث)
11. ”لکن ٿا.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/ اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير
غائب، جمع، مذڪر)
12. ”لکن ٿيون.“
ڪير؟
* ”هي/ هُو/
اِهي/ اُهي“ (فاعل، ضمير غائب، جمع، مؤنث)
مٿي ڏنل
سوال-جواب ۾ 1-12 تائين جن لفظن جي آڏو انگ آهن، انهن بابت اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي
ته ”فعل“ آهن. (’فعل‘ اهو آهي جيڪو هجڻ، ٿيڻ، سهڻ يا ڪرڻ جو ڏس ڏئي). ٻارهَن ئي
انگيل لفظن ۾ ’لکڻ جو ڪم‘ ڪرڻ جو ڏس ملي ٿو ۽ اها سُڌ سڄو لفظ نه، پر لفظ جو هڪ ۽
پهريون حصو ’لک‘ ـــــــــ جيڪو ’لکڻ جو ’ڌاتو‘ آهي) هڪ مخصوص سٽاءَ ۾ اچي وڃڻ جي
ڪري مهيا ڪري ٿو.
مٿي پڇيل سوالن
جي جوابن ۾ اسان کي مختلف قسمن جي ضميرن جو ڏس ملي ٿو، جي ’فاعل‘ آهن. (’فاعل‘ اهو
آهي جيڪو ڪم جو ڪندڙ هجي ۽ ’ضمير‘ اهو آهي جيڪو ڪنهن به اسم جي بدران ڪم اچي). مٿي
ڏنل سوال-جواب ۾ جيڪي فاعل ظاهر ٿيا آهن، انهن جو (۽ انهن جي بدران جيڪي ضمير ڪم
آندل آهن، انهن جو) چِٽو ڏس ملي ٿو. ظاهر آهي ته (انگن سامهون) ڏنل ”فعلن“ ۾ ڪجهه
نه ڪجهه ”اهو“ آهي، جيڪو فاعل جو ڏس ڏي ٿو. ’اهو‘ ڇا آهي جيڪو فاعل جو ڏس ڏي ٿو؟
* ’لکان ٿو‘ ۽
’لکان ٿي‘ ۾ ’-آن‘ آهي جيڪو ”مان/آءٌ/آئون/ آنءُ“ جو ڏس ڏي ٿو.
* ’لکون ٿو‘ ۽
’لکون ٿيون‘ ۾ ’-اُون‘ آهي جيڪو ”اسان/ اسين“ جو ڏس ڏي ٿو.
* ’لکين ٿو‘ ۽
’لکين ٿي‘ ۾ ’-اين‘ آهي جيڪو ”تون“ جو ڏس ڏي ٿو.
* ’لکو ٿا‘ ۽
’لکو ٿيون‘ ۾ ’-اَو‘ آهي جيڪو ”توهان/اوهان/ توهين/اوهين“ جو ڏس ڏي ٿو.
* ’لکي ٿو‘ ۽
’لکي ٿي‘ ۾ ’-اي‘ آهي جيڪو ”هي/هُو/اِهو /اُهو/هيءَ/هوءَ“ جو ڏس ڏي ٿو.
* ’لکن ٿا‘ ۽
’لکن ٿيون‘ ۾ ’-اَن‘ آهي جيڪو ”هي/هُو/اِهي/ اُهي“ جو ڏس ڏي ٿو.
مٿي ڏنل ”فعلن“
مان هر هڪ ۾ هڪ مخصوص ضمير فاعل جي صورت ۾ موجود آهي ۽ ان جو اظهار ”فعل“ ۾ هڪ
مخصوص آواز وسيلي ٿئي ٿو.
توهان کي ڄاڻ
آهي ته ڪنهن به جملي جو زمان ڄاڻڻ لاءِ ”ڪڏهن؟“ سوال پڇبو آهي. اچو ته مٿي ڏنل هر
هڪ ”فعل“ کان اهو سوال پڇون. ”لکڻ جو ڪم ڪڏهن ٿئي ٿو؟“
* هاڻي، هينئر،
هن وقت، هلندڙ گهڙيءَ ۾ يعني لکڻ جو ڪم ”زمان حال“ ۾ ٿئي ٿو.
”اهو“
ڇا آهي جيڪو مٿي ڏنل ”فعلن“ ۾ ”زمان حال“ جو ڏس ڏي ٿو؟
”ٿ-“.
مٿي ڏنل سمورا ”فعل“ زمان حال جو ڏس ڏين ٿا ۽ سڀني ۾ اهو ”ٿ-“ ئي آهي، جيڪو ”زمان
حال“ جو ڏس ڏي ٿو. مٿي ڏنل ”فعلن“ ۾ جيڪڏهن ”ٿ-“ نه هجي ته جيڪر اسان کي ”زمان“ جي
سڌ ئي نه پئجي سگهي.
هاڻي اچو ته هڪ
نئين شيءِ کي جاچيون.
مٿي ڏنل سمورن
”فعلن“ کي هر هر پڙهي ڏسو، آخر ۾ هن نتيجي تي پهچنداسون ته:
(الف) * جنهن به
”فعل“ جي آخر ۾ آواز ”-او“ آهي ــــــــ لکان ٿو، لکين ٿو، لکي ٿو ــــــــ اهو
مذڪر ۽ واحد آهي.
* جنهن به ”فعل“
جي آخر ۾ آواز ”-آ“ آهي ــــــــ لکون ٿا، لکو ٿا، لکن ٿا ــــــــ اهو مذڪر ۽ جمع
آهي.
اسان وٽ عام طرح
’-او‘ کي واحد (پر مذڪر) جي نشاندهي ڪندڙ ۽ ’-آ‘ کي جمع (پر مذڪر) جي نشاندهي ڪندڙ
آواز سمجهيو ويندو آهي.
جيڪڏهن ’-او‘
واحد جي ۽ ’-آ‘ جمع جي نشاندهي ڪندڙ آواز آهن ته ٻنهي مان هر هڪ ۾ مذڪر جي نشاندهي
ڪهڙو آواز ڪري ٿو؟
ڪٿي ايئن ته
ناهي، هنن ٻنهي آوازن جي آڏو هڪ لطيف ۽ ساڪن وينجڻ اهڙيءَ طرح اچي، سُر ٿي، مِلي،
جذب يا حذف ٿي وڃي ٿو، ۽ زمانن کان ايئن ٿيندو رهيو آهي، جو اسان کي ان جو احساس
ئي نه ٿو ٿئي؟ هِتي اهڙو ممڪن وينجڻ جيڪو سُر ٿي اڻ لکي نموني جذب يا حذف ٿي وڃي
اهو ’-اَ‘ آهي، يعني ’-او‘ حقيقت ۾ ’اَ + او‘ ۽ ’-آ‘ حقيقت ۾ ’اَ + آ‘ هجن، جن مان
ٻنهي جو ’-اَ‘ جنس مذڪر جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’او‘ عدد واحد آهي ۽ ’-آ‘ عدد جمع. مثال
طور:
- گهوڙو
(گهوڙ+ا+او) = گهوڙ (هڪ قسم جو جانور)+مذڪر+واحد.
- گهوڙا
(گهوڙ+ا+آ) = گهوڙ (هڪ قسم جو جانور)+مذڪر+جمع.
(ب) * جنهن به
”فعل“ جي آخر ۾ آواز ”-اِي“ آهي ــــــــ لکان ٿي، لکين ٿي، لکي ٿي ــــــــ اهو
مؤنث ۽ واحد آهي.
* جنهن به ”فعل“
جي آخر ۾ آواز ”-اِيون“ آهي ــــــــ لکون ٿيون، لکو ٿيون، لکن ٿيون ــــــــ اهو
مؤنث ۽ جمع آهي.
اسان وٽ عام طرح
’-اِي‘ کي واحد (پر مؤنث) جي نشاندهي ڪندڙ ۽ ’-اِيون‘ کي جمع (پر مؤنث) جي نشاندهي
ڪندڙ آواز سمجهيو ويندو آهي.
جيڪڏهن ’-اِي‘
واحد جي ۽ ’-اِيون‘ جمع جي نشاندهي ڪندڙ آواز آهن ته ٻنهي مان هر هڪ ۾ مؤنث جي
نشاندهي ڪهڙو آواز ڪري ٿو؟
ڪٿي ايئن ته
ناهي، هنن ٻنهي آوازن جي آڏو هڪ لطيف ۽ ساڪن وينجڻ اهڙيءَ طرح اچي، سُر ٿي، مِلي،
جذب يا حذف ٿي وڃي ٿو، ۽ زمانن کان ايئن ٿيندو رهيو آهي، جو اسان کي ان جو احساس
ئي نه ٿو ٿئي؟ هِتي اهڙو ممڪن وينجڻ جيڪو سُر ٿي اڻ لَکي نموني جذب يا حذف ٿي وڃي،
اهو ’-اِ‘ آهي؛ يعني ’-اِي‘ حقيقت ۾ ’اِ + اِي‘ ۽ ’-اِيون‘ حقيقت ۾ ’اِ + اِيون‘
هجن، جن مان ٻنهي جو ’-اِ‘ جنس مؤنث جو ڏس ڏي ٿو، ۽ ’اِي‘ عدد واحد آهي ۽ ’-اِيون‘
عدد جمع. مثال طور:
- گهوڙي (گهوڙ + اِ + اِي) گهوڙ (هڪ قسم جو جانور)+ مؤنث + واحد.
- گهوڙيون (گهوڙ + اِ + اِيون) گهوڙ (هڪ قسم جو جانور)+مؤنث+جمع.
هاڻي اچو، ڏسون
ته زمان حال ۾ ’ڪرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان اسان کي ڦيرو ڪيئن پڙهايو/سيکاريو وڃي
ٿو:
* مان لکان ٿو * مان لکان ٿي.
* اسان لکون ٿا * اسان لکون ٿيون.
* تون لکين ٿو. * تون لکين ٿي.
* توهان لکو ٿا. * توهان لکو ٿيون.
* هي/هو لکي ٿو. * هيءَ/هوءَ لکي ٿي.
*هي/اهي لکن ٿا. * هي/اهي لکن ٿيون.
مٿي ڏنل ڦيري ۾
جيڪي به ضمير آهن اهي فاعل آهن ۽ هر هڪ جملي ۾ فاعل کان سواءِ جيڪو ڪجهه آهي اهو
بظاهر فعل آهي (فعل سڏجي ٿو) جيڪو ٻن حصن ۾ لکجي ظاهر ٿئي ٿو. (هن ڦيري کي في
الحال ”الف-ڦيرو“ سڏينداسون.)
الف-ڦيري جو هر
هڪ جملو عام ۽ چالو مفهوم موجب درست ڀاسي ٿو. پر اسين جيڪڏهن ان جو فاعل (جيڪو ڪو
نه ڪو ضمير به آهي) ڪيرائي ڦيرو ڪيون ته صورتحال هيئن بيهندي: (ان کي ”ب-ڦيرو“
سڏينداسون.)
* لکان
ٿو * لکان ٿي. * لکون ٿا * لکون
ٿيون.
* لکين
ٿو. * لکين ٿي. * لکو ٿا. * لکو
ٿيون.
* لکي
ٿو. * لکي ٿي. * لکن ٿا. * لکن
ٿيون.
ب-ڦيري ۾ اسان
اهو فاعل ڪيرائي ڇڏيو آهي، جيڪو الف-ڦيري ۾ ڄاڻايل هو. پر ڇا اهو سچ آهي ته هاڻي
ب-ڦيري ۾ فاعل (جيڪو ڪو نه ڪو ضمير به آهي) موجود ناهي؟ ۽ جنهن کي الف-ڦيري ۾ فعل
سڏيو ويو هو، ڇا اهو رڳو ”فعل“ آهي يا ڪجهه ٻيو به آهي؟
ڇا توهان لفظن جو ڳالهائڻ ٻڌو هو؟
الف-ڦيري ۾ جن
لفظن کي ”فعل“ سڏيو ويو آهي، انهن لفظن کان هن مضمون جي ابتدا ۾ اسان پنج سوال
پڇيا هئا، ۽ اسان کي انهن پنجن ئي سوالن جا جواب مليا هئا:
1- ڪهڙو ڪم ٿئي
ٿو؟ -”لکڻ جو.“
2- ڪير ڪم ڪري
ٿو؟ - فاعل ڪو نه ڪو ضمير هو.
3- ڪڏهن ڪم ڪري
ٿو؟ - ”هاڻي“، زمان حال ۾.
4- ڪم ڪندڙن جي
ڳڻپ؟ - ڪٿي واحد هو، ته ڪٿي جمع.
5- ڪم ڪندڙن جي
جنس؟ - ڪٿي مذڪر هو، ته ڪٿي مؤنث.
يعني
جنهن
کي فعل“ سڏيو ويو اهو فعل نه هو پر ”فاعلاڻو-فعل“ هو، ڇو ته ان فاعل جي به ڄاڻ ڏني
پئي، ان ۾ هڪ فاعل (ڪنهن نه ڪنهن ضمير جي صورت ۾) لڪل هو.
ان کي فعل تڏهن
سڏي سگهجي ٿو، جڏهن فاعل کانئس ڌار ڪيو وڃي. سنڌيءَ ۾ اهو ’ڪَرڻ‘ جو فعل، زمان حال
۾، پنهنجيءَ نج ۽ حقيقي صورت ۾ اڻلڀ آهي ــــــــ زمان حال ۾ ’ڪَرڻ‘ وارو فعل اسان
کي رڳو ”فاعلاڻي-فعل“ جي صورت ۾ ئي ملي ٿو ـــــــــ ان کي سندس حقيقي ۽ نج صورت ۾
ڳولڻو يا پڌرو ڪرڻو آهي.
اسين بلڪل پڪ
سان چئي سگهون ٿا ته زمان حال ۾ ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان اسان کي جيڪو ڦيرو
پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو (ڏسو الف-ڦيرو) ان ۾، درحقيقت ٻه فاعل موجود آهن ــــــــ
هڪ سنئون سڌو ”مان“، ”اسان“، ”تون“، ”توهان“، ”هي“ ۽ ”اهي“ جي نالي (آواز) سان ۽
ٻيو جيڪو ان لفظ ۾ موجود آهي، جنهن کي ”فعل“ سڏيو وڃي ٿو. اتي سندس موجودگي ڪنهن
نه ڪنهن مخصوص آواز جي صورت ۾ آهي.
جنهن کي فعل
سڏيو وڃي ٿو، اهو حقيقت ۾ هڪ ’مرتب‘ لفظ آهي، جيڪو هڪ پاڻ-وَس ’صرفيه‘ (”لک“) ۽
چار پر-وس ’صرفيه‘ پاڻ ۾ سمائي ويٺو آهي ۽ سندس هر هڪ ’صرفيه‘ هڪ مخصوص شيءِ جي
نمائندگي ڪري ٿي ــــــــ اها ڳالهه اسان کي اڳيان ڏنل چارٽ ۾ چِٽي ٿي ملي ٿي:
”فعل“
|
”فعل“ ڀڳل حالت ۾
|
حقيقي فعل/
ڏس ڏيندڙ
|
فاعل/ ڏس ڏيندڙ
|
زمان/ ڏس ڏيندڙ
|
جنس/ ڏس ڏيندڙ
|
ڳڻپ/ ڏس ڏيندڙ
|
1. لکان ٿو
2. لکان ٿي
3. لکون ٿا
4. لکون ٿيون
5. لکين ٿو
6. لکين ٿي
7. لکون ٿا
8. لکون ٿيون
9. لکي ٿو
10. لکي ٿي
11. لکن ٿا
12. لکن ٿيون
|
لک+آن+ٿ+اَ+او
لک+آن+ٿ+اِ+اِي
لک+اُون+ٿ+اَ+آ
لک+اُون+ٿ+اِ+ايون
لک+اين+ٿ+اَ+او
لک+اين+ٿ+اِ+اِي
لک+اَون+ٿ+اَ+آ
لک+اَون+ٿ+اِ+اِيون
لک+اي+ٿ+اَ+او
لک+اي+ٿ+اِ+اِي
لک+ان+ٿ+اَ+آ
لک+ان+ٿ+اِ+ايون
|
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
لِک / ”لک-“
|
مان / ”- آن“
مان / ”- آن“
اسان / ”- اُون“
اسان / ”- اُون“
تون / ”- اين“
تون / ”- اين“
توهان / ”- اَو“
توهان / ”- اَو“
هي / ”- اي“
هي / ”- اي“
اهي / ”- ان“
اهي /
”- ان“
|
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال / ”ٿ-“
حال /
”ٿ-“
|
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث / ”- اِ“
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث / ”- اِ“
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث / ”- اِ“
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث / ”- اِ“
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث / ”- اِ“
مذڪر / ”- اَ“
مؤنث
/ ”- اِ“
|
واحد / ”- او“
واحد / ”- اِي“
جمع / ”- آ“
جمع / ”- اِيون“
واحد / ”- او“
واحد / ”- اِي“
جمع / ”- آ“
جمع / ”- اِيون“
واحد / ”- او“
واحد / ”- اِي“
جمع / ”- آ“
جمع /
”- اِيون“
|
مٿي ڏنل چارٽ ۾ ڇا توهان هڪ سرشتو، هڪ
باقاعدگي، هڪ اصولي طريقو، هڪ قانوني پابندي ۽ هڪ بامقصد سلسلو نوٽ ڪيو؟ ڇا توهان
کي خوشي محسوس ٿي؟ ڇا توهان کي ڪجهه عجيب ڀاسيو؟ ڇا توهان تي ڪو نئون راز ٻاڦوريو؟
ٻوليءَ جي گهرائيءَ، وسعت ۽ وياڪرڻي
اصولن ۽ قاعدن جي پختگيءَ ۽ پائداريءَ جو صحيح ڪاٿو تڏهن ٿئي ٿو، ۽ ٿي سگهي ٿو،
جڏهن هر هڪ لفظ ۾ لڪل ڄاڻ جي ذخيري جي سڌيءَ طرح سڌ پوري ٿي. هر هڪ لفظ ۾ ڄاڻ،
سمجهه ۽ ڏاهپ جي هڪ کاڻ ڍَڪي پئي آهي. اهو لفظَ لفظ ۾ ڳجهو رکيل علمي خزانو ڦولي
هٿ ڪرڻو آهي.
صوتيه، صرفيه،
فعلي ڦيرا ۽ لفظ سان اڳ، وچ يا پوءِ وارا ڳنڍ (اڳياڙيون، وچاڙيون ۽ پڇاڙيون) اهي
ڪنجيون آهن، جيڪي ٻوليءَ جي اصل ۽ وياڪرڻي بڻ جا ڀنڊار کولي پڌرا ڪن ٿيون. غلام علي الانا صاحب پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ته خاص
طرح انهن شين تي ڏاڍو زور ڏنو آهي ۽ انهن جي بنياد تي ڪيترائي اهم عالمانا رايا
پيش ڪيا آهن. وسئون ٻين به نه گهٽايو آهي، پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽
اصل نسل کي ڳولڻ ۾ اهي شيون جيڪو ڪردار ادا ڪن ٿيون، اوترو تفصيلي ويچار هيٺ نه
آنديون ويون آهن. مثال طور: ڀيرومل جھڙي پائي
جي عالم پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾
صفحي 12 تي مثال ڏيندي ذڪر آندو آهي ته:
”سنٿالي
(سؤنتالي) ٻوليءَ ۾ ”دل“ معنى ”مارڻ“. هن هڪڙي ئي لفظ سان پڇاڙين پٺيان پڇاڙيون
گڏي چوَن ”دل - اوچو - اَڪن - تهن - تءِ - تن - اَ - اي“. ايئن هڪڙي ئي لفظ پٺيان
پڇاڙين (Suffixes) گڏڻ سان هيءَ هڪ جملو جڙي پيو آهي ته ”هيءُ
جو هن جو آهي ۽ اهو جو منهنجو آهي، سو پاڻ کي پيو مارائيندو.“ ...اسان جي پرڳڻي ۾
اجها اهڙي قسم جي ٻولي ڪولن ۽ سنٿالن جي صاحبيءَ ۾ چالو هئي.“
۽ ايئن چئي
ڳالهه کي ٿوري ۾ کٽايو ويو آهي ـــــــــ جهڙي به هئي تفصيل سان ويچار ته ڪجي ها!
”مارايو هيومانسِ“، ”مارايومانس“، ”مارايو هُيم“، ”مارايم“، ”ماريُم“، ”مُئم“،
”کارائيندو هوندومانس“، ”کارائيندومانس“، ”کارائيندو هوندم“، ”کارائيندم“،
”کائيندم“؛ سنڌيءَ ۾ ايندڙ اهڙن هزارين لفظن تي پڻ تفصيلي سوچ ويچار جي گهرج آهي.
ڇا مٿي ڏنل سنٿالي لفظ کي ”دلوچوڪن تهنتئتَنَي“ نه ٿو پڙهي سگهجي؟ سنڌيءَ ۾ به ته
پڇاڙيون ڳنڍجڻ جي ڪري هڪ مڪمل جملو ٺهي ٿو، جيئن ”مارايومانءِ“ آهي ته هڪ مرتب لفظ
پر ان جو مطلب آهي ”مون تو کي مارايو.“
مٿي ڏنل ”چارٽ“
۽ ”ب-ڦيرو“ اسان جي آڏو ڪجهه آوازن کي هڪ مخصوص معنى ۽ مفهوم ڏئي ظاهر ڪري ٿو، جن
مان شايد هر هڪ کي ’بنيادي‘ (Fundamental) يا ’نج‘ (نهار
Pure) آواز سڏي سگهجي ٿو.
1. ’آن‘
ـــــــــ آنءُ/آءٌ/آئون/مان/مون کي،
2. ’اُون‘
ـــــــــ اسان/اسين کي،
3. ’اين‘
ـــــــــ تون/تو کي،
4. ’اَو‘
ـــــــــ توهان/اوهان/توهين/اوهين کي،
5. ’اي‘
ـــــــــ هي/هو/هيءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها کي،
6. ’ان‘ ـــــــــ
هي/هو/اِهي/اُهي/اِنن/اُنن کي،
7. ’اَ‘
ـــــــــ مذڪر کي،
8. ’اِ‘
ـــــــــ مؤنث کي،
9. ’اَو‘
ـــــــــ اڪيلو کي،
10. ’اِي‘
ـــــــــ اڪيليءَ کي،
11. ’آ‘
ـــــــــ گهڻن کي، ۽
12. ’اِيون‘
ـــــــــ گهڻن کي ظاهر ڪري ٿو. (خود ’گهڻين‘ لفظ ۾ ’گهڻ+اِي+ان‘ سبق ٿو ڏي ته
’اِيون‘ متان ’اِي+ان‘ هجي ــــــــ اِي =
مؤنث واحد ۽ ’ان‘ جمع ڪرڻ جي نشاني!)
فعل جي حقيقي صورت جي ڳولا
1. ”فاعلاڻن-فعلن“ (ڏسو ب-ڦيرو) جي وچ
مان فاعلن (جيڪي ضمير به آهن) کي ڪڍي ڇڏڻ سان اسان کي فعل جي صورت هيءَ ملي ٿي:
فاعلاڻو فعل
|
لڪل فاعل
|
حقيقي فعل
|
* لکان ٿو
|
(- آن)
|
- لک ٿو =
لکٿو
|
* لکان ٿي
|
(- آن)
|
- لک ٿي =
لکٿي
|
* لکون ٿا
|
(- اُون)
|
- لک ٿا =
لکٿا
|
* لکون ٿيون
|
(- اُون)
|
- لک ٿيون =
لکٿيون
|
* لکين ٿي
|
(- اين)
|
- لک ٿي =
لکٿي
|
* لکين ٿو
|
(- اين)
|
- لک ٿو =
لکٿو
|
* لکو ٿا
|
(- اَو)
|
- لک ٿا =
لکٿا
|
* لکو ٿيون
|
(- اَو)
|
- لک ٿيون =
لکٿيون
|
* لکي ٿو
|
(- اي)
|
- لک ٿو =
لکٿو
|
* لکي ٿي
|
(- اي)
|
- لک ٿي =
لکٿي
|
* لکن ٿا
|
(- ان)
|
- لک ٿا =
لکٿا
|
* لکن ٿيون
|
(- ان)
|
- لک ٿيون =
لکٿيون
|
- اهڙيءَ طرح اسان کي فعل جون چار مقرر صورتون ملن ٿيون:
* لکٿو
* لکٿي
* لکٿا
* لکٿيون
- انهن مان هر
هڪ ۾: چار ’صرفيه‘ آهن جيڪي واريسر مخصوص مفهوم جي نمائندگي ڪن ٿيون. ]ڏسو
چارٽ[
2. هڪ ڊگهيءَ
ڳالهه-ٻول (اڃا به بحث) ۽ ڦيرڦار (ترميم) جو حق محفوظ رکندي، زمان ماضيءَ ۾ ’ڪَرڻ‘
جي فعل جي صورتن ۽ زمان مستقبل ۾ ’ڪَرڻ‘ جي فعل جي صورتن کي هتي اسين مختصر طرح
’چيرڦاڙ‘ هيٺ آڻي جاچڻ گهرون ٿا، ته ڇا اهي به ڪنهن نه ڪنهن اصولي طريقي سان اسان
پاران کوجيل فعلي صورتن سان سهمت ٿين ٿيون يا نه.
- زمان ماضي
مطلق ۾ (ڪجهه بحث طلب ڳالهين کي پاسي تي رکي) اسان کي فعل جون هي صورتون ملن ٿيون:
* لکيو
* لکيِي (لکِي)
* لکيا
* لکيون (اصولي
صورت ”لِکيِيُون“)
- اچو ته انهن
کي ڦوليون:
”فعل“
ڀڳل حالت ۾
|
فاعل جو
ڏس ڏيندڙ
|
زمان جو
ڏس ڏيندڙ
|
جنس جو
ڏس ڏيندڙ
|
ڳڻپ جو
ڏس ڏيندڙ
|
لک+يه+اَ+او
لک+يه+اِ+اِي
لک+يه+اَ+آ
لک+يه+اِ+اِيون
|
لِک -
لِک -
لِک -
لِک -
|
يه -
يه -
يه -
يه -
|
- اَ - (مذڪر)
- اِ - (مؤنث)
- اَ - (مذڪر)
- اِ - (مؤنث)
|
- او
- اِي
- آ
- اِيون
|
- زمان حال ۾ جيڪو ڪم ’ٿ-‘ ڪري ٿو، يعني زمان
حال جو ڏس ڏي ٿو، اهو ئي ڪم زمان ماضي ۾ ’-ي-‘ ڪري ٿو، يعني زمان ماضي جو ڏس ڏي
ٿو. فعل جي باقي بناوت، بيهڪ ۽ معنى ۾ اهو ساڳيو ئي مفهوم لڪل آهي، جيڪو زمان حال
واري فعل ۾.
- هتي، اها
ڳالهه، بهرحال، نه وسارڻ گهرجي ته زمان حال جي سلسلي ۾ اسان کي رواجي طرح فعل جي
جيڪا صورت پڙهائي وڃي ٿي، ان ۾ هڪ اهڙو آواز موجود آهي جيڪو فاعل جو ڪم ڪري ٿو (۽
ضمير جو ڏس ڏي ٿو) جڏهن ته فعل جي ماضي واري صورت ۾ اهڙو ڪو به آواز موجود ناهي. ۽
اها ئي ڳالهه ذهن ۾ رکندي، اچو ته فعل جي مستقبل واري صورت تي به هڪ منظر وجهون:
3. زمان مستقبل
جي حوالي سان به هڪ بحث جي گنجائش رکندي، اسان فعل جي ان صورت جي چونڊ ڪئي آهي،
جيڪا شڪارپور ۽ ان جي پسگردائي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته باقي
سڄي سنڌ ۾ مسقتبل لاءِ ’ڪَرڻ‘ جي فعل جو جيڪو صيغو ڪم اچي ٿو ان ۾ ’ن‘ غُنو به
شامل هوندو آهي ـــــــ لکندو، پڙهندو، ويهندو، سمهندو، ... ـــــــــ پر شڪارپور
پاسي ’ن‘ غُني کان سواءِ اُچارجي ٿو ـــــــــ لکدو، پڙهدو، گهمدو، ...
- زمان مستقبل
مطلق ۾ اسان کي فعل جون هي صورتون ملن ٿيون:
* لِکدو
* لکدِي
* لکدا
*
لکديون
- اچو ته انهن
کي ڦوليون:
”فعل“
ڀڳل حالت ۾
|
فاعل جو
ڏس ڏيندڙ
|
زمان جو
ڏس ڏيندڙ
|
جنس جو
ڏس ڏيندڙ
|
ڳڻپ جو
ڏس ڏيندڙ
|
لک+د+اَ+او
لک+د+اِ+اِي
لک+د+اَ+آ
لک+د+اِ+اِيون
|
لِک -
لِک -
لِک -
لِک -
|
- د -
- د -
- د -
- د -
|
- اَ - (مذڪر)
- اِ - (مؤنث)
- اَ - (مذڪر)
- اِ - (مؤنث)
|
- او
- اِي
- آ
- اِيون
|
زمان حال ۾ جيڪو ڪم ’ٿ-‘ ڪري ٿو يعني زمان
حال جو ڏس ڏي ٿو ۽ زمان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪم ’-ي-‘ ڪري ٿو يعني زمان ماضي جو ڏس ڏي
ٿو، اهو ئي ڪم زمان مستقبل ۾ ’-د-‘ ڪري ٿو، يعني زمان مستقبل جو ڏس ڏي ٿو.
فعل جي باقي
نباوت، بيهڪ ۽ معنى ۾ اهو ساڳيو ئي مفهوم لڪل آهي جيڪو زمان حال ۽ زمان ماضي واري
فعل ۾.
- هتي جيڪا
ترتيب ۽ رٿابندي نظر اچي ٿي ۽ وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن جي پختگي ۽ پائداري ڏيکارجي
ٿي، ان جي ڪري بي اختيار انهن وڏڙن تي فخر محسوس ٿئي ٿو، جن اسان جي ٻوليءَ ۾ اها
گهرائي ۽ وسعت پيدا ڪئي، ۽ ان ڄاڻ، سمجهه ۽ ڏاهپ لاءِ مانُ وڌي وڃي ٿو، جنهن هر هڪ
اکر (يا آواز) ۽ هر هڪ لفظ ۾ هڪ معنى، هڪ کاڻ لڪائي رکي.
هڪ راز کلي ٿو:
زمان حال
1- ضمير متڪلم واحد مذڪر/مؤنث
* (مان) چِٺو لکان ٿو/ٿي. *
(مان) چِٺا لکان ٿو/ٿي.
* (مان) چِٺي لکان ٿو/ٿي. * (مان) چِٺيون لکان ٿو/ٿي.
2- ضمير متڪلم جمع مذڪر/مؤنث
* (اسان) چٺو لکون ٿا/ٿيون. * (اسان) چٺا لکون ٿا/ٿيون.
* (اسان) چٺي لکون ٿا/ٿيون. *
(اسان) چٺيون لکون ٿا/ٿيون.
3- ضمير حاضر واحد مذڪر/مؤنث
* (تون) چٺو لکين ٿو/ٿي. *
(تون) چٺا لکين ٿو/ٿي.
* (تون) چٺي لکين ٿو/ٿي. *
(تون) چٺيون لکين ٿو/ٿي.
4- ضمير حاضر جمع مذڪر/مؤنث
* (توهان) چٺو لکو ٿا/ٿيون. * (توهان) چٺا لکو ٿا/ٿيون.
* (توهان) چٺي لکو ٿا/ٿيون. *
(توهان) چٺيون لکو ٿا/ٿيون.
5- ضمير غائب واحد مذڪر/مؤنث
* (هي/هيءَ) چٺو لکي ٿو/ٿي. * (هي/هيءَ) چٺا لکي ٿو/ٿي.
* (هي/هيءَ) چٺي لکي ٿو/ٿي. *
(هي/هيءَ) چٺيون لکي ٿو/ٿي.
6- ضمير غائب جمع مذڪر/مؤنث
* (اهي) چٺو لکن ٿا/ٿيون. *
(اهي) چٺا لکن ٿا/ٿيون.
* (اهي) چٺي لکن ٿا/ٿيون. *
(اهي) چٺيون لکن ٿا/ٿيون.
(هتي عام رواجي
طريقي موجب فاعل طور ضمير کي آندو ويو آهي. جيئن ته ان کي ”فعل“ ۾ شريڪ ٿيل سمجهان
ٿو، ان ڪري منهنجي نظر ۾ اهو فاعل کي ٻه ڀيرا لکڻ آهي، جيڪو گڏيل فيصلي هيٺ گڏجي
سڀني کي ڪوشش سان ختم ڪرڻو آهي.)
ڇا توهان ڌيان
ڏنو ته مفعول مذڪر واحد (چٺو) هجي يا جمع (چٺا) يا مؤنث واحد (چٺي) هجي يا جمع
(چٺيون) پر فعل جي بناوت، صورت، بيهڪ يعني صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. ٻين لفظن
۾ ايئن چئبو ته فعل جو سڌو واسطو فاعل سان آهي، مفعول سان نه. ٺيڪ ساڳي صورتحال
زمان مستقبل ۾ به بيهي ٿي.
زمان مستقبل
1- ضمير متڪلم/حاضر/غائب (جنهن جي نمائندگي ’+‘ نشان ڪري ٿو) واحد ۽ جنس
مذڪر/مؤنث
* + چٺو لکندو/لکندي. * + چٺا
لکندو/لکندي.
* + چٺي لکندو/لکندي. * + چٺيون لکندو/لکندي
2- ضمير متڪلم/حاضر/غائب (جنهن جي نمائندگي ’+‘ نشان ڪري ٿو) جمع ۽ جنس
مذڪر/مؤنث
* + چٺو لکندا/لکنديون. *
+ چٺا لکندا/لکنديون.
* + چٺي لکندا/لکنديون. * + چٺيون لکندا/لکنديون.
مفعول مذڪر هجي
يا مؤنث ۽ واحد هجي يا جمع، فعلي صيغي تي اثر نه ٿو پوي.
پر زمان ماضي ۾
اها صورتحال نه ٿي رهي. زمان ماضي ۾ فعل جو لاڳاپو فاعل سان نه ٿو رهي، مفعول سان
ڳنڍجي وڃي ٿو ۽ مفعول جي عدد ۽ جنس سان بدلجي ٿو:
* مون چٺو لکيو. * مون چٺا لکيا.
* مون چٺي لکي. * مون چٺيون لکيون.
* اسان چٺو لکيو. * اسان چٺا لکيا.
* اسان چٺي لکي. * اسان چٺيون لکيون.
* تو چٺو لکيو. * تو چٺا لکيا.
* تو چٺي لکي. * تو چٺيون لکيون.
* توهان چٺو لکيو. * توهان چٺا لکيا.
* توهان چٺي لکي. * توهان چٺيون لکيون.
* هن چٺو لکيو. * هن چٺا لکيا.
* هن چٺي لکي. * هن چٺيون لکيون.
* هنن چٺو لکيو. * هنن چٺا لکيا.
* هنن چٺي لکي. * هنن چٺيون لکيون.
فاعل ضمير
متڪلم، حاضر يا غائب هجي، مذڪر هجي يا مؤنث ۽ واحد هجي يا جمع، فعلي صيغي تي ڪو به
اثر نه ٿو پوي. فعلي صيغو مفعول سان ايئن ڇو آهي؟
ٽي ٻِٽا ۽ هڪ ڊگهو سوال
(1)
زمان حال ۾ فعلي
صيغو، فاعل سان لاڳاپيل ڇو آهي؟ اهو فعلي صيغو ڪهڙو آهي، جيڪو زمان حال ۾ ڪم اچي،
پر مفعول سان لاڳاپيل هجي؟
(2)
زمان مستقبل ۾
عام مروج فعلي صيغو فاعل سان لاڳاپيل ڇو آهي؟ اهو فعلي صيغو ڪهڙو آهي، جيڪو زمان
مستقبل ۾ ڪم اچي، پر مفعول سان لاڳاپيل هجي؟
(3)
زمان ماضي ۾
فعلي صيغو مفعول سان لاڳاپيل ڇو آهي؟ اهو فعلي صيغو ڪهڙو آهي، جيڪو زمان ماضي ۾ ڪم
اچي، پر فاعل سان لاڳاپيل هجي؟
(4)
زمان ماضي جي
ڦيري ۾ ضمير جي اها صورت ڇو تبديل ٿي وڃي ٿي، جيڪا حال ۽ مستقبل زمانن ۾ قائم رهي
ٿي (جيئن: مان/آءٌ بدران ’مون‘، تون بدران ’تو‘ ۽ هي/هيءَ/اِهي/اُهي بدران
’هِن/هُن/هِنن/هُنن‘)؟
ممڪن ڪجهه جواب
- زمان حال ۾
فعلي صيغو فاعل سان ان ڪري لاڳاپيل آهي جو ان جي عام مروج صورت ۾ هڪ اهڙو آواز
شامل آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شخصي ضمير جي
نمائندگي ڪري ٿو، جيئن: ”لکان ٿو“ ۾ ”-آن“ ۽ ”لکون ٿا، ۾ ”-اون“ وغيره.
- ”لکٿو“،
”لکٿا“، ”لکٿي“ ۽ ”لکٿيون“ اهو فعلي صيغو آهي جيڪو جيڪڏهن زمان حال ۾ ڪم اچي ته
فعل جو سڌو واسطو مفعول سان ٿي پوي ٿو. عام مروج ”فاعلاڻي-فعل“ مان شخصي ضمير جي
نمائندگي ڪندڙ ”آواز“ ڪاٽيا وڃن ته فعل جي هيءَ صورت ملي ٿي (۽ انهن ۾ پوءِ ڪو به
اهڙو ”آواز“ نه ٿو بچي جيڪو فاعل يا شخصي ضمير جو ڏس ڏئي سگهي.)
- زمان مستقبل ۾
عام مروج فعلي صيغا ”لکندو“، ”لکندا“، ”لکندي“ ۽ ”لکنديون“ آهن، جن سان ضمير متڪلم
جي حالت ۾ عام طرح هڪ اهڙو ”آواز“ آخر ۾ ڳنڍيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻ به ساڳي ضمير جي
نمائندگي ڪري ٿو، جيئن: (مان) لکندم/لکندس، (اسان) لکنداسي/لکنداسون، (تون) لکندين
۽ (توهان) لکندؤ. حقيقت اها آهي ته، لکندم ۽ لکنداسون ۾ ضمير متڪلم ”مان“ ۽ ”اسان“
۽ لکندين ۽ لکندو ۾ ضمير حاضر ”تون“ ۽ ”توهان“ ضمير متصل جي صورت ۾ موجود آهن. اها
به حقيقت آهي ته لکندو، لکندا، لکندي ۽ لکنديون ساڳي فعل جون مذڪر/مؤنث ۽ جمع
صورتون به آهن ته پاڻ ۾ ضمير غائب به متصل ضمير جي صورت ۾ شامل رکن ٿيون. ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته زمان حال جيان فعل جي هن مستقبل واري صورت ۾ به جيئن ته شخصي ضمير
جي نمائندگي موجود آهي ان ڪري سندس واسطو فاعل سان ٿي پيو آهي.
- پر جيڪڏهن
اسين فعل جي اها صورت کڻون ٿا، جيڪا عام طرح شڪارپور ۾ رائج آهي ۽ پاڻ ۾ ڪو به
اهڙو آواز شامل نه ٿي رکي جيڪو ڪنهن شخصي ضمير جي نمائندگي ڪري ـــــــــ لکدو،
لکدا، لکدي ۽ لکديون ـــــــــ ان ڪري فعل جون جڏهن اهي صورتون جملن ۾ ڪم اچن
ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو فاعل کان ڪٽجي مفعول سان ٿيو پوي ـــــــــ ”مون خط
لکدو“، ”مون خط لکدا“، ”مون چٺي لکدي“، ”مون چٺيون لکديون“ وغيره.
زمان حال جي
لکٿو، لکٿا، لکٿي ۽ لکٿيون واري صورت ۽ زمان مستقبل جي لکدو، لکدا، لکدي ۽ لکديون
واري صورت سان ٺيڪ ٺيڪ ميل کائيندڙ صورت لکيو، لکيا، لکي (لکيي) ۽ لکيون زمان ماضي
۾ عام مروج آهي، جنهن ۾ ڪو به اهڙو آواز شامل ناهي جيڪو ڪنهن به شخصي ضمير جي
نمائندگي ڪندو هجي، ان ڪري زمان ماضي ۾ عام مروج فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي.
- زمان ماضي ۾
فعل جي هڪ اهڙي ضمير متصل واري صورت ملي ٿي، جنهن ۾ ضمير غائب آهي، جيئن: لکيائين
۽ لکيائون ـــــــــ خطُ لکيائين، خطَ لکيائين، چٺي لکيائين، چٺيون لکيائين ۽ خطُ
لکيائون، خطَ لکيائون، چٺي لکيائون ۽ چٺيون لکيائون ـــــــــ انهن جملن ۾ فعل جي
صورت جو سڌو واسطو مفعول سان نه پر فاعل سان آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته، فعل جي
اها صورت جنهن ۾ يا جنهن سان شخصي ضمير هڪ ضمير متصل جي صورت ۾ موجود آهي، اها
جملي ۾ سڌيءَ طرح فاعل سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته فعل جي اها صورت جنهن ۾ يا جنهن سان
شخصي ضمير ڳنڍيل ناهي، ان جو جملي ۾ سڌو واسطو مفعول سان رهي ٿو.
- مٿي پڇيل
چوٿين سوال جو جواب (شايد) ان حقيقت ۾ لڪل آهي ته جنهن جملي ۾ فعل جو سڌو واسطو
فاعل سان آهي، ان جملي ۾ مان/آءٌ/آنءُ، اسان/اسين، تون/توهان/توهين/اوهان/اوهين،
هي/هو/هيءَ/هوءَ ۽ هي/هو/اِهي/اُهي وڌيڪ سونهن ٿا، جڏهن ته جنهن جملي ۾ فعل جو سڌو
واسطو مفعول سان آهي، ان ۾ مون، اسان، تو، توهان/اوهان، هِن/هُن ۽ اِنهن/اُنهن
وڌيڪ سونهن ٿا.
اهي ڪجهه ڳاڻ
ڳڻيون ڳالهيون سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جي خدمت ۾ انهيءَ سڌ سان پيش ڪيان ٿو ته جتي
غلط هجان اتي منهنجي رهنمائي ڪئي وڃي.
(ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جي ڪتاب ”اچو ته پنهنجي سنڌي
لکت سنواريون“ ]ڇپيل 2000ع[ ۾ شامل)
No comments:
Post a Comment