12/22/2013

روايت اڃا جيئي پئي - سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

روايت اڃا جيئي پئي
         
ڪارل مارڪس مري ويو آهي. مارڪسمَت عملي طرح سڪرات جي سورن ۾ آهي، پر هن نظريي جو مَنڊ اڃا به ايڏو ئي جيئاڪ آهي جيڏو هو. عمل ۾ مارڪسمت پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڏسڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي پر نظريي ۾، ماڻهوءَ ذات جي سڀ کان وڌيڪ گنڀير تجربن منجهان هڪ ٿي رهندو.
هن جو نراڙ وڏي گنجي قبي جيان آهي ۽ مٿو مائيدار، ڏاڙهي، جيڪا تپيل جبلن تان وهندڙ لاوا (ڳاڙَ) جيان، لهرون ٺاهيندي ۽ هيٺ مٿانهيون ڪندي ڳلن کان هيٺ لهي ٿي. ڪرڙيون اکيون ۽ انهن اکين ۾ شڪتيءَ وارو هيءُ هڪ مڪمل وس-رکندڙ منهن آهي جيڪو هن گهڙيءَ به دنيا کي گهڻي ئي مصيبت ڏيڻ گهري ٿو.

ڪميونزم جو تجربو هر نموني ناڪام ثابت ٿيو آهي، تڏهن به ماڻهو اڃا سوڌو اڻکٽندڙ ڳڻپ ۾ کين مڻيا ڏيندڙ ــــــــ ڪارل مارڪس ـــــــ جي مزار آڏو اچي بيهن ٿا جيڪا اتر لنڊن ۾ هاءِ گيٽ قبرستان جي وڙ وڪڙ (منجهائيندڙ) ٿڌڪڙي باغ ۾ آهي.
ڪي ماڻهو نبيرو (پرچاءُ) ڪرڻ ايندا آهن، ڪي تيرٿ واسي (زيارتي) هوندا آهن. گهڻا رڳو ان شوق ۾ ايندا آهن ته بت تراش لارينس براڊشا جو ٺاهيل ان ماڻهوءَ جو ٻنگاري مجسمو ڏسن، جنهن دنيا کي بدلائڻ جو وچن ڪيو هو ـــــــ ۽ بدلايائين به، جيتوڻيڪ بهتريءَ ۾ نه.
مجسمي جو منهن ڌنڌ ۽ جهڪور جي ڪري ڪاراٽجي ويو آهي. اهو جوان جماڻ ايش وڻن جي (ٽارين ۽ پتن جي) جهالرن منجهان جهاتيون پائيندي نظر اچي ٿو. عشق پيچ جهڙا گلن ڀريا ٻوٽا سندس وڏي، پڪي مقبري (جنهن ۾ سندس زال جيني، سندس پٽن مان هڪ، هئري ۽ سندس خانداني ”گهر-سنڀاليندڙ“ هيلينا ڊيمٿ پڻ پوريل آهن) پٺيان ننڍڙين قبرن کي لڪائي ڇڏين ٿا.
سماق پٿر مان ٺهيل سندس مقبري جي پٿريلي پاڙ وٽ ڇهه گلن جون ڪونڊيون کيس خراج عقيدت پيش پيون ڪن. جيڪي رواجي حساب سان ڪي قدر گهڻيون آهن. اها ڳالهه فرينڊس آف هاءِ گيٽ سيميٽري (هاءِ گيٽ قبرستان جا دوست) نالي رضاڪار تنظيم جي چيئرپرسن ”جيئن پئٽمئن“ چئي. رضاڪارن جي هيءَ تنظيم مري ويل نامور وڪٽورين سان ڀريل هن عجيب هنڌ جي سار لهندي آهي.
”سرڪاري وفدن ۽ رسمي پارٽين جي اچ وڃ گهٽجي وئي آهي.“ جين چوي ٿي، ”پر فرد جي صورت ۾ ايندڙ لنڊن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عوامي دلچسپيءَ ۾ اسان ڪا به کوٽ محسوس نه ڪئي آهي.“
هوءَ مختلف ٻولين ۾ لکيل لکيتن ۽ وڌل صحيحن سان ڀريل هڪ وزيٽرس بوڪ (ملاقاتين، ايندڙن، زيارتين جو ڪتاب) مهيا ڪندي آهي. چيني لکيتون ۽ صحيحون گهڻيون آهن. اهي اڃا سوڌو سرڪاري پارٽين ۾ ايندا آهن.
ان ڪتاب تي هڪ صحيح يوسف دائود جي آهي جيڪو ڏکڻ آفريقي ڪيمونسٽ پارٽيءَ جو پايو وجهندڙ هو. هن جي وفاداري انتها درجي کي پهتل هئي. هو هاءِ گيٽ قبرستان ۾ پنهنجو هڪ زمين جو ٽڪرو ولارڻ (قبر ۾ پوڻ) لاءِ موٽي آيو.  سندس قبر ان پيچري جي پاسي ۾ آهي جيڪو سمورن انقلابين جي تپڻي ۽ (ڪاوڙ ۾) ڳاڙهسري ديوتا جي سامهون آهي.
ويساهه رکندڙ وفادار ماڻهو اڃا تائين ايندا رهن ٿا. سڄيءَ دنيا  ۾ مارڪس جي خيالن کان جيڪو انڪار ٿيو آهي ته ان جي کين پرواهه ئي ناهي. اهي ان بابت ڇا پيا سوچن؟ اهي سوويت يونين، مارڪسي اصولن تي بيٺل پهرين عظيم ڏيهه ۾ ٿيل ٽوٽ ڦوٽ بابت ڇا پيا سوچن؟ ۽ ممڪن آهي ته اهو مارڪسي اصولن تي هلندڙ ڏيهَن لاءِ آخري به ثابت ٿئي.
”ان (ٽوٽ ڦوٽ) جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو،“ هڪ جاگرافيءَ جي ماهر مارڪسي، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڀاتي، ڊيوڊ هاروي چيو. سياسي طور اها نجات ڏياريندڙ هئي، ان معنيٰ ۾ ته ان اسٽالني رويي جي ردي پاسن کي ختم ڪيو. ٻي پاسي اها ڏاڍي هڪ ناڪاري اثر وجهندڙ هئي ڇو ته سوويت يونين گهڻين قومپرستين ۾ ٽٽي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو ڏاڍو ڏک ڏيندڙ آهي.“
هن وڌيڪ چيو، ”پر ذهانت جي حوالي سان ان (سوويت يونين جي سرحدن ۾ موجود هل بکيڙي) منهنجي نظرياتي سمجهه کي ڪو به ڌڪ نه رسايو آهي. ان ذري جيترو جهوٻو به پيدا نه ڪيو آهي.“
هاروي کاٻي ڌر جِي سڄي دنيا ۾ اڳواڻي ڪندڙ هن فلاسافر (مارڪس) بابت ڪيترائي شرعي ڪتاب لکيا آهن. هو سينٽ پيٽرس ڪاليج ۾ جاگرافي (خاص ڪري شهري اوسر بابت) ۽ ان سان گڏ مارڪسمت، ٻئي آڪسفورڊ ۽ جاهنس هاپڪن يونيورسٽين ۾ سيکاريندو پڙهائيندو آهي.
”دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڦيري نه ته هن جي شاگردي ۾ کوٽ آندي آهي ۽ نه ئي وري انهن جي اتساهه ۾.“ هو چوي ٿو.
اهي ماضيءَ واري ساڳي رويي، ان کي پنهنجائڻ جي سڪ سان يا (ان کي رد ڪرڻ جي) وير سان نه ايندا آهن. ان (مارڪسمت) هڪ عظيم دئت، هڪ ڀوت جو درجو وڃائي ڇڏيو آهي. ماڻهو ان کي سرمائيداريءَ جي هڪ سٺي تنقيدنگار جي حيثيت سان ڏسڻ ايندا آهن.“
”هاڻي سوال هي آهي ته،“ هو چوي ٿو، ”سرمائيداريءَ جو متبادل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. مارڪسمت هڪ انتهائي ڳوڙهو ۽ شاهوڪار سرشتو آهي ۽ اهو اسان کي سمجهائي سگهي ٿو ته اڳيان آئيندي ۾ ڇا آهي.“
چيٽر ”مارننگ اسٽار“ هڪ کاٻيءَ ڌر جي اخبار، جيڪا اڳوڻيءَ ڊيلي ورڪس جهڙي آهي، جو ايڊيٽر آهي. ان اخبار جون لنڊن ۾ ڏهاڙي 9-هزار ڪاپيون کپنديون آهن.
مارڪس، هو پڪ رکي ٿو ته، هڪ وهم (Ideologue) نه هو جنهن جا خيال موضوع هيٺ واقعن جي سوالن سان ختم ڪري سگهجن. ”مارڪس هڪ سائنسدان هو.“ هن چيو. هن (مارڪس) سماج اندر جيڪو ڪجهه ٿيو پئي ان جي ڇنڊڇاڻ (تپاس) ڪئي. هن سچايون گڏ ڪيون. هن انهن مان نتيجا ڪڍيا. ”گڏيل نموني مارڪس جيڪو ڪجهه چيو اهو جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان منجهان ڄاول هو.“ هن طبقاتي جدوجهد جي وجود کي سڃاتو، چيٽر چيو. ”هن بيان ڪيو ته ڪيئن سرمائيداري ڪم ڪري ٿي، سرمائي جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ رچجڻ.“
چيٽر ڀروسو رکي ٿو ته طبقاتي جدوجهد اڄ سوڌو برطانيا ۾ (به) هلي رهي آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڇوهه گهٽ آهي. اها پنهنجو پاڻ کي مختلف شين، جيئن (Poll- Tas) خلاف پورهيت طبقي جي رنڊڪ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، هن چيو:
هُو به هاروي جيان پڪ ٿو رکي ته سوويت يونين ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ جو سڀ مارڪس وادين وٽ خراب ڪونهي.
”سوويت يونين سان لاڳاپيل انڌي عقيدي پرستي موڪلائي وئي آهي ۽ انڌي عقيدي پرستي سائنس جي ويري آهي،“ هن چيو، ”اسين سمجهون ٿا ته اتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو سوشلسٽ آدرش بگاڙيو ويو هو.“
سنڌيڪار پاران: مارڪس دنيا کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ گهريو، ڪميونزم جو تجربو ناڪام ٿيو آهي، مارڪس دنيا کي بدلائڻ گهريو پئي پر انسان ذات جي بهتريءَ ۾ نه، وغيره جهڙن ليکڪ جي خيالن سان مون کي ڪو به اتفاق راءِ ڪونهي، بلڪ ان جي ابتڙ خيال رکان ٿو. هو سرمائيدار دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ آءٌ مظلوم سنڌي قوم جي پورهيت گهراڻي سان ـــــــ ظاهر آهي ته ابتڙون  ٿينديون. ليکڪ جي خيالن کان سواءِ هن مضمون ۾ هاروي ۽ چيٽر جا خيال به آهن ته مارڪس جي آخري آرام گاهه جو ڪجهه تفصيل به، ۽ اهي ئي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي نيت رکي، ترجمو ڪيو اٿم. ترجمي جو فرض پنهنجيءَ ڄاڻ آهر ايمانداريءَ سان نڀايو اٿم. سڌ رکان ٿو ته ڪاش اسان جو هر سنڌي ماڻهو ۽ خاص ڪري سياسي ڪارڪن نه رڳو ڪارل مارڪس، فريڊڪ اينجلس، ولاديمير لينن، مائوزي تنگ، هوچي منهه، ڪم ال سنگ، فيڊل ڪاسترو ۽ اهڙن ٻين مسئلن تي سوچي، سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، اخلاقي ۽ ٻين سڀني شعبن کي پرکي پر اهي ٻڌائي ۽ لکي به. اختلاف رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي جو ڪنهن ڏاهي جي چوڻ موجب کيس جاهلن ئي ڏاهپ سيکاري. جهالت ڏاهپ جو اختلاف آهي. هن وقت ڏاهپ کي ڏک ملن ٿا ۽ ڏنگيو وڃي ٿو پر اهو وقت پري ناهي جڏهن ڏاهپ سک ڏسندي ۽ مانُ ماڻيندي، جنهن لاءِ لطيف سائين دعائون گهريون آهن. آخر ۾ ڪجهه سوال، جيڪي هن مضمون جي روشنيءَ ۾ اڀرن ٿا، پڙهندڙن آڏو رکڻ گهران ٿو، ته ڇا واقعي:
-         مارڪس دنيا کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ گهريو پئي؟
-         ڪميونزم جو تجربو ناڪام ثابت ٿيو آهي (پئرس ڪَميون جي ناڪاميءَ کان پوءِ به ائين چيو ۽ هُلايو ويو هو)؟
-         مارڪس دنيا کي بدلائڻ گهريو پئي پر انسان ذات جي بهتريءَ ۾ نه!؟
-          (ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 30 مارچ 1992ع)

No comments:

Post a Comment